سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :17

گيزاني بوڪيشو

 

گلن جي ڪونڊي

ڪنهن زماني ۾، ميسينا شهر ۾ ٽي ڀائر رهندا هئا. اُهي واپاري هئا ۽ سندس پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، ڪيترو ئي مال کين ورثي ۾ مليو هو. انهن ڀائرن کي هڪ ڀيڻ به هئي. جنهن جو نالو لزابيتا هو. هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي، پر ڪن سببن ڪري هن جي اڃا شادي نه ٿي هئي. انهن ٽن ڀائرن جي دڪان تي پيسا جو رهاڪو، لورينزو، ملازم هو، جيڪو واپار وڙي جو سمورو ڪم سنڀاليو ويٺو هوندو هو. هو نهايت خوبصورت ۽ بهادر شخص هو. لزابيتا انهيءَ جوان تي موهجي پئي. ۽ هن جي هر ڪا خدمت ۽ خاطر داري ڪرڻ لڳي. لزابيتا جو اهو رويو ڏسي، لورينزو پنهنجا اڳواڻا عشقي معاملا ڦٽا ڪري، پنهنجي تن ۽ من سان لزابيتا کي پيار ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. اهڙيءَ طرح، هن جو پيار جيئن پوءِ تيئن پختو ٿيندو ويو، ۽ نيٺ ٻيئي عشق جون اهي حدون به لتاڙي ويا، جنهن جي لاءِ ٻنهي جي دلين ۾ بيقراري ۽ بيچيني هئي. حقيقت ۾ عشق هنن جي اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي هئي، جنهن ڪري کين پنهنجي اڪيلائيءَ جو به احساس نه رهيو.

هڪ رات لزابيتا چپ چاپ لورينزو جي رهڻ واري ڪمري ۾ پئي ويئي، ته سندس وڏي ڀاءُ کيس ڏسي ورتو. انهيءَ تي ڀاڻس کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر سمجهو ۽ عقلمند هجڻ سب، هن انهيءَ وقت ماٺ ۾ چڱائي سمجهي ۽ ساري رات انهيءَ فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ پاسا ورائيندي گذاريائين ته ڪهڙيءَ حڪمت کان ڪم وٺجي، جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. صبح ٿيو ته هن پنهنجن ڀائرن کي لزابيتا ۽ لورينزو جي معاملي بابت، رات واري سموري روئداد ٻڌائي. هن کين اهو به ٻڌايو ته نه رڳو اسان سڀني لاءِ، پر خود لزابيتا لاءِ به بيعزتيءَ جي ڳالهه آهي. گهڻي بحث مباحثي کان هو ان نتيجي تي پهتا ته انهيءَ معاملي ۾ في الحال ماٺ ڀلي آهي ۽ ائين ظاره ڪيو وڃي ته اسان کي ته انيهءَ جي بِنهه ڄاڻ ڪانهي. پوءِ اهڙِ ڪا کيڏ کيڏجي جو نهايت آسانيءَ ۽ سولائيءَ سان انهيءَ بدناميءَ جي ٽڪي کي مِٽائي ڇڏجي، جيئن معاملو ئي ختم ٿي وڃي.

انهيءَ نتيجي تي پهچي، هو وري پنهنجن ڪمن ڪارين ۾لڳي ويا، ۽ اڳي وانگيان لورينزو سان کل ڀوڳ ڪرڻ لڳا. ڪن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، ٽنهي ڀائرن هُلايو ته اسين گهمڻ ڦرڻ ۽ سئر ڪرڻ لاءِ جلد ئي ٻاهر وڃڻا آهيون. جڏهن ٽيئي ڀائر ان سفر تي روانا ٿيا، تڏهن لورينزو کي به پاڻ سان وٺي ويا. هلندي هلندي هو هڪ اهڙيءَ جاءِ تي پهتا، جتي نڪو هو پکي، نڪو پکڻ، وجهه ڏسي، ٽنهي ڀائرن بي يارو مددگار لورينزو کي کڻي سوگهو جهليو ۽ قتل ڪري، هن کي اتي ئي اهڙيءَ طرح زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيائون، جو ڪنهن کي به خبر نه پئجي سگهي.

جڏهن هو ميزينا موٽي آيا، تڏهن هنن مشهور ڪيو ته اسان واپاري ڪم سانگي، لورينزو کي پرانهين ڏيهه ڏانهن اُماڻيو آهي. هنن جي انهيءَ ڳالهه تي سڀني ماڻهن اعتبار ڪيو، ڇاڪاڻ ته لورينزو اڳي به اهڙا ڪيترائي سفر ڪيا هئا. پر گهڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به لورينزو واپس نه آيو، ته لزابيتا بيتاب ٿي، پنهنجن ڀائرن کان هر هر پڇڻ لڳي ته هو ڪٿي آهي ۽ ڪيڏانهن ويو آهي؟ هڪڙي ڏينهن هن ٿورو سختيءَ سان پڇا ڪئي، جنهن تي هڪ ڀاءُ وارڻيس، ”تنهن ۾ تنهنجو ڪهڙو مطلب؟ لورينزو سان تنهنجو آخر ڪهڙو واسطو، جو تون هر هر هن جي پڇا ڪرين ٿي؟ اسان کان انهيءَ باري ۾ هاڻ وڌيڪ پڇا ڳاڇا نه ڪر، نه ته اهڙو جواب ملندئي جنهن جي لائق آهين!“ ڇوڪري ويچاري ته اڳ ۾ ئي ڏکويل ۽ ستايل هئي، سو اهو جواب ٻڌي ويتر دڄي ويئي. ۽ انهيءَ باري ۾ سوال ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنائين. پر جڏهن رات ٿيدني هئي، تڏهن لزابيتا هنجون هاريندي ۽ لورينزو کي سڏ ڪندي هئي. هوءَ ساري رات ڦٿڪندي، لُڇندي ۽ تڙپندي گذاريندي هئي.

ڪيترائي ڏينهن لنگهي ويا، پر لورينزو موٽي نه اچڻُ هو سو نه آيو. هڪڙيءَ رات لزابيتا جي روئندي روئندي اک لڳي ويئي ۽ هن لورينزو کي خواب ۾ ڏٺو. هو سڄو هئڊو ۽ تباهه حال پئي ڏسڻ ۾ آيو، هن جا ڪپڙا ڦاٽل ۽ ليڙون ليڙون ٿيل هئا. لزابيتا هن کي ڏسندي ۽ سوڇيندي رهي ته ايتري ۾ هن چيو، ”لزابيتا! تو مون کي سڏيو آهي ۽ آءٌ اچي ويو آهيان. منهنجي لاءِ تو روئي روئي پنهنجو هيءَ ڇا حال ڪيو آهي، پر توکي ڄاڻڻ گهرجي ته آءُ تو وٽ واپس نه اچي سگهندس. ڇاڪاڻ ته جنهن ڏينهن تو مون کي آخري ڀيرو ڏٺو هو. انهيءَ ڏينهن تنهنجن ڀائرن مون کي قتل ڪري ڇڏيو هو.“ انهيءَ کان پوءِ لورينزو، لزابيتا کي اها جاءِ به ٻڌائي، جتي هنن کيس دفن ڪيو هو. وڌيڪ چيائينس ته هاڻي نه تون مون کي سڏ ڪندي ڪر ۽ نه وري ڪا منهنجي اچڻ جي اميد رک. ائين چئي هو غائب ٿي ويو.

ڇوڪري ڇرڪ ڀري اُٿي، ۽ اهو خيال ڪندي ته اهو سڀ ڪجهه وهم هو، هوءَ زار زار روئڻ لڳي. پر جڏهن صبح جو هوءَ سجاڳ ٿي، تڏهن پنهنجن ڀائرن سان ڳالهه چورڻ بدران هن فيصلو ڪيو، ته آءُ انهيءَ هنڌ تي پاڻ وينديس ۽ جيڪي ڪجهه خواب ۾ ڏٺو اٿم، ان جي پاڻ تصديق ڪنديس. اهو فيصلو ڪري، هوءَ پنهنجيءَ هڪ رازدار ساهيڙيءَ کي، جيڪا هن جي نوڪرياڻي به رهي چڪي هئي، ساڻ ڪري، گهمڻ ڦرڻ جي بهاني سان شهر کان ٻاهر ويئي. نيٺ انهيءَ هنڌ تي پهچي، زمين تان ڪک پَن پاسي ڪري، اتي کوٽڻ شروع ڪيو، جتي زمين ٿوري نرم هئي. اڃا هن ٿورو ئي کوٽيو، ته هن کي پنهنجي بدنصيب عاشق جو جسم نظر آيو، جيڪو اڃا تائين تازو پئي معلوم ٿيو. اهو ڏسي، هن کي يقين ٿيو ته سندس خواب سچو هو. هن ويچاريءَ دکدائڪ ڇوڪريءَ اهو به محسوس ڪيو ته اتي ماتم ڪرڻ ممڪن نه هو ۽ نه وري اهو ٿي سگهيو ٿي ته لورينزو جي جسم کي اتان ڪڍي، ڪنهن بئي هنڌ شانائتي نموني سان دفن ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ ائين ڪندي هُن کي وڌيڪ خوشِ ٿئي ها. پر جيئن ته هوءَ ائين به نٿي ڪري سگهي، سو هُن چاقو ڪڍي ڏاڍيءَ سنڀال سان لورينزو جي منڍيءَ کي جسم کان جدا ڪري، هڪ رومال ۾ ويڙهي، پنهنجي نوڪرايڻيءَ جي جهوليءَ ۾ رکي. ان کان پوءِ، جسم کي ساڳئي هنڌ دفن ڪري، هوءَ انهيءَ هنڌان رواني ٿي ۽ گهر پهتي. گهر پهچي هن پاڻ کي پنهنجي ڪمري ۾ کڻي بند ڪيو. هن لورينزو جي منهن جي هر هڪ حصي کي هزارين ڀيرا چُميون ڏنيون ۽ ان کي پنهنجي جهوليءَ ۾ رکي، زار زار روئڻ لڳي. هوءَ ايترو ته رُني جو لورينزو جو منهن سندس ڳوڙهن سان ڌوپجي صاف ٿي ويو. پوءِ هن ان کي هڪ عمدي ڪپڙي جي ٽُڪر ۾ ويڙهي، هڪ اهڙي وڏيءَ ۽ سهڻي ڪونڊيءَ ۾ رکيو، جنهن ۾ نازبوءِ جو ٻوٽو پوکبو آهي. اهڙيءَ طرح، ڪونڊيءَ ۾ سر رکي، ان جي مٿان مٽي وجهي، ان مٽيءَ ۾ هن نازبوءِ جون سونهري چڪيون پوکيون. هوءَ انهيءَ ٻوٽي کي يا ته پنهنجن ڳوڙهن جو پاڻي ڏيندي هئي، يا ته گلاب يا نارنگيءَ جي گلن جو عطر ڏيندي هئي. هن جي اهائي مرضي هوندي هئي ته سارو وقت انهيءَ ڪونڊيءَ جي ڀرسان ويٺي هجي. ۽ انهيءَ کي تڪندي رهي. جڏهن يکس اتي ويٺي ويٺي گهڻو وقت ٿي ويندو هو، تڏهن هوءَ ڪونڊيءَ جي مٿان جهُڪي ايترو ته روئيندي هئي، جو نازبوءِ جو ٻوٽو هُن جي ڳوڙهن سان ڌوپجي ويندو هو.

اهڙيءَ سارسنڀال کان پوءِ، ڪونڊيءَ ۾ پيل سر جي ڪري مٽيءَ ۾ ايتري ته قوت ۽ طاقت پيدا ٿي، جو نازبوءِ جو ٻوٽو جلدي جلدي وڌندو ويو، ۽ هڪ خوبصورت وڻ ٿي پيو ۽ ان مان ڏاڍي خوشبوءِ اچڻ لڳي. هوڏانهن لزابيتا به پاڙيسرين ۾ اچڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري وقت بوقت هنن ۾ چؤ پچؤ ٿيندي هئي. لزابيتا جي سونهن برباد ٿيندي ويئي ۽ هن جون اکيون بنهه ڏرا ڏيئي ويون هيون. ڀيڻ جي اهڙي حالت ڏسي، ڀائرن کي ڏاڍو عجب ٿيو ۽ پنهنجن پاڙيسرين کي اهوئي چوندا رهيا ته ”اسين به ڏسندا رهون ٿا، هاني ته اِها سندس عادت ٿي ويئي آحي.“ هنن ڀيڻ کان سندس اهڙيءَ حالت بابت هڪ- ٻه ڀيرا پڇا به ڪئي، جنهن تي هُن کين ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. نيٺ هو انهيءَ نتيجي تي پهتا ته ڇوڪريءَ جي تباهيءَ جو سبب پڪ سان اِها ڪونڊي ئي آهي. اهو ويچار ڪندي، هنن اها ڪونڊي غائب ڪري ڇڏي. لزابيتا جو ڪونڊيءَ کي نه ڏٺو، سو وٺي هاءِ گهوڙا ڪرڻ لڳي. هن گهڻو ئي ڀائرن کي لِيلايو ته ڪونڊي واپس ڏيو، پر هنن صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي هوءَ ايترو ته رُني ۽ رڙي جو کٽ وٺي پئجي رهي. بيماريءَ جي حالت ۾ به هوءَ اهوئي چوندي رهي ته مون کي نازبوءِ جي ڪوندي آڻي ڏيو. انهيءَ تي ڀائرن کي ڪجهه شڪ پيو ۽ هنن سوچيو ته انهيءَ ڪونڊيءَ ۾ آخر آهي ڇا؟ تنهن ڪري هو ڪونڊيءَ مان مٽي ڪڍڻ لڳا تهج کين ڪپڙو نظر آيو، جنهن ۾ منڍي هئي، جيڪا اڃا خراب نه ٿي هئي. مٿي جا گهنڊيدار وار ڏسي، هنن سُڃاتو ته اهو لورينزو جو مٿو هو. هنن جي حيرت جي ڪا حد ئي نه رهي ۽ خوف ٿين ته مٿان ماڻهن کي خبر پوي، سو هڪدم منڍيءَ کي کڏ کوٽي کور ڇڏيائون، ۽ چپ چاپ ۾ ميزينا شهر کي ڇڏي، نيپلز شهر ڏانهن هليا ويا.

ڇوڪريءَ روئڻ نه ڇڏيو ۽ ڪونڊيءَ جي گهر ڪندي رهي. آخري اهڙيءَ طرح، روئيندي روئيندي، هن پنهنجا پَساهه پورا ڪيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com