سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :26

 

مئڪسم گورڪي

رشين

 

 

ڇويهه مرد ۽ هڪ ڇوڪري

اسين ڪُل ڇوَيهه ڄڻا هئاسون- ڇويهه چُرندڙ پُرندڙ مشينون، جيڪي هڪ ئي گهميل ڪوٺڙيءَ ۾ قيد هيون، جتي اسين صبح کان وٺي شام تائين بسڪوٽن ٺاهڻ لاءِ ميدو ڳوهيندا هئاسين.

اسان جي جيل جهڙي ڪوٺڙيءَ جون دريون، جن جو اڌ حصو لوهي چادر سان ڍڪيل هوندو هو ۽ جن جي شيشن تي مٽيءَ ۽ ڌوڙ جا تَهه چرهيل هوندا هئا، اهڙي طرف کلنديون هيون، جتي گند ۽ غلاظت جا ڍير لڳا پيا هوندا هئا. اهو ئي سبب هو جو، سج جا ڪرڻا به اسان تائين پهچي نه سگهندا هئا. اسان جي مالڪ، درين جو اڌ حصو انهيءَ ڪري بند ڪرائي ڇڏيو هو، ته جيئن اسين سندس رزق مان هڪ گرنههُ به غريبن کي ڏيڻ لاءِ ٻاهر ڪڍي نه سگهون، يا اسين انهن ڀائرن جي مدد نه ڪري سگهون، جيڪي روزگار نه هجڻ ڪري بکون مري رهيا هئا. اسان جو مالڪ اسان کي ”جيل جا غلام“، جي نالي سان سڏيندو هو ۽ کاڌي ۾ اسان کي گوشت جي بدران ڇِيڇڙا ڏيندو هو.

انهيءَ پٿريلي ڪوٺڙيءَ جي ڇِت، دُونهين جي ڪارٺ ۽ ڄاري سان ٿِڦي پئي هئي، جنهن جي هيٺان اسان وڏيءَ تڪليف واري زندگي گذاريندا هئاسين. گپ گاري ۽ خمير سان ڀريل انهيءَ چؤديواريءَ ۾، اسان جي زندگي غمن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا هئي. رات جو پوري آرام ڪرڻ ۽ پوري نند ڪرڻ کان سواءِ، اسين هر روز صبح جو پنجين بجي ئي اُٿي، اکيون مَهٽيندا ۽ اَوٻاسيون ڏيندا، انهيءَ ميدي جا بسڪوٽ ٺاهڻ ۾ جُنبي ويندا هئاسون، جيڪو اسان جا ٻيا ساٿي رات جو تيار ڪري رکندا هئا. اهڙيءَ طرح، صبح کان وٺي رات جي ڏهين بجي تائين، اسان مان ڪي بسڪوٽن لاءِ خمير تيار ڪندا هئا ته ڪي وري ميدو ڳوهيندا رهندا هئا. اهو سمورو وقت اسان جن ڪنن ۾، ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۽ تنور ۽ توانائيءَ جي سيخن ڦيرائن جو آواز پيو ايندو هو. صبح کان وٺي شام تائين، تنور ۾ باهه پيئي ٻرندي هئي ۽ ان جا ڳاڙها اُلا اهڙيءَ طرح ناچ ڪندا رهندا هئا، ڄڻ ته اسين بدنصيب انهن لاءِ ڪو رؤنشو هئاسون. اهو وڏو تنور، ڪنهن ديو جي ڀوائتي مٿي جهڙو هو، جيڪو پنهنجي وڏي وات مان باهه جا اُلا پيو ڪڍندو هو. يا اسان جي اگيان جهنم جي رک ڪندڙ باه جهڙا گرم ساه پيو کڻندوهو.  هو ڄڻ ته اسان جي اڻپوري ڪم کي، پنهنجي پيشانيءَ جي ٻن ڪارن ۽ اونداهن سوراخن منجهان پيو چُڪاسيندو هو. اهي ٻه اونهان سوراخ اکين جهڙا هئا- اهڙيون اکيون، جيڪي ڪنهن ديو جي اکين وانگر همدرديءَ ۽ رحمدليءَ جو احساس کان عاري هجن.

سَهپ کان ٻاهر ڌُوڙ، مٽيءَ ۽ پاڻيءَ جي ساڙيندڙ ٻاڦ جي وچ ۾ اسين هر روز پهگريل هٿن سان ميدو ڳوهي، بسڪوٽ تيار ڪندا هئاسون. انهيءَ ڪم سان اسان کي ڏاڍي نفرت هئي، جنهن ڪري اسين پنهنجي هٿن سان تيار ڪيل بسڪوٽن جي ڀيٽ ۾، واري مليل اَٽي جي ڪاري مانيءَ کي، وڌيڪ پسند ڪندا هئاسون.

هر روز ڪم ڪرڻ ڪري اسان جا عضوا مشينن وانگر خودبخود ڪم ڪرڻ جا عادي ٿي ويا هئا. ڪنهن ڪنهن وقت ته انهن جي چرپر جو به احساس نه رهندو هو.ڪم ڪرڻ وقت اسين هڪ ٻئي سان اصل نه ڳالهائيندا هئاسون، ڇاڪاڻ ته ڳالهاڻ لاءِ اسان وٽ ڪو موضعوع ئي ڪونه هوندو هو.تنهن ڪري اسان جو سمورو وقت ائين ئي چپ چاپ ۾ گذري ويندو هو- سواءِ ان وقت، جڏهن اسان جي ساٿين ۾ ڪو جهيڙو نه ٿي پوي. پر جهيڙي فساد جو ته ڪڏهن موقعو ئي نه ملندو هو. جڏهن ماڻهو اَڌ-مئو هجي يا رات ڏينهن جي لڳاتار محنت سبب هن جا احساس ڪنهن اوزار وانگر مُڏا ۽ ڪنهن بت وانگر مئل هجن، ته پوءِ اهڙيءَ صورت ۾ ڀلا اهو موقعو ڪيئن ٿي مليو؟ اهي ماڻهو، جيڪي سڀ ڪجهه چئي چڪا هجن ۽ جن وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه به نه رهيو هجي، انهن لاءِ خاموشي ڄڻ ته عذاب هوندي آهي. پر اهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي اڃا تائين پنهنجي آواز کان اڻڄاڻ هجن، تن لاءِ خاموشي تڪليف ڏيڻ جي بدران راحت ڏيندڙ هوندي آهي. انهيءَ خاموشيءَ ۾، ڪڏهن ڪڏهن اسان  جو راڳ ٿَرٿلو پيدا ڪندا هو. ڪنهن ڪنهن وقت اسان مان ڪو ساٿي ڪنهن ٿڪل گهوڙي جي هڻڪار وانگر ڪو اهڙو راڳ جهونگارڻ شروع ڪندو هو، جيڪو گهڻو ڪري اهڙن موقعن تي روح تي پيل بوجهه کي هلڪي ڪرڻ ۾  ڏيندو هو. پهرين پهرين ته انهيءَ اداس راڳ ۾، ڪو به شريڪ نه ٿيندو هو ۽ اهو راڳ اسان جي قيد جهڙي ڪوٺڙيءَ واري موم-بتيءَ جي ننڍڙي اُلي وانگر پيو ڏڪندو هو، پر ٿوريءَ دير کان پوءِ اسان مان ڪو هڪ ڳائڻ ۾ شامل ٿي ويندو هو. پوءِ ته ٻه ڏکويل ۽ اُداس آواز اسان جي قبر جهڙيءَ ڪوٺڙيءَ جي ٻوساٽيل فضا ۾، ترندا معلوم ٿيندا هئا. اهڙيءَ طرح ڏسندي ئي ڏسندي، اسين سڀئي راڳ ڳائڻ ۾، شامل ٿي ويندا هئاسون، ان بعد ائين لڳندو هو، ڄڻ ته ڪيترائي آواز گڏجي سمنڊ جي سست موجن وانگر انهيءَ پٿريلي قيد جي ڪاراٺيل ديوارن سان پاڻ ٽڪرائي، پڙاڏو ڪرڻ لڳندا هئا.

اهڙيءَ طرح، اسين سڀئي راڳ ۾ پاڻ وڃائي ويهندا هئاسون. اسان جي راڳ جا اوچا سُرَ انهيءَ ننڍڙيءَ ڪوٺڙيءَ ۾، نه سمائجي سگهندا هئا. اهي پٿر جي ڪارين ڀتن سان ٽڪرائجي آهون ۽ دانهون ڪندا هئا ۽ فرياد ڪندا هئا، اُهي بي حس ۽ اڻڄاڻ دلين ۾ هڪ طوفان، هڪ مٺو مٺو درد پيدا ڪندا هئا، جيڪو ڇٽل ڦٽن  کي وري کولي ڇڏيندو هو ۽ دلين ۾ هڪ نئين غم ۽ عجيب ڏک کي جاڳائي ڇڏيندو هو. ٿيندو هيئن هو جو گهڻو ڪري ڪو ڳائڻو ٿڌو ساهه کڻي چپ ٿي ويندو هو ۽ اکيون بند ڪري پنهنجي ساٿين جي آوازن کي ڌيان ۽ غور سان ٻڌندو رهندو هو. پر ٿوريءَ دير کان پوءِ وري هنن سان شامل ٿي ويندو هو. هن جي نظرن ۾ راڳ جي وڌندڙ لهر ڄڻ ته هڪ ڏورانهون رستو هوندي هئي.- تمام ڏورانهون- ڪشادو رستو، سج جي تيز روشنيءَ ۾ چمڪندڙ رستو جنهن تي هو پنهجو پاڻ کي هلندو محسوس ڪندو هو.

انهيءَ وچ ۾ تنور مان باهه جي اُلن جون ڳاڙهيون ڄِڀيون نڪرنديون رهنديون هيون، نانوائيءَ جي لوهي سيخ تنور جي زرد سِرن تي کڙ کڙ ڪندي رهندي هئي. ٽهڪندڙ پاڻيءَ جو آواز برابر ٻڌبو رهبو هو ۽ اُلن جا پاڇولا ڀتين تي ناچ ڪندا کلندا رهدندا هئا. اسين ڪنهن ٻاهرئين شخص جي لفظن ۾، انهن انسانن جا ڏک درد بيان ڪندا رهندا هئاسون، جن کان سج جي روشني ڦُري ورتي ويئي هئي ۽ جيڪي غلام هئا، ٻانها هئا.

اِها هئي اسان جي زندگي- ڇويهن غلامن جي زندگي. انهيءَ قيد ۾ زندگيءَ جا ڏينهن اهڙي عذاب ۾ گذرندا هئا، جو ائين لڳندو هو ته انهيءَ پٿريليءَ جاءِ جون ٽيئي ماڙيون اسانجن ئي ڪلهن تي تعمير ڪيون ويون هيون.

ڳائڻ کان سواءِ، اسان جو هڪ ٻيو شغل به هوندو هو، جنهن جي اسين اهڙيءَ ئي قدرداني ڪندا هئاسون، جهڙي سج جي گرم گرم ۽ دلڪش شعاعن جي. انهيءَ جاءِ جي ٻيءَ ماڙ تي زريءَ جو هڪ ڪارخانو هو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڇوڪريون نوڪري ڪنديون هيون. انهن ڇوڪرين ۾ سورهن ورهين جي هڪ ڪنواري حسين تانيا به هئي، جيڪا هر روز اسان جي سامهون واريءَ ڀت جي ننڍڙيءَ دريءَ تي ايندي هئي ۽ پنهنجو گلاب جي گل جهڙو منهن دريءَ سان لائي سريلي آواز ۾ دانهن ڪندي هئي: ”مظلوم قيديو! مون کي ٿورا بسڪوٽ ته ڏجو.“ انهيءَ اواز جي ٻڌڻ شرط اسين سڀيئي ڊوڙندا دريءَ ڏانهن ويندا هئاسون ۽ انهيءَ معصوم ۽ حسين چهري ڏانهن ڏاڍيءَ حسرت ۽ سِڪ وچان ڏسندا هئاسون. هوءَ ڄڻ ته اسان لاءِ خوشين جا خزانا کڻي ايندي هئي. دريءَ جي شيشي سان لڳل هن جي سنهڙي نڪ ۽ مرڪندڙ ڳاڙهن چپن جي وچ ۾، کير جهڙن ڏندن کي ڏسي، اسان جي دلين کي فرحت ۽ روح کي راحت ملندي هئي. هن کي دريءَ وٽ ڏسندي ئي اسين دروازي ڏانهن هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندا، ڀڄندا وڃي دروازو کوليندا هئاسون ۽ هوءَ مرڪندي اندر هلي ايندي هئي. هميشه وانگر اهڙيءَ طرح جو،هن جو وڻندڙ مٿو هڪ طرف جهڪيل هوندو هو ۽ ڀورن وارن جون حسين ۽ دلڪش چَڳون، سندن نازڪ ڪلهن تي پيون جهولنديون هيون.

اسين غلط، بدصورت، بيڊولن ۽ حسرت ماريل پينو فقيرن وانگر بيٺا هن جي منهن ۾ گهوريندا هئاسون ۽ هوءَ دروازي وٽ بيٺي مرڪندي رهندي هئي. اسين سڀيئي هن جي خدمت ۾ جهڪي سلام ڪندا هئاسون ۽ ڳالهائڻ وقت خاص لفظ استعمال ڪندا هئاسون، اهڙا لفظ، جيڪي اسان جي زبان مان فقط هن لاءِ ئي نڪرندا هئا. هن سان ڳالهائڻ وقت اسان جو اواز معمول خلاف نرم ۽ نازڪ هوندو هو ۽ اسان جا گندا چرچا ۽ اجايون ڳالهيون بلڪل گرم ٿي وينديون هيون- شايد هن جي ادب ۽ لحاظ وچان.

نانوائي جهٽ پٽ ڳاڙها ۽ ڀڙڪڻا بسڪوٽ کڻي هن جي جهوليءَ ۾ وجهندو هو. ”ڏس هميشه خيال ڪجانءِ ته ڪٿي مالڪ جي ڄار ۾ نه ڦاسي پوين.“ اسين هن کي سدائين انهيءَ خطري کان آگاهه ڪندا هئاسون. انهيءَ تي هوءَ هڪ دل ڇڪيندڙ ٽهڪ ڏيندي جواب ۾ چوندي ئي، ”خدا حافط، منهنجا ننڍڙا قيديو!“ ۽ ائين چوندي هوءَ اسان جي نظرن کان غائب ٿي ويندي هئي. هن جي وڃڻ کان پوءِ، اسين ڪيتري وقت تائين رڳو هن بابت ئي ڳالهيون ڪندا هئاسون. اسان سڀني جا خيال انهيءَ سلسلي ۾ هڪ جهڙا هئا، ڇاڪاڻ ته هوءَ، اسين توڙي اسان جا اوسي پاسي واريون شيون سدائين ساڳيون هونديون هيون. انسان جو ماحول جيڪڏهن سدائين هڪجهڙو هجي ته ان لاءِ زندگي عذاب ٿي پوندي. هو جيترو به وقت انهيءَ ماحول ۾ رهندو، انهيءَ جي چپ چاپ ۽ هڪجهڙائي هن جي سَهپ کان ٻاهر ٿي ويندي.

اسين ڪنهن وقت عورتن بابت اهڙن لفظن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئاسون، جو ڪڏهن به اهي لفظ ڏاڍا خراب لڳندا هئا- انهيءَ مان اهو نتيجو نه ڪڍڻ گهرجي ته عورتن بابت اسان جا خيال مرڳو ڪريل هئا، پر اسين جن زالن بابت اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئاسون، انهن کي عورتون چوڻ ئي اجايو آهي. انهيءَ جي برخلاف تانيا جي شان ۽ اسان جي منهن مان ڪڏهن به اهڙو گُٿو لفظ نه نڪتو. انهيءَ جو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته هوءَ اسان وٽ تمام ٿورو وقت ترسندي هئي. هوءَ ته آسمان ۾ کِڙيل تاري وانگر روشني ڏيکاري، اسان جي نظرن کان غائب ٿي ويندي هئي. يا وري انهيءَ جو سبب هن جي سونهن به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هر سهڻي ۽ سٺي شيءِ انسان جي دل ۾ پنهنجي لاءِ عزت ۽ مانُ پيدا ڪندي آهي. پوءِ کڻي اهو انسان ڪيترو ئي ڪريل ۽ اڻ- گهڙيل ڇو نه هجي. انهيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻيو سبب هيءُ به هو ته جيتوڻيڪ جيل جهڙي مشقت ۽ محنت اسان کي بنهه وحشي بنائي ڇڏيو هو، پر انهيءَ هوندي به اسين انسانَ هئاسون. ٻين انسانن وانگر اسين به ڪنهن جي عبادت ڪرڻ کان سوا، نٿي رهي سگهياسون. اسان لاءِ هن کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻي ڪا به اهڙي شيءِ نه هئي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ عمارت ۾ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو رهندا هئا، پر رڳو هڪ تانيا ئي هئي، جيڪا اسان جو خيال رکندي هئي.- شايد اهو ئي سڀني کان وڏو سبب آهي.

هر روز هن جي لاءِ بسڪوٽ تيار ڪري رکڻ، ڄڻ ته اسان جو فرض هوندو هو- اهو هڪ قسم جو نذرانو هوندو هو، جيڪو اسين پنهنجي ديوتا جي قربانگاهه تي پيش ڪندا هئاسون، اها رسم آهستي آهستي هڪ مقدس فرض ٿي ويئي، ۽ انهيءَ سان گڏو گڏ اسان جو ۽ هن جو تعلق به مضبوط ۽ پختو ٿيندو ويو. بسڪوٽن جي نذراني کان سواءِ اسين تانيا کي نصيحتون به ڪندا هئاسون. مثلاً سياري ۾ گرم ڪپڙا پائيندي ڪر ۽ ڏاڪڻ تان خيال سان لهندي ڪر. هوءَ اسان جون اهي نصيحتون ٻڌي مُرڪي ڏيندي هئي ۽ انهن تي ڪڏهن به عمل نه ڪندي هئي. سندس اها روش اسان کي ڪڏهن به خراب نه لڳي، ڇاڪاڻ ته نصيحتن ڪرڻ جو مقصد صرف اهو هو ته هو انهيءَ ڳالهه کان باخبر رهي ته اسين هن جي حفاظت ڪري رهيا هئاسون.

هوءَ ڪنهن ڪنهن وقت اسان کي ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ چوندي هئي. جيڪو نه رڳو اسين خوشيءَ سان پاڻ لاءِ، هڪ وڏو فخر سمجهي ڪندا هئاسون. پر هڪ ڀيري جڏهن اسان جي هڪ دوست هن کي پنهنجي قميص ۾ چَتي هڻي ڏيڻ لاءِ چيو، ته هُن مهن ۾ گُهنڊ وجهي جواب ڏنو، ”ڇا اهو ئي بيڪار ڪم منهنجي ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي! آءٌ واندي نه آهيان. مون کي ٻيا گهڻا ئي ڪم ڪرڻا آهن.“ اسين پنهنجي بيوقوف دوست جي انهيءَ حرڪت تي ڏاڍا کلياسون ۽ پوءِ هُن کي ڪنهن به ڪم ڪرڻ لاءِ نه چيوسون- اسان کي ته هن سان محبت هئي، ۽ جڏهن محبت جو لفظ استعمال ڪيو وڃي، تڏهن سمورا حساس ۽ اُمنگَ انهيءَ هڪڙي لفظ ۾ لڪل هوندا آهن.

ازل کان ئي انسان جي اِها آرزو رهي آهي، ته هو ڪنهن نه ڪنهن سان محبت ڪري، پوءِ کڻي انهيءَ جو محبوب، هن جي محبت جي بار هيٺ اچي، پيسجي ذرا ذرا ڇو نه ٿي وڃي. جيڪڏهن اسين تانيا سان محبت ڪندا هئاسون ته اها مجبوريءَ جي حالت هئي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ٻي ڪابه اهڙي شيءِ نه هئي جنهن سان پنهنجي دل وندرائي سگهون. ڪڏهن ڪڏهن ته اسان مان ڪنهن کي اهو خيال ٿيندو ته اسين انهيءَ ڇوڪريءَ جي پٺيان ڇو اچي چريا ٿيا آهيون؟ انهيءَ ڇوڪريءَ جي محبت مان آخر اسان کي ڇا حاصل ٿيندو؟ تانيا جي شان ۾ جيڪو به دوست اهڙا گُٿا لفظ پنهجي زبان تي آڻيندو هو. تنهن جي ڏاڍي خراب حالت ڪئي ويندي هئي. اسان جي خواهش هئي ته اسين ڪنهن سان محبت ڪريون ۽ هاڻي جيئن ته اُها شيءِ، جنهن کي اسين ڳوليندا هئاسون، اسان کي ملي ويئي هئي، تنهن  ڪري اسين ان سان بيحد پيار ڪرڻ لڳا هئاسون، اُها شيءِ جنهن کي اسين ڇويهه شخص محبت ۽ پيار جي نظرن سان ڏسندا هئاسون ضروري هو ته ٻيا به انهيءَ جي عزت ۽ مانُ ڪن. ڇا لاءِ ته هوءَ ڄڻ ته اسان جي پاڪ عبادت جو مرڪز هئي، ۽ جيڪڏهن ڪوبه شخص اسان جي مرضيءَ خلاف هلي ها ته اسين ان کي پنهنجو دشمن ڪري سمجهون ها. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ماڻهو گهڻو ڪري اهڙيءَ شيءِ سان محبت ڪندا آهن، جيڪا حقيقت ۾ محبت ڪرڻ جي قابل نه هوندي آهي. پر هتي اسين ڇويهه شخص هڪ ئي ٻيڙي ۾ سوار هئاسون، تنهن ڪري اسان جي اها ئي خواهش هوندي هئي ته جنهن شيءِ سان اسان پيار ڪريون ٿا، انهيءَ کي ٻيا ماڻهو به پاڪ سمجهن.

بسڪوٽن جي دڪان کان سواءِ، اسان جو آقا ڪِيڪن ٺاهڻ واري ڪارخاني جو پڻ مالڪ هو. اهو ڪارخانو به انهيءَ جاءِ ۾ هو ۽ اسان جي قبر جهڙي ڪوٺڙيءَ ۽ انهيءَ جي وچ ۾، فقط هڪ ديوار هئي. انهيءَ ڪارخاني جا ملازم پنهنجي ڪم کي اسان جي ڪم کان وڌيڪ سٺو ۽ مانائتو سمجهندا هئا ۽ اسان کي نفرت جي نظرن سان ڏسندا هئا. هو اسان سان ورلي ملندا هئا ۽ جڏهن جاءِ جي اڱڻ مان لنگهندي ڪو اهڙو اتفاق ٿيندو هو، ته هو اسان کي ڏسي هروڀرو به ٽهڪ ڏيندا هئا. هنن جي ڪارخاني ۾ اسان کي وڃڻ جي به اجازت نه هوندي هئي، انهيءَ لاءِ ته اسان جي مالڪ کي شڪ پوندو هو ته متان اسين اُتان مکڻ جا ٺهيل ڪيڪ نه چورايون. انهيءَ ڪري اسان کي به هنن سان نفرت هوندي هئي، ريس هوندي هئي. اسان جي ڀيٽ ۾، هن جو ڪم به گهٽ هوندو هو ۽ وري پگهار به گهڻو کڻندا هئا. کاڌي پيتي لاءِ هنن کي اسان کان وڌيڪ سٺيون شيون ملنديون هيون. هو جتي ڪم ڪندا هئا، اها جاءِ وڌيڪ سٺي، صاف ۽ روشن هوندي هئي ۽ اسان جي مقابلي ۾ هو وڌيڪ تندرست ۽ توانا هوندا هئا. اسين ته ڏٻرا ۽ ڪمزور هئاسون ۽ اسان مان ٽي ڄڻا ته سدائين بيمار هوندا هئا ۽ باقي سلهه جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هئا. هڪڙو ساٿي ته ويچارو ذري گهٽ اپاهج ٿي پيو هو.

موڪل واري ڏينهن تي، هو سهڻا ڪپڙا ۽ پالش ڪيل بوٽ پائي باغ ۾ گهمڻ ڦرڻ ويندا هئا. اسين به اهڙن موقعن تي ليڙون ليڙون ٿيل ڪپڙا ۽ ڦاٽل بوٽ پائي باغ ۾ ويندا هئاسون، پر پوليس وارا اسان کي اندر وڃڻ نه ڏيندا هئا. اهڙين حالتن هوندي به ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اسين انهن ڪيڪَ ٺاهيندڙن کي محبت جي نظرن سان ڏسون؟

هڪڙي ڀيري اسان افواهه ٻڌو ته انهيءَ ڪارخاني جو وڏو جمعدار، شراب پيئڻ ڪري نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو آهي ۽ هن جي جاءِ تي هڪ اهڙي شخص کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ فوج ۾ سپاهي هو. انهيءَ سپاهيءَ بابت مشهور هوندو هو ته هو ڳوڙهي رنگ جو واسڪوٽ، جنهن ۾ هڪ وڏي زنجيري پيئي لڙڪندي هئي، پائي پيو اڱڻ ۾ گهمندو هو. اسين انهيءَ نئين جمعدار کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍا آتا هئاسون ۽ هن سان ملاقات جي اميد ۾، هرهڪ شخص اڱڻ ۾ ڪيترائي چڪر هڻندو هو، پر سڀ بيڪار. هڪڙي ڏينهن هو پاڻ اسان جي ڪارخاني ۾ هليو آيو. هُن بوٽ جي ٿُڏي سان دروازو کوليو ۽ اندر اچي اتي ئي بيهي رهيو ۽ مرڪندي چوڻ لڳو، ”خدا اوهان جي مدد ڪندو، منهنجا ڇوڪرؤ! آءٌ اوهان کي سلام ڪريان ٿو.“

تنور جو دونهون ڪارن ڪڪرن وانگر گول چڪرن ۾ دروازي کان ٻاهر پئي ويو، جتي سپاهي ڏاڍي رعب ۾، اسان ڏانهن ڏسي رهيو هو. هن پنهنجن مُڇن کي ڏاڍي صفائيءَ سان وَٽي اُڀو ڪيو هو. جنهن جي هيٺان هن جا هئڊا ڏند ڏسڻ ۾ پئي آيا. هن اڄ نيري رنگ جي ڀرت ڀريل صدري پاتي هئي. جنهن جا سونهري بٽڻ چمڪي رهيا هئا. سوني زنجيري جنهن بابت اسان ٻڌو هو ته برابر پنهنجيءَ جاءِ تي موجود هئي.

اهو سپاهي جانٺو، قداور ۽ سهڻو هو. هن جي وڏين ۽ چمڪندڙ اکين مان صحت پئي ليئا پاتا. هن جي مٿي تي هڪ ڪلف لڳل ٽوپي پئي هئي ۽ هن جي پتلون جي پانچن هيٺان تازو پالش ڪيل بوٽ پئي چمڪيو.

اسان جي نوانائيءَ، دروازي بند ڪرڻ لاءِ، هن کي عرض ڪيو. هن دروازو بند ڪيو ۽ پوءِ اسان کان طرح طرح جا سوال پڇڻ لڳو. سندس سوالن جا جواب ڏيندي اسان هن کي ٻڌايو ته اسان جو مالڪ رت- چوسيندڙ مُنگهڻ، غلامن جو واپاري، انساني جنس جو تاجر ۽ ايذاءُ رسائيندڙ شخص آهي. انهيءَ کان سواءِ اسان انهن ڳالهين جو به ذڪر ڪيو، جيڪي هن بابت اسان جي دلين  ۾ هيون، پر انهن کي قلمبند ڪرڻ ممڪن ڪونهي.

پنهنجن سوالن جا جواب سپاهي وڏي غور سان ٻڌندو رهيو، پر اوچتو هن کان ڄڻ ته ڇِرڪ نڪري ويو ۽ چوڻ لڳو، ”اوهان وٽ ڇوڪريون ته گهڻيون ئي هونديون؟“ انهيءَ تي اسان مان ڪيترن دوستن کِلي ڏنو ۽ ڪن جا ته وري مُنهن لهي ويا. نيٺ اسان مان هڪ دوست انهيءَ سپاهيءَ کي ٻڌايو ته اسان جي آسپاس ڇڪريون ته گهڻيون ئي آهن- درجن کن جيتريون. اهو جواب ٻڌي، سپاهي زور زور سان اکيون پورڻ ۽ پٽڻ لڳو، ته ”پوءِ هنن سان ڪا هٿ- چرندا به ٿيندي هوندي؟“ اسان وري به کلي ڏنو. اسان مان ڪيترن جي اها ئي مرضي هئي ته سپاهيءَ کي اها به ڄان هجڻ گهرجي ته اهي ڇوڪريون، جن بابت هو اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ٿو، اهي به هن وانگر ئي تيز ۽ چلِوليون آهن. پر اسان مان ڪنهن کي به اهڙي ڳالهه ڪرڻ جي همت نه هئي. البت هڪ دوست ماٺ ميٺ ۾، اها ڳالهه به چئي ڏني:

”اسين جنهن حالت ۾ آهيون، انهيءَ ۾ ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“

”سچ آهي! اهڙيءَ هالت ۾ اوهان لاءِ اهو بلڪل ناممڪن آهي. ڏٺو وڃي ته اوهان کي اهڙيءَ حالت ۾ هجڻ نه گهرجي. پر انهيءَ ۾ اوهان جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي. اوهان جي ته قسمت ئي ڦٽل آهي- منهنجو مطلب سمجهو ٿا نه؟ ۽ عورتون، جن جي اوهان کي خبر آهي ته اهي اهڙن مردن کي پسند ڪنديون آهن، جيڪي ٺاهوڪا، جوان ۽ حسين هوندا آهن. انهيءَ کان سواءِ، عورتون، مرد جي جسماني طاقت ۽ قوت تي به جان ڏينديون آهن.“ هن ساڳئي وقت پنهنجي قميص جو ڪَف کوليو ۽ پنهنجو ڏونئرو ڏيکاريندي  پڇيو، ”هن بازوءَ بابت وهان جو ڇا خيال آهي؟“ هن جو بازو مضبوط ۽ اڇو هو، جنهن تي سونهري وار پئي چمڪيا.وري هن چيو، ”ٽنگون ۽ ڇاتي به اهڙي ئي مضبوط  آهي- گوشت سان ڀريل. پر طاقت کان سواءِ، مرد لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو عمدا ۽ سٺا ڪپڙا به پائيندو هجي. مون کي ڏسو، سڀئي عورتون مون سان پيار ڪن ٿيون، جيتوڻيڪ مون هنن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي آهي- اهڙيون ته ڪيتريون ئي عورتون آهن.“  ائين چوندي هو هڪ ٽوڪريءَ تي ويهي رهيو ۽ اسان کي ٻڌاڻ لڳو ته عورتون سندس دام ۾، ڪيئن ڦاسنديون آهن ۽ انهن سان هو ڪهڙي قسم جو سلوڪ ڪندو آهي.

هن جي وڃڻ کان پوءِ، اسين ڪيتري وقت تائين ماٺ ۾ پئجي وياسون ۽ هن جي عشق جي افسانن بابت سوچيندا رهياسون. انهيءَ خاموشيءَ کان پوءِ، اسين هڪدم ڳالهين ۾ لڳي وياسون. جنهن ۾ سڀني اها ئي راءِ ڏني ته اهو سپاهي هڪ مرد هو.

سپاهي سچ پچ نهٺو ۽ خوشمزاج هو. هن اسان سان ائين ڳالهيون ڪيون هيون، ڄڻ ته هو به اسان مان ئي هڪ هو. اسان وٽ اڄ ڏينهن تائين ڪو به اهڙو شخص ڪونه آيو هو، جهن اسان سان اهڙي قسم جي کُلي ڳالهه ٻولهه ڪئي هجي.

اسين ڪيتري وقت تائين هن جي انهن تازين ڪاميابين جو ذڪر ڪندا رهندا هئاسون، جيڪي هن کي ڪارخاني جي ڇوڪرين سان محبت ڪرڻ ۾ حاصل ٿيندوين هيون- انهن ڇوڪرين جي محبت، جيڪي اسان کي ڏسي نفرت وچان مُنهن ڦيرائي ڇڏينديون هيون، ڄڻ ته هنن کي اسان سان ڪو واسطو ئي ڪونه هو ۽ جن کي اسين لالچي نظرن سان ڏسندا هئاسون، ڇاڪاڻ ته اُهي ڪارخاني جي صحن ۾ قسمين قسمين سهڻا لباس پايو پيون گهمندوين هيون.

اوچتو نانوائيءَ ڏکويل آواز ۾ چيو، ”تانيا بابت اوهان جو ڪهڙو خيال اهي؟ ڪٿي هوءَ به نه سپاهيءَ جي دام ۾ ڦاسي پوي؟“

انهن لفطن اسن سڀني تي ڏاڍو اثر ڪيو ۽ اسين سڀئي خاموش ٿي وياسون.

تانيا جو خيال اسان جي ذهن مان بلڪل نڪري ويو هو، سپاهيءَ جي جانٺي ۽ خوبصورت جسم ڪجهه وقت لاءِ هن کي اسان جي اکين کان لڪائي ڇڏيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، بحث شروع ٿي ويو. اسان مان هڪڙن جو چوڻ هو ته تانيا هڪ معمولي سپاهيءَ خاطر پنهنجي عصمت تان هٿ نه کڻندي، پر ٻين چيو ته هوءَ سپاهين جي چالاڪين جو ڪڏهن به مقابلو نه ڪري سگهندي. انهيءَ تي اسان مان ڪن فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن سپاهيءَ هن سان هٿ- چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جو سَنڌ سَنڌ ڀڃي ڇڏبو. انهيءَ بحث جو آخري فيصلو هيءُ ٿيو ته اسين سڀئي تانيا جي حفاظت ڪريون ۽ هن کي انهيءَ خطري کان اڳواٽ ئي آگاهه ڪري ڇڏيون.

انهيءَ وچ ۾، هڪڙو مهينو گذري ويو. سپاهي معمول مطابق پنهنجي ڪمن ۾ ئي رُڌل رهيو. هو اسان جي ڪارخاني ۾ ڪيترائي گهمرا آيو، پر ڇوڪرين کي دام ۾ آڻڻ بابت وري ڪڏهن به ڪا ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي.

تانيا به هر روز صبح جو بسڪوٽن وٺڻ لاءِ ايندي هئي. دستور مطابق هن جي روش ۾ به ڪو فرق ڪونه آيو هو. اسان هن کي سپاهيءَ کان خبردار رهڻ لاءِ آگاهه ڪرڻ گهريو، پر هن جون ٽوڪون ۽ چٿرون ٻڌي اسان کي يقين ٿي ويو ته هوءَ سپاهيءَ جي آور ۾ اچڻ واري نه هئي.

اسين جڏهن هر روز سپاهيءَ سان ڪنهن نئينءَ ڇوڪريءَ کي گهمندي ڏسندا هئاسون، تڏهن اسان کي پنهنجي ننڍڙي ۽ ڪنواري تانيا تي فخر ٿيندو هو. تانيا جي انهيءَ عزت جهڙيءَ روش اسان جا حوصلا وڌائي ڇڏيا. هاڻي اسين، هن جي آبروءَ جا نگهبان، سپاهيءَ کي نفرت سان ڏسڻ لڳاسون ۽ تانيا جي عزت ۽ محبت اسان جي دلين ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي.

هڪڙي ڏينهن سپاهي شراب جي نشي ۾ ٻڏل، کِلندو اسان جي ڪمري ۾ آيو. اسان جڏهن هُن کان کلڻ جو سبب پڇيو ته هن جواب ڏنو، ”منهنجي ڪري ٻن ڇوڪرين ۾ جهيڙو ٿي پيو...هنن هڪ ٻئي کي ڏاڍو بُڇڙو ڪيو- ها ها ها! هو هڪ ٻئي کي وارن کان ڇڪينديون زمين تي ڪري پيون- ها ها ها! ۽ جهنگلي ٻلين واگنر هڪ ٻئي جو منهن پٽڻ لڳيون- ۽ مون کي ته کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو. مون کي ته عجب آهي ته عورتون کُليءَ ڇو نه ٿيون وڙهن. ڄنڊن پٽڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هو بئينچ تي ٿي ويٺو ۽ ڏاڍو تندرست ۽ صاف سٿرو پئي لڳو. اسين سڀيئي چپ هئاسون، ڇا لاءِ ته هن جو ڪمري ۾ اچڻ اسان کي سٺو نه لڳو هو.

”آءٌ انهيءَ پِروليءَ کي سلي نٿو سگهان. خدا ڄاڻي عورتون مون تي ڇو ٿيون ساهه ڇڏين- اک ڇنڀ ۾ ئي.“ ائين چوڻ وقت، سپاهي پنهنجي ٻانهن کي هوا ۾ اڇليندو رهيو ۽ اسان ڏانهن محبت سان ڏسندو رهيو. اسان جي نانوائيءَ ڪاوڙ وچان لوهي سيخ کي تنور ۾ تيزيءَ سان گهمائيندي چيو، ”ننڍڙن سلن کي پٽڻ ڪا جوانمردي ڪانهي. مزو تڏهن آهي، جڏهن ڪنهن مضبوط وڻ کي ڪيرائجي.“

سپاهيءَ پڇيو، ”تون مون کي ڪجهه چوڻ ٿو گهرين ڇا؟“

”هائو، آءٌ توکي ئي چوان ٿو.“

”انهيءَ مان تنهنجو مطلب؟“

”ڪجهه به ڪونهي- ڪجهه به ڪونهي!“

ترس، ترس! اُهو ڪهڙو مضبوط وڻ آهي، جنهن جو تو ذڪر ٿي ڪيو؟“

انهيءَ جو نانوائيءَ ڪو به جواب نه ڏنو ۽ هو تنور مان پڪل بسڪوٽ ڪڍڻ ۾ مشغول رهيو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته هو سپاهيءَ ۽ سندس ڳالهه ٻولهه کي وساري ويٺو هو. پر سپاهيءَ کي ته ڄڻ لوڇ پوڇ ٿي آئي ۽ هو پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿي تنور جي ويجهو آيو ۽ چوڻ لڳو، ٻڌاءِ ته- تو ڪهڙيءَ عورت جي ڳالهه ٿي ڪئي؟ تو ته منهنجي بيعزتي ڪئي آهي. ياد رک ته ڪابه عورت مون تي غالب ٿي نٿي سگهي.“

انهيءَ ڳالهه ٻولهه مان ظاهر هو ته نانوائيءَ جي انهيءَ جملي تي سپاهي ڏاڍو ناراض ٿيو هو. شايد کيس انهيءَ ڳالهه تي فخر هو ته عورتن کي ڦاسائڻ جا گُرَ مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو به نه ڄاڻي. حقيقت ۾ انهيءَ خوبيءَ کان سواءِ انهيءَ شخص ۾ ، زندگيءَ سان تعلق رکندڙ ٻي ڪابه اهڙي صفت موجود نه هئي. رڳو انهيءَ خوبيءَ جي ڪري هو پاڻ کي زندهه انسان سڏائڻ جو حقدار هو. دنيا ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به رهن ٿا، جيڪي ڪنهن بيماريءَ کي، کڻي اها روحاني هجي يا جسماني، پنهنجي زندگيءَ جو هڪ قيمتي تحفو سمجهي، ساري ڄمار ان کي پاليندا رهندا آهن ۽ انهيءَ ۾ ئي پنهنجي زندگيءَ جو راز سمجهندا آهن. جيتوڻيڪ گهڻو ڪري اهڙي زندگي ڏاڍي تڪيلف ڏيندڙ هوندي آهي. اُهي ماڻهو انهيءَ تڪليف واري زندگيءَ بابت ٻين کي دانهون ڏيندا وتندا آهن، رڳو انهيءَ لاءِ ته پاڻ جهڙن ۽ پاڻ جيڏن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهن ۽ اهي هن کي همدرديءَ جي نظرن سان ڏسي سگهن. جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کان سندن بيقراري، تڪليف ۽ لوڇ پوڇ ڦُري وٺجي ۽ هنن جي مرض جو علاج ڪيو وڃي، ته اهي اڳي وانگر خوش نه رهي سگهندا، ڇا لاءِ ته اهڙيءَ طرح هنن جي زندگيءَ جو آخري سهارو هنن کان ڦرجي ويندو- اُهي ته خالي ٿانوَ مثل ٿي پوندا. انهيءَ کان سواءِ، ڪڏهن وري ائين به ٿيندو آهي جو ڪو ماڻهو غريبيءَ ۽ مفلسيءَ ۾ وچڙڻ ڪري ڪنهن عيبدار شيءِ سان به محبت ڪندي ويرم نه ڪندو آهي ۽ انهيءَ جي سهاري ئي زندهه رهڻ گهرندو آهي. مطلب هيءُ ته ڪيترائي ماڻهو رڳو دماغي بيماريءَ جي ڪري گناهه ڪرڻ تي تيار ٿيندا آهن.

سپاهي  ڏاڍو ڪاوڙجي پيو ۽ نانوائي تي اُلر ڪندي چوڻ لڳو، ”آءٌ جو توکان هر هر پڇان پيو ته ڳالهه ڪر- آخر اها ڪهڙي ڇوڪري آهي، جنهن جو تو ذڪر ٿي ڪيو؟“

نانوائيءَ، سپاهيءَ ڏانهن اوچتو مُڙندي جواب ڏنو، ”ته پوءِ چوان!“

”ها، ها! چئي ڏي.“

”ڇا تون تانيا کي سڃاڻين ٿو؟“

”ڇو؟“

”اُها ئي ته ڇوڪري آهي. همت هجئي ته هُن کي آور ۾ آڻ.“

”ڇا اهو تون مون کي ٿو چوين؟“

ها، ها، توکي ئي ٿو چوان.“

”اها ته هڪ معمولي ڳالهه آهي.“

”اسان کي به ته خبر پوي!“

”نه پوءِ اوهان به ڏسندؤ-ها ها ها!“

اڙي! هوءَ ته توڏانهن اک کڻي به نه نهاريندي.“

”رڳو هڪ مهيني جي مهلت گهرجي.“

”ٺهيو، ٺهيو، هاڻي ٻٽاڪ نه هڻ ميان!“

”چڱو ته پوءِ چوڏهن ڏينهن. انهيءَ کان پوءِ اوهين پاڻ  ڏسجو. ڇا نالو آهي هن جو؟ هائو، تانيا.“

”چڱو هاڻي جان ڇڏ. ڪم ۾ اجائي سيڙپ پئي ٿئي.“

”بس، رڳو چوڏهن ڏينهن، انهيءَ کان پوءِ هوءَ منهنجي قبضي ۾ هوندي ۽ اوهين پنهنجيءَ قسمت کي پٽيندا رهندؤ.“

”آءٌ چوان ٿو هتان هٽي وڃ.“ اهو چوندي، نانوائي ڪاوڙ ۾ تپي سرخ ٿي ويو. سپاهيءَ کي عجب لڳو ۽ ماٺ ميٺ ۾ ائين چوندو ٻاهر هليو ويو ته ”چڱو، آءٌ وڃان ٿو.“

انهيءَ جهيڙيِ هلندي، اسين سڀئي ماٺ ڪيو ويٺا هئاسون. ڇاڪاڻ ته اسان هنن جي انهيءَ ڳالهه ٻولهه کي ڏاڍي ڌيان سان پئي ٻڌو. پر جيئن ئي سپاهي ٻاهر ويو، اسان ۾ هڪڙو هل هنگامو پئجي ويو. اسان مان هڪ رَڙ ڪندي نانوائيءَ کي چيو: ”توکي ڪهڙي کُٽيءَ کنيو جو.....“

نانوانيءَ سختيءَ سان وراڻيو، ”پنهنجو ڪم ڪر، بڪواس نه ڪر.“

اسان کي حقيقت ۾ انهيءَ ڳالهه جي ڳڻتيءَ اچي ورايو ته سپاهي پنهنجي واعدي پارڻ جي ضرور ڪوشس ڪندو، تنهن ڪري تانيا جي آبرو يقيناً= خطري ۾ آهي.

تنهن هوندي به اسين انهيءَ بحث جي نتيجي ڏسڻ لاءِ ڏاڍا بيقرار هئاسون. انهيءَ بحث جو نتيجو، جيڪو ڪنهن به حالت ۾ سٺو نه ٿيڻو هو. ”ڇا تانيا، سپاهيءَ جي مقابلي ڪرڻ جي سگهه ساري سگهندي؟“ انهيءَ سوالن تي اسان سڀني کان رَڙ نڪري ويئي، ڄن ته اسان کي هن تي پورو پورو ڀروسو هو. ”ننڍڙي تانيا ضرور ثابت قدم رهندي.“

پنهنجي ننڍڙي ديوتا جي ثابت قدمي ۽ استقلال جي امتحان لهڻ لاءِ، اسين گهڻي وقت کان خواهشمند هئاسون. پر هاڻي اسين پاڻ ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسون، ته تانيا انهيءَ امتحان ۾ ضرور ڪامياب ٿيندي.

 انهيءَ ڏينهن کان اسان جي زندگيءَ ۾، عجيب ڦيرو اچي ويو هو، اهڙو ڦيرو، جنهن جي اڳي اسان کي ڪابه ڄاڻ نه هئي. اسين پاڻ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪندا هئاسون، ڄڻ ته اسين وڌيڪ عقلمند ۽ سياڻا ٿي ويا هئاسون، ۽ اسان جي گفتگو وزندار ٿي ويئي هئي. اسان کي ساڳئي وقت اهو به احساس پئي ٿيو، ته اسان شيطان سان شرط رکيو هو ۽ اسان جي طرفان تانيا انهيءَ شرط جو داءُ هئي.

هڪڙي ڏينهن ڪيڪَ ٺاهيندڙ نانوائيءَ اسان کي خبر پهچائي ته سپاهي، تانيا جي پٺيان پئجي ويو آهي. اهو ٻڌي اسان کي ڏاڍي تڪليف پهتي ۽ اسين انهيءَ رنج کي مٽائڻ لاءِ، پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته غرق ٿي وياسون، جو اسان جي مالڪ اسان جي بيقراريءَ ۽ بيچينيءَ جو فائدو وٺندي، مئيدي جو وزن ۾ ٽيهن سيرن جو اضافو ڪري ڇڏيو. بيقراريءَ جي انهن ڏينهن “ اسان جي زبان تي هر وقت تانيا جو نالو هوندو هو ۽ صبح جو هر روز اسين ڏاڍيءَ بيچينيءَ سان هُن جو انتظار ڪندا هئاسون. جيتوڻيڪ هوءَ اسان وٽ هر روز ايندي هئي، پر اسان ڪڏهن به هن سان سپاهيءَ واري تڪرار جو ذڪر نه ڪيو ۽ نه وري هن کان ڪنهن قسم جي پڇا ڳاڇا ڪئي سون. انهيءَ جي برخلاف، اسين دستور مطابق هن سان عزت ۽ پيار سان پيش ايندا رهياسون. پر هاڻي انهيءَ روش ۾ ڪنهن نئينءَ شيءِ جو شائبو پئي محسوس ٿيو. اهڙي شِيءِ جيڪا فولادي ڌارَ وانگر تيز ۽ ٿڌي هوندي آهي.

نانوائيءَ صبح جو ڪم شروع ڪندي ٻڌايو، ”دوستو! اڄ مدي جو وقت ختم ٿي رهيو آهي.“

جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه جو اسان کي اڳ ۾ ئي علم هو، پر نانوائيءَ جي واتان ٻڌي اسين نُنهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏڪي وياسون.

نانوائيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، ”هوءَ ڄاڻ ته آئي، اوهين هن کي غور سان ڏسجو.“

اسان مان هڪ دوست ڏکائتي آواز ۾ چيو، ”ڄڻ ته هن جون اکيون اسان کي سڀ ڪجهه ٻڌائينديون.“

انهيءَ تي بحث شروع ٿي ويو. اڄ اسان کي سڀ ڪجهه معلوم ٿي وڃڻو هو ۽ اُهو ٿانؤ جنهن ۾ اسان سڀني پنهنجيون دليون رکيون هيون، ڪيترو صاف ۽ اُجرو آهي؟ هيترن ڏينهن ۾ اسان کي اڄ ئي خبر پئجي سگهي ته اسين هڪ وڏو داءُ هڻي ويٺا هئاسون، جنهن ۾ اسان جي ديوتا جي گم ٿي وڃڻ جو انديشو هو.

ٿورن ڏينهن کان اسان کي اهي ئي خبرون پئي پهتون، ته سپاهي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ خاطر تانيا جي پٺيان پاڇي وانگر پئي هليو.

جيتوڻيڪ تانيا دستور مطابق هر روز اسان وٽ بسڪوٽن وٺڻ لاءِ ايندي هئي، پر اسان ڪڏهن به هن کان سپاهيءَ بابت ڪا پڇا ڳاڇا نه ڪئي، اسين پاڻ انهيءَ ڳالهه تي سخت حيران هئاسون.

اڄ به اسان اهڙو ئي مٺڙو ۽ نرم نازڪ آواز ٻڌو، ”ننڍڙا قيديو! آءٌ اچي ويئي آهيان..“

اهو آواز ٻڌي اسين سڀيئي اڳتي وڌياسون ۽ جڏهن هوءَ اندر آئي، تڏهن معمول خلاف اسان ماٺ سان هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. اسان جون اکيون هُن ۾ ئي کُتيل هيون، پر اسان کي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته ڳالهه ڪيئن شروع ڪئي وڃي؟ اسين بلڪل هڪ خاموش ۽ ڏکائتي تصوير مثل هُن جي اڳيان بيٺا هئاسون.

انهيءَ معمول خلاف حيرت جهڙيِ آڌر ڀاءُ کي ڏسي، هوءَ اچرج ۾ پئجي ويئي. اوچتو هن جو رنگ هئڊو پئجي ويو. هوءَ بيقراريءَ ۽ بيچينيءَ سبب هلڪي آواز ۾ چوڻ لڳي، ”اڄ اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟“

نانوائيءَ ڏاڍي ڏکائتي لهجي ۾ چيو، ”تون پنهنجي ڳالهه ڪر؟“

”پنهنجي ڳالهه ڪريان؟ ڇا مطلب؟“

”نه، نه، ڪجهه ڪونهي، ڪجهه ڪونهي.“

”ته پوءِ بسڪوٽ ڏيو- جلدي ڪريو.“ اڳي هن ڪڏهن به اهڙي ڦُڙتي نه ڏيکاري هئي.

نانوائيءَ، تانيا جي مُنهن ۾ گهوريندو رهيو ۽ چوڻ لڳو، ”توکي تڪڙ ڇاجي آهي؟“

انهيءَ سوال تي هوءَ هڪدم دروازي ڏانهن وڌي ۽ ٻاهر ڊوڙي ويئي.

نانوائيءَ لوهي سيخ پنهنجي هٿ ۾ کنئي ۽ تنور ڏانهن ويندي آهستي آهستي چوڻ لڳو، ”انهيءَ جو مطلب آهي ته هاڻي هوءَ هُن جي ٿي ويئي- اهو سپاهي...بدماش... حرامزادو!“

اهو ٻڌي اسين رڍن جي ڌڻ وانگر، پنهنجا ڪُلها لوڏيندا، تختي ڏانهن وڌياسون ۽ ماٺ ميٺ ۾ ڪم ڪرڻ لڳاسون.

اسان مان ڪنهن هڪ پاڻ کي تسلي ڏيندي چيو، ”پر ڇا اهو ممڪن به ٿي سگهي ٿو؟“

نانوائيءَ پريان ئي رڙ ڪندي چيو، ”بڪواس بند ڪر! هاڻي وڌيڪ ڳالهائڻ جي ضرورت نه آهي.“

اسان سڀني کي ڄاڻ هئي ته نانوائي عقلمند هو، اسان کان گهڻو داناءُ، تنهن ڪري هن جي رَڙين مان اسين هن نتيجي تي پهتاسون ته هو سپاهيءَ جي فتحمنديءَ ۽ ڪاميابيءَ جو اقرار پيو ڪري. اهو خيال ڪندي اسين پاڻ کي اڳي کان به وڌيڪ بيقرار ۽ بيچين محسوس ڪرڻ لڳاسون.

ڏينهن جو ٻارهين بجي يعني ٻنپهرن جي مانيءَ کلائڻ وقت سپاهي آيو. هو معمول مطابب خوش هو ۽ اسان جي اکين ۾ اکيون پائي، چوڻ لڳو، ”عزيز دوستو! جيڪڏهن اڄ اوهان منهنجي ڪاميابيءَ جو نمونو ڏسڻ گهرو ٿا، ته صحن جي ڀر واري ڪمري ۾ وڃي درين مان جهاتي پائي ڏسو- سمجهي ويؤ؟“

سپاهيءَ جي چوڻ مطابق اسين صحن جي ڀرسان ڪمري ۾ هليا وياسون ۽ پنهنجون نگاهون درين جي سيرن ۽ سوراخن ۾ ڄمائي ڇڏيونسون.

اسان کي گهڻو وقت انتظار ڪونه ڪرڻُو پيو. ڇاڪاڻ ته صحن سان لڳ چِڪڙ ۽ برف سان ڀريل کَڏن وٽان تانيا تيز تيز قدم کڻندي لنگهي، ٿورن ئي منٽن کان پوءِ سپاهيءَ به منهن ڪڍيو ۽ ڪوٽ جي وڏن کيسن ۾ هٿ وجهيو، مزي سان سيٽي وڄائيندي ساڳيءَ راهه کان تانيا جي پٺيان هن وانگر ئي اسان جي نظرن کان عائب ٿي ويو، ايتري ۾ مينهن وسڻ شروع ٿي ويو ۽ اسين کڏن ۾ ڪِرندڙ مينهن جي ڦڙن کي، جيڪي عجب جهڙو آواز پيدا ڪري رهيا هئا. غور سان ڏسڻ لڳاسون.

مينهوڳيءَ جي ڪري اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو اُداس ۽ گهميل هو، گهرن جي چتين تي برف جا تَهه ڄمي ويا هئا ۽ زمين تي گپ گارو گڏ ٿي ويو هو. مينهن ڄڻ ته سڏسڪا ڀريندو زمين تي پئجي رهيو هو.

ههڙي سيءَ ۾، اهڙيءَ طرح بيهڻ جيتوڻيڪ ڏکيو پئي لڳو، پر اسين تانيا جي بيوفائيءَ تي سخت ناراض هئاسون. هن هڪ معمولي سپاهيءَ خاطر اسان سڀني کي ٿُڏي ڇڏيو هو. اسين جلادن جهڙي هيبتناڪ خاموشيءَ سان هن جو انتظار ڪرڻ لڳاسون.

ٿوري وقت کان پوءِ تانيا واپس آئي. هن جون اکيون- هائو، هن جون اکيون ڪنهن اڻڄاڻ خوشيءَ وچان پئي چمڪيون، چپن تي مُرڪ هيس ۽ هوءَ اهڙيءَ طرح لڏندي لمندي پئي آئي، ڄڻ ته ننڊ ۾ آهي.

انهيءَ نظاري کي اسين خاموشيءَ سان نه ڏسي سگهياسون. اسين ڪوٺيءَ مان چرين وانگر وٺي ڀڳاسون ۽ صحن ۾ پهچي هن تي گارين ۽ لعنتن جا وسڪارا لائي ڏناسون. اسان کي انهيءَ حالت ۾ ڏسي هوءَ ڏڪي ويئي ۽ بيهي رهي. ڄڻ ته هوءَ گپ ۾ ڦاسي پيئي هجي. اسين سڀيئي هن کي وڪوڙي وياسون ۽ سواءِ ڪجهه پڇڻ ڳاڇڻ جي دل کولي هن تي لعنت ملامت ڪئي سون ۽ هن کي گنديون گنديون گاريون ڏنيوسون. اسان گارين ڏيڻ وقت ڪڙڪو نه ڪيو، پر انهيءَ موقعي کان چڱيءَ طرح فائدو وٺندا رهياسون. ڇاڪاڻ ته اسان کي پڪ هئي ته هوءَ اسان جي گهيري مان ٻاهر نٿي نڪري سگهيو ۽ اسان کي پورو پورو وجهه مليو هو ته اسين پنهنجي دل جي باهه ڪڍي ٻاهر ڪريون. البت عجب آهي ته اسان هن کي ڌڪ ڦٽ نه هنيو!

هوءَ اسان جي وچ ۾ خاموشيءَ سان بيٺي، اسان جون ڳاريون ٻڌندي رهي- ۽ اسين گارين ۽ طعنن جي وسيلي پنهنجيءَ دل ۾ باهه اُجهائيندا رهياسون. ٿوريءَ دير کان پوءِ، هن جي چهري جو رنگ ڦري ويو. هن جون نيريون نيريون اکيون جيڪي ٿورو وقت اڳي، ڪنهن اڻڄاڻ خوشيءَ وچان  چمڪيون پئي، ڦاٽي ويون. هوءَ تڪڙا تڪڙا ساهه کڻڻ لڳي ۽ هن جا چپ ڏڪڻ لڳا. اسين هن جي چوڌاري بيٺا پنهنجي دل جي باهه وِسائيندا رهياسون، ڇاڪاڻ ته هن اسان کي فريب ڏنو هو. هوءَ ته اسان جي هئي، اسان هن جي اڳيان پنهنجون دليون ڪڍي رکيون هيون. پوءِ کڻي اهي پينوءَ جي ٽڪرن کان به گهٽ قيمت جون ڇو نه هيون- پر هن انهن ڇويهن دلين کي هڪ معمولي سپاهيءَ ڪاڻ بنهه ٿڏي ڇڏيو هو.

اسين هن کي گاريون ڏيندا رهياسون ۽ هوءَ ماٺ ميٺ ۾- اهڙي جانور جيان، جنهن کي شڪارين گهيريو هجي، ڦاٽل اکين سان ڏڪندي ڏڪندي، اسان ڏانهن ڏسي رهي هئي.

ايتري ۾ اتي ٻيا به ماڻهو اچي گڏ ٿيا. اسان مان هڪ ساٿيءَ تانيا جي چولي کي جهلي وٺي ڇِڪ ڏني. جنهن تي هن جي اکين ۾ هڪ چمڪو ڏسڻ ۾ آيو ۽ هوءَ پنهنجي ڪنڌ کي لوڏيندي، وارن کي ٺاهيندي اسان ڏانهن گهورڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ”هون- جيل جا ذليل جانور!“ ائين چئي هوءَ اسان جي گهيري مان بيپرواهيءَ سان نڪري ويئي، ڄڻ ته اسين ڪجهه به ڪين هئاسون- هن جي اها دليري ڏسي اسان مان ڪنهن کي به همت نه ٿي جو هن جو رستو روڪي سگهي.

اسان جي گهيري مان ٻاهر نڪرندي هن وڏيءَ نفرت سان چيو، ”ڪمينا ۽ ذليل انسان!“ ائين چوندي هوءَ اسان جي نظرن کان غائب ٿي ويئي ۽ اسين صحن ۾، گپ گاري ۽ برف جي ڍيرن جي وچ ۾، سخت مينهوڳيءَ ۾، سج کان خالي آسمان هيٺ بيٺا رهياسون.

ٿوري وقت کان پوءِ، اسين چپ چاپ پنهنجي پٿريلي پڃري ۾ موٽي آياسون. سج جون زندگي بخش شعاعون معمول مطابق ڪڏهن به اسان تائين پهچي نه سگهيون- ۽ تانيا، تانيا وري ڪڏهن به اسان ڏانهن ڪانه لَڙي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com