سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :7

اولائيو شرينر (ڏکڻ آفريڪا)

 

لاما جي زال[1]

هن کي ڍڪي ڇڏيو! ڪيئن نه چپ چاپ سُتي پيئي آهي! هن جي منهن تي پيل اڇي ڪپڙي مان به اوهين سندس مهانڊو ڏسي سگهندا. اوهين سمجهو ٿا ته هوءَ ننڊ ۾ پيئي آهي. دريون کوليو ته ڀل اُس اندر اچي. هن کي اُس سان پيار هو. هوءَ، جنهن ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪيو هو ۽ گهڻو ڪي ڪيو ۽ ڏٺو هئائين، سا هاڻي آرام پسند ڪندي! ڇا، هن ڪڏهن ڪنهن شيءِ سان پيار ڪيو؟ هن عورت کي ڪيترائي مرد ۽ عورتون چاهينديون هيون ۽ هن به انهن مان ڪيترن ئي کي وقت تي مدد ڪئي هئي، پر بدلي ۾ انهن کان ڪجهه به طلب نه ڪيائين!، ڇا، هن ڪڏهن پيار جي سڌ ڪئي هئي؟ ۽ اهو هن کي ميسر ٿي سگھيو؟ ڇا، هن ڪڏهن پنهنجي پياريءَ شيءِ کي ڇڏي، ٻين تي ٿورو ڪيو هو؟ ڇا، هوءَ ڪڏهن رات جو اُٿي، ان شيءِ لاءِ روئندي هئي، جا هوءَ زندگي ڀر حاصل نه ڪري سگهي؟ ڇا رڳو ويچار ۽ سير سفر ئي هن جي زندگيءَ لاءِ ڪافي هئا؟ ڇا، سچ پچ هن جو وجود ايترو غير ضروري ٿيو جو هوءَ زمين داخل ٿي ويئي؟ هن کي ڍڪيو! آءٌ نٿو سمجهان ته هوءَ اها ڳالهه پسند ڪندي ته اسين بيهي کيس گُهوريون. هوءَ سڄي عمر اڪيلي رهي آهي، ۽ هاڻي به اڪيلي رهڻ پسند ڪندي... هن لاءِ زندگي سندر ۽ وڻندڙ هئي، نه ته جيڪر هاڻي به هوءَ ايترو حسين نه ڏسڻ ۾ اچي ها. هن کي ڍڪيو، ۽ هلو ته ٻاهر هلون! هن کي اڪيلائي گهرجي.

***

گهڻا سال اڳ، لنڊن شهر جي هڪ جاءِ جي، مٿينءَ ماڙ جي هڪ ڪمري ۾، سگريءَ ۾ باهه پئي ٻري. ڀت تي اهي اصلي نشان اڃا چٽا پيا هئا، جتان تازو تصويرون لاٿيون ويون هيون. ڀتين تي نيرا گل اُڪريل هئا، ۽ فرش تي نيري رنگ جو اوني غاليچو پٿريل هو. سگريءَ جي لڳ، هڪ ڪرسيءَ تي هڪ جوان عورت ويٺل هئي.

انهيءَ ساعت دروازو کليو ۽ هڪ ٻڍي نوڪرياڻي ڪمري ۾ داخل ٿي. ”رات جو اوهان کي ٻيو ڪجهه گهرجي ڇا؟“ هن پڇيو.

”نه، آءٌ ڪن ملڻ وارن لاءِ ترسيل آهيان، اهي ٿي وڃن ته آءٌ هلي ويندس.“

”اوهان جو سامان سرو ته هليو ويو آهي نه؟“

”هائو، رڳو هيءُ رهيل آهي، جو آءٌ هتي ڇڏي ويندس.“

ٻڍي عروت هيٺ لهي ويئي ۽ وري هڪدم موٽي آئي. هن وقت سندس هٿ ۾ چانهه جو ڪوپ هو.

”اوهين چانهه پيو، ڏاڍو فائدو ڏينديوَ. سچي ڏينهن جي ٿڪ لاءِ اڪسير آهي.“

جوان عورت هن جو شڪريو به ادا نه ڪيو، پر رڳو پنهنجو هٿ هن ڏانهن ڊگهريو. ”وڃڻ مهل توکان موڪلائينديس.“

ٻڍيءَ عورت باهه کي مچايو، ۽ آخري ڪاٺيون به سگريءَ ۾ وجهي هلي ويئي.

هن جي وڃڻ کان پوءِ به، جوان عورت چانهه نه پيتي، پر پنهنجي چانديءَ جي سگريٽ- ڪيس مان هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو. ڪههه وقت تائين هوءَ سگريءَ وٽ ويهي، سگريٽ ڇِڪيندي رهي، ۽ پوءِ اُٿي ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳي.

هوءَ وري ڪرسيءَ تي ويهي رهي. هن سگريٽ جو ٽوٽو باهه ۾ اڇلاو ۽ وري اُٿي ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هوءَ ڪيترائي ڀيرا ڪرسيءَ تي ويٺي ۽ وري اُٿي پسار ڪرڻ لڳي. پسار ڪندي هوءَ وري اچي ڪرسيءَ تي ويٺي ۽ هٿ مهٽيندي، باهه ڏانهن گهورڻ لڳي.

اوچتو ڏاڪڻ تي ڪنهن جي چڙهڻ جو آواز ٿيو، ۽ ٿوريءَ دير بعد در تي کڙڪو ٿيو.

هوءَ اُٿي بيٺي، ۽ سگريٽ باهه ۾ اڇلائي چيائين، ”هليا اچو.“

در کليو ۽ هڪ شخص در وٽ بيٺل نظر آيو. هن کي ڊگهو ڪوٽ پيو هو، جنهن جا بٽڻ کليل هئا.

”آءٌ اندر اچان؟ هنن ڏاڪڻن تي سچ پچ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. خبر نه آهي ته ڪڏهن هنن مان جند ڇُٽندي!“ ائين چوندي، هن پنهنجو ڪوٽ لاٿو.

”ڪيئن آهين؟ هي ڪمرو ته جهڙو پکيءَ جو آکيرو آهي.“

هوءَ وڌي ڪرسيءَ ڏانهن ويئي.

”اميد اٿم ته هيڏانهن گهرائڻ تي دل ۾ نه ڪيو هوندوَ؟“

”نه نه، مون کي ته خوشِ ٿي آهي. ويهه منٽ ٿيا جو ڪلب ۾ تنهنجو نياپو مليم.“

هو به باهه اڳيان هڪ خالي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

”سو تون سچ پچ هندستان وڃي رهي آهين؟ واقعي دلچسپ ڳالهه آهي! پر وڃين ڇا لاءِ ٿي؟ گري مون سان اها ڳالهه ڇهه مهينا اڳ ڪئي هئي، پر ان وقت مون ان کي ڏند ڪٿا کان وڌيڪ نه سمجهيو. اڃا تائين مون کي يقين نٿو اچي.“ هن جواب لاءِ عورت ڏانهن نهاريو.

”پاڻ گهڻي عرصي کان پوءِ مليا آهيون! گهڻا مهينا ٿيندا.... ڇهه يا اٺ؟“

”ست“، هُن وراڻيو.

”مون پئي سمجهيو ته تون ڄاڻي واڻي ملڻ کان نٽائين ٿو. ايترو وقت ڇا پئي ڪيئي؟“

”آءٌ ڏاڍو مصروف هوس. تو وٽ سگريٽ ڪونهي؟“ هن سگريٽ-ڪيس ڪڍي مهمان ڏانهن وڌايو.

”تون نه ڇڪيندينءَ؟ مون کي خبر آهي، ته تون مردن آڏو سگريٽ ڇڪڻ کان پرهيز ڪندي آهين، پر....“

”مهرباني“ هن پنهنجو سگريٽ دکائي، ماچيس هن ڏانهن وڌايو.

”پر ٻڏاءِ ته سهي ته ايترو وقت هئينءَ ڪٿي؟ شهري زندگيءَ مان ته بلڪل عائب ٿي ويئي آهين! گذريل بهار ۾ جڏهن آءٌ گرهار ۾ رهيل هوس ته خبر پيئي ته تون به اتي ايندينءَ. پوءِ آخري وقت تي خبر پيم ته تون ڪونه ٿي اچين. تنهنجي پروگرام جي رد ٿيڻ جو ٻڌي، اسين سڀ دل شڪستا ٿي پيا هئاسين. هاڻي هندستان ڇا لاءِ ٿي وڃين؟ هندو عورتن ۾ سماجي ۽ ذهني هڪجهڙائيءَ جو پرچار ڪري، کين بغاوت لاءِ اُڀارڻ؟ ٻُڌ ڌرم جي ڪنهن پيرو سان شادي ڪرڻ؟ هماليا جي چوٽيءَ تي جهو پڙي اڏي، ۽ اتي ويهي فلسفي تي بحث ڪرڻ ۽ مشاهدو ڪرڻ؟ آءٌ سمجهان ٿو ته تون ان ڪري ئي ويندي هوندينءَ؟“

هوءَ ڌيرج سان سگريٽ ڇڪيندي رهي.

”مون کي هتي رهندي گهڻو وقت ٿي ويو آهي، اٽڪل چار سال. ۽ هاڻي تبديلي ٿي چاهيان. مون کي تنهنجي چونڊن ۾ سوڀاري ٿيڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.“ هن چيو. ”تون انهن ۾ ڏاڍي دلچسپي وڍي رهيو هئين، ائين نه؟“

”ها، مقابلو سخت هو، نتيجو منهنجي فائدي ۾ نڪتو. حالانڪ اهو منهنجو شخصي معاملو نه هو، ان هوندي به مون کي ڏاڍي ڳڻتي ٿئي.“

”پر تو اخبارن ڏانهن اهو خط موڪلي چڱو نه ڪيو.“ هن چيو. ”منهنجي خيال ۾، اهڙي موقعي تي تنهنجي خاموشي، تنهنجي پوزيشن کي وڌيڪ مصبوط ڪري ها.“

”هائو، شايد تنهنجو چوڻ درست آهي. پر اهو سڀ ڪجهه مون سنگت جي صلاح مشوري سان ڪيو هو. نيٺ ڪاميابي ٿي. تنهن ڪري سڀ ڪجهه ڪار هو.“ هن ڪرسيءَ تي ليٽندي چيو.

”هاڻي ته خوش آهين نه؟“

”او.... بنهه بور! توکي ته سموري خبر آهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو سمجهي نه سگهندو آهي ته آخر هيءَ سڀ محنت ۽ جفاڪشي ڇا لاءِ آهي!“

”سمجهان ٿو، اسڪاٽلينڊ، پنهنجيءَ پرانيءَ منزل ڏانهن، جتي هر سال يوندو اهيان.“

”ناروي ڇو نٿو وڃين؟ تو لاءِ اها سٺي تبديلي ۽ تفريحي ٿيندي! ناروي جي راندين متعلق ڪتاب ته توکي مليو هوندو؟“

”تنهنجو موڪليل نه؟ هائو، مهرباني! مون اهو گهڻي دلچسپيءَ سان پڙهيو. دل چاهيم پئي ته پَر ڪري اوڏانهن اڏامي وڃان! پر اها فطرت آهي و ماڻهو ڪراڙي ٿيڻ سان گڏو گڏ، پنهنجين پرانين شين ۽ آستانن سان وڌيڪ محبت ڪندو آهي.“

”ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ انهن شين جي فهرست به ڏنل آهي. ”هن چيو، ”جيڪا ماڻهوءَ کي ناروي کڻي وڃڻ گهرجي. ان ڪري پريشاني گهٽجي ٿي وڃي. اها فهرستنوڪر کي ڏيندين ته سڀ شيون وڍي ايندو. نوڪر ته تو وٽ اڃا آهي نه؟“

”هائو. ڏاڍو وفادار آهي. هن کي ڪابه لوڀ لالچ مون کي ڇڏڻ لاءِ آماده نه ڪندي. جڏهن کان پير مُڙي پيو اَٿم، تڏهن کان هو شڪارتي وڃڻ کان به روڪي ٿو. ڏاڍو ڀلو ماڻهو آهي، منهنجي ته ماءُ وانگر پرگهور لهندو آهي.“ هن خاموشيءَ سان سگريٽ مان ڪش هڻن شروع ڪيا. ”پر تون هندستان ڇو پئي وڃين؟ اتي ڪا ڄاڻ سڃاڻ اٿئي؟“

”نه،“ هن چيو. ”منهنجي خيال ۾ اهو منهنجو شاندار سفر ٿيندو. تون ته ڄاڻين ٿو ته شروع کان ئي مون کي مشرق سان گهڻي دلچسپي رهي آهي. اُتي جي زندگي پيچيدي ۽ دلڪش آهي.“

هن ڪنڌ ڦيري عورت ڏانهن نهاريو.

”مون کي خبر آهي ته تون چوندينءَ ته آءٌ تجربو هاصل رڪڻ ٿي وڃان! تو جهڙي ٻي ڪابه عورت نه آهي، جيڪا پاڻ کي ائين اوڙاهه ۾ اڇلائي. تو جهڙي حسين ۽ سندر، جا پنهنجن هٿن سان سموري زندگي ائين وهاڻي ڇڏي ۽ ڪجهه به نه پرائي! تون لنڊن جي ڪامياب ترين عورت ٿي سگهين ٿي. مون کي اها به سُڌ آهي ته تون ان جو جواب ڇا ڏيندينءَ!- ’تون خيال نه ڪر‘. ائين نه؟ تون هميشه تجربو حاصل ڪرڻ ويندي آهين، ڪجهه حاصل ڪرڻ، پر ملندو ڪجهه به نه اٿئي. تون جيڪي ڪجهه پرائيندي آهين، ان کي لکڻ جي ڪوشش ڪندي آهين، پر افسوس اهو آهي، جو تون ڪڏهن پنهنجي ڪئي مان مطمئن نه ٿي آهين. تون زندگيءَ مان ڪوبه مقصد هاصل نٿي ڪرڻ چاهين. ائين آهي يا نه؟ پنهنجي عمر بخيل ڪُراڙين عورتن جي وچ ۾ دفن ڪرڻ ٿي چاهين. تون دنيا ۾ ڪجهه نه ڪري سگهندينءَ. تون سڀ ڪجهه ڪري سگهين ٿي، پر ڄاڻي واڻي وجهه وڃائي رهي آهين.“

”مون حياتي ڀرپور ۽ پوريءَ طرح ماڻي آهي، ۽ ماڻي رهي آيهان.”هن چيو. ”دنيا ۾ ٻه شيون ئي آهن، جن کي سچ پچ ڪا اهميت آهي. هڪ پيار، ۽ ٻيو ڄاڻ. ان کان تون به انڪار نه ڪري سگهندين.“

هن سگريٽ جو ٽوٽو باهه ڏانهن اُڇلايو، ۽ اوڏانهن گهوڙڻ لڳي.

”هي ڪمرا مون پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ کي ڏيئي ڇڏيا آهن.“ هن ڪمري ۾ چؤطرف نهاريندي، مُرڪندي چيو. ۽ هن کي اها به خبر نه آهي ته هي سڀ ڪجهه هتي ڇڏي، آءٌ هميشه لاءِ هتان وڃي رهي آهيان. هوءَ انهن شين کي پسند ڪندي، ڇو جو اهي منهنجون آهن. دنيا ڏاڍي خوبصورت آهي، ۽ وڻندڙ پڻ. منهنجي ته اها راءِ آهي.“

”هائو، پر توکي ان سان ڪهڙو مطلب؟ تون ان کي ڇا ڪندينءَ؟ توکي ٻين عورتن وانگر شادي ڪري هتي آباد ٿيڻ گهرجي، بجاءِ ان جي جو هندستاسن، چين، اٽلي ۽ خدا ڄاڻي ڪٿي ڪٿي دربدر ٿيندي وتين. اجايو حياتي اُجاڙي رهي آهين. تون سدائين پاڻ کي غير معمولي قسم جي ماڻهن جي وچ ۾ ڏسڻ چاهيندي آهين. جڏهن آءٌ ٻڌندو آهيان ته فلاڻُ مرد يا عورت تنهنجو عزيز ترين دوست آهي ته چوندو آهيان، ”پوءِ ڇا ٿيو؟ ڪهڙي املاڪ وڃايائين؟ ڪهڙو اخلاق پست ٿيس؟ ۽ ڪهڙو وچڙندڙ مرض ورتائين؟“ آءٌ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته تنهنجي قربت حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي، پنهنجي زهني ڪمزوري بيان ڪرڻ. ڇو جو مون کي سڌ آهي ته تون ڏتڙيل ۽ مسڪينن جي پوڄا ڪندي آهين. هتي، هن جاءِ ۾، سچيءَ دنيا کان الڳ ٿلڳ رهڻ به خبر نه آهي تون ڪيئن ٿي پسند ڪرين! پر اهو سڀ ڪجهه هڪ غلطي آهي، ۽ بيوقوفي! اهو توکي ياد رکڻ گهرجي.“

”آءٌ ان ۾ ڏاڍي خوش آهيان.“ هن چيو.

”ڏس!“ هن باهه ڏانهن جُهڪندي ۽ پنهنجا هٿ گوڏن تي رکندي چيو، ”ڪهڙو سبب آهي جو ڪا شيءِ توکي چاهي. اهو سوال يپار جو نه آهي. اهڙيءَ شيءِ جي ويجهو ٿيڻ مان ڇا فائدو. جنهن کي ٻيا ماڻهو به آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهن. اهو سوچي به ته ڪنهن شيءِ جي، ٻيا چڱي خدمت ڪري سگهن ٿا، ان جي پٺيان پوڻ سراسر خود غرضي آهي. هڪ شيءِ جو ٻيءِ لاءِ گهرجائو هئڻ ئي، حواسن جي تنظيم کي عمل ۾ آڻي ٿو. تون پهاڙن ۽ گهوڙنکي پسند ڪندو آهين، پر هو توکي نٿا چاهين، سو ان متعلق ڪجهه چوڻ مان ڇا حاصل! منهنجي خيال ۾، جيڪڏهن حياتيءَ ۾ ڪا پُرلطف شيءِ آهي ته اها هيءَ آهي ته سدائين ان شيءِ جي چاهنا ڪجي، جا پاڻ کي به چاهيندي هجي، پر جڏهن اها جدا ٿيڻ چاهي ته ان کي چُهٽي پوڻ بدران ڇڏي ڏجي. جيڪي شيون توکي نه گهرجن، انهن سان پري جو پيار ڪر.“

”ٺيڪ آهي، پر تون جهڙيءَ عورت کي ته ضرور شادي ڪرڻ گهرجي ۽ توکي ٻار هئڻ گهرجن. تو پنهجي حياتي هر ٻڍي پينوءَ، نڌڻڪي عروت ۽ روپوش ڏوهاريءَ پڍيان وڃائي ڇڏي آهي، انهن لاءِ کڻي اهو چو به هجي، پر تو لاءِ اها هڪ غلطي آهي.“

هن چيچ سان سگريٽ جي ڦلي کي آهستي ڇهيو ۽ اهو هيٺ ڪري پيو.

”آءٌ پاڻ شاديءَ جو ارادو ڪريان ٿو. اها به عجيب ڳالهه آهي.“ هن پنهنجي ٺونٺ گوڏي تي رکي، پنهنجي ڪنڌ کي اهڙيءَ طرح اڳتي وڌايو جو عورت کي، هن جي مٿي ۾ هڪ طرف جا اڇا وار چٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا. ”ته جڏهن مرد هڪ خاص عمر کي پهچي ٿو ته هو پاڻ ۾، پرڻجڻ جي خواهش محسوس ڪري ٿو. هو ڪنهن جي پيار ۾ نٿو ڦاسي، ۽ نه ئي ڪا اهڙِ پڪي رٿا رٿي ٿو، پر هن ۾ هڪ قسم جو احساس شدت سان پيدا ٿئي ٿو ته هن کي گهر هجي، زال هجي، ۽ ٻآر هجن. ساڳيو ئي احساس هڪ پکيءَ کي به آکيري مان اڏامڻ لاءِ ٿئي ٿو. ان کي پيار به نٿو چئي سگهجي. اها ڪا ٻي شيءِ آهي. جڏهن آءٌ ڦوه جوانيءَ ۾ هوس، ته شادي ڪندڙ مردن کي ڌڪاريندو هوس ۽ عجب لڳندو هوم ته هو ائين ڇو ٿا ڪن، جڏهن ته ائين ڪرڻ سان، سواءِ نقصان جي کين ڪجهه به پلئه نه پوندو. ڇٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ ايندي ئي انسان جي خيالن ۾ پيرو اچي هٿو. اهو پيار يا شوق نه آهي، جنهن جي هن کي گهرج آهي، پر اهي گهر، زال ۽ ٻآر ئي اهن، جن جي هن کي ضرورت پوي ٿي. سٺي ۾ سٺو گهر ۽ چڱو نوڪر به انجي پورائي نٿا ڪري سگهن. آءٌ سمجهان ٿو ته هڪ عروت کي به اهڙي دؤر مان گذرڻو پوندو هوندو؟“

پهرين ته هوءَ سگريٽ آڱرين ۾ جهلي چپ چاپ ويٺي رهي، پر پوءِ ڌيرج سان وراڻيائين:

”ها، ڪ وقت اهڙو به اچي ٿو، جڏهن عورت ۾ به ٻآر لاءِ خواهش پيدا ٿئي ٿي. خاص ڪري جڏهن هوءَ ٻٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ اچي  ٿي. يا ان کان پوءِ. اهو احسس ڪنهن مرد جي پيار کان مختلف آهي. پر اها اهڙِ ڳالهه آهي جو ان کي آسانيءَ سان نطر انداز ڪري سگهجي ٿو. عورت لاءِ شاديءَ جو مسئلو بنسبت مرد جي وڌيڪ سنجيدو اهي. هوءَ ان مرد سان ملڻ کان سواءِ به زندگي گهاري سگهي ٿي، جنهن کي هوءَ پيار ڪندي آهي. شاديءَ جو مسئلو اڄڪلهه ڏاڍو منجهي پيو آهي، ۽ گهڻيءَ هد تائين ذهني سوال بنجي چڪو آهي.“

”ٻيو سگريٽ نه پيئندين؟“

هن سگريٽ- ڪيس کولي اڳتي وڌايو. ”وٺ، منهنجي گريٽ مان دکاءِ.“ ائين چئي، هوءَ هن ڏانهن جهڪي، ته جيئن هو پنهنجو سگريٽ هن جي سگريٽ مان دکائي.

”تو جهڙي مرد کي شادي ضرور ڪرڻ گهرجي. توکي اهڙو ذهني ڪم به نه آهي، جنهن ۾ عورت ڪو اٽڪاءُ پيدا ڪري. “ ائين چوندي، هوءَ سگريءُ مان ڪش هڻندي، پوئتي هٽي.

”هائو“، هن چيو، ”پر آءٌ ڏاڍو مصروف ٿو رهان ۽ ايتري واندڪائي نه اٿم جو ڪا سٺي چڇوڪري ڳولي لهان، مون کي انهن گلابي غ۽ اڇن چهرن لاءِ به چاهه نه آهي، جي عام اهن ۽ جن کي سڀ پسند ڪندا آهن. مون کي ڪا ٻي شيءِ کپي؟ سچ پچ ته جي مون کي شادي ڪرڻي پئي، ته ان لاءِ هڪ ڀيرو امريڪا وڃڻو پوندم.“

”هائو، امريڪي زال تولاءِ سٺي ٿيندي.“

”ها“ هن چيو، ”مون کي اهڙي زال نه کپي، جا رڳو گهر جي سنڀال لهي، پر اهڙي جا پيرن ڀر بيهي سگهي ۽ مون لاءِ پريشاني يپدا نه ڪري. منهنجو مطلب تونم سمجهي ويئي هوندينءَ؟ زندگيءَ ۾ هونئن ئي گهڻيون زميداريون آهن، جن ۾ بي سهاري ٻار جو واڌارو، اڻ سهائيندڙ ۽ نامناسب آهي.“

”هون،“ هن اٿي، بخاري کي ٽيڪ ڏيندي چيو، ”جنهن قسم جي زال توکي کپي، اسا جوان، سُندر ۽ سلڇڻي هئڻ گهرجي، سونهن جي سردار نه هجي ته به دلڪش ضڙور هجي، طاقتور هجي پر گهڻي نه، طبيعت ۾ به موافقت رکندڙ هجي، نه توکي پاڻ ڏانهن گهڻو توجهه ڏياري ۽ نه تو ۾ جذب ٿئي، بلڪ تنهنجن خيالن ۽ اصولن جي مناسب نموني تائيد ڪري. سندس حياتيءَ جو مقصد ۽ پسند به تو جهڙي ئي هجي. ڪنهن به عورت کي اهڙِ مرد سان شادي ڪرڻ جو حق نٿو پهچي، جنهن جي دلجوئيءَ لاءِ هن کي پنهنجي ضمير، جذبن ۽ احساسن سان جنگ جوٽڻي پوي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙيءَ عورتکي اهڙي مرد سان پيار به هجي، پر هوءَ ان مرد سان پنهنجي سموري سڪ ۽ چاهه هوندي به اهڙي ثابت ٿي نه سگهندي، جهڙي ان مرد جي هم خيال عورت، ان لاءِ ٿي سگهندي. ڪردار هر شيءِ مٿان حاوي ٿي اجاگر ٿيندو آهي.“

هن هيٺ باهه ڏانهن نهاريو.

”جي شادي ڪرين ته اهڙيءَ عورت سان هرگز نه ڪج، جا تنهنجي خوشامد ڪري. اهڙي عورت گهڻو ڪري ٺلهي ۽ ڪوڙي هوندي آهي. جيڪڏهن سچ پچ ڪنهن عورت جو تو سان پيار آهي، ته هوءَ توتي به ائين نڪته-چيني ڪندي، ۽ توکي ائين سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي، جيئن پاڻ لاءِ ڪندي. ٻه هستيون جي زندگي ڀر گڏ رهنيون هيون، تن ۾ هڪ ٻئي جي اکين ۾ نهارڻ ۽ پاڻ ۾ کلم کلا سچ ڳالهائڻ جي، قابيلت هئڻ لازمي آهي. اها ڳالهه زندگي ڀر جي ساٿ لاءِ ضروري آهي. امريڪا ۾ توکي اهڙيون گهڻيون عورتون ملنديون.“ هن چيو، ”اهڙيون عورتون توسان ٻانهن ٻيلي ٿي بيهنديون ۽ توکي منزل ڏانهن وٺي هلنديون.“

”هائو، منهنجو پڻ اهو خيال آهي. پر اهڙي آدرشي زال ڪيئن هٿ ڪجي؟“

”وڃ، ۽ وڃي ڳولا ڪر. هن سال اسڪاٽلينڊ وڃڻ بدران آمريڪا هليو وڃ. اهو تو لاءِ چڱو ٿيندو. هر مرد کي اهِڙءَ شيءِ جي ڳولا جو پورو حق آهي. جنهن جي هن کي ضرورت آهي. پر عورت جي حالت ۾ اها ڳالهه بلڪل ابتڙ آهي. عورت ۽ مرد جي فطرت ۾ اهو ئي بنيادي فرق آهي.“

هن سگريءَ ڏانهن نهاريو.

”۽ اهو عورت جي فطرت ۽ جنسي لاڳاپن جو اصول آهي. عورت ۾ ٻار نپائڻ جي اُمنگ هوندي آهي جا مرد ۾ نه هوندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ذهني طور ٻيئي برابر هجن. آءٌ سمجهان ٿي ته جي پنجاهه مرد ۽ پنجاهه عورتون ڪو حسابي سوال حل ڪرڻ ويهن ته سڀ اهو هڪ ئي نموني ۾، حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. جيئن جيئن هو وڌيڪ زهين ۽ چالاڪ ٿين ٿا، تيئن تيئن سندن طبيعت ۾ هڪ جهڙائي پيدا ٿئي ٿي، ۽ جيئن جيئن شخصيات ۽ جنسيات کي ويجهو پئبو، تيئن تيئن اسين پاڻ ۾ اخلاف ڏسنداسين. عورت ۽ مرد جي اهڙيءَ فطرت ۽ طبيعت کي جيڪو آءٌ هيئن پيش ڪريان،“ هن چيو، ”هڪ خاڪو ڪڍان، جنهن ۾ ٻه گولا ٺاهي، ٻنهي کي ٻن ٻن حصن ۾ ورهايان. انهن ٻنهي جي هڪ هڪ پاسي کي رنگ ڏيان، ۽ بئي اڌ ۾، ٻنهي جو رنگ اهڙي نمني جهڪو ڪندي وڃان جو هڪ جو ڇيڙو نيرو ٿئي ۽ ٻئي جو سائو. جتي پويون بئي پڇڙيون ملن ٿيون، اها جاءِ جنسيات جي ترجماني ٿي ڪري. جيئن جيئن اوهين انهن پڇڙن کي ويجهو پوندا، تيئن تيئن اوهان کي رنگن ۾ واضح فرق نظر ايندو ۽ جيئن جيئن اوهين مٿي سڄي طرف ويندا، تيئن تيئن اوهين رنگ جي هڪ جهڙائي ڏسندا. اهو ئي سبب آهي جو وحشي ۽ جذباتي قسم جا ماڻهو ان اصول جا هوندا آهن، ته طبيعت ۽ فطرت جي لحاظ سان عروت مرد کان مختلف آهي ۽ جدا مخلوق آهي، ۽ ٻئي طرف مهذب ۽ ذهين مرد ڪڏهن ڪڏهن ان ڳالهه جو اعتراف ڪندا آهن ته عورت ۽ مرد فطرتاً هڪ جهڙا آهن. پنهنجي جاءِ تي کڻي اسان ٻنهي ۾، جنسي پيار هڪ جهڙو هجي، پر ان جي اطهار جو ذريعو ٻنهي وٽ يقيناً مختلف آهي. ان ۾ مرد جو ڏوهه نه آحي، ڪو مرد جيڪڏهن ڪنهن عورت سان پيار ڪري ٿو ته هو کليءَ طرح هن کي به پاڻ سان پيار ڪرڻ تي آماده ڪري سگهي ٿو، سڌيءَ طرح ۽ بنان ڪنهن هَٻڪ جي. پر عورت جي حالت ۾ ائين نه آهي. هوءَ تيستائين ڪو پيار قبول نه ڪندي، جيستائين اهو واضح نموني ۾، هن جي آڏو پيش نه ڪيو ويو آهي. قدرت جو هن جي مٿان جبر آهي ته هوءَ ان ڳالهه جو اطهار به کليءَ طرح نه ڪري، جا هوءَ مهسوس ٿي ڪري. جي ڪا عورت ڀُل وچان يا اٻهرائيءَ سان ڪنهن مرد سان پيار جو اطهار ڪري ٿي ويهي، ته هن جو ائين ڪرڻ، هنن ٻنهي جي وچ ۾ اهڙو اٽڪاءُ ٿو پيدا ڪري، جنهن کي ڪڏهن به هٽائي نٿو سگهجي. جيڪڏهن هوءَ چترائيءَ ۽ حرفت سان- يعني زانن طريقن جي استعمال سان، جهڙوڪ خاموشي، هار سينگار، رومال ڦٽي ڪرڻ، اوچتين ملاقاتن وغيره سان، هن کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشس ڪري ٿي، هن جو ائين ڪرڻ سندس هلڪڙائپ ظاهر ڪندو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ائين ڪرڻ سان ڪي عورتون رمدن جو پيار حاصل ڪري ٿيون وڃن. پر اهڙو پيار هن لاءِ ڪا اهميت نٿو رکي. ان ڪري جنسي طرح رڳو هٿ ٻڌي اڳتي وڌڻو ٿو پوي، ۽ رڳو اهو پيار ئي هن لاءِ ڪارائتو ۽ سڦل ٿئي ٿو. جو هن جي اڳيان پيش ڪيو وڇي، عورت ۽ مرد ۾ اهو ئي فرق آهي. تون پيار جي ڳولا ڪري سگهين ٿو، ڇو جو ائين ڪرڻ لاءِ، تون آزاد آهين، پر اسين ائين نه ٿيون ڪري سگهون، ڇو جو ائين ڪرڻ لاءِ، تون آزاد آهين، پر اسين ائين نه ٿيون ڪري سگهون، اسان کي ائين ڪرڻ لاءِ حرفتن کان ڪم وٺڻو ٿو پوي. دوستي البت الڳ شيءِ آهي. ان ڏس ۾ اسين ٻيئي جنسون هڪ جهڙيون آهيون. ان حالت ۾ عروت به مرد ک، کَليو کلايو ملقات لاءِ سڏائي سگهي ٿي. جيئن مون توکي چورائي موڪليو. عورت جي ذهن ۽ ذهني زندگيءَ جي اهائي هڪ خوبصورتي آهي جو هوءَ پنهنجن ٻنڌڻن کي ٿورو ڍِرو ڪري سگهي ٿي، پر ٽوڙي نٿي سگهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو هوءَ جنسي معاملن ۾ گهڻيءَ حد تائين خائف هوندي آهي. ڪوئي سبب نه آهي جو توکي آمريڪا وڃي پنهنجي لاءِ زال ڳولا ڪرڻ نه گهرجي. ان لاءِ توکي ڪوڙ ڳالهائڻو پوندو. ڳوليندو رهه، جيستائين توکي اهڙي عورت ملي، جنهن کي تون پوريءَ طرح پيار ڪري سگهين. ڪا به شڪ جي گنجائش رهڻ نه ڏج، ۽ پوءِ هن کي شاديءَ لاءِ چئج. تو لاءِ ٻار هئڻ ضروري آهي، بي اولاد ٻڍي جي حياتي بيڪار ۽ اداس هوندي آهي.“

”هائو، آءٌ پاڻ ٻارن جو گهرجائو آهيان. آءٌ اڪٿر سوچيندو آهيان ته هي س محنت ۽ ڪشالا ڇا لاءِ آهن، جڏهن پويان ڪو وارث ئي نه هجي؟ ان ڪري سڀ ڪجهه بيڪار آهي... سمجهه کڻي ته آءٌ ڪامياب ٿو ٿيان ۽“

”سمجهه کني ته مون کي وڏو عهدو ملي ٿو وڃي.“

”پوءِ، اهو سڀ ڪجهه منهنجي ڪهڙي ڪم جو، جڏهن پويان ڪو وارث ئي نٿو ڇڏي وڃان؟ آءٌ ته ان خيال جو آهيان. توسان اهڙيءَ ڳالهه تي بحث ڪرڻ وڻندڙ به آهي، ته عجيب به. پر تون فطرتاً ٻِن عورتن کان مختلف آهين. جيڪڏهن سڀ عورتون تو جهڙيون هجن، ته تنهنجا عورتن ۽ مردن جي هڪ جهڙائيءَ وارا اصول، جيڪر ڪامياب وڃن. تون ئي هڪ اهڙي عورت آهين، جنهن وت ڪي گهڙِون گهاري، آءٌ ائين محسوس ڪندو آهيان ته آءٌ ڪنهن عورت وٽ نه ويٺو هوس!“

”ها،“ هن چيو، ۽ باهه ڏانهن نهارڻ لڳي.

”هندستان ڪيترو وقت ترسندينءَ؟“

”هون؟ هميسه لاءِ.“ هن ڇرڪ ڀريندي چيو.

”وري نه موٽندينءَ؟ اها اڻ ٿيڻي آهي. جي سچ پچ ائين آهي ته تون هتان جي اڌ ماڻهن جون دليون ٽوڙي ويندينءَ. مون اهڙي ڪابه عورت نه ڏٺي آهي، جنهن ۾ تو وانگر مردن جي دلين کسڻ جي قوت هجي. آءٌ سمجهان ٿو ته-“ هن مرڪي چيو، ”ٽي سال اڳ آءٌ به تنهنجي حسن جي ڄار ۾ ڦاسي پوان ها، جي تون هر موقعي ۽ مهل تي مون تي چٿرون نه ڪرين ها. مرد ڏک ڏولاوا پسند نه ڪندو آحي. لاڳيتيون شڪستون مرد کي ماٺيڻو ۽ نراس ڪري ڇڏينديون آهن. پر اها ڳالهه هر مرد تي اث رنهڪندي آهي... هن ماڻهوءَ کي ته تون سڃاڻين نه؟ توکي شايد نالي جي به سُڌ هوندي- نالو به چڱو هوس-“ هن پنهنجون آڱريون چوري، نالي ياد ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي. ”ڳورو مڙس، وڏين مڇن سان، بيهودي قسم جو ڪو ميجر هو، جو آفريڪا ۾ ويو هو، سڀني عورتن ۾ مشهور هو، ته هو سدائين تنهنجو فوٽو ساڻ کڻي گهمندو آهي، ۽ ماڻهن کي ڏيکاريندو آهي. هو هڪ دفعي هڪڙي شخص سان وڙهي به پيو، ان ڪري جو هُن بدنصيب جي وات مان تنهنجو نالو نڪري ويو، ۽ ان بيهودي ميجر کان اها ڳالهه سٺي نه ٿي، ته هو ڪو تنهنجو نالو وٺي.“

”آءٌ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪجهه ڳالهائڻ پسند نه ڪندي آهيان، جن مون سان هيڪر پيار ڪيو اهي.“ هن چيو. ”بهرحال هن مون سان سچيءَ دل سان يپاير ڪيو هو، کڻي ڪيگترو به ڪم ظرف هو. پيار ۾ بيهودگي نه هوندي آهي. عورت لاءِ مرد جو اهو پيار، جيڪو هن نه موٽايو هجي، ائين آهي، جيئن هن جي مٿي جو تاج، جنهن جي حاصلات لاءِ، هن کي سدائين ڪوشش ڪرڻ گهرجي. مردن سدائين منهنجي عزت افزائي پئي ڪئي آهي، جنهن لاءِ آءٌ انهن جي ٿورائتي آهيان، جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪري، ته توکي هن جي دل رکڻ گهرجي ته جيئن ٻيا هن جي اها ڪيفيت محسوس ئي نه ڪري سگهن. جيڪڏهن آءٌ هڪ هرڻي هجان. “ هن چيو، ”۽ ڪو هرڻ منهنجي پٺيان پوندي ڦٽجي پوي، ته جيتوڻيڪ آءٌ هن کي پسند نه ڪندي هجان، ته به جيڪر بيهي رهان، ۽ پيرن سان واري کوٽي اتي وجهان، جتي هن جو رت وهي ها، رڳو ان لاءِ ته جيئن باقي ڌڻ کي اها خبر نه پوي ته هن جاءِ تي منهنجي پٺيان پونديڪو هرڻ زخمي ٿيو آهي.“ ائين چئي، هوءَ خاموش ٿي ويئي.

ٿوري بعد، هوءَ اچي وري ڪرسيءَ تي ويٺي، ۽ پنهنجا هٿ گوڏن تي رکندي چيائين، ”هاڻي تون ڄاڻين ٿو ته پيار متعلق منهنجا احساس ۽ جذبا ڪي معمولي نه آهن. جيڪڏهن ڪو ڪنهن سان پير ڪري ٿو ته هو ائين ڪرڻ سان اڳلي کي لاڀ ڏئي ٿو، ان ڪري، جو اهو ايترو ته سندر ۽ دلڪش اهي جو هن سان پيار ڪيو وڃي ٿو! پوءِ کڻي هنن جو پيار پختو هجي يا ڪَچو.“

”چڱو ڀلا، آءٌ هلان ٿو.“ هن کيسي مان واچ ٻاهر ڪڍي، ”تو سان ڳالهائڻ ۾ ايترو ته لطف ٿو اچيم، و جيڪر رات ئي هتي گذاريان، پر اڃا ٻين سان به وعدو ڪيل اٿم.“ هو اُٿيو ۽ هوءَ به اُٿي ۽ هن ڏانهن نهارڻ لڳي.

”ڪهڙو نه ٺاهوڪو پيو لڳين! منهنجي خيال ۾، تو سدائين جواني ماڻڻ جو راز هٿ ڪري ورتو آهي. چار سال اڳ مون توکي پهريون دفعو ڏٺو هو، اڄ به تون ان وهيءَ کان هڪ ڏينهن وڏو نٿو نظر اچين.“

هن جهڪندي، خوشيءَ سان هن ڏانهن نهاريو، جيئن ڪو پنهنجي ٻار ڏانهن ڏسندو آهي.

”وري الائي ڪڏهن گپجاڻي ٿيندي؟“

”ڪڏهن به نه!“ هن وراڻيو.

”ڪڏهن به نه! ائين ڪيئن ٿيندو! توکي وري هتي اچڻو پوندو. هيءُ تنهنجو ديس آهي. تون پاڻيهي انهن ٻوڌين مان بيزار ٿيندينءَ ۽ وري هيڏانهن موٽندينءَ.“

”توکان موڪلائڻ لاءِ ئي توکي گهرايو هوم، تنهنڪري اميد اٿم ته دل ۾ نه ڪندين.“ هن بلڪل ٻاراڻي انداز ۾ چيو. هن جي اها سنجيدگي گم ٿي ويئي هئي، جنهن سان گهڙِ کن اڳ هوءَ بحث ڪري رهي هئي.

”مون هر ڪنهن کان موڪلائي وڃڻ پئي چاهيو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن موڪلائي نٿو وڃجي، ته اڳلو ائين سمجهندو تهمون کي وري موٽي اچڻو آهي، ۽ جڏهن موڪلائي ٿو وڃجي ته ائين لڳندو آهي، ڄن ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.“

”هيءَ آخري موڪلاني نه آحي، توکي هيڪر وري هتي اچڻو پوندو، کڻي ڏهه سال پو3، ان وقت ئي اسين پنهنجا خيال يڀٽينداسين- تون پنهنجي لاما متعلق، ۽ آءٌ آمريڪي زال متعلق، پر خبر پوندي ته جيت ڪنهن جي ٿي.“

هوءَ کلي. ”تنهنجي مشغولين جي سُڌ مون کي اخبارن رستي پوندي رهندي، تنهن ڪري جدائيءَ جو سوال ئي نٿو اُٿي، اهڙيءَ طرح توکي به منهنجي خبر چار پوندي رهندي.“

”ها، شال ڌني توکي ڪامياب ڪري!“

هوءَ هن کي گهوڙڻ لڳي. هو وڌي ان طرف ويو، جتي ڪرسيءَ تي سندس ڪوٽ پيل هو.

”مان پارايائين؟“

”نه نهج، مهرباني.“

هن ڪوٽ پاتو.

”گلي جا بٽڻ بند ڪر.“ هن چيو. ”اندر ڪمرو گهڻو گرم آهي.“

هوءَ وڌي هن جي اڳيان ٿي بيٺي. هو در وٽ بيٺا هئا، ۽ هن کي دستانا ۽ وڏو ڪوٽ اوڍيل هو.

”خدا حافظ- شل سدئين خوش گذارين!“

ڪوٽ ۾ ويڙهيل، هو هن ڏانهن هو گهورڻ لڳو. هن پنهنجو هڪ هٿ لوڏيندي چيو، ”توکي ڪجهه چوڻو اٿم.“

”چئو-ڇاهي؟“

”هڪ دفع ڇمي نه ڏيندين؟“

ٿوري لاءِ هو بيٺو، هن کي گهوريندو رهيو ۽ پوءِ هن ڏانهن نميو.

*****

پوءِ جي گذريل سال ۾ هو اها ڳالهه چٽيءَ طرح بيان نه ڪري سگهندو هو. هن کي اهو ياد پوندو هو ته هن پنهنجا هٿ کڻي سندس مٿي تي رکيا هئا، هڪ اهڙيءَ ڌيرج ۽ نرمائي4 سان، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻار جي مٿي تي رکندي آهي، جڏهن هو ستو پيو هوندو آهي ۽ هوءَ اهو سوچيندي آهي ته متان ڪڪو جاڳي پوي. پوءِ هن چؤطرف ڏٺو هو، پر هوءَ وڃي چڪي هئي ۽ در آهستي بند ٿيو هو. ڪجهه دير هو بت بنيو بيٺو هو، ۽ پوءِ وڌي سگريءَ وٽ ويو، جتي سگريٽ جو ٽوٽو ٻري رهيو هو. هو تڪڙو تڪڙو در وٽ ويو ۽ در کولي ٻاهر نڪتو هو. ڏاڪڻ تي اونداهه ۽ سانت هئي. جنهن کان هن پڇيو هو ته هوءَ ڪيڏانهن ويئي. هن وراڻيو هوس ته هو وڃي ڍڪي هئي ۽ هن لاءِ ڪار اڳي ئي منتظر هئي. هن پڇيو هوس ته هوءَ وري ڪڏهن ايندي؟ ”ڪڏهن به نه- هوءَ ملڪ ڇڏي ويئي!“ ته پوءِ هوءَ ڪيڏانهن ويئي هئي؟“ ڪراڙيءَ وراڻيو هو ته هن کي ڪا خبر ڪانه هئي. هوءَ چئي ويئي هئي ته سندس سڀ خط ڪٺا ڪيا وڃن، ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ هوءَ پنهنجي ائڊريس موڪليندي. هن پوءِ ڪراڙيءَ کان پڇيو ته ”هوءَ هاڻي ڪٿي هوندي؟“ ڪراڙي4 وراڻيو هو، ته هن کي ڪا خبر ڪانه هئي. هو موٽي اندر ويو هو ۽ اتي وڃي بيٺو هو، جتي اڳ هن جي تصوير لٽڪيل هئي ۽ ائين گهورڻ لڳو، ڄڻ ته تصوير اڃا لٽڪي پئي هئي. هن چپ ڊگهيريا، ائين جيئن ڪو سيٽي وڄائيندو آهي. پر ڪو به آواز نه نڪتو. هن ڪراڙي عروت کي ڏهه شلنگ ڏنا، ۽ تڪڙو تڪڙو هيٺ لهي ويو.

*****

اهو سڀ ڪجهه اٺ سال اڳ ٿيو هو.

هن جي حياتي ڪهڙي نه سندر ۽ خوشيءَ سان گذري هوندي، جو اڃا تائين جوان پيئي ڏسڻ ۾ اچي!


 


[1]  ٻڌ مت جي ڌرمي پيشوا کي لاما چيو ويندو آهي، جيئن پادري يا پنڊت وغيره

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com