سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: سڀا جو سينگار

 

صفحو :8

 ۽ مون کي ھيءُ بھ معلوم ٿيو آھي، تھ ويريءَ جو لشڪر اوھان جي سپاھھ کان سرس آھي. تنھن ۾ ھيءُ ملڪ اسان جي ھٿ مان نڪري نھ وڃي، تنھن لاءِ ڪو اھڙو اپاءُ ڳولي ڪڍجي جو گسي ئي نھ، ڇاڪاڻ تھ چوندا آھن، تھ تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي. پوءِ جي انھيءَ اپاءُ ڪندي بھ گسي وڃي، تھ ان لاءِ چنتا ڪرڻ نھ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ جيت ۽ ھار ڌڻيءَ جي وس آھي.“

قاز چيو تھ: ”چڱو ڀلا، ويچار ڪري اھا ڪا حڪمت ٻڌاءِ، جنھنڪري اسان جو ملڪ سلامت رھي.“ تڏھين عرض ڪيائين تھ ”ھي طوطو جو ايلچي ٿي آيو آھي، تنھن کي ھاڻي ڏکي رکڻ واجب نھ آھي. پاڻ ھن کي حضور ۾ گھرائي اھڙيون مٺيون ڳالھيون ٻڌائجن، جو او سرھو ٿئي. ۽ سندس ٽڪڻ لاءِ اھڙي چڱي جاءِ مقرر ڪجي، جنھن ۾ ڪنھن بھ طرح اھنج نھ ھجي. تنھن کان پوءِ سياڻن جي صلاح سان ھڪ قلعو جوڙائجي.

تڏھن قاز پڇيو تھ ”قلعي جوڙائڻ ۾ تو ڪھڙو فائدو سمجھيو آھي؟“ چيائين تھ ”قلعي جي وڏي گھرج آھي، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن اوکيءَ ويل ۾ ڪو سردار پنجين سوين ماڻھن سان پنھنجي قلعي ۾ اچي پناھھ وٺي، ۽ دشمن جا ڀلي تھ ڏھھ ھزار سوار ويڙھي وڃنس، تھ بھ ڪن ڏينھن تائين ھن کي جوکو نھ آھي، تيتري ۾ ڪو نھ ڪو حيلو وسيلو پيدا ٿيو پوي. ۽ جي ويريءَ جو لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي پوي، ۽ ڪو اچي ٻڌائي، تھ اھو لشڪر ڀڳو ٿو وڃي، تھ ان جي چوڻ تي ھرگز دشمن پٺيان نھ پئجي، ڇاڪاڻ تھ اھڙيءَ ريت پٺيان پوڻ مان گھڻن ئي سان دغا ٿي آھي.

۽ عاقلن چيو آھي تھ جنھن جو لشڪر ٿورو ھجي تنھن کي گھرجي تھ پناھھ واري شھر ۾ رھي، ۽ جيڪڏھن پناھھ وارو شھر نھ ھجيس، تھ اتانھينءَ ٻانھين، واري پناھھ ڏياري وٺي، جنھن جي چوڌاري اونھي ۽ ويڪري کاھي ھجي. ۽ ھٿيار پوھار، ۽ ان پاڻي اتي اڻ مئو موجود رکي. جي اھڙو بندوبست اڳي ئي ٿيو پيو ھوندو، تھ دشمن اتي پير بھ پائي نھ سگھندو.“

تڏھين قاز پڇيو تھ ”اِنھي ڪم جي پوري ڪرڻ لاءِ آءٌ ڪنھن کي مقرر ڪريان؟“

چيھي عرض ڪيو تھ ”جيڪڏھن ھيءُ ڪم ستت ڪرائڻو ھجي، تھ جنھن ۾ اعتماد سارجي، تنھن کي چئجي. ۽ مونکي اھڙو ٻيو خاطريءَ جھڙو سواءِ ڪھنگ ڪوٽوال جي ڪونھ ٿو سجھي.“

تنھن تي ان کي انھي مھل گھرايائون، ۽ کيس ساراھي بادشاھھ فرمايو تھ ”اي ڪوٽوال! جيئن چيھو ٿو چوي،تيئن ھڪڙو وڏو ۽ پختو قلعو ترت تيار ڪراءِ.“

ڪوٽوال عرض ڪيو تھ ”خاوند، غلام اڳيئي قلعو تيار ڪرائي ڇڏيو آھي، ۽ سيڌو سامان ۽ جنگ جو ٻيو اٽالو بھ جيترو کپي، اوترو سڀ گڏ ڪرائڻ ۾ مشغول آھيان.“

ھي ڳالھھ ٻڌي قاز ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ اھو قلعو ھليو ڏسڻ، جو ڏسڻ سان ڏاڍو وڻيس. پوءِ دلجاءِ ٿيس ۽ ڪھنگ کي بيحد انعام اڪرام ڏياريائين.

ڪيتريءَ مدت کان پوءِ ھڪڙي ڏينھن ڪھنگ قاز وٽ اچي روبرو عرض ڪيو تھ ”خاوند، ھڪڙو ڪانءُ نيات سوڌو دروازي تي قدمبوسيءَ لاءِ اچي حاضر ٿيو آھي، ۽ عرض ٿو ڪري، تھ آءٌ اوھان جو نالو ٻڌي نوڪريءَ واسطي پريان سنگلديب کان ڪھي آيو آھيان. جيڪڏھن مرضي ھجي، تھ خدمت ۾ اچي حاضر ٿئي.“

قاز چيو تھ ”چڱو، ھن کي نوڪر رکنداسون.“

تڏھين چيھي چيو تھ ”جو حڪم ٿيو سو واھھ، پر غلام کي ھيءُ ڊپ آھي، تھ متان ھن ڪانءَ کي ڪاٺڪٽي بادشاھھ چارپ لاءِ موڪليو ھجي. ۽ جي ائين آھي، ۽ توھين ھن کي نوڪر رکندا تھ راءِ مدن پال واري ھلت ڪندو.“

قاز پڇيو تھ ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

٢٠- راءِ مدن پال، سندس وزير، ۽ چار چاري

چيھي چيو ”مون ٻڌو آھي، تھ راءِ مدن پال ھڪڙي وقت پنھنجي فوج ۽ ھاٿي نيئي، ھڪڙي قلعي کي گھيرو ڪيو. ڇھن مھينن تائين ويڙھھ ھلي، ۽ ڪيتري بھ قلعي وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين، تھ بھ ڪي ڪين کٿو.نيٺ ھڪڙي ڏينھن لاچار ٿي سندس وزير جو ڏاڍو ڏاھو ھو، تنھن چيو تھ “ سائين، ڪيترو سارو لشڪر مارايو اٿئون. ھاڻي ڪا اھڙي حڪمت ڪرڻ گھرجي، جو فوج بھ نھ مري، ۽ قلعو بھ ستتئي ھٿ اچي.“

بادشاھھ چيس تھ ”جيڪڏھن تنھنجيءَ تجويز ۽ حڪمت سان ائين ٿي پوندو، تھ ھو قلعو ئي تنھنجي دولت آھي.“

وزير انھيءَ ڳالھھ تي خوش ٿي ٽن ڄڻن کي گھرايو: ھڪڙو بورچي، ٻيو سائيس، ٽيون پيلبان، ۽ ٽنھي کي جاسوسيءَ ۽ فريب جا سڀ ڍنگ سيکاري، ۽ گھڻو انعام اڪرام ڏيئي ان قلعي ۾ دغا ڪرڻ جي نيت سان موڪليائين.“

ھي ٽيئي ڄڻا فقيراڻو ويس پھري، ڪنھن تجويز سان قلعي ۾ گھڙي ويا، ۽ ڪيترا ڏينھن اتي رھي، پنھنجا ويس وري مٽائي، پنھنجي پنھنجي ڌنڌي جي نوڪري سرڪار ۾ وٺي، ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ھلڻ لڳا، تان جو اھڙا چست ۽ چالاڪ ڳڻڻ ۾ آيا، جو سردارن بھ ٻڌو.

تڏھن ھنن مان ھڪڙي کي بورچي خاني جو مير، ٻئي کي گھوڙن جو، ۽ ٽئين کي ھاٿين جو داروغو ائين ڪري مقرر ڪيائون ۽ ھنن جي طرفان سڀني کي ايتري خاطري ٿي ويئي، جو پاڻ ۾ چوندا ھئا تھ اسان جي راجا جي سرڪار ۾ انھن ٽنھي نوڪرن جھڙو سچو، محنتي ۽ خيرخواھھ ڪو نوڪر ڪونھي.

جڏھن ھنن ٽنھي ڄڻن ڏٺو تھ ھاڻي ماڻھن کي اسان جي ايمانداريءَ جي بلڪل پڪ ٿي ويئي آھي، تڏھن پاڻ ۾ ھڪڙي نويڪليءَ جاءِ تي گڏ ٿي چوڻ لڳا، تھ ھاڻي جنھن ڪم لاءِ اسان کي وزير ھتي موڪليو آھي، سو پورو ڪرڻ گھرجي. نيٺ اھا پڪ ڪري ٺھرايل ڏينھن ھر ڪنھن جدا جدا حوالي ٿيل کاڌي خوراڪ ۾ زھر گڏيو. ۽ جنھن ڪنھن اھو گڏيل کاڄ کاڌو، سو اتي جو اتي پورو ٿيو.

انھيءَ طرح ڪم پورو ڪري، اھي ٽيئي بر وقت قلعي کان ٻاھر نڪري پنھنجي لشڪر ۾ آيا، ۽ اچي وزير سان خبر ڪيائون. وزير بادشاھھ وٽ وڃي عرض ڪيو تھ خاوند، اوھان جي اقبال سان غلام جي تجويز ڪارگر ٿي. بادشاھھ ھيءَ خوشخبري ٻڌي، پنھنجي لشڪر سوڌو ڊپ لاھي ويريءَ جي قلعي ۾ گھڙيو.

تنھنڪري، چيھي چيو ”اي بادشاھھ! ڪنھن بيگاني ماڻھوءَ کي پنھنجي ڪم ۾ دخل ڏيڻ ڏاڍو نقصان آھي.“

قاز چيو تھ ”ڀلا ھن ڪانءَ کي يڪبارگي مون وٽ آڻيو، تھ سندس پيشانيءَ مان سھي ڪريان تھ ڪي ڏاھو ۽ سياڻو آھي يا نھ. جي ھوندو تھ نوڪر رکي، کيس لائق ڪم ڏيندس، جي نھ تھ رخصت ڏيندوسانس.“

چيھي جڏھن ڏٺو، تھ بادشاھھ جي ھروڀرو ڪانءَ کي نوڪر رکڻ تي مرضي بيٺي آھي، تڏھن لاچار ٿي ھن کي پاڻ سان گڏ وٺي آڻي، حضور ۾ قدم بوسي ڪرائي. بادشاھھ ھن جي شڪل ڏسي ۽ گفتگو ٻڌي ڏاڍو سرھو ٿيو، ۽ صلاح ۽ مصلحت جو لائق ڄاڻي، ھن کي پاڻ وٽ رکيائين.

ھڪڙي ڏينھن چيھي عرض ڪيو تھ ”خاوند، قلعي ۾ لڙائي جو سامان گھرج آھر ھڪيو آھي، ھاڻي طوطي کي رخصت ڏجي. ھتي ھن جو رھڻ چڱو نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن وڌيڪ رھندو، تھ ساري احوال کان واقف ٿي، پنھنجي بادشاھھ کي ذري پرزي سوڌو وڃي ٻڌائيندو.“

بادشاھھ ھيءَ صلاح مڃي، عام درٻار ٿيڻ جو حڪم ڏنو. جيڪي جانور پاڻيءَ جا ھئا، سي سڀ جڏھن پنھنجي پنھنجي جاءِ تي مجلس ۾ درٻار جي وقت برابر ھٿ ٻڌي بيھي ويا، تڏھن ڪاٺڪٽي جي ايلچيءَ کي سڏ ٿيو. ڪي انھن مان ڊوڙيا، جي طوطي کي وٺي آيا.

طوطي ادب سان پري بيھي سلام ڪري عرض ڪيو تھ ”خاوند، جيڪڏھن حڪم ٿئي، تھ پنھنجي بادشاھھ جو نياپو خذمت ۾ عرض ڪريان.“ قاز اشارو ڪيو تھ ”ھائو.“

تڏھن طوطي وڏي سڏ چوڻ لڳو، تھ ”غلام جي شاھنشاھھ فرمايو آھي، تھ جيڪڏھن قاز کي پنھنجو ملڪ ۽ مال پيارو ھجي، تھ ڳچيءَ ۾ گندي وجھي، ستت منھنجي پيرن تي اچي پوي ۽ ڏوھھ بخشائي، تنھن کان سواءِ پنھنجي رھڻ جي جاءِ مٽائي ٻي ڪري. حضرت سلامت، اسان جي بادشاھھ جي فوج اڃا توھان جي ملڪ جي حد کان پري آھي. تنھنڪري توھان جي حق ۾ ھيءَ ڳالھھ بھتر ٿيندي، جو ڪي ٿورا ھاٿي ۽ گھوڙا، ڪي ٿوريون اشرفيون ۽ جواھر ڏن طور ترت روانا ڪريو، ڇو جو اسان جي بادشاھھ جي تابعداري ڪرڻ توھان جي واسطي بيشڪ فائدي واري آھي. جيڪڏھن اِئين ڪندؤ، تھ شايد اسان جو بادشاھھ اوھان تي مھربان ٿي، اوھان جو ملڪ ڦٽائي ناس ڪري نھ ڇڏيندو.“

طوطي جي واتؤن ھي ڳالھھ ٻڌي، قاز تپي لوھھ ٿي ويو، ۽ فرمايائين تھ ”ڪو آھي اھڙو، جو ھن جا کنڀ کنڀڙاٽيون پٽي، حضور کان پري ڪري؟“

ڪانءُ جو ھٿ ٻڌيو اتي بيٺو ھو، تنھن عرض ڪيو تھ ”حضور جيڪڏھن حڪم ڏئي، تھ ھن بي ادب سان اھڙي جٺ ڪريان، جو وري ڪو بھ ايلچي ڪنھن بادشاھھ وٽ سنڀالي اھڙي گستاخي ڪري.“

تنھن تي چيھي چيو تھ ”غريب پرور، اِھا ڳالھھ بادشاھن جي شان کان ٻاھر آھي، اٽلندو بدنامي ٿيندي. سياڻا چوندا تھ اڇيءَ ڏاڙھيءَ سان چيھو وزير حضور ۾ حاضر ھو، تنھن اھڙي نالائق ھلت ڪرڻ ڪيئن ڏني؟ ڇا ايترو نٿي ڄاتائين، تھ ڪٿي بھ وڪيل لاءِ مار ڪانھي؟ ڌڻي نھ ڪري، پر جي ھي ڳالھھ ائين ٿي پوي، تھ ڪنھن بادشاھھ وٽان ايلچي وري ڪڏھين بھ ڪين ايندو. ۽ سياڻن چيو  آھي، تھ ”جنھن مجلس ۾ پير مرد نھ آھي، تنھن ۾ جائي ھڪڙو نھ ٻيو ڪم کري ٿو، ۽ اھا مجلس ئي ڪين چئبي.“ آءٌ سچ ٿو چوان، تھ اڄ تائين ڪنھن بادشاھھ ايلچيءَ تي ھٿ ڪونھ الاريو آھي، ۽ ڪيتري بھ ھن گستاخي ڪئي ھوندي، تھ بھ بادشاھھ ھرگز دل ۾ نھ ڪيو ھوندو. طوطي جھڙو ايلچي ڪٿان ايندو؟ جيڪڏھين ان کي ماربو، تھ ڏاڍو پڇتائبو.“

بادشاھھ جي دل ھنن ڳالھين طوطي ڏي ڪونئري ڪئي، نيٺ طوطي کي سروپاءِ ڍڪائي، بادشاھھ موڪل ڏني. جڏھين ھو پنھنجي بادشاھھ وٽ وڃي پھتو، تڏھين پڇائونس تھ ”ڇا ڪري آئين؟ ۽ ڪھڙا جواب سوال توسان ٿيا؟ ۽ ھو ملڪ ڪھڙو آھي؟ ۽ موڪل ڪھڙي طرح توکي ڏنائون؟“

عرض ڪيائين تھ ”جھان پناھھ، ڪي ڪين پڇو، لڙائي جي تياري ڪريو. مون جواب بلڪل ھمت سان مردن وانگي ڪيا، ۽ قاز جي حشمت کان ذرو بھ ڪين ڊنس. ۽ جو اوھان جو نياپو ھو، سو قاز کي ڀريءَ مجلس ۾ وڃي ڏنم. ۽ ملڪ جو قاز جي ھٿ ۾ آھي، تنھن جي واکاڻ ڪري نٿو سگھان. منھنجي سمجھھ ۾ تھ بھشت کان بھ وڌيڪ آھي. جڏھين آءٌ اتي وڃي پھتس، تڏھين مون کي ھڪڙيءَ ڦٽل جاءِ ۾ نظربند ڪري رکيائون، ۽ گھڻيءَ محنت سان ھڪڙو قلعو جوڙائي، تنھن ۾ لڙائيءَ جو ڪيترو ئي سامان گڏ ڪيو اٿن. پر جي خاوند جي فوج ھن ملڪ جي وٺڻ لاءِ چڙھي ٿي ڪري، تھ پڪ اٿم، جنگ ۾ پھريائين اھو قلعو فتح ٿيندو، ۽ ھن جو ملڪ مفت ھٿ لڳندوسون.“

تڏھين ڪرگس وزير دل ۾ ويچار ڪيو تھ شايد طوطو ھتان بي مانو ٿي موٽيو آھي، ۽ چيائينس تھ ”مون ٻڌو آھي، تھ قاز تنھنجو گھڻو آڌر ڀاءُ ۽ خاطر ڪئي ھئي، ۽ ھر طرح جا کائڻ تنھنجي لاءِ موڪليندو ھو.“

طوطي جواب ڏنو تھ ”اي وزير! اِھا ڳالھھ سڄي غلط آھي. مھمانداريءَ جي تھ ھن مون سان ھڪڙي وک بھ ڪانھ ڀري. پاڻ جي ھيءَ وڏي مھرباني سمجھيم، جو ھن مون کي جيئرو ڇڏيو.

اِھا ڳالھھ ٻڌي ڪاٺڪٽي جو منھن ٽامڻي ھڻي ويو، ۽ چڙ ۾ حڪم ڏنائين تھ ”ھاڻي جو ھاڻي منھنجو تنبو ٻاھر نڪري.“

ڪرگس عرض ڪيو تھ ”بادشاھن کي ايتري تڪڙ ڪرڻ نھ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ تڪڙ ۾ ڪم بگڙيو پون. واجب آھي، تھ اڄ سڀني اميرن ۽ رسالدارن کي سڏائي، پھريائين انھن سان صلاح ڪرڻ گھرجي.“

بادشاھھ اِھا ڳالھھ قبول ڪري سڀني کي سڏائي چيو تھ ”اي ڀائرو! ھڪڙو مشڪل اچي پيو آھي، تنھنڪري ڪا اھڙي چڱي صلاح ڪريو، جو اھو مشڪل آسان ٿئي.“

تڏھين سڀني پڇيو تھ ”اھو ڪھڙو مشڪل آھي؟“

فرمايائين تھ ”قاز منھنجي ايلچيءَ سان گھڻيون جٺيون ڪيون آھن، ۽ قلعو جوڙائي وڙھڻ لاءِ تيار ٿيو آھي.“

تنھن تي سڀني عرض ڪيو تھ ”جھان پناھھ، جيڪي فرمايو، سو اسين اکين سان ڪريون. جيڪڏھن اسان جي صلاح وٺو، تھ قاز سان لڙائي ڪريو، ڇاڪاڻ تھ خاوند جي چڱائي اسان کي جنگ ئي ۾ ڏسجي ٿي، ۽ ان بابت ڪا بھ چنتا دل ۾ نھ ڪريو. نڪي ڪنھن جي ڪچيءَ پڪيءَ ڳالھھ تي ڌيان ڏيو. ھار ۽ جيت آھي ڌڻيءَ جي وس.“

تڏھن ڪاٺڪٽي چيو تھ ”طوطو قاز جي ملڪ جي واکاڻ مان ڍاپي ئي نٿو، ۽ مون کي پڪ آھي تھ اھا ڳالھھ ڪوڙي نھ ھوندي.“

ائين چئي ھنن کي حڪم ڏنائين تھ ”پنھنجي پنھنجي فوج ۽ رسالي کي جلد سنڀرايو. ۽ پاڻ جوتشين کي سڏائي جنگ جو مھورت ڪڍايائين.

تڏھين وزير عرض ڪيو تھ ”سائين جن جيڪو حڪم ڏنو سو واه، سڀني کي قبول آھي. پر تيستائين غلام جي ھيءَ صلاح آھي، تھ ٿورا ڏينھن پنھنجي مڪان کان ٻاھر چرڻ نھ گھرجي، جيستائين لشڪر سڀ گڏ ٿي رھي. ۽ ھڪڙي سياڻي سردار کي ٻن ھزارن سپاھين سان ترت روانو ڪجي، جي واٽ تي جتي گھڻو پاڻي ڏسن، اتي امالڪ لھي پون، تھ قاز جي فوج ھيڏي لنگھي نھ سگھي، ۽ سندس لشڪر جي خبر چار ھر روز حضور ۾ پھچائيندا رھن.“

ڪاٺڪٽي چيو تھ ”اي وزير! اھا چترائي ڦٽي ڪري، ڪا اھڙي عقل جي کيڏ ڪر، جو ويرين کي سولائيءَ سان مات ڪجي.“

وزير چيو تھ ”جيئن حڪم ٿئي، تيئن ڪريان. پر جيڪي ڳالھيون مون پنھنجن وڏن کان ٻڌيون آھن، سي جيڪڏھين حڪم ڪريو، تھ عرض ڪريان.“

تڏھين بادشاھھ فرمايو تھ ”چؤ.“

ڪرگس چيو تھ ”ٻڌو اٿم، تھ جڏھين ڪو بادشاھھ ڪنھن جنگ تي وڃي، تڏھين ان کي گھرجي تھ پھريائين پنھنجي لشڪر کي انعام اڪرام ڏيئي، ھنن جي دلبري وٺي، ڇاڪاڻ تھ لشڪر جي راضپي تي ئي بادشاھت جي استقامت ۽ بھتري منحصر آھي.

۽ جڏھين ڪوچ ڪري، تڏھين جتي درياھھ ڪنڌي، يا جھنگ، يا جبل ڏسي، اتي غافل نھ رھي ۽ گھڻيءَ خبرداريءَ ۽ ھوشياريءَ سان اتي منزل ڪري. ۽ وڏا وڏا امير امراءَ پاڻ وٽ ۽ چڱا چڱا تيرانداز ۽ بندوقچي، ۽ ڀالي ھڻندڙ، ۽ نئين نئين ھنر وارا جوان ۽ پھلوان مڙس، ھٿيارن پوھارن سان سڄي ۽ کٻي پاسي، ۽ چالاڪ توبچي اڳيان ۽ پٺيان رکي، ۽ خزاني تي جوڌا جوان سنڀال لاءِ ڇڏي، متان ڪو دشمن جي فوج مان خزاني جي مٿان اچي پوي. ۽ جي لشڪر ۾ ڪي مريض يا پنگلا ٿين، تھ انھن کي پاڻ سان گڏ رکي، ۽ انھن جي سار سنڀال کان ويسرو نھ رھي.

اھڙيءَ ريت بادشاھھ ۽ وزير فوج سوڌا منزل بمنزل وڃن وڌندا، ۽ جتي مقام ڪن، اتي جيڪڏھين ڪنھن بھ طرح جو ڊپ يا شڪ پوين، تھ پنھنجي لشڪر جي چوڌاري ڍنگرن جا لوڙھا قلعي وانگي ڏياري، تنھنجي چوگرد تيرانداز سورھھ سپاھي چوڪيءَ پھري لاءِ وھارين. ۽ بادشاھھ پنھنجن خاص صلاحڪارن سان گڏ وچ ۾ رھي، ۽ خزانو پنھنجي ويجھو رکائي ۽ جنگي ھاٿي تيار رکي، جي لڙائي جي وقت ڪم اچن ۽ اميرن کي قلعي ۾ پاڻ وٽ ٽڪائي، ۽ ھاٿين تي ھودا ۽ پالڪيون، ۽ گھوڙن تي زينون ۽ ھنا ڪشيل رکي، ۽ زره پوش پھلوانن کي دروازي تي بيھاري، چوين، تھ ساري رات پنھنجي پنھنجي واري تي جاڳندا رھن.

جيتوڻي بادشاھھ کي فوج ۽ چونڪيءَ جي دلجاءِ ھجي، تھ بھ گھرجيس، تھ پنھنجي ھشياري ۽ نظر پاڻ ڪري، ۽ پنھنجي فوج کان ٽي ڪوھھ اڳواٽ ويريءَ جي لشڪر ڏي چست سوارن کي موڪلي، جي گھمندا ڦرندا کنگھندا کڻڪاريندا، سڄي رات جاڳندي ڪاٽين. ۽ ڏينھن جو نقاري نوبت جي وڄڻ جو حڪم ڏئي تھ ان جو آواز ٻڌي مر ويريءَ جي دل دھلجي.

جڏھين ڌارئين ملڪ جي سرحد ۾ پھچي، تڏھين پنھنجي لشڪر کي پگھار پڙو برابر ڏئي، ڇاڪاڻ تھ اھا ٿيڻي نھ آھي، جو سپاھي ٺلھي ھٿين بادشاھھ جي ڪم ۾ جان وڃائيندا يا جنگ ۾ پنھنجا سر وڍائيندا سڀڪو خدا جو خلقيو آھي، جڏھين ھنن کي ۽ ھنن جي آل اولاد کي کاڌو پيتو ۽ ھر طرح جو سک ملندو، تڏھين البت چت ڏيئي ڪم ڪندا.

بادشاھھ جڏھين لڙائي تي چڙھي، تڏھين گھرجيس، تھ فوج جو پورو بندوبست رکي. سڀني کان اڳي ڳورو توبخانو، تنھن کان پوءِ ھلڪو توبخانو، تنھنجي پٺيان امير ھاٿين تي، تن جي پٺيان سوارن جي جماعت ۽ سڀني جي پڇاڙيءَ ۾ جنگي ھاٿي، ۽ ساڄي پاسي ڀالي ھڻندڙ ۽ جنگ جا آزمودگار سورما، ۽ کٻي ڏي تير ھڻندڙ ۽ شتر سوار، ۽ ڪي جوان مڙس، جن لڙايون ڏٺيون ھجن، سي ۽ ٿورا ٻيا سپاھي اھڙي ھنڌ لڪل رکي جو انھن جي ڪنھن کي ڪل نھ پوي، پر وقت سر جواب ڪن.

۽ جڏھن ويريءَ جو لشڪر واڌو ڏسي، تڏھين ٻنھي پاسن کان پنھنجي فوج کي اڳتي وڌائي دشمن تي حملو ڪري. ۽ قاضي ملو نماز پڙھائڻ لاءِ لشڪر ۾ حاضر رکي. ۽ جيڪو سر تان آھو کڻي وڙھي، يا ڦٽجي پوي، تنھن کي ان جي سورھيائي آھر بادشاھھ تسلي ۽ انعام ڏي. ۽ جڏھن ڏسي تھ ھاڻي ويريءَ جو ڪٽڪ ٻڌي ڪري پٺيان ھٽي ٿو، تڏھن سڄو لشڪر ھاٿين سوڌو انھن تي ھڪ واريءَ وڃي ليٽائي تھ ويرين جا سر انھن جي پيرن ھيٺان لتاڙجي وڃن.

ٻيو غريب پرور، جيڪڏھين پنھنجي فوج ميدان ۾ ۽ دشمن جي جھنگ ۾ ھجي تھ ھاٿين ۽ گھوڙيسوارن کي پٽيءَ دشمن ڏي وڃڻ نھ ڏجي، پر حڪم ڪجي، تھ سڀ سردار ۽ سپاھي ھيٺ لھي، ھٿيار کڻي اھڙي سورھيائي ڏيکارين، جو ويريءَ جي پاڙ پٽجي وڃي.

جيڪڏھن ڪا ندي يا واھھ ٻنھي طرفن جي ڪٽڪن وچ ۾ ھجي، تھ ٻيڙين تي لشڪر کي چاڙھي، اھڙي ڊول سان ويڙھائجين، جو ويري بيشمار مارجي وڃن.

جي قاز جو لشڪر نديءَ تي يا ميدان ۾ نھ وڙھي ۽ قلعي جي پناھھ وٺي، تھ پنھنجي لشڪر جي سردارن کي حڪم ڏجي، جو ان جي ملڪ ۾ جتي ان ڏسن، اتي ڦر ٻڌي ڏين، ۽ جيڪي لٽ کان پاڇي بچي، سو ساڙي ڇڏين. ۽ ٻنيون گھوڙن کي چاري، باغن کي لٽي، گاھھ جون دنيون ۽ ڪاٺين جا ڍير ٻاري ڇڏين. ۽ جنھن ڪنھن شئي مان ويرين جو فائدو ڏسن، تنھن کي باھھ ڏين، ۽ جتي تلاءُ ۽ واھھ ھجن، اتي چوڌاري لشڪر رکن، تھ پاڻي بند ٿيڻ کان ويري ڏکي ٿين.

ٽيون ھيءُ عرض آھي، تھ جڏھين ويريءَ جي ڪٽڪ تي ڌڻي اوھان کي سوڀ ڏئي، تڏھين واجب آھي، تھ فوج کي پنھنجي ويريءَ تي لٽ ڪرڻ ۽ پٺيان پوڻ کان روڪجي. ڇاڪاڻ تھ جنھن وقت سڀئي سپاھي پئسن جي لالچ تي بي سمجھيءَ کان پنھنجي بھادري ڏيکارڻ لاءِ توھان کي ڇڏي ويندا تنھن مھل اوھين ميدان ۾ اڪيلائي رھجي ويندؤ. پوءِ جي قاز ھوشياريءَ سان فوج لڪائي ڪٿي وھاري ھوندي، جيئن بادشاھن جا وزير دور انديشيءَ سان ڪندا آھن، تھ اھي اوھان کي اڪيلو ڏسي اچي اوھان تي ڪاھھ ڪندا، ۽ اوھان کي قيد ڪري وٺي ويندا. اٽلندو جيت مان ھار ٿي پوندي، ۽ سڄي بادشاھت برباد ٿي ويندي. پوءِ ڌڻين کان سواءِ فوج نوڪرن کان ڪابھ تجويز ٿي نھ سگھندي، ۽ فوج مفت چٽ ٿي ويندي.“

تڏھين بادشاھھ چيو تھ ”اي وزير! ايتري چوڻ جو ضرور ڪونھي. تون منھنجو وزير آھين ۽ ھردم مون وٽ ئي رھندين، پوءِ جيڪي مناسب ڄاڻين، يا جيئن وڏن کان ٻڌو ھجيئي، تيئن ڪجانءِ.“

اڃا ٻئي انھيءَ رھاڻ ۾ ھئا، تھ قاز کي ڪاٺڪٽي جي چڙھيءَ ڪرڻ جي خبر پھتي ۽ جاسوسن جي سردار پيلڪ، جنھن کي قاز موڪليو ھو، تنھن بھ پنھنجي شريڪن مان ھڪڙي جاسوس کي ڊوڙائي، ھي نياپو ڏياري موڪليو، تھ ”ڪاٺڪٽو بادشاھھ وڏي اٽالي ۽ ڌام ڌوم سان لڙائيءَ لاءِ گنگاندي جي ڪناري تي اچي لٿو آھي. اوھين اڃا ماٺ ڪيو ويٺا آھيو. اٿي ھوشيار ۽خبردار ٿيو، ڇاڪاڻ تھ ڪاٺڪٽي جو وزير ڪرگس ڏاڍو سياڻو ٻڌڻ ۾ ٿو اچي. ٻيو مون کي معلوم ٿيو آھي، تھ ھن کي جاسوسيءَ لاءِ اوھان جي قلعي ۾ اڳيئي موڪليو آھي.

ھي ڳالھھ ٻڌي چيھي چيو تھ، ”اي بادشاھھ! غلام پريندي ئي عرض ڪيو ھو، تھ اھو ڪانءُ ڪاٺڪٽي جو موڪليل آھي، ٻيو ڪير ھوندو؟“

قاز چيو تھ ”اھا ٿيڻي نھ آھي. جيڪڏھن ڪانءُ مون سان ٺھيل نھ ھجي ھا، تھ طوطي جي مارڻ لاءِ ڇو اٿي کڙو ٿئي ھا؟ ۽ قلعي ۾ پنھنجن ٻارن ٻچن سوڌو ڇو اچي ٽڪي ھا؟“

چيھي چيو ”سچ آھي، تھ ھو پنھنجن ٻارن کي پاڻ سان وٺي اچي رھيو آھي، پر ياد رکجو تھ ڪڏھن نھ ڪڏھن دغا ضرور ڪندو.“

قاز وراڻي ڏني تھ ”اي چيھا! نئون نوڪر آڳاٽي کان وڌيڪ ڪمائتو آھي. نئون نوڪر نمڪ حلال ۽ پورھيت ٿئي ٿو، ۽ اھڙا ڪم ڪري ٿو، جي قديم نوڪرن کان نٿا ٿي سگھن. پر بيربل راجپوت جي ڳالھھ تو شايد نھ ٻڌي آھي، جنھن نئون نوڪر تي پنھنجو سڪيلڌو پٽ پنھنجي ڌڻيءَ تان قربان ڪيو ھو.“

چيھي پڇيو تھ، ”اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟“

٢١- بيربل نوڪر ۽ سندس ڌڻي

قاز چيو تھ ”مون ٻڌو آھي، تھ ھڪڙي ڏينھن راءِ مندوڪ تخت تي ويٺو ھو، ۽ حجام آڻي خبر ڏنيس تھ ”بيربل نالي، ھڪڙو راجپوت، ڍال ۽ ترار ٻڌيو دروازي تي حضور ۾ اچڻ لاءِ آس رکيو بيٺو آھي.“

راءِ اشارو ڪيو تھ ”سڏي اچينس.“ جڏھن ھو اندر آيو، تڏھن راجا پڇيس تھ ”تون ڪير آھين؟ ۽ تنھنجو اچڻ ھن ملڪ ۾ ڪيئن ٿيو آھي؟“

چيائين تھ ”سپاھي آھيان، ۽ سائينجن جو نالو ٻڌي آيو آھيان.“

تنھن تي راءِ پڇيس تھ ”تون مون وٽ نوڪري ڪندين؟“

عرض ڪيائين تھ ”جي منھنجي واسطي ڪو ڪم مقرر ٿئي، تھ بيشڪ حاضر آھيان.“

پڇيائينس تھ ”ڇا مواجب وٺندين؟ ۽ ڪھڙو ڪم ڪندين؟“

چيائين تھ ”پنج سؤ اشرفيون روز وٺندس، ۽ اوھان جي خدمت ۾ رات ڏينھن حاضر رھندس.

تڏھين وري پڇيائينس تھ ”توسان ٻيا گھڻا ڄڻا آھن؟“

وراڻي ڏنائين تھ ”ھڪڙي ترار ۽ ٻھ ٻانھون.“

راجا فرمايو تھ ”ھڪڙي سر کي ايترو روزينو ڪٿان ملندو؟“

تنھن تي بيربل سلام ڪري ھليو ويو. راءِ جي ديوان ھيءُ حال ڏسي عرض ڪيو تھ ”خاوند، ھن ڳالھھ ۾ ضرور ڪو ور ٿو ڏسجي، تنھن ۾ اھڙي شخص کي ڇڏڻ نھ گھرجي. گھڻا نھ تھ ٿورائي ڏينھن ھن کي رکي ڏسجي، تھ خبر پوي، ھو ڪھڙي پر جو ماڻھو آھي، ۽ڪھڙي نمڪ حلالي ڪري ٿو. جيڪڏھن ڪو اھڙو ڪم ڪري، جو ٻئي کان ٿي نھ سگھي، تھ وڌيڪ وقت رکجيس، نھ تھ جواب ڏجيس.“

راءِ کي ديوان جي ڳالھھ وڻي، ۽ ھن کي گھرائي پاڻ وٽ نوڪر رکيائين. ۽ ھن کي ھڪڙي ڏينھن جو مواجب ڏيئي، ھڪڙو ماڻھو سندس پٺيون چاري ڇڏيائين، تھ ھن جو احوال سربستو دريافت ڪري اچي ٻڌاءِ.

بيربل اشرفيون وٺي، موڪلائي پنھنجي گھر وڃي زال کي چوڻ لڳو تھ ”اڄ آءٌ راءِ مندوڪ وٽ نوڪر بيٺو آھيان، ۽ ھي جيڪي آندو اٿم، تنھن مان ھڪڙي ڏينھن جو خرچ ڪڍي، باقي سمورو ڀڳونت جي نالي وراھي ڏي.“

ائين چئي راجا جي خدمت ۾ موٽي اچي حاضر ٿيو. ھن جاسوس اِھا ڳالھھ ٻڌي پنھنجي ڌڻيءَ سان اچي ڪئي، جو ٻڌي ڏاڍي وسمئي ۾ پيو. بيربل تھ ڏھاڙي پنھنجو روزينو سرڪار مان وٺي ساڳيءَ ريت بکين ڏکين کي دان پڃ ڪري ڇڏيندو ھو، ۽ پاڻ اٺئي پھر راجا جي محلات تي چوڪي پھرو ڏيندو ھو، ۽ ڪڏھن بھ گھر وڃڻ لاءِ خوشيءَ سان موڪل نھ وٺندو ھو. اھڙيءَ طرح ڪيترا ڏينھن گذري ويا.

ھڪڙي ڏينھن مينھن جي مند ۾ اھڙو اتفاق اچي ٿيو، جو رات جو ڪڪر پيا گجن، وڄ پئي کنوي، مينھن وسي بس ٿيو آھي، ۽ انڌوڪار اھڙو جو ھٿ ھٿ کي بھ ڏسي نھ سگھي، اوچتو ھڪڙيءَ زال جي روئڻ جو پرلاءُ راءِ جي ڪن تي پيو. سو ننڊ مان جاڳيو، ۽ اٿندي شرط شمع ھٿ ۾ کڻي محلات جي اڱڻ ۾ بيھي سڏ ڪرڻ لڳو، تھ ”منھنجي چوڪيدارن مان ڪا پھر جاڳي ٿي؟“

اتي بيربل ادب سان سلام ڪيو، ۽ ڏنڊوت ڪري عرض ڪيائين تھ ”غلام حاضر آھي.“

تڏھين پڇيائينس تھ ”تون ڪير آھين؟“

جواب ڏنائين تھ ”آءٌ بيربل، سرڪار جو نئون نوڪر آھيان.“

پڇيائينس تھ ”تون پنھنجي گھر ڇو نھ وئين؟“

چيائين تھ ”منھنجي عادت نھ آھي، جو جنھن سردار وٽ نوڪر بيھان، تنھن جي چئي ڌاران پنھنجي گھر ھليو وڃان. سدائين ڏينھن جو وٽس رھندو آھيان، ۽ رات جو بيھي پھرو ڏيندو آھيان.“

ايتري ۾ جا شمع راجا جي ھٿ ۾ ھئي، تنھنجي سوجھري تي ڏٺائين تھ راجا جي اکين مان لڙڪ پيا وھن. تنھن تي حيران ٿي پڇيائين تھ ”مھاراج، اوھين ڇو ٿا روئو؟“

راجا فرمايو تھ ”ھڪڙيءَ عورت ڪٿي اھڙي ڏک ۽ سوز مان ويٺي رئي، جو ان جي دردناڪ آواز کان منھنجي اکين مان ڳوڙھا ڳڙي ويا آھن.“

بيربل نمي چيو تھ ”غلام کي ھاڻي ان بابت ڪھڙو حڪم ٿا ڏيو؟“

راجا فرمايو تھ ”وڃي دريافت ڪر، تھ ھيءَ زال ڪٿي آھي ۽ ڇو ٿي روئي؟ جيڪڏھن پيسن جي لوڙ ھجيس، تھ ايترو ڏيارينس، جو جان جيئري ھجي، تان تنگي نھ ڏسي.“

بيربل ھيءَ حڪم ٻڌي جتان آواز ٿي آيو، اوڏانھن ھليو. جڏھن راجا ڏٺو، تھ ھيءُ ھن جي تلاش لاءِ وڃي ٿو، تڏھن دل ۾ خيال آيس، تھ رات اونداھي آھي، ڏسندم ڪونھ ڪو- بھتر آھي، تھ مان بھ ھن جي پٺيان لڪي وڃي ڏسان، تھ ڪيڏانھن ٿو وڃي، ۽ ڇا ٿو ڪري. اھو خيال ڪري، ترار ھٿ ۾ کڻي سندس پٺيان اھڙو ھوريان ھوريان ھليو، جو ھن کي ڪل ئي ڪانھ پيئي.

بيربل شھر جي ٻاھر وڃي چارئي ڪنڊون ڍونڍي، نيٺ ھڪڙي ھنڌ ترسي، انھي آواز تي ڪن ڏنو، تھ معلوم ٿيس، تھ اھو آواز ڏکڻ پاسي کان ٿو اچي. تنھن تي ڪاھي اوڏانھن ھليو. راجا، جو پٺيان لڳو آيو، تنھن پنھنجي دل ۾ چيو، تھ ھي ڪھڙو نھ نوڪر منھنجو گھڻگرو آھي، جو منھنجي حڪم تي ھيتري محنت ۽ جفا پاڻ تي سھي ٿو. نيٺ بيربل ڇا ٿو ڏسي، تھ ھڪڙي جوان ۽ خوبصورت زال زار زار ويٺي روئي. تنھن کي اڳڀرو ٿي پڇيائين، تھ ”اي ماتا!مون کي ڇو مفت ايترو ڊوڙايو اٿئي؟ ڪھڙو سبب آھي، جو تو ھيترو رودن ڪيو آھي؟،

زال چيس تھ ”آءٌ ھن ملڪ جي راجا جي عمر آھيان، سندس دولت مان مون گھڻا سک ماڻيا آھن. ھاڻي ھن جي حياتي پوري ٿيڻ ۾ باقي ھڪڙو پھر رات جو رھيو آھي، تنھنجي ارمان کان ٿي رئان.“

بيربل ھيءَ ڳالھھ ٻڌي، ٿڌا شوڪارا ڀريا، ۽ ڪرم تي ھٿ ھڻي ھاءِ ھاءِ ڪري چوڻ لڳو تھ ”بس، جيڪو ايشور جو ڀاڻو! لکئي کي ڪير آڏو ڦري! جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ سان ڪم پوي ھا، تھ پنھنجي وسؤن ڪين گھٽايان ھا.“

وري ان زال ڏي نھاري پڇيائين، تھ ”اي ماتا! ڪنھن ريت راجا جي ڄمار وڌي سگھندي؟“

ھن جواب ڏنو تھ ”جي تون ھڪڙو ڪم ڪري سگھين، تھ مون کي اميد آھي، تھ وڌي پوندي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com