سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ”گل ڦل“ چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو :11

 

سَسُ

بيبي انور زادي

ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ڳوٺ ۾ ’جنت‘ ۽ ’رحمت‘ نالي ٻه ڀينرون رهنديون هيون، انهن پاڻ ۾ سڱابندي به ڪئي. ’جنت‘ جي ڌيءُ ’رحمت‘ جي پٽ کي ۽ ’رحمت‘ جي ڌيءُ جنت جي پٽ کي ملي.

اڳي ته اولاد، ماءُ، پيءُ جي چوڻ ۾ هوندو هو ۽ جيئن وڏا چوندا هئا، ننڍا تيئن ڪندا هئا. هاڻي ته ماءُ، پيءُ مورڳو  اولاد جي چوڻ تي ٿا هلن، نه ته امالڪ دڙڪو ڏيندا ته گهر ٿا ڇڏي وڃون. خير، ڳالهه ٿا اڳوڻي زماني جي ڪريون.

پوءِ ڇا ٿيو جو جنت کي مال متاع هوندو هو گهڻو. انهيءَ جي ننهن، جنهن جو نالو حاجران هو، اها گهر جو ڪم ڪار ڪندي هئي ۽ مال کي چارو پاڻي ڏيندي هئي. رحمت کي مال ڪونه هوندو هو، پر پوءِ بدلو وٺڻ لاءِ ’جنت‘ جي ڌيءُ ساران کي به ايترو ڪم ڪرائيندي هئي، جيترو سندس ڌيءُ ڪندي هئي.

پنهنجي ننهن ساران کان به ايترو رڌ پچاءَ ڪرائيندي هئي، جيترو سندس ڌيءَ ساهرين گهر ڪندي هئي. پوءِ ڀلي ته کاڌو ضايع ٿئي، پر هوءَ ساڙ پورو ڪندي هئي. جيڪڏهن حاجران مال کي پاڻي پياري، ته ساران به ايترو پاڻي ڀرائي هاري ڇڏيندي هئي، جيتريون بالٽيون حاجران مال کي پياري، اوتريون باٽليون ساران پنهنجي اڱڻ تي هاري، اهو قصو مسلسل هلندو رهيو.

هڪ ڏينهن قدرت سان جنت، جيڪا حاجران جي سس هئي، سا بيمار ٿي پئي ۽ کٽ تي پئجي رهي. رحمت به ڇا ڪيو، جو هنڌ وڇائي سمهي پيئي. الله جي مهربانيءَ سان جنت ٺيڪ ٿي وئي، پر رحمت سچ پچ بيمار ٿي پئي. چوندا آهن، ته انسان سدائين هڪجهڙو نه هوندو آهي. جنت پنهنجيءَ ڀيڻ کان  پڇڻ آئي ۽ ڇيائينس ته: ”ادي طبعيت ڪيئن آهي تنهنجي؟“ هن جو ايترو چوڻ ۽ رحمت شروع ٿي وئي: ”اَئي، هاڻي منهنجو تماشو ڏسڻ آئي آهين. تنهنجي ڌيءُ ته مون کي هن حال تي پهچايو آهي. مون کي ڪهڙو سک ڏنو اٿس. ڪهڙو منهنجي پٽ کي سک آهي ۽ ڪهڙا وري ولر ٻچن جا ڄڻيا اٿس. وٺي وڃ پنهنجيءَ لاڏليءَ کي!“

جنت وراڻيو ته :”ادي، تنهنجي ڌيءُ وري ڪهڙا ٻچا ڄڻيا آهن، پر مون ته ڪڏهن کيس مهڻو نه ڏنو آهي. اهو سڀڪجهه ته مالڪ جي وس ۾ آهي.“ وري کڻي رحمت پار شروع ڪيا: ”اڙي، گهوڙا ڙي! گهر ويٺي ٿي وڙهي!“

مٿان سندس پٽ رمضان آيو. ”امان، هيءُ سڀ ڇا آهي؟“ ۽ ڪاوڙ مان پنهنجيءَ زال ساران کي گهر مان ڪڍي ڇڏيائين. ساران گهڻو ئي رُني، ته هوءَ گهر مان نه نڪري، پر وس نه هليس ۽ وڃي پيڪين ويٺي.

هوڏانهن ساران جي ڀاءُ جاڙل کي به ڪاوڙ آئي، ۽ حاجران کي به چيائين ته: ”تون به نڪري وڃ.“ پر سندس ماءُ کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو.

رمضان هاڻي گهر اچڻ ڇڏي ڏنو ۽ اوطاق ۾ رهڻ لڳو. ماڻس جو حال ڏينهون ڏينهن ويو خراب ٿيندو ۽ ڪير به سندس سنڀال لهڻ وارو نه هو. اٿي ويهي به نٿي سگهي.

نيٺ رمضان کي سمجهه آئي، ۽ سوچڻ لڳو، ته پنهنجو گهر پاڻ ٿا تباهه ڪريون، سو پوءِ ساران کان معافي وٺڻ ويو. پنهنجي ۽ پنهنجي ماءُ جي رويي تي پشيمان ٿيو. هو جڏهن ساران کي گهر وٺي آيو ۽ ڇا ڏسي ته سندس ماءُ اڌ کٽ تي ۽ اڌ هيٺ لڙڪي رهي آهي ۽ پنهنجي انجام کي پهچي، موت جي آغوش ۾ سُتي پئي آهي. هاڻي ساران ۽ سندس مڙس کي ڪو به برغلائڻ وارو نه هو، ۽ پوءِ زندگي خوش گهارڻ لڳا.

ڏهن مهينن کان پوءِ ساران کي پٽ به ڄائو ۽ سڀ تمام خوش رهڻ لڳا.

حاجران کي به اولاد ٿيو، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ حاجران جي سس به گذاري وئي. چوندا آهن ته ڪروڌ ٺڪرن جو پاڻي به سڪائي ٿو ڇڏي، ۽ پيار سان اهو گهر بهشت جو ٽڪر ٿي وڃي ٿو. جڏهن رمضان ۽ جاڙل جا والدين گذاري ويا، ته هو پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي وڃي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳا، ۽ اتي محنت مزدوري ڪرڻ لڳا. هاڻي هنن ۾ ڏاڍي محبت آهي ۽ هو پاڻ گڏجي رهن ٿا ۽ تمام خوش گذارين ٿا.

 

”گل ڦل“ –ڊسمبر 1994ع


 

وفادار ڪتو

واحد بخش مهر

 

’حارث‘ نالي هڪ شخص ٻئي شهر ۾ ڪمائڻ ويو، هن سان گڏ هن جو ڪتو ’ٽامي‘ به ساڻ هو، حارث ٻه سال ان شهر ۾ ڪم ڪيو، هن ان ٻن سالن دوران تمام گهڻي دولت محنت ڪري ماڻي ۽ هاڻي هن کي پنهنجو ڳوٺ ياد اچڻ لڳو، پوءِ هن ڪجهه پيسن عيوض سٺو گهوڙو خريد ڪيو ۽ واپس ڳوٺ ورڻ جي تياري ڪرڻ لڳو.

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير گهوڙو سنجي، دولت سان ڀريل ٿيلهو اُن تي رکي هيءُ پنهنجي سفر ڏانهن روانو ٿيو، هن سان گڏ ’ٽامي‘ به هو، سفر دوران هن کي هڪ ندي نظر آئي. هن بک، اڃ سان گڏ ٿڪاوٽ به محسوس ڪئي، سو، هن اتي ڪجهه دير آرام ڪرڻ جو سوچيو، هن گهوڙي کي هڪ وڻ سان ٻڌو ۽ گهوڙي تان دولت جو ڀريل ٿيلهو لاهي وڻ هيٺان رکيائين ۽ پوءِ نديءَ ڏانهن پاڻي پيئڻ ويو.

هن هٿ منهن ڌوئي پاڻي پي واپس وڻ هيٺان اچي ويٺو ۽ پاڻ به ماني کاڌائين ۽ ’ٽامي‘ کي به ڏنائين. ماني کائي هن وري پنهنجو سفر شروع ڪيو، تڪڙ ۾ هن کان پيسن جو ڀريل ٿيلهو ان وڻ هيٺان وسري ويو، ’ٽامي‘ کي پنهنجي مالڪ جي غلطيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ هن تيز ڊوڙڻ شروع ڪيو ۽ گهوڙي جي اڳيان اچي تيز ڀؤنڪڻ لڳو، هن جي مالڪ کي هن تي ڪاوڙ اچڻ لڳي ۽ هن کيس چيو: ’ٽامي‘ اڳيان پري ٿيءُ، مان شام کان اڳ ڳوٺ پهچڻ ٿو چاهيان.“ ليڪن ٽامي پري نه ٿيو ۽ اڃا تيز ڀؤنڪڻ لڳو. اُن تي هن جي مالڪ کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ۽ هن ٻيهر ٽامي کي پري ٿيڻ لاءِ چيو، ليڪن ٽامي وڌيڪ تيز ڀؤنڪڻ ۾ لڳو، ته گهوڙي جو رستو روڪي بيهي رهيو ۽ جنهن وڻ هيٺان ويٺا هئا، ان طرف نهارڻ لڳو، ان تي حارث ڪاوڙ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ پنهنجو ريوالور ڪڍي ٽامي کي شوٽ ڪرڻ چاهيو، پر ’ٽامي‘ گولي بچائي ويو، ان تي، هن کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي ۽ نشانو وٺي، ٻي گولي هنيائين، منزل طرف روانو ٿيو، ٿورو اڳتي هلي هن کي پنهنجو پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ته هن ٽامي کي ڇو ماريو ۽ پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو ته: ”دولت وڃايان ها، پر ٽامي کي نه وڃايان ها،“ دولت جي لفظ تي هن کي پنهنجي ٿيلهي جو خيال آيو، ته هن کي پنهنجي انهيءَ وڏي غلطيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ هيءُ سمجهي ويو، ته ٽامي ڇو رستو روڪي رهيو هو؟ هن گهوڙي کي واپس موڙيو ۽ ان هنڌ اچي پهتو، جتي هن ٽاميءَ کي شوٽ ڪيو هو، ليڪن ڇا ڏسي ته ٿيلهي جي مٿان ٽامي آخري پساهه کڻي رهيو هو. هن کي تمام گهڻو ڏک ٿيو ۽ روئڻهارڪي آواز ۾ ٽامي کان معافي وٺڻ لڳو. ان تي هن جي هٿن کي ٽامي چٽڻ لڳو ۽ عجيب نگاهن سان هن طرف ڏسڻ لڳو، ڄڻ چئي رهيو هجي: ”ايتري ننڍي غلطيءَ جي اڏي وڏي سزا.“ پوءِ ٽامي آخري ساهه کنيو. حارث زارو قطار روئڻ لڳو، پوءِ هن ٽامي ۽ ٿيلهي کي گهوڙي تي رکيو ۽ ڳوٺ طرف روانو ٿيو، ڳوٺ پهچي هن ٽاميءَ کي پنهنجي باغيچي ۾ دفن ڪيو ۽ پڪي قبر ٻڌايائين ۽ ان تي سنگ مرمر جي تختي هنيائين، جنهن تي لکيل هو: ”وفادار ڪتو“.

 

”گل ڦل“- فيبروري 1995ع

 

ظلم جو نتيجو

انجم قاضي

 

هڪ ڳوٺ ۾ هڪڙو ڪاٺير رهندو هو. هو روزانو صبح سوير ئي ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ جهنگ ڏانهن روانو ٿي ويندو هو. هن جو سارو گذر سفر انهن ڪاٺين تي ئي هوندو هو. ان ڪاٺير کي ٻه نياڻيون، ۽ هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو گلڻ هو، پر ان کي سڀ پيار مان ’گلو‘ سڏيندا هئا. ڪاٺير جهنگ مان ڪاٺيون ڪري شهر جي هڪ ڪاٺين جي مَڏي تي ڪاٺيون وڪرو ڪرڻ لاءِ شهر ايندو هو.

هڪ ڏينهن ڪاٺير صبح سوير ئي جيئن ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ جهنگ ۾ پهتو، ته هن جي هڪ ٻٻر جي لام تي نظر پئي، جتان طوطن جي ٻچڙن جا آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيا. ڪاٺير ٻٻر جي ان لام کي گهوري گهوري ڏٺو.

گهوري گهوري ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪاٺير تڪڙو تڪڙو ان لام تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، هو جيئن ئي ان لام وٽ پهتو، ته تڪڙ ۾ ان لام ۾ موجود پور ۾ هٿ وڌائين، جت طوطن جا الاهي سارا ننڍڙا سهڻا طوطا ويٺا هئا. ڪاٺير طوطن جا ٻچڙا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي چوڻ لڳو: ”مان هنن طوطن جي ٻچڙن کي هن پور مان ڪڍي، پنهنجي گهر ٿو کڻي وڃان ۽ هنن ننڍڙن طوطن کي مان پاليندس ۽ هي جيئن جيئن وڏا ٿيندا ويندا، ته مان تيئن تيئن هنن کي پنهنجي لوهه واري پڃري ۾ قابو ڪرڻ رکندس.“

ڪاٺير اهو چئي تڪڙو پنهنجي گهر ڏانهن راهي ٿيو. هو جيئن ئي پنهنجي گهر پهتو، ته پنهنجي گهر وارن کي ننڍڙا طوطا ڏيکاري، جهمريون پائي ٽهڪ ڏيئي چوڻ لڳو: ”ڏسو، اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان. اڄ مان طوطن جا ننڍڙا ۽ سهڻا ٻچڙا کڻي آيو آهيان. اڄ کان وٺي مان هنن ٻچڙن کي پاڻ پاليندس ۽ هي جيئن وڏا ٿيندا ويندا، ته مان هنن کي پنهنجي لوهه واري پڃري ۾ رکندس ۽ پوءِ مان هنن سهڻن طوطن سان ڳالهيون ڪندس.“ ڪاٺير جون اهي ڳالهيون ٻڌي، طوطن جا ٻچڙا ننڍڙا سهڻا طوطا ڏسي، ڪاٺير جي گهر جا ڀاتي به خوش ٿيڻ لڳا. هاڻي شام ٿي ويئي هئي، سج وڃي جبلن جا پاسا ورتا هئا. سڀ پکي پنهنجي ڪکاوَن گهرڙن ڏانهن واپس ورڻ لڳا هئا، جڏهن انهن ننڍڙن طوطن جا پيءُ، ماءُ پنهنجي وڻ جي پور ڏانهن وريا، ته پنهنجن ٻچڙن کي نه ڏسي سخت پريشان ٿي ويا.

هنن اڄ ساري رات جهنگ ۾ پنهنجن ٻچڙن کي ڳوليندي، ڀٽڪندي روئيندي گذاري، ليڪن هنن کي پنهنجي ٻچڙن جو ڪو به ڏس پنڌ نه مليو، نيٺ وري صبح ٿي ويو، سج پنهنجي جوت نئين جذبي سان جلائي چؤطرف روشني پکيڙي چڪو هو. ننڍڙن طوطن جا ماءُ ۽ پيءُ اڄ به سارو ڏينهن پنهنجي ٻچڙن کي ڳوليندي گهاريو هو. پر رات وانگر اهائي نااميدي، ڪو به ڏس پتو ڪو نه مليو هونِ.

آخر ڏينهن هفتن ۾، هفتا مهينن ۾، ۽ مهينا سالن ۾ بدلجڻ لڳا، پر پوءِ به هنن کي پنهنجي ٻچڙن جو ڪو به پتو کرو ڪو نه مليو. ننڍڙن طوطن جي وڇوڙي جي غم ۾ هنن طوطن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙندا رهيا. هاڻي ته پنهنجي ٻچڙن کي ڳوليندي ڳوليندي طوطا ويچارا ڪراڙا ٿي چڪا هئا ۽ هوڏانهن ظالم ڪاٺير پنهنجي لوهه واري پڃري ۾ طوطا بند ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي هاڻي وڏا ٿي چڪا هئا. هاڻي هو ظالم ڪاٺير روزانو طوطن سان ڳالهيو ڪرڻ چاهيندو هو.طوطا هن سان ناراض هئا، ۽ هر وقت ڪاٺير کي ”ظالم ڪاٺير، ظالم ڪاٺير!“ سڏيندا هئا ۽ چوندا هئس: ”تون وڏو ظالم ڪاٺير آهين، تو اسان تي وڏو ظلم ڪيو آهي، تو اسان کي پنهنجي پيءُ ماءُ کان جدا ڪيو آهي. تون وڏي ۾ وڏو ظالم آهين، تو کان الله سائين اسان جو ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن بدلو وٺندو.“

ظالم ڪاٺير طوطن جون اهي ڳالهيون ٻڌي چوڻ لڳندو هو: ”مون کي ڪجهه به نه ٿيندو.“ هو ايئن چئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي، ۽ جهمريون پائي هليو ويندو هو.

هڪ ڏينهن صبح سويري، جيئن ڪاٺير ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ جهنگ ڏانهن وڃڻ  جون تياريون ڪري رهيو هو، ته ڪاٺير جو پٽ گلڻ پنهنجي پيءُ سان ضد ڪري بيهي رهيو، ۽ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ چئي رهيو هو. پر ڪاٺير پنهنجي پٽ گلڻ کي ساڻ وٺي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پر گلڻ پنهنجي پيءُ ڪاٺير جي انهيءَ انڪار تي روئي پيو هو. ڪاٺير پنهنجي پٽ جي انهيءَ ضد ۽ روئڻ کي ڏسي، پرچائيندي کيس پاڻ سان گڏ جهنگ ڏانهن وٺي ويو. هو ٻئي پيءُ، پٽ ڪاٺيون ڪندي ڪندي هڪ هنڌ تي پهتا، جتي کوڙ سارا پکين جا آکيرا نظر ٿي آيا. گلڻ انهن آکيرن کي ڏسي پنهنجي پيءُ ڪاٺير وانگر تڪڙو تڪڙو ڊوڙندو هڪ آکيري ۾ هٿ وڌو، پر اتفاق سان اسان ان آکيري ۾ هٿ وڌو، ته ڪاريهر نانگ هٿ ۾ ڏنگ هنيس، گلڻ ڏنگ لڳڻ سبب هڪ زوردار رڙ ڪئي. ڪاٺير پنهنجي ڪاٺين ڪرڻ ۾ رڌل هو، پر هو پنهنجي پٽ گلڻ جي اها زوردار رڙ ٻڌڻ ڪري ڪاٺيون اڇلائي پنهنجي پٽ طرف ڊوڙڻ لڳو. ڏنگ لڳڻ سبب گلڻ جي هٿ مان ڪافي رت وهي چڪو هو. ڪاٺير پنهنجي پٽ جي هٿ مان رت وهندو ڏسي، پنهنجي پٽ کي ڪلهي تي کڻي تڪڙو تڪڙو گهر آيو، ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ پاڙي واري حڪيم کي وٺي آيو. حڪيم صاحب گلڻ جي نبض ڏسندي ڪاٺير کي چوڻ لڳو: ”گلڻ کي ڏنگ لڳڻ سبب سڄي جسم تي زهر چڙهي ويو آهي. هاڻي مان ته ڇا پر وڏا وڏا ڊاڪٽر به گلڻ کي بچائي نه ٿا سگهن.“ حڪيم صاحب ڪاٺير سان اڃا ڳالهيون ئي ڪري رهيو هو، ته گلڻ هن فاني دنيا مان هميشه هميشه موڪلائي ويو. ڪاٺير پنهنجي پٽ جي بي وقتي موت جي صدمي ۾ ڏاڍو بيمار ٿي پيو، پوءِ هو پنهنجي دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو، ته واقعي دنيا ۾ اولاد جي وڇوڙي کان وڌيڪ ڪو به ڏک ڪو نه آهي.

”مان ڪيڏو ظالم آهيان، جو ويچارن طوطن جا ننڍڙا ٻچڙا قيد ڪيا اٿم، ڪيڏو نه هنن جي پيءُ ماءُ کي هنن جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک ٿيو هوندو.“ هو اهو سوچي طوطن کان آخر ۾ معافي وٺي پنهنجي لوهه واري پڃري کان آزاد ڪري ڇڏيو، ۽ پوءِ هو سهڻا طوطا پنهنجي اصلي پراڻي گهرڙن ڏانهن اڏامندا ۽ جهومندا اچي پنهنجي پيءُ ماءُ سان مليا ۽ خوش زندگي گهارڻ لڳا، ۽ ڪاٺير ان ڏينهن کان وٺي وري ڪڏهن به جهنگ ۾ ڪنهن به پکي کي نه ستايو. خدا جي قدرت سان سال جي وڇوڙي کان پوءِ هن جي گهر واري کي ٻيو پٽ ڄائو. ڪاٺير خوش ٿيو ۽ خدا جي آڏو جهُڪي سجدو ڪيائين! ۽ اهو به وعدو ڪيائين، ته هاڻي هو ڪنهن به ساهواري کي ڪو نه ستائيندو.

”گل ڦل“-مارچ 1995ع

 

 

 

چالاڪ ڀولڙو

عبدالحئي ميمڻ

 

ڳالهه ٿا ڪن، ته ڪنهن زماني ۾، هڪ دفعي سمنڊ جي خوفناڪ بلائن (اجگرن) جي ديوتا جي ڌيءُ بيمار ٿي پئي. ان ديوتا کي ڌيءُ اڪيلي ڌيءُ هئي، جنهن کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. هن جي بيماري ڪري هو منجهي پيو، ته ڇا ڪجي، دوا درمل گهڻو ئي ڪيائين پر ڪجهه به فائدو نه ٿيو.

هڪ نجومي سوچي سمجهي، حساب لڳائي ٻڌايو ته:”سائين ڇوڪريءَ جي بيماري جو  فقط هڪ ئي علاج آهي ۽ هيءَ ان سان ئي صحتمند ٿي سگهي ٿي.

”اهو ڪهڙو علاج؟“ بادشاهه پڇيو.

”توهان جي ڌيءُ جي شفا ڀولڙي جي تازي ۽ ڪچي جيري کائڻ ۾ آهي.“

اهو ٻڌي بادشاهه سلامت حڪم جاري ڪيو ته: ”جتان به ٿي سگهي ڀولڙي جو جيرو حاضر ڪيو وڃي، جيئن منهنجي ڌيءُ ان کي کائي صحتمند ٿي وڃي.“

هاڻي ڳالهه اها هئي، ته ڀولڙي جو جيرو ڪٿان حاصل ڪيو وڃي؟ سامونڊي نانگن، بلائن جي ملڪن ۾ ڀولڙو ڀلا ڪٿان اچي. پاڻ ۾ ان بابت صلاح مصلحت ڪئي وئي ۽ آخر ديوتا ان ڪم لاءِ هڪ ڪتي کي حڪم ڏنو، ته هڪ ڀولڙي کي هٿ ڪري اچ، جيئن ان کي ڪُهي ان مان سندس جيرو ڪڍي وٺجي.

ڪتو سفر ڪندو هڪ ڏوراهين ٻيٽ کان وڃي نڪتو، اتي پهچي هو چوڌاري ڳولا ۾ لڳي ويو، هن هيڏانهن هوڏانهن جبلن ۾ ڳوليو، وڻن تي ڏٺو، گاهن ۾ جاچيو، آخر محنت سجائي ٿيس ۽ هڪ هنڌ هڪ ڀولڙو ويٺل نظر اچي ويس. ڪتي هن سان ملي عليڪ سليڪ ڪئي ۽ پوءِ ڳالهين ڳالهين ۾ هن کي چيو: ”يار! ايئن ڇو نه ڪجي جو ڪجهه ڏينهن مون سان منهنجي وطن هلي گذار.“

ان کان پوءِ ڪتي پنهنجي سامونڊي علائقي جي وٺي ايڏي واکاڻ ڪئي جو ڀولڙو هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ڀولڙو پڇڻ لڳو ته : ”يار تنهنجي ڳوٺ آءُ هلي ڪيئن سگهندس؟“

ڪتي وراڻيس: ”اها وڏي ڳالهه نه آهي، مون کي ترڻ اچي ٿو، تون منهنجي بدن کي چنبڙي پئجانءِ ۽ اکيون بند ڪري کوليندين، ته اتي پهچي به وينداسين.“ ۽ پوءِ ٿيو به ايئن ئي. هو سگهو ئي سامونڊي نانگ جي ملڪ سمنڊ جي تري ۾ پهچي ويا. ڀولڙو جيئن ئي اتي پهتو، ته هو بادشاهي مهمان ليکيو ويو ۽ سندس ڏسندي ڏسندي ئي اهڙي ته خدمت چاڪري ٿي، جو هو خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيو. ڪڏهن سوچي به نه ٿي سگهيو، ته هن جو ڪو ايڏو آڌرڀاءُ ٿيندو. اڃا ڀولڙي کي به چار ڏينهن مس گذريا هوندا، ته سمنڊ جون، هڪڙيون ٻه مڇيون هن وٽ پهتيون ۽ ٻڌايائونس ته: ”شايد تو کي خبر نه آهي، ته تو کي هتي ڇو آندو ويو آهي.؟“

”ڇو آندو ويو آهي؟“ ڀولڙي وائڙو ٿيندي کانئن پڇيو.

”حقيقت ۾ تو کي، هتي ان لاءِ آندو ويو آهي، ته جيئن ديوتا جي بيمار ڌيءُ تنهنجو ڪچو جيرو کائي صحتمند ٿي وڃي.“

ڀولڙي، جو اهو ٻڌو، ته هن جون وايون بتال ٿي ويون، ڏاڍو پڇتايائين ته، هيءُ ڇا ٿي ويو ۽ هاڻي پنهنجي جان ڪيئن بچائجي، ڀڄي به، ته نه سگهيو، پر هن پنهنجو مونجهارو انهن مڇين سان به نه سليو، پنهنجي منهن منصوبا ٺاهيندو رهيو ۽ مڇين کي چيائين:

”اها ته ڪا وڏي ڳالهه آهي ئي ڪا نه، اها ته پاڻ مون لاءِ خوش قسمتي ۽ عزت جي ڳالهه آهي، ته منهنجي جيري مان ديوتا جي ڌيءُ صحتمند ٿي وڃي پر آءُ هڪڙو ڪچو ڪم ڪري ويٺو آهيان.“

”اهو ڪهڙو؟“ هنن پڇيو.

”مون کان اها بيوقوفي ٿي وئي آهي، جيئن ته مون کي ان ڳالهه جي خبر نه پئي، ان ڪري پنهنجو جيرو گهر ئي وساري آيو آهيان.“

ڀولڙي جي اها اٽڪل ڪامياب ٿي وئي، جيئن ديوتا اها ڳالهه ٻڌي، هن ڀولڙي کي چيو:

”جيڪڏهن تون واقعي پنهنجي جيرو گهر وساريو آيو آهين، ته ان کان سواءِ ٻي ڪا واهه ڪانهي، ته تون واپس موٽي وڃي کڻي اچ.“

ان سان گڏ ڪتي کي به حڪم ڏنو ويو، ته ڀولڙي کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃ، جيئن هو پاڻ سان کڻي اچي. ڪتي انهيءَ وقت ديوتا جي حڪم جي پوئواري ڪئي. ڀولڙو پهرين وانگر ڪُتي کي چنبڙي پيو ۽ ڪتو ڏسندي ئي ڏسندي، هن کي واپس ٻيٽ ۾ وٺي آيو، جيئن هو ٻيٽ تي پهتو، ته ڀولڙي، ڪتي کي چيو:

”تون هتي ترس، آءُ پنهنجي گهر وڃي پنهنجو جيرو کڻي ٿو اچان ۽ پوءِ ٻئي گڏجي ٿا واپس هلون.“

ڪتو اتي ئي ترسي پيو ۽ ڀولڙو وٺي ڀڳو، ته وري نظر نه آيو ۽ ڪتو افسوس ڪندو واپس پنهنجي ملڪ وريو.

 ”گل ڦل“ – آڪٽوبر 1988ع

 

منهنجو ڪير؟

جهان آرا سومرو

 

اسڪول کان موڪل ملي ڪافي دير ٿي چڪي هئي. ٻار پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا هئا، پر هو اڃا تائين پنهنجي ڪلاس ۾ ڳل تي هٿ رکي چپ چاپ ويٺو هو. هن جا نرم نرم ڪارا وار هن جي ويڪري پيشانيءَ تي پکڙجي ويا هئا. هن جي معصوم چهري تي غور ۽ فڪر جا تاثر ڇانئيل هئا. اڄ جي واقعي هن جي معصوم ذهن ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي. اڄ جڏهن هو خوش خوش اسڪول آيو، ته سڀني جي انهيءَ سوال کيس پريشان ڪري ڇڏيو، ته عيد جا ڪهڙا ڪپڙا سبايا آهن؟ هن کي ته ياد به ڪو نه هو، ته سڀاڻي ڦٽاڪن واري عيد آهي. هو ماٺڙي ڪري وڃي بينچ تي ويهي رهيو. ان وقت بشير کيس ٺونٺ هڻي ٿيلهي ڏانهن اشارو ڪيو. هن ڏٺو، ته بشير جي ٿيلهي ۾ هر قسم جا ڦٽاڪا ڀريل هئا. بشير جي ريس تي شاهد ۽ حسن به کيس پنهنجا پنهنجا ٿيلها ڏيکاريا، جن ۾ ڦٽاڪا ڀريل هئا. هو کيس ڦٽاڪا ڏيکاري چيڙائي رهيا هئا.

”خالد تو ڪهڙا ڦٽاڪا ورتا آهن؟ حسن هن جي ڳوٿري کي کوليندي پڇيو ۽ هن جواب ۾ حسن جي هٿ کي پري ڌڪيو.

”اڙي، هيءُ ڇا وٺندو ڦٽاڪا. پاروٿو ڀت کائي، ته اسڪول ايندو آهي.“ بشير ٺٺولي ڪندي چيو ۽ هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو.

”اڙي........ ويچارو........!“ ممتاز هن جي ڳاڙهي منهن ڏانهن ڏسندي چيو:“ وٺ ته مان ٿو ڏيانءَ هڪڙو ڦٽاڪو.“ هن پنهنجي ٿيلهي مان ڳاڙهو ڦٽاڪو ڪڍي هن جي ڳوٿري تي رکيو، پر هن هٿ هڻي ڦٽاڪو هيٺ ڪيرائي ڇڏيو. ممتاز پنهنجي ٿيلهي مان رنگين تيلين وارو ماچيس ڪڍي تيلي ٻاري هيٺ ڪري ڦٽاڪو کنيو. ”ڏس، هيئن ٻاربو اٿئي ڦٽاڪو.“ هن ڦٽاڪو ڏانهس اڇلايو، جيڪو هن جي جهوليءَ ۾ رکيل ڳوٿريءَ تي اچي ڪريو. هن خوف ۾ هٿ هڻي ڦٽاڪي کي پري اڇلايو.

ان وقت ماستر ڪلاس ۾ داخل ٿي رهيو هو. ڦٽاڪو اچي سندس پانئچي ۾ چنبڙيو ۽ هن اهو به ڏٺو، ته اهو ڦٽاڪو خالد جي طرف کان آيو هو. ڦٽاڪي کي بوٽ سان چيڀاٽڻ کان پوءِ هن ڪاوڙ مان خالد کي سڏ ڪيو. خالد جيڪو اڳ ۾ ئي ڇوڪرن جي ٺٺولين ڪري روئڻهارڪو ٿي ويو هو، ماستر جو بگڙيل رويو ڏسي ڏڪي ويو ۽ ڏڪندڙ قدمن سان ماستر ڏانهن ويو.

”اڙي ڦٽاڪو ڇو ٻاريئه؟“ ماستر هن جو ڪن پڪڙي چيو. هن مظلوم نظرن سان ماستر ڏانهن ڏٺو، پر ڪجهه به چئي نه سگهيو. ”هٿ ٻاهر ڪڍ.“ ماستر حڪم ڏنو ۽ هن پنهنجا ٻئي هٿ ماستر اڳيان کولي ڇڏيا. بيگناهه معصوم هٿن تي لڪڙ وسندا رهيا. جڏهن ماستر ٿڪجي پيو، ته پوءِ هن کي وڃي بيهي رهڻ جو حڪم ڏنائين. هو ڀت جي ڀرسان ٻانهن ۾ منهن لڪائي روئندو رهيو.

موڪل ملي، ته سڀ هليا ويا ۽ هو بينچ تي ويهي رهيو. هن کي سڄي بدن ۾ سور محسوس ٿي رهيو هو. اڄ هن سان جيڪا ناانصافي ٿي هئي، تنهن هن جي معصوم ذهن کي لوڏي ڇڏيو هو. هن چوڌاري ڪلاس ۾ نهاريو. ڊگهيون ڊگهيون بينچون، ڀتن تي وڏا وڏا نقشا، ماستر جي ميز، ڪرسي، ڪارو بورڊ سڀ ڪجهه ساڳيو هو، پر اڄ هن کي هرشيءِ کان نفرت محسوس ٿي رهي هئي. ڪجهه عرصو اڳ جڏهن هو ٽيون درجو پاس ڪري هن ڪلاس ۾ آيو هو، ته  ڪلاس جي هر شيءِ کيس دلڪش لڳي رهي هئي، پر اڄ هر شيءِ هن کي بدليل نظر اچي رهي هئي. هن سان اڪثر اهڙيون ناانصافيون ٿينديون رهيون، پر هو چپ رهندو هو، ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي ته ساڻس ٿيل ظلم تي احتجاج ڪرڻ وارو ڪو به نه آهي. ممتاز ۽ بشير جا پيءُ اڪثر اسڪول ايندا هئا ۽ ماستر کي سفارش ڪندا هئا، پر هن جو پيئر ته هن کان بي نياز ٿي ٻئي جهان ڏانهن هليو ويو هو. هن کي بس ايتري خبر هئي، ته هن جو پيءُ هر روز ڳوٺ کان ڏهه ميل پري نوڪري ڪرڻ ويندو هو. هن جي ماءُ کيس ٻڌايو، ته هو هڪڙي سيٺ جو منشي هو. پوءِ هڪڙي ڏينهن هو نوڪريءَ تي ويو ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ ماڻهو ان کي کٽ تي کڻي آيا ۽ ٻڌايائون، ته هن کي هڪ ٽرڪ لتاڙي ويئي آهي.

انهيءَ کي گهڻا ڏينهن گذري ويا. هن جي ماءُ روز رلهيون سبندي هئي ۽ هيءُ اڪثر ڪري کانئس پڇندو هو ته: ”امان، بابا ته حج تي ويو آهي. مون کي سبق ڪير ياد ڪرائيندو؟“ هوءَ چپ چاپ کيس ڏسندي رهندي هئي.

”پٽ تون گهر نه ويندين ڇا؟“ اسڪول جي پٽيوالي هن جي مٿي تي هٿ گهمائيندي پڇيو ۽ هن جو همدرديءَ ڀريو لهجو ڏسي خالد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، جن کي اکين ۾ ئي لڪائي، هو ٿيلهو کڻي ٻار نڪري آيو.

اُس تمام تکي هئي. گهٽيون سُڃيون هيون. ماڻهو پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آرامي هئا. هو چپ چاپ ڪنڌ جهُڪائي وڃي رهيو هو. سنهي گهٽي لتاڙي ٻاهر نڪتو، سامهون سندس گهر هو. هن جو گهر .........جيڪو هڪ ڀڳل ڪوٺيءَ ۽ ننڍڙي اڱڻ تي مشتمل هو، جنهن جي در جي ٽپڙي ڦاٽي ليڙون ٿي وئي هئي. ٽپڙي مٿي ڪري هو اندر داخل ٿيو. بلڪل سانت لڳي پئي هئي. در جي ڀرسان ننڍڙيءَ نم جي ڇانوَ ۾ ڪچين سرن تي پاڻيءَ جو مٽ رکيل هو، جيڪو سينور سان سائو ٿيل هو. مٽ جي مٿان جست جو گلاس اونڌو  رکيل هو ۽ مٽ جي ڀرسان آلي زمين تي هن جي ٻلي، اکيون پوري ستي پئي هئي. ڪوٺيءَ جو در ٻيڪڙيل هو. هن آهستي در کوليو.

”امان؟“ هن آهستي سڏ ڪيو.

کٽ تي ستل هن جي ماءُ اکيون کولي هن ڏانهن ڏٺو.

”امان“ هن ٿيلهي کي کٽ تي اڇلايو ۽ ماءُ ڏانهن ويو.

”ڇڪي مان ماني لاهي کاءُ.“ ماءُ آهستگيءَ سان چيو.

”۽ تون امان........“ هن ماءُ جو هٿ پڪڙيو، پر هڪدم ڇرڪ ڀري ڇڏي ڏنو. ڇاڪاڻ ته اهو باهه جهڙو گرم هو.

”مون کاڌي آهي لعل!“

 هن بي اعتباريءَ سان ماءُ ڏانهن ڏٺو: ”امان، تو کي بخار آهي ڇا؟“ هن روئڻهارڪي لهجي ۾ پڇيو.

”نه............ پٽ، مان چاق آهيان، تون وڃ، وڃي ماني کاءُ.“

هو ڪجهه دير ماءُ ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ کٽ تي چڙهي ڇڪي مان ماني لاٿائين ۽ بددليءَ سان کائڻ لڳو.

اها رات ڏاڍي سهڻي هئي. چوڏهين جي چنڊ جي چوڌاري ننڍڙا ننڍڙا ڪڪر گڏ ٿي ويا، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شرير ڪڪر چنڊ کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته چنڊ کلندو کلندو پري ٿي ڀڄي ويو. خالد چپ چاپ کٽ تي ليٽي چنڊ ۽ ڪڪرن جي اکٻوٽ ڏسي رهيو هو. اوچتو ڪنهن سندس وارن ۾ آڱريون گهمايون. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو، ته سندس ڀرسان ماءُ ويٺي آهستي آهستي سندس نرم وارن ۾ آڱريون گهُــمائي رهي هئي.

”لعل......... اڄ سبق ياد نه ڪندين؟“ هن آهستگيءَ سان پڇيو.

”سڀاڻي....... عيد جي موڪل آهي.“ هن آهستي وراڻيو.

هن جي ماءُ اداس ٿي وئي. هن کي ان ڳالهه جو احساس شدت سان ڏک ڏياري رهيو هو، ته هوءَ کيس عيد لاَءِ ڪپڙا ۽ ڦٽاڪا وٺي ڏئي نٿي سگهي. اوچتو هن کي ياد آيو، ته پاڙي واريءَ جي رلهي سبڻ ڪري کيس هڪ رپيو مليو، جنهن مان ڪجهه پيسا بچيل هئا هوءَ همت ڪري اُٿي ۽ اندر وڃي ڏٺائين، ته تختي تي پورا پنج آنا پيا هئا. هوءَ پنج آنا کڻي ٻاهر آئي ۽ خالد جي تريءَ تي رکيائين. هن حيرت مان ماءُ ڏانهن ڏٺو.

”صبح سان وڃي ڦٽاڪا وٺي اچجانءِ.“ هن آهستگيءَ سان چيو ۽ سندس مٿي تي هٿ گهمائي وڃي سمهي رهي.

صبح جو هوءَ اٿي، ته کيس اٿڻ جي سگهه نه ٿي، پر نماز گُسڻ جي خوف کان همت ڪري اٿي ۽ نماز کان پوءِ جڏهن سلام ورايائين، ته خالد به اٿي چڪو هو. هو دروازي جي ڀرسان مَنجيءَ تي ويٺو ۽ پيسن سان کيڏي رهيو هو ۽ پوءِ جلدئي ٻاهر نڪري ويو. سندس ماءُ خيال ڪيو، ته شايد ڦٽاڪا وٺڻ ويو آهي. هوءَ ماني پچائڻ جي ارادي سان اٿي، ته کيس چڪر اچي ويو ۽ ڪيترو وقت مَنهه جي ٿوڻيءَ کي جهليو ويٺي رهي ۽ پوءِ همت ڪري کٽ تائين پهتي. ڪجهه دير کان پوءِ خالد گهر ۾ داخل ٿيو. هن جا ٻئي هٿ پٺيان هئا.

”ڏسان ڇا آندو اٿئي؟“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو. پر خالد خاموش بيٺو رهيو. ”ڏيکار ته سهي، ڪهڙا ڦٽاڪا آندا اٿئي؟“ ماڻس هٿ وڌائي خالد جو هٿ پڪڙيو. خالد بند ٿيل مٺ کولي....... هن جي تريءَ تي ويڙهيل تعويذ رکيل هو.

”امان پنج آنا ڏيئي چاچا ملا کان تعويذ لکرائي آيو آهيان. تون ڳچيءَ ۾ پاءِ، ته چاق ٿي ويندينءَ.“ هن معصوميت مان چيو. ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، هن ڇڪي خالد کي پنهنجي ڇاتي سان لاتو.

”امان تون نه روءِ. تو جلد چاق ٿي وينديئن........ اڄ شام پير شاهه تي ڏيئو ٻاري دعا گهري ايندس. چاچا ملا چيو، ته تون جلد چاق ٿي ويندينءَ.“ هن پنهنجن ننڍڙن هٿن سان ماءُ جا ڳوڙها اگهندي چيو.

ان ڏينهن هن جي ماءُ  جي طبعيت وڌيڪ خراب ٿي ويئي، هن ماءُ کان حڪيم صاحب کي وٺي اچڻ لاءِ پڇيو، پر بيڪس ماءُ کي خبر هئي، ته هن جي گهر ۾ ٻن مانين جي اٽي کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. هن کيس منع ڪئي. ماڻس جي حالت ڏسي پاڙيواري کيس ماني ڏيئي ويئي، پر خالد کي انهيءَ مانيءَ مزو نه ڏنو. ماءُ جي اصرار تي لاچار ٻه-ٽي گراهه کاڌائين. هو بيچينيءَ سان شام جو انتظار ڪرڻ لڳو، ته جيئن ڏيئو ٻاري درگاهه تي ماءُ جي چاق ٿيڻ جي دعا گهري. هن جي معصوم ننڍڙي ذهن ۾ اهو خيال پختو ٿي ويو، ته ڏيئو ٻاري دعا گهرڻ سان هن جي ماءُ چاق ٿي پوندي.

شام آئي، هر طرف ڏيئن روشني جرڪائي ڏني. ڦٽاڪن جي ڌُم ٿي ويئي. هر هنڌان خوشيءَ جا آواز اچڻ لڳا. هن ڏيئو ٻاري ماءُ ڏانهن ڏٺو. لالٽين جي روشنيءَ ۾ هوءَ زرد نظر اچي رهي هئي، هن جا چپ خشڪ ۽ اکيون ڏرا ڏنل هيون، ۽ هو ڪيتري دير چپ چاپ ماءُ ڏانهن ڏسندو رهيو، پوءِ ڊوڙي وڃي ماءُ جي سيني سان لڳو، هوءَ هميشه وانگر سندس وارن ۾ آڱريون گهمائي چوڻ لڳي: ”ڏيئو سنڀالي کڻجانءِ............ اُجهامي نه وڃي، جلد موٽي اچجانءِ....... رحمت جي گهران ماني آئي آهي، موٽي اچين، ته ڇڪي مان لاهي کائجانءِ.“

هن نماڻيون اکيون کڻي ماءُ ڏانهن ڏٺو، ٽپ ٽپ ٻه ڳوڙها سندس ماءُ جي منهن تي اچي ڪريا.

”لعل.........! بهادر ٻار روئندا ناهن، ڳوڙها اُگهي ڇڏ.“ هن قميص جي ميري ٻانهن سان ڳوڙها اگهيا.

”لعل........! هو بيت ته ٻڌاءِ.

”ڪهڙو؟“ هن ماءُ ڏانهن ڏٺو.

”جيڪو تون سدائين ڳائيندو آهين.“

هو ٿوري دير سندس مُرجهايل چهري ڏانهن ڏسندو رهيو، پوءِ آهستي آهستي ڳائڻ لڳو:

”مان جيڪر گل هجان ها،

سهڻو ڳاڙهو گل هجان ها.

وڻ ۾ ويهي روز لڏان ها،

مٺڙا مٺڙا گيت ٻڌان ها.

هت اڱڻ جي پاسي ۾،

منهنجي وڻ جي ڇانوَ ۾.

ڏڌ ولوڙي ها جڏهن امان،

مون کي ڳولهي ها جڏهن امان.

وڻ ۾ لڪي مان کلان ها.

پنهنجي امڙ کي چيڙايان ها.

ٽهڪ ٻڌي هو ڇرڪ ڀري ها،

پن پن ۾ مون کي ڳولهي ها،

ٿڪجي پوي ها جڏهن ڳولهي،

سڏڙا ڪري ها تڏهن مون کي.

مون کان رسي پوءِ پري وڃي ها،

هيٺ لهي مان پرچايان ها.

ڪين ڪڏهن مان تو کي ستايان،

منهنجي امڙ تو کي پرچايان.

 

وڃ نه رُسي تون مون کان دور،

تو کان سواءِ ٻيو منهنجو ڪير؟“

آخري ٻه سٽون چوندي هو سڏڪا ڀري روئڻ لڳو.

”بس ڪر لعل.........“ هن جي ماءُ ڳوڙها پي چيو.

هو پاڻ سنڀالي ڏيئو کڻي ٻاهر نڪري آيو، هن جي چئني پاسن کان روشني هئي ۽ رکي رکي ڦٽاڪن جا آواز ٿي آيا، هو چپ چاپ هلندو ٿي رهيو. هن جي تريءَ تي رکيل ڏيئي جي روشني هوا سبب ڦڙڪڻ لڳي، ۽ هو آهستي سنڀالي سنڀالي وکون کڻندو هلندو رهيو.......... روشنيون ۽ آواز پٺتي رهجي ويا.... هاڻي بلڪل سانت هئي. هو جنهن ڪچيءَ واٽ تان وڃي رهيو هو، ان جي ٻنهي پاسن کان ٻوٽا ۽ وڻ هئا. اوڀر طرف وڻن جي شاخن مان پندرهينءَ جو چنڊ ليئا پائي رهيو هو. سامهون وڏي دڙي تي پير شاهه جي درگاهه تي ٻه ٽي ڏيئا ٽمڪي رهيا هئا. چؤطرف چپ چاپ لڳي پئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪٿان ڪنهن چٻري جو منحوس آواز ٿي آيو. خاموشيءَ سان هلندي هلندي هن جي معصوم ذهن ۾ هن جو وڻندڙ بيت ڦري رهيو هو. هو هر هر ان خيال کي مٽائڻ لاءِ ڪنڌ لوڏي رهيو هو، پر بيت ڄڻ ته هن جي ذهن مان چنبڙي ويو هو. هن جا چپ بند هئا، پر هن جي ڪنن تي آواز پئجي رهيو هو. هن کي ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ هن جي اندر ڪا اڻ ڏٺل هستي، اهو بيت آلاپي رهي آهي:

”ڪين ڪڏهن مان توکي ستايان،

منهنجي امڙ تو کي پرچايان.“

۽ ڏيئي جي لاٽ لرزڻ لڳي.

”وڃ نه پري تون مون کان دور...........“

هن ٿاٻو کاڌو پر ڏيئو سلامت رهيو. البت هن جي ننڍڙي دل تيزيءَ سان ڌرڪڻ لڳي. هو بيهي رهيو، مُڙيو ۽ پٺتي ڏٺائين. ڳوٺ جي مٿان روشنيءَ جو اولڙو نظر اچي رهيو هو. هوڏانهن چنڊ به نڪري نروار ٿيو هو، آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ روشني ئي روشني هئي، ائين ڄڻ ته آسمان ۽ زمين کان اٿندڙ روشني رلي ملي رهي هئي.

”وڃ نه پري تون مون کان دور، تو کان سواءِ ٻيو منهنجو ڪير.“

هن جي ڪن تي ڄڻ پڙلاءُ پيو، هن ڇرڪ ڀريو ۽ درگاهه ڏانهن وڃڻ لڳو.”وڃ نه پري تو مون کان دور........“

۽ هن ڏٺو ته پير شاهه جي درگاهه ٿورين وکن تي هئي، هو دڙي تي چڙهڻ لڳو.

”تو کان سواءِ ٻيو...........“

هوا جو هڪ جهوٽو آيو. هن جا قدم رڪجي ويا ۽ هٿ ڏڪڻ لڳا ”امان........!“ هن رڙ ڪري ڏيئو پٽ تي اڇلايو ۽ واپس گهر ڏانهن ڀڄڻ لڳو. روشنيءَ جو اولڙو ڄڻ ڳوٺ جي مٿان اڏامي رهيو هو. گهر تائين پهچندي پهچندي هو پگهر ۾ شل ٿي ويو. در کي زور سان ڌڪو ڏئي اندر داخل ٿيو. ”امان.......!“ هن رڙ ڪئي، هر طرف خاموشي ڇانئيل هئي. هن جي ماءُ اکيون در ۾ پايو ليٽي پئي هئي. هو ماءُ جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي روئڻ لڳو.

”امان، ڏيئو وسامي ويو........ واٽ تي ئي وسامي ويو.“ هو سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. هن جا پريشان وار انتظار ۾ رهيا، پر سندس ماءُ جو هٿ انهن ڏانهن نه وڌيو، هن جا ڪن ”لعل“ جي صدا ٻڌڻ جا منتظر رهيا. پر چپن مان آواز نه آيو. هن ڇرڪ ڀري ڪنڌ مٿي ڪيو.

”امان........“ هن ماءُ کي زور سان لوڏيو، پر سندس ماءُ بي جان بوتو بڻجي چُــڪي هئي.

”امان......... امان........ امان!“ هن پنهنجو مٿو کٽ جي پائي تي هنيو، ڳاڙهو گلاب جو گل جهڙو رت وهي سندس منهن تي پکڙجي ويو. ”تو کان سواءِ ٻيو منهنجو ڪير؟“

اندر ۾ ويٺل اڻ ڄاتل هستيءَ رڙ ڪئي، ۽ هن تي آهستي آهستي بيهوشي طاري ٿيڻ لڳي.

 

”گل ڦل“ –فيبروري 1978ع

 

منهنجو ڳوٺ

مجيد پنهور

 احتشام اڄ ڪلاس ۾ مس جي ليڪچر کان ڏاڍو متاثر ٿيو. هن جي ڪچڙي ذهن ۾ ليڪچر ور ور تري پئي آيو. مس اڄ ڪلاس ۾ معمول مطابق حساب پڙهائڻ سان گڏ هڪ اصلاحي ليڪچر به ڏنو: ٻارو اسان کي پنهنجي ماحول کي ايترو صاف سٿرو رکڻ گهرجي جيئن اسان پنهنجا گهر صاف رکندا آهيون. هن ٻارن کي چيو، ته توهان ننڍڙا سفير آهيو ۽ توهان جي ڳالهه سڀ ڌيان سان ٻڌندا ۽ ان تي ضرور عمل ڪندا.

احتشام اسڪول مان اچڻ کان پوءِ هوم ورڪ ته ڪيو پر سندس سڄو ذهن پنهنجي ماحول کي خوبصورت ۽ صاف سٿرو بنائڻ طرف هو. هن پنهنجي ڳوٺ جي گندين نالين، گهٽين ۾ گند ساڙڻ ۽ دونهين جو تصور ڪيو، ته هن جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي. هو سڄو ڏينهن سوچيندو رهيو. هن شام جو دوستن سان اڳ وانگر راند ۾ به حصو ورتو ۽ ڪجهه دير پنهنجي دوستن سان ڳالهيون ڪيون ۽ مس جي ليڪچر جو دوستن  سان ذڪر ڪيو. هو گهر ۾ اچي ٽي وي ڏسڻ وقت به پنهنجي ڳوٺ جي بهتريءَ لاءِ سوچيندو رهيو.

احتشام ٻي ڏينهن صبح جو اسڪول وڃن لاءِ جلد تيار ٿيو ۽ هن جي دل ۽ دماغ ۾ هڪ انوکي خوشي ۽ سڪون محسوس ٿي رهيو هو. هن جي ننڍڙي ذهن دوستن سان گڏجي ڳوٺ جي ماحول کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ترڪيب رٿي هئي! اسڪول مان اچي احتشام پنهنجي دوستن، بلاول، راول، سرويچ، جبران، سرمد، سندر، روحل ۽ عريج کي گڏ ڪيو ۽ پنهنجي ذهن ۾ آيل ترڪيب کان کين آگاهه ڪيو.

آچر ڏينهن احتشام ۽ سندس سڀ دوست چاچي گلڻ وٽ نرسريءَ ۾ ويا. چاچو گلڻ، گلن ۽ ٻوٽن کي پاڻي ڏيئي انهن کي صاف ڪري رهيو هو. اوچتو ايترن ٻارن کي ڏسي پهرين، ته هنن کي نرسريءَ کان پري ڪرڻ لاءِ دڙڪا ڏنا، پر جڏهن احتشام ۽ سندس هڪ ٻن دوستن هن کي منٿ ڪئي، ته هن سندن ڳالهه ٻڌي ۽ هنن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻارڙن چاچي گلڻ کي منٿ ڪئي، ته هو ساڻس گڏ روڊ جي ٻنهي پاسن ۽ اسڪول ۽ راند جي ميدان جي پاسن کان ٻوٽا لڳائڻ چاهين ٿا. چاچو گلڻ گهڙيءَ کن لاءِ چپ ٿي ويو. ٻارن وري کيس منٿ ڪئي ۽ هنن چاچي گلڻ کي اها به پڪ ڏياري ته هو سڀني ٻوٽن جي سار سنڀال  ۽ پاڻي ڏيڻ ۾ سندس هٿ ونڊائيندا. تڏهن چاچو گلڻ راضي ٿي ويو.

چاچو گلڻ هو ته سرڪاري ملازم، پر سالن کان نرسريءَ سان لاڳاپيل هجڻ سبب گل کيس ائين وڻندا هئا، جيئن سندن اولاد، چاچي گلڻ جي راضپي ۽ مدد سان احتشام ۽ سندس ساٿين ڳوٺ ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪئي ۽ روڊ، اسڪول ۽ راندين جي ميدان، مسجد جي ٻاهران ٻوٽا ۽ گل پوکڻ شروع ڪيا ۽ انهن ايئن ڏسندي ڏسندي سڄي ڳوٺ جي ٻاهران ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن جي جاءِ تي ننڍا ۽ وڏا خوبصورت وڻ ۽ ٻوٽا پوکيا، جنهن ڳوٺ کي خوبصورت ڪري ڇڏيو.

 احتشام ۽ سندس ساٿين نه صرف وڏي فخر سان پنهنجي مس کي ٻڌايو پر هن کي ۽ ٻين استادن کي ڳوٺ گهرايو. احتشام ۽ سندس ساٿين جي محنت ۽ ڪم کي ڳوٺ جي وڏن، ننڍن ۽ استادن تمام گهڻو ساراهيو. اڄ احتشام ۽ سندس ڪلاسي دوست، ڳوٺ ۾ آيل تبديليءَ کي ڏسي سرها ڏسجي رهيا هئا ۽ سندن ننڍڙي ڪاوش سان سندن ڳوٺ جي ماحول ۾ بهتري اچي وئي هئي.

احتشام اڄ به اڳ جيان سوچيندو آهي، ته سندس ڳوٺ ۾ اڃا به بهتريءَ جي ضرورت آهي. هو هاڻي ڏهين ڪلاس ۾ پڙهي ٿو، پر سندس خيال اوچا آهن. اسڪول ۾ پهريون نمبر به کڻندو آهي.

 

”گل ڦل“ نومبر 2008ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com