سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ”گل ڦل“ چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو :6

 

امير

ڪمل ڪيولراماڻي، ”پياسي“

خبر ناهي، ته سندس مائٽن مٿس ”امير“ جو نالو ڇو رکيو هو. هو مائٽن کي سِڪيلڌو به ته ڪين هو، کيس هڪ ننڍڙي ڀيڻ به هئي، جنهن کي هو پيار مان ’بلبلي‘ ڪري پڪاريندو هو. بلبلي ۽ امير ٻه ننڍڙا معصوم، ٻه ابهم ۽ ٻيئي ڏاڍا پيارا ٻار هئا. ’بلبلي‘ اڃا ٿڃ پياڪ هئي، ۽ امير جي عمر ٻارنهن سال کن ٿيندي، سندس مٺڙو ڳالهائڻ ۽ مٺڙو ورتاءُ اهڙو ته هوندو هو، جو هو سڀني کي موهي ڇڏيندو هو. البت ڪڏهن ڪڏهن سندس اَبو امان ڇڙٻ ڏيندا هئس، پر هو، انهيءَ کي پنهنجي مشڪ سان ٽاري ڇڏيندو هو. امير مون کي وڻندو هو ۽ منهنجي ونيءَ کي به وڻندو هو، ۽ ائين ئي اسان جي گهر ۽ پاڙي ۾ سڀ ڪنهن کي وڻندو هو. پاڙي جي ٻارن لاءِ امير ڄڻ ته رانديڪو هو. هرڪو پيو پاڻ ڏانهن ڇڪيندو هئس، ڪي کيس ٽول مٺايون کارائيندا هئا، ته ڪي کيس پنهنجي مائٽن سان گڏ گهمڻ وٺي وڃڻ جي آڇ ڪندا هئا، ڪي ته وري اهڙا به هوندا هئا، جي سندس حرڪتن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا هئا. امير چلولو به هو، پر سندس چلولائيءَ ۾ به واهه جي هٻڪار هوندي هئي. مون سان ته ڏاڍو هري مري ويو هو. آفيس مان موٽندو هئس، ته ڊوڙندو ڊوڙندو اچي ڄنگهن کي پڪڙيندو هو. مان به هنج ۾ کڻي گهر وٺي ايندو هوسانس، ۽ پوءِ هو پنهنجن حرڪتن جو ورنن ڪندو هو.

”چاچا، اڄ مون ڪرموءَ جي ڳچيءَ تان ماڪوڙي پڪڙي وڌي! ماڪوڙي چڪ پئي پاتس، ته ڪرمو رنو پئي ۽ ان سان گڏ ٽپا به پئي ڏنائين! ان کي ائين ڪندي ڏسي ڏاڍو مزو پئي آيم. سندس روئڻ تي امان اچي ڳچيءَ تان ماڪوڙي پٽي ڪڍيس ۽ پوءِ مان ڀڄي ويس!“

يا وري چوندو هو: ”هو جيڪو کيمن لنگڙو آهي نه؟ اڄ مان ان جو هڪ صوف کڻي وٺي ڀڳس، کيمن لنگڙو به منهنجي پٺيان پيو. هو ته لنگڙو هو نه! پوءِ مون سان پڄي ڪيئن؟ مان ڪجهه پنڌ اڳتي ڊڪي جڏهن صوف ٿي ڏيکاريومانس، ته پاڻ وڌيڪ خار ٿي لڳس، ۽ بڙ بڙ ڪندو وري منهنجي پٺيان ٿي پيو. آخر مان به ٿڪجي پيس، ۽ صوف سندس گاڏي ۾ ڦٽو ڪري، گهر موٽي آيس.“ وري ائين چوندي به نه هٻڪندو هو: ”چاچا! دادا، ماءُ تي ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ڪاوڙبو آهي. ڪلهه سندس ڪوڪيءَ کي امڙ ٿورو سرس گيهه لڳايو، ته آکڻ لڳس: ’هوند آهر ڪين هلندينءَ؟ اسين ڪهڙا راڄ مڙس آهيون جو هيئن گيهه- ڳرنديون روٽيون کائينداسين! ڪجهه پاسيرو هوندءِ، ته ڪٿي هٿ ٽنگڻو ڪين پوندءِ، چاچا، دادا ٿورو گيهه وڌيڪ کاڌو ته ڇا ٿي پيو؟ سڄو ڏينهن ته نوڪري ٿو ڪري..... امڙ کڻي مون کي اڻ مکيل لولي ڏئي ها!“ ۽ پوءِ ويهندو هو منهنجي منهن ۾ تڪڻ، ته مان کيس ان جو ڪهڙو ٿو جواب ڏيان. مان کيس جواب به ڪهڙو ڏيان؟ ڇا کيس ائين چوان ته تون، تنهنجو دادا تنهنجو چاچا پر اسين سڀ نوڪريءَ وارا شخص وچئين منزل ۾ اچي ٿا وڃون، جنهنڪري نه مزدوري ڪري ٿا سگهون، ۽ نه موٽرن ۾ سير ڪري ٿا سگهون! اسان جي بدن جو هر هڪ عضوو مشين جو پرزو آهي. ڄنگهن ۽ ٻانهن جو ٿڪ ته لهي وڃي، پر دماغي ٿڪ لهي ته ڏاڍو ڏکيو آهي. سَرنديءَ وارا انسان ته هر مهيني خرچن جا چٺا ٺاهي ٺاهي پنهنجي زندگي خرچ ڪري ٿا ڇڏين. سمجهيم ته منهنجو اهو چوڻ هن جي ڪچڙي دماغ تي برو اثر ڪندو، تڏهن ڳالهه کي کل ۾ ئي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيم.

”امڙ تو کي ڪيئن اڻ مکيل لولي ڏيندي، تون سندس ’امير‘ جو آهين! امير ماڻهو ته وڏا ٿيندا آهن نه؟“

”ڇا امير ماڻهو بُکيا ٿيندا آهن؟“

”نه، بُکيا نه، پر لاٽ صاحب ٿيندا آهن.“

”لاٽ صاحب ڇا کي چئبو آهي؟“

”جنهن وٽ نوڪر هجن، جيڪو گيهه ٻڏل لوليون کائيندو هجي جنهن وٽ موٽرون هجن.“

”پر چاچا، مون کي جو سڀ امير ڪري چوندا آهن!“

”تون اڃا ننڍڙو امير آهين.“

”مان وڏو امير آهيان، چاچا، تمام وڏو!“ ۽ پوءِ ميز تي بيهي قد ڀيٽائيندي چوندو: ”ڏس چاچا، مان تو کان به وڏو آهيان!“

سندس اهي ٻول مون کي لاجواب ڪري ڇڏيندا هئا.

”چاچا، ڏسجانءِ!“ مُٺ ڀڪوڙي، پوري همت سان چوندو: ”مان به جڏهن وڏو امير ٿيندس ته پاڻ وٽ نوڪر رکندس! ڀلا ٻڌاءِ چاچا، ته مان وڏو امير ڪيئن ٿيندس؟“ ۽ مان پيار مان پوءِ کيس هڪ مِٺي کڻي ڏيندو هئس.

هو پوءِ هليو ويندو هو، ٻارن جي جهُنڊ ۾، مان کيس ڏسندو ئي رهجي ويندو هئس. ٻار ڪهڙا نه پيارا ٿا ٿين! پنهنجي ٻاتڙي ٻوليءَ سان هانءُ ئي ٺاريو ڇڏين! واقعي ٻار هينئين جا هار آهن، ٻار خدا جي نعمت آهن، ٻارن کي خلقيندڙ به ايشور، ته پاليندڙ به ايشور، ۽ جڏهن ايشور سڀني ٻارن تائين پهچي نٿو سگهي، ته ’ماتا‘ جي روپ ۾ هر ڪنهن جي پرگهور ٿو لهي!

ڪيترو نه مٺڙو ٻار هو اُهو امير، ملوڪ هو ملوڪ! ڊولائتو بدن، گول گول چهرو، مٺڙو آواز! ڳالهائيندو هو، ته ڄڻ دل پيئي ٺرندي هئي. سدائين پيو ٽڙندو ۽ ٽهڪندو هو. مون ته ڪڏهن به موڙهيل ڪين ڏٺومانس. ننڍو يا وڏو، ٻار يا ٻڍو-سڀني سان ملي هڪ ٿي ويندو هو. مان جي کيس ڪهاڻي ٻڌائيندي چوندو هئس: ”هڪڙو هو راجا“. ته يڪدم وچ ۾ دخل ڏيندو: ”نه چاچا، اهو راجا نه هو، پر امير هو-امير راجا هو!“ ائين ڀانئبو هو، ته ائين چئي هن ڪا کيپ کٽي آهي.

تنهن ڏينهن ٻارن جي ڪٽڪ مان ڪنهن پاڻ سان نئين ٽه ڦيٿي سائيڪل آندي، امير سائيڪل ڏٺي، هن سائيڪل واري سان کڻي پڪي ياري ٻڌي، پوءِ ان تي سواري ڪري، ڄاڻي ٻُجهي ٻارن جي جهنڊ مان پوش پوش ڪندو، نڪري ويندو هو. هو چوندو هو ته : ”سائيڪل منهنجي ريل گاڏي آهي، منهنجي موٽر آهي، منهنجو هوائي جهاز آهي.“ ۽ ائين چوندي هو سائيڪل کي تڪڙو تڪڙو هلائڻ شروع ڪندو هو. سندس دوست موهن، صرف پٺيان ئي ويٺو هوندو هو. جيڪڏهن هن جي اڳيان ڪو ٻار اچڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته امير ان کي رعب سان وٺي ٿيلهو ڏيندو هو، يا جيڪو سائيڪل کي پٺيان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو ‏ ته امير ان کي به هڪ- ٻه گُٿو اکر چئي ويهندو هو. امير ائين سمجهندو هو، ته سائيڪل موهن جي نه، پر سندس جي آهي.

سائيڪل تي چڙهڻ جي اُجوري ۾، امير، موهن کي پنهنجي خرچيءَ مان ٽول به وٺي کارائيندو هو. بعضي جي ماءُ ماني کائڻ لاءِ سڏ ڪندي هئس، ته هو موهن کي به پنهنجي منهن نينڍ ڏيندو هو. ٻنهي جي ٻاراڻي دوستي آهستي آهستي وڌندي رهي. ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ هڪ بيجان شيءِ ٻن جاندار هستين کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. موهن، امير جي سائيڪل هلائڻ مان ارهو به ڪين هو. هونئن به ٻارن کي ڪهڙي سُڌ ته نفاق ڇا ٿيندو آهي، هڪ پيار ڏنو، ٻئي ان جي موٽ ڏني، ته اهائي هڪ ٻئي ۾ ٻِـڌي ٿي، ۽ جيستائين اُها ”ٻڌي“، هلندي هئي، ”ڪِٽيءَ“ جو نالو ڪير ڪين وٺندو هو. موهن ۽ سائيڪل کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ امير ٻين ٻارن کي ڇيڙڻ ۽ چيڙائڻ به شروع ڪري ڇڏيو. ”پري هٽ“ چئي، جڏهن سائيڪل کي اڳيان وڌائي ويندو هو، ته کيس هڪ قسم جي خوشي محسوس ٿيندي هئي ۽ اها خوشي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڄڻ ته هن ساري دنيا تي فتح پائي ڇڏي آهي. ائين ئي هاڻي هو ڪنهن جي اهل ڪرڻ شروع ڪندو هو، ته ڪنهن سان مخاطب به ٿيندو هو، ڪنهن کي چهنڊڙي پائيندو هو، ته ڪنهن کي ٺونٺ هڻي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. مان به جي سڏ ڪري گهمڻ وٺي هلڻ لاءِ چوندو هوسانس، ته يڪدم ”هٽ پري“ چئي،  سائيڪل تي چڙهي، اڳيان وڌي ويندو هو. پنهنجي ماءُ، دادا، ۽ بلبليءَ کي به هو سائيڪل جي روپ ۾ ئي ڏسندو هو، ڄڻ ته سائيڪل ئي هن لاءِ سڀ ڪجهه هئي! هڪ دفعي سائيڪل منهنجي اڳيان گذاريندي چئي ڏنائين: ”ڏس چاچا، مان وڏو امير لڳان ٿو نه؟“ سندس ائين چوڻ مان سندس خواهشن ۾ مون کي سندس زندگي ٽڙندي ٽهڪندي ڏسڻ ۾ آئي.

”مان به جڏهن وڏو امير ٿيندس، ته پاڻ وٽ نوڪر رکندس، مال مليدا کائيندس ۽ موٽر رکندس!“

هڪ دفعي جڏهن امير اڪيلي سر سائيڪل هلائي رهيو هو، ته موهن سامهون اچڻ جي ڪوشش ڪيس، عادت موجب امير کيس به چئي ڏنو: ”پري هٽ“، پر موهن لاپرواهه هو.

”پري هٽ موهن! منهنجي موٽر سان ٽڪر نه کائين!“ پر موهن ڪو ڌيان نه ڏنو، امير جيئن ئي سائيڪل جو هٿيو ڦيرائي، سائيڪل جو طرف ٿي بدلايو ته سائيڪل اونڌي ٿي پئي ۽ امير سائيڪل تان ڪري پيو. امير ڪاوڙجي موهن کي چهنڊڙي پائي ڪڍي، ٻارن جي ”ٻَڌي“ ”ڪِٽيءَ“ جو روپ اختيار ڪيو.....

”هيءَ سائيڪل منهنجي آهي ۽ مان ئي ان جو مالڪ آهيان!“ موهن چيو.

”پري هٽ! تو کي هيءَ سائيڪل هلائڻ به ته مون سيکاري آهي؟“ ”نٿو هٽان! تون منهنجي سائيڪل کي هٿ نه لاءِ!“

”لائيندس! اجهو لايان ٿو...... ٻڌاءِ ڇا ڪندين؟“

”هٿ لائيندين، ته مان تنهنجي دادا کي دانهن ڏيندس!“

”دانهن ڏيندين، ته ماريندو ساءِ!“

”وڏو آيو آهي مار ڏيڻ وارو! پڻهين کي چئو، ته سائيڪل وٺي ڏي!“

”پڻهين جا پٽ!“

پوءِ ٻئي ٻار اچي پاڻ ۾ وڙهيا. ويڙهه ۾ ٻنهي ٻارن کي ڌڪ لڳا. موهن امير جي مائٽن کي دانهن ڏني. شيوڪ رام کي امير جي اڙٻنگاين جي ڪا اها پهرين دانهن ڪانه ملي هئي، ڪرمو ۽ کيمن لنگڙي به دانهون ڏنيون هيون، پر هر وقت ماءُ جي گود پڪڙي، امير پيءُ جي ڪاوڙ کان بچي ويو ٿي. ليڪن اڄ ته گهر ۾ گهڙڻ سان ئي امير سائيڪل گهُــرڻ جي رٽ لڳائي ڏني.

شيوڪ رام پوريءَ پُــنيءَ وارو شخص هو. اڪائونٽ جنرل جي آفيس ۾ مٿئين طبقي وارو ڪلارڪ هو. ڪل ڏيڍ سؤ روپين جي پگهار مان گهر جو ڪارخانو هلي، يا امير جي سائيڪل اچي؟ وچئين ڪلاس وارن لاءِ ٻاهريون ڏيک به ته ضروري آهي. وري گهر ۾ ڇا نٿو گهرجي؟ اڄ ٿڌڙي ٿي، هولي يا ڏياري آئي، ته ڀينرن کي ڏهه- پندرنهن رپيا موڪلڻا پوندس، سڀاڻي آفيس جي ڪنهن عملدار جي بدلي ٿيندي، ته اتي به پارٽيءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه پيسا ڏيڻا پوندس، گهر ۾ به ڪجهه نه ڪجهه کُٽوئي پيو هجي..... پوءِ ڀلا سائيڪل لاءِ پئسا ڪٿان اچن؟ شيوڪ رام سوچيندو رهيو ۽ ائين ئي سندس چهري جي رنگ ۾ تبديليون اينديون رهيون، مجبوريءَ هن جي جذبن ۾ هڪ اهڙو انقلاب آندو جو هو امير کي پنهنجو نور چشم نه پر هڪ بدمعاش، لُچ ۽ بي مڃت پٽ سمجهڻ لڳو. انهيءَ ڌُن ۾ هو پنهنجي ممتا کي به وساري ويٺو ۽ جيئن ئي امير پيءُ اڳيان اچي چيو ته : ”دادا، مون کي سائيڪل کپي.“ شيوڪ رام سندس ڳل تي هڪ چماٽ وهائي ڪڍي.

امير کي چماٽ لڳي، ته هو رُنو ڪين، خاموش پنهنجي ڳٽي کي مهٽيندو، وڃي کٽ تي سمهيو. امير جي ماءُ به هيءُ سڀ ڪجهه ڏٺو. پر هن ڪجهه به ڪڇيو ڪين، ڇا ڪڇي؟ هو گهر جي حالتن کان بخوبي واقف هئي. امير سمهي پيو ۽ شيوڪ رام گهر کان ٻاهر نڪري ويو. امير کي ننڊ اچي وئي، هن جون اکيون بند هيون، پر تمنا بند ڪانه هئي. هن کي سائيڪل ئي کپندي هئي ۽ سائيڪل ۾ ئي هن کي سڀ ڪجهه ملي ٿي ويو.

رات جو دير سان شيوڪ رام گهر موٽيو. امير جي ماءُ امير کي گود ۾ کنيو ويٺي هئي، امڙ جو منهن پنهنجي لعل ڏي هو. اکين ۾ ڳوڙها هئس، شيوڪ رام جي دل ڀني، هو مُنجهي پيو. هن امير جي بدن کي هٿ لاتو، مچ بخار جا چڙهي ويا هئس، ڊاڪٽر آيو ۽ مان به آيس، ڊاڪٽر دوا ڏني ۽ پٽي رکڻ جي هدايت ڪيائين. مون پٽي رکڻ شروع ڪئي.

رات جو دير سان امير جو بخار گهٽيو. ماءُ کيس دوا ڏني، امير اٿي ويٺو ۽ هن دوا جو پيالو هٿ ۾ ورتو. هن دوا جو پيالو وات تائين آندو پر وري هٽائي ڇڏيائين. ماءُ کيس دوا پيارڻ جي ڪوشش ڪئي، ته کيس هٿ کي ڇٻي ڏنائين، هن دوا پيئڻ نٿي چاهي. هن پنهنجي حالت سڌارڻ نٿي چاهي. مون به سمجهايومانس، صرف ايترو چيائين: ”چاچا، مون کي سائيڪل کپي، دوا نه کپي.“ سندس انهيءَ جملي شيوڪ رام ۽ ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا.... ۽ پوءِ امير دوا جو پيالو وٺي کڻي ڦٽو ڪيو، دوا هارجي پيئي ۽ پيالو ڀڄي پيو.

پيالي جي انهن ٽڪرين ۾ مون کي امير جو احتجاج ڏسڻ ۾ آيو: ”مون کي سائيڪل کپي، دوا نه کپي!“ امير جي زندگيءَ جي آس، طرف بدلايو. سندس ارادن جي ٻئي پاسي مون کي ائين ڏسڻ آيو، ڄڻ ته امير چوندو هجي: ”مون کي زندگي نه کپي، مون کي سائيڪل کپي! سائيڪل ئي منهنجي زندگي آهي. سائيڪل ئي منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي، سائيڪل هٿ ڪري مان موهن سان ٽڪر کائي سگهندس، مان کيس شهه ڏيندس، مان زندهه رهڻ چاهيان ٿو، ته صرف سائيڪل لاءِ، هن زندگي لاءِ نه- هن دوا پيئڻ لاءِ نه- نه نه وري دادا، ماءُ، چاچا يا بلبليءَ لاءِ!“

ڪجهه وقت کان پوءِ امير وري اک کولي: ”امان! پاڻي.“ هن پڪاريو. ماءُ کيس پاڻي ڏنو، امير پاڻي پيتو، سندس ماءُ دوا جو  ٻيو وزن ڏنو، امير داو پي ويو. اسان کي آٿت آئي. دوا پي هن پيالو مون طرف وڌايو، خالي پيالي ۾ مون کي امير جي زندگي هاڻ ٻهڪندي نظر آئي. امير هينئر زندهه رهڻ چاهيو ٿي- زندگيءَ لاءِ ۽ ان سان گڏ سائيڪل لاءِ! امير زندهه رهندو، سندس خواهشون حقيقت جو پوش اوڍينديون، سندس اميدون اُماس جي اونداهيءَ کي چيري هينئر چندرما جي سهائيءَ ۾ چمڪنديون ۽ ان سان گڏ سندس دادا، سندس ماءُ بلبلي ۽ مان.... مان ڪجهه وڌيڪ سوچي نه سگهيس.

امير هينئر پورن وقتن تي دوا پيئندو هو. هر ڪنهن جي چئي ۾ هو، ڪِري به ڪندو هو- ڄڻ ته ڏنگاين ۽ اڙٻنگاين کان هن بلڪل ئي پاسو ڪري ڇڏيو. ائين ئي نوبنو ٿيندو ويو. نوبنو ته ٿيو، پر سندس جيون ۾ مون کي هاڻي ڪافي تبديلي نظر آئي. هاڻ هو نه ڪنهن کي چيڙائيندو هو ۽ نه سائيڪل لاءِ ٻين سان وڙهندو هو، نه ڪنهن گاڏي واري کي تنگ ڪندو هو ۽ نه  ڪنهن جي ڪنڌ ۾ ماڪوڙيون وجهندو هو. گهر ۾ سانت ته ٻاهر به سانت، البت پڙهڻ تي وڌيڪ چاهه ڏيندو هو. سمجهيم ته هن پنهنجي منزل جي راهه ڳولي لڌي آهي. اهو سڀ ويچاريندي مون کي امير جا اکر ياد اچي ويندا هئا: ”مان به جڏهن وڏو امير ٿيندس، ته پاڻ وٽ نوڪر رکندس، مال مليدا  کائيندس، موٽر رکندس!“

شيوڪ رام تنهن ڏينهن امير کي چماٽ هنئي، سندس انهيءَ چماٽ امير جي آئيندي کي ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪرڻو بڻي. شيوڪ رام خود به هڪ دفعي چئي ويٺو: ”منهنجو امير ضرور هڪ ڏينهن وڏو امير ٿيندو!“ ۽ ائين چوندي، سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙندا، سندس ڳلن کان ٿيندا، سندس قميص ۾ جذب ٿي ويا.

”گل ڦل“- مارچ 1978ع

لومڙيءَ جو پُڇ

اووانيس تومنيان

سليم سهتو

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي، ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ پوڙهي مائي رهندي هئي. هڪ ڏينهن هن ٻڪري ڏُهڻ کان پوءِ ڏڌل کير وارو ٿانءُ رکي، کير اُٻارڻ لاءِ ڪاٺيون کڻڻ وئي.

اتفاق سان هڪ لومڙيءَ جو اتان گذر ٿيو، ان جو کير سان ڀريل ٿانءُ ڏٺو، سو فوراً ان ۾ منهن وجهي لَڪ لَڪ ڪري سڄو کير پي وئي.

پوڙهي مائي پنهنجي ڪوڏر کڻي ان جي مٿان اُلر ڪئي ۽ ان جو پڇ ڪپي ورتائين. لومڙي ڊوڙي وڃي، هڪ ٽڪريءَ تي پهتي ۽ اتان ويهي پوڙهيءَ جي خوشامد ڪرڻ لڳي:

”پوڙهي، پوڙهي، مون کي منهنجو پڇ موٽائي ڏي نه! مان ان کي ٻيهر پنهنجي جاءِ تي لڳائي ڇڏينديس ۽ تڏهن پنهنجين لومڙين وٽ وڃي سگهنديس، نه ته اهي مون کي پڇ کان سواءِ ٽوڪينديون.“

پوڙهي جواب ڏنو:

”تون مون کي منهنجو کير موٽائي ڏئي، مان تو کي تنهنجو پُڇ واپس ڪنديس.“

لومڙي ڊوڙي ڳئونءَ وٽ وئي ۽ چيائينس: ”اي ڳئون! مهرباني ڪري مون کي ٿورو کير ڏئي ڇڏ، مان اهو پوڙهيءَ کي ڏينديس، تڏهن هوءَ منهنجو پُڇُ واپس ڪندي، مان ان کي ٻيهر پنهنجي جاءِ تي لڳائينديس، تڏهن مان پنهنجي ڀينرن وٽ واپس وڃي سگهنديس، نه ته اُهي مون کي پُڇ کان سواءِ ٽوڪينديون.“

ڳئونءَ جواب ڏنو:

”مون کي گاهه آڻي ڏي!“

لومڙي پوک ڏي وئي.

”پوُک ڙي پوک! منهنجي پياري پوک، مهرباني ڪري مون کي ٿورو گاهه ڏي! مان ان کي ڳئونءَ ڏي کڻي وينديس، ڳئون مون کي کير ڏيندي کير کڻي مان پوڙهيءَ ڏي وينديس، تڏهن هوءَ مون کي پُڇُ واپس ڪندي، مان ان کي پنهنجي جاءِ تي لڳائينديس، تڏهن مان پنهنجي ڀينرن ڏي واپس وڃي سگهنديس، نه ته اُهي مون کي پُڇ کان سواءِ ٽوڪينديون.“

پوک جواب ڏنو:

”مون کي ٿورو پاڻي آڻي ڏي!“

لومڙي چشمي وٽ وئي ۽ ان کي چيائين: ”پاڻيءَ جا چشما، پيارا چشما! مهرباني ڪري مون کي ٿورو پاڻي ڏي، مان ان کي پوک ڏي کڻي وينديس، پوک مون کي گاهه ڏيندي، گاهه کڻي ڳئونءَ ڏي وينديس، ڳئون مون کي کير ڏيندي. کيرُ کڻي مان پوڙهيءَ ڏي وينديس، تڏهن هوءَ مون کي پُڇُ واپس ڪندي. مان ان کي پنهنجي جاءِ تي لڳائينديس، تڏهن مان پنهنجي ڀينرن ڏي واپس وڃي سگهنديس، نه ته اُهي مون کي پُڇ کان سواءِ ٽوڪينديون.“

پاڻيءَ جي چشمي جواب ڏنو:

”مون کي هڪ جڳُ آڻي ڏي“

لومڙي هڪ سهڻي ڇوڪريءَ وٽ وئي ۽ ان جي خوشامد ڪرڻ لڳي:

”سهڻي من موهڻي ڇوڪري! مون کي پنهنجو جَڳُ ڏي! مان ان کي چشمي وٽ کڻي وينديس، چشمو مون کي پاڻي ڏيندو، پاڻي کڻي پوک ڏي وينديس، پوک مون کي گاهه ڏيندي، گاهه کڻي ڳئونءَ ڏي وينديس، ڳئون مون کير ڏيندي، کير کڻي مان پوڙهيءَ ڏي وينديس، تڏهن هوءَ مون کي پُڇُ واپس ڪندي، مان ان کي پنهنجي جاءِ تي لڳائينديس، تڏهن مان پنهنجي ڀينرن ڏي واپس وڃي سگهنديس، نه ته اُهي مون کي پُڇ کان سواءِ ٽوڪينديون.“

سهڻي ڇوڪريءَ جواب ڏنو:

”مون کي هار ٺاهڻ لاءِ ٿورا خوبصورت موتي آڻي ڏي!“

لومڙي سوناري وٽ وئي، هُن کان هار جي لاءِ ڪجهه موتين واسطي خوشامند ڪرڻ لڳي!

”اڙي سونارا، نيڪ سونارا! مون کي هار لاءِ ڪجهه موتي ڏي! مان اهي خوبصورت ڇوڪريءَ ڏانهن کڻي وينديس،  هو مون کي جڳ ڏيندي، مان ان کي پاڻيءَ جي چشمي وٽ کڻي وينديس، چشمو مون کي پاڻي ڏيندو، پاڻي کڻي پوک ڏي وينديس، پوک مون کي گاهه ڏيندي، گاهه کڻي ڳئونءَ ڏي وينديس، ڳئون مون کي کير ڏيندي، کير کڻي مان پوڙهي ڏي وينديس، تڏهن هوءَ مون کي پُڇُ واپس ڪندي، مان ان کي پنهنجي جاءِ تي لڳائينديس، تڏهن مان پنهنجي ڀينرن ڏي واپس وڃي سگهنديس، نه ته اُهي مون کي پُڇ کان سواءِ ٽوڪينديون.“

سوناري جواب ڏنو:

”مون کي هڪ ڪُڪڙ جو بيضو آڻي ڏي!“

لومڙي ڪُـــڪڙ وٽ وئي ۽ ان کي التجا ڪيائين: ”ڪُـــڪڙ، اي! پياري ڪُــڪڙ، مون کي هڪ بيضو ڏي! مان اهو بيضو سوناري وٽ کڻي وينديس، هُو مون کي هار لاءِ ڪجهه موتي ڏيندو، مان اهي خوبصورت ڇوڪريءَ ڏانهن کڻي وينديس، هوءَ مون کي جڳ ڏيندي، مان ان کي پاڻيءَ جي چشمي وٽ کڻي وينديس، چشمو مون کي پاڻي ڏيندو، پاڻي کڻي پوک ڏي وينديس، پوک مون کي گاهه ڏيندي، گاهه کڻي ڳئونءَ ڏي وينديس، ڳئون مون کي کير ڏيندي، کير کڻي مان پوڙهيءَ ڏي وينديس، تڏهن هوءَ مون کي پُڇُ واپس ڪندي، مان ان کي پنهنجي جاءِ تي لڳائينديس، تڏهن مان پنهنجي ڀينرن ڏي واپس وڃي سگهنديس، نه ته اُهي مون کي پُڇ کان سواءِ ٽوڪينديون.“

ڪُــڪڙ چيو:

”مون کي ٿورو اَنُ آڻي ڏي!“

لومڙي اَنُ ڇڙڻ واري وٽ وئي ۽ ان جي خوشامد ڪيائين:

”اڙي او رحمدل، چڱا ماڻهو! مون کي ٿورو اَنُ ڏي! مان ڪُــڪڙ ڏانهن کڻي وينديس، هوءِ مون کي بيضو ڏيندي، بيضو کڻي مان سوناري ڏي وينديس، هُو مون کي هار لاءِ ڪجهه موتي ڏيندو، مان اهي خوبصورت ڇوڪريءَ ڏانهن کڻي وينديس، هوءَ مون کي جڳ ڏيندي، مان ان کي پاڻيءَ جي چشمي وٽ کڻي وينديس، چشمو مون کي پاڻي ڏيندو، پاڻي کڻي پوک ڏي وينديس، پوک مون کي گاهه ڏيندي، گاهه کڻي ڳئونءَ ڏي وينديس، ڳئون مون کي کير ڏيندي، کير کڻي مان پوڙهي ڏي وينديس، تڏهن هوءَ مون کي پُڇُ واپس ڪندي، مان ان کي پنهنجي جاءِ تي لڳائينديس، تڏهن مان پنهنجي ڀينرن ڏي واپس وڃي سگهينديس، نه ته اُهي مون کي پُڇ کان سواءِ ٽوڪينديون.“

اَنُ ڇڙڻ واري کي ويچاري لومڙيءَ جي حالت تي افسوس ٿيو ۽ هُــن هڪ مُٺ اَنُ جي ڏئي ڇڏي.

لومڙي اَنُ کڻي ڪُڪڙ وٽ وئي، جنهن بيضو ڏنو، بيضو کڻي سوناري وٽ وئي، جنهن هار جي لاءِ ٿورا موتي ڏنا، موتي کڻي هوءَ خوبصورت ڇوڪريءَ وٽ وئي، جنهن کيس پنهنجو جڳ ڏنو. جَڳُ کڻي هوءَ پاڻيءَ جي چـشمي وٽ وئي، ان پاڻي ڏنو، پاڻي کڻي هوءَ پوک وٽ وئي، پوک ٿورو گاهه ڏنس، گاهه کڻي هوءَ ڳئونءَ وٽ وئي، جنهن هُن کي ٿورو کير ڏنو. لومڙيءَ اهو کيرُ پوڙهيءَ کي ڏنو، جنهن لومڙيءَ کي پُڇُ واپس ڪيو.

لومڙيءَ پُڇُ پنهنجي جاءِ تي هنيو ۽ خوشيءَ مان ڊوڙي وڃي پنهنجي ڀينرن سان ملي.

 

”گل ڦُل“ جولاءِ 1988ع

 

زندگي زهر جهڙي

زيب سنڌي

عمر ڏهاڪو سال، نٻل جسم، منهن جون هڙٻاٽيون نڪتل، بلڪل ڪمزور، گوڏ ٻڌل، ڦاٽل پهراڻ پاتل، ڪلهي تي هڪ پراڻو بوڇڻ ۽ آهستي آهستي رستي تي هلندو ٿو وڃي.

هو يتيم آهي. سندس پيءُ ٻه- ٽي مهينا اڳ مري چڪو آهي ۽ سندس ماءُ ٻين گهرن جو ڪم ڪار ڪري پنهنجو، هن جو ۽ سندس ٽن سالن جي ننڍڙيءَ ڀيڻ جو پيٽ پاليندي آهي. هو روز صبح جو جيئن ئي ڪٿي ڪم حاصل ڪرڻ  لاءِ نڪرندو آهي، ته سندس ننڍڙي ڀيڻ کيس شيءِ آڻي ڏيڻ لاءِ چوندي آهي، ۽ هو روز ڀيڻ کي اهو ئي چوندو آهي ته: ”ها ڀيڻ، اڄ پڪ ڪٿي ڪم لڳي ويندو، شام جو تنهنجي لاءِ کوڙ ساتري شيءِ وٺي ايندس“. پر شام جو جڏهن هو خالي هٿين گهر پهچندو آهي، ته سندس ننڍڙي ڀيڻ روئڻ لڳندي آهي، ۽ ان ويل هن جو جيءُ جُهري پوندو آهي. اڄ به ڪم نه لڳو اٿس، پر هن پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي، ته ڪهڙي به نموني ڪا شيءِ هٿ ڪري ڀيڻ کي راضي ڪيو. اوچتو هو مائي جو دڪان ڏسي، بيهي ٿو رهي ۽ مائي جي ڀريل ٿالهن کي حسرت وچان ڏسندو رهي ٿو.

”ڪاڪا، ٿورو مائو ڏيندين؟“ ڪجهه سوچي، هو دل ٻڌي مائي واري آڏو هٿ جهلي ٿو.

”پيسا اٿئي؟“ مائي وارو کانئس پڇي ٿو.

”نه!“ هو مختصر جواب ڏئي ٿو.

”هل! ڀڄي وڃ.“

”نه ٻيلي، ٿورڙو مائو ڏي!“

”ناهي.“

”ائين نه ڪر ميان!“

”هل ڙي هل!“

”ٿورڙي ذرڙي کڻي ڏي....!“

”وڃ ڙي! مغز نه کاءُ“

”ٿورڙو ڏي ته پوءِ وڃان..... “

”ٻڌين نٿو ڙي! هل هتان.... “

”ائين نه ڪر ٻيلي الله وڌايو اٿئي!“

”اڙي نڀاڳا ٽرين نٿو؟“ ائين چئي مائي وارو دڪان تان لهي ٿو،  ۽ هن کي پري ڌڪي ٿو.

هو ٿورو پرڀرو ٿي بيهي ٿو رهي ۽ وري اتان ئي مائي واري کي چوي ٿو: ”ٻيلي، ذرڙو ڏئين ها!“

”ڏاڍو شيطان آهين!“ مائي وارو ڪاوڙ مان چويس ٿو.

”ٿورڙو مائو ڏي، پوءِ ڀلي جيتريون گاريون وڻنئي، اوتريون ڏي....!“ هو هٿ ٻڌندي چويس ٿو.

”اڙي، اصل نه ڏيندو مانءِ!“ مائي وارو اکيون ڏيکاريندي چويس ٿو.

”نه ٻيلي، ائين نه ڪر....!“ هو روئڻهارڪو ٿي چويس ٿو. مائي وارو بيزاريءَ ڪري کيس ڪو به جواب نٿو ڏئي. هو اتي ئي بيٺو رهي ٿو. اوچتو رستي تان لنگهندڙ هڪ ماڻهوءَ کيس سڏ ڪري چيو: ”ڇوڪر مزدوري ڪندين؟“

”ها“. هن چيو.

”هيءُ ڇٻو کڻائي هل، چار آنا ڏيندوسانءِ.“

بنا جواب ڏيڻ جي هن ڇٻو کنيو. جيتوڻيڪ ڳرو هو، پر ڀيڻ کي مائي وٺي ڏيڻ جي شوق ۾ ڳراڻ کيس محسوس ڪانه ٿي. چار آنا وٺي ڊڪ پاتائين ۽ سڌو مائي واري وٽ آيو.

”چئين آني جو مائي ڏي.“

مائي واري کانئس چار آنا وٺي کيس مائي ذرو ڏيندي چيو: ”چئين آني جو مائو ڏيندا، ته ناهيون، پر تو کي ڏيان ٿو.“

 هو مائو وٺي، آڱر سان ٿورڙو مائو چکي ٿو، ۽ پوءِ خوشيءَ وچان مائي کي سنگهي فرحت محسوس ڪري ٿو.

مائي وارو کيس ڇڙٻي ٿو: ”هاڻي ته هتان ٽر نه!“ هو مائي کي ڪاغذ ۾ ويڙهي، بوڇڻ جي هڪ ڪنڊ ۾ ٻڌي ڇڏي ٿو، ۽ پوءِ اتان وڌي اڳتي وڃي ٿو.

ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن هو گهمندو ڦرندو پنهنجي ڪکائين گهر ۾ داخل ٿئي ٿو، ته ننڍڙي ڀيڻ اڳيان وڌي اچيس ٿي: ”ادا شيءِ، ادا شيءِ،“ ڪري چنبڙيس ٿي.

”ها، منهنجي مٺي ڀيڻ، کوڙ شيءِ کوڙ....“! هن جي اکين ۾ ڀيڻ لاءِ اٿاهه پيار اچي ٿو.

هو بوڇڻ کولي، ڀيڻ کي تڏي تي ويهاري، اها شيءِ سندس اڳيان رکي ٿو. سندس ننڍڙي ڀيڻ، جا ڪيترن ڏينهن کان ڪنهن شيءِ لاءِ سڪندي رهي هئي، مائو ڏسي خوشيءِ ۾ نٿي ماپي. هوءَ آهستي آهستي مائو کائڻ لڳي ٿي. هو تڏي تي ڀيڻ جي سامهون ويهي رهي ٿو.

سندس ماءُ هن جي آڏو رکي ماني آڻي رکي ٿي، سندس دل به مائو کائڻ چاهي ٿي، پر هو سوچي ٿو، ادڙي کائي، جيڪو بچايو، ته پوءِ مان اهو مانيءَ سان ٿو کاوان.... پر ٻيءَ گهڙيءَ هو ڏسي ٿو، ته سندس ننڍڙي ڀيڻ، جيڪا ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪنهن شيءِ لاءِ واجهائيندي رهي هئي، مائو کائڻ کان پوءِ ڪاغذ کي چٽي رهي آهي ۽ ان گهڙيءَ هو وات ۾ بيٺل پاڻيءَ کي ڳيت سان هيٺ لاهي ڇڏي ٿو، ۽ رُکي مانيءَ جي سڪل ڀور کي وات ۾ وجهي، چٻاڙي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

”گل ڦل“- مارچ 1978ع

 

فن امر آهي

سنڌيڪار؛ اخلاق انصاري

هو هڪ سنگتراش هو، ۽ پٿر کي ٽُڪي مورتون ٺاهيندو هو. سڄا سڄا ڏينهن ويٺو پٿر تي ٽُـــڪ ٽُــڪ ڪندو هو، ماڻهو هن جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا، پر وقت اهڙو اچي ويو جو هو پنهنجي ڪم کان اچي تنگ ٿي ويو ۽ جڏهن بک کان پيٽ ۾ ڪُئا ڊوڙڻ لڳندا هئس، ته بيزار ٿي چوڻ لڳندو هو ته : ”پٿرن کي ٽُـڪ ٽُــڪ ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جڏهن ته سدائين بکون ٿو ڪاٽيان، هيءَ زندگي ڪهڙي ڪم جي!؟“

هڪ ڏينهن اُس ڏاڍي تکي هئي، سج جا ڪرڻا هن جي جسم کي ڪاتيءَ وانگر وڍي رهيا هئا، تڏهن به هيءَ ڪم کي لڳو رهيو. اوچتو هن نغارن جا آواز ٻڌا. ڏٺائين ته هڪ وڏو جلوس هن ڏانهن اچي رهيو هو. اها بادشاهه جي سواري هئي. بادشاهه سونهري تخت تي ويٺو هو ۽ هن جي ساڄي کاٻي ٻه سپاهي چمڪندڙ وردي پايو ۽ هڪ مور جا کنڀ کڻي بيٺو هو. اڳيان اڳيان سپاهي کليل تلوارون کڻي هلي رهيا هئا. سنگتراش جڏهن  بادشاهه جو اهو ٺاٺ ڏٺو، تڏهن سوچڻ لڳو: ”ڪاش! مان به بادشاهه هجان ها ۽ سڀني ماڻهن کان مٿي ۽ طاقتور“. اهي لفظ سوچڻ سان ئي هن کي محسوس ٿيو، ته هو پري ڪنهن سٺي جڳهه تي پهچي ويو آهي ۽ ان وقت ئي هڪ آواز ٻڌائين: ”وڃ! تون بادشاهه بڻجي ويو آهين.“ ۽ سچ پچ هو بادشاهه ٿي ويو. اهڙو بادشاهه جيڪو سونهري تخت تي ويٺل هو ۽ هاڻي هن جي تخت جي ساڄي کاٻي اهي ئي ورديءَ سان سپاهي ۽ درباري بيٺل هئا. اهو ڏسي هن غرور مان چيو: ”مان بادشاهه آهيان ۽ دنيا ۾ مون کان سواءِ ڪو به طاقتور نه آهي.“

ٿوريءَ دير ۾ سج جا تکا ڪرڻا، سندس سڄي جسم کي ساڙڻ لڳا. مور جا کنڀ ۽ ڇاپرو به هن کي سج جي تکن ڪرڻن کان بچائي نه سگهيا. گرم گرم سيون اڃا به سندس جسم ۾ چڀڻ لڳيون. دل ئي دل ۾ سوچيائين: ”هيءُ سج مون کان به طاقت ۾ وڌيڪ آهي، ڪاش! مان سج هجان.“ آواز آيس: ”وڃ تو کي سج بڻايو ويو!“ ۽ هيءُ سج ٿي ويو. سج ٿي هو اهڙو ته خطرناڪ اڀريو جو سايون ٻنيون به سُــڪي ويون،  وهندڙ نديون ۽ واهه به خشڪ ٿي ويا. رنگ به رنگي گل ڪومائجي ويا ۽ ٻاريون سڙي رک ٿي ويون. پکي سڙي سڙي مرڻ لڳا. ٻار، ڪراڙا ۽ جوان ڦٿڪڻ لڳا. اهو سڀ ڏسي سج ڏاڍي غرور سان چمڪڻ لڳو. هن جي اُس اڃا به تيز ٿي وئي. گهڻو ڪري سڀ شيون سڙي رک  جو ڍير بڻجڻ واريون هيون، تڏهن پورب کان هڪ ڪارو ڪڪر آيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ سڀ سج اڳيان اچي بيٺا. سج پنهنجي تيز ڪرڻن سان انهن ڪڪرن کي ساڙڻ چاهيو، پر هر ڪڪر انهن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ لڳو ۽ آسمان مان مينهن وسڻ شروع ٿيو. اهو ڏسي هن پنهنجي دل ۾ چيو: ”مون کان طاقتور هي ڪڪر آهن ۽ ڪاش! مان ڪڪر هجان ها.“ آواز آيس: ”وڃ! تو کي ڪڪر بڻايو ٿو وڃي.“ ۽ هو ڪڪر بڻجي ويو. ڪڪر ٿيڻ سان هو زمين تي تمام گهڻو وسيو. بادشاهه ۽ سج ٿي هن پنهنجي طاقت کي آزمايو. ۽ هاڻي هو ڪڪر ٿي دنيا کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لڳو. هو پنهنجي سيني ۾ سانڍيل کنوڻين کي دنيا تي ڪيرائڻ لڳو، ۽ تيز وسڻ لڳو، ايتري تائين جو جل ٿل هڪ ٿي ويا ۽ درياء ڪنارن کان اُٿلڻ لڳا. چئني طرفن کان ٻوڏ اچڻ لڳي. هن ٻوڏ ۾ هر هڪ شيءِ وهڻ لڳي پر هڪ جبل نه چريو. ٻوڏ جون لهرون جبل سان ڪافي ٽڪرايون. پر جبل جيئن جو تيئن اٽل بيٺو رهيو.

جبل کي ڏسي هن سوچيو.” ڪاش! مان جبل هجان ها.“ آواز آيس: ”وڃ! توکي جبل بڻايو ٿو وڃي.“ ۽ هو جبل بڻجي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ جبل، ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌو. ڪو ماڻهو جبل جي ويجهو آيو. هن جي هڪ هٿ ۾ ڇيڻي ۽ ٻي ۾ هٿوڙو هو. هو هڪ سنگتراش هو. هو جبل جي ويجهو آيو ۽ هن پنهنجي ڇيڻي رکي زور سان هٿوڙو هنيو، ته جبل رڙ ڪئي ته : ”هيءُ سنگتراش مون کان به وڌيڪ طاقتور آهي.“ آواز آيس: ”فنڪار ئي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي ۽ فن ڪڏهن به نٿو مري، هو سدا حيات آهي:“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو: ”ڪاش مان فنڪار هجان ها.“ آواز آيس. ”وڃ! تو کي ساڳي صورت ڏجي ٿي.“ ۽ هو وري سنگتراش بنجي ويو. بيشڪ فن امر آهي.

       

”گل ڦل“- آڪٽوبر 1976ع

 

نئين پراڻي هڪ ڪهاڻي

رخسانا عاقلاڻي

سنڌيا جنهن جي عمر اٽڪل اٺ سال هئي، تنهن عادت پٽاندڙ پنهنجين پتڪڙين ٻانهن کي هوا ۾ زوم سان لوڏي، کليل دريءَ مان نظر ايندڙ آڪاس ۾ ٽمڪندڙ تارن ڏانهن ڏسندي ماءُ کي ڄڻ، ته ياد ڏياريندي چيو: ”آيل، آکاڻي ٻڌاءِ نه.....“

 

رات جو سمهڻ کان اڳ ’سنڌيا‘ ماءُ کان ڪا نه ڪا آکاڻي ضرور ٻڌندي هئي ۽ ماءُ ’سنڌيا‘ کي ڪانه ڪا آکاڻي ٻڌائيندي هئي.

’سنڌيا‘ جي ڳالهه ٻڌي ماءُ، شاهه جي رسالي مان ڪو بيت پڙهندي پڙهندي بيهجي ويئي. ’سنڌيا‘ ڏانهن ڏسندي ڄڻ، ته  ماءُ کي پنهنجي روزاني ڊيوٽي ياد اچي ويئي.

”هائو، ’سنڌيا‘ ڌيءُ مون کان ته اڄ ڳالهه ئي وسري ويئي هئي پنهنجي ڌيءُ کي آکاڻي ٻڌائڻ جي!“ ماءُ ڊگهي ساهه سان گڏ رسالو بند ڪري ڀر ۾ رکيل ٽيبل مٿان رکي ڇڏيو. پوءِ ’سنڌيا‘ جي ڀر ۾ ليٽي کيس ڳراٽڙي پائي کن لاءِ سوچيندي رهي. ”آيل! آکاڻي ٻڌاءِ نه،“ ’سنڌيا‘ ماءُ کي ماٺ ماٺ ڏسي ٻيهر ياد ڏياريو.

۽ ماءُ سنڌيا کي آکاڻي ٻڌائڻ لڳي روزانو جيان نئين نڪور آکاڻي. ”هيءَ آکاڻي موئن جي دڙي جيتري ئي قديم ۽ اهم آهي.“

”آيل! بابلا چوندو آهي، موئن جو دڙو سموري جڳ کان پراڻو آهي.“ ’سنڌيا‘ آکاڻي ٻڌندي وچ ۾ ئي ڪنڌ ڌوڻيندي، پنهنجن پتڪڙڻ هٿن جون آڱريون شڪنجن جيئن اٽڪائي، ڀرون مٿي ڪري ماءُ کان پڇيو :”هائو، ’سنڌيا‘ تنهنجو بابلا سچ چوندو آهي.“

”ها.... منهنجو بابلو، ته سموري جڳ کان سٺو آهي. ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو، جيڪي ماڻهو ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا، اهي سٺا هوندا آهن. ها نه، آيل!؟“

”ها، ها ’سنڌيا‘ راڻي پر هاڻي آکاڻي ته ماٺ ڪري ٻڌ نه، سٺا ٻار هميشه سٺن ٻارن وانگر ماٺ ڪري آکاڻي ٻڌندا آهن.“ ماءُ ’سنڌيا‘ کي سمجهائيندي چيو.

”چڱو!“ ’سنڌيا‘ ماٺ ڪري عقلمند ٻارن وانگر دريءَ مان نظر ايندڙ تارن ڏانهن ڏسندي ڪن سرلا ڪري آکاڻي ٻڌڻ لڳي.

”ها- هيءَ آکاڻي موئن جي دڙي جيتري ئي قديم ۽ اهم آهي. جڏهن سنڌ ماءُ جو رنگ روپ ئي مَـــــٽيل هو. جڏهن سنڌو درياء پنهنجي پوري اوج تي هو. جڏهن سنڌوءَ جي سوني سيني مٿان وڻجارا وڻج واپار لاءِ ٻيڙن کي چپن سان کيڙيندا پنهنجو سامان پرڏيهه ڏانهن اماڻيندا هئا. جڏهن سنڌ جي ململ سڄي جڳ تي ڪنهن سندر سپني وانگر ڇانئيل هئي.

تنهن زماني ۾ سنڌوءَ جي ٻيءَ ڀڪ هڪ ڳوٺڙو هو، جتان روزانو سونو روپو سج ڌرتيءَ جو سينو چيري سموري جڳ کي روشن ڪري ڇڏيندو آهي. او، انهيءَ روشنيءَ جي پاسي واري ڳوٺ ۾ هڪ نينگر رهندو  هو. نانءُ هو جنهن جو  ڪوڏ، جيڪو سج اُڀرڻ کان اڳ ڀنڀرڪي ويل اٿي ٽڪائين ٽوپي پائي، اجرڪ ڪلهي تي رکي، لٺ کڻي، ڪِــلن مان مال ڇوڙي، چَــنگُ چوريندو ڌرتيءَ تان هلڪي هلڪي دز اڏائيندو مينهون چارڻ ويندو هو.

مينهون چاريندي جڏهن ٿڪبو هو. ته نم جي وڻ کي ٽيڪ ڏئي چنگ وڄائڻ لڳندو هو، جڏهن چنگ وڄائيندي ٿڪبو هو، ته ساڄي هٿ جي اشهد آڱر سان ڌرتيءَ مٿان اونڌا سڌا ليڪا ڪڍڻ لڳندو هو، ڄڻ ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.

سانجهيءَ ٽاڻي، جڏهن سڀ پکي پکڻ ولر ڪري پنهنجي پنهنجي ماڳ ڏانهن پر ساهيندا هئا، تڏهن ڪوڏ به نم جي وڻ هيٺان اجرڪ ڇنڊي اٿي آڏا ابتا اکر ڌرتيءَ جي  ڦرهيءَ مٿان ڪنهن ايندڙ روشن ڏينهن جي ياد ۾ اُڪريل ڇڏي ڌڻ هڪليندو هو، ڌڌڙ اڏائيندو چنگ چوريندو مينهن جي ڳچيءَ سان ٻڌل چڙن جي مڌر آلاپ سان آلاپ ملائيندو اچي گهر ڀيڙو ٿيندو هو، ۽ پوءِ جڏهن ڪاري رات جي ڏائڻ، اوندهه جو ڄار اُڻڻ شروع ڪندي هئي، ته ڪوڏ ڪنجهي جي وٽي ۾ ڪناتار کير ڀري، پِي کٽ تي وڇايل چنڊ ستارن واري ٽُڪ ٽڪيل رلهي مٿان وجهي سمهي پوندو هو، ۽ جيسين ننڊ اچيس، ايسين آڪاس ڏانهن هٿ کڻي، اشهد آڱر کي ڪلڪ بڻائي هوا ۾ پيو آڏا اُبتا ليڪا ڪڍندو هو.

ها، ’سنڌيا‘ راڻي! رات جو وري آڪاس سندس ڦرهي بڻجي پوندو هو، ۽ ڪوڏ ننڊ اچڻ تائين پيو هوا ۾ هٿ ڦيرائي لکڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ۽ ننڊ ندوري اچڻ پڄاڻان پيو جل ٿل جل ٿل خواب ڏسندو هو، جنهن ۾ هو سدائين پاڻ کي پنهنجي ڳوٺ جي ڇوڪرن سان گڏ ڪلهي ۾ ڪتابن جو بجڪو کنيو جهومندو ڳائيندو اسڪول ڏانهن ويندي ڏسندو هو. سنڌيا راڻي! هن ڪڏهن به پاڻ کي اسڪول کان موٽندي نه ڏٺو هو......خبر اٿئي ڇو....؟

”ها امان- امان ڪوڏ به مون جيان اسڪول کان گسائڻ نه چاهيندو هوندو!“

سنڌيا پنهنجي ڳل تي آڱر رکي سياڻن ٻارن وانگر جواب ڏنو.

”شاباس! بلڪل اها ئي ڳالهه هئي، تڏهن ئي ڪوڏ پاڻ کي هميشه اسڪول ڏانهن ويندي ڏسندو هو ۽ اهڙيءَ طرح ڪوڏ جا ڏينهن ۽ راتيون گذرندا رهيا، هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي، ته ڪوڏ جيئن ڀنڀرڪي ويل ڪڪڙن جي پهرين دس تي عادت آهر اٿيو ۽ اجرڪ ڪلهي ۾ وجهي ٽڪائين ٽوپي مٿي تي رکي، لسيءَ جو وٽو پي مال ڇوڙي چَنگُ چوريندو جڏهن جهنگ رسيو، ته ڏٺائين ته ٻه اڇ - رنگيا پرڏيهي، جن جي سوٽن جا پانئچا ڊگهن بوٽن ۾ پيل هئا ۽ جيڪي هڪ ٽه- ٽنگي اسٽينڊ مٿان ڪاغذ لڳل تختي تي رنگن مان برش ٻوڙي سندس سهڻي ڌرتي جو نقش چٽي رهيا هئا. سندن ڀر ۾ هڪ ڏيهي ڊگهي شلوار قميص ۾ بيٺل هو، جيڪو ڪنهن اڻ سونهين ٻوليءَ ۾ ڪجهه ٻڌائي رهيو هو. ڪوڏ چَــنگُ چوريندي چوريندي ٺاپرجي ويو ۽ کن پل لاءِ انهن اوپرن ڏانهن ڏسندو رهيو، پوءِ وک وک کڻندو سندن ويجهو پهتو ۽ هڪل ڪري چيائين :”ڇا ڪرڻ آيا آهيو هتي!“ اهي پرڏيهي نقش چٽيندي بيهجي ويا، ۽ ڪوڏ ڏانهن واجهائڻ لڳا. تڏهن سندن ڀر ۾ بيٺل ڏيهي مرڪي ڪوڏ کي چيو، ”ڀائڙا هي چين ولايت کان آيا آهن. اسان جا مزمان آهن.“

”پر هت سندن ڪهڙو ڪم؟“ ڪوڏ بيحد اچرج وچان ڏيهي کان پڇيو. تڏهن هو کن لاءِ ڪجهه سوچندو رهيو ۽ پوءِ مرڪي چيائين: ”ڀائڙا تنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول ناهي نه، هي تنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول ٺهرائيندا- او انهيءَ ساڳي پٽ تي، جنهن جو هيءُ نقشو پيا چٽين.“

”ڇا-؟ جائي به!!!“ ڪوڏ کان خوشيءَ مان رڙ نڪري ويئي.

”جائي به ڀائڙا.“

”پوءِ ته ڏاڍو سٺو مان پڙهندس. مينهون چارڻ ڇڏي ڏيندس. مون سان منهنجا يار: سارنگ، اڙٻنگ ۽ متارو به پـڙهندا.“ ڪوڏ نچندو ٽپندو وڻن جي ٽارين مان گؤنچ پٽيندو پنهنجي گهر ڏانهن وريو ۽ چؤنري لسي جي ڀري چانورن جي مانين سان ڀريل ڍاڪون کڻي تکو تکو واپس جهنگ موٽيو ۽ لسيءَ سان وٽا تار ڪري، مانيءَ جو ڍاڪو کولي کڻي هنن آڏو رکيائين، چئي: ”توهان هتي اسڪول کوليندؤ نه؟ توهين اسان جا مزمان آهيون، کائو جيترو وڻيوَ پر ٻيلي هتڙي اسڪول ضرور کولجو.“

ڪوڏ سمورو وقت سندن خدمت ۾ ويٺو رهيو. ڪڏهن کين چَـــنگُ ٻڌائيندو رهيو، ته ڪڏهن وري گيت. جڏهن پرڏيهين نقش چٽي بس ڪئي ۽ اسهڻ لڳا، ته ويندي ويندي ڪوڏ کي رنگا رنگي فوٽن وارا ڪجهه ڪتاب ڏئي ويا. ڪوڏ ته اصل بود ۾ ڀرجي ويو ۽ خوشيءَ مان پئي ڦاٽو.

ڪوڏ ڳپل تائين پرڏيهين سان واٽ سونهون ٿيو ۽ کين ڳوٺ اڪرائي واپس جهنگ موٽيو ۽ انهيءَ نم جي ڇانوري ۾ ويهي رنگ برنگي ڪتابن جو پنو پنو ڪري ڏسڻ لڳو، جتي پهريائين ويهي ڌرتيءَ مٿان آڏا ابتا ليڪا ڪڍندو هو. ڪوڏ ڪتابن ڏسڻ ۾ ايترو محو ٿي ويو جو کانئس چنگ وڄائڻ به وسري ويو هو.

سانجهيءَ ٽاڻي جڏهن سڀ پکي پکڻ ولر ڪري افق جي ڳاڙهسري ڌنڌ مٿان ترندا واپس پنهنجي آکيرن ڏانهن ورڻ لڳا، ته ڪوڏ به ڪتاب ٺپي، اجرڪ جي ڪانڀ چيلهه مان ڪڍي اجرڪ جي پلاند سان منهن مهٽي اٿي کڙو ٿيو ۽ خيالن ئي خيالن ۾ پاڻ کي اسڪول ۾ سبق ياد ڪندي ڏسي گد گد ٿيندو اچي گهر ڀيڙو ٿيو.

وقت جو چرخو ڦرندو رهيو. ڏينهن هفتن ۾، هفتا مهينن ۾، مهينا سالن ۾ ڦرندا رهيا. پر ڪوڏ جو اوسيئڙو ختم نه ٿيو. هو روزانو ساڳي ئي نم هيٺان اچي اجرڪ جي ڪانڀ ڪڍي ڪتاب کولي انهن پرڏيهين جي واٽ واجهائيندو رهيو. پڙهائيءَ جي پورن ۾ ڪوڏ مينهون چارڻ به ڇڏي ڏنيون ۽ گهر وڃڻ به ڇڏي ڏنو. بس ڏينهن رات نم هيٺان ويهي گذارڻ لڳو.

دوست دڙن، مائٽ مٽن، ڳوٺ جي چڱن مڙسن کيس سمجهايو. چونس: ”سڀ ڪوڙ هو، دوکو هو، دولاب هو، ويندڙ ڪڏهن نه وريا آهن.“ پر، ڪوڏ جي دل مڃي ئي نه. آخر سڀني ڪڪ ٿي کيس سمجهائڻ ڇڏي ڏنو ۽ کانئس سڀ سڱ ڇني پنهنجي پنهنجي ڪرت کي لڳي ويا. ان وچ ۾ الائجي ته ڪيترا ڀيرا وقت جي ظالم رٿ اڻ کٽ گهوڙن ۾ رٿيل ڌرتيءَ جي لسي ۽ شفاف سيني مٿان پنهنجن ڦيٿن ۽ گهوڙن جي سنبن جا اڻ مٽجندڙ نشان ڇڏي هلي وئي، پر ڪوڏ اتي ئي اجرڪ جي ڪانڀ ڪڍيو ٽڪائين ٽوپي پايو ڳچيءَ ۾ ڳانو ۽ هٿن ۾ ڪتاب کوليو، اکين جي درين جا سڀ تاڪ کوليو، انهن پرڏيهين جي واٽ واجهائيندو ئي رهيو. هڪڙي ڀيري ته الائجي ڪٿان مڪڙن جا ڪٽڪ آيا سڄو نيرو اُڀ ڪاراٽجي ويو هو. سائي ستابي ڌرتي ڇانڀر بڻجي ويئي. هڪ نه داڻو ڇڏيائون هيڏي ساري ڦيري کان پوءِ به ڪوڏ آس نه لاٿي ۽ ويٺو ئي رهيو هنج ۾ ڪتاب کوليو، من ۾ آس جا ديپ ٻاريو. ورندي اڄ تائين به سندس هنج ۾ ساڳي ئي انداز سان ڪتاب کليل آهن ۽ ڪوڏ پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول کلڻ جي آس نه لاٿي آهي. کيس پڪ آهي، ته هڪ نه هڪ ڏينهن سندس ڳوٺ ۾ اسڪول ضرور کلندو. ماڻهو چون ٿا، ته اهو قصو نسورو ڪچ تي ٻڌل آهي پر سياڻن جو چوڻ آهي، ته اهو سمورو قصو سچ آهي. جڏهن به ڪوڏ جي ڳوٺ ۾ اسڪول کلندو ڪوڏ جي پٿر بت ۾ نئون سرير سمائجي ويندو ۽ هو اجرڪ ڇنڊي ڪتاب بغل ۾ هڻي اسڪول ڏانهن وک کڻندو.“

ماءُ ڳالهه پوري ڪري هڪ اونهو ساهه کنيو، اهڙو اونهو ساهه جيڪو هن جي پاتارن مان ڦيراٽيون پائيندو آسمان جي پولارن ۾ گم ٿي ويو. ’سنڌيا‘ چيو: ”آيل ڪوڏ ڏاڍو سٺو آهي، هن کي پڙهڻ جو شوق آهي.“

”ها پٽ، ڪوڏ سٺو آهي تو جيان،“ ماءُ ساڳي ئي نوع ۾ جواب ڏنس.

”پوءِ- آيل اسان ڪوڏ کي پاڻ وٽ وٺي اچون. هو مون سان گڏ روز صبح جو بس ۾ چڙهي اسڪول پڙهڻ هلي.“ اهو ٻڌي ماءُ هڪ ٻيو اونهو ساهه کنيو پوءِ کن رکي ’سنڌيا‘ کي سمجهائيندي چيائين: ”نه ڌيءُ ڪوڏ جي سرير ۾ ساهه تڏهن پوندو جڏهن سندس ننڍڙي ڳوٺ ۾ اسڪول کلندو. هن جا ڪن تڏهن سرلا ٿيندا جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول جي گهنڊ جو آواز ٻڌندو. سندس پٿر اکين ۾ جيون چمڪ تڏهن اڀرندي جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول جو بنياد اُسرندي ڏسندو.“

سنڌيا ماءُ جي ڳالهه تي ڪي پل سوچيندي رهي، پوءِ ڪجهه پريشان ٿيندي چوڻ لڳي: ”آيل ڪوڏ جي ڳوٺ ۾ اسڪول ڪڏهن کلندو!؟“

’سنڌيا‘ جو اهو سوال ٻڌي ماءُ به ڪجهه پريشان ٿي ويئي. اها خبر کيس به نه هئي، ته ڪوڏ جي ڳوٺ ۾ اسڪول ڪڏهن کلندو. پر هن ’سنڌيا، کي سمجهائيندي چيو: ”ڌيءُ تنهنجي بابلا توکي جيڪا دعا ياد ڪرائي آهي نه، جيڪا تون روز سمهڻ کان اڳ پڙهندي آهين. بس اها دعا اڄ به پڙهي سمهي پئه، هڪ نه هڪ ڏينهن ڪوڏ جي ڳوٺ ۾ اسڪول ضرور کلندو. تنهنجي دعا ضرور اگهامندي.“

”چڱو!“ ’سنڌيا‘ ماءُ جو چيو مڃيو ۽ پنهنجا پتڪڙا هٿ ڪاري آڪاس ڏانهن، کڻي، نظرون ٽمڪندڙ تارن ۾ کُـــپائي من جي گهرائين سان دعا گهرڻ لڳي:

سائينم، سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

پوءِ ٻنهي گڏجي چيو: ”آمين“ سنڌيا جي ماڻڪين مٿان وڏا ريشمي ڇپر هوريان هوريان ڇانوَ ڪرڻ لڳا ۽ ’سنڌيا‘ ننڊ ننگر ڏانهن هوا جي لهرن تي اڏامڻ لڳي. ’سنڌيا‘ خواب ۾ ڏسڻ لڳي: ڪوڏ جي ڳوٺ ۾ نم جي وڻ سامهون وڏي کليل ميدان تي هڪ شاندار اسڪول جڙيل هو، جنهن جي هڪ ڪلاس ۾ سندس ڀر ۾ ڪوڏ اڳئين بينچ تي ويهي ڪتاب پڙهي رهيو هو.

 ”گل ڦل“ ڊسمبر 1979ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com