سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ”گل ڦل“ چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو :9

هڪ هرڻيءَ جي ڳالهه

حميد سنڌي

هيءَ ڪنهن خاص هرڻيءَ جي ڳالهه ڪانهي. هيءَ سڀني هرڻين جي ڳالهه آهي، جن جون سهڻيون من موهڻيون اکيون مشهور آهن. حقيقت ۾ هيءُ ڳالهه سڀني اکين جي آهي. جيڪي ڳالهائي ڄاڻنديون آهن، ۽ هيءُ آهي به هڪ ڳالهه.

 اچو ته توهان کي هرڻيءَ جي ڳالهه، اکين جي ڳالهه، ڳالهه ڳالهه ۾ ٻڌائي ڇڏيان. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڳالهه مون کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.

ڪجهه ڏينهن ٿيا جو مان اباڻيءَ زمين تي زمينداري ڪرڻ ويو هئس. منهنجو ننڍڙو ڏهن ورهين جو پٽ به ساڻ هئم. ڇاڪاڻ ته هيءَ به سندس اباڻي ملڪيت هئي ۽ کيس ئي سنڀالڻي آهي، پوءِ ڀلا کيس پاڻ کان، زمين کان ڇو الڳ رکان؟ زمين تي پهتس، ته هارين جي گهرن جي ٻاهران ئي ديري تي کٽولا هنڌ وڇايل هئا ۽ ڏاڍو بالم ٿي وڃي ڪرت کي لڳس.

ٿوري ويرم کان ڏٺم، ته مون وارو نينگر گم هو. پڇا ڪيم ته چيائون ته :”سائين علو ڪمدار کيس گهرن ڏي وٺي ويو آهي.“ دل ۾ خوش ٿيس، چيم ته هاري به سندس ۽ انهن جا ننگ به سندس، کيس ئي سنڀارڻا آهن، ڪا مهل ٿي، ته ڏسان هڪ ننڍڙي ٻچٽ هرڻي نچندي اچي ۽ هو انهيءَ سان کيڏندو اچي.

”اڙي بابا، هيءَ هرڻي ڪنهن جي گهِلي آيو آهين؟“

”بابا، چاچا ڪمدار وٺي ڏني آهي، غلامون هاريءَ جي پٽ جي آهي، بابا، هو وري ڏيئي نه پيو، روئي پيو، چاچا ڪمدار دڙڪا ڏئي هرڻي ڪاهي آيو.“

الائجي ڇو مون کي شڪ پئجي ويو، اٿي بيهي رهيس. ”پر پٽ! هيءُ پَرائي آهي. غلامونءَ جي پٽ جي آهي، توهان کي نه وٺي اچڻي هئي.“

”بابا، هرڻي مون کي وڻي ٿي، مان ته هيءَ کڻندس.“

مون سندس اکين کي ڀرجندي ڏٺو، سندس اکيون التجا سان ڀريل هيون. مون ڪمدار ڏي ڏٺو. ”سائين ڪهڙي ڳالهه آهي، هيءُ راڄ سڄو تنهنجو آهي، سڄي تنهنجي ملڪ آهي. هرڻي ڪهڙي شي آهي. غلامونءَ جا مائٽ جبل ڏي رهندا آهن. حڪم ڪيو ٻيون هرڻيون کوڙ.“

غلامون اڳتي وڌي آيو، ”بادشاهه، ننڍڙي حاڪم تان هڪ هرڻي ڇا، سؤ هرڻيون قربان، منهنجي پٽ اها پالي آهي، تڏهن کيٽو ڪيو اٿائين. کيس ٻي گهرائي ڏيندس. هرڻي ننڍڙي حاڪم جي مِلڪ آهي منهنجا سائين!“

مان ويهي رهيس. ڪمدار، غلامون، علڻ، جانڻ، ولو، گلو ۽ رحيمو واري واري تي ڳالهائيندا رهيا. هو ڇا ڳالهائيندا رهيا، مان سمجهي نٿي سگهيس. منهنجون اکيون پنهنجي نينگر تي کُتل هيون، جيڪو هرڻيءَ سان کيڏي رهيو هو. منهنجي لاءِ وقت پٺڀرو هليو ويو هو ۽ ان نينگر جي جاءِ تي مان انهيءَ هرڻيءَ سان کيڏي رهيو هئس، رڳو زمانَ ۽ مڪان جو فرق هو. منهنجي سامهون ڌنڌ ۾ ويڙهيل ڪارا ٽڪر هئا. انهن جبلن جي هنج ۾ لس ئي لس ميدان ۾ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، انهن گهرن کان پرڀرو سرڪاري بنگلا هئا، ڪجهه ڪوارٽر هئا ۽ مان هئس. هڪ مون وانگر ننڍڙي هرڻي، جنهن جو نالو ڪونجڙي هو، مون سان هئي. مون به پئي ساڻس ٺينگ ڏنا، مون سندس ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي سندس اکين کي چميو، مون کي سندس اکيون اهڙيون وڻنديون هيون  جو جڏهن بابا جي آڏو انهن جي ساراهه ڪندو هئس، ته بابا منهنجي ماءُ کي چوندو هو: ”پٽهين ته ڪو شاعر ٿيندو.“

هرڻي ڇلانگ ڏئي ۽ سندس اکين ۾ مستي نه ڀرڇي، سان اڻ ٿيڻي آهي، انهيءَ مهل هن جون اکيون سندس انگ انگ جي مستيءَ کي ظاهر ڪنديون هيون. مان انهيءَ مستيءَ ۾ ئي گم ٿيس، ته بلاول ڊوڙندو آيو ۽ هرڻيءَ کي رسي کان وٺي ڪاهڻ لڳو: ”هيءَ هرڻي منهنجي آهي، هاڻي تو کي نه ڏيندس، سڄو ڏينهن ٿو ڊوڙائينس. منهنجي هرڻي ٿڪجي پئي آهي.“

مون اڳتي وڌي کانئس هرڻي جي رسي ڇنڻ جي ڪئي، پر مان آفيسري ٻار، ڪاٿي هو جابلو نينگر ڪاٿي، هڪ ئي ٿيلهو ڏنائين، مان پري وڃي پيس.

مون روئي اچي بابا کي دانهن ڏني. ڀلا ڪاٿي بابو منهنجو ضلع جو وڏو آفيسر، ڪاٿي هڪ پٽيوالو ۽ اُن  جو پٽ. ان مهل هرڻيءَ اچي بنگلي تي ٺڪاءُ ڪيو. بلاول جو ڪوارٽر پري نه هو، سندس رڙيون سڄي راڄ پئي ٻڌيون. هو چوندو رهيو: ”بابا منهنجي هرڻي، بابا، منهنجي ڪونجڙي!“

هيءَ ته ڳالهه ئي نه هئي جو پٽيوالو همت ڪري پنهنجي آفيسر کي چوي. بلاول ٻئي ڏينهن تپجي پيو. مان وٽس هرڻي ڪاهي ويس. چيومانس ته گڏجي کيڏون جيئن اڳي کيڏندا هئاسين، پر هو چوي: ”ڪونجڙي منهنجي آهي. رڳو منهنجي آهي!“

سرڪاري ضد ۾ هرڻي منهنجي هئي ۽ مان هرڻيءَ سان وڃي کيڏڻ لڳس.

شام جو اهو ئي ميدان، اهو جبل ۽ ڪونجڙي هئي، ائين ڏٺم ته بلاول ڊوڙندو آيو: ”هاڻي هيءَ هرڻي منهنجي آهي، بيگم صاحبا چيو آهي، ته ڀلي وڃي تون کڻ. منهنجيءَ امان مون کي بيگم صاحبا کان اها هرڻي وٺي ڏني آهي.

مون سامهون نظر ڪئي. بنگلي جي ٻاهرئين ٿلهي تي منهنجي امان بيٺي هئي ۽ اشاري سان مون کي سڏي رهي هئي، مون کي ياد آيو، ته بابا به ٻاهر گشت ۾ ويل آهي، پاسو کڻڻ وارو به ڪونهي ۽ هرڻي به هلي ويندي. ڏاڍي خار مان هرڻي ڪاهيندو بنگلي ڏانهن هليس. اتي پهتس، ته  امان پيار مان سمجهايو ۽ مان هرڻيءَ ڏي ڏسندو رهيس، جا آرام سان ٿلهي وٽ ويٺي هئي.

الائي ڇو ايڏي بيعزتي ڀانئيم جو جلد هڪ فيصلو ڪري ورتم، مون کي ان مهل نه ته هرڻيءَ جون ڇلانگون ياد آيون، نه من موهڻيون اکيون. بس چپ چاپ ٿلهي تي چڙهي ويس ۽ هڪ چڱي ڳري پٿر کي، اک ڇنڀ ۾ کڻي هرڻي مٿان اڇلايم. جيستائين امان پهچي، بلاول ڊوڙي يا هرڻي سجاڳ ٿئي، هرڻيءَ جو مغز بنهه ڏاري وڌم، منهنجي اکين آڏو هرڻيءَ جون اهي اکيون ياد آهن، جن ۾ اهڙيون التجائون، صدين جون صدائون هيون. جو ائين سمجهيم، ته سڄي وادي گونجي اٿي آهي. ان سان گڏ بلاول جون دانهون اُڀ ڏاري رهيون هيون. مون بلاول جي اکين ۾ به اهي ئي صدائون پسيون، الائي ڇو سندس اکيون مون کي هرڻيءَ جي اکين کان مختلف نه لڳيون.

اڄ جڏهن منهنجو پٽ اهڙي هڪ هرڻي ڪاهي آيو، ته سچ پچ ڏڪي اٿيس ۽ جيئن ڇرڪ ڀري ڏٺم، ته منهنجو پٽ مون کي ڪجهه چئي رهيو آهي:

”بابا هو آهي غلامونءَ جو پٽ!“ ڏٺم ته هڪ نينگر ڪنڌ هيٺ ڪيو، ٻني تان وڃي رهيو آهي. ڇانگ ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙي ڪهاڙي هٿ ۾ اٿس، جا ٻوڙن تي هڻندو نڪتو پئي ويو.

مون غلامونءَ کي چيو، ته کيس سڏ ڪري، غلامونءَ جي سڏ تي هن لوڻو ورايو ۽ ڪجهه وقت اتي بيٺو رهيو ۽ پوءِ سري ويجهو آيو، سندس اکيون روئڻ ڪري ڳاڙهيو هيون.

 ”پٽ اوري آ، تو کي هرڻي کپي؟“

 يڪدم مون واري پٽ دانهن ڪئي. ”بابا مان هرڻي ڪو نه ڏيندس!“

مون ڏٺو ته سندس اکين ۾ جا جوت جاڳي هئي، اُتي مايوسيءَ جا پاڇولا اچي ويا هئا: ”نه سائين، هرڻي ننڍڙي حاڪم جي آهي. اڙي هل ڇورا! وڃي ٻڪرين کي ڏس هلي!“ غلامونءَ چهڙ ڏنس.

مون يڪدم کيس روڪيو: ”پٽ ٻيهر اسان هرڻي ڪاهيون ٿا، پر ائين نه. اچي هيءُ وٺ. تون ٻي هرڻي وٺجانءِ.“ ڏانهس پنجاهه جو نوٽ وڌايم، ڏٺم ته سندس اکيون ڀرجي آيون هيون. هن نوٽ وٺي هرڻيءَ ڏانهن ڏٺو، جا پرڀرو وڻ سان ٻڌي بيٺي هئي. اوچتو سندس اکين ۾ مون هڪ عجيب چڻنگ ڏٺي. هن مون ڏانهن ڏٺو، هن جون اکيون ڳالهائي رهيو هيون. اهڙي ڳالهه، جنهن ۾ نه التجا هئي، نه صدا هئي، ڄِـــڀي هئي، جنهن ڀڙڪو کاڌو هو ۽ هو اُلر ڪري هرڻيءَ ڏانهن وڌيو. مان ته پنڊ پاهڻ ٿي ويو هئس، هن جي ڊوڙ، تکائي ۽ جلدائي حيرت ۾ وجهندڙ هئي.

هن هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪهاڙيءَ سان هرڻيءَ جي منڍي لاهي وڌي. وڄ هئي، جنهن وراڪو ڏنو هو. مون ڏانهس ڏٺو، هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ سندس اکين هڪ دفعو وري ڳالهايو. مان ڇا ٻڌايانوَ، ته هن جي اکين ڇا ڳالهايو؟ شايد وقت اهڙو اچي جو توهان سان ائين ئي ڪو اکيون ڳالهائين ۽ سمجهو ته هو ڇا ٿيون چون؟ هن گهوڙي وارا دڙها هنيا ۽ واڪا ڪندو ڊوڙندو نڪري ويو. مون ڏٺو، ته چؤٻول پئجي ويو. مان وڌي هرڻيءَ تائين ويس. سندس اکين ۾ اهي ئي التجائون ۽ صدائون.

هرڻيون شايد هرڻيون آهن. سڀ ساڳيون، من موهڻيون اکيون، اهي ئي اکين ۾ التجائون، ۽ صدين جون صدائون، پر منهنجي آڏو بلاول جون اکيون پوءِ غلامونءَ جي پٽ جون اکيون، ڦري آيون، اهي ڪيڏيون نه مختلف هيون!.

”ڪيڏو نه زمان ۽ مڪان جو فرق آهي!“مون سوچيو.

مون پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو جو هرڻيءَ مٿان رڙيون ڪري روئي رهيو هو. مون کي ائين لڳو، ته هو بلاول بڻجي ويو آهي.

 

”گل ڦل“ – 1977ع

 

 

ڪاميابيءَ جو راز

جاويد احمد سومرو

گهڻو وقت اڳي ڪنهن ملڪ تي هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. جنهن کي ڪاميابيءَ جي راز جي تلاش هئي. هن جو خيال هو، ته جيڪڏهن هو ٽن سوالن جا جواب ڳولي لهندو، ته هن کي ڪاميابيءَ جو راز هٿ اچي ويندو ۽ هو ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندو. اهي سوال هي هئا:

ڪنهن ڪم شروع ڪرڻ جو وڌيڪ اهم وقت ڪهڙو آهي، وڌيڪ اهم ڪم ڪهڙو آهي ۽ ڪير وڌيڪ اهم ماڻهو آهي؟

ان ڳالهه کي مد نظر رکي بادشاهه، وزير کي چئي اهو پڙهو ڏيارائي ڇڏيو، ته جيڪو به انهن ٽن سوالن جا صحيح جواب ڏيندو، تنهن کي 5000 رپيا انعام طور ڏنا ويندا.

ڪيترائي ماڻهو آيا پر ڪير به صحيح جواب نه ڏئي سگهيو. ان کان پوءِ بادشاهه پنهنجي دربار ۾ ملڪ جي سياڻن ۽ عالم شخصيتن کي گهرايو ۽ انهن سان ان مسئلي تي ڳالهايو پر اهي به بادشاهه کي مطمئن نه ڪري سگهيا، ڇو ته انهن مان جيڪڏهن ڪنهن هڪ جواب ڏنو ٿي، ته ٻين ان جي مخالفت ۾ بحث ڪيو ٿي، جيڪڏهن هڪ ماڻهو ڪنهن ڳالهه جو مشورو ڏيندو هو، ته ٻيو ان جي مخالفت ڪندو هو. اهڙيءَ طرح بادشاهه ڪنهن جا به جواب نه قبول نه ڪيا.

هاڻي ته بادشاهه بلڪل نااميد ٿي ويو، ڇو ته اهڙو ڪو ماڻهو ئي نه رهيو هو، جيڪو انهن سوالن جا صحيح جواب ڏي. آخرڪار بادشاهه جي ذهن ۾ هڪ خيال آيو ۽ هڪ ڀيرو وري هن کي جوابن ملڻ جي اميد نظر آئي.

محل کان ٿورو ئي پري جهنگ ۾ هڪ جهونو ۽ سياڻو درويش رهندو هو، جنهن جي واکاڻ سڄي ملڪ ۾ پکڙيل هئي. بادشاهه خود به ان بزرگ جي تعريف ٻڌي هئي ۽ ان کان صلاح وٺڻ چاهي، پر مشڪل اها هئي، ته هو امير ماڻهن سان ملڻ نه چاهيندو هو ۽ نه ئي وري انهن کي پسند ڪندو هو. آخرڪار بادشاهه ان مسئلي جو به حل ڳولي لڌو. هن ميرا ۽  چتيون لڳل ڪپڙا پاتا ۽ درويش سان ملڻ لاءِ روانو ٿيو. ويجهو پهچي هن پنهنجي نوڪرن کي پٺيان بيهاريو ۽ سڌو درويش جي جهوپڙيءَ ڏانهن ويو.

ان وقت درويش پنهنجي جهوپڙيءَ جي اڳيان زمين کوٽي رهيو هو. پوڙهو تمام جهونو ۽ ڪمزور هو ۽ تمام ڏکيائيءَ سان ساهه کڻي رهيو هو، جنهن ڪري جلدي جلدي آرام ۽ ساهه پٽڻ لاءِ بيٺو ٿي. بادشاهه عاجزيءَ سان درويش کي عرض ڪيو ته: ”سائين! آءُ پري کان ٽن سوالن جا جواب وٺڻ آيو آهيان. ڪنهن ڪم شروع ڪرڻ جو وڌيڪ اهم وقت ڪهڙو آهي؟ وڌيڪ اهم ڪم ڪهڙو آهي؟ ۽ وڌيڪ اهم ماڻهو ڪير آهي؟ ڇا توهان انهن سوالن جي جوابن ڏيڻ ۾ منهنجي مدد ڪندؤ؟

درويش، بادشاهه ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجو ڪم جاري رکيو. بادشاهه ٿوري لمحي لاءِ ترسيو ۽ پوءِ چيائينس ته: ”سائين! تون ڪمزور آهين ۽ ٿڪل ٿو ڏسڻ ۾ اچين، مون کي ڪوڏر ڏي، ته آءُ ٿو زمين کوٽيان.“

درويش بادشاهه جو شڪريو بجا آندو ۽ کيس ڪوڏر ڏنائين. بادشاهه زمين کوٽڻ شروع ڪئي. ڪجهه دير کان پوءِ هن وري درويش کان جوابن لاءِ پڇيو، پر ان وقت به هو خاموش رهيو ۽ چيائين ته : ”هاڻي مون کي ڏي ته آءٌ ٿو کوٽيان.“ پر بادشاهه هن کي ڪوڏر نه ڏني ۽ مسلسل کوٽيندو رهيو.

بادشاهه همت نه هاري ۽ صبر کان ڪم وٺندو رهيو. هن کي اها اميد هئي، ته آخرڪار هو ضرور جواب حاصل ڪرڻ جي لائق ٿيندو. اهڙيءَ ريت ڪم ڪندي شام ٿي ويئي ۽ هن کوٽڻ بند ڪري درويش کي چيو ته: ”مهرباني! ڇا هاڻي توهان مون کي جوابن کان واقف ڪري سگهون ٿا؟“ درويش وري به جواب نه ڏنو ۽ هڪ طرف منهن ڪري اشارو ڪيائين. بادشاهه هڪ وڏي ڏاڙهي وارو ماڻهو پاڻ ڏانهن ڊوڙندو ڏٺو، جنهن جي ساڄي هٿ ۾ هڪ خنجر هو. جڏهن اهو ماڻهو هن جي ويجهو پهتو، ته ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو، ان کان علاوه ان کان رت به وهي رهيو هو. بادشاهه ان کي اندر جهوپريءَ ۾ کڻي ويو ۽ هن کي زمين تي ليٽائي جلدي رت بند ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ۽ سندس زخم تي پٽي ٻڌي. تڪليف جي ڪري اهو ماڻهو جلد ئي سمهي پيو.

رات ٿي چڪي هئي، بادشاهه به تمام گهڻو ٿڪجي پيو هو، درويش هن کي رات ترسڻ جي صلاح ڪئي، ته بادشاهه هن جي مهماني تمام خوشيءَ سان قبول ڪئي. درويش هن کي ماني کارائي ۽ سمهڻ لاءِ ڪکن وارو بسترو ڏنو.

صبح جو بادشاهه جاڳيو، ڏٺائين ته اهو ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو به جاڳيل هو. بادشاهه چيس ته :”هاڻي تون پاڻ کي ڪيئن ٿو محسوس ڪرين؟“ هن جواب ۾ چيو ته:”آئون پاڻ کي چڱو ٿو محسوس ڪريان، توهان جي مهرباني. مون کي معاف ڪر، آءُ هتي تو کي مارڻ آيو هئس. ڇاڪاڻ جو تو منهنجي ڀاءٌ کي قتل ڪيو هو. ڏک ۽ صدمي جي ڪري آءٌ تنهنجو جاني دشمن ٿي پيس ۽ تو کي قتل ڪرڻ لاءِ رستي تي لڪو ويٺو هئس ۽ تنهنجي موٽڻ جو انتظار ڪري رهيو هئس. پر جڏهن تون نه موٽئين ته آءُ لڪڻ واري جڳهه مان نڪري آيس. تنهنجي نوڪرن مون کي ڏٺو ۽ سڃاتائون، تنهن ڪري انهن مون کي سخت زخمي ڪيو پر آءٌ بچي ويس، جيڪڏهن تون مون سان همدردي ۽ سنڀال نه ڪرين ها، ته آءٌ مري وڃان ها، ان ڪري آءٌ تنهنجي مهرباني مڃان ٿو. هاڻي مون کي پنهنجن وفادار نوڪرن مان هڪ سمجهه.“ ائين چوندي هن بادشاهه کي سلام ڪيو ۽ هليو ويو.

جڏهن اهو ماڻهو روانو ٿي ويو. ته بادشاهه وري درويش کان سوالن جا جواب پڇيا. درويش چيس ته: ”تو کي سوالن جا جواب اڳيئي ملي چڪا آهن.“

بادشاهه وراڻيو ته: ”ڪيئن؟“ درويش چيس: ”وڌيڪ ضروري وقت اهو هو جڏهن تو منهنجي مدد ٿي ڪرڻ چاهي، وڌيڪ ضروري ڪم هو زمين کوٽڻ ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ وڌيڪ ضروري ماڻهو هئس. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ته تون واپس نه موٽين ها ۽ مارجي وڃين ها. ٽئين دفعي وڌيڪ ضروري ماڻهو اهو ئي ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو هو ۽ وڌيڪ ضروري ڪم هو ان جي مرهم پٽي ڪرڻ. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها، ته توکي هڪ وفادار نوڪر نه ملي ها.“ ۽ وڌيڪ چيائين ته: ”تون وڏي ڀاڳ وارو آهين.“

بادشاهه جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بزرگ کي سلام ڪري پنهنجي محل واپس هليو ويو.

 

گل ڦل، نومبر 1983ع

 

امان، مان اسڪول ڪو نه ويندس

حفيظ شيخ

 

صبح جو ننڊ مان اٿيو، ته لڱ پيا ڀڄنس، اکيون مهٽي چپيون ڪڍڻ لڳو، ته ماءُ جو آواز ڪن تي پيس: ”گلڻ! او، ابا گلڻ! ابا، اٿي اسڪول ويندين نه ڇا؟“

”ها، امان!“ هن ننڊاکري آواز ۾ چيو. مٿان پيل گُندي سيري، کٽ کان هيٺ لٿو، ٿيڙ کائيندو هو دلن تائين پهتو، ڪرو کڻي منهن ڌوتائين، ۽ اچي ماءُ کان نيرن گهريائين. راتوڪا چانور رکيا هئا، ماڻس لپ ڪڍي ڏنس، لسيءَ چڪو وٽي ۾ وجهي چانور کائڻ شروع ڪيائين، هن پاروٿا چانور نڙيءَ ۾ لسيءَ ڍڪ سان ڳيتون ڏئي پئي هيٺ لاٿا.

نيرن کائي بس ڪيائين، ته اٿيو جاري ۾ پيل، اڻ لکيل ڦرهيءَ تي نظر پيس، ته ٿڌو ساهه ڀريائين. گهڙي سوا اُتي ئي بيهي رهيو. ۽ پوءِ هوريان هوريان جاري ڏي وڌڻ شروع ڪيائين. پر ٻه-چار پير ڀري هو وري بيهي رهيو. ماءُ ڏي منهن ڪيائين. سندس منهن مان ڏک ۽ ڀوء پئي لڳو: ”امان........مان........ اڄ اسڪول نه وڃان!“ مِــڻ مِـــڻ ڪري ماءُ کي چيو: ”ڇو؟“ ماڻس تِــکو ٿي پڇيو. کيس خوف ٿيو، ته ماڻس کيس ماري. ڪنڌ هيٺ ڪري جاري ڏانهن وڌيو. بجڪي ۽ ڦرهي ۾ هٿ وجهي هو گهر کان ٻاهر نڪرڻ لڳو، در تي پهتو، ته اکين مان ٻه ڳوڙها وهي وڃي ڳلن تي بيٺس. سڄي واٽ هن جو ڪنڌ هيٺ هو. هو ڏڪندو پي ويو. هن جي خيال ۾ ماستر جي راڪاس جهڙي شڪل اسڪول ۾ رول گهمائيندي پي ڦري.

اسڪول ۾ پهچي، هو وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺو ۽ پنهنجي قميص جي پلؤ سان ڳوڙها اگهڻ لڳو، هن ڦرهي ڪين لکي هئي. لکڻ تي ٺهيو  پر ميساري به ڪين هئائين، پر ان ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ جڏهن هن کي موڪل ملي ۽ نٽهڻ اُس ۾ ٻه ميل پنڌ تان موٽيو هو، ته ماڻس هن کي چاچهس کي ٻنيءَ تي ماني ڏيڻ لاءِ مُڪو هو. ٻني به ويجهي ڪين هئي. پوري ڪوهه پنڌ تي هئي. ويچارو ويندي ٿڪجي پيو. ايندي ته اصل ويل، ٿي پيس. رکي رکي خيال پئي آيس، ته استاد کي سربستو احوال ڪري ٻڌائيندو، پر استاد مڃيندو، سان ڳالهه هن کي اعتبار ۾ نه ٿي آئي.

هو انهن ڳڻتين ۾ ويٺو رهيو. ڦرهي نه لکي اچڻ سبب کيس جيڪا مار ملڻي هئي، ان جي فڪر ۾ ڦاٿل هو. سندس ساٿي نينگر پنهنجا پنهنجا سبق ياد ڪندا رهيا. ۽ هو دل ئي دل ۾ روئندو رهيو. رکي رکي دل ۾ خيال ٿي آيس، ته ڀڄي وڃي، پر ڪيڏانهن؟ سو کيس سمجهه ۾ ڪين ٿي آيس، ۽ پوءِ سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي پئي آيون ۽ هن پنهنجي قميص سان اُگهي ٿي ڇڏيون.

نيٺ اها مهل اچي وئي، جنهن جو کيس ڊپ هو. استاد کانئس سبق پڇيو، ته هو ٻڌائي نه سگهيو. هو چپ ڪري بيهي رهيو. ان بعد ماستر ڦرهيو ڏٺيون، ته به هيءُ ماٺ ڪريو بيٺو هو. ماستر گهڻائي سوال ڪيس پر هن وراڻيو ڪين. اکين مان پاڻي ٿي اُٺس، ڄڻ ٻه نيسارا هئا، جي بيهڻ جو نانءُ ئي نه پيا وٺن.

سندس ماستر گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون، ته هو ڪجهه ڪُــڇي، پر هو ڪو نه ڪُڇيو. ماستر کيس تڙيون ڏيڻ شروع ڪيون، پر اڃا به ڪين ڪڇيو. پوءِ ماستر کيس مارڻ شروع ڪيو.........ٺا..........ٺا ٺا......ٺا..............ٺا چماٽون هن جي ڳلن تي وڄڻ لڳيون....... پر هو ڪين ڪڇيو. ماستر جي ڪاوڙ وڌي وئي. ڄڻ ننڍڙي ٻار پنهنجي خاموشيءَ سان سندس بي عزتي ڪئي هئي........ ڌم......... ڌم ماستر هاڻي لتن کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو. ڇوڪر پٽ تي ڪري پيو، هو ڪُسندڙ ٻڪر وانگر ٻيڪٽ ڪري رهيو هو، ۽ ماستر مٿانئس لتون وسائي رهيو هو ......... ۽ پوءِ ڇوڪر جا ٻيڪٽ به بند ٿي ويا.... هو خاموش ٿي ويو.......... ماستر ڪجهه ٺريو نوڙي ڏٺائين، ته ڏندڻيو پيو هو. ٻئي هڪ ڇوڪر کان پاڻي گهرائي ڪجهه منهن تي وڌائينس.... تڏهن هوش آيس، اٿي پنهنجي جاءِ تي ويٺو. سندس اکين مان ڳوڙها ساڳيءَ رفتار سان ڳڙي رهيا هئا. روئندو رهيو، جيسين کيس اسڪول مان موڪل ملي.

موڪل ملڻ تي گهر ويو، ته کيس رستي ۾ اُلٽي آئي. ماڻس ڊوڙي اچي هٿ وڌس، ته پئي ٻريو. ڳراٽڙي پائي وڃي هنڌ ۾ وڌائينس، ويچارو تپجي پيو هو، شايد ڊپ کان يا ماستر جي مار کان، رکي رکي پئي وڦليو: ”امان! مان اسڪول ڪو نه ويندس........ امان.........مان....... اسڪول........ ڪونه ويندس.“

”ها ابا، تون نه وڃجانءِ“ ماڻس روئڻهارڪي ٿي چيو. ڇوڪر چپ ٿي ويو. سندس تپ وڌي رهيو هو. اکيون لعل ٿي ويون هئس ۽ لڱن مان نسوري باهه ٿي نڪتس. امان.........مان......... اسڪول.......امان ......... مان....اسڪول.......ڪونه ويندس..... امان......مان...... امان .....“ ۽ هو بيهوشيءَ ۾ روئڻ لڳو، ماڻس وهلور پئي وئي.”ڪهڙي ڪاريءَ کاڌم، چئي به پيو اسڪول نه وڃان، زور ڪري مُڪم. هاءِ الله! مون پاڻ پير تي ڪهاڙي هنئي.“ ماڻس پار ڪڍڻ لڳي. ڇوڪر وري پئي وڦليو، ۽ ماڻس جي هانوَ وڍ پئي کاڌا. پڻس سانجهيءَ تي وريو، ته ماستر کي ٻه ٽي گاريون ڏئي ويهي رهيو. ڇوڪر جي بيماريءَ عجب رنگ پئي ورتو. تپ لهڻ جو نانءَ ئي نه پيو وٺي. ماڻس راتيون اوجاڳا ڪري گهاريو. چار ڏينهن گذري ويا. پر ڇوڪر اک نه پٽي. بس اها وڦل ۽ اها آنڌ مانڌ. ويچاري ماءُ جا روئي روئي حال رليا پر ڇوڪر جي حالت اهائي. پڻس پورهيت ماڻهو، سو صبح سان مزدوري تي وڃي، ته پيشن جو گهر وري. گهر اچي جو ڇوڪر جي حالت ڏٺي، ته ٿڌو ساهه کڻي ويهي رهي. چار ڏس جيڪي ڳوٺ جي وڏڙين ڏنا، ماڻس سڀ پورا ڪيا. ٻيو ته چارو ڪو نه هو. بس الله تي رکيو ويٺا هئا.

هڪ ڏينهن ماستر اچي در جهليو، چي: ”سڀاڻ ڊپٽي صاحب جي منزل آهي، گلڻ جي ٻانهن ڏيو، نه ته ڏنڊ پوندو. ويچاري زال ذات گهڻيون ئي رڙيون ۽ واڪا ڪيا، ته ڇوڪر چاق ڪينهي، پر ماستر ٻڌي ڇو ٿو؟ ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ ڊپٽيءَ جي منزل ٿي، ماستر اسڪول ۾ ڇوڪرن جي غير حاضريءَ جي شڪايت ڪئي. ڳوٺ جي ماڻهن جي بيپرواهيءَ جي شڪايت ڪئي، مطلب ته پنهنجي کل بچائڻ لاءِ، جيڪي پڳس سو چيائين. ڊپٽي صاحب سڀني تي سمن جاري ڪرايا، گلڻ جي پيءُ کي به سمن مليو ۽ هو سمن وٺي ماستر کي گاريون ڏيڻ لڳو. گلڻ جي ماءُ پار ڪڍي روئڻ لڳي، ٻيو ويچارا غريب ماڻهو ڪري به ڇا ٿي سگهيا!؟

سمن ۾ پندرهن ڏينهن جو مدو ڏنل هو، پر گلڻ جي حالت جيڪا سا هيڻي، پندرنهن ڏينهن پورا ٿيا، ته گلڻ جو پيءُ ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ ويو. ڊپٽي کي منٿون ميڙيون گهڻيون ئي ڪيائين پر هت ماستر جي چغلين ڪي ڪم ڪيا هئا، ڊپٽي صاحب ڏمر ۾ هو، ڏهه رپيا ڏنڊ ڪيائين. ويچارو گهران هليو هو، ته اميد هئس، ته ڊپٽي صاحب معاف ڪندو. پر هتي ڊپٽي صاحب جي دل ڪجهه سمجهي، ته ڪهڪاءُ اچيس! آزي نيزاري ڪيائين، تڏهن مس مس وڃي ٻن ڏينهن جي مهلت مليس. گهر وريو ته هيڪاري ڇوڪر جي حالت نازڪ  ڏٺائين. ٻه ڏينهن خير جا گذريا، ٽئين ڏينهن شهر وڃڻ جا سانباها پئي ڪيائين. ته گلڻ جي حالت نازڪ صفا خراب ٿي وئي.

”امان....... مان اسڪول....... نه ............ وڃان............“ هو آهستي وڦلڻ لڳو ................ امان ........... اسڪول...........“ ائين ئي هن جو ڪنڌ هڪ طرف لڙڪي پيو. ماڻس اوڇنگارون ڏئي کيس چنبڙي پئي، پڻس جي اکين مان پاڻي وهي هليو، هو به روئڻ لڳو: ”گلڻ! او ابا گلڻ!“ ماڻس واڪا ڪرڻ لڳي. پر گلڻ اتي هليو ويو هو. جتي ٻنين تي ماني ڏيڻي ڪانه آهي، جتي اسڪول ڪين آهن، جتي ماستر ڪين آهن، جتي معصومن کي مار ڪين ملندي آهي.

”گل ڦل“- جنوري 1978ع

 

عظمت جا مينار

صنم قادري

رسيس جو گهنڊ وڳو ننڍڙا ننڍڙا ٻار خوشيءَ مان نچندا ٽپندا ۽ ڪُڏندا ٻاهر نڪرڻ لڳا. معصوم معصوم ٻارڙن جي گوڙ مان وري هو ڪن وارن جا آواز بلند ٿيڻ لڳا. هر ٻار پنهنجي پسند جي شيءِ وٺڻ لاءِ ڊُڪي رهيو هو،  ڪنهن ملائي ورتي، ته ڪنهن وري قلفي، ڪو برف جو ڳنڍو چوسڻ لڳو، ته ڪو وري چڻن چٻاڙڻ ۾ پورو هو. اختر به ڪتاب ٺاهي بينچ تي رکي ڊوڙ پائي آفيس ۾ ڪٻٽ تي رکيل چڻن جو ننڍو ٿالهه کڻي کپائڻ لاءِ اچي پهتو. ڪجهه ٻار ميڙاڪو ڪري بيٺس. هر ڪنهن کي هو واري واري سان چڻا ڏيندو پئي ويو. ايتري ۾ نياز، جيڪو شهر جي هڪ سيٺ جو پٽ هو، پنهنجن ڪجهه ساٿين سميت اختر جي ڀر ۾ پهتو ۽ کانئس چڻا گهرڻ لڳو. اختر کي خبر هئي، ته نياز، پيسا ڏيندو ئي ڪو نه!! سو چڻا ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. نياز ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي ويو. هن اها پنهنجي بيعزتي سمجهي ۽ اختر کي ڌڪو ڏنائين، ته چڻن جو سڄو ٿالهه ڪري پيو، چڻا مٽيءَ ۾ خراب ٿي ويا ۽ پيسا پٽ تي وکري ويا ۽ نياز ساٿين سميت کلندو هليو ويو. ايتري ۾ رسيس بند ٿيڻ جو  گهنڊ وڳو، ته اختر وکريل پيسا پٽ تان کڻي ٿالهه آفيس ۾ رکي اچي ڪلاس ۾ ويٺو. ماستر آيو، ته اختر کيس دانهن ڏني. ماستر نياز کي اٿي بيهڻ لاءِ چيو ۽ پڇيائين:”اختر کي ڇو ڌڪو ڏنئي ؟“

ان تي نياز جواب ڏنو ته: ”سائين اختر مون کي گاريون ڏنيون.“

ايتري ۾ نياز جا ساٿي به اٿي بيٺا ۽ نياز جي تصديق ڪندي چوڻ لڳا ته :”ها سائين! اسان پاڻ ٻڌو، ته اختر گاريون پئي ڏنس!!!“

”پر گارين ڏيڻ جو ڪو سبب ته هوندو!؟“ ماستر پڇيو.

”سائين! مان چڻا گهريامانس، ته جواب ڏنئي، چيومانس ته پوءِ آئنده اسڪول ۾ کڻي نه ايندو ڪر، ان تي مڇرجي پيو ۽ گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين!!“ نياز جواب ڏنو.

”...... ۽ تو ڌڪوڏنس! گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ٻڌائين ها.“ ماستر چيو:

”اڙي اختر تو گاريون ڇو ڏنس؟“ ماستر وري اختر کي مخاطب ٿيندي چيو:

”سائين مان ته ڪابه گار ڪانه ڏني، چار پنج ڄڻا ٿي آيا ۽ مفت ۾ چڻا زوري وٺڻ لڳا. مون انڪار ڪيو، ته ڌڪو ڏنائون.“

اختر روئڻهارڪو ٿيندي چيو:

”نه سائين اختر ڪوڙ ٿو ڳالهائي!“ نياز وچ ۾ ٽپ ڏيندي چيو.

”چپ ڪري بيهه نالائق.“ ماستر کيس دڙڪو ڏيندي چيو.

ايتري ۾ دهي پڙن وارو آيو ۽ استاد جي خالي ڪيل پليٽ کنيائين. هن جو اها ڳالهه ٻڌي، ته اختر جي حق ۾ شاهدي ڏنائين، ڇو ته اختر سندس ئي گاڏڙي اڳيان چڻا کپائي رهيو هو ۽ سچو لقاءُ اکئين ڏٺائين. استاد لڪڙ گهرائي نياز ۽ ان جي ساٿين ۽ اختر کي سزا ڏنائين، ته جيئن آئنده پاڻ ۾ نه وڙهن. ويچارو اختر نازڪ هٿڙن جون تريون مهٽيندو، ڳوڙها ڳاڙيندو ويهي رهيو.

اختر ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ نياز به ساڻس گڏ ٽئين ڪلاس جو شاگرد هو. اختر جو پيءُ ٽي. بيءَ جو مريض ۽ هو ڪمائڻ کان به لاچار هو، سندس ماءُ، پاڙي وارن جا ڪپڙا ۽ ٿانوَ ٺڪر ڌويو مڙيوئي پيئي گهر کي هلائيندي هئي ۽ روز صبح جو چڻا رڌي اختر کي ڏيندي هئي، ته جيئن اسڪول ۾ پڙهڻ سان گڏ چڻن جو هڪ ٿالهه به کپائي. موڪل مهل موٽي منجهند جو گهڙيءَ کن آرام ڪري وري چڻن جو ٻيو ٿالهه کڻي شام جو بس اسٽينڊ تي کپائڻ ويندو هو. جڏهن سج به آڪاش جي دامن ۾ پناهه وٺندو هو، ته هو به هلڪي هلڪي اوندهه مهل گهر موٽندو هو ۽ رات جو روزانو ويهي پابنديءَ  سان اسڪول جو ڪم ڪندو هو. ايتري ننڍڙي عمر ايڏي محنت ۽ مشقت جي باوجود هر وقت صاف سٿرو رهندو هو، ننڍي وڏي سان نهايت اخلاق ۽ ادب سان پيش ايندو هو. اڄوڪي خبر جڏهن گهر اچي ماءُ کي ٻڌايائين، ته سندس پياري ماءُ شفقت جا هٿ مٿي تي ڦيريندي کيس هدايت ڪندي چيو ته : ”پٽ صبر ۽ شڪر کي هٿان نه ڇڏبو آهي، الله ڪندو، ته تون هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻيندين، بس مسلسل محنت ڪندو رهه. اهي چند پيسا ته اچڻي وڃڻي شيءِ آهن.“

ماءٌ جي آٿت تي اختر جي اندر ۾ وري عزم جو جذبو جاڳڻ لڳو ۽ گهڙي کن آرام ڪري وري چڻن جو ٿالهه کڻي پنهنجي منزل ڏي راهي ٿيو.

هوڏانهن نياز جي دوستي شهر جي لوفرن ۽ غنڊن سان هوندي هئي. هن اسڪول ۾ استاد جي مار پنهنجي بيعزتي سمجهي ۽ هاڻي بدلي وٺڻ لاءِ آتو هو خبر هئس، ته شام جو اختر  وري چڻا کپائڻ بس اسٽينڊ تي ايندو.

اختر هوڪا ڏيندو چڻا کپائي رهيو هو، ته اوچتو ئي اوچتو ڪجهه غنڊا ڦري آيس ۽ سڀ چڻا ڪيرائي، پئسا ڦري ورتائونس. اختر وري ڪوماڻل منهن ۽ وکريل وارن سان گهر اچي پهتو، پر گهر ۾ هڪ دفعو وري شفيق جي ماءُ کيس ڏڍ ڏنو ۽ مسلسل محنت جي عظمت کان آگاهه ڪيائين. اختر ماءُ جو حڪم سمجهي هينئن سان هنڊائڻ لڳو.

ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ اڃا پهريون پيرڊ هلي رهيو هو، ته نياز جو سيٺ پيءُ، ٿلهي پيٽ ۾ بي ڊولي جسم سان، تاتاري ڪٽ مڇن کي وَٽَ ڏيندو ڪلاس ۾ آيو ۽ ماستر ويچاري کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. ماستر ويچارو منهن هيٺ ڪيو ويٺو رهيو. ڀلا ڪري به ڇا ٿي سگهيو!؟ اها ئي ته ماستري هئي جو مهيني ۾ ٽي سؤ رپيا کن ملندا هئس، جن مان هو پنهنجن ٻچن سان گذر سفر ڪندو هو، جي ٿو سيٺ کي ڪو جواب ڏئي، ته نوڪريءَ تان هٿ ٿا کڻن پونس، جي نوڪري وئي ته ولر ٻچن سوڌو مرندو بک! اهو سوچي سوچي هو سيٺ جي اڳيان ڪنڌ نوايو بيٺو رهيو! نياز اهو ڏسي ٻهڪيو پئي، پر اختر، پنهنجي ماستر جي اها بيعزتي ڏسي دل ئي دل ۾ ڪڙهندو رهيو! ڀلا هيءُ ننڍڙو ابهم ٻار ڪري به ڇا ٿي سگهيو!!؟

.....ان کان پوءِ هر آئي ڏينهن اختر ويچاري سان جُــٺيون ٿينديون رهيون، پر اختر مسلسل محنت ڪندو رهيو ۽ اهڙن ننڍڙن ننڍڙن واقعن تي ڌيان ئي نه ڌريندو هو، هاڻ هو اٺون درجو پاس ڪري نائين جماعت ۾ داخل ٿي چڪو هو، جڏهن نائين درجي جو امتحان ٿيو، ته نياز ناپاس ٿي پيو، پر اختر امتيازي مارڪن سان ڏهين ۾ پهچي ويو ۽ آخرڪار محنت سان مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتائين. هاڻي اختر پڙهڻ سان گڏو گڏ چڻن وڪڻڻ بجاءِ شهر جي هڪ ڪارخاني ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. هو ڪارخاني ۾ رات جو ڊيوٽي ڏيندو هو. نوڪريءَ سبب هو انٽر فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪرڻ کان رهجي ويو، پر هو مايوس نه ٿيو ۽ بي، ايس سي ۾ داخلا وٺي وري اڳتي پڙهڻ لڳو. ڪارخاني جو مئنيجر اختر جي اخلاق، قابليت، تعليم ۽ محنت کي ڏسي کيس پنهنجي آفيس ۾ پنهنجو اسسٽنٽ ڪري رکيو، جتي هو ڪاليج کان واپس اچي ڊيوٽي ڪندو هو. هاڻي اختر کي اميد هئي ته هو مسلسل ترقيءَ جي ڏاڪڻ تي قدم رکي چڪو آهي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور عظمت جي مينارن کي ڇهندو. هوڏانهن نياز لوفرن جي سنگت ۾ رهڻ ڪري تمام خراب ٿي چڪو هو ۽ ڪيترائي دفعا جوئا ۾ پڪڙجي پيو هو ۽ سندس نالو ٿاڻي جي ڪاري لسٽ ۾ اچي چڪو هو. جڏهن به شهر ۾ ڪو ننڍو وڏو واقعو پيش ايندو هو، ته نياز ٿاڻي جي حوالات ۾ بند ٿيندو هو، ۽ سندس سيٺ پيءُ جيڪو ڪجهه سال اڳ ماستر جهڙي عظيم شخصيت جي بي عزتي ڪئي هئي، پنهنجي بدلڇڻي پٽ جي ضمانت لاءِ پوليس اڳيان گيسيون ڪندي ۽ هٿ ٻڌندي نظر ايندو هو.      

”گل ڦل“- سيپٽمبر- آڪٽوبر 1982ع

 

پوڙهو گهورڙيو

محبوب علي جوکيو

ڪنهن پراڻي دور جي ڳالهه آهي، ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ گهورڙيو رهندو هو. ڳوٺ جي چؤنڪ تي، هڪ ننڍڙي جهوپڙي هوندي هئس، جنهن ۾ هن جي رهائش هئي، اتي بس هڪ ماڻهوءَ جي سمهڻ جيتري جاءِ هوندي هئي. انهيءَ جهوپڙيءَ جي اڳيان انهيءَ گهورڙئي ننڍڙو باغيچو به لڳايو هو. ان ۾ سايون ڀاڄيون پوکيل هيون، جيڪي هن جي کائڻ لاءِ مس پوريون ٿينديون هيون. انهيءَ باغڙي جي وچ ۾، هڪ ليار جو وڻ هو، جيڪو نهايت عمدو ۽ سهڻو پيو لڳندو هو. هر بهار ۾، اهو وڻ ڦل جهليندو هو، جنهنڪري باغڙي جي سونهن اڃا به وڌي ويندي هئي.

پر هڪڙي ڳالهه هئي، جو هر سال جڏهن باغڙي ۾ سبزي ٿيندي هئي ۽ ڀاڄيون ٿينديون هيون، ته ڀر واري جهنگ مان سيهڙ نڪري ايندا هئا، جيڪي اهي ڀاڄيون ڪُتري خراب ڪري ويندا هئا ۽ ڪافي زيان ٿيندو هو. ايتري قدر جو ڪڏهن ته ڀاڄي ڪانه بچندي هئي، جو اهو پير مرد گهورڙيو کڻي ويلو ٽپائي. وري جڏهن وڻ ۾ ليار تيار ٿيندا هئا، ته ڀرپاسي کان ڪيترائي پکي اچي گڏ ٿيندا هئا.: ڳوٺ جا ماڻهو انهيءُ پوڙهي جي حال تي عجب ۽ افسوس ڪندا هئا. ”ويچارو ڪيترو نه اٻوجهه آهي. هن جي باغ مان سيهڙ ۽ پکي سڀ ڪجهه کايو ناس ڪريو ٿا وڃن، پر هي انهن کي هڪلي ئي ڪو نه ٿو.“ جڏهن اها ڳالهه پوڙهي کي روبرو چوندا هئا، ته هو انهن تي کلندو هو ۽ ڪنڌ ڌوڻي چوندو هو ته: ”نه، هو زيان ڪو نه ٿا ڪن، اهي جيڪي ڪجهه کائي وڃن ٿا، تنهن جو معاوضو ڏئي وڃن ٿا. ڏسو اهي پکي منهنجي ليار جي وڻ تي ڪهڙا ته مٺا گيت ڳائين ٿا ۽ ٻوليون ڪن ٿا! ٻين وڻن تي ويهي، اهڙو سهڻو ڪو ڳائين ٿا؟ اهي سفيد سيهڙ به منهنجا ساٿي آهن. جڏهن اونداهي رات ٿئي، ته اهي مون وٽ اچي گڏ ٿين ٿا.“

جڏهن ڪٿي ڪو ميلو ٿيندو هو يا بازار لڳندي هئي، ته اهو پوڙهو گهورڙيوَ، پٺيءَ تي ڳوٿري کڻي نڪرندو هو ۽ ڪٻو ٿي پنڌ ڪندو ويندو هو. پوءِ ڪنهن ٽڪريءَ يا روڊ جي ڀرسان ويهي، اها ڳوٿري کولي ان مان شيون ڪڍي ٻاهر رکندو هو. انهيءَ ۾ ٻارن جا رانديڪا هوندا هئا. جيئن: منڊيون، باجا ربن وغيره. ٿوري وقت ۾ هن جي چوڌاري ٻارن جو ميلو لڳي ويندو هو ۽ هو انهيءَ ڳوٿريءَ يا ٻاهر رکيل شين ڏانهن پيا گهوريندا هئا، ڪو ننڍڙو چاڪو کڻي پڇندو هو ته: ”هن جي ڇا قيمت آهي؟“ پوڙهو جواب ڏيندو هو ته: ”ٽي شلنگ.“ ڇوڪرو چاڪو کڻي واپس رکندو هو ۽ نااميديءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪندو هو. ”مون وٽ هڪ شلنگ به ڪو نه آهي، اهو ته آءُ ڪڏهن به خريد ڪري ڪو نه سگهندس.“

پوءِ پوڙهو انهيءَ ٻار کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي، سندس ڪن ۾ چوندو هو: ”هيءُ چاڪو تون کڻ. هيءُ چاڪو تنهنجي کيسي ۾ وڌيڪ سهڻو لڳي ٿو. وري ڪو ٻار ربن کڻي پنهنجي وارن ۾ لڳائي ڇڏيندو هو ۽ اگهه پڇندو هو. گهورڙيو جواب ڏيندو هو: ”هڪ شلنگ.“

ٻار اها ربن واپس رکندو هو ۽ پوئتي هٽڻ جي ڪندو هو، ته پوڙهو پويان ٻار کي جهلي، ربن ان جي وارن ۾ وجهي، مشڪي چوندو هو: ”اها ربن تنهنجي وارن ۾ ڏاڍي سهڻي ٿي لڳي. تون اها کڻ. رب توکي خوش رکي!“

اهڙيءَ طرح رانديڪا ورهائي، اچي ڳوٺ نڪرندو هو، ماڻهو هن جي حالت تي عجب کائيندا هئا؟ چوندا هئس ته :”پوڙها، تو وٽ ڪو هڪ پينس به موجود آهي، جيڪو تو کي پيريءَ ۾ ڪم اچي، تنهنجي لاءِ ته اهڙا ڏينهن ايندا، جو تون ٽڪر ڳڀي لاءِ پيو ليلائيندين. هن وقت ته ڪتن کي به اها خبر پئجي وئي آهي، ته تون انهن کي پنهنجي مانيءَ مان اڌ ورهائي ڏيندين.“

هنن جي ڳالهه صحيح هئي. سڄي ڳوٺ جا، بلڪ اوسي پاسي جا ڪتا به هن کي سڃاڻيندا هئا. هو رستي لنگهندو هو، ته ڪو نه ڪو ڪتو پڇ لوڏيندي هن جي پويان ايندو هو.

ڪڏهن ته اهو پوڙهو گهورڙيو بنا ڪنهن ڳوٿريءَ جي به، ٻاهر نڪري ويندو هو. اهڙا ڏينهن هو معصوم ٻارڙن سان گذاريندو هو. جيڪي هن جي پٺيان پاليل ڪتي وانگر ڦرندا وتندا هئا. اهڙي وقت هو ڪنهن هنڌ تي ويهي، انهن کي ڪي ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو، جنهن ۾ وطن جون ڪهاڻيون هونديون هيون يا جنن ۽ پرين جون آکاڻيون. پوڙهي کي ڪيتريون ڳالهيون ياد هيون ۽ انهن ڳالهين ٻڌائڻ جو هن کي ڍنگ به هو، هو اهڙي نموني، ته ڪهاڻي ٻڌائيندو هو، جو ٻارن کي ازخود ياد ٿي ويندي هئي.

ڳالهه پوري ڪري، هو ٻارن کي چوندو هو: ”خبردار! توهان کي به اهڙا ڪارناما ڪرڻ گهرجن ۽ توهان مان ڪو نه ڪو ضرور اڳتي قوم ۽ وطن جي خدمت ڪرڻ جي لائق ٿيندو.“ ماڻهو هن جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس رحم کائيندا هئا ۽ کيس اٻوجهه ۽ بيوقوف سمجهندا هئا.

نيٺ اهو گهورڙيو وڌيڪ پوڙهو ۽ بي طاقت ٿيندو ويو. هن جي ڳوٿري به خالي ٿيندي وئي ۽ پوءِ ماڻهو چوڻ لڳا: ”هن جي ڳوٿري ۽ هن جو کيسو، سڀ خالي ٿي ويا آهن. هاڻي هو رستي هلڻ جهڙو به نه آهي. ايندڙ سياري تائين هن جي اهڙي حالت ٿي ويندي، جو اسان جي درن تي پنڻ ايندو.“

نيٺ اهڙو وقت به آيو، جنهن جي سياڻن هن لاءِ اڳڪٿي ڪئي هئي. هن جو کيسو بلڪل خالي ٿي ويو ۽ ڳوٿري پڻ، هن کي کائڻ لاءِ ڪجهه به ڪو نه هو. هڪ رات ته گهورڙيو بکيو سمهي پيو، رات جو بک ۾ هن هڪ خواب لڌو. هن خواب ۾ ڏٺو، ته اڌ رات جو در تي کڙڪو ٿيو، جهوپڙيءَ جو دروازو کليو ۽ اندر هڪ ڊگهو ۽ رحمدل ماڻهو داخل ٿيو. در تي بيهي، انهيءَ ڊگهي ماڻهوءَ آڱر جو اشارو ڪيو ۽ جهيڻي ۽ سريلي آواز ۾ چيائين: ”گهورڙيا ڊبلن جي شهر ڏانهن وڃ، جڏهن نهر جي پل وٽ پهچندين ته اتي تون ڪجهه ٻڌندين.“

صبح جو پوڙهو اٿيو ۽ خواب تي ويچار ڪيائين. هن پنهنجي پيٽ تي هٿ گهمايو، جيڪو خالي هو، هن ڄنگهن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي سندس جسم جو بار کڻڻ جهڙيون ڪو نه هيون.  پنهنجي منهن چوڻ لڳو: ”خالي پيٽ ۽ ضعيف ٽنگون منهنجي لاءِ سفر جا ساٿي ٿي نٿا سگهن. آءُ هتي ئي رهندس.“

وري ٻي رات آئي. پوڙهو اڳي کان به وڌيڪ بکارو هو. وري به هن خواب لڌو. ساڳيو ئي در جو کڙڪڻ، انهيءَ ماڻهوءَ جو داخل ٿيڻ ۽ اهو ئي نياپو کيس ملڻ.

ٻئي ڏينهن به هن سان ساڳي حالت رهي. اڃا به وڌيڪ بکيو ۽ وڌيڪ ڪمزور. وري جڏهن ٽئين رات آئي ۽ هن وري به ساڳيو خواب لڌو، ته پوءِ صبح جو اٿڻ سان هو سنڀريو. هن اها ڳوٿري ڳچيءَ ۾ وڌي ۽ ڊبلن ڏانهن پنڌ پيو. هن کي پنڌ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا، پر پيٽ ۾ ڪابه شيءِ ڪانه هئس، چوٿين ڏينهن هو شهر اچي وارد ٿيو. صبح جو سوير هن اها پل ڏٺي ۽ نهر پار ڪري ويو. پوءِ هو سڄو ڏينهن اتي بيٺو رهيو،

ڪڏهن هِن ٽنگ تي، ته ڪڏهن هُن ٽنگ تي. هو واٽهڙن مان هرهڪ جي منهن ۾ نهاريندو رهيو. ماڻهو ٻنهي طرفن کان اچي رهيا هئا، پر ڪنهن به بيهي هن سان ڪو نه ڳالهايو. ڏينهن پوري ٿيڻ تي، هن سوچيو: ”ڪا جاءِ ڏسان، جتي رات جا چار پهر آرام ڪري سگهان. پوءِ هو ٿورو اڳتي وڌيو. جڏهن هو ڊبلن جي وڏي مسافر خاني وٽان لنگهيو، ته اتان انهيءَ هوٽل جو مالڪ سري آيس. ”هڪ منٽ ته ترس پوڙها.  مون سڄو ڏينهن تو کي پئي ڏٺو. تون سڄو ڏينهن انهيءَ جاءِ تي بيٺو رهين، ڪنهن به واٽهڙو تو ڏانهن ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو. تون مون کي اهو ٻڌائيندين، ته تون هتي ڪيئن آيو آهين؟“

گهورڙئي ٻڌايس: ”ٽي راتيون ساندهه مون هڪ ساڳيو خواب ڏٺو آهي.“ انهيءَ تي مالڪ اچي کلڻ ۾ ڇٽڪيو، هو ايترو ته کليو جو کلندي اکين مان پاڻي به وهي آيس. ”هان، تو خواب لڌو آهي ۽ اهو ٻه ٽي راتيون سانده. آءُ سمجهان ٿو، تون هڪ اٻوجهه ماڻهو آهين، خواب لهين ٿو، انهن تي سوچين ٿو ۽ پوءِ انهن تي ڀروسو ڪرين ٿو. تنهنجي جسم تي اڳڙيون آهن، تنهنجي پيٽ ۾ بک آهي، تنهنجي مٿان پيري آهي ۽ تنهنجي کيسي ۾ هڪ سڪو به ڪو نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن خواب جي سلسلي ۾ هتي آيو آهين، ته پوءِ واپس هليو وڃ، ته واٽ تي رستي ۾ ڪٿي ڪري نه پوين ۽ پوي نه ڪنهن کي خون ڳچيءَ ۾.“

پوڙهو اٿيو، پنهنجي ڳوٿري کنيائين ۽ دروازي کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪيائين، اڃا هن جو هڪ پير اندر هڪ پير ٻاهر هو، ته هوٽل جي مالڪ ٻانهن کان کڻي جهليس.”ترس! گهورڙيا.“ مالڪ چيس: ”مون پڻ ٽي راتيون ساندهه خواب لڌو آهي، مون خواب ۾ ڏٺو، ته اڌ رات جو ڪو شخص، منهنجي هن در کي کڙڪائي رهيو آهي. هو ڊگهو شخص هو، ۽ سفيد جبو پيل هئس، هن انهيءَ رستي ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن رستي تان تون آيو آهين ۽ چيائين، مسافر خاني جا مالڪ، اهو روڊ وٺي انهيءَ ننڍڙي ڳوٺ ڏانهن وڃ. جڏهن تون اتي چؤنڪ وٽ پهچندين، ته اتي هڪ جهوپڙي ڏسندين ۽ انهيءَ جهوپڙيءَ جي اڳيان هڪ ننڍڙو باغيچو هوندو.

انهيءَ باغڙي جي وچ ۾ هڪ ليار جو وڻ هوندو ۽ انهيءَ وڻ جي پاڙ ۾ کڏ کوٽج. اُتي تو کي تمام گهڻو سونُ ملندو“. ائين، اهو مالڪ وري اچي کل ۾ ڇٽڪيو. هو وري چوڻ لڳو: ”اهڙو ڳوٺ ته مون ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو آهي، جتي ڪنهن ليار جي وڻ هيٺان سون پوريل هجي. تو ڪڏهن اهڙو ليار جو وڻ ڏٺو آهي، جنهن جي پاڙ ۾ سون جو خزانو دفن ٿيل هجي. مون کي ته اهڙن خوابن تي اعتبار ئي ڪو نه اچي، آءُ صرف هن خواب تي اعتبار ڪندو آهيان، ته منهنجي کيسي ۾ رقم آهي. اهو خواب اعتبار جوڳو آهي. بس اهو ئي صحيح معنيٰ ۾ سونُ آهي، جيڪو پنهنجي کيسي ۾ موجود آهي. ڇا ٿو سمجهين، گهورڙيا؟“ پوءِ مالڪ پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ رقم کي کڙڪائڻ لڳو. پوڙهي گهورڙئي، هوٽل جي مالڪ جي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.

پوءِ اهو پوڙهو گهورڙيو پنهنجي ڳوٺ ڏانهن واپس موٽڻ لڳو. هو تمام ڪمزور ٿي ويو هو ۽ ٽنگون گهليندو هليو. هو انهن ضعيف ۽ ڪمزور ڄنگهن سان ڪيئن اچي ڳوٺ پهتو، سا ڳالهه بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. جهوپڙيءَ ۾ پهچي، هن پنهنجي ڳوٿري لاهي هيٺ رکي، پوءِ هن رنبي کڻي وڻ جي پاڙ وٽ کڏ کوٽڻ شروع ڪئي. هو کوٽيندو رهيو ۽ سهڪندو رهيو، تان جو اها رنبي هيٺ زمين ۾ ڪنهن سخت شيءِ سان وڃي لڳي. گهورڙئي کي انهيءَ خزاني تائين پهچڻ ۾ ڪافي وقت لڳو. نيٺ، اتي کيس هڪ ننڍڙي صندوقڙي نظر آئي. هن صندوقڙيءَ جو ڪلف ڀڃي کوليو، هن ڏٺو ته ان ۾ اندر سون جا ٽڪر پيا آهن. اهي سون جا ٽڪر ايترا، ته گهڻا هئا جو ڪنهن وٽ سڄي ملڪ ۾ ايترا مشڪل هجن!.

آءٌ توهان کي اهو ٻڌائي نٿو سگهان ته انهيءَ رقم سان هن ڪهڙا خير جا ڪم ڪيا، پر هن لاءِ هي ڳالهيون اڃا به مشهور آهن ته:

1. هو اڃا به پنهنجي انهيءَ ننڍڙيءَ جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو، جنهن ۾ هڪ ماڻهوءَ جي سمهڻ جي جاءِ مس هئي. ان جو دروازو اهو ئي سادو ۽ هلڪو هو.

2. هر بهار ۾، هو پنهنجي باغيچي ۾ ڀاڄيون پوکيندو هو ۽ ڀر واري جهنگ جا سفيد سيهڙ رات جو اچي اهي کائي ويندا هئا يا زيان ڪري ويندا هئا، ايتري قدر جو صبح جو ڪڏهن ته پنهنجي لاءِ به ڪجهه ڪو نه بچندو هئس.

3. جڏهن ليار جي وڻ ۾ ميوو ٿيندو هو، ته اهي ئي پکي، اتي وڻ تي اچي ويهندا هئا، انهيءَ ليار کي ٽڪي، پٽي، ناس ڪري ڇڏيندا هئا پر ڪڏهن به هن جو هٿ انهن ڏانهن نه کڄندو هو. عيوض ۾، اهي پکي اتي ويهي مٺڙيون لاتيون ڪندا هئا. جيڪي هن جي دل کي راحت بخشينديون هيون.

4. موسم ۾، پنهنجي ڳوٿري رانديڪن سان ڀري، ٻاهر نڪرندو هو ۽ پويان اهي ئي ڪتا لڳندا هئس. هو معصوم ٻارڙن کي مفت ۾ رانديڪا به ڏيندو هو ۽ انهن کي نصيحتون به ڪندو هو. هنن کي چوندو هو: ”ٻچا اخلاق سکو ۽ هميشه چڱا ڪم ڪريو.“

5. هو ٻارن کي چوندو هو ته : ”ٻچا، پريون ۽ ديوتا هردم موجود آهن، تنهنڪري ڪنهن سان ڪڙو نه ڳالهايو ۽ ڪنهن جي به گلا نه ڪريو.“

اهڙا نيڪيءَ ۽ خير جا ڪم ڪندي اهو پوڙهو گهورڙيو نيٺ راهه رباني وٺي ويندو رهيو. سندس مرڻ کانپوءِ، ڳوٺاڻن کي سندس چڱن ڪمن جو قدر ٿيو ۽ هن جي ياد کي باقي رکڻ خاطر، هن جو مجسمو ٺهرايائون ۽ اهو چؤنڪ تي رکيائون، اهو مجسمو ڪيتريون ئي صديون اتي موجود رهيو ۽ ننڍڙا معصوم ان کي ڏسندا رهيا.

 

”گل ڦل“- سيپٽمبر 1983ع

 

 


 

بادشاهه ۽ سندس وزير

عبدالرحمان جتوئي

ڳالهه ٿا ڪن، ته ايران جي بادشاهه وٽ هڪ تمام سياڻو ۽ مدبر وزير هوندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو اهو وزير استعيفا ڏيئي بادشاهه کان موڪلائي ڪنهن جهنگ ۾ وڃي رب پاڪ جي عبادت ڪرڻ لڳو.

بادشاهه ان جي جاءِ تي هڪ نئون وزير مقرر ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن بادشاهه کي استعيفا ڏنل وزير ياد آيو ۽ نئين وزير کان ان بابت پڇيو ته: ”اسان جي اڳئين وزير جو ڪهڙو حال آهي؟“ نئين وزير ورندي ڏني ته: ”بادشاهه سلامت هو الله پاڪ جي عبادت ۾ ايترو ته مشغول آهي جو مون وٽ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو اٿس.“ اهو ٻڌي بادشاهه پنهنجي نئين وزير کي ساڻ ڪري اڳئين وزير سان ملڻ لاءِ ان جهنگ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن اهي سندس جهوپڙيءَ وٽ پهتا، ته بادشاهه کانئس پڇيو ته:”توکي ڪهڙي تڪليف هئي جو اسان جي نوڪري ڇڏي هتي جهنگ ۾ ويهي رهيو آهين؟“

وزير جواب ڏنو ته: ”بادشاهه سلامت! اوهان جي نوڪري ڇڏڻ لاءِ مون کي هڪ سبب نه پر ڪيترائي سبب آهن. ٻڌو ته ٻڌايانوَ: پهريون سبب هيءُ آهي، ته جڏهن توهان گفتگو ڪندا هئا،  ته مون کي بيهي ڪري ان جو جواب ڏيڻو پوندو هو. هاڻي مون کي هڪ اهڙو بادشاهه مليو آهي، جنهن مون کي عبادت ڪرڻ وقت به ويهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي. ٻيو سبب اهو آهي، ته جڏهن توهان طعام وغيره کائيندا هئا، ته مون کي اوهان وٽ حاضر رهي وقت بوقت کاڌي خوراڪ جو سامان موجود ڪرڻو پوندو هو، پر هاڻي مون کي اهڙو بادشاهه مليو آهي جو خود مون کي کارائي ٿو. ٽيون سبب اهو آهي، ته جڏهن توهان آرام ڪندا هئا، تڏهن مان پهرو ڏيندو هئس، هاڻي مان سمهندو آهيان ۽ منهنجو نئون بادشاهه مون تي پهرو ڏيندو آهي. چوٿون سبب اهو آهي، ته اڳي مون کي هميشه اهو خوف رهندو هو، ته اوهان جي فوت ٿيڻ کان پوءِ متان توهان جا دشمن  مون کي ماري نه ڇڏين، پر هاڻي مان اهڙي بادشاهه جو نوڪر آهيان جيڪو هميشه زندهه رهندو ۽ سندس موجودگيءَ ۾ دشمن مون کي ڪجهه به ڪري نٿا سگهن. پنجون سبب اهو آهي، ته اوهان وٽ مون کي هميشه اهو ڀؤ رهندو هو، ته جيڪڏهن مون کان ڪا خطا يا غلطي ٿي وڃي، ته اوهان مون کي اها غلطي معاف نه ڪندا، پر منهنجو نئون بادشاهه ايتري قدر ته ٻاجهارو، مهربان ۽ رحم دل آهي، جو جيڪڏهن مون کان توڻي سوين خطائون ٿي وڃن ۽ مان سچيءَ دل سان اُن کان معافي گهران، ته هو مون کي سڀ خطائون هڪ لحظي ۾ معاف ڪري ڇڏيندو.“

بادشاهه وزير جون اهي حڪمت واريون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته: ”خدا تعاليٰ اسان سڀني کي اهڙي مهربان مالڪ جي بندي ٿيڻ جي توفيق ڏئي، جنهن جي زمين، آسمان ۽ دنيا جي هر هڪ شيءِ تي حڪومت ۽ فرمان روائي آهي.“

 

”گل ڦل“- جون 1984ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com