سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: جلاوطن

باب: --

صفحو :7

ڪاش ـ ڪنهن روم مان ـ ڪنهن وڻ جي پويان کان ـ ڪنهن ڪنڊ پاسي کان هوءَ نڪري اچي (نه چاهيندي به اها خواهش من ۾ واسو ڪرڻ لڳي هئس ) ۽ ـ جڏهن هو واپس موٽڻ لڳو هو تڏهن ڀاڻس جي ڪار اندر گهڙي هئي ـ

هن کي هروڀرو ـ نه اچڻ جي معافي وٺڻي پئي ـ ڀاڻس کان. پوءِ ـ

پوءِ ـ هو سڀني جي وچ ۾ ويٺو هو ـ پر هوءَ ڪانه هئي

نه ئي هن جو ڪو آواز ـ ڪو پاڇولو به نه هئس ـ ٻاهر رات ڦهلجي وئي هئي ـ ڪيڏانهن وئي هلي هوءَ؟ ـ (هو پل ـ پل ـ سوچيندو رهيو) ڪوچ کي ٽيڪ ڏئي اکيون پوري ڇڏيون هيائين ـ ڀاڀي شڪايتون ڪندي رهي سندس هاڻوڪي ورتاءَ جون (هن کي ڀلا ڪهڙي ڪَل ته هڪ رات ـ بيوس ٿي مون سندس ڀيڻ جي چانڊوڪي رات جهڙي سُندر بدن تان ڪاري اُماس رات جهڙي ساڙهي سَٽ ڏئي لاهي ورتي هئي)

۽ هوءَ هٿن ۾ مُک لڪائي روئندي رهي هئي

مون هن جي بدن جا سمورا رنگ چونڊي ورتا هئا

ـ ۽ هاڻ آءٌ هن لاءِ پل ـ پل ٿو دُکان ـ سگريٽ وانگر ـ ڀاڀيءَ جو آواز دُور ٿيندو ٿي ويو ۽ هو ڀريل ڊرائينگ روم ۾ بلڪل اڪيلو رهجي ويو هو ـ هن جي ٻن آڱرين جي وچ ۾ اٽڪيل سگريٽ ـ هوريان ـ هوريان دکندو رهيو هو

ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ و

اندر منجهاران مسلسل سڏ ٿي اڀرياس ۽ انهيءَ پل بتيون اُجهامي ويون هيون ـ روم ۾ ڪيترا آواز بتيون اُجهامڻ تي تبصرو ڪرڻ لڳا ـ ڀاڀي ـ ڀاءُ ـ گڏي ـ منو

۽ ـ انيڪ آوازن ۾ اُمالڪ هن جو به آواز اڀريو هو ـ هن بند اکيون پٽي ڇڏيون هيون. ڪيترا پل هوءَ هن کي نظر نه آئي هئي (۽ ڪيترا پل نرمل کي به هو نظر نه آيو هو ـ نه ته جيڪر روم مان هلي نه وڃي ها ـ جن کان نفرت هجي ـ انهن آڏو هڪ پل به جبل جيڏو ٿيو پوي ـ جن سان اٿاهه پريم هجي ـ انهن آڏو پل به ڪيترا ننڍڙا ٿيو پون)

پوءِ هن ڏٺو هو ـ

هن ٽيبل تي ميڻ بتيون ٿي ٻاريون ـ ميڻ بتين تي نميل هن جو مُک ڪيڏو اُداس ۽ بيمار ٿي لڳو ـ سرءُ جي پيلي پن سمان ـ

هن تي پن ـ ڇڻ جي رُت جو گمان ٿيو هئس

هوءَ شايد ڪنهن شاديءَ تان موٽي هئي ـ ميڪس لڳل ڪاري ساڙهيءَ ۾ ـ هوءَ ـ

۽ هن کي اها ئي اُماس رات جهڙي ڪاري ساڙهي ياد اچي وئي هئي ـ جيڪا ـ

سگريٽ فلٽر تائين دکي دکي هاڻ هن جون آڱريون ساڙڻ لڳو هو ـ ۽ ـ جڏهن هوءَ اُتي آئي ـ ميڻ بتيءَ وٽ ـ هيٺ غاليچي تي ويهي رهي هئي ـ تڏهن اهو سوچي هن جو ساهه منجهڻ لڳو هو ته ـ جيڪر هوءَ ڪڻس ڏسي وٺندي ته ـ اٿي هلي ويندي ۽ هو انيڪ ماڻهن جي وچ ۾ بلڪل اڪيلو رهجي ويندو.

انسان جي اندر جي اڪيلائپ ڪڏهن به ناهي ڀربي

ن ـ ر ـ م ـ ل ـ آئون اندر ئي اندر ڪيڏو اڪيلو آهيان ـ جُڳن کان

ـ تون ته مون لاءِ ڪالي داس جي شڪنتلا آهين نرمل راڻي! تَن جي بُک کان اڳتي آتما جي اُڃ به ته ڪجهه آهي ـ توکي ڀلا ڪهڙي ڄاڻ ته انهيءَ رات تنهنجي اندر ـ تهائين اندر ـ مون پنهنجيءَ آتما کي ڇُهي ورتو هو ـ اُڃ ۽ تؤنس کان آئون نِستو ٿي پيو هئس (هو من اندر بيحد اُداس ٿي سوچڻ لڳو)

نر ـ مل ـ را ـ ڻي!

هوءَ هن کي ٽِڪ ٻڌي ڏسندي رهي ۽ پگهر جون ڪيتريون بوندون هن جي نرڙ تي جرڪيون ـ ٻاهر برسات ٿي پئي ـ تارا سڀئي اُجهامي ويا آهن ـ اونداهيون اسان جي اندر ۾ به ته وک وک تي ڦهليل آهن ـ پوءِ اسان ٻآهر جون اُونداهيون پَسي ايڏا اُداس ڇو ٿي ويندا آهيون؟ ڪيڏو شور آهي ڊرائينگ روم ۾ ـ ۽ ـ هوءَ ميڻ بتيءَ جي پيلي ڇانوَ ۾ ويٺي آهي ـ

۽ ـ جڏهن ڀاڀي ۽ ڀاءُ ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر هليا ويا هئا ـ گڏي ديوان تي سمهي رهي هئي ـ منو الاءِ ڪهڙيءَ ڪنڊ پاسي ۾ هو ـ

ـ ۽ مون هڪ نئون سگريٽ دُکايو هو ـ تيلي ٻرندي رهي هئي ـ ڪي کن ـ پوءِ اڻپورين خواهشن وانگر ـ پاڻ ئي اُجهامي وئي هئي.

دريءَ کان ٻاهر ڪي کن ترسي ـ وڄ جي بليو روشني ٿي ڦهلجي وئي ـ اها بليو روشني ـ جنهن ۾ اسان پل اپل لاءِ هڪ ٻي کي ڪيڏو چٽو ٿي ڏٺو.

ـ تڏهن نرمل! ـ آئون ڄڻ ڀُرندو ـ وکرندو تو آڏو اچي ويٺو هئس

”نر ـ م ـ ل!“

ـ تون چپ چاپ اُڀ جي هن پار ڏسندي رهي هئين ـ

”ڇا ٿي ڏسين ـ نر ـ مل!“

”هڪ سکيو ستابو گهروندو ـ“ ڪيترا تارا ـ ڪيترا لڙڪ ٿي تنهنجن نيڻن ۾ جرڪيا ـ ”تنهنجن نيڻن ۾ ٽيڙو ٿو ٽمڪي ـ تون مون لاءِ ڪالي داس جي شڪنتلا آهيان ـ ڏس نرمل ـ آئون تو آڏو ـ هن ميڻ بتيءَ وانگر پگهرندو ٿو وڃان ـ اُجهامندو ٿو وڃان ـ ڏس آءٌ جُڳن کان تو آڏو روئڻ ٿو چاهيان ـ پر ـ روئي نٿو سگهان ـ آئون ـ آئون انيڪ عورتن جي بدنن ۾ ـ شراب جي انيڪ گلاسن ۾ ـ سگريٽن جي اَٿاهه دونهي ۾ ورهائجندو ٿو وڃان ـ پر ـ ڪٿي به تنهنجي خوشبو ناهي ـ آئون تنهنجيءَ ڇانوَ ۾ جيئڻ چاهيان ٿو ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل“

”تون هليو وڃ هتان ـ پليز ـ عابد!“ ايڏي پيڙا ڇو هئي تنهنجي آواز ۾؟ ”توکان اڳتي ڪوبه ته گس ڪونهي ـ آئون ته ـ نرمل ـ انهيءَ هڪڙي دڳ تي جُڳن تائين بيهي ليڪا پائڻ ٿو چاهيان ـ جيڪو ـ تو تائين وڃيو پڄاڻي ڪري ـ نرمل! تون ٻڌي رهي آهين نه ـ تو پنهنجن ڪنن ۾ آڱريون ڇو وجهي ڇڏيون آهن؟ مون کي ٻڌين ڇو نٿي؟ آئون ڪيڏو به برو سهي ـ پر ـ منهنجي اندر ـ ڪنهن ڪنڊ ۾ ـ هڪ خوبصورت انسان به ته آهي ـ نرمل ـ راڻي ـ“

”تو ڪڏهن آڪاش تي اُجهامي ويل تارا ڏٺا آهن ـ عابد!“ هوءَ دريءَ وٽ اچي بيٺي هئي ـ ۽ دري کولي ڇڏي هيائين ـ ”آئون به انهن تارن سمان آهيان ـ جيڪي آڪاش تي هوندي به ـ اُجهامي ويندا آهن ـ پر ـ پر ـ مون ته ـ اُجهامڻ نه چاهيو هو عابد!“

کليل دريءَ مان ـ برسات جون بوندون اندر اچي هن جو ميڪ اپ ڪيل مُک پسائڻ لڳيون هيون ـ ”هاڻ ته مون ۾ آرسي ڏسڻ جي سگهه به ڪانهي.“ شايد هوءَ رُني ٿي من اندر ۾ انهيءَ پل ـ عابد ـ آخري سگريٽ پاڪيٽ مان ڪڍي دکايو هو.

دريءَ جي هن پار ـ لان ۾ بيٺل ـ انيڪ اوچا ـ اوچا وڻ ـ برسات جي انهيءَ اُنداهي رات ۾ ڪيڏا ڀوائتا ٿي لڳا ـ ڄڻ ـ انيڪ بدروح هوريان هوريان جهومندا هجن ـ

هو چپ چاپ ـ دريءَ جي هن پار ڏسندو رهيو هو

”عابد! تون به مون لاءِ انهن ڀوائتن وڻن سمان آهين ـ جن کي برسات جي اونداهي رات ۾ ڏسي، من اندر ئي اندر سراپجي وڃي ـ ۽ ـ دل ـ بي اختيار دري بند ڪرڻ تي چوي.“

ـ انهيءَ رات هن بي انداز پيتي هئي

گلاس ۾ وسڪي ۽ لڙڪ گڏيندو رهيو هو

انهيءَ رات هن سندس ڊرائينگ روم ۾ سجايل سڀئي خوبصورت مورتيون ڀڃي ڀورا ڪيون هيون ۽ ـ پوءِ هيٺ غاليچي تي اونڌو ڪنڌ ڪري ڪِري پيو هو

فجر مهل جڏهن مسجدن ۾ ٻانگون ٿي آيون ـ تڏهن هو نشي ۾ الوٽ ـ گيلريءَ ۾ اچي بيٺو هو ۽ خدا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو.

اُماس جهڙي رات ـ ڪاري ساڙهي ـ اچ ته پنهنجي مٿان تاڻي سمهي پئون.

ٻڌ ـ دُور ـ قيامت جي اچڻ جو آواز ـ سڀ ڪجهه ناس ٿي ويندو ايندڙ لمحن ۾ ـ

عورت جي بدن تان ڪاري ساڙهي ڇڪي هن مُک تي تاڻي ڇڏي هئي ـ جيئن ننڍي هوندي رات جو ـ جنن ڀوتن جي خيال کان سراپجي پنهنجي مٿان رلي تاڻي ڇڏيندو هو.

”رشي! تون نرمل ته ناهين، پر ـ اڄ رات مون لاءِ نرمل بڻجي پؤ ـ آئون توکي پوري ـ پوري قيمت ڏيندس.“ ۽ هو ٽيبل تان وسڪيءَ جو ڀريل گلاس کڻي پيئڻ لڳو ـ

آئون ـ تنهنجي نانءُ اڄ پنهنجو پاڻ فنا ٿو ڪريان

جبلن جي هن پار

جڏهن سج ٻڏڻ لڳندو

تڏهن ـ تنهنجي روم جي ديوارن تي منهنجا پاڇولا ڊگها ٿيندا ويندا

پوءِ تون ـ کن ـ پل لاءِ ئي سهي

ڇو نٿي مون کي چاهين؟

Oh! My friend come back, come back.

هوءَ جا هڪ رات لاءِ سندس بستري تائين آئي هئي ـ تنهن سندس چپ چُمي ورتا هئا ـ

”آئون ـ نرمل آهيان ـ آئون توکي جُڳن کان چاهيندي ٿي اچان ـ آئون ـ رات جي اڪيلائپ ۾ تنهنجا سپنا ڏسندي آهيان (عورت ـ هن جا دک ونڊڻ لاءِ ـ کن ـ پل ۾ انيڪ ڪوڙ ڳالهايا هئا) تون ـ منهنجن سپنن جي سُندرتا آهين!“ گهڻو گهڻو اڳ نرمل به ساڻس اهي ڳالهيون ڪيون هيون ـ ڪوڙ ـ سچ ـ انهن جي ڪٿ هو ڪڏهن نه ڪري سگهيو ـ هن جو اندر سگريءَ جي اڱارن سان دکڻ لڳو ـ ”بڪواس ـ بند ـ ڪر ـ بڪواس بند ڪر ـ بند ڪر ـ بند ـ ڪر ـ ڪر ـ ڪر ـ“ وسڪيءَ جو خالي گلاس ـ عورت جو جرڪندڙ بدن اُڪري ڀت سان وڃي لڳو هو ۽ ڀور ڀور ٿي غاليچي تي ڦهلجي ويو هو

من ـ درپن ڀڄي ڀورا ٿيو هو

ٽڪر ـ چار سُو ڦهلجي ويا هئا

هو ـ عورت جي ڪاري ساڙهيءَ ۾ مُک لڪائي رُئندو رهيو ـ عورت کي پهريون ڀيرو ساڻس همدردي محسوس ٿي رهي هئي. هوءَ مٿانس ائين نمي وئي هئي، ڄڻ سندس جيون ساٿياڻي هجي (نرمل ته پوءِ به هوءَ بڻجي نه سگهي هئي ـ)

”تون ـ ڇو ٿو روئين؟“ هن جي وکريل وارن کي آڱرين سان سنواريندي عورت پڇيو هو ـ

”اوهان عورتون ڪپڙن اندران بلڪل هڪ جهڙيون آهيو ـ پر ـ پر ـ اوهان جي آتما ۾ ڇو هڪ جهڙي خوشبو ناهي؟“

”سڃاڻپ آتما سان نه پر تن سان ٿيندي آهي ـ ڀلا توکي ڪهڙي ڪَل ته ڪيڏي ڊگهي پلصراط تي ٿي منهنجي آتما هلي ۽ ڪيڏي بي نانءُ (انيڪ نانوَ هوندي به) آهي منهنجي آتما ـ تون ـ تون پنهنجيءَ آتما کي سڃاڻين ٿو ـ ڪهڙو نانءُ آهي تنهنجي آتما جو؟ ـ“

هوريان هوريان عورت جون اکيون آليون ٿينديون ٿي ويون

الاءِ ڪهڙو دک ٿي هن جي من ۾ سگريءَ جي اڱارن وانگر دُکيو،

هن ساريءَ ڀونءِ تي ڪيترا دک

Oh! God (خداوندا!) ڪيترا دک آهن تو وٽ ـ جيڪي تو اسان سڀني جي اندر ۾ ڀري ڇڏيا آهن ـ ته به ـ نٿا کٽن ـ وڌندا ٿا وڃن ـ

عورت جي بدن تي سندس ڪنڌ لاڙيو پيو آهي ـ هوءَ آڱرين سان سندس وارن کي پئي سنواري ـ اسان جنم ـ پل کان پيار جي ڪنهن هڪ پل لاءِ ٿا واجهايون.

جنم ـ جنم جا ناتا کن ـ پل ۾ ڪوڙا ٿي پوندا آهن ـ ۽ ـ پل اپل جا ناتا ڇو جيئڻ جو ڪارڻ پيا ڀاسندا آهن ـ (نرمل ساڻ به ته منهنجا جنم جنم جا ناتا هئا ـ)

زندگي ـ ۽ زندگيءَ کان پوءِ آهي موت جو اکٽ سلسلو ـ

ڇا هيءَ هڪ رات جي عورت موت جي سلسلي تائين منهنجا لڙڪ اگهندي رهندي ـ پر هن کي ٻين جا به ته لڙڪ اگهڻا هوندا ـ پر ـ آئون ته نرمل جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي روئڻ ٿو چاهيان ـ

نرمل جي تن جا رنگ چونڊي مون ته آتما کي ڇهڻ چاهيو هو ـ تن ۽ آتما ۾ ڪيڏي وڇوٽي آهي ـ

 

صبح جو جڏهن هن اک پٽي هئي ـ ۽ سوچ جا ڪرڻا مٿانئس اچي ڦهليا هئا

رڌڻي مان ٿانون جو ٿي آواز آيو ـ هن اکيون پوري ڇڏيون هيون ـ

نرمل ـ اچي وئي آهي منهنجو گهر آباد ڪرڻ لاءِ ـ نرمل توکي نيٺ به اچڻو هو

رڌڻي ۾ ڪو ـ ڪوپ يا شايد ڪو گلاس ـ يا ـ ڪا پليٽ (يا من ـ درپن) ڀڄي پيو هو.

مون ـ تو بن ـ جيئڻ جا سڀئي ڪارڻ وڃائي ڇڏيا هئا ـ نرمل!

هو رڌڻي ۾ هليو آيو ـ

مون جنم ـ پل کان انهيءَ لمحي جو سپنو ڏٺو آهي ـ نر ـ مل!

هاڻ آئون ڪنهن ٻيءَ عورت جي بدن جا رنگ نه چونڊيندس ـ وسڪيءَ جون ڀريل بوتلون باٿ روم ۾ هاري ڇڏيندس ـ آئون ـ تنهنجيءَ ڇانوَ ۾ ٿو جيئڻ چاهيان ـ

تون آهين ته ـ آءٌ اندران ڪيڏو ڀرجي ويو آهيان ـ

هو رڌڻي جي در تي اچي بيٺو

ڪاريءَ ساڙهيءَ ۾ هوءَ در ڏانهن پٺ ڪيو بيٺي هئي (هن کي ڪَل ئي ڪانه پئي ته ڪو رڌڻي جي در تي هو بيٺو آهي ـ ڄڻ ـ ڪنهن عبادتگاهه جي چائنٺ تي بيٺو هجي) چلهه تي ٽهڪندڙ چانهه جي پاڻيءَ مان هوريان هوريان ـ ٻاڦ ٿي نڪتي ـ

هن ٻئي هٿ ـ پويان کان ـ هن جي اکين تي ڌريا هئا ۽ هوءَ گلاب جي پنکڙين جيان هڪ هڪ ڪري سندس ٻانهن ۾ وکري وئي هئي ـ

اڙي Oh! No... هوءَ نرمل ته ڪانه هئي ـ هوءَ ته راتوڪي عورت هئي ـ رشي ـ جنهن جي بدن تي ڪنڌ لاڙي هو ساري رات روئندو رهيو هو ـ اُهي لڙڪ جيڪي هو جڳن جي خواهش کان پوءِ به نرمل آڏو لاڙي نه سگهيو هو

هانوَ تي راتوڪي رات جا ساروڻا هُري آيا هئس ـ ٽِڪ ٻڌي هن کي ڏسندو رهيو هو ـ انيڪ پل.

ڪاش ـ هيءَ عورت تون هجين ها نرمل! آءٌ هن پل مُڪتي پائي وٺان ها ـ هو دُکي ٿي پيو هو ۽ ـ انيڪ پيڙائون سندس من پاتال تائين ڦهلجي ويون هيون.

اسان جيڪي ڪجهه چاهيندا آهيون، اهو سڀ ڪجهه ناهي ٿيندو ـ آخر ڇو نرمل؟؟ ـ آخر ڇو؟

انيڪ وار وکرندا رهون ـ انيڪ وار پنهنجي هٿان ـ ٻين جي هٿان جُڙندا رهون، پر اهڙا ڇو نه جُڙي سگهندا آهيون ـ جهڙا جنم پل کان جُڙيل هوندا آهيون ـ جن سان دک ونڊڻ چاهيندا آهيون ـ سي ڪڏهن به هٿ نه ايندا آهن ـ جن کان دک پيا لڪائيندا آهيون، سي ائين دک ونڊي ويندا آهن جو ڪَل ئي ڪانه پوندي آهي ـ ها نه ـ نرمل!

چانهه جو پاڻي ٽهڪڻ لڳو هو ـ هوءَ هن جي ٻانهن کان ڌار ٿي ڪم ۾ لڳي وئي هئي ـ ڪينهن بيحد سگهڙ ۽ چاهڻ واريءَ زال سمان.

”تون هل ـ آئون ـ اجهو ٿي نيرن کنيو اچان ـ“ ڪٽليءَ ۾ چانهه وجهندي هن مرڪي ڏانهس نهاريو هو ـ ”ڏينهن کان ٿانوَ خراب ڪري ڇڏيا اٿئي ـ هاڻ ڏس مون رڌڻو صاف ڪري ڇڏيو آهي ـ وري خراب نه ڪجئين.“

”ايڏا سگريٽ ڇو پيئندو آهين؟ ـ مون تنهنجي بيڊ روم مان اڄ سوَن جي حساب سان سگريٽن جا اڌڙ ميڙيا آهن ـ“

”ٻڌ ـ هڪ ڳالهه چوانءِ ـ ايڏو نه پيئندو ڪر ـ مر ـ ي پوندين.“

”آئون به ته مرڻ چاهيان ٿو ـ پر مري نٿو سگهان ـ الاءِ ڇو ـ مرڻ جيئڻ اسان جي وس ۾ ڪونهي ـ“

”ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ“ هن من ئي من ۾ ٿي واڪا ڪيا.

هن جو سڄو فليٽ هڪ عورت جي خوشبوءِ سان واسجي ويو هو ـ سڄي گهر جو روپ ئي مٽجي ويو هو ـ

نرمل ـ آئون توکي ڇُهڻ ٿو چاهيان ـ منهنجا سمورا گس گم ٿيندا ٿا وڃن ـ آئون تنهنجن جوڙيل گول دائرن ۾ پيو ٿو ڊوڙان ـ هيءَ عورت ڇو ٿي انهن دائرن کي ڊاهڻ چاهي؟

هيءَ عورت منهنجي ڇا ٿئي؟ ـ جيڪا ساڙهيءَ جو پلاند چيلهه سان ٻڌيو ـ برش سان غاليچو پئي صاف ڪري ـ جنهن جا وکريل وار ـ غاليچي مان اٿندڙ دز ۾ لٽجي ويا آهن

اسان سڀ مٽيءَ ۾ لٽيا پيا آهيون ـ مٽي ـ جيڪا وقت مٺيون ڀريو ٿو اڇلائي ـ

هن سڄيءَ ڀونءِ تي ڪهڙو گهر آهي هن عورت جو؟ ـ ڪهڙو ناتو اٿس مون ساڻ ـ

پل اپل جو ساٿ ـ پوءِ هيءُ مُٺ ۾ پئسا ڀيڙي هلي ويندي ـ پر ـ هيءَ اڃا وڃي ڇو نٿي ـ ڇا ٿي چاهي ـ آئون ته صرف تنهنجو آهيان ـ نرمل ـ او ـ نرمل!

گهر صاف ڪري هوءَ ڪيڏي پرسڪون ٿي پئي هئي

۽ هو پاڻ ڪيڏو بي سڪون ٿي پيو هو

”تون ـ گهر نه ويندينءَ ـ ڏنل ٽائيم کان ته وڌيڪ مون وٽ ويٺي آهين ـ“ هن کيسي مان انهيءَ ٽائم جا پئسا ڪڍي وڌايا هئا ـ جيڪو هن ڏنل ٽائم کان وڌيڪ ساڻس گهاريو هو ـ ۽ ـ سرخ نوٽن جي پاڇولي ۾ عورت جو مُک تاڻجي ويو هو ـ سگريٽ سمان دونهاٽجي ويو هو ۽ ڏندن هيٺ چپ ڏئي ڇڏيو هيائين ـ ڄڻ ـ اهو سندس آخري جنم ـ پل هجي.

”وٺ نه ـ“ چيو ته هيائين ـ پر ڀوَ جا ڀاوَ هانوَ تي هُري آيا هئس ته جي هيءَ وئي هلي ته اڪيلائپ جي ڏائڻ مون کي ڳڙڪائي ويندي ـ Oh! God دنيا ۾ ايترا سارا ماڻهو آهن پوءِ به ڇو آهي ايڏي اڪيلائپ؟؟؟

”تنهنجي قميص جو بٽڻ ٽٽو پيو آهي ـ ڏي ته ٽانڪي ڏيانءِ ـ“

”تنهنجو منهنجو ڪهڙو ناتو آهي ـ تون آخر وڃين ڇو نٿي ـ“  ڪيترا گهنج هن جي نرڙ تي پئجي ويا هئا.

هوءَ هن جي بيحد ويجهو بٽڻ ٽاڪيندي رهي هئي ـ هن جي نيڻن ۾ الاءِ ڇا ٿي جرڪيو ـ

نرمل! ـ هن لمحي تون ڇا سوچيندي هوندينءَ ـ ڪهڙي ڄاڻ

زندگي ـ محض هڪ ڏيکاءُ آهي

اسان سڀ بظاهر جيئون ٿا

ڀلا ـ جي اسان سچ پچ جيئون ٿا ته پوءِ ڇو هر پل موت جا ڀاوَ ٿا هانوَ تي هُرن

نرمل! ـ اسان زندگيءَ ۾ ئي مريو وڃون ـ پر ڪوبه ته اچي پير ناهي ڀريندو ـ ڪو دوست ـ ڪو سنگي ـ ڪو ساٿي

ڇا ضروري آهي ته اسان ڪفن ۾ ويڙهجي سيڙهجي ـ ڌرتيءَ جي سيني ۾ ـ مڻين مٽيءَ هيٺ دفن ٿي وڃون

زندگي ته اها ئي آهي ـ جيڪا تنهنجي تن جي ڇانوَ ۾ ٿي گذري

آئون جو تو بن مرندو ٿو وڃان ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ

”ٻڌ! ـ پيسن تي ورتل بدن ۾ به ته آتما هوندي آهي نه ـ بدن جي ڳانڍاپي ۾ ـ ڪٿي نه ڪٿي آتما کي به ته اسان جون آڱريون ڇُهي وٺنديون آهن ـ هن سڄيءَ ڀونءِ تي ڪوبه ته گهر منهنجو ڪونهي ـ جنهن کي آئون سجايان ـ سنواريان ـ پر پوءِ به هن گهر جهڙا منهنجا انيڪ گهر آهن ـ تون ـ ٻڌين ٿو نه عابد! جيئن تون اڪيلائپ جي گهيرٽ ۾ گهيريل آهين ـ تيئن آئون به بلڪل اڪيلي آهيان ـ ڇا سڀ ماڻهو اندران اڪيلا هوندا آهن ـ سڀ اندران قبرستانن وانگر سنسان هوندا آهن ڇا؟ ـ اسان هڪ ٻي جون اڪيلايون ورهائي ڇو نٿا وٺون عابد ـ آئون به تو وانگر جيئڻ ٿي چاهيان پر ـ اندر ئي اندر مئي پئي آهيان ـ هاڻ ـ هاڻ منجهي سگهه به ختم ٿي وئي آهي ۽ ـ ائين ٿو لڳي ڄڻ آئون ٻاويهن سالن جي عمر ۾ اسي ورهين جي پوڙهي ٿي وئي آهيان ـ“

رشي ـ (اها ئي هڪ رات لاءِ خريد ڪيل عورت) گرم ڪافي سِپ ڪندي ـ هوريان هوريان ڳالهائيندي رهي ۽ هو چپ چاپ ڪوپ مان اٿندڙ ٻاڦ ۾ الاءِ ڇا ڏسندو رهيو.

نرمل ـ او ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ و ـ و ـ

ٻاهر مسجدن ۾ ٻانگ ٿي ـ ڪيترا پيلا پن ـ هڪ هڪ ڪري ڇڻي پيا آهن.

”تون ـ عابد علي! ـ مون سان شادي ڪندين؟“

هن جي نيڻن ۾ لڙڪ جهلمل ڪرڻ لڳا ۽ هڪ لڙڪ ڪوپ ۾ پيل ڪافي منجهه گم ٿي ويو هو ـ جيڪو هن ڪافيءَ سان گڏ ڳيت ڏئي پي ڇڏيو هو ـ

”آئون ـ گفائن ۾ گم ٿي چڪي آهيان ـ آئون ـ ڌرتيءَ تي ڪنهن به مڙد جي (پوءِ هو ڪيڏو به برو ڇو نه هجي) زندگيءَ ۾ اچڻ ٿي چاهيان ـ ڪنهن جي جيئڻ جو ڪارڻ بنجڻ ٿي چاهيان ـ عابد! هن ڌرتيءَ جي هر عورت وانگر آئون به هڪ ننڍڙو سکيو ستابو خوبصورت گهر ٿي آباد ڪرڻ چاهيان ـ گهر ـ جنهن ۾ آءٌ ڪنهن جو پل ـ اپل اوسيئڙو ڪيان ـ“

”مون سان شادي ڪندين ـ عابد علي!“ ڪوپ ٽيبل تي رکي هوءَ هٿن ۾ مُک لڪائي روئي پئي هئي.

اهو سڀ ڪجهه تو ڇو نه چيو نرمل!

هن جي وشال من تي دور دور تائين ٿي دک جا تارا جرڪيا

نرمل! اڄ آئون پاڻ کي تنهنجي ساروڻن جي قبرستان ۾ ٿو دفن ڪيان

هي ـ اڄوڪو ڏينهن به سمنڊ ۾ ٻڏي ويو آهي ـ ائين زندگيءَ جا سمورا پل ٻڏندا ويندا سمنڊ ۾ ـ درياهن ۾ ـ جبلن جي هن پار ـ رڻن ۾ ـ بلڊنگن جي پويان ـ سرءُ جي پيلن پنن ۾ ـ ڪوبه پل نه رهندو ـ نرمل راڻي!

پوءِ ـ هڪ وار ـ صرف هڪ وار ـ آئون توکي گلاس ۾ ڀري پيئڻ ٿو چاهيان ـ

هيءَ عورت ـ جيڪا سامهون ڪوچ تي ويٺي آهي، مون سان اڪيلائين جو سودو ڪرڻ ٿي چاهي ـ پر مون ۾ ايڏو ساهس ئي ڪٿي آهي جو هن جي اڪيلائين ۾ رنگ ڀري سگهان ـ اڪيلو ته آئون به آهيان (جنم پل کان اسان سڀ اڪيلا آهيون) ـ پر ـ منهنجين اڪيلائين ۾ ته تنهنجو رنگ آهي ـ

اچ ته هڪ وار وري وڇڙڻ لاءِ پيار ڪريون ـ انهيءَ پيار ۾ آئون توکي ڇُهڻ جي خواهش ڪڏهن به ڪونه ڪندس ـ ڇُهڻ سان واريءَ جا گهر ڊهي پوندا آهن نه نرمل! ـ

تون هن پل ڇا سوچيندي هوندينءَ نرمل!

- - اسان بي معنيٰ ليڪا آهيون ـ ڪير ٿو ڀلا اسان کي سَلي سگهي ـ

۽ ـ انهيءَ رات هن وسڪي به ڪانه پيتي هئي ـ هو نشي ۾ الوٽ ته نه هو ـ هن آخري ڀيرو نرمل کي فون تي چيو هو:

”مون سان شادي ڪندينءَ ـ نرمل؟“ هن ڄڻ بيک گهري هئي ـ

”آئون ـ مرڻ ٿي چاهيان ـ عابد!“

”پوءِ مون سان شادي ڇو نٿي ڪرين ـ اهو به ته موت آهي نه جو تون ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪرين (نه چاهيندي به) جنهن کان توکي نفرت هجي.“

”آئون ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪندس عابد! جنهن جي آڱرين ڪڏهن به مون کي ڇهي نه ڏٺو هجي.“

رسيور جي اندر ڪيڏو شور آهي

لاڳيتو ڪجهه ٽٽندو ٿو وڃي

ـ نرمل ـ تنهنجو آواز ڪيڏو دُور آهي ـ ڀانءِ اُڀ جي هن پار کان ايندو هجي ـ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com