سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :15

امان بيهوش ٿي پيئي هئي، جيئن پوءِ تيئن نيري ٿيندي پئي وئي، وات مان گجي نڪرڻ  لڳي هيس- مون اهو ڏسي روئي ڏنو هو...

بابا جلدي اٿيو ۽ مالهيءَ جي گهر ويو، جوڳڻ وڃڻ لاءِ سامان ٻڌي ڇڏيو هو، پنهنجي پڙي ۽ قميص  به ڌوتي هئائين. نديءَ جي واريءَ سان چانديءَ جي زيورن کي چلڪايو هئائين، وارن کي به ڦڻي ڏني هئائين، هن اخروٽ جي ڇوڏي سان پنهنجن لبن کي لال ڪيو هيو ۽ وارن ۾ گلاب جو وڏو گل لڳائي ڇڏيو هيو ۽ وڃڻ لاءِ بلڪل تيار هئي.

”رانو! هل.“

”ڪاڏي؟“

”هوءَ مري ٿي پئي، ان کي بچائي وٺ.“

”نه- هن کي مرڻ ڏي.“

”نه رانو، چوڻ وٺ. هن کي بچائي وٺ، منهنجي دوا ڪم نٿي ڪري.“

”مون وٽ ڪا دوا ڪانهي، مان نانگ پڪڙي ته سگهان ٿي، پر نانگ جي زهر کي ختم ڪري نٿي سگهان.“

”تون ختم ڪري سگهين ٿي. تو پاڻ ئي ته ٻڌايو هيو ته ڪکيل جي تو وٽ دوا آهي!“

“اها مون کان گم ٿي ويئي آ.“ جوڳڻ منهن ڦيريندي چيو. هن جي لهجي ۾ انتهائي سختي ۽ بيزاري هئي. بابا ٻنهي ٻانهن کان جوڳڻ کي پڪڙيندي ۽ روئڻهارڪو ٿي چيو، ”رانو! منهنجو چوڻ نه موٽاءِ، ڪيئن به ڪري هن کي بچائي وٺ، هوءَ مري وئي ته آءٌ به زنده نه رهندس.“

جوڳڻ پٺ ورائي بابا ڏانهن ڏسندي آهستگيءَ سان چيو: ”هن لاءِ ته روئين ٿو، رڙين ٿو، منهنجي لاءِ تو وٽ هڪڙو ڳوڙهو به ڪونهي؟“

بابا جوڳڻ جي آڏو  ڪنڌ جهڪايو، چپڙي ڪيو بيٺو رهيو، ”خاموش ڏوهاريءَ وانگر“ جوڳڻ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پنهنجون پنبڻيون کڻندي چيو، ”چڱو ڀلا جيڪو توهان چاهيو ٿا، ائين ئي ٿيندو“ ۽ بابا سان بنگلي ڏي رواني ٿي. اتي پهچندي ئي هن پنهنجا چپ زخم سان لڳائي سوٽ ڏئي زخم مان ڪافي رت ڪڍي ٻاهر ٿوڪاريو ۽ پوءِ ٽٻڻيءَ مان ڳولي ڳولي سائو ملم ڪڍي زخسم تي مليو – هوءَ باغ ۾ ٻاهر ويئي ۽ ڪا دير ڪجهه ڳوليندي رهي، نيٺ هڪ وڏن پنن وارو ٻوٽو پٽي آئي، ان جي پنن کي کرل ڪري رس ڪڍي ٽيپو ٽيپو ڪري امان جي چپن تي ڳاڙڻ لڳي. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ امان جي وات مان گج نڪرڻ بند ٿي وئي – آهستي آهستي امان اکيون کوليون ته جوڳڻ امان کان پاسيري ٿي ويئي - ۽ بابا ويجهو اچي پڇڻ لڳو:

”هاڻ طبيعت ڪيئن آ“

امان ڪمزور آواز ۾ چيو، ”لڳي ٿو ته بچي ويندم، منهنجو ٻچڙو ڪٿي آ”؟“

مان روئيندو امان جي ارهه سان چنبڙي پيس ۽ ٿوريءَ دير ۾ منهنجي، بابا ۽ امان جي نيڻن ۾ خوشيءَ وچان ڳوڙها تري آيا...
        اوچتو ئي بابا کي الائي ڇا ياد آيو، هن چيو ”توکي خبر آ ته توکي جيئدان ڪنهن ڏنو آ.“

امان خاموشيءَ سان مٿو لوڏي انڪار ڪيو:

بابا چيو، ”رانو، اڳتي آءُ!“

بابا اهو جملو  چوندي پٺتي ڏٺو ته اتي ڪوبه ڪونه هيو! جوڳڻ وڃي چڪي هئي ۽ وري موٽي نه آئي. سياري ۾ جڏهن چوڏس برف پوندي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن نديءَ جي هن پار کان مرليءَ جي لڇندڙ صدا گونجندي آ ۽ بابا ان کي ٻڌي بيقرار ٿي ڪمري مان نڪري ايندو آ ۽ ورانڊي ۾ پسار ڪرڻ لڳندو آ. اهو آواز نديءَ کان پري هوائڻ ۾ ائين ئي اڏامندو آهي، جيئن ڪنهن ويران برفاني علائقي ۾ ڪو ٻار گم ٿي ويو هجي ۽ روئي روئي، سڏڪي منٿون ڪندو پنهنجو دڳ پڇندو  هجي....

(سنڌيڪار: منظور ظفر)

عورت ۽ زال

جڏهن اهو سک گاڏيءَ جو در کولي اندر آيو ته سندس هلڻ جي انداز مان مون محسوس ڪري ورتو ته  فوج ۾ رهي چڪو آهي. سندس شخصيت ڏاڍي پروقار هئي، قد ڇهن فوٽن کان به مٿڀرو، رنگ ڀورو ڳاڙهيسرو، اڇي نوراني ڏاڙهي، هن کي ڪارو گرم وڳو پهريل هو ۽ گاڏي جي وچ ۾ روشنيءَ تي سندس پڳ جي ورن ۾ ابرڪ جا ذرڙا چمڪي رهيا هئا...هو پورا سارا قدم کڻندو، منهنجي ڀرسان اچي بيٺو، جهڪي، سيٽ  جو نمبر پڙهيائين ۽ سڪون جو ٿڌو ساهه ڀري سيٽ تي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. سيٽ سندس وزن سبب پوئتي ٿي وئي، هن وڌيڪ سڪون وارو ساهه کڻي مون ڏانهن ڏسندي چيو ”هي پوئتي ٿيڻ واريون سيٽون ڏاڍيون سٺيون آهن.“

مون پنهنجو دکندڙ سگريٽ، جيڪو مون ان مهل ئي دکايو هو، وسائي ڇڏيو. پوڙهي سک مون ڏانهن ڏسي مرڪي ڏنو ۽ چيائين، ”مهرباني، مون کي سگريٽ جو دونهون واقعي ڏاڍو خراب لڳندو آ.“

جڏهن هو مرڪيو، تڏهن مون کي سندس ڏند ڏاڍا سهڻا لڳا، بيحد سفيد ۽ مضبوط ڏند – هن پوڙهي سک فوجيءَ جي عمر ستر سالن کان گهٽ نه هوندي، پر سندس وڏين وڏين ڪارين اکين ۾ هاڻي به جوانيءَ واري چمڪ ۽ تجسس هو. هن عمر ۾ به هو صحتمند لڳي رهيو هو، ۽ انهيءَ مهل سندس منهن تي جيڪا شيءِ مون کي کٽڪي رهي هئي، سا هئي منهن تي زخمن جا نشان. کاٻي ڳل تي ته ڄڻ انهن شانن جي صليب ٺهيل هئي، جڏهن ته ساڄي ڳل تي انهن زخمن جي ڪري انگريزي لفظ وي جهڙو نشان ٺهيل هو، ۽  جڏهن هن پنهنجي ٽاءِ ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هٿ مٿي کنيا ته ڏٺم، سندس ترين جي پٺيان به زخمن جا ننڍا ننڍا انيڪ نشان هئا، ‎ ڄڻ ڪنهن تيز چاڪوءَ سان انهن زخمن کي قيمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي.

”جنگ!“ مون سوچيو، پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ساڻس حادثو ٿيو هوندو. چڱو ٿيو جو هن سهڻي ماڻهوءَ جي ٽنگ يا ٻانهن نه وئي، نه ته ڪيڏو خراب لڳي ها هي ماڻهو!- پر  مون کي انهيءَ معاملي تي گهڻو سوچڻ جي مهلت نه ملي، ڇو ته ڊائيننگ ڪار جي بيري اچي چيو، ”توهان کي ماني کائڻي آ ته اچي کائي وڃو، اسان ڏهين وڳي بند ڪري ڇڏيندا آهيون.“

مان اٿي بيٺس- پوڙهو سک به مون سان گڏ ئي اٿي بيهي رهيو، ”جيتوڻيڪ مان اٺين وڳي گهران ماني کائي نڪتو هوس، پر وري ٿوري بک محسوس ڪريان پيو.“ هن کلي مون کي چيو.

”۽ مان انهيءَ ڪري ٿو دير سان کاوان جو مون کي بک ئي نه لڳي هئي.“ مون جواب ڏنو.

اسان ٻئي ڊائننگ ڪار ۾ وڃي ويٺاسين، اتي بيرن کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه هو، ڇڙو هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪڙو نوجوان جوڙو ڪافي پي رهيو هو، ۽ ٿوريءَ ٿوريءَ دير کان پوءِ ڳڙکيءَ کان ٻاهر پورن ماسي چنڊ ڏسي رهيو هو، ڇوڪريءَ جو هٿ ڇوڪري جي هٿ ۾ هو، جنهن کي هن هر هر زور ٿي ڏنو. هٿ کي زور اچڻ مهل ڇوڪريءَ جي چهري تي وڻندڙم رڪ ڦهلجي ٿي وئي ۽ مون کي ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ ڇوڪري جي هٿ ۾ بٽڻ آ، جنهن کي دٻائڻ سان اها مرڪ بجليءَ جيان روشن ٿي پوي ٿي، ڇوڪريءَ جا وار ڏاڍا خوبصورت نموني ڪٽيل هئا، ۽ اها وڻندڙ ڇوڪري منهن مهانڊي کان هندوستاني عيسائي ڇوڪري لڳي رهي هئي، جنهن ۾ يورپي رت جو به دخل هجي، ڇوڪرو هندستاني هو، سانورو، ننڍي قد پر مضبوط جسم وارو، گهاٽا چمڪندڙ وار ۽ ويڪري منهن تي ڏاڙهيءَ جي نيراڻ هئس. سندس وارن جي حجامت بلڪل تگازي ٿيل هئي، لڳو ٿي ڄڻ اڄ ئي وار ڪٽرائي آيو هو. کيس صاف سٿرا ڪپڙا پهريل هئا ۽ سنسد لونءَ لونءَ منجهان زندگيءَ جي صحتمند خواهش جرڪا ٿي ڏنا. ڇوڪريءَ جو هڪ هٿ سندس هٿ ۾ هو ۽ ٻئي هٿ سان لڳاتار هو سندس نيري ساڙهيءَ جي ڪنڊ کي مهٽي رهيو هو. سندس بيحد ڪاريون، ننڍيون ۽ چمڪندڙ اکيون، ڇوڪريءَ کي ائين گهوري رهيون هيون، ڄڻ اها ڇوڪري، ڇوڪري نه هئي، پر حسن جي ڪا پليٽ هئي.

”محبت ۾ صحت کي ڪيڏو نه دخل آ.“ مون سوچيو ۽ پيلا ڳل مهٽيندي چيو.

جواب ۾ پوڙهي سک ڪجهه به نه چيو، ڇو ته ماني هاڻي اسان ٻنهي جي سامهون پئي هئي ۽ هو پري ڌيان سان مانيءَ جو جائزو وٺڻ ۾ رڌل هو، اسان اڃا ماني کائي رهيا هئاسين، جو اهو  نوجوان جوڙو ڪافي پوري ڪري، بل ڏئي هليو ويو. ويندي ويندي وڻندڙ مرڪ ڇوڪريءَ جي منهن تي وري آئي، ۽ ان مهل مون کي سندس مرڪ ته ائين متاثر ڪيو، جنهن مهل هن ڇوڪريءَ ڏانهن  ڏٺو ٿي ته ڪيڏي نه چاهت ۽ پاڻ ارپڻ جي خواهش هئي سندس اکڙين ۾! ڪڏهن ڪڏهن ته عورت ڇڙو هڪ نظر ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيندي آ، ۽ پوءِ خالي ٿانون جيان معصوم نظرن سان ڏسندي رهندي آ ۽ ان مهل عورت ڪيڏي نه پياري لڳندي آ!! مرڪڻ کان پوءِ اهڙي نموني ڇوڪريءَ پنهنجي ساٿيءَ ڏانهن ڏٺو هو ۽ سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو  ۽ نوجوان سندس چيلهه ۾ هٿ وجهي سموڪنگ روم ۾ وٺي ويو هو، جو هنن جي وڃڻ کان پوءِ ڊائننگ ڪار وڌيڪ ويران لڳي رهي هئي ۽ ڳڙکيءَ جي سامهون بيٺل چنڊ ائين ٿي لڳو، ڃڻ صرف هنن جي ڪري ئي اتي بيٺو هو.  مون هٿ وڌائي ڳڙکيءَ تي پردو وجهي ڇڏيو.

پوڙهي سک مون ڏانهن ڏسي مرڪي ڏنو، پر خاموشيءَ سان ماني کائيندو رهيو. مانيءَ کان پوءِ پوڙهي ڪافي گهرائي، ۽ مان گريٽ پيئڻ لاءِ سموڪنگ روم ۾ هليو ويس.  سموڪنگ روم ۾ اهو نوجوان ڇوڪرو، ڇوڪريءَ کي چمي رهيو هو، ۽ ڇوڪريءَ جي اکين منجهان لڙڪ ٽميا پئي.

ڇوڪريءَ کانئس حيرت منجهان پڇيو، ”هي ڳوڙها....؟“

”ڪجهه ناهي – بس ائين ئي...“

ڇوڪريءَ لڙڪ اگهندي چيو، ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي کلي پئي ۽ وري سندس چهري تي من موهيندڙ مرڪ پکڙجي وئي.

ڇوڪري وري کيس ڪس ڪيو – ڇوڪري ٿوري ڏڪي، ۽ وري چيائين ”هل ڊارلنگ، اٿ! هلون هتي سردي آ...“ هن پنهنجي نظرن سان، خاموشيءَ سان مون ڏانهن اشارو ڪيو، مان ٻي ڳڙکيءَ مان ظاهري طور تي پورن ماسيءَ جو چنڊ ڏسي رهيو هوس. ڇوڪري مون ڏانهن اهڙي ڪاوڙ، منجهان ڏٺو، ڄڻ مون کي ڇرو وهائي ڪڍندو ۽ پوءِ هن آهستگيءَ سان  ڇوڪريءَ جي چيلهه ۾ هٿ وڌو ۽ کيس وٺي اندر گاڏيءَ ۾ هليو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ گارڊ گاڏي ۾ آيو، هن سموريون بتيون وسائي ڇڏيون، پر ٻاهر چنڊ پوريءَ طرح کڙيل هو، ۽ ٿڌي چانڊاڻ منجهه ويٺل ماڻهن جا چهرا خاموش ۽  ٿڪل لڳي رهيا هئا. مون چيو، ”مون کي چانڊوڪيءَ ۾ ننڊ نه ايندي آ، ڳڙکيءَ تي پردو ڏئي ڇڏيان؟“
        ”ٿورو ترس.“ پوڙهي سک ڏاڍو مڌر ۽ سوز ڀريل آواز ۾ چيو، ”چوڏهينءَ- جي رات ڏاڍي ڀوائتي آ، پر مان کيس ڏسڻ به چاهيان ٿو.... ٿوري دير چنڊ ڏسي وٺان!“

”چنڊ ته نوجوان ماڻهو ڏسندا آهن، اها تو اسان جي ڏسڻ جي شيءِ ناهي.“ مون ڏک منجهان چيو. پوڙهي سک مرڪي ڏنو، سندس کاٻو ڳل چانڊوڪيءَ طرف هو ۽ صليب جو نشان ڏاڍو گهرو نظر اچي رهيو هوس- ساڄي ڳل جي وري اوندهه ۾ گم هئي.

مون چيو، ”تنهنجي ڳلن جا هين شان جنگ جي، نشاني ته ناهن؟

”جنگ!“ پوڙهي سک مون ڏانهن ڏسي پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿيندي چيو، ”ها جنگ ئي ته هئي....“ هن آهستي چيو.

”ڪهڙي جنگ؟“ مون پچيو ”پهرين مهاڀاري لڙائي يا ان کان به اڳ جي؟“

”مان فوج ۾ ته ڪڏهن به رهيو ئي ناهيان!“ پوڙهي سک آهستي وراڻيو.

منهنجو اندازو غلط نڪتو، ان ڪري تجسس وڌي ويم، پڇيومانس: ”تڏهن هي نشان ڇا جا آهن؟“

پوڙهي سک هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، چنڊ پنهنجي جاءِ تي هو، ڳڙکي پنهنجي جاءِ تي هئي، مسافر پنهنجي پنهنجي سيٽ تي ستا پيا هئا، اسان کان چار – پنج سيٽون اڳتي هڪ اونداهي  ڪنڊ ۾  ساڳيو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پنهنجي پنهنجي سيٽ تي ويٺا هئا. ڇوڪري جي ٻانهن ڇوڪريءَ جي ڪلهن تي، ٻنهي جون اکيون پوريل هيون.

پوڙهي سک مون کان پڇيو، ”اهو قصو ضرور ٻڌندين؟“

”جيڪڏهن ننڊ نه ٿي اچئي ته ضرور ٻڌاءِ.“

”ههڙي چانڊوڪيءَ ۾ مون کي ننڊ ته قطعي نه ايندي!“ پوڙهي سردار نرم لهجي ۾ چيو – پوءِ هن هڪ ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”چڱو ته ٻڌ- تون مون لاءِ قطعي اڻ سونهون آن، ان ڪري توکي ٻڌائڻ ڪو مسئلو ناهي.“

گاڏيءَ جي ڳڙکين ۾ ٻٽا شيشا لڳل هئا، جنهن ڪري گاڏيءَ جي ڇڪ ڇڪ ڏاڍي مٺي ۽ مڌر لڳي رهي هئي ۽ گاڏيءَ جي ٻنهي پاسن  کان ڦهليل ٿڌي ٿڌي چانڊوڪيءَ ۾ ڪارا ڪارا وڻ پنهنجون  شاخون ويڙهيو ڪنڌ جهڪيل ڏوهارين جيان بيٺا هئا. سردار ڪنڊ ۾ ستل نوجوان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”جوانيءَ ۾ مان به انهيءَ وانگر هوس، بي فڪر، لاپرواهه ۽ پنهنجي مرضيءَ وارو. منهنجو پيءُ گجندر سنگهه ديهه حاصلان جو تپيدار هو ۽ ان کان سواءِ چڪ نمبر 37 به سڄو سارو اسان جي ملڪيت هو، گهر ۾ کاڌي پيتي جي ڪا کوٽ  نه هئي – جيتوڻيڪ بابي مون کان بي – اي پاس ڪرائي هئي، پر مون کي شروع کان ئي ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق هو. قلم بجاءِ منهنجا هٿ رنبو هلائڻ ۾ ڀڙ هئا. خبر ناهي مون بي – اي ڪيئن پاس ڪري ورتي هئي! بابي جي خواهش هئي ته مان فوج ۾ ڀرتي ٿيان ۽ ڪرنل ٿيان پر مون کي ٻنين جي زندگي ئي پسند هئي، مٽيءَ جي وڻندڙ سڳنڌ، ماڪ ۾ ڀنل پن، پريان پريان دڙن تان پاڻي ڀري ايندڙ عورتن جون قطارون، منهنجي سونهري گهوڙيءَ جي وڻندڙ چال، ڪچن رستن تي هلڪي هلڪي رئي اڏائيندڙ..... اوهه..“

مون چيو، ”تون پنهنجي جوانيءَ ۾ ڏاڍو سهڻو هوندين! عورتون ته توتي مرنديون هونديون؟“

پوڙهي اداس مرڪ سان وراڻيو، ”اهو ته مون کي ياد ڪونهي ته ڪنهن مون سان محبت ڪئي هجي – پر ها، مون هڪ ڇوڪريءَ سان محبت ضرور ڪئي هئي.“

”ڪير هئي اها؟“

”منهجي زال!“

”زال؟“

”جڏهن مان بي – اي پاس ڪري ڳوٺ واپس وريس، تڏهن بابي چڪ جهمران جي تپيدارجي ڌيءَ پريتوءَ سان منهنجي شادي ڪرائي ڇڏي. پريتو ڏاڍي سهڻي ڇوڪري هئي، ڊگهي، گوري ۽ پرڪشش، پر مان ته سندس اکين تي موهت هوس!“

”انهن اکين ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه هئي؟“ مون پڇيو.

”بظاهر ته ڪا خاص ڳالهه نه هئي، بس وڏيون ۽ ڪاريون هيون.“

”اهڙيون اکيون ته گهڻين عورتون جون هونديون آهن، پر خاص ڳالهه ڪهڙي هئي؟“

”چئي نٿو سگهجي! انهن اکين جو رنگ.... نه نه،انهن اکين جو لهجو ڪجهه عجيب هو!“

”اکيون ڳالهائينديون به آهن!؟“

”ڳالهائينديون ته نه هيون، پر ڳالهائڻ چاهينديون هيون – ائين لڳندو هو، ڄڻ اُهي مون کي ڪجهه چوڻ ٿيون گهرن، پر چونديون ڪجهه به نه هيون- هر وقت ڄڻ سپنا ڏسنديون هجن!؟

”جوانيءَ ۾ سڀئي اکيون سپنا ڏسنديون آهن!“ مون چيو.

”ها، پر سڀئي سپنا ٻيا ٻيا هوندا آهن.“ پوڙهي آهستي چيو، ”مان ته پنهنجي پريتوءَ تي موهت هوس- تون چئي سگهين ٿو ته اهو ان ڪري ٿيو، جو ان کان اڳ منهنجي زندگيءَ ۾ ڪا به عورت نه آئي هئي – نه ان کان اڳ، نه ان کان پوءِ ئي. پريتو تو ڏٺي ناهي، نه ته ائين نه چوين ها، هوءَ ته اهڙي عورت هئي، جو زال هئڻ کان پوءِ به هن سان عشق ٿي ٿي سگهيو، ۽ ائين ئي ٿيو – جڏهن مان رڳو پهتس، ۽ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان هاري ٿيڻ وڌيڪ بهتر سمجهيم ته بابي هڪدم منهنجي شادي ڪرائي ڇڏي ۽ مون کي ٻنين تي ڪم سان لائي ڇڏيو، جيتوڻيڪ کيس انهيءَ ڳاله جو ڏک ٿيو هوندو. پر مان ڏاڍو خوش هوس – جيڪڏهن مان فوج ۾ هجان ها ته پنهنجي پريتوءَ سان محبت ڪيئن ڪري سگهان ها؟ هن مهل تائين فرنگين جي ڪنهن نه ڪنهن لڙائيءَ ۾، اٽليءَ ۾، فرانس، ميسوپٽيما، دره خيبر ۾ ڪٿي نه ڪٿي مري چڪو هجان ها. جيتوڻيڪ مان چئي نٿو سگهان ته جيڪي ڪجهه ٿيو هو. سو سٺو هو يا برو!“

اوچتو هو چپ ٿي ويو، مان به خاموش رهيس. گهڻيءَ دير کان پوءِ هن چيو، ”قصو ڪوتاهه، ته مان پنهنجي پريتوءَ کي ڏاڍو ڀائيندو هوس، ۽ هوءَ به مون سان ڏاڍي محبت ڪندي هئي ۽ اسان ڪڏهن هڪ ڏينهن لاءِ به هڪ ٻئي کان دور نه ٿيندا هئاسين. پر منهنجي شادي کان ڇهه مهينا پوءِ اوچتو منهنجو سهرو پنهنجي ڳوٺ ۾ سخت بيمار ٿي پيو، ۽ پريتوءَ کي پيڪين وڃڻو پيو،. پيءُ بيمار هوس، ان ڪري مان کيس روڪي به نٿي سگهيس. ان ڪري پريتو هلي وئي، پر منهنجو من پنهجي گهر ۾، ٻنين ۾ يا سواريءَ ۾، ڪنهن به ڳالهه ۾ نٿي لڳو. ٽي ڏينهن ته مون جيئن تيئن ڪري گهاريا،  پر چوٿين ڏينهن کڻي گهوڙيءَ تي چڙهيس... منهنجي ساهرن جو ڳوٺ اسان  جي ڳوٺ  کان ٽيهه ڪوهه پري آ – پر منهنجي گهوڙي ڏاڍي تيز رفتار هئي، ۽ مان نماشام مهل ساهرين پهچي ويس. اتي وڃي سڌ پيم ته منهنجي سهري جي طبيعت اڳ کان گهڻي سٺي آ، بلڪ مون ته کيس ڏاڍي سٺي حالت ۾ محسوس ڪيو. سسس ۽ سهرو مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، پر ويتر جو خبر پين ته مان سهري کي پڇڻ آيو آهيان ته هنن کي ويتر گهڻي خوشي ٿي – سڄو ڏينهن ٽين ڪوهن جي سفر ڪرڻ سب مان ڏاڍو ٿڪجي پيو هوس، ان ڪري جلدي ماني کائي سمهي پيس – ڄاڻ هئم ته هاڻ جو سمهندس ته وري صبح سان وڃي سجاڳ ٿيندس، تنهن هوندي به مون پريتوءَ کي چيو ته صبح سان ضرور اٿارجانءِ، مان گهوڙي تي چڙهي چڪر هڻي ايندس، ائين نه ٿئي ته سج چڙهئي تائين ستو رهان.“

”پر ٿيو هئين جو ان رات جي ٽئين پهر ئي مان سجاڳ ٿي پيس، ۽ مان اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته منهنجي زال منهنجي هنڌ ۾ نه هئي! پريان ڪمري جي در جو آهستي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو آواز آيو، ۽ ڪو پاڇو ٻاهر ويندي نظر آيو! مان اکيون مهٽي اٿي ويهي رهيس، واهگرو! هي ڇا آهي؟ ڪجهه سوچيم مان هنڌ تان اٿيس، ڪرپان وهاڻي هيٺان ڪڍي ورتم ۽ آهستي دروازو کولي ٻاهر نڪري ويس.

”ٻاهر اڄ جهڙي ئي چانڊوڪي هئي، انتهائي سڳنڌ ڀريل چانڊوڪي رات، سرنهن جي وڻن ۾  لڪل آکيرن ۾ جهرڪين ڪنهن مهل ننڊاکڙيءَ حالت ۾ چون چون ٿي ڪئي، پر سندن جهرڪن تڪڳڙ ۾ کين هنج ۾ ڀري ٿي ورتو.  منهنجا پير ماڪ ۾ ڀڄي ويا هئا، ۽ منهنجي چوڌاري سرنهن جونس ايون سايون مکڙيون جهومي رهيون هيون ۽ مان ٻنين  منجهان پنهنجي پريتوءَ جي ڪڍ وڃي رهيو هوس – پهرين مون سوچيو، هوءَ ٻنيءَ ۾ ڪنهن ضروري ڳالهه کان جان ڇڏائڻ ٿي وڃي... پر جڏهن هوءَ ٻي ٻنيءَ کان به اڳتي وڃي، سڪي نالي کان ٽپي، دڙيءَ جي پٺيان گم ٿي وئي. تڏهن مون کي عجيب قسم جي حيرت ۽ ڳڻتيءَ ورائي وئي ۽ دل کي ٿورو ڌڪ لڳو. هاڻي مان ڏاڍو آهستي آهستي ۽ هوشياريءَ سان سندس ڪڍ وڃڻ لڳس، جيئن کيس سڌ نه پوي ته ڪو سندس پٺيان پيل آهي – مون ٻنيءَ کان اڳتي وڌي سڪو نالو پار ڪيو، ۽ پوءِ دڙي جي پٺيان وڃي اڳتي نظر ڊوڙايم – سامهون سرنهن جون ٻنيون هيون، ٻنين جي وچ ۾ هڪ کوهه هو، کوهه جي ڀرسان ٿورو لوڙهو ڏنل هو، لوڙهي جي ڀرسان هڪ کٽولو پيو هو ۽ کٽولي جي ڀرسان هڪ ڪچي جاءِ هئي، جنهن جود روازو کليل هو - ۽ منهنجي زال انهي پلنگ تي هڪ مرد سان گڏ ستي پئي هئي! منهنجي پريتو!! منهنجي زال!! هن هر هر انهيءَ جون اکيون ۽ ڳل تي چميا ۽ ڪيڏي شدت هئي سندس پيار ۾‘! منهنجي منهن منجهان رت ٽمڻ لڳو، پر مان چپ ڪري، لوڙهي جي پٺيان بيٺو کين پيار ڪندي، ڏسندو رهيس... پنهنجي اکين سان سڀ ڪجهه ڏٺم.... ڪجهه دير کان پوءِ مرد منهنجي زال کي چيو، پريتو! مون کي اڃ لڳ آ، اندران پاڻي آڻي ڏي. پريتوءَ پنهنجو مٿو سندس ڇاتيءَ تان کڻندي چيو، بچنا! تنهنجي اڃ اڃا پوري ناهي ٿي ڇا؟ بچني جواب ۾ فقط مرڪي ڏنو، ۽ منهنجي زال جي چپن کي چمي ڏنائين. پريتو آهستي اٿي، ۽ اڌ ٻيڪڙيل دروازي منجهان اندر وئي. بچنو اونڌو ليٽي در ڏانهن ڏسڻ لڳو، ڇو ته منهنجي زال الف اگهاڙي هئي....

”اوچتو مون ڪرپان ڪڍي، پنهنجي ٻنهي هٿن سان جهلي، پوريءَ طاقت سان بچني تي حملو ڪيو، بچني جي واتان ۾”هڪ“ جو هڪ هلڪو آواز نڪتو، ۽ ٻيءَ گهڙي سندس سسي ڌڙ کان ڌار ٿي وئي، ۽ پوءِ مان لوڙهي جي پٺيان ٻنين منجهه گم ٿي ويس – رستي ۾ مون پنهنجيڪرپان کي ٻنيءَ جي مٽيءَ سان اگهيو ۽ ڪرپان آئيني جيان چمڪڻ لڳو - ۽ مان ان کي وري مياڻ ۾ وجهي هنڌ تي اچي سمهي پيس.

”مني ڪلاڪ کن کان پوءِ پريتو آهستي آهستي ڪمري ۾ اندر آئي – مان جاڳي رهيو هوس، پر اکيون پوري ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ لڳس، پريتوءَ در بند ڪري پهرين ته مون کي ڌيان سان ڏٺو ۽ پوءِ منهنجي وهاڻي هيٺيان ڪرپان ڪڍيو، کيس کولي ڏٺائين - ۽ جڏهن اها قطعي صاف نظر آيس تڏهن ڄڻ سندس دل جو خوف دور ٿي ويو ۽ هوءَ منهنجي ٻانهن تي مٿو رکي سمهي پئي، بلڪل پٿر جي سر جيان.“

ڪجهه دير جي انتظار کان پوءِ مون ڏاڍي بيچينيءَ منجهان پڇيو، ”پوءِ ڇا ٿيو!؟“

”ڪجهه به نه“

سندس پيءُ جيئن ته چڱو ڀلو ٿي چڪو هو، ان ڪري مان پريتوءَ کي وٺي، ٻئي ڏينهن ئي پنهنجي ڳوٺ هليو آيس، ۽ اسان ٻئي کل خوشيءَ سان گڏ گهارڻ لڳاسين – ڏينهن، هفتا، مهينا، سال گذري ويا، پر مون اها ڳالهه ڪڏهن به نه چوري – پريتوءَ ڪڏهن به مون تي نه اهو ظاهر ڪيو ته کيس ڪو شڪ ٿيو هو يا کيس ڪنهن به ڳالهه جو  ڪو دک هو. ها هڪ ڳالهه ضرور ٿي ته انهيءَ واقعي کان پوءِ هوءَ ڪڏهن به وري پيڪين نه وئي. منهنجي يا پنهنجي پيءُ جي چوڻ تي به نه وئي ۽ پريتوءَ جا ٻار، ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ڏاڍا سهڻا هئا، اسان جا ٻار، پرتاب، دليپ ۽ هرنام ڪور – ٻار به وڏا ٿيا ۽ اسڪول وڃڻ لڳا ته ٽيون پٽ به ڄائو، هربنس سنگهه. هاڻي اسان جي گهر ۾ خوشي، آرام، سڪون، يقين ۽ گهرو سنٻنڌ هو – اهڙو سنٻنڌ سٺن گهرن لاءِ مثال هوندو آ. هڪ ڏينهن نما شام جي وقت واپس اچي، منگهه جي هيٺيان سمهي پيس – پرتاب ۽ دليپ ڪاليج کان موٽي آيا هئا، گرمين جون موڪلون گهارڻ. هرنام هڪ ڪنڊ ۾ ڀرت ڀري رهي هئي. منهنجو ستن سالن جو پٽ هربنس ڪاٺ جو  گهوڙو هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پريتو منگهه جي هيٺيان هڪ ڪنڊ ۾ چلهه تي جوئر جي ماني پچائي رهي هئي. هنڊيءَ ۾ سرنهن جو ساڳ رجهي رهيو هو ۽ ان جي سڳنڌ منهنجي بک کي ويتر وڌائي رهي هئي. مون تڪڙ ۾ ڪرپان لاهي هٿ ۾ ۽ هٿ منهن ڌوئيم وڙو کڻي بلڪل ٻارن جيان بيچين ٿي پريتوءَ کان ماني گهرڻ لڳس.

”پريتوءَ سڀ کان پهرين مون کي ماني ڏني، پوءِ پرتابن کي، پوءِ هرنام ڪور کي، ننڍڙي هربنس چيو، ”آئون امان سان گڏ کائيندس.“
مون پريتوءَ کي چيو، ”تون به ويهي کاءُ!“

”مان به کائڻ ويهي رهندس ته تنهنجي اُڌي کٽيءَ جو خيال ڪير ڪندو!!“ هن نڪ کي موڙو ڏئي چيو – ان وقت چلهه جي روشنيءَ ۾ سندس ڳل جرڪي رهيا هئا، ۽ منجهيل وارن جي چڳ سندس نرڙ وٽان لڙڪي رهي هئي، انهيءَ مهل هوءَ مون کي ڏاڍي سهڻي لڳي رهي هئي.“

”امان مون کي ٻيو به ساڳ ڏي.“ دليپ پنهنجي ٿالهي وڌائيندي چيو. پريتوءَ ساڳ جي ڏوئي ڀري دليپ جي ٿالهيءَ ۾ وڌي.

مون چيو، ”هربنس ماءُ! جيڪڏهن ٿوري کٽاڻ ملي وڃي ته مزو اچي ويندو.

”کٽاڻ ته اندر ڪوٺيءَ ۾ پئي آ.“

”پوءِ ڇا هي، اندران وڃي کڻي آ.“

هن ڊڄي چيو، ”اندر ڏاڍي اوندهه آ، مون کي ڊپ ٿو لڳي!“

”ڊپ ٿو لڳئي!“ اوچتو بي اختيار منهنجي واتان نڪتو، ”هن مهل سڀني جي سامهون اندر ويندي ڊپ ٿو لڳئي، پر انهيءَ رات ٻنين منجهان اڪيلو ويندي ڊپ نه لڳو هوءِ!؟“ خبر ناهي مون اهو ڪيئن چئي ڏنو هو – جنهن ڳالهه کي سالن تائين سيني ۾ سانڍيو هوم، ڪيئن اوچتو طعني جو روپ وٺي منهنجي وات تي اچي وئي!!

پريتوءَ ويٺي ويٺي بس هڪ کن لاءِ مون ڏانهن چتائي ڏٺو، ۽ ٻئي پل مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ هوءَ ڪرپان کڻي اچي منهنجي مٿان بيٺي هجي -  پوءِ اوچتو ئي اوچتو ڄڻ کنوڻ جو کجڪو ٿيو، ۽ مون پاڻ بچائڻ لاءِ ٻئي هٿ کڻي مٿي ڪيا.

هڪ، ٻه، ٽي دفعا ڪرپان منهنجي ڳلن تي اچي لڳو. مون پاڻ بچائڻ لاءِ هٿن سان کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. رڙ ڪيم ”پريتو! پريتو بس ڪر“ پريتو بکئي شينهن جيان مون تي وسڪارو لائي ڏنو، آخر ڪاوڙ ۾ ڀرجي مون ڪرپان سندس هٿن منجهان ڦري ورتو ۽ پنهنجي جسم ۽ روح جي سموري طاقت سان پريتوءَي جي ڪنڌ تي وار ڪيم، پريتوءَ جي سسي لهي وڃي هرينس جي گهوڙي جي پيرن ۾ ڪري، ۽ اتان منهنجي ٿالهي ۾ اچي پئي ۽ ٿالهي اونڌي ٿي وئي ۽ سندس ڪارا وار منهنجي سامهون پکڙجي ويا،.“ پوڙهو سک چپ ٿي ويو.

مان به خاموش رهيس، ڳڙکيءَ ۾ چنڊ به وحشي جن جيان خاموش بيٺو هو، گاڏي جي مسافرن جا چهرا سفيد ۽ ٿڪل هئا – ڄڻ اهي چهرا نه هئا،  ٻهروپين جا خول هئا، گاڏي ٻنين مان لنگهندي نامعلوم منزل ڏانهن وڌي رهي هئي.

گهڻيءَ دير کان پوءِ پوڙهي سک ڏاڍي دلير لهجي ۾ چيو ”عورت ڪڏهن وساري نٿي سگهي! اهي ماڻهو عورت کي سمجهي نٿا سگهن، جيڪي  سمجهن ٿا ته هو کيس ڏوليءَ ۾ سوار ڪري، هڪ کٽولي تي ليٽائي، چار ٻار ڄڻائي سندس اکڙين جا سپنا کائنس ڦري ٿا سگهن! اهي ماڻهو عورت کي سمجهي نٿا سگهن- عورت ڪڏهن به وساري نه سگهندي آ!“ پوڙهو سک چپ ٿي ويو، ۽ پنهنجي ڳل جي صليب تي هٿ ڦيرائڻ لڳو. مون کي ائين لڳو ڄڻ اها صلب ڏاڍي گهري، سندس دل ۾ کتل هجي،گاڏيءَ ۾ ايڏي خاموشي هئي جو منهنجو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو، مون وات کولي ٻه – ٽي ڊگها ساهه کنيا – پوءِ اوچتو منهنجي نظر ڪنڊ ۾ ستل جوڙي تي پئي، ڇوڪريءَ جو هٿ اڃا تائين ڇوڪري جي هٿ منجهه هو ۽ ڇوڪريءَ ڇوڪري جي ڪلهي تان مٿو کنيو. آهستگيءَ سان پنهنجو مٿو ڇوڪري جي هيٺان ڪڍيائين ۽ ڇوڪري ڏانهن چتائي ڏٺائين. جڏهن کيس پڪ ٿي ته هو گهاٽي ننڊ ۾ آهي تڏهن ڇوڪريءَ ڪنڌ ورائي چنڊ ڏانهن ڏٺو....  ۽ اهڙي حسرت منجهان ڏٺو، جو سندس وڻندڙ مرڪ جي بلڪل ابتڙ هو! مان حيران ٿي ويس،  اوچتو مون پنهنجي سامهون ڪرپان لڏندي محسوس ڪيو ۽ دڄي کڻي اکيون هيٺ ڪيم. ٻي پل جڏهن مون اکيون کڻي ڏٺوته ڇوڪريءَ پنهنجي ڳڙکيءَ تي پردو ورائي ڇڏيو هو – سندس چهرو اوندهه ۾ هو.“ جيتوڻيڪ مان سندس چهرو ڏسي نٿي سگهيس، پر محسوس ڪيم ته هوءَ روئي رهي هئي.

گل جي اڪيلائي

”توکي ڪهڙي قسم جي جڳهه گهرجي؟“ مسوڙي جاين جي دلال مون کان پڇيو. هو مون سان ”تون“ ڪري ڪڏهن به نه ڳالهائي ها، پر هن جو ڌيان منهنجي پراڻي سوٽ ڏي ڇڪجي چڪو هو. مون کي اهڙي جڳهه گهرجي، جنهن ۾ ڪمرو ته ڀل هڪڙو هجي، پر ان سان گڏ غسلخانو هجي، سامهون لان هجي، لان ۾ سائي ڇٻر جي ڪناري گل هجن....“

”۽ گلن جي وچ ۾ هڪ ڇٽي هجي ۽ ڇٽيءَ هيٺان هڪ سهِڻ ڇوڪري ويٺي هجي؟“ دلال تصورير کي مڪمل ڪيو، ”مسٽر! توکي جڳهه تلاش ڪرڻ بجاءِ پنهنجي عقل جو ويمو ڪرائڻ گهرجي.“

”ماڻهو سمجهه ڀريو ٿو لڳي.“ مون مسواڙي جاين جي دلال ڏانهن تعريفي نظرن سان ڏسندي سوچيو.

دلال منهنجي ويجهو اچي آهستگيءَ سان پڇيو، ”مسواڙ ڇا ڏيندين؟“

”پنجويهه روپيا-“

”پنجويهه روپيا!“ دلال زور سان رڙڪ ئي، ”پنجويهن روپين ۾ فقط ڇٻر ملي سگهي ٿي، جڳهه نه-“

مون چيو، ”مون توکي جڳهه ڏيکارڻ لاءِ ٽي روپيا ڏئي ڇڏيا آهن- اها ڳاهه توکي جڳهه ڏيکارڻ کان اڳ ٻڌائڻ گهربي هئي – هاڻي شرافت سان هلي جڳهه ڏيکار.“

دلالن ٽن روپين جي رسيءَ سان ٻڌجي خاموشيءَ سان هلڻ لڳو، مون سوچيو، هر شخص جي ڳچيءَ ۾ هڪ رسي هوندي آ، ٽن روپين واري يا ٽن سون واري، ٽن هزارن واري يا ٽن لکن واري – پر رسي هر هڪ جي ڳچيءَ ۾ هوندي آ-  هونءَ ته مون کي به پنهنجي ڳچيءَ لاءِ هڪ رسيءَ جي ضرورت هئي، پر روپين واري نه، ڦاسيءَ واري، ڇو ته مون مرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.

هلندي هلندي منهنجي دل مون کان پڇيو، ”جڏهن تون مرڻ جو فيصلو ڪري ئي چڪو آن ته پوءِ جڳهه جي ڪهڙي ضرورت آ؟“

مون پنهنجيءَ دل کي چيو، ”تون وچ م نه ڳالهاءِ، تنهنجي ڪري مان هن حال ۾ پهتو آهيان – تو ڪارڻ ئي مون هڪ غلط عورت سان محبت ڪئي، پنهنجي لاءِ غلط ڌنڌ اختيار ڪيم، دوستن جي چونڊ غلط ڪيم، سڄي عمر غلطيون ڪندو رهيس. هاڻي تون منهنجي ۽ منهنجي موت جي وچ ۾ ڳالهائڻ واري ڪير آهين-؟“

”مان ڪٿي ٿي وچ ۾ ڳالهايان!“ دل چيو، ”پر مان ته انتهائي ادب سان اهو پڇڻ ٿي گهران ته آخر جڏهن مرڻو ئي اهي ته پوءِ جڳهه ڳولڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ڇو نه ڪو وڻ ڳولجي، ڪو درياهه، ڍنڍ يا ريل جو ڦرندڙ ڦيٿو، يا ڪا زهر ذري-!“

”تون ڪا ڀوري آن!“ مون دل کي چيو، ”تون ته مون کي اڄ تائين سمجهي نه سگهي آن.....

مون جهڙو ماڻهو هڪ عام ۽ سستي قسم جو موت ڪيئن ٿو مري سگهي؟ مان بهارن ۾ مرڻ ٿو چاهيان – هڪ خوبصورت ڪمرو، ليمپ شيڊ جي هلڪي هلڪي سونهري روشنيءَ ۾، منهنجي هٿن ۾ آخري جام.... ڇت جي پکي جي هُڪ ۾ ٽنگيل ريشمي ڏور ۾ لڏندڙ منهنجو جسم - ۽ دريءَ کان ٻاهر خوبصورت لان، لان ۾ سائي سائي ڇٻر، ڇٻر جي پاسن کان گل ۽ اس ۾ ڇٽيءَ هيٺان ويٺل سهڻي ڇوڪري.... پوءِ اها پاڙييسريءَ جي زال ئي ڇو نه هجي.“

”رات جو اُس وري ڪٿان ايندي، ۽ اها سهڻي ڇوڪري، رات جي وقت کليل ڇٽيءَ هيٺان ڇو ويٺي تنهنجي لاءِ ڪنبندي؟“ دل پڇيو.

”ته پوءِ  مان ڏينهن جو ڦاهو کائيندس – پر هاڻ تون شٽ اپ ٿي وڃ“ مون دل کي دڙڪو ڏنو. دل چپ ٿي وئي – سامهون هڪ جڳهه به  اچي وئي، سٺي جڳهه هئي – هڪ ڦرندڙ ڏاڪڻ چڙهڻ  کان پوءِ پهرين ماڙ تي هڪ ڪمرو هو – بيحد خوبصورت ڪمرو – هر هڪ ڇت جو رنگ  ٻيو هو – نارنگي، پيلو، ناسي، وارڊ روب، نيري پوٿر وارو، نجارو، ان سان لڳ هڪ ٻيو ڪمرو به هو – ڀتيون پيلي، گلابي، واڱڻائي ۽ چاڪليٽي  رنگ جون هيون – انهيءَ ڪمري جي هڪ پاسي بار ٺهيل هئي – ان سان لڳ هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن ۾ ٻه پلنگ هئا. هڪ  منهنجي لاءِ ۽ ٻيو منهنجي زال جي لاءِ، ٻه ديوارن ۾ لڳل آئينا به هئا – پهريان ٻه سال عشق ڪرڻ لاءِ ۽ پوءِ سڄي عمر ويچار ڪڍڻ لاءِ – مون فرش تي ابتي ٿيل بوٽ، ڪني پيٽي ڪوٽ ۽ ٻار جي.... جو تصور ڪيو – اهو تصور ايڏو ته خوبصورت هو جو تڪڙ ۾ غسلخاني جو در کولي ان ۾ گهڙي ويس.

غلسخانو ڏاڍو وڏو ۽ خوبصورت هو، فرش ۽ ديوارن تي بهترين ٽائيلس لڳل، سائي رنگ جي واش بيسن ۽ ساڳي رنگ جو باٿ ٽب، سامهون دريءَ مان  هيٺين ماڙ جو ورانڊو، ۽ ورانڊي کان ٻاهر لان نظر اچي رهيو هو، جنهن ۾ سائي سائي ڇٻر جي پاسن کان گل ٽڙيل هئا، جنهن جي ڀرسان ستن رنگن واري اس جي ڇٽيءَ هيٺان هڪ سهڻي ڇوڪري دنيا جو عظيم ادب، يعني هڪ جاسوسي ناول پڙهي رهي هئي، مون خوش ٿي چيو، ”واهه واهه! ڦاهو پائڻ لاءِ ڪيڏو سٺو هنڌ آ-“ پوءِ مون هڪدم پوئتي منهن ورائي دلال کان پڇيو، ”مسواڙ گهڻي ٿيندي؟“

”چار سئو روپيا“

”بيوقوف!“ مون توائيءَ مان چيو، ”مون توکي پنجويهه روپين واري جڳهه ڏيکارڻ لاءِ چيو هو. دلال مون کي ڪجهه چوڻ بدران ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ لڳو.

ٻي جڳهه جيڪا دلال مون کي ڏيکاري، اها به ٺاهوڪي هئي، پهرين جاءِ جهڙي ڳالهه منجهس نه هئي، پر ديوارن جو رنگ صاف سٿرو هو، ڪمرا فقط ٻه هئا، پر ٻنهي جا در هڪ ئي غسلخاني ۾ کليا ٿي. هڪ پاسي رڌڻو هو ۽ ڌرڻي کان ٻاهر ورانڊو ۽ ان جي اڳيان اڱڻ ۾ ڇٻر.

”هن ۾ گل ڪاٿي هن؟“ مون دلال کان پڇيو.

”گل تون پاڻ پوکي سگهين ٿو؟ هن چيو، ”اس واري ڇٽي پاڻ خريد ڪري سگهين ٿو ۽ ڇٽيءَ هيٺان ڪنهن سهڻي ڇوڪري بجاءِ پنهنجي زال کي وهاري سگهين ٿو.“

”گل پوکڻ لاءِمون وٽ وقت ڪونهي،“ مون چيو، ”اس واري ڇٽيءَ لاءِ مون وٽ پئسا ڪونهن، ۽ زال؟ يار! جيڪڏهن مون کي زال هجي ها ته مان جڳهه ڳوليان ها؟ ڪو رڌڻو نه وڇي ڳوليان ها؟ پر خير، جنهن ڪم لاءِ مون کي جڳهه گهرجي، انهيءَ لاءِ هيءَبه ٺيڪ آهي، مان گلن جي هڪ ڪونڊي رکي ڇڏيندس، ڪونڊيءَ جي مٿان اس واري ڇٽگھيءَ بدران پنهنجي ڪاري، ميري مينهن واري ڇٽي رکي ڇڏيندس، ۽ ان جي هيٺان هڪ سهڻي ڇوڪريءَ جو تصور به ڪري ڇڏيندس. پر هن جي مسواڙ ڇا  ٿيندي.“

”اڍائي سئو روپيا-“

”بيوقوف!“ اڍائي سون واري جڳهه ڇو ٿو ڏيکارين؟ مون کي بس پنجويهن روپين واري جڳهه کپي.“

دلال منهنجي ڳالهه جو ڪوبه جواب نه ڏنو – چپ ڪري جڳهه کان ٻاهرن نڪتو.

ٽين جڳهه جيڪا مون ڏٺي، انهيءَ ۾ سڀ کان پهرين غلسخانو ٿي آيو – پوءِ ڏاڪڻ چڙهڻ کان پوءِ هڪ ڪمرو ٿي آيو- ڪمري سان لڳ رڌڻو به هو، جيتوڻيڪ هئڻ غسلخانو گهربو هو، جڏهن مون انهيءَ سلسلي ۾ دلال کان پڇيو ته هن چيو، هن علائقي ۾ جيڪي به گهر آهن، تن ۾ ڪمري سان گڏ رڌڻو آهي، جڏهن ته غلسخانو ڏاڪڻ ۾ آ.“

”اهو ڇو؟“

”اهو ان لاءِ ته جيئن عورت رڌڻي منجهان هر وقت پنهنجي مڙس تي نظر  رکي سگهي- ڏس هن رڌڻي جي ڀرسان وارو ڪمرو، هيٺ وڃڻ واري ڏاڪڻ ۽ ڏاڪڻ جي سامهون غلسخاني تائين سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو آ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com