سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :22

هو رستي سان هلندي سيٽيون وڄائيندو،ڪنهن، خوبصورت چيني ڇوڪريءَ جي ڀرسان پهچي ڪار کي هڪدم آهستي ڪري هن کي چيني زبا ن۾ ڪجهه چئي ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي اڳتي پئي وڌيو. هن جي ڳالهائڻ مان اهو محسوس پئي ٿيو ته هو ڏاڍا گندا جملا ڳالهائي رهيو هو.

” شايد ڪنهن چيني ڇوڪريءَ کان اڃان تائين ڪامار ڪانه کاڌي اٿو“ مون کيس چيو. هتي ڪنهن کي طاقت آهي جو اسراڻيءَ تي هٿ کڻي، هي ءَ منهنجي گهٽي آهي“

”تنهنجي ڪيئن آهي؟“ ”هن گهٽيءَ جي سڀني غنڊن کي آءُ سڃاڻان. هتي منهنجا به جوا جا اڏا به هلندا آهن.ڏسندين؟””ها“ مون کيس چيو ٻاهران ڪراڪري جا دڪان ۽ اندران جوا جا اڏا ٻنهي جي وچ ۾ ڪاڪوس جو هڪ ڊگهو ڪمرو آ جتي به اڌيڙ عمر جا چيني ملازم ننڍا، ننڍا ٽوال کنيو در تي بيٺا هئا. هو اسراڻي کي سڃاڻندا هئا ان ڪري مون کي ڪاڪوس جي ٻئي طرف يعني جوا خاني ۾ وڃڻ لاءِ ڪنهن به رڪاوٽ جو منهن ڏسڻو ڪين پيو، مگر ٻين گراهڪن لاءِ مخصوص ڪوڊ ورڊ مقرر هئا ۽ انهيءَ جوا خاني ۾ اهو ئي، داخل ٿي پئي سگهيو جنهن کي انهن ڪوڊ ورڊ جي خبر هئي نه ته هر ڪو ڪاڪوس ۾ پنهنجي ضرورت پوري ڪري واپس پئي ٿيو. مان هر ڪم هڪ مخصوص انداز ۾ ڪندو آهيان“ بي ڊي اسراڻي پنهنجا جوا جا اڏا ڏيکاريندي مون کي چيو. بهترين سينگاريل،ڏهه ڪمرا، ٿلها بي آواز غاليچا،خاموش با ادب نوڪر،نازڪ صفت،جام پيش ڪندڙ چيني ڇوڪريون ۽ امير گراهڪ هتي هاءِ ڪلاس هلندي آهي ۽ صرف آڱرين جي ڳڻڻ جيترا گراهڪ جوا کيڏڻ هت ايندا آهن ۽ روز رات جو هتان مون کي اڍائي ٽي هزار رپيا حصو ملندو آهي، ٻاهر ڪراڪري جا دڪان به سٺو هلندا آهن. ” تمام سٺي جڳهه آهي“ مون هن کي چيو هتي ته خليفي هارون رشيد جيان تاڙي وڄائڻ تي دل ٿي ڪري. ”ڪير خليفو“ هن حيرت وچان مون ڏانهن ڏسندي پڇيو. ان وقت مون کي هن جون اکيون ڏاڍيون معصوم ۽ پياريون لڳيون. ”ڪجهه نه“ مون نٽائيندي کيس چيو ته ”منهنجو بمبئي ۾ هڪ دوست آهي اهو ياد اچي ويو، ڇو ته جڏهن به هو ڪاسٺي جڳهه ڏسندو آهي ته تاڙيون وڄائڻ لڳندو آهي. ”ڇا ته ٻالپڻو اٿس“ هن مون کي چيو ۽ سگار جو هڪ وڏو سوٽو هڻي دونهون منهنجي منهن ۾ هڻڻ لڳو” جوا کيڏندين“ هن پڇيو ”نه“ مون کيس جواب ڏنو، هو مون کي جوا خاني کان باهر وٺي آيو. ٻيو جوا خانو ڏيکاري هو مون هڪ! اسٽريٽ وٺي ويو، اتي به هن کي سڀ ماڻهو سڃاڻن پيا. ۽ انهن جي چهرن مان محسوس پئي ٿيو ته ڄڻ اهي هن کان ڊڄندا هجن! ” هتي منهنجو هڪ چنڊول خانو آهي“ اسراڻيءَ مون کي چيو ” ڇا اڃا تائين هتي چنڊول خانا موجود آهن؟“ مون کانئس پڇيو. هانگ ڪانگ ۾ ته آهن، او ڏانهن ٻڌو آهي ته ڪينهن، اسراڻي وات مان سگار ڪڍي اوڏانهن يعني ٻئي چين طرف اشارو ڪندي چيو. چنڊول خاني جو ماحول ڏاڍو وڻندڙ هو، هو انتظام به سٺو هو، اٺ ڪنڊا چيني شمعدان، هر طرف کان رنگين جهالرين وارا پردا، ننڍن ننڍن پيالن ۾ مختلف قسمن جا شراب ۽ دونهان، خوبصورت اکين واريون حسينائون، جيڪي پنهنجي مست شرابي نگاهن سان ڏسندڙن کي مدهوش ڪري رهيون هيون. هي چنڊول خانو به اٺ ڪنڊو هو، هر ڪمرو هڪ مرڪزي هال ۾ پئي کليو جنهن ۾ ڪجهه چيني سازندا ويٺا هئا هڪ چيني رقاصا، رقص ڪري رهي هئي، ٻه وڏا، وڏا چيني پکا هن جي هٿن ۾ هئا جن کان هو رکي رکي پنهنجو پاڻ کي ڍڪڻ جو ڪم وٺي رهي هئي نه ته هوئين اصل ۾ هو صفا اگهاڙي هئي. ميڪائو کان گهرائي اٿم” اسراڻي مون کي ٻڌايو ”ٻه سو ڊالر روز تي ڪيئن آهي؟ ”سٺي آهي“ ملندينس؟ نه! تنهنجي مرضي. ٻاهر اچي هن جي مرسيڊيز ڪار ۾ ويٺا سين. هن مون کي ٻڌايو ته ”سڄي ڪولون ۾ ٽي هاڪ جو چنڊول خانو سڀني کان معياري آهي جنهن مان رات جو پنج ست هزار ۽ ڏينهن جو ٻن اڍائن هزارن جي آمدني ٿي وڃي ٿي. ” ونڊرفل بزنس“ ۽ ڪپڙي جو دڪان“ مون کانئس پڇيو اڙي اهو ته صرف ڏيکاءُ آهي. ان مان ڇا ٿو ملي، اڄڪلهه ايمانداري جو ڌنڌو ڪري ڪير ٿو زنده رهي سگهي ؟ يو آر ڊيم فل“ هن مون کي چيو ” انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي “ مون جواب ڏنو پوءِ هو مون کي چنڊول خاني ۾ وٺي ويو، مان سمجهي ويس ته هو ڇا پيو چاهي. هڪ غريب سنڌي اڄ کان پنجٽيهه سال اڳ پاڻ سان ٻه سو ڊالر کڻي هانگ ڪانگ آيو هو ۽ اڄ ان جو شمار هانگ ڪانگ جي امير ترين ماڻهن ۾ پئي ٿيو ” هن جهڙا منهنجا ڇهه براٿل آهن“ هن مون کي پنهنجو پهريون قحبه خانو ڏيکاريندي چيو“ ڪا ڇوڪري پسند آئي ؟“نه، ڇا توکي ڇوڪريون وڻديون ناهن؟

وڻديون آهن پر پنهنجن گهرن ۾. ”ڇا مطلب “ هن ٻيهر حيران ٿيندي مگر معصوم نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺو، جن مان تيز روشني ڪنهن ڪار جي بتيءَ جيان نڪري رهي هئي ان مهل مونکي اهي نگاهون ڏاڍيون پاڪيزه لڳيون جيڪي سردين جي پهرين برفباريءَ جيان منهنجي چهري تي پئجي رهيون هيون، مون وضاحت ڪرڻ مناسب  نه سمجهي، تنهنڪري صرف ايترو چيم ته ”مون لاءِ هانگ ڪانگ، بمبئي يا ڪلڪتي جي قحبه خاني ۾ ڪوبه فرق ڪونهي، پر جي فرق آهي ته صرف ظاهري سجاوٽ جو يا ته چهري جي بناوت جو هُتي ڇوڪريون هندستاني آهن ۽ هِتي چيني، ٻيو ته ڪو خاص فرق ڪونهي ؟

” اوه مان سمجهي ويم ته توکي ولائتي مال پسند آهي، ايمبسي روڊ تي جيڪو منهنجو براٿل آهي ان ۾ ولائتي مال به آهي . هاڻي توکي اوڏانهن وٺي ٿو هلان، اتي هڪ نئين ڇوڪري آئي آهي ان کي ڀلا ڏس!

اسراڻي قحبه خاني جي مئنيجر چيني زبان ۾ وٺي ويا جتي هڪ چيني ڇوڪري هٿين، پيرين بڌل صوفي تي پئي هئي” اسراڻيءَ جي چوڻ تي هن جا هٿ پير کوليا ويا، هن جي عمر وڌ ۾ وڌ پندرهن، سورهن سال هئي. اسراڻي هن کي ڇوڪري کي ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو پر ڇوڪري پنهنجو ڪنڌ انڪار ۾ لوڏيندي رهي آخر رڙيون ڪرڻ ۽ ڪمري کان ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي تنهن تي اسراڻي کيس ٺونشو هڻي ڪيرائي وڌو ڇوڪريءَ جي وات مان رت وهڻ لڳو ۽ فرش تي پئي پئي هوءَ سڏڪڻ ۽ پڻ ڊنل نگاهن سان اسراڻي کي ڏسڻ لڳي اسراڻيءَ مون کي ٻاهر وٺي آيو ۽ دورازو ٻاهران بند ڪرا پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهيو،پوءِ مون ڏانهن ڏسي ڇوڻ لڳو ” ڪالهه ئي تائيوان کان ڇهن ڇوڪرين جو ٽولو گهرايو اٿم. قحبه خاني ۾ هر ٻئي،ٽئين مهيني نيون ڇوڪريون گهرائڻيون پون ٿيون نه ته ڌنڌو سست پئجي ٿو وڃي، بلڪل نيون ڇوڪريون آهن، اغوا ڪري آنديون ويون آهن تنهنڪري ڌنڌو ڪرڻ صفا ڪين ٿيون ڄاڻن صفا اڻ ڄاڻ آهن حرا مزاديون.“

         او _ڇنا! هن هڪ ڊگهي ٿلهي متاري هندوستاني کي سڏ ڪيو جيڪو لباس ۽ ڊيل ڊول کان قحبه خاني جو ڪو خاص ملازم پئي معلوم ٿيو ڇني ويجهو اچي ادب سان سلام ڪيو ” هن تي ڏهه ماڻهو ڇڏ “ اسراڻي اندر ڪمري ۾ بند ٿيل ڇوڪري طرف اشارو ڪندي چيو. ڇني، هيڏانهن، هوڏانهن منهن ڪري، ڪجهه نالا وٺي ڏاڍيان سڏ ڪيا، ٿوري دير ۾ اٺ ماڻهو گڏ ٿي ويا. اسراڻي سڀني کي هڪ قطار ۾ بيهاري ضروري هدايتون ڏيئي واپس موٽيو ئي مس ته پٺيان رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا تون ائين ڇو ٿو ڪرين مان صبر ڪري نه سگهيس، ” ته جيئن شرم باقي نه رهي“ هن مون کي تمام سرد لهجي ۾ جواب ڏنو. ”جيستائين ڇوڪري صفا بي حيا نه ٿيندي ته اسان جي ڪهڙي ڪم جي؟“

هن جو گهر ڏاڍو خوبصورت، هڪ ننڍڙي پهاڙي لاهي تي ٺهيل هو، جتان هانگ ڪانگ جو سڄو نظارو ڏسڻ ۾ پئي آيو هن جي گهرواري گجراتي هئي ٻه نياڻيون هڪ ڏهن سالن جي ٻي ٻارنهن تيرنهن سالن جي هن ٻڌايو ته سندس سڀ کان و‎ٺي نياڻي جي شادي ٿي چڪي آهي سندس نياڻو جنوبي آمريڪا ۾ ڪاروبار ڪندو آهي، سنڌي آهي ۽منهنجي ان نياڻيءَ کي ٻه ٻارڙا به آهن، هن پنهنجي گهر ۾ ڏاڍي خوش آهي. پٽ ڪونه اٿئي ڇا ؟” مون هن کان پڇيو پٽ نه هجي ته پوءِ مزو ڪيئن ٿيندو“ هو ائين چئي زور سان کليو” ٻه پٽ آهن، ٻئي سياڻا ۽ جوان هڪ کي فلپائي ۾ ڪاروبار کولي ڏنو اٿم ۽ ٻيو جاپان ۾ آهي .

وسڪي پيئڻ کان پوءِ هو وڦلڻ لڳو” ڀڳوان سڀ ڪجهه ڏنو آهي“ هن جي گهر واري سندس ڀر ۾ ويهي اسانجون ڳالهيو  به ٻڌي رهي هئي ۽ پيلي رنگ جي ان سان سوٽر به اڻي رهي هئي، کلمک ۽ سلڇڻي شار ڌار، صحتمند ٻار جيان هر وقت مسڪرائڻ واري .هن سوٽر اڻندي اڻندي مسڪرائي پنهنجو سونهري ڪنگڻ وارو هٿ پنهنجي مڙس جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو“ منهنجي منو ۽ گنور، جي شايد هن جي ٻنهي ڌيئرن جا نالا هئا ۽ سوتري، هن جي وڏي ڌيءَ جو نالو هو، شار ڌا انهن جي تصوير آڻي مون کي ڏيکاري هڪ خوبصورت، بيوقوف ڇوڪري ، هڪ ٿلهي واپاري سان بيٺي هئي، ٻنهي جي چهرن تي اها حماقت ڀريل مرڪ هئي جيڪا صرف شادي جي ڏينهن ۾ ئي نظر ايندي آهي ۽ منهنجو وڏو پٽ سکداس جيڪو فلپائن ۾ آهي ۽ هري داس، جيڪو جپان ۾ آهي شارڌا مون کي انهن جون تصويرون، ڏيکاريون ٻئي پنهنجي پيءُ جا پاڪيٽ ايڊيشن ۾ هم شڪل هئا.”پنجٽيهه سال ٿيندا جو هانگ ڪانگ آيو هوس صرف ٻه سو ڊالر کڻي ۽ اڄ ٻن ڪروڙن کان به وڌيڪ ملڪيت جو مالڪ آهيان “تون هڪ ٻرندڙ جبل جي منهن تي ويٺو آهين، هانگ ڪانگ ٻن ڪلاڪن ۾ تباه ٿي سگهي ٿو. ” مان به چريو ڪونه آهيان“ اسراڻي ان لاءِ ته مون به پنهنجي فرم جي هيڊ آفيس فلپائن، منيلا ۾ کولي آهي.سکداس کي انجو انچارج بنايو اٿم۽ باقي سڀ بندوبست به اهڙو ڪري چڏيو اٿم جو مان به هانگ ڪانگ مان ٻن ڪلاڪن اندر وڃي سگهان ٿو ” هڪ عجيب بلڪ خوشي ڀريل مرڪ هن جي چهري تي هئي، هو وڏي اطيمنان سان پنهنجي پيٽ تي آهستي آهستي هٿ ڦيري رهيو هو ۽ چئي رهيو ته مان ڏاڍو خوش آهيان اصل ڏاڍو خوش.”

ماني کائي اسان ڪافي پي رهيا هئاسين جو گهڙيال ڏهه وڄايا. اسراڻيءَ جي وات مان نڪتو ”اڙي“ ۽ ڪافي جي پيالي هن جي هٿن مان ڇڏائجي وڃي فرش تي ڪري، هن هڪدم پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ کڻي لڪايو. شارڌا جلد ئي ڊوڙي ٻئي ڪمري ۾ وئي ۽ تڪڙي واپس موٽي، هن جي هٿن ۾ تهه ٿيل رومال هئا، جيڪي هن هڪدم اسراڻيءَ جي گوڏن تي آڻي رکيا. مون ڏٺو ته ايتري ۾ اسراڻي جو چهرو ڳوڙهن سان ڀڄي چڪو هو، نه صرف چهرو پر هن جي هٿن جون تريون به !جلد ئي هو رومال کڻي پنهنجيون اکيون صاف ڪرڻ لڳو مگر ڳوڙها هئا جو هن جي وڏين وڏين اکين مان وهندا ۽ نڪرندا پئي آيا، مان حيرت وچان هن ڏانهن ڏسي رهيو هوس، هن رومال سان پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو ته ”توسان ڳالهين ڪندي مون کي خيال ئي نه رهيو _ ”ڇا جو خيال“؟ته ”وقت اچي ويو آهي “ ڇا جو وقت ؟ مون کانئس پڇيو هو ڪجهه دير چپ رهيو پوءِ پنهنجيون اکيون اگهندي چيائين ته ”مون تو توکي ڪونه ٻڌايو ته مون کي هن دنيا ۾ ڪابه تڪليف ڪانه آهي، پر جي آهي ته اهائي. جيئن ئي رات جا ڏهه ٿيندا آهن ته منهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويندا آهن ڪڏهن ڪلاڪ ته ڪڏهن ٻه ڪلاڪ ڪڏهن ٽي ڪلاڪ، منهنجي اکين مان ڳوڙها وهندائي رهندا آهن ”مگر ڇو“ الائي، خبر نه آهي، آمريڪا تائين ٿي آيو آهيان انهن اکين جي علاج خاطر، مگر ڪنهن به ڊاڪٽر کان ٺيڪ نه ٿيم ۽ ڪنهن به ڊاڪٽر کي منهنجي هن بيماريءَ جي خبر نه پئي سگهي ! ”ڇا ٿيندوآهي “ بس ڳوڙها وهندا آهن، ”ٻي ڪا تڪليف“؟نه ٻي ڪا به تڪليف نه ٿيندي آهي.

هن جون اکيون روئي رهيون هيون ۽ ڳوڙها هن جي ڳلن تان نيسارن جيان وهي رهيا هئا ۽ هن هر هر رومال لڳائي پنهنجي اکين کي خشڪ پئي ڪيو مگر ڳوڙها هئا جو سندس اکين مان وهندا نڪرندا پئي آيا هڪدم مون کي هن جو ڳوڙهن سان ڀريل چهرو هڪ اهڙي لاش جو چهرو لڳو جيڪو پاڻي ۾ ٻڏل هجي، ۽ ان جي وقت ڏور ڪنهن اونهي کوهه مان مون کي هڪ ڇوڪريءَ جو رڙيون به ٻڌڻ ۾ آيون شايد اکيون احتجاج ڪري رهيون هيو ن .

”ڇا“ هو اکيون اگهندي اگهندي مون ڏانهن حيرانگيءَ سان ڏسڻ لڳو” تون ڇا چئي رهيوآهين؟ مون ڪونه سمجهيو ”ڪجهه نه هيءَ اها بيماري آهي جنهن کي تون سمجهي ڪونه سگهندين. مون مٿي تي ٽوپي رکي هن کي سلام ڪيو ۽ پوءِ اسراڻي ۽ سندس گهر واري کي حيران ۽ پريشان ڇڏي ٻاهر نڪري آيس.

۽ هينئر اها قحبه خاني جي ڇوڪري کلي رهي هئي!

(سنڌيڪار: عطاءُ الله ابڙو)

 

ٽٽل تارا

راتوڪي ٿڪاوٽ سبب هن جا سنڌ اڃا تائين ساڻا هئا، اکيون خماريل ۽ چپن تي تريٽ جي ڊاڪ بنگلي جي بيئر جو ڪسارو ذائقو، هو بار بار، پنهنجي زبان سان چپن کي چٽي چٽي ان ذائقي کي وڃائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، حالانڪه هن جون اکيون ٻوٽيل هيون، پر پهاڙن جا ور وڪڙ کيس اهڙو ته ياد هئا جهڙي طرح الف، ب، جي پهرين سٽ ۽ هو نهايت ڦڙتيءَ سان پنهنجي موٽر کي جنهن ۾ صرف ٻه ماڻهو ويهي پئي سگهيا (هڪ مرد ۽ شايد ٻي عورت) انهن خطرناڪ موڙن کان لنگهي رهيو هو. ڪٿي، ڪٿي ته اهي موڙ ڏاڍا خطرناڪ پئي ٿي ويا، هڪ طرف عمودي اوچيون پهاڙيون ته ٻئي طرف اونهيون کاهيون جن جي تري ۾ جهلم درياءَ جو نيرو پاڻي ۽ سفيد گجي هڪ ٽيڏي ليڪ جيان نظر پئي آيو، انهن موڙن تان ڪار کي تيز هلائڻ ۾ اهڙو ته کيس لطف پئي آيو جو سڄي جسم مان درڙي پئي نڪتي، صبح جي هوا، خوشبودار، وڻندڙ ۽ برفيلي هئي، ڪهڙي نه نرالي خوشبوءَ هئي عجيب، گمنام، تر ۽ تازي، نهالوءَ جي چپن جهڙي، هو پنهنجي اڌ کليل اکين ۾ گذريل راتل جي گهاريل خوشيءَ ڀريل گهڙين کي ياد ڪري کين واپس سڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. شفق ۾ ٻڏندڙ سج جو سون ڳريل هو، رات جي ڀنل خاموشيءَ ۾ ڏور، ڪائي بلبل ڳائي رهي هئي. بلبل پنهنجي رسيلي آواز ۾ نغمي ۽ خاموشيءَ کي اهڙو ته ملائي ڇڏيو هو  جو ٻئي هڪ ٻئي جو پڙاڏو پئي محسوس  ٿيا ۽ هو اهو معلوم نه پئي ڪري سگهيو ته هيءَ خاموشيءَ ڪٿي ٿي ختم ٿئي ۽ هيءَ موسيقي ڪٿان ٿي شروع ٿئي ----! چانڊوڪي رات ۾ صوفن جا گل نهالوءَ جي چپن جيان مسڪرائي رهيا هئا ----! اهي چپ جيڪي بار، بار چمڻ کان پوءِ به معصوم پئي لڳا. ائين پئي معلوم ٿيو ته دنيا جي ڪا به شيءِ انهن کي ڇهي نٿي سگهي، ڪهڙو نه عجيب احساس هو ۽  هينئر ته اهو ڊاڪ بنگلو به ڪيئي ميل پوئتي رهجي ويو هو ----! رات جي تنهائيءَ ۾ نهالوءَ جي حسن لافاني محسوس پئي ٿيو. هن جا چپ ----! هن جون شرابي اکيون، ڊگها، ڊگها، ڪارا ريشمي وار ڄڻ ته رات جي ڀنل خاموشيءَ ۾ بلبل جا مٺا نغمه، هو اهو معلوم نه ڪري سگهيو ته اها خاموشي ڪٿان ٿي شروع ٿئي ۽ هي موسيقي ڪٿي ٿي ختم ٿئي ----! مگر هاڻآ ته اهو ڊاڪ بنگلو به گهڻو پوئتي رهجي ويو هو. ۽ ان وقت ڪنهن جادوئي قلعي جيان لڳي رهيو هو. ورن وڪڙن ۾ ڪار ڊوڙندي وڃي رهي هئي ۽ هن جي تخيل ۾ نهالوءَ جا چپ ۽ جيگن جي خوشبو بلبل جو نغمو ۽ بيئر جو سونهري رنگ، چانديءَ جي تار جيان چمڪندڙ سڙڪ تي الجهندا پئي ويا. هيٺ جهلم جو پاڻي وحشي راڳ ڳائي رهيو هو ۽ فضا ۾ صوف جا لکين گل اکڙيون کولي واجهائڻ لڳا ۽ هن سوچيو ته ڇو نه هو پنهنجي موٽر کي انهيءَ کاهيءَ جي وسيع خلا تي هڪ بي فڪري پکيءَ جيان اڏائي کڻي وڃي. اهو خيال ايندي ئي هن کي پنهنجي جسم ۾ هڪ سيسراٽي محسوس ٿي ۽ هن جو خمار آلود اکيون کلي ويون.

رستي ۾ هڪ چشمي جي ڪناري هو پنهنجي ڪار بيهاري دير تائين هٿ، پير ڌوئيندو، اکين کي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇانڊارا هڻندو، هڪ پهاڙي گيت ڳائيندو ۽ پاڻي کڻي گرڙيون ڪندو رهيو، آهستي، آهستي هن جي اکين تي ڇانيل خمار گهٽبو ويو ۽ بيئر جو ڪسارو ذائقو مٽبو ويو، هينئر  سندس چپ سڪل هئا، اکين ۾ ساڙو محسوس ٿيڻ لڳس، بک ۽ اڃ به! هن ٿرماس کولي گرم چانه ڪڍي ٿڌي توش تي مکڻ لڳائي کائڻ لڳو. جسم ۾ گرمي ۽ تازگي اچي رهي هئي، جسم جي ٿڪاوٽ گهٽجڻ لڳس، هاڻ هو راهه ويندڙ ماڻهن، موٽرن ۽ لارين جا موڙ وڌيڪ دلچسپيءَ سان ڏسڻ لڳو. انهيءَ واديءَ ۾ بيڪانير جا مارواڙي پنهنجين ٿلهين متارين گهر وارين کي پهل گام جو سير ڪرائڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا هئا. انهيءَ ڪار ۾ هڪ انگريز مرد هڪ هٿ سان ڪار هلائي رهيو هو ۽ هن جو ٻيو هٿ سندس گهر واريءَ جي چيلهه ۾ پيل هو جيڪا پنهنجن چپن تي سرخي لڳائڻ ۾ رڌل هئي. انهيءَ لاريءَ ۾ بيمار ڪلارڪ ۽ سندن مرزيل زالون ويٺيون هيون ۽ انهن جا بيشمار  ٻار لاريءَ جي درين کان بيهي گوڙ مچائي رهيا هئا، ان لاريءَ جي سک ڊرائيور جي پڳڙي ڍري ٿي وئي هئي ۽ کيس ننڊ جا گهيرٽ اچي رهيا هئا، هن کي خيال آيو ته چند ميلن کان پوءِ اهو سک ڊرائيور پنهنجي لاريءَ کي کاهي جي وسيع خلا ۾ اڏائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن هو اخبار ۾ هڪ ننڍڙي خبر پڙهي وٺندو ته مري .......... ڪشمير روڊ تي هڪ حادثو! لاري جهلم ندي ۾ وڃي ڪري، سڀ مسافر ٻڏي  مئا پر ڊرائيور سلامت بچي ويو ۽  لاري موڙ کان گذري وئي.

ان لاريءَ ۾ ويٺل ماڻهو جن ۾ پنجاب جا ڪجهه پهلوان به هئا ڏاڍو خوش نظر پئي آيا ۽ ان خوشيءَ ۾ غلباََ ڪشمير جي ناسپاتين ۽ عورتن جي نزاڪت ۽ سونهن جو وڏو دخل هو مگر هنن کي ڪهڙي خبر ته چند ميل اڳيان هنن کي موت سان مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي پهلوانيءَ جو ثبوت ڏيڻو پوندو ۽ هو ٿوريءَ دير بعد عورتن جيان رڙيون ڪندا کاهيءَ ۾ ناسپاتين جيان قلابازيون کائيندا ويندا --------! ان لاريءَ ۾ ڪجهه ريشمي برقعا سر پر ڪري رهيا هئا مگر ڪيترين ئي نقاب هٽائي ڇڏيا هئا، هڪ بدصورت عورت جنهن نهايت خوبصورت برقعو پاتو هو زور سان چٻاڙيل پان جي ٿڪ سڙڪ تي اڇلي ۽ ڦينگون اٿي ڪري چشمي جي ويجهو اچي پيون ۽ هو پري سرڪي ويو. ٽي مزدور پنهنجن مضبوط مٿن تي سوڙهيون ٽوپيون پائي، ڪلهن تي لوڻ جا وڏا وڏا ڳنڍا کنيو وڃي رهيا هئا، سندن ناسون ڦنڊيل ۽ ڳل ڳاڙها ۽ پيرن ۾ چپليون پاتل هيون، هن کي هڪدم اها چوڻي ياد آئي ته ”ڪشمير وڃي اسان ڏٺي هڪ عجيب ڳالهه، عورتون آهن مثل پرين جي ۽ مرد جي ذات ----!،“ ٻه گجر عورتون، جوان سانوريون سلوڻيون، ڳاڙهيون ڳٽول، جيئن پڪل ڄمون، تيز تيز وکون کڻنديون لنگهي ويون.

هڪ ڊرائيور پنهنجي لاري چشمي جي ڪناري بيهاري انجڻ کي ٿڌو ڪرڻ لڳو، لاري ۾ هڪ ٿلهي سيٺ جو متارو ڪتو هن کي ڏسي ڀونڪڻ لڳو ”ٽامي شٽ اپ“ ٿلهي سيٺ ڪئي ڀيرا چيو مگر  ڪتو نه مڙيو ۽ لاريءَ جي موڙ تائين ڀونڪندو رهيو، هاڻ صبح، صبح ۽ ٻنپهرن جي وچواري وقفي ۾ اچي ويو هو، هن هلڻ جو سوچيو، هن سوچيو ته هو اڄ رات چو ميل جي ڊاڪ بنگلي ۾ ترسندو، ڳڙهي ته  هو اڄ رات ڪنهن به طرح پهچي  ڪين سگهيو هو،  هن پنهنجو ٻڪ چشمي جي صاف ۽ شفاف پاڻي پيئڻ لاءِ ڀريو، ايتري ۾ خاموش قدمن سان هڪ عورت هن جي ڀرسان اچي وئي، جوانڙي، ڀريل جسم، کيس نيرن گلن واري سوسيءَ جي وڏي سلوار پاتل هئي. هن کي سندس ڪاري قميص تي هن جي اڀريل ڇاتيءَ جا ٻه گول گول اڀار نظر آيا ۽ چشمي جو صاف ۽ شفاف پاڻي هن جي ٻڪ کان ٻاهر ڇلڪڻ لڳو ۽ ڪجهه عرصي بعد هن جون نگاهون انهن اڃايل ڳاڙهن چپن کي ڏسي ڪري هن کي پنهنجو سوال اجايو محسوس ٿيڻ لڳو، عورت چشمي مان ٻڪ ڀري، ڀري پنهنجي اڃ اجهائڻ لڳي مگر هن جي اڃ اڃان به تيز ٿيندي وئي، عورت جا چپ ۽ ڳٽا ڀڄي ويا ۽ ڪنن جي ڀرسان وڪڙ کائيندڙ زلف به ----! ۽ پوءِ اوچتو ٻنهي جون نگاهون مليون عورت مسڪرائي پنهنجي اکين کي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻڻ لڳي، هن پڇيس ”تون ڪيڏانهن وڃي رهي آهين؟

عورت کلي وراڻيس ته ”اسان ڌنار ماڻهو آهيون ۽ رڍن، ٻڪرين جا ڏڻ پاليندا آهيون، هن موسم ۾ انهن مٿانهونهن علائقن تي ڏاڍا گهاٽا گهٽا گاه برف جي ڳرڻ کان پوءِ ڦٽي پوندا آهن جن کي اسان جا جانور ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن ۽ چشما ته اتي هن کان به وڌيڪ ٿڌا ۽ مٺا آهن“  هن ڳالهه بدلائيندي چيس ته ”تون ڪڏهن موٽر ۾ سوار ٿي آهين“

ها هڪ ڀيرو لاريءَ ۾ چڙهي هيس جڏهن منهنجي شادي ٿي هئي“، گهڻو عرصو ٿيو؟ ”ٻه سال.“

هو پنهنجو سامان سهيڙڻ لڳو، عورت جي نڪ تي پاڻيءَ جا ٻه ڦڙا اڃا به چمڪندا نظر پئي آيو ۽ ڀڳل وار سندس کٻي ڳل سان چهٽيل هيس، هن وراڻيس ته ”تنهنجي نڪ تي پاڻيءَ جون بوندون آهن“ ۽ پوءِ هڪ ٻئي گڏوگڏ کلڻ لڳا، ٻه ٻوندو، ٻه سال، ٻه گولائيون ۽ پوءِ هن آهستي چيس ته ”اچ تون منهنجي ڪار ۾ ويهه، گهٽ ۾ گهٽ ستن اٺن ڪوهن تائين ته مان توکي گڏ وٺي هلي سگهان ٿو، هن ان عورت جو هٿ پڪڙي ورتو، عورت ٿورو شرمايو، ليڪن موٽر جو دروازو کليل هو ۽ هن کيس اندر ڌڪو ڏنو، ۽ پوءِ ڇا هيءَ موٽر به ٻن ماڻهن جي سفر لاءِ نه بڻائي وئي آهي ڇا؟“. هڪ مرد  ۽ گهڻو ڪري ٻي عورت ۽ هن غيرارادي طور تي پنهنجو هڪ هٿ عورت جي چليهه ۾ وجهي ڇڏيو، عورت جي جسم ۾ معمولي چرپر پيدا ٿي، ڄڻ ته ڪنهن ستل سمنڊ جون لهرون جاڳي پيون هجن، موٽر ڊوڙندي رهي، ۽ هن جو انگ انگ باهه جيان ٻرڻ لڳو، باهه ۽ سمنڊ جنهن ۾ بلند ڪوٽ جون بلنديون .... به غرق ٿي وينديون آهن ۽ وقت جو فاصلو مٽجي ويندو آهي. جڏهن هو چوميل جي ڊاڪ بنگلي وٽ پهتو ته هر طرف شام جي اداسي ڇانيل هئي، سامهون وارو ڪارو پهاڙ ڪنهن ڪشاده قلعي جي ديوار جيان معلوم ٿي رهيو هو ۽ وڻن جون چوٽيون ڄڻ پهريدارن جون بندوقون، کيس ماحول جي تنهائي کان خوف محسوس ٿيو. پنهنجو پاڻ کان ۽ انهي اونداهي کان به جيڪا هن جي روح تي ڇانيل هئي. رات جي گهرن پاڇولن جيان ڄڻ ته هو انهيءَ مجبوريءَ جي ڌٻڻ ۾ اندر ئي اندر لهندو رهيو هجي، هن ڊاڪ بنگليجي بيري کي سڏ ڪيو ”هڪ وائيٽ هارس کولي ڇڏ“ ۽ پوءِ هُن ڏهين رپئين جو نوٽ بيري کي هٿ ۾ ڏنو. ههڙي پياري شيءِ جي ڀيٽ ۾ ڏهين رپئين جي نوٽ جي ڪهڙي حيثيت! ڪاغذ جو حقير ٽڪرو، بوتل پنهنجي اکين اڳيان ڏسي هن سوچيو ته هاڻ مان بچي ويندس، هاڻ انهيءَ ڌٻڻ ۾ ڪونه ڦاسندس ۽ هن بوتل جي ڳچيءَ کي زور سان پڪڙي ورتو ته جيئن هو هن کان پاڻ ڇڏائي ڀڄي نه وڃي. هن بيري کي آواز ڏنو.

”جي سرڪار“

”هڪ مرغي ڀُڃي وٺ، ڏس سنهي ۽ سُڪل نه هجي“

”حاضر سائين“، ۽ هان ڏس ”هن بيري جي هٿ ۾ پنجين جو نوٽ ڏيندي چيس ته هڪ .... وٺي آءُ، ڏس سنهي ۽ سڪل نه هجي، توکي به انعام ملندو، بيري جون واڇون ٽڙي ويون، اکين ۾ چمڪ اچي ويس، سندس ڪنڌ جون رڳون به ڪاسائيءَ جيان ڇڪجي ويس. هن خوش ٿيندي وراڻيو ته ”؟ سائين فڪر نه ڪريو اهڙو عمدو چوزو آڻيندس جو.....!

”وڃ، وڃ“ هن جلدي ۾ چيس ۽ بوتل کي گلاس ۾ اوتڻ لڳو، ڊاڪ بنگلي جي باغ ۾ طوطو ۽ مئنا واري، واري سان ٻولي رهيا هئا، طوطو چوي پيو، پين پين پين ۽  مئنا پئي چيو ٽري – ري –ري، پوءِ ٻئي چپ ٿي ٿي ويا ۽ انهيءَ مهل ڪوئي نظر نه ايندڙ پکي ڪنهن وڻ تي پنهنجا پرڙا ڦڙ ڦڙائڻ لڳو، پوءِ مئنا ٻولڻ لڳي ٽري – ري-ري، ۽ طوطو پي پي پي ۽ هو پيئندو ويو ۽ هُن جي دل جي اداسي وڌنڌي وئي، ڊاڪ بنگلي ۾ ان وقت ڪوبه ڪونه هو ۽ هن سوچيو ته هو هن وقت گيريج ۾ وڃي پنهنجي موٽر کي چنبڙي پوي ۽ رئي روئي کيس چوي ته ”مان اڪيلو آهيان، منهنجي جان مان اڪيلو آهيان، مونکي توسان محبت آهي“ .... ٽري ري ري جي جي – جي ..... پي.... پي ..... پي، ڇا هو جيئي يا پيئي.......! بوتل خالي ٿي وئي ۽ هو ميز تي مٿو ٽيڪي جهڪڻ تي هو ته اوچتو ڪنهن هن جي ڪنڌ کان وٺي لوڏيس، بيرو هن جي ڀر ۾ بيٺو هو ۽ هن سان گڏ هڪ عورت به هئي ”تون ڪير آهين؟“ هن هٻڪندي پڇيس، ”منهنجو نالو زيبده آهي“ عورت ڏڪندڙ آواز ۾ وراڻيو ”هو ڪرسيءَ جو سهارو وٺي اٿيو ۽ ڪمري اندر وڃڻ لاءِ مڙيو“ مان ڪمري ۾ پاڻ ئي هليو ويندس، هو انهيءَ وقت پاڻ کي ان بهادر سياح جيان محسوس ڪري رهيو هو، جيڪو ڪنهن ڀوائتي قبرستان مان گذري رهيو هجي، هڪ اونداهي چادر هر طرف ڦهليل هئي، صرف ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ننڍڙي بتي ٻري رهي هئي ...... چئني پاسي انڌيري جو راڄ ۽ وچ ۾ روشني جو مينار.......!

هو انهيءَ روشنيءَ طرف وڌندو ويو، شايد هو هاڻ بچي ويندو. اوچتو هن پٺيان دروازي بند ٿيڻ جو آواز ٻڌو ۽ هو رڪجي ويو، بيري عورت کي ڪمري اندر ڌڪو ڏئي دروازو ٻاهران بند ڪري ڇڏيو ۽ عورت دروازي سان لڳي بيهي رهي.

اچ.... اچ .... هن عورت طرف هٿ لوڏيندي ۽ جهومندي چيو ”هيڏانهن اچ، روشني هيڏانهن آهي“

عورت هوريان هوريان وکون کڻندي هن جي ويجهو اچي وئي، هن جي وارن جي پوري وچتي هڪ سڌي سينڌ نڪتل هئي، چانديءَ جي تار مثل ۽ هن اُن سينڌ جي ٻنهي پاسي خوبصورت انداز ۾ سٿو لڳايو هو  جيڪو ميڻ بتيءَ جي روشني ۾ بار بار چمڪيو پئي ۽ هن جي ڪنن ۾ چانديءَ جي هڪ، هڪ والي به لڙڪي رهي هئي، هن عورت جي ڪلهي تي جهڪي رازدارانه لهجي ۾ چيس ته اداس ڇو آهين؟.... تنهنجو نالو ڇا آهي؟

زبيده، هن بيجان انداز ۾ وراڻيو

ق”شبيده..... شبيده.... هن کلندي چيو ”شبيده .... هون! ...... ڏاڍو سٺو ....... هن جي چمڪندڙ وارن تي هٿ ڦيريندي چيو، هي ڇا آهي.... شبيده.... پياري ..... ش......ش..... شبيده! هي سٿو آهي، جيڪو جهنگل جي جيگن مان ٺهندو آهي، هن سان وار خوبصورت....! خوب شورت؟ ...... خوب شورت شبيد آ .....آ.....! هن مرڪ ۽ سزڏڪي جي گڏيل لهجي ۾ ورڻيو ”تون ڏاڍي خوبصورت آهين شبيده“. هن زبيده جي صفا ۽ گلابي رخسارن تي آڱريون ڦيريندي چيو،  پوءِ هو جدا ٿي پري هٽي بيهي رهيو ۽ آڱر سان هن طرف اشارو ڪري چوڻ لڳو ”تون .... تون...... شبيده آهين؟ .....؟ ..... نه ......  تون منهنجي ماءُ آهين! هي هي هي“ ۽ هو هن جي ويجهو ٿي ويو، عورت هڪدم هن جي ٻانهن کي جهٽڪو ڏنو، ڄڻ ته هن کي ڪنهن نانگ ڏنگيو هجي ”ها ..... ها..... ها....“ هن رڙڪ ئي ”ش..... ش..... شبيده مان گنهگار آهيان، شبيده تون هتي ڇو آئي آهين ...... اخ .... هي هي هي؟“

”مان غريب آهيان“ زبيده آهستي چيو، ”غريب؟“ ها .... ها.... ها، منهنجو ٻار بيمار آهي جيرو، منهنجو ننڍڙُ جيرو، ڏاڪدر چيو آهي ته هن کي نمونيا ٿي وئي آهي، ڏاڪدر چار رپيا في گهري ٿو ۽ بيري مونکي صرف ٽي روپيا ڏنا آهن، خدا جي واسطي مونکي هڪ رپيو ٻيو به ڏي“.

نومونيا؟ ها.....ها....ها، هن کي خ....خ.... خيراتي اسپتال ۾ کڻي وڃ؟ ..... نمونيا...... ننڍڙو جيرو .....“ هت هڪڙي اسپتال ئي ته آهي ”عورت اداس لهجي ۾ وراڻيو ۽ اها به خيراتي ...... منهنجا خدا مان ڇا ڪريان ..... مان توکي پيرين ٿي پوان ....... خدا جي واسطي مونکي هڪ رپيو ٻيو به ڏي ..... صرف هڪ رپيو.“

بس بس، فڪر نه ڪر ..... نه ...... نه ننڍڙي شبيده، هو هن جي ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي چوڻ لڳو ته ”مان توتي مران ٿو، خوبصورت شبيده“، مان اڪيلو آهيان ...... مان اڪيلو آهيان..... مون کي توسان محبت آهي ..... مان اڪيلو آهيان..... مون کي بچاءَ شبيده، هو عورت جي ڪلهي تي مٿو رکي زار زار روئڻ لڳو.

هو  ستو پيو هو، عورت جي ڳچيءَ ۾ هن جو ڀاڪر هو، جهڙيءَ طرح وائٽ هارس جي بوتل تي، هن جون آڱريون..... بتيءَ جي مدهم روشني لڏي لمي رهي هئي، اونداهي رات جي خاموشي ۾ نظر نه ايندڙ طوطو ۽ مئنا، اڃان تائين ٻولي رهيا هئا .... جي ..... جي.... جي...... پي ...... پي..... پي..... مگر هنن کي ٻڌڻ وارو اتي ڪوبه ڪونه هو، کاهي هنن جي مٿان هموار ٿي چڪي هئي، هو جڏهن جاڳيو ته نشي جو خمار لهي چڪو هوس، بتي اجهامي چڪي هئي  اونداهي جا  پاڇا غائب ٿي چڪا هئا، طوطو ۽ مئنا خاموش هئا، صبح جي هلڪي روشني چئني پاسي بکي رهي هئي ۽ هوءَ اڃان تائين هن جي ڀاڪر ۾ مدهوش .... پئي هئي .... اگهاڙي، سٿي سان سينگاريل وار وکريل هيس، سندس خوبصورت ڳچيءَ تي سرخ نشان هيس جنهن کي هو بار بار چُمي رهيو هو، هن پنهنجي اڌ کليل اکين سان هن کي پيرن کان چوٽيءَ تائين ڏٺو، سڊول، گداز، قالب ۾ ڍليل جسم ..... هو آهسته آهسته هن جي خوبصورت پنين تي آڱريون گهمائڻ لڳو، عورت جي سڄي وجود ۾ هڪ لرزش پيد اٿي .... ڄڻ ته ستل سمونڊ جون لهرون سجاڳ ٿيون هجن. هن جي چپن مان هڪ سرد آه نڪتي ۽ هن آهستي ئي آهستي انهيءَ مدهوشيءَ جي حالت ۾ چيو ”جيرا ...... منهنجا پيارا ....... ننڍڙا جيرا ......“ ۽ پوءِ هن جا اڌ کليل چپ اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ مليا، جيئن ماءُ پنهنجي پياري ٻچي کي چمي رهي هجي.

...... ننڍڙو جيرو؟ ..... اوچتو ئي اوچتو هن ڇرڪ ڀريو. گذريل رات جا پوائتا پاڇا هن جي اکين اڳيان ايندا ويا ...... ننڍڙو جيرو .... نمونيا ..... ڏاڪدر ..... هو ..... ڏڪڻ لڳو ....... ٽي رپيا .... چار رپيا ... صرف هڪ رپيو، هن هڪدم  پنهنجون ٻانهون هن جي ڳچيءَ مان ڪڍي ورتيون، منهنجو ننڍڙو جيرو ..... ۽ هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته هو پنهنجي ماءُ سان زيادتي ڪري رهيو آهي ... هو هڪدم بستري تان ٽپو کائي زمين تي اٿي بيٺو، ۽ حيران، حيران نگاهن سان انهيءَ عورت کي ڏسڻ لڳو، جيڪا هينئر جاڳي چڪي هئي ۽ اگهاڙي هئي، ۽ سڄي رات هن جي ڀاڪر ۾ گذاري چڪي هئي.

هن رڙ ڪئي چيس ته ”ڍڪ ڍڪ پنهنجو پاڻ کي ڍڪ، هن ڪمبل ۾ ...... هٽي وڃ منهنجي اڳيان .... ڇو ههڙي طرح پريشاني وچان مونکي ڏسي رهي آهين!..... ٻڌين نٿي ڇا؟ ..... مان چوان ٿو، اٿي .... اٿي ... منهنجي بستر تان ... وٺ ..... وٺ.... هڪ رپيو، ٻه رپيا.... ٽي رپيا.... چار رپيا.... هي سڀ وٺي ڇڏ. ڀڄي وڃ هتان! ڀڄ! ڀڄ!! ڀڄ!!! ۽ هن انهي عورت کي ڪمبل ويڙهائي، هن جا ڪپڙا سندس هٿ ۾ ڏئي کيس ڪمري کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

گهڻي دير تائين هو بستري تي ٻئي هٿ مٿي کي ڏيئي پريشان ويٺو رهيو، دل ۽ دماغ تي هڪ نامعلوم پريشاني ڪوريئڙي جي تانيءَ مثل ٺهيل هئي جيڪا هن کي بار بار پريشان ڪري رهي هئي ۽ هن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾  ڪانه ٿي آئي. هو بار بار پنهنجن الجهيل وارن ۾ آڱريون وجهي انهي ڪوريئڙي جي تاني کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، آخر جڏهن بيري اچي کيس چيو ته ”صاحب! غسل خاني ۾ گرم پاڻي پيدو اٿو“ تڏهن هو  بيدليءَ سان اٿيو ۽ پوٽيشم پرمئگنيٽ جي پچڪاري کڻي غسل خاني ۾ هليو ويو. طبيعت بي مزي ٿي پئي هيس ۽ وات جو ڪسارو ذائقو هوش ۾ اچڻ کان پوءِ به نه مٽيو هوس، ڪلها ٿڪيل هيس، غسل ڪري ورانڊي ۾ پيل ميز تي ٺونٺيون اڀيون ڪري ناشتي جو  انتظار ڪرڻ لڳو، ۽ پنهنجو پاڻ کي لعنت ملامت به!!، حالانڪه بيري ناشتي تي به بيئر جي بوتل حاضر ڪئي.

بيئر جي خوشبودار ذائقي هن جي خيالن کي بدلائي ڇڏيو، هن جي طبيعت خوش ٿي وئي ۽ هو آهستي آهستي گنگنائڻ لڳو. گذريل رات جون گهڙيون خوشگوار ۽ دلڪش ٿينديون ويون، سٿي سان چمڪدنڙ وار ..... ڪاري قميص تي ڇاتيءَ جا اڀريل خم .... نهالو جو  لافاني حسن ....... بلبل جو گيت .... پيهي جي پي پي پي ۽ صوف جا گل چانڊويڪءَ ۾ کلندڙ.....!

اوچتو ئي اوچتو ڪنهن رستي ۾ چشمي جو ٿڌو ۽ مٺو پاڻي، هن جي اکين اڳيان (تصور ۾) بڙ بڙ ڪري ٻاهر وهندي نظر آيو ۽ هن کي پنهنجي ڪار ياد اچي وئي، جيڪا گيرج ۾ بيٺي هن جي واٽ نهاري رهي هئي، هو اٿي بيٺو ۽ بيري کي انعام ڏيندي کانئس پڇيو ته ”ڳڙهي جو ڊاڪ بنگلو هتان کان گهڻا ميل پري آهي؟“

”هڪ سو ڏهه ميل سائين.“

”هان“ بيري جو نالو ڇا آهي؟.

”خام شاه سائين“

”هو“

”ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي“ بيري چيو، توهان جهڙن صاحبن جو پراڻو خادم آهي سائين“

ڊاڪ بنگلي جي ويجهو موڙ ڪٽيندي نيري رنگ جي ڪار کيس ملي جيڪا ڊاڪ بنگلي ڏانهن اچي رهي هئي. هڪ متاري جسم ۽ ڪشادي پيشاني وارو ماڻهو جنهن کي ڪاري ڦندڻ واري رومي ٽوپي پاتل هئي، ڪار هلائي رهيو هو، هن جي بغل ۾ هڪ عورت ويٺي هئي. نيري سوسيءَ جي سلوار، ڪاري قميص تي ڇاتيءَ جا اڀريل خم ۽ اکين ۾ عادي ڏوهارين جهڙي اداسي ۽ هو دل ئي دل ۾ کليو، ”واقف نه آهين تون ئي هڪ هن راز جو....“ .... غريب عورتن پنهنجي خيالي عصمت جي خاطر پهاڙن تي بلند ڪوٽ بڻايا هئا، مگر حقيقت اها هئي ته هنن جا پيڪا ۽ ساهرا هڪ مٺي چشمي کان ٻئي مٺي چشمي تائين ۽ هڪ ڊاڪ بنگلي کان ٻئي ڊاڪ بنگلي تائين محدود هئا. هن دل ئي دل ۾ خدا تعاليٰ جا لک لک شڪر ادا ڪيا جنهن انهن ماڻهن کي غريب بڻائي هنن لاءِ دلڪش راتيون مهيا ڪيون هيون....! زبيده وائيٽ هارس ۽ ڀڳل مرغي ... خدا يا تو ڪهڙيون ڪهڙيون نه نعمتون بڻايون آهن..... هن جي تخيل ۾ ڳڙهي جو ڊاڪ بنگلو هڪ پرستاني قلعو نظر اچڻ لڳو ۽ هن پنهنجي ڪار جي رفتار تيز ڪري ڇڏي.

موڙ جي اڳيان ۽ پٺيان، ديال ۽ چيل جي گهاٽن ۽ ساون جهنگلن جي وچ ۾ چاندنيءَ جي تار وانگر چمڪندڙ پڪي سڙڪ ڦهلي رهي هئي. هڪ مٺي چشمي کان ٻئي مٺي چشمي تائين، هڪ ڊاڪ بنگلي کان ٻئي ڊاڪ بنگلي تائين، هڪ امير جي کيسي کان ٻئي امير جي کسي تائين، هيءَ اهائي چانديءَجي تار آهي جنهن انسانن جون دليون اونداهيون ۽ عورتن جون عصمتون ويران ڪري ڇڏيون آهن ۽ سماج جي روح کي سوزاڪ جي جهنم ۾ ساڙي ڇڏيو آهي.

(سنڌيڪار: عطاءُ الله ابڙو)

 

ماسي ايسري

مان گرافٽ ميڊيڪل ڪاليج ڪلڪتي ۾ ڊاڪٽريءَ جي آخري سال ۾ هوس ۽ پنهنجي وڏي ڀاءَ جي شاديءَ تي ڪجهه ڏينهن لاءِ لاهو رآيل هوس. هتي شاهي محلي جي ويجهو گهٽي ٺاڪر داس ۽ اسان جو اباڻو گهر هو ۽ اتي ئي پهريون ڀيرو منهنجي ملاقات ماسيءَ سان ٿي .

ماسي ايسري اسانجي  سڳي ماسي ته ڪانه هئي مگر هن جي شخصيت اهڙي ته پياري هئي جو هن کي ڏسي هر هڪ جي دل هن کي ماسي چوڻ لاءِ لڳي بيقرار ٿي پوندي هئي. در جي ٻاهران جڏهن هن جي بکي بيٺي ته ڪنهن ڏاڍيان رڙ ڪري چيو ته ”ماسي ايسري اچي وئي “ ته ڪيترائي ٻڍاتوڙي جوان ا۽ عورتون به هن کي ملڻ لاءِ ڊوڙيون ، ٻن ٽن ، ڄڻن ٽيڪ ڏيئي کيس لاٿو ڇو ته ماسي ڪجهه وڌيڪ ٿلهيري جسم جي مالڪ هئي، ٿوري هلڻ ۽ گهڻي ڳالهائڻ سان هن جو ساهه به منجهڻ ٿي لڳو هن جي ٻن، ٽن، مائٽن ته هڪدم پنهنجن کيسن ۾ هٿ وجهي بگيءَ جي ڀاڙي ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي مگر ماسيءَ سڀني کي کلي چيو ته هوءَ اڳ ۾ ئي ڀاڙو ڏئي چڪي آهي،تنهن تي سندس مائٽن جا منهن ڏک ۾ ئي ڀرجي آيا ۽ پئسا کيسن ۾ واپس وجهندي چيائون ته ”ماسي تو هيءَ ڇا ڪيو “؟ ايتري ننڍڙي خدمت جو موقعو به تو اسان کي ڪونه ڏنو ۽ جڏهن هوءَ پنهنجن سڪهندڙ ساهن سان ڳالهيون ڪندي ڪندي مرڪي، ته مونکي ڏاڍي سٺي لڳي. هوءَ پنهنجي ڀر ۾ويٺل جوان عورت کان وڃڻو و‎ٺي پاڻ کي هڻندي ۽ مسڪرائيندي اڳتي وڌي وئي .

ماسي جي عمر سٺ سالن کان گهٽ ڪانه هئي ، هن جي مٿي جا وار کير جهڙا اڇا هئا،  ، جيڪي هن جي ڀريل ،ڀريل ، گول گول ڪڻڪائين چهري تي ڏاڍاسٺا ٿي لڳا. هن جو سهڪندي ، سهڪندي  معصوميت ڀريو ڳالهائڻ ته سڀني کي وڻندو هو پر مون کي هن جي چهري ۾ هن جون اکيون وڏيون غير معمولي نظر آيون، جن کي ڏسي مونکي ڌرتيءَ جو ۽ ان تي ميلن تائين پري ، پري، پکڙيل فصلن ۽ ڪنهن وڏي اونهي درياءَ جي ڪشادي پاڻيءَ جي چادر جو خيال ۽ ان سان گڏو گڏ اهو به خيال پئي آيو ته هن جي اکين ۾ جيڪا معصوميت آهي تنهنجي ڪا به ڪنڌي يا ڪنارو ناهي ۽ جيڪا معصوميت آهي تنهنجي ڪابه حد ناهي ۽ جيڪو درد آهي ان جي ڪوبه دارون ناهي، مون اڄ تائين اهڙيون اکيون ڪنهن به عورت جي چهري تي ناهن ڏٺيون جيڪي ايتريقدر وسيع ۽ بي ڪنار هجن جو زندگيءَ وڏي کان وڏو حادثو به هن اڳيان هڪ معمولي ڪک کان وڌيڪ حيثيت نه رکي !

اهڙيون اکيون جيڪي پنهنجي وهڪري ۾ سڀ ڪجهه لوڙهي کڻي وڃن غير معمولي ۽ عجيب و غريب معاف ڪرڻ واريون شفقت ڀريون اکيون ....!

ماسي ايسريءَ کي ڪاسني رنگ جو گهگرو پاتل هو ،جنهن تي سونهري کوٽي جي ڪني چمڪي رهي هئي، سندس مٿي تي ٻٽي ململ جو قرمزي رئو ۽ هٿن ۾ سونا ڪنگڻ جڏهن هوءَ گهر جي اڱڻ ۾ داخل ٿي ته چئني پاسي چو ٻول پئجي ويو ،چاچيون ، ماسيون، ڀينر، ڀاڄايون ، ڌيئر ننهر سڀ جو سڀ هڪ ئي وقت ماسيءَ کي پيرين پوڻ ۽ ملڻ لاءِ ڊوڙيون .هڪ عورت جلديءَ ۾ هڪ صندلي سوري ماسيءَ کي ويهڻ لاءِ ڏني جنهن تي ماسي ويهي واري ، واري سان سڀني کي ڳلي لڳائي ۽ مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيرائي سڀني کي دعائون ڏيڻ لڳي ۽ هن جي ڀر ۾” هيرو مهريءَ جي ڌيءَ سوتري “ خوشيءَ وچان واڇون ٽيڙي زور زور سان وڃڻو هڻي رهي هئي. تائي ايسري گهر کان هڪ رنگين بجڪي کڻي آئي هئي جيڪا هن جي پيرن ۾ صندليءَ جي ڀر سان پيل هئي، هوءَ نمبر وار هر هڪ کي دعائون ڏيندي پئي وئي تقريبا سو کان وڌيڪ پائليون هن گذريل ويهن منٽن ۾ ورهائي ڇڏيون هيون. جڏهن سڀ عورتون ۽ مرد، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين هن کي پيرين پئي پنهنجي، پنهنجي پائلي وٺي چڪا تڏهن پنهنجو منهن مٿي ڪري وڃڻي هڻڻ واري ڇوڪريءَ ڏي واجهائي کانئنس پڇيو ته ”تون ڪير آهين “ مان سوتري آهيان ڇوڪريءَ شرمائيندي وراڻيو. اوهان تو جئي ڪشن جي ڇوڪري آهين مان وساري ويٺي هيس، اچ مونکي ڀاڪر پاءَ ماسي ءَ هن کي ڳلي لاتو بلڪه هن جون منهن به چمي ورتو ۽ جڏهن هن پنهنجي بجڪيءَ مان هن کي پائلي ڪڍي ڏني ته گهر ۾ موجود سڀئي عورتون ٽهڪ ڏئي کليون پر ماسي ڪرتارو ته پنهنجي نيلم پوتل منڊيءَ واري آڱر اڀي ڪري چيو ته ماسي هيءَ جئه ڪشن جي ڌيءَ سوتري نه پر هيرو مهريءَ جي ڌيءَ سوتري آهي .

هاءِ مان مري ويس !! ماسيءَ هڪدم گهٻرائجي چيو ۽ هن جو دم منجهڻ لڳو، هاڻي ته مونکي وهنجڻو پوندو !

مون ته هن جو  منهن به چميو آهي ، هاڻ ڇا ڪريان؟

ماسي ايسريءَ وڏين ، وڏين حيران نگاهن سان هيرو مهريءَ جي ڌيءَ سوتريءَ کي ڏٺو جيڪا هاڻ هن ريت ڌڪار جڻ تي روئڻ لڳي هئي، ماسيءَ کي هڪدم هن تي رحم اچي ويو هن وري ڇوڪريءَ کي ٻانهن کان پڪڙي ڇاتيءَ سان لاتو، نه ، نه تون ڇو ٿي روئين، تون ته بيخبر آهين، تون ته ديوي آهين، تون ته معصوم آهين! تنهنجي ته دل ۾ ڀڳوان ٿو رهي!، تون ڇو ٿي روئين؟ ”مان کي ته پنهنجي مذهب خاطر وهنجڻو پوندو“ پر تون ڇو ٿي روئين؟ هان هيءَ وٺ ٻي به پائلي، ماسيءَ هن کي ٻي به پائلي ڪڍي ڏني، ٻي پائلي وٺي سوتري پنهنجا ڳوڙها اگهي مسڪرائڻ لڳي. ماسي هٿ مٿي کڻي پريان دالي مان گذرندڙ هيرو مهريءَ کي ڏسي وڏي سڏ چيس ته اڙي هيرو منهنجي لاءِ پاڻي رک ته مان غسل ڪريان توکي به هڪ پائلي ڏيندس، تنهن تي هڪ دفعو ٻيهر محفل کل ۾ ويڙهجي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com