سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :10

 

رحمو فقير

 

اڃا نئون ئون گدوءَ جي اسپتال جو ذمو ورتو ھوم. روزانو پاڻ سان پنھنجو اسسٽنٽ ۽ جمعدار ساڻ ڪري سڄي اسپتال جو چڪر ھڻندو ھوس، پنھنجي سر ھر ھڪ شيءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس، ھڪڙي ڏينھن جيئن چڪر تي نڪتس تھ ڏٺم تھ ڏوھارين جي وارڊ جي سامھون نم جي ڇانوءَ ۾ ھڪ چريو ويٺو آھي، ۽ ھن آسپاس ڪيترا ماڻھو ويٺا آھن، آئون ڪاوڙجي جمعدار کان پڇڻ لڳس تھ ھي ڇا آھي؟ ھي چريو ڇو  ٻاھر ڪڍيو ويو آھي؟ ۽ ھيترن ماڻھن جو گوڙ ھتي ڇو آھي؟

جمعدار- (ڊڄندي) صاحب! ھي چريو رحمو فقير آھي، ھن کي ھميشھ ائين ڇڏي ڏيندا آھيون تھ نم جي ھيٺ ويٺو ھوندو آھي، ويچارو نھايت سادو ۽ ٻالو ڀولو آھي، ڪنھن کي آزاري ڪونھ. ھي ماڻھو سڀ ھن جا معتقد آھن. ھن جي آسيس لاءِ ايندا آھن.

آئون (اسسٽنٽ سان مخاطب ٿي) ھي چرين جي اسپتال آھي يا وليءَ جي درگاھ جو ھر ھڪ مراد وند ادنر گھڙيو اچي مراد پنڻ لاءِ. انھن کي اندر اچڻ جي اجازت ڪنھن ڏني آھي؟ سڀاڻي جيڪڏھن ھي چريو ڀڄي وڃي تھ ان جو جوابدار ڪير رھندو؟

اسسٽنٽ- صاحب! آئون ڪيترن سالن کان ڏسندو اچان ٿو تھ ھي فقير اتي ئي ويٺو ھوندو آھي ۽ شام ٿيندي ئي اندر ھليو ويندو آھي، آئون نٿو ڀانيان تھ ھي ڀڄي ويندو، جي ائين ھجي ھا تھ ڪڏھو نڪري ڀڄي وڃي ھا.

بابا! آئون ھي تماشو نٿو ڏسڻ گھران، ھيءَ پيري مريدي  صفا بند ٿيڻ گھرجي، ماڻھو ٻڌندا تھ کلندا ۽  اسپتال جي بدنامي آھي ڪو ماڻھو بنا اجازت جي اسپتال ۾ قدم نھ بھ رکي، جمعدار سڀاڻي کان وٺي ھي ناٽڪ بند ٿيڻ گھرجي ۽ ھن رحمو فقير کي سڀاڻي مون وٽ وٺي اچو، ھن جو فائل  بھ آڻجو تھ  ڏسان تھ ڇا معاملو آھي.

جعدار: حاضر صاحب!

ٻئي ڏينھن رحمو فقير کي مون وٽ وٺي آيا، مون ھن کي آفيس کان ٻاھر وھارڻ لاءِ چيو، جيسين ھن جو سڄو ڪيس پڙھي پورو ڪيم پوءِ ھن کي اندر گھرائي سوال ۽ جواب ڪيم، ڏٺم تھ ھو ھر ڪنھن سوال جو جواب ڏاڍو پورو ۽ سمجھھ سان ڏيئي رھيو  ھو پنھنجي اسسٽنٽ کي گھرائي رحموءَ بابت انگ انگريزيءَ ۾ گفتگو ڪيم تھ ھو اسان جون ڳالھيون سمجھي نھ سگھي.

مان: (انگريزيءَ ۾) رحموءَ کي ھتي گھڻا سال ٿيا آھن؟

اسسٽنٽ: ٽي سال!

مان: ھن جي دماغي حالت تھ مون کي ٺيڪ پئي لڳي.

اسسٽنٽ: ھائو صاحب! في الحال ائين آھي، پر ڪنھن ڪنھن مھل رکي رکي جوش جا دورا پوندا اٿس.

مان: گھڻا ڏينھن ٿيا آھن جو ھن کي دورونھ پيو آھي؟

اسسٽنٽ: ٻھ سال.

مان: ٻھ سال! ھن کي ڇو نھ ڪميٽيءَ جي اڳيان پيش ڪيو ويو تھ اسپتال مان کيس اجازت ملي وڃي؟ ھي تھ ڪنھن غريب سان نسورو ظلم  ڪرڻو ٿيو، اھڙي کي تھ ڀلي ڇڏي ڏجي تھ وڃي ٻاھر ڪو ڪم ڌنڌو ڪري، شڪ ناھي تھ اھا پيري مريدي بھ اوھان جي ظلم کان ھن شروع ڪئي ھجي، ڀانيان ٿو تھ ھن پنھنجي ڪمائي جو ذريعو مجبورا ائين ڪڍي ورتو ھجي، اتي جمعدار وراڻيو. ”نھ صاحب! ائين ناھي، رحو پھتل فقير آھي. ھن کي جيڪي پئسا  ملندا آھن سي پاڻ اصل ڪم نھ آڻيندو آھي، بلڪھ ٻين کي ڏيئي ڇڏيندو آھي.“

مان: (جمعدار تي ڪاوڙجي) انھيءَ ڪري ئي اوھين ھن کي ھمٿايو ٿا تھ ڏوڪڙ اوھان جي پلئھ پون، ھي ڳالھيون سڀ بند ھئڻ گھرجن، اتي رحمو فقير دخل ڏيندي چيو، ”صاحب! آئون ڪيتري دير کان وٺي اوھان جون ڳالھيون ٻڌي رھيو ھوس، جيڪي اوھين اسسٽنٽ  سان ڪري رھيا ھئا. آئون  ڀانيان ٿو تھ اوھان مون تي ناراض آھيو! ڪميٽيءَ ۾ مون کي آڻن جي ضرورت نھ آھي، آئون پاڻ ھتان وڃڻ نٿو گھران، تنھنڪري منھنجي ڀڄڻ جو سوال ئي نٿو اٿي. ڀڄندو اھو جنھن کي ٻاھرين دنيا ۾ وڃڻ جي خواھش ھجي، رھيو سوال ٻاھرين ماڻھن جي اچي مون سان ملڻ جو، آئون ايترو عرض ڪندس تھ ھڪ گنھگار بندو پھتل ٿي نٿو سگھي. باقي نئين دڳ تي ڪنھن کي ھلائڻ اسان سڀني جو اخلاقي فرض آھي، شل اھڙي سگھھ ڌڻي تعاليٰ اسان سڀني کي ڏئي.

رحمو فقير جي گفتگو ٻڌي حيران رھجي ويس تھ ھن منھنجو انگريزي ڳالھائڻ ڪيئن سمجھي ورتو.

مان: رحمو ڏاڍي عجب جي ڳالھھ آھي تھ ھن دوزخ مان نڪري تون ٻاھرين دنيا ۾ وڃڻ نٿو گھرين.

رحمو: صاحب! مڪار، فريبي ۽ مطبلي دنيا ۾ وڃڻ ڪھڙو سمجھو ماڻھو پسند ڪندو؟ منھنجي خيال ۾ تھ ھن اسپتال جي دنيا ٻاھرين دنيا کان گھڻو بھتر اھي، ڇاڪاڻ تھ ھتي جا ماڻھو نھ مطلبي آھن، نھ فريبي، نھ بيوفا آھن، نھ ڪنھن جي ڳالھين ۾ دخل ڏيندڙ  ۽ نھ ڪنھن قسم جي لالچ اٿن، بلڪھ پنھنجي حال ۽ مال تي مست آھن.

آئون رحمو فقير جي فيسلوفيءَ تي حيران ھوس، مون ھن کي چيو، ”مان سمجھي نٿو سگھان تھ توکي دنيا سان ايتري نفرت ڇو آھي؟“

رحمو: صاحب! ڀلا ڪيئن نھ نفرت پيدا ٿئي! ڇا ھي شعر نھ ٻڌو اٿو:

ڪري دنيا سان نفرت ڇو نھ انسان

جتي پنھنجا بھ بيگانھ ٿين ٿا

شعر ٻڌي آئون وائڙو ٿي ويس، ايترو سمجھيم تھ ھن کي پنھنجن مان ضرور ڏک رسيو آھي. ھن جي حياتيءَ ۾ ڪو راز سمايل آھي، جنھن کي ڦولي ڪڍڻ جي مون کي ڏاڍي اڻ تڻ بيٺي ھئي.

مان: فقير سائين! دنيا سان نفرت ڪرڻ جي ڳالھھ؛ آئون چٽي طرح ٻڌڻ ۽ سمجھڻ گھران ٿو، تنھنڪري جي اوھان کي تڪليف نھ ٿئي تھ مون کي ضرور ٻڌايو.

رحمو: (ھٿ جوڙي) قبلا! اڄ معافي ڏيو، سڀاڻي ٻڌائيندس، باقي عرض آھي، قبول ڪريو تھ ٻڌايان.

مان: بلاشڪ ٻڌاءِ.

رحمو: اوھان کان اڳي سپرنٽنينڊنٽ کي چئي نٿي سگھيس، جو ھو ھندو ھو ۽ منھنجي ھن ڳالھھ کي سمجھي نھ سگھي ھا.

مان: ڪھڙي ڳالھھ آھي؟

رحمو: (ھٿ ٻڌي) مون کي اجازت ملي تھ پنھنجي کائڻ جا باسڻ آئون پاڻ وٽ رکان ۽  پنھنجن ھٿن سان صاف ڪريان، ڇاڪاڻ تھ ٻئي ڏينھن اڪثر باسڻ بدلجي وڃن ٿا. پنھنجن ھٿن سان صاف ڪري، باسڻ ۾ کائڻ سان ڪراھت نھ  ايندي ۽ چڱي طرح صاف بھ ڪري سگھبا. ٻين جي ھٿن سان صاف ٿيل باسڻ ۾ ائين ٿي نٿو سگھي، ٻيو عرض آھي تھ پنھنجي حصي جو کاڌو آئو سڌي طرح رڌڻي مان اچي وٺان تھ ان ۾ نحس ٿيڻ جو امڪان ڪونھي ۽ وڌيڪ پاڪائي بھ رھندي جو آئون ھڪ نمازي شخص آھيان.

مون رحمو فقير جو نڪتو سمجھي ورتو ۽ ان کي اتي ئي ٻنھي ڳالھين جي اجازت ڏيئي ڇڏيم.

ٻئي ڏينھن رحمو فقير کي وري منھنجي آفيس ۾ آندو ويو، ڏٺم تھ ھو نھايت خاموش ۽ گنڀير ھو، آئون بھ سويري ئي اسپتال جو سڀ ڪم ڪار لاھي رحموءَ جو احوال ٻڌڻ لاءِ ٺھي ٺڪي ويٺو ھوس.

رحمو پنھنجو بيان ھن ريت شروع ڪيو:

صاحب! منھنجو اصلوڪو نالو قادر بخش آھي ۽ آئون ذات جو سمو آھيان، اوھين حيران ٿيندوئ تھ آئون جيل ڪاٽي چڪو آھيان. آئون ٽي سال جيل ۾ رھي پوءِ آزاد ٿيو آھيان، جيتوڻيڪ آئون پئسا غبن ڪرڻ جي ڏوھھ ۾ سزاياب ٿي چڪو ھوس، تھ بھ مون نھ جيل ۾ وڃڻ مھل شرمندگي محسوس ڪئي نھ ان مان ٻاھر نڪرڻ وقت. مون خنده پيشاني سان جيل ۾ جنڊ پيٺو ۽ کلي کلي پٿر ٽوڙيا. مون کي ڪنھن ڪڏھن غم غلطان نھ ڏٺو. سدائين چپن تي مرڪ ۽ چھري تي اطمينان ھوندو ھو.

اوھان کي تعجب ھوندو تھ آئون ڪاليج ۾ انٽر تائين پڙھيل آھيان، قيد ۾ وڃڻ تائين آئو امپريل بئنڪ۾ ڪلارڪ ھوس، جتان ٽي ھزار روپيا خرد برد ڪرڻ جي ڏوھھ ۾ سزاياب ٿيو ھوس، منھنجن دوستن جڏھن خيانت ۽ سزايابي جو احوال ٻڌو تھ انھن کي اعتبار ئي نھ پيو اچي، ھو سخت حضرت ۾ ھئا، ڇاڪاڻ تھ مان ڏاڍو ايماندار ۽ خدا پرست انسان ھوس.

منھنجي ديانتداري ھميشھ مشھور ھئي ۽ ٻين جي اڳيان مثال وانگر پيش ڪئي ويندي ھئي، جو ڪيترن ئي معاملن ۾ مون بئنڪ جي مئنيجر کي چتاءُ ڏيئي بئنڪ کي نقصان کان بچائي ورتو ھو، منھنجي پگھار اڳي سٺ روپيا  ھئي، گھر ۾ ٻھ ڄڻا کائڻ وارا ھئاسين،  ھڪ آئون ۽ ٻي منھنجي ڀيڻ آمنت.

اوھين اندازو ڪري سگھو ٿا تھ سفيد پوش ماڻھو اھڙي مھنگائيءَ ۽ ڏکين حالتن ۾ ڪيئن گذارو ڪري سگھندا ھونداسين، ٿورا  ڏوڪڙ مون کي بچائي بھ رکڻا پوندا ھئا. جو پنھنجي جوان جماڻ ڀيڻ کي شادي ڪرائڻ  جو فڪر بھ ستائي رھيو ھو ۽ رات ڏينھن اھائي تات ھوندي ھيم، آئون ھڪ شريف خاندان جو فرد ھوس، منھنجو پيءُ ٻيلي کاتي ۾ آفيسر ھو، ھو ڏاڍو خير خيرات ڪندڙ انسان ھو، تنھنڪري آئي ويل لاءِ، جو مينھن وسندي ڪم اچي، ڪجھھ بچائي ڪين سگھيو، ٻيو ڪنھن کي خبر ھئي تھ ايترو جلد جواني ۾ ئي گذاري ويندو.

ھڪ سال سخت پليگ پئي، تنھن ۾ مبتلا ٿي گذاريو ويو ۽ اٺن ڏينھن جي اندر منھنجي ماءُ بھ ساڳي بيماريءَ ۾ جھلجي راھھ رباني ورتي.

مرڻ کان اڳي جيجل ماءُ ڳوڙھا ڳاڙيندي وصيت ڪئي تھ ابا قادر!  آمنا جو خيال رکجانءِ. ھوءَ ننڍي نيٽي آھي نياڻي آھي ھن کي ڪنھن قسمجي تڪليف نھ ٿئي، ڪنھن چڱي خاندان ۾ پرڻائي ڇڏجانس، جتي سک سان حياتي گذاري ۽ ياد رکجانءِ. جيسين ھن جي شادي نھ ٿئي، تون پنھنجي شادي نھ ڪجانءِ. مون پنھنجي ماءُ کي روئندي يقين ڏياريو تھ ھن جي وصيت جي ھڪ ھڪ اکر کي پورو ڪندس، منھنجي ائين خاطري ڏيارڻ تي منھنجي ماءُ  مرڪندي پنھنجي جان ڏني.

ڏٺم تھ ڳالھائيندي ڳالھائيندي رحمو فقير جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا ۽ ھن جو آواز غم کان ٿورو گھگھو ٿي ويو، ھن ھڪ ڳاڙھي وڏي رومال سان اکيون اگھندي ۽ ٿوري دير ساھي کڻندي، مون ڏانھن نھاري وري پنھنجو بيان شروع ڪيو: آمنت مون کان ٽي سال ننڍي ھئي، ماءُ پيءُ جي اک بند ٿيندي ئي بک ۽ لنگھڻ ۾ ھئاسين، ٿورو گھڻو گھر ۾ جيڪي ھو سو ماءُ پيءُ جي دوا دارون تي ۽ پوءِ ڪف ن دفن ۾ خرچ ٿي ويو.

مائٽن ۾ اھڙو ڪير ھو، جو اسان غريب ڀاءُ ڀيڻ جي مٿي تي اھڙي مصيبت جي وقت ۾ ھٿ رکي ۽ اجھو ڏئي ھا؟ سڀ چوڻ لاءِ مائٽ ھئا، پر ڪو ويجھو  ڪين آيو، ھن خود غرض ۽ مطلبي دنيا ۾ ڪير ڪنھن جو آھي؟ پر مون ھمت نھ ھاري، بيشڪ مون کي تعليم بند ڪرڻي پئي نوڪري جي تلاش ۾ ھوس پر نوڪري ڪٿي. نيٺ محنت ۽ مزدوري بھ ڪرڻي پيم. دل ۾ اھو خيال آندم تھ پيرن ۽ پيغمبرن بھ مزدوريون ڪيون آھن، آئون ڪير ھوس جو ان کان ڪيٻايان؟ نيٺ بھ پنھنجو ۽ پنھنجي ڀيڻ جو پيٽ پالڻو  ھو، ھروڀرو ڪنھن جو احسان ڇو کڻان ھا، منھنجي شان وٽان ڪين ھو، جو ڪنھن جي اڳيان ھٿ ڊگھيريان ھا، خدا بھ ڪنھن کي نٿو ڇڏي.

ستت ئي امپريل بئنڪ ۾ نوڪري ملي وئي، مون کي پنھنجي ڀيڻ کان سواءِ ان وقت ڪنھن سان محبت نھ ھئي، جيڪا پگھار ملندي ھئي سا پنھنجي  ڀيڻ جي ھٿ تي آڻي ڏيندو ھوس. آمنت جي عمر ھاڻي ارڙھن سال ٿي چڪي ھئي. مون کي ھن جي شاديءَ جو خيال ڳاري رھيو ھو، اھڙو سٺو ماڻھو شايد ڪو ملي جھڙو منھنجي ماءُ  وصيت ڪري وئي ھئي. ٻيو تھ ڏوڪڊر بھ ڪين ھئا، جو ھي ڪم جلدي ڪري ڇڏجي ھا، اھڙو ڪير ھو، جو ھڪ غريب ڀاءُ جي يتيم ڀيڻ سان بنا ڏوڪڙ جي شادي ڪري ھا! مان پنھنجو ذاتي ۽ گھر جو خرچ گھٽائي ٽي سئو روپيا کن گڏ ڪري سگھيو ھوس. اتفاق سان ھڪ شريف پڙھيل زميندار ملي ويو، جنھن سان آمنت جي شاديءَ جي ڳالھھ ٻولھھ پڪي ٿي وئي پر شان ۽ شوڪت سان پنھنجي ڀيڻ کي زميندار سان پرڻائين لاءِ مون کي ٽن ھزارن روپين جي گھرج ھئي، تاڪھ ساھرن ۾ وڃي آمنت عزت سان زندگي گذاري سگھي، پر منھنجي لاءِ سوال ھو تھ ايتري رقم ڪٿان اچي؟ ايتري رقم قرض بھ تھ نٿي ملي سگھي، رات ڏينھن انھيءَ خيال مون کي جھوري وڌو ھو ۽ دوست احباب پڇڻ لڳا تھ مون کي ڇا ٿيو آھي. ڪا بيماري اٿم؟ دل تي اھا خوشي ڪانھ ھئي، ڪلارڪي کان سواءِ ھڪ ٻھ ٽيوشن بھ ڏيندو ھوس، پر انھيءَ مان شاديءَ جي پورائي ٿي نٿي سگھي.

جڏھن مان جيل مان ڇٽي نڪتس تھ ڏاڍو خوش ھوس تھ ٽي ھزار روپيا بئنڪ جا چوري ڪري جيل نھ ڪاٽيم، پر پنھنجي ڀيڻ جي شادي چڱي ھنڌ ڪريم ڇڏيم، ھوءَ وڃي ساھرن ۾ سکي ٿي. پنھنجي ماءُ جي وصيت تھ پوري ڪري ڇڏيم.

شادي ٿي وڃڻ کي ڪو عرصو گذري ويو، نيٺ چوريءَ جي خبر مئنيجر کي پئي، مون ھن سان اڪيلي ۾ پنھنجو ڏوه قبوليو، پر پنھنجي مجبوري بھ ھن کي ٻڌايم تھ ڇو مون چوري ڪئي، ھن سان وعدو ڪيم تھ جيڪڏھن ھو مون کي معاف ڪري ڇڏيندو تھ پنھنجي پگھار جو ٽيون حصو ھر مھيني ڪٽائي پيو ڀريندس، جيسين بئنڪ جو سمورو قرض ڏيئي پورو ڪريان، جيڪڏھن ھو گھرندو تھ ان تي وياج بھ ڀرڻ لاءِ تيار آھيان، پر ظالم مئنيجر ان تي تيار نھ ٿيو ۽  مون کي پوليس جي حوالي ڪرڻ لاءِ آماده ٿي ويو. مون بھ پوءِ وڌيڪ پرواه نھ ڪئي ۽ جيڪي ٿي گذريو سو دنيا ڏٺو. مان جيل مان نڪتس تھ منھنجي ڏاڙھي تمام وڏي ٿي وئي ھئي ۽ وار بھ ڊگھا ٿي ويا ھئا، جھڙيون ڪنھن سنياسي دوريش جون جٽائون. ھن حالت ۾ مون ڀانيو تھ مون کي ڪو ڪين سڃاڻندو، پر ھڪ ڏينھن بازار مان لنگھي رھيو ھوس تھ الائي ڪيئن ھٽ واري مون کي سڃاڻي ورتو ۽ وڏي سڏ ٻئي کي ٻڌايائين تھ سڃاڻين ٿو تھ اھو ڊگھيءَ ڏاڙھيءَ وارو ڪير آھي؟

اھو ساڳيو قادر بخش، جو بئنڪھ جا پئسا کٽائي جيل ۾ پيو ھو، ڏسجي ٿو تھ ڇٽي آيو آھي، ھاڻي ڏسجي تھ ٻيو ڪھڙو ٿو کاٽ ھڻي. ضرور ڪا نھ ڪا ٺڳي ڪندو، اھڙا ماڻھو ڪٿي ٿا رھي سگھن، مون ھن ڏانھن ڌيان نھ ڏنو پر سجي ڳالھھ ٻڌي ورتم س۽ مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو، سمجھيم تھ دنيا ۾ انھن ماڻھن جي لاءِ جڳھھ ئي ڪانھي، جيڪي ٻين لاءِ ايثار ۽ قرباني ڪري سگھن. مون کي اميد ھئي تھ منھنجي انھيءَ جذبي جو ماڻھو قدر ڪندا، تھ جيڪڏھن مون بي ايماني بھ ڪئي ھئي، تھ پنھنجي لاءِ نھ، بلڪھ ڪنھن ڇوري ڇني جي زندگي بنائڻ لاءِ پر ھاءِ زمانھ! مون کي ھر طرف کان چور ۽ ڌاڙيل جا لقب ملي رھيا ھئا، سچ آھي سماج ڪنھن بي ايمان ۽ خطادار جي عزت ڇو ڪري؟ ھو نيت کي نيت نٿي ڏسي پر ظاھر عملن تي نظر نٿي رکي، ويچار ڪيم تھ منھنجي حالت خراب ٿي رھي آھي، ھڙ ۾ ڏوڪڙ نھ آھن نھ بدن تي ڪپڙا آھن، اھڙي حالت ۾ ڀيڻ وٽ ڪيئن وڃان. ھو وڏن ماڻھن ۾ پرڻجي وئي آھي، متان ھن جي بي عزتي ٿئي، سو نيٺ اھو سوچي تھ ھت ماڻھو مون کي سڃاڻن ٿا تنھنڪري ھلي ٻھراڙي ۾ ڪجھھ ڪمائجي. جڏھن چار پئسا ٿيندا ۽ ڪجھھ حيثيت بڻجي پوندي تھ ڀيڻ وٽ ويندس.

ٻھراڙي ۾ وڃي رھيس، نالو رحمو کڻي بدلايم، ان سان گڏ پنھنجي سڄي رھڻي ڪھڻي بھ بدلائي ڇڏيم، ھاڻي اتي ڪير چئي ٿي سگھيو تھ آئون ھڪ انگريزي ڄاڻندڙ شخص ھو. ھڪ زميندار ترس کائي ٿورو زمين جو ٽڪرو پوکڻ لاءِ ڏنو، محنت کان فارغ ٿي خلق جي خدمت ۾ لڳي ويندو ھوس. رنن زالن جي مدد ڪندو ھوس، يتيمن جي پرگھور لھندو ھوس، بيمارن جي ٽھل ڪندو ھوس، ٿورن ڏينھن ۾ ڳوٺ جا ماڻھو مون کي چاھڻ لڳا، ننڍو وڏو عزت ڏيڻ لڳو. ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس منھنجي حيثيت ھڪ خدا رسيده بزرگ جھڙي ٿي وئي ۽ سچ پچ تھ منھنجي دل ۾ بھ ڪا ڪڌائي نھ ھئي.

زميندار بھ خوش ٿي زمين جو وڏو ٽڪرو منھنجي حوالي ڪيو آئون محنت ۽ جفاڪشيءَ سان گڏ خلق جي خدمت بھ ڪندو رھيس تھ پنھنجي پالڻھار کي بھ ياد ڪندو رھيس، نماز ۽ روزي جو بھ ڏاڍو پابند ٿي ويس، ماڻھو ھاڻي مون کي رحمو فقير يا درويش سڏڻ لڳا. ٻنيءَ جو ڪم ڪار بھ سڀ ٻيا ڪرڻ لڳا ۽ آئون وڌيڪ خلق جي خدمت ۾ مصروف ٿي ويس، زماني جي گردش مون کي وقت کان اڳي پوڙھو ڪري ڇڏيو ۽ آئون ايترو بدلجي ويس جو منھنجا اڳيان واقف ڪار مون کي سڃاڻي ڪين سگھندا ھئا، ڳوٺ ۾ قادر بخش جي بداعمالن جا افسانا اڃا تائين منھنجن ڪنن تي پھچندا ھئا، جن کي ٻڌي منھنجي دل ڇڄي پوندي ھئي ۽ غور ڪندو ھوس تھ سماج جي حالت اھڙي آھي جو اھا ڪنھن جي قربانين کي چڱين نظرن سان ڏسڻ لاءِ تيار نھ آھي. مون پنھنجي ڀيڻ کي ڏسڻ لاءِ ان وٽ وڃڻ تي گھريو. رات ڏينھن ھن جي شڪل منھنجي اڳيان ٿي ڦري، پر وري اھو ڊپ ٿي ٿيو تھ متان منھنجو وڃڻ ھن جي رسوائي ۽ شرمندگي جو سبب بڻجي، تنھنڪري پاڻ کي روڪي وڌم. مون کي آمنت جي محبت ۾ پورو ڀروسو ھو. مون کي يقين ھو تھ کڻي سماج جي نظرن ۾ آئون ڪيترو ئي ذليل ۽ خوار ڇو نھ ھجان، پر آمنت مون سان اڃا بھ محبت ڪندي ھوندي، ۽ ھن ڳالھھ جو قدر ڪندي تھ پنھنجي ڀيڻ جي زندگي ڪامياب بنائڻ جي خاطر ھن جي ڀاءُ پنھنجي زندگيءَ جون سڀ خوشيون قربان ڪري ڇڏيون. ھڪڙي ڏينھن مون کان رھيو نھ ٿيو ۽ مون آمنت ڏانھن خط لکيو تھ قيد کان ڇٽي نڪتو آھيان ۽ فراشن جي ڳوٺ ۾ ٽڪيو پيو آھيان ۽ جلدي توسان اچي ملاقات ڪندس. خط پڙھندي ئي آمنت جي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي ۽ ھن جو رت سڪي ويو. سوچڻ لڳي تھ قادر بخش جنھن ٽن سالن جي سزا، پئسن کائڻ جي ڏوھھ ۾ ڪاٽي آھي، سو جيڪڏھن وٽس ايندو تھ ڇا ٿيندو؟ منھنجي گھر واري جي عزت خاڪ ۾ ملي ويندي! ماڻھو الائي ڪھڙيون ڪھڙيون  ڳالھيون ڪندا! خبر نھ آھي تھ منھنجي پڇاڙي ڇا ٿيندي؟

آمنت پنھنجي ساھرن مان ڪنھن عزيز کي ساڻ وٺي ۽ مڙس سان بھانو ڪري، پڇائيندي فراشن جي ڳوٺ ۾ اچي نڪتي، ڀلا قادر بخش کي ڪير سڃاني؟ ھو تھ رحمو فقير بڻجي چڪو ھو. کيس ڳوٺ ۾ قادر بخش جو ڏس ڪنھن بھ نھ ڏنو، نيٺ ماڻھن ھن کي صلاح ڏني تھ رحمو فقير وٽ لنگھي وڃ، ان وٽ گھڻا ئي ٿا اچن، توکي ھن وٽان ئي ڏس پتو ملندو. آمنت کي اھا ڳالھھ وڻي سا منھنجي جھوپڙي ۾ لنگھي آئي. شام جو وقت ھو سج اڃا مس لٿو ھو، چئني پاسي اونداھي، ڇانئجي وئي ھئي، فقير جي جھوپڙي ۾ مٽيءَ جو ڏيو ٻري رھيو ھو، ھن وٽ شمعدان ڪٿان آيا، جو شھر جي گھر وانگر جھوپڙي روشن ڪن، ڏئي جي روشني ڀلا جھوپڙي کي ڪٿي ٿي ايترو روشن ڪري سگھي؟ جھڪي روشنيءَ ۾ آمنت ڏٺو تھ ھڪ درويش جنھن جي ڏاڙھي دل تائين آيل ھئي ۽ جنھن جو جٽائون نانگن وانگر ڪلھن تي لھرا ڏيئي رھيون ھيون، جنھن جي شڪل مان ديانت جو رنگ بکي رھيو ھو، شام جي نماز پڙھي تسبيح کنيو وظيفي ۾ مصروف ھو، ٻھ، ٽي ماڻھو ھن جي ساجي ۽ کاٻي پاسي نھايت ادب سان ويٺا ھئا، ڪنھن زال جي پيرن جي آھٽ ٻڌي مون پنھنجون  اکيون کولي ڇڏيون، ٽمڪندڙ ڏئي جي روشنيءَ ۾ شايد ٻيا ماڻھو نھ سڃاڻي سگھيا ھجن، پر منھنجن اکين آمنت جي صورت سڃاڻي ورتي ۽ اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيون، مون گھريو ٿي تھ اتي پنھنجي پياري ڀيڻ کي، جنھن لاءِ مون پنھنجي عزت بھ قربان ڪري ڇڏي ھئي ڀاڪر پائي گڏجان، پر وري ڪجھھ ويچار ڪري خاموش رھيس ۽ آھستھ آواز ۾ کانئس پڇيم، ”ڌيءَ تون ڪٿان آئي آھين؟“

دولت سان کيڏڻ واري آمنت شايد پنھنجي مفلس ڀاءُ جو آواز بھ ڀلجي وئي ھئي، جواب ڏنائين، ”ٽنڊي کان اچان پئي.“

مون کانئس وڌيڪ پڇيو، ”ڌيءَ ڪھڙو ڪم اٿئي؟“

چيائين ”مون کي ھڪ ماڻھو قادر بخش سان گڏجڻو آھي، مون ٻڌو آھي تھ ھن ڳوٺ ۾ ٽڪيل آھي، تنھنڪري اوھان کان ھن جو ڏس پڇڻ لاءِ آئي آھيان، جو اوھان وٽ ھر قسم  جا ماڻھو اچن ٿا.“

مون وري پڇيومانس، ”ڪجھھ تھ ٻڌائي تھ ھو ڪھڙو آھي؟ پوڙھو آھي يا جوان؟“

آمنت: بابا ھن جي عمر پنجويھھ ڇويھھ  ورھيھ ھوندي، ڏاڙھي مڇون ڪوڙائيندو آھي.

مان: تنھنجو ھن سان ڪھڙو واسطو!

آمنت ھو منھنجو مائٽ ٿئي.

منھنجي دل ۾ محبت جي باھھ ھڪ ڀيرو وري ڀڙڪو ڏيئي اٿي، مون سمجھيو تھ شايد آمنت محبت جي جوش ۾ مجبور ٿي، مون کي ملڻ ڪاڻ فراشن جي ڳوٺ ھلي آئي آھي،آئون پنھنجو راز فاش ڪرڻ تي ھوس پر وري ڪنھن خيال روڪي وڌو ۽ سوچي چوڻ لڳس، ”ڇا توکي قادر بخش سان ايتري حب آھي جو ٽنڊي مان ھلي ھتي آئي آھين؟

آمنت: بيپرواھي سان، باب حب ڇا جي؟ عزت جو معاملو آھي، تنھنڪري ھن سان رڳو چار ڳالھيون ڪرڻ لاءِ آئي ھيس، منھنجو چھرو زرد پئجي ويو طبيعت تي گھڻو زور ڏيئي ۽ ضبط کان ڪم وٺي چيم:

ڌيءَ! قادر بخش مون وٽ ايندو ضرور آھي، پر ھو ھن وقت شھر ويل آھي، آڌي رات جو شايد موٽي اچي، جيڪڏھن تون ھن جي لاءِ ترسڻ گھرين تھ تنھنجي لاءِ رات جي ٽڪڻ جو ڪو بندوبست ڪريان؟

آمنت: بابا! مون کي ترسي ڇا ڪرڻو آھي، ھن کي رڳو ھڪ نياپو ڏيڻو ھو، وقت بھ تمام ٿورو آھي، مان ھينئر ئي ٽنڊي وڃڻ ٿي گھران.

مان: (مايوس ٿي) جيڪڏھن توکي ڪو عذر نھ ھجي تھ نياپو مون کي ٻڌائي وڃ، تھ مان قادر بخش جي موٽي اچڻ  تي تنھنجو نياپو کيس پھچائي ڏيندس.

آمنت: بابا! ھن کي ھي چئجو تھ ھو منھنجي گھر ھرگز  اچڻ جي تڪليف نھ ڪري نھ تھ ھن لاءِ ٺيڪ نھ ٿيندو.

نياپو ٻڌڻ شرط منھنجي دل ڀرجي آئي ۽ اکين ۾ پاڻي اچي ويو، پنھنجي نا اميدي، پريشاني ۽ دل جو راز لڪائڻ لاءِ مون پنھنجو چھرو ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيو ۽ ھڪ ڪتاب جا پنا ورائيندي پڇيم:

ڇو؟

آمنت: انھيءَ لاءِ تھ ھن چوري ڪري، تي سال جيل ۾ سزا ڪاٽي پنھنجي عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏي آھي، ھاڻي منھنجو مڙس ھڪ بدمعاش چور سان ڪو واسطو رکڻ نٿو گھري، ھن جي اچڻ ڪري منھنجي ۽ منھنجي ساھرن جي سخت بدنامي ٿيندي.

مان: تنھنجو مڙس شايد ڪنھن چور يا بدمعاش سان واسطو رکڻ نھ گھرندو ھجي پر ڇا تون بھ عزازت ترڪ ڪرڻ گھرين ٿي؟

آمنت: آئون بھ ساڻس ملڻ نٿي گھران، اھڙي بدمعاش سان جنھن کي پنھنجي ۽ پنھنجي خاندان جي عزت جي بھ پرواھھ نھ ھئي، ڪير ملي؟ اھڙي سزا کاڌل چور سان ملي آئون ڪيئن ذلت برداشت ڪندس؟ مون پنھنجي دل جي جذبي کي لڪائيندي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو:

ڌيءَ! ٺيڪ آھي، قادر بخش کي تنھنجو نياپو ضرور پھچائيندس، ھو منھنجي ھر ڪا ڳالھھ مڃيندو آھي، آئون ھن کي منع ڪندس تھ تو وٽ نھ اچي. مون کي اميد آھي تھ ھو ڪڏھن بھ تنھنجي گھر نھ ايندو.

آمنت: بابا! توھين مون تي اھو وڏو احسان ڪندا،  آئون اوھان کي عرض ٿي ڪريان تھ اوھين زوردار اکن ۾ ھن کي چئجو تھ ھو منھنجي گھر ڪڏھن نھ اچي، نھ تھ ھن جي لاءِ چڱو نھ ٿيندو.

آمنت مون کي سلام ڪري ھلي وئي، منھنجي دل ڀرجي آئي مون اتي جيڪا ماڻھو ويٺل ھئا تن کي وڃڻ جي اجازت ڏني سڀني جي وڃڻ کان پوءِ آئون ٻارن وانگر اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳس.

اميد جو پويون ترور بھ غائب ٿي ويو ۽ ھاڻي منھنجي حياتيءَ ۾ ھر طرف اونده محسوس ٿيڻ لڳي، ھاءِ! اھا ڀيڻ بھ مون کي منھن تي چور ۽ بدمعاش ٿي سڏي ۽ منھنجي شڪل ڏسڻ کان بھ بيزار آھي، ۽ مون سان گڏجڻ بھ نٿي گھري، جنھن جي زندگي سڌارڻ ۽ جنھن کي آرام ڏيڻ لاءِ مون چوري ڪئي ۽ پنھنجي عزت جي قرباني ڏنم. جڏھن پنھنجن جو ئي خون سفيد ٿي چڪو ھجي تھ اھڙي خود غرض دنيا، فريبي دنيا ۾ رھي ڇا ڪجي، مون کي آپگھات ڪرڻ جو خيال آھيو، پر اھو اسلام ۾ جائز نھ آھي ۽ مائٽن جيڪا ننڍپڻ ۾ مذھبي تعليم ڏني ھئي سا ڪم آئي، تنھن اھڙي ڪني ڪم ڪرڻ کان روڪيو، تنھن کان سواءِ اھو خيال بھ آيو تھ زماني کي مون تي کلڻ ۽ ٺٺولي ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو. ڪنھن کي اھڙو وجھھ ئي ڇو ڏيان. انھن خيالن مون کي ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ اھڙو ڌونڌاڙيو جو منھنجو  دماغ خراب ٿيڻ لڳو. آئون راتو واھ منھن ڏيئي ڪنھن پاسي نڪري ويس، مون کي خبر ناھي تھ ڪٿي ويس، ڪيترا ڏينھن رليس، پر جڏھن ھوش ۾ آيس تھ پاڻ کي چرين جي اسپتال ۾ ڏٺم، ھاڻي ھتي خلق جي خدمت ڪرڻ ٿو گھران، ھاڻي صاحب سڀ ڪجھھ اوھان تي منحصر آھي.

رحمو فقير اسپتال ۾ گھڻا سال جيئرو رھيو، ھڪ ڏينھن مون وٽ آيو چوڻ لڳو تھ صاحب! ھاڻي اسان جي موڪلاڻي اٿو، ڪنھن ڪنھن وقت اھڙيون ڳالھيون ڪندو ھو، مون کلي ھميشھ وانگر ماٺ ڪئي، ٻئي ڏينھن جڏھن اسپتال پھتس تھ خبر پيم تھ رات رحمو فقير گذاري ويو.

ھندو وڏو ڪلرڪ لاش ميڊيڪل اسڪول موڪلڻ جي تياريءَ ۾ ھو، ڇاڪاڻ تھ جيڪي بنا وارث ھوندا  ھئا، تن جا لاشا وڍ ڪٽ لاءِ اسڪول ۾ سکڻ لاءِ موڪليا ويندا ھئا. مسلمانن جو سڄو عملو منھنجي ڊپ کان ڪڇي نٿ سگھيو، پر سڀئي انتظار جي نظر سان مون کي ڏسي رھيا ھئا، مون حڪم ڏنو تھ فقير جو لاش اسڪول نھ موڪليو وڃي، بلڪھ سندس ڪفن دفن جو بندوبست  منھنجي طرفان ڪيو وڃي ۽ ھن کي اسپتال جي ڀر واري قبرستان ۾ پوريو وڃي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com