سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :12

 

بي وفا

 

ھڪ عجيب و غريب بيمار سان واسطو پيو ھو، مئجسٽريٽ شاموءَ کي ڏھن ڏينھن لاءِ چرين جي اسپتال ۾ تپاس لاءِ ڏياري موڪليو ھو، تھ نامعلوم پٽ نامعلوم جي خون ڪيو آھي ۽ قوي گمان آھي تھ خوني ڪوڙ ڪري چريو بڻجي پيو آھي، جڏھن شروع شروع ۾ شامو آيو ھو تھ منھنجي سوالن جو ڪوبھ جواب نٿي ڏنائين، صفا خاموش ھو رڳو ھيڏانھن ھوڏانھن اکيون ڦيرائي ٿي ڏٺائين. اھو پوءِ معلوم ٿيو تھ سندس نالو شامو آھي، سندس ھلت چلت مان مون کي خبر پئي تھ شامو مکر ڪري چريو ٿي پيو آھي، ڇاڪاڻ تھ ماني بھ برابر ٿي کاڌائين تھ ننڊ بھ برابر ٿي ڪيائين، تنھن کان سواءِ سندس مھانڊي جي قيافي مان بھ ائين ٿي معلوم ٿيو تھ ڪوڙ ڪيو اٿس، ڏھن ڏينھن ڳالھين ڪندي لنگھي ويا، اسان جو قاعدو آھي تھ جيڪڏھن ڏھن ڏينھن جي اندر رايو مقرر ڪري نھ سگھندا آھيون، تھ ٻيا ڏھھ ڏينھن مئجسٽريٽ جي اجازت سان وڌائي سگھبا آھن، ۽ جي انھن ۾ بھ فيصلي اچي نھ سگھون تھ ٽيان ڏھھ ڏينھن اجازت سان وڌيڪ وڌائي سگھجن ٿا. مون کي ويھھ ڏينھن لاچار وڌائڻا پيا جو ڪنھن فيصلي تي نھ پھچي سگھيو ھوس، مون وٽ فوج مان پينشن ورتل ھڪ سپاھي اسپتال جو جمعدار ھو. ڏاڍو سياڻو، سمجھو ۽ قابل ھو. ھن کي گھرائي مون ھدايت ڪئي تھ خوني مون کي پنھنجي ھوش ۽ حواس ۾ پورو ٿو ڏسجي ڇاڪاڻ تھ ھو چڱي طرح کائي پيئي ٿو ۽ خوب ننڊ ڪري ٿو، تنھنڪري ڪنھن طرح ھن کي باز آڻجي تھ ڳالھائي ۽ ٻڌائي تھ ڇا راز آھي، جمعدار نھايت چالاڪ ھو، شاموءَ سان ملي ريھي ريبي، ھن کي ڳالھائڻ تي آماده ڪيائين، پھريائين تھ ھن جي دماغ ۾ ھي خيال وڌائين تھ سپرنٽينڊنٽ کي سڀ ڪجھھ سچ چئي ڏيندو، تھ مون کي اميد آھي تھ ھو ھن کي چريو ثابت ڪري بچائي وٺندو، ڪيترا ڏينھن تھ خوني نھ مڙيو ۽ جمعدار کي سنوت ئي نھ ڏنائين، پر نيٺ جمعدار جي مٿين ڳالھين ۽ ٻين سپاھين جي خاطري ڏيارڻ تي ھڪ ڏينھن جمعدار سان ھيئن احوال ڪيائين.

شامو: جمعدار ڀلا مون کي اھڙين ٿلھين شيخن واري ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرڻ جو ڇا مطلب آھي؟ ڇا اوھين سمجھو ٿا تھ آئون ڪوٺيءَ مان ڀڄي ويندس.

جمعدار: بابا تو خون ڪيو آھي، تنھنڪري سنڀالي رکڻ اسان جو فرض آھي.

شامو: سچ پڇين تھ جيڪڏھن ھن ڪوٺيءَ مان ڀڄي وڃڻ جو پورو پورو موقعو بھ ملي تڏھن بھ آئون پنھنجي آزاديءَ کي موجوه بندي خاني تي ھزار دفعا ٻلي دان ڪري ڇڏيان.

جمعدار: (حيرت ۾ پئجي) ڀلا ڇو؟ ائين بھ ڪڏھن ٿيو آھي  شامو؟

شامو: ھا! ڇو نھ؟ جمعدار! جنھن ماڻھوءَ لاءِ جيون ۾ ھاڻي ڪا دلڪشي نھ رھي ھجي، تننجي اڇا ھن کان سواءِ ٻي ڇا ٿي سگھي ٿي؟

جمعدار: شامو تون تھ اڃان جوان مڙس آھين، پوءِ بھ حياتيءَ کان ايترو بيزار ٿي ويو آھين؟

شامو: نھ جمعدار، تون نھ سمجھي سگھندين ۽ شايد ڪوبھ نھ سمجھي سگھي، جيستائين ڪھ ھو اڪيلو نھ ھجي، ھن سڄي سنسار ۾، تنھنجو بھ تھ ڪو ھوندو زال، ٻار، ماءُ پيءُ يا دوست! ڪو تھ نيٺ ھوندو تنھنجو؟ انھيءَ ڪري حياتي توکي وڻي ٿي، تون موت کان ڊڄين ٿو. جمعدار! پر اھو جنھن جو ڪوبھ نھ ھجي، جو ھن جڳ ۾ پنھنجي پريم سان جوت ٻاري تھ جمعدار ٻڌاءِ تھ ھو ڇو نھ موت جو بيچينيءَ سان انتظار ڪري.

جمعدار: شامو جيڪڏھن ائين آھي جيئن تون چئين ٿو تھ پوءِ ھتي ڇو آئين، پاڻ تي پاڻ ئي اھڙي مصيبت ڇو آندئي، تون جھڙي بي تعلق ماڻھوءَ کي ھتي اچڻ نھ کپندو ھو.

شامو: جمعدار تون سچ ٿو چوين، ھتي اچڻ کان اڳ آئون بي تعلق نھ ھوس، ڳالھھ ھيئن آھي تھ مون پاڻ پنھنجي ھٿن سان ھن سنسار جون سڀئي دلچسپيون ختم ڪري ڇڏيون، مون ھن عورت کي ماري وڌو جنھن سان مون کي پريم ھو.

جمعدار: (کلي) ان جي اھا معنيٰ ٿي تھ توکي ھن سان محبت ئي ڪانھ ھئي، انھيءَ ڪري ئي تھ تون ھن تي ھٿ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين.

شامو: ھائو جمعدار، ھاڻي توکي ائين چوڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ توکي خبر نھ آھي تھ منھنجي آتم ڪھاڻي ڪھڙي آھي.

جمعدار: ڪجھھ بھ ھجي، جيڪڏھن سچ پچ تو ھن جو خون ڪرڻ ٿي گھريو ۽ خون ڪرڻ ۾ ڪامياب بھ ٿي وئين تھ پوءِ توکي مڙس ٿي منھن ڏيڻ کپندو ھو ڊڄڻ ڇا جو، ائين ڪانئرن انگر مکر ڪري چريو ٿي اچڻ ۾ تو پنھنجي نامردي ڏيکاري.

شامو: (ڪجھھ دير سوچيندي) جمعدار ائين نھ آھي، جيئن تون سمجھين ٿو، آئون مرڻ کان ڊڄان ڪين ٿو، پر ڪنھن ڳالھھ مون کي مجبور ڪيو تھ ائين ڪريان ۽ پنھنجي جان بچايان.

جمعدار: چڱو شامو منھنجي خيال ۾ تون پنھنجو سڄو قصو سپرنٽينڊنٽ صاحب کي ٻڌاءِ. ھو رحمدل آھي مون کي اميد آھي تھ ھو تنھنجي مدد ڪندو.

جمعدار مون کي اچي ٻڌايو تھ منھنجو خيال صحيح ھو تھ شامو چريو نھ آھي ۽ پوءِ ھن جون جيڪي ڳالھيون شاموءَ سان ٿيون سي سڀ سربستيون ٻڌايائين. مون جمعدار کي ٻڌايو تھ ھڪ ٻھ ڏينھن ترسي ۽ چڱي طرح جاچي، پوءِ شاموءَ کي مون وٽ وٺي اچي تھ سڄو احوال وٽانئس ھٿ ڪريان، ٽئين ڏينھن جمعدار شاموءَ کي مون وٽ وٺي آيو، مون شاموءَ کي ٻڌايو تھ جمعدار ھن بابت مون سان ڳالھھ ٻولھھ ڪئي آھي. مون ھن کي آٿت ڏني تھ مون کان جيترو پڄندو، ھن جي مدد ڪندس، پر مون کي سڄي معاملي جي پھريائين پوري پوري خبر ھئڻ گھرجي، تھ خبر پوي تھ آئون ڪيتري مدد ڪري سگھندس، شامو پنھنجو قصو ٻڌائڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

منھنجو نالو شامداس آھي ۽ آئون  سيٺ  ھوتچند قتنبر واري جو پٽ آھيان، جنھن جون چانورن جو ملون آھن، منھنجو پيءُ قنبر شھر جو مشھور سيٺ آھي، ڀڳوان اسان کي سڀ ڪجھھ ڏنو آھي، مون پنھنجي اک اھڙي وايو منڊل ۾ پٽي ھئي، جنھن ۾ ڌن جو جذبو ھر شيءِ مان پڌرو ھو، نيپاج اھڙي طرح سان ٿيو، جيئن سيٺين جي بار جو ٿيڻ گھرجي، ماءُ پيءُ جي لاڏ ۽ پيار سبب سکيا پوري ملي نھ سگھي، تنھن ھوندي بھ سنڌي ۽ ڪجھھ انگريزي پڙھي ورتم، ماءُ پيءُ جو دادلو ھجڻ ڪري دنيا جي گھٽين کان واقف نھ ھوس، باقي خراب عادتن جي ڪمي ڪانھ ھئي. راڳ جو شوقين ھوس، ڳائڻ ڪنھن کان سکيو ڪونھ ھوس، پر اھڙو سٺو ڳائي وٺندو ھوس جو مھراج گوبندرام بھ ڪن ھڻندو ھو. آلاپ ھڻندو ھوس تھ رستي تان ماڻھو ھلندي بيھي رھندا ھئا، شراب ۽ ڀنگ جي عادت بھ پئجي وئي ھئي، جو صحبت جو نتيجو ھو، جواني ڇا آئي پنھنجو پوريون بھاريون ساڻ کنيو آئي، چوندا آھن جواني ديواني، آئون ھڪ مست ھاٿيڻ وانگر ھوس، جواني ھيم، پئسا ھئا، ابن ڏاڏن جي عزت ھئي، جيڪي ٿي آيو سو ڪيم ڪير ڪڇي. پريم جو لفظ ٻڌندو ھوس تھ کلي چرچو ڪري اڏائي ڇڏيندو ھوس. پريم کي آئون ھڪ وقتي چريائي سمجھندو ھوس، جا ڪنھن عورت جي موجودگي، گلن شراب ۽ نغمن سان گڏجي پيدا ڪئي ويندي آھي. منھنجا ڏينھن اھڙي طرح عيش ۾ گذرندا ويا، نيٺ ھڪ اھڙو ڏينھن آيو، جو آئون پڪ رنگيءَ کان ٿڪجي پيس، ٻين ماڻھن کي ڏسندو ھوس تھ صاف ۽ سٿري زندگي گذاري رھيا اھن تھ منھنجي بھ دل گھرندي ھئي تھ اھڙو ٿيان، پر جنھن صحبت ۽ وايو منڊل ۾ پئجي ويو ھوس، تنھن کان نڪري اچڻ منھنجي لاءِ ممڪن ئي نھ ھو. قاعدو آھي تھ پاپ ڪرڻ کان اڳي، جيڪڏھن ڪجھھ سوچڻ جو موقعو ملي تھ ممڪن آھي تھ پرش پاپ ڪرڻ کان باز اچي وڃي، پر منھنجون گھڙيون سوچ ويچار لاءِ ٺھيون ئي ڪونھ ھيون؛ پاپ ڪندو ئي آيس، پريم رس سان ڀريل گھاگھر ڪيتري وقت تائين وھندي رھي. ھڪ ڏينھن منھنجي بدمعاش نوڪر ماتادين ٻڌايو تھ، ”سيٺ صاحب گنگوءَ ڌوٻيءَ جي ڌيءَ شياما کي ڏٺو اٿو، ڪھڙي واکاڻ ڪريان  شياما جي! ڏاڍي سندر آھي ڀڳوان جي ليلا چوان يا ڇا. ٻئي ڏينھن گنگو ڌوٻي ڌوتل ڪپڙا شياما جي مٿي تي کڻائي آيو. بس کيس ڏسندي دل وڃائي ويٺس، مون سمجھيو ھو تھ ھڪ ڌوٻيءَ جي ڌيءَ کي ھٿ ڪرڻ ڪا وڏي ڳالھھ ڪانھ ٿيندي. پر ڏاڍو نراس ٿي، گھڻا ئي حيلا ھلايم سڀ اجايا ويا. نيٺ ھڪ ڏينھن ماتادين کيس ڌوڪو ڏيئي تھ شامداس سيٺ جا ڪپڙا ھڪ ڏينھن اندر ڌوئارڻا آھن مون وٽ ڪمري ۾ وٺي آيو. شياما جو وويڪ ۽ جسم ٻئي پاڪ ھئا ۽ منھنجا ٻئي پاپن سان ڀريل. آئون ھن جو منھن تڪيندو رھجي ويس، ڪڇڻ ٿي گھريم، پر اکر ئي نھ اڪيلو. ھوءَ اھو لقاءُ ڏسي حيران ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي چپ ڇو آھيو، سيٺ؟ ڇا آھي مون کي ڇو سڏايو اٿو؟

آئون اھڙو ڪڇان جھڙي ڀت، منھنجي خاموشيءَ تي ھن کي ڪجھھ شڪ پيو، پر ھمت ڪري وري پڇيائين ”سيٺ صاحب ڳالھايو ڇو نٿا؟“ جي ڪجھھ چوڻو ڪونھ ھو تھ پوءِ ڇو گھرايو اٿو؟ چڱو مان وڃان ٿي. ايترو چئي ھوءَ وڃڻ لڳي، مون اڳتي وڌي ھن جو رستو روڪيو ۽ چوڻ لڳس، ”شياما آئون توکان شرمندو آھيان مون کي گھڻو ڪجھھ چوڻو آھي تون ٿورو ترس تھ سھي.“

شياما ھاڻي سڀ ڪجھھ سمجھي وئي منھنجي چوڻ تي بيھي رھي، پر ھن جي اکين مان باھھ جا الا نڪري رھيا ھئا ۽ ھن جي شڪل ھڪ خوني شينھن وانگر غضبناڪ نظر اچي رھي ھئي، مون کي ڏسي چوڻ لڳي، ”شرمنده تون شرمنده! برابر توکي شرم اچڻ گھرجي، پر نھ شرمندگي تھ اسان غريبن جي لاءِ آھي. ڀلا سنگھڻ واري جو ڪھڙو دوش، جڏھن گل ۾ چڱو واس ھجي، ڪيئن ائين آھي نھ؟ مان لڄارو ٿيندي ھن کي جواب ڏنو، ”نھ نھ شياما تو مون کي سمجھيو ئي ڪين آھي.“

منھن ڳاڙھو ڪندي ھن مون کي جواب ڏنو، مون سمجھيو نھ آھي؟ آئون اوھان شاھوڪارن کي خوب ٿي سمجھان، اسان غريبن جي محنت مزدوري، سکر ۽ آرام وانگر اسان جي عزت بھ اوھان جھڙن شاھوڪارن جي بنا قيمت خريد ڪيل مال وانگر آھي.“

مون وري تڪڙو تڪڙو ھن کي چيو ”شياما! نھ! تو ڀلي آھين! آئون تو سان پريم ٿو ڪريان سچو پريم.“

اھو ٻڌندي ئي ھو ڌڪار سان کلڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي. ”پريم کي بدنام ڪرڻ وارا آئون توکي چڱي طرح سان سڃاڻان ٿي، جنھن کي پراين استرين ۾ ھٿ وجھندي لڄ نٿي اچي، جنھن کي پراين پترين جو ٻليدان ڏيندي بھ ڀئو نٿو ٿئي ۽ پنھنجي ڪامنا پوري ڪري ٿو سو مون کي ٻالي ڀولي نينگر سمجھي پريم آلاپڻ جي ڪوشش پيو ڪري، آئون تنھنجي ڄار ۾ ڦاسڻ واري نھ آھيان.“ ھن جي اھڙي جرئت ۽ ھمت ڏسي آئون اچرج ۾ پئجي ويس، مون جھڙي پراڻي پاپيءَ کي ڌوٻيءَ جي ڌيءَ ھٿان اھڙي شڪست نصيب ٿئي، سو سڀ ڪجھھ پريم جو پرڪاش ھو، مون وري وينتي سان چيو، ”شياما! تون ڀلي آھين! ڇا منھنجو پريم آزمائڻ ٿي گھرين.“

شياميا وراڻيو، ”ڇو نھ! مون کي بھ پورو پورو اڌيڪار آھي، تھ جيڪو پريم جي ڊاڙ ھڻي تنھن کي آزمايان، ڇا تون مون سان وواھھ ڪرڻ لاءِ تيار آھين! جي ھا تھ آئون تنھنجي جنم ساٿي ٿيڻ لاءِ تيار آھيان نھ تھ وٺ پنھنجو رستو.“

شياما جو شرط ٻڌي آئون وائڙو ٿي ويس، ھيءَ ڳالھھ اھڙي نھ ھئي جو يڪدم قبول ڪري وٺان ھا آئون سوچي رھيو ھوس تھ کيس ڪھڙو جواب ڏيان، شادي ڪرڻ وٺڻ تھ ممڪن ھو پر منھنجي دل ۾ ڪجھھ شڪ پيدا ٿيا ۽ شاديءَ کي ناممڪن ڪري خاموش رھيس. آئون ھن کي پنھنجي زال ڪيئن ٿي ٺاھي سگھيس، ڳوٺ جا ماڻھو ڇا چوندا آئون سيٺ جو پٽ ۽ ھوءَ ھڪ ڌوٻياڻي. ماءُ پيءُ سان ڪيئن ڳالھھ ڪڍان ھا، جنمن تائين ھو ھائو نھ ڪن ھا. ھڪڙي ڌوٻياڻي ۽ منھنجي زال بڻجي، جيڪڏھن آئون ھنن کي چوان بھ ھا تھ ھو مون کي چريو سمجھن ھا.

مون کي ھيتري دير تائين خاموش ڏسي شياما چوڻ لڳي، ”ڇو سيٺ صاحب پريم جو نشو لھي ويئي.“ ائين چوندي ھوءَ منھنجي ڪمري مان ھلي وئي، شياما کان سواءِ منھنجي جيون ۾ ڪو رس نھ رھيو ھو، گھڻي ڪوشش ڪيم تھ ھن کي پنھنجي دل تان ميساري ڇڏيان، پر ناممڪن ٿي پيو پاڻ کي وري پراڻين عادتن ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪيم، پر اھي وڻيون ئي ڪين ٿي. شراب ڄڻ زھر ٿي لڳو. شياما سان ڌوٻي گھاٽ تي ملڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ھن پرواه ئي نھ ڪئي. نيٺ مون پڪو ارادو ڪيو ۽ ھڪ اونداھي رات جو گھٽيءَ ۾ شياما کي چيم، ”شياما! تو جيڪي چيو ھو تنھن تي ھيترا ڏينھن ويچار پئي ڪيو اٿم، نيٺ پڪو پرن ڪري آيو آھيان، ڇا تون بھ تيار آھين. سماج کليو کلايو اسان کي وھانءُ ڪرڻ نھ ڏيندو. تنھنڪري ھلي پنھنجو سنسار وسائينداسين، جتي پريت جي ريت کان سواءِ ٻي ريت نھ ھوندي، ڇا تون ھلڻ لاءِ  تيار آھين.“ شياما راضي ٿي وئي، ٻئي ڏينھن اسان ماٺ ميٺ ۾ قنبر مان ڀڄي نڪتاسين. حيدرآباد پھچي ميرپورخاص جو رخ رکيوسين، ھتان ڍورو نارو وڃي ساھھ پٽيوسين، مسافريءَ جون اھڙيون تڪليفون مون جھڙي نازڪ مزاج ڪڏھن ڪين سٺيون ھيون، عشق در در جون ٺوڪرو کارائي ٿو، سو کائڻيون پيون. تڙ تڪڙ ۾ ايترا پئسا بھ پاڻ سان ڪين کنيا ھيم ۽ جيڪا پونجي ھئي  سا مھيني ٻن ۾ کٽڻ تي اچي پھتي ھئي، شياما سان ڳالھھ ڪيم سا ڏاڍي چنتا ۾ پئجي وئي، ھن ڀانيو ھو تھ پاڻ سان جام ڏوڪڙ کڻي نڪتو ھوندس. نيٺ صلاح بيھاريسين تھ ڍوري ناري ۾ ڪپھھ جي ڪارخاني ۾ نوڪري ڪريان. ڪيترا ڏينھن سيٺ جي پٺيان رلڻ کان پوءِ  مس مس نوڪري ملي. ڪارخاني جي ويجھو مزدورن جي بستيءَ ۾ رھڻ لاءِ مٽيءَ جو ھڪڙو ننڍڙو گھر بھ مليو، مزدورن جي رھڻي ڪرڻيءَ مان پتو پيو تھ ڪارخاني جو ڪو گھڻو چاڙھو ڪونھي، مزدورن جي شڪل مان صاف لنگھڻ جا نشان بکي رھيا ھئا، سندن اکيون ڏرا ڏيئي آيول ھيون. نراڙ تي مٽي لڳل، نھايت ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا، صدريون بھ ڪنھن ٿلھي ڪپڙي جون ٺھيل، اڳيان سينو کليل. ٽنگن ڏانھن نھارين تھ جھڙيون سڪل ٺوٺ. ڌوتيون ڏسو تھ ميريون چتيون لڳل، اگھاڙن پيرن جون تريون ٽڪيل. مطلب تھ مزدورن کي ڏسي سرمايھ داري ۽ غريبيءَ جو نقش اکين اڳيان ڦري ٿي ويو. مون کي ڏڪڻي وٺي وئي تھ ڀڳوان خير ڪري، ھتي ڪيئن گذار ٿيندو، پر لاچار کي آچار ڪونھي، انھيءَ مزدوريءَ کان سواءِ في الحال ڇا ٿي ڪري سگھيس، صبح کان وٺي شام تائين ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو ھوس، رات جو ڪوٺيءَ تي ٿڪل ٽٽل اچي پئجي رھندو ھوس، شياما کي منھنجي عاجزي ۽ ناداريءَ جو ڪافي تجربو ٿي چڪو ھو، منھنجي پريم کي سمجھندي، ھن جو فرض ھو تھ مون سان ھمدردي ڪري ھا، اھڙي اوکي ويل ۾ منھنجي سھائتا ڪري ھا، ھو اٽلو مون سان ڇڪجڻ لڳي، پر مون ڪنھن ڳالھھ جي پرواه ڪانھ ڪئي ۽ ڪارخاني ۾ وڌيڪ ڪم ڪري پئسا ڪمائي پئي کيس کارايم ۽ لٽا ٺھرائي ڏنم. وقت گزرندي ويرم ئي نھ لڳندي آھي، گھران ڀڄي نڪرندي سال گذري چڪا ھئا جو پورنماشيءَ جي ڏينھن ڀڳوان اسان کي سھڻي چنڊ جھڙي ڌيءَ ڏني. مزدور جي اونداھي ڪوٺيءَ ۾ جوت ٻري پئي. ھاڻي مون کي شياما جي ڪڙين ڳالھين جي پرواه نھ رھي ھئي، مان پنھنجي پورنما جي چاھ ۽ سک ۾ اھڙو مگن ھوس، جو جڳ کي بھ وساري ڇڏيم.

انسان کي ھڪ ڀيرو نڀاڳ کڻندو آھي تھ ڇڏندو ئي ڪونھي، مون سان بھ اھڙي ئي ويڌن ھئي، ھڪ ڏينھن ڀڳوان جو مون تي ڪوپ ٿيو، مان ڪارخاني ۾ وڏي مشين واري پٽ تي بيٺو ھوس، تھ اوچتو مشين جو پٽو ٽٽي پيو ۽ منھنجو ساڄو ھٿ ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو. مون پاڻ کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر منھنجي ساڄي ھٿ جو چار آڱريون وڍجي پيون رت ريلا ڏيئي وھڻ لڳو، جيئن تيئن ٻين مزدورن مون کي کڻي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ آندو. ڪارخاني جو ڊاڪٽر آيو، جنھن گھڻي ڪوشش کان پوءِ وڌيڪ رت وھڻ کي روڪيو ۽ آڱريون سبڻ کان پوءِ پٽي وغيره ڪري ھليو ويو. ٿورا ڏينھن مزدور ۽ پاڙيسيري پڇڻ لاءِ ايندا ھئا، پر ڪجھھ وقت کان پوءِ ماٺ ٿي وئي، ڄڻ شامو ڪجھھ ھو ئي ڪونھ. آئون ھوس شياما ھئي ۽ ننڍڙي پورنما. ٿورو گھڻو پئسو جو وڌيڪ ڪمائي ڪري گڏ ڪيم ھوم سو بھ آھستي آھستي پورو ٿيڻ تي آيو. ڪمائڻ وارو جي کٽ تي پوي تھ ڏوڪڙ ڪٿان اچن! ھڪ پاسي سندر زال بکي وگھي پئي مري، تھ ٻئي طرف نردوش ٻالڪڙي ڪنڊ ۾ بک وچان پئي رني، تھ ٽئين پاسي غريب ۽ نادار مزدور جنھن پنھنجي اوستا ۾ ڪڏھن ڏک نھ ڏٺو ھو ۽ لاڏ ڪوڏ سان پليو ھو، سو بک جي تڪليف کان نسوت ۽ نٻل ٿي پيو ھو جن کي ڪنھن بھ نٿي پڇيو،  پائي بھ ڪانھ بچي ھئي ۽ اچي بھ ڪٿان ھا؟ ھڪ ڏينھن ٻنپھرن جو اک لڳي وئي، سمھي اٿڻ کان پوءِ جو ڏسان تھ شياما ۽ پورنما جو گھت ۾ پتو نھ ھو. شياما کي سڏ ڪيم پر ڪو جواب نھ مليو، سمجھيم تھ ڪنھن پاڙيسيريءَ وٽ وئي ھوندي. ڪلاڪ ٻھ انتظار ڪيم پر نھ آئي، ڏاڍو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويس، بخار حد کان وڌيڪ ضعيف ڪري ڇڏيو ھو، تنھن ھوندي بھ ڀتين کي ٽيڪ ڏيندو، اٿيس ۽ دوازي تائين جيئن تيئن ڪري پھتس، شياما کي ڏاڍا سڏ ڪيم، پر ڪو جواب ڪونھ مليو. رامي پاڙيسيريءَ کان پڇيم پر ھن کي بھ ڪجھھ معلوم نھ ھو، شام تائين سڄي پاڙي کي خبر پئجي وئي تھ شياما ڀڄي وئي، پھريائين جڏھن بيمار ھوس تھ ڪو ڪونھ ٿي پڇڻ لاءِ آيو، ھاڻي جي ڏسو تھ ھي آيو ۽ ھو آيو، زالون مڙس سڀئي ھڪ ٻئي پٺيان پئي آيا ۽ منھنجي فٽن تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪي ھليا ٿي ويا. ھي آھي جڳ جي ريت، شياما جي انھيءَ حرڪت کان آئون شرم ۾ ٻڏو پيو ھوس، ڇا ڪري ٿي سگھيس، منھنجي غيرت نھ گھريو تھ ڳوٺ ڏانھن موٽان، يا انھن کي خبر ڏيان. مون کي خبر ھئي تھ جيڪڏھن انھن کي خبر پوي ھا تھ آئون ڪٿي ھوس تھ سڀ ڪجھھ وساري منھنجي سھائتا ڪن ھا، نيٺ ڪوٺي ڇڏي وڃڻو پيم، ھٿ بيڪار ٿي چڪو ھو، تندرستي جواب ڏيو بيٺي ھئي، ھاڻي ڪنھن بھ ڪم جي لائق نھ رھيو ھوس، پنڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نھ ھو، سڙڪ جي ڪناري آئي وئي کان پيو پنندو ھوس ۽ ائين پنھنجو پيٽ پاليندو ھوس، تپ جي ڪري ھتان ٻئي ھنڌ وڃي نٿي سگھيس، نيٺ ڪارخاني جي ويجھڙائي ۾ ڇھھ مھينا گذاريم تان جو تپ ٽٽو، ڪجھھ طاقت آئي ۽ اڳتي ھلڻ جھڙو ٿيس، شياما جو ڪٿان بھ پتو نھ پيو. ڍوري ناري کان پنڌ ڪندو ڇھن مھينن ۾ ميرپور پھتس، ميرپورخاص ۾ گذران پنڻ تي ھو جو آڱرين وڍجڻ جي ڪري ٻئي ڪنھن بھ ڪم جو نھ رھيو ھوس، ميرپورخاص ۾ اھڙي طرح وقت گذاريم.

ھڪ ڏينھن اوچتو ماڻھن کي چوندو ٻڌم تھ حيدرآباد جي شھر ۾ ناٽڪ ڪمپني آئي آھي، جنھن جو کيل ”بيوفا پتلي“ ڏسڻ وتان آھي. ان ۾ ھڪ ائڪٽرس شياما نالي ڏاڍو سٺو ڪم ٿي ڪري، منھنجي دل اھو ٻڌي تڪڙي تڪڙي ھلڻ لڳي، نھ ڄاڻان اھا مون واري شياما ھجي. نيٺ حيدرآباد پھچڻ جا پھھ پچائي ريل ۾ بنا ٽڪيٽ جي چڙھيس، پر واٽ تي جھلجي پيس، بابو پوليس جي حوالي ڪرڻ تي ھو پر آزيو نيزاريون ڪري ھٿ پير جوڙي پنھنجي جند ڇڏايم، بابو رستي تي ھڪ اسٽيشن تي لاھي ڇڏيو. وري ريل ۾ چڙھڻ جي ھمت نھ ڪيم، پيرين پنڌ حيدرآباد ھليس جو مھينن کان پوءِ ھتي پھتس خبر پيم تھ ناٽڪ ڪمپني اڃا حيدرآباد ۾ آھي. ھڪڙي ڏينھن ڏٺم تھ سانجھيءَ جي مھل گھوڙي گاڏي ۾ عورت چڙھيو پئي وئي، آئون تلڪ چاڙھيءَ جي دڪانن تي انھيءَ وقت پني رھيو ھوس تھ دڪاندارن ۾ اھي ڳالھيون ٿي رھيون ھيون تھ اجھو اھا شياما ٻائي ناٽڪ ڪمپنيءَواري وڃي پئي، مون بھ پنھنجو منھن ڦيرائي ڏٺو تھ منھنجون اکيون ھن جي چھري تي کپي ويون. غور سان ڏٺم تھ سڃاڻي ورتم تھ برابر اھا شياما ھئا، قسمت اڄ ھن کي ڌوٻياڻيءَ مان شياما ٻائي بنائي ڇڏيو ھو، ۽ سيٺ شامداس کي ھڪ پينو فقير. دل جھلي ھڪ ڪنڊ ۾ ويھي رھيس، لاچار ھوس، بيوس ھئس، پنھنجي ڪيتا لوڙھي رھيو ھوس، اوچتو پنھنجي نردوش ٻچڙي جو خيال آيو، شياما ۽ آئون کڻي ڪيترو بھ ڪريل ڇو نھ ھجون پر تڏھن بھ ھوءَ منھنجي ڌيءَ ھئي، سيٺ ھوتچند جي آڪھھ جي پنھنجي ڪل کي ٽڪو لڳل نھ ڏيندس. شياما کڻي ڇا بھ ٿي ھجي، نيٺ ھوءَ پنھنجي ذات تي وئي ھئي، پر پورنما تھ منھنجي ٻچڙي ٿئي، ھيرو گپ ۾ ڪرڻ کان پوءِ بھ ھيرو ئي رھندو آھي، آئون پورنما کي وحشيا ٿيڻ کان بچائيندس. انھيءَ رات آئون جيئن تيئن ڪري شياما جي گھر پھتس. مون کي ڏسي وائڙي ٿي وئي، مون کيس چيو، ”شياما منھنجي پريم جو ھي ڦل توکي ائين لائق نھ ھو، ايترو تھ خيال ڪرين ھا تھ مون پنھنجو تن من ۽ ڌن سڀ تنھنجي پريم جي ارپڻ ڪري ڇڏيا، شياما مون کي ڌڪاري ڇڏيو، منھنجي ڳالھھ بھ نھ ٻڌائين، نيٺ مون کيس چيو تھ ”چڱو جيڪو توکي وڻي سو ڪر منھنجي ڌيءَ مون کي موٽائي ڏي.“

شياما نھ مڙي، اٽلو چوڻ لڳي، ”بکاري پنھنجو پيٽ تھ نٿو پالي سگھين، ڇوڪريءَ کي ڪٿان پاليندين؟“

جواب ڏنومانس تھ”شياما تون ڀلجين ٿي! ياد رک اڃا لکن جي ملڪيت اٿم، پر تنھنجي پريم تي اھا گھوري ڇڏي ھيم ھاڻي پورنما جي لاءِ وري ان جو شرن وٺڻو پوندو.“

پر ڪٺور دل شياما، بيوفا پتلي، منھنجي ھڪ ھڪ ڳالھھ ٿڏي ڇڏي ۽ نوڪرن کي سڏي مون کي ٺوڪرون ھڻائي ٻاھر ڦٽو ڪري ڇڏيائين، آئون سور پي اتان ھليو آيس. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ وري شياما گاڏيءَ ۾ ويٺل سري گھاٽ کان لنگھي ۽ ان سان گڏ منھنجي ٻالي ڀولي پورنما بھ ھئي، خبر ناھي تھ ڪھڙي جذبي ھيٺ آئون ٽپ ڏيئي گاڏيءَ تي چڙھي ويس، ۽ ڏنڊو جو منھنجي ھٿ ۾ ھو، پنھنجي پوري طاقت سان شياما جي مٿي ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ھنيم ۽ پوءِ پورنما کي کڻي ڀڄڻ تي ھوس، پر ايتري گوڙ ۽ ماڻھن جي ڀيڙ مان نڪري وڃڻ ڪو سولو ڪم نھ ھو، سو جھلجي پيس. شياما کي اسپتال کڻائي ويا، جتي ھوءَ ٽن ڏينھن کان پوءِ ڌڪن جي وگھي مري وئي. مون کي پورنما جو خيال ھو تنھنڪري چريائيءَ جو ڍونگ ڪري ھتي آيو آھيان. ھڪ خانداني نينگريءَ کي ظالم سنسار جي حوالي ائين ڪيئن ٿي ڇڏي سگھيس. خبر نھ آھي تھ ھاڻي ڇا ٿيندو، مون کي پنھنجي مرڻ جو ايترو ويچار ڪونھي، جيترو پاپي دنيا کان ھڪ نردوش ٻالڪ کي بچائڻ جو.

شاموءَ جي آتم ڪھاڻي ٻڌي مان حيرت ۾ پئجي ويس، ٻئي ڏينھن خبر پيم تھ شاموءَ کي سخت بخار آھي، تپاس کان پوءِ پتو پيو تھ مدي جو تپ اٿس، ھفتي کان پوءِ ڊبل نمونيا ٿي پيس، سندسن حالت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي وئي، کيس بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم، ڏٺم تھ شايد بچي نھ سگھي، تنھنڪري ايڪسپريس تار سيٺ ھوتچند کي قنبر موڪليم تھ شامو مون وٽ چرين جي اسپتال ۾ داخل آھي، سندس حالت تمام نازڪ آھي، جلدي اچو. ٻئي ڏينھن ماڻھو ڊوڙندو آيو تھ شامو ٿو سڏي، آئون تڪڙو تڪڙو وارڊ ڏانھن روانو ٿيس، ڏٺم تھ شامو نھايت گھڻي تڪليف ۾ آھي، ۽ گھڻو بيچين پڻ نظر پئي آيو، مون کي ڏسندي اکين ۾ پاڻي آڻي چوڻ لڳو. ”ڊاڪٽر صاحب! منھنجي ٻچڙيءَ جي پارت ھجيو.“ ايترو چئي پساھ ڇڏيائين.

ڪلاڪ کان پوءِ سيٺ ھوتچند سڄي گھر سوڌو ڪوٽڙي واري گاڏي اچڻ کان پوءِ اسپتال پھچي ويو. کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايم. پھريائين ٿورو ڏوراپو ڏنائين، کيس سمجھايم تھ مون کي پاڻ ھفتو کن اڳي خبر پئي ھئي تھ شامو اوھان جو پٽ آھي، وري سندس بيماريءَ منجھائي وڌو، جيڪي ٿيڻو ھو سو ٿي گذريو. پر ھاڻي مرڻ واري جي وصيت پوري ڪرڻ گھرجي. ڪوشش ڪري سندس ابلا نياڻي ھٿ ڪريو، سيٺ مون سان وعدو ڪيو تھ ڇا بھ ٿي پوي نينگري ضرور ھٿ ڪندس.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com