سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :20

 

مھاتما

 

ھڪ ڏينھن آئون انھن چرين جا جھونا فائيل اٿلائي پٿلائي رھيو ھوس، جن کي اسپتال ۾ داخل ٿئي ٻن ورھين کان مٿي عرصو ٿي گذريو ھو ۽ اھي چريا جيڪي اڃا تائين چڱا ڀلا ڪين ٿيا ھئا. ھڪ چرئي گھنشام جي ڪيس، منھنجو گھڻو ڌيان ڇڪايو، فائل جي منڍ واري صفحي تي پڙھي ڏٺم تھ ڪھڙي قسم جي چريائين اٿس تھ معلوم ٿيو ھن کي ماليخوليائي چريائي آھي. چريائين جا بھ تپ وانگر جدا جدا قسم ٿيندا آھن، ۽ ھن کي جيڪا بيماري ھئي سا ٿورو مشڪل سان چڱي ٿيندي ھئي، پر آئون انھيءَ ڳولا ۾ ھوس تھ اھڙا جھونا ڪيس ڳولي ڪڍان جن کي اڃا فائدو نھ ٿيو ھو تھ انھن تي نئون برقي علاج آزمائي ڏسجي، گھنشام جو سڄو ڪيس منڍ کان پڙھي ڏٺم تھ معلوم ٿيو تھ ٻن سالن جي عرصي ۾ ھو چار ڀيرا برابر ھوش ۾ آيو ھو، پر اھو ڪنھن علاج جو نتيجو نھ ھو، بلڪھ از خود ھوش ۾ اچي ويو ھو، جو فقط ٿورا ڏيھن رھيو ھو پوءِ وري پنھنجو ھوش وڃائي ويٺو ھو. اھا چريائپ دوري جي شڪل ۾ ٿيندڙ ھئي يعني ھوش کان پوءِ يڪدم طبيعت ۾ جوش ۽ تيزي اچي ويندي ھئي، جا ڪن ڏيھن کان پوءِ اداسيءَ ۽ موڳائيءَ ۾ بدلجي ويندي ھئي، ڪن ڏينھن کان پوءِ اھا موڳائي وري کيس ھوش ۾ آڻيندي ھئي، ڪيس پڙھندي معلوم ٿيو تھ گھنشام جو دماغ زال جي مرڻ کان پوءِ خراب ٿيو ھو ۽ اھو بھ معلوم ٿيو تھ سندس زال جو موت بھ عجيب غريب نموني سان ٿيو ھو، تنھنڪري مون کي ڏاڍي اڻ تڻ ھئي تھ ڪنھن طرح حقيقت معلوم ڪريان.

چرين مان سندس پيٽ جي ڳالھھ ڪڍڻ اھڙو سولو ڪم نھ آھي جيئن ڪو سمجھي ٿو، ڇاڪاڻ تھ انھن جي شڪي طبيعت ٿيندي آھي، ٻيو تھ ھو ٻين تي ڀروسو گھٽ ڪندا آھن، مون جڏھن ڏٺو تھ ھو موڳائيءَ واري حالت ۾ ھو تھ ان تي بجليءَ جو علاج شروع ڪيم جنھن جو نتيجو اھو ٿيو تھ ھو ھوش جي حالت ۾ اچي ويو، جڏھن بھ ھو ھوش جي ھالت ۾ ھوندو ھو تھ ھن سان ھتي ھتي جون ڳالھيون ڪري، پاڻ ان جو ويساھھ وڌايم پر ھو جلد جوش ۽ تيزيءَ واري حالت ۾ اچي ويندو ھو تھ ھن کي ٺارڻ واريون دوائون ڏيندو ھوس، اھڙي طرح سال ڏيڍ ۾ ٿورو ٿورو ڪري مون ھن جو سڄو راز ھٿ ڪيو جو ائين ھو:

آئون ھڪ چڱي خاندان جو اولاد آھيان، اصل ويٺل لاڙڪاڻي جو ھوس، انجنيئري کاتي ۾ وڏو ڪلاڪر ھوس، منھنجي بدلي حيدرآباد ٿي تھ پنھنجي زال کي ڇڏي اچي نوڪريءَ تي چڙھيس، ھڪ دوست وٽ ٽڪيل ھوس، پر روزانو رھڻ لاءِ ڪنھن جڳھھ ھٿ ڪرڻ جي تلاش ۾ ھوندو ھوس، تھ کاڌي پيتي ۽ رھڻ ڪرڻ جي مصيبت کان ڇٽي پوان. ھڪ ڏينھن قلعي جي دروازي واري پاڙي مان لنگھندي ڪاغذ جي ھڪ تختيءَ تي لکيل پڙھيم تھ مسواڙ تي جاءِ خالي آھي، تختي پڙھي آئون ترسي پيس، جيتوڻيڪ جڳھھ منھنجي آفيس کان گھڻو پري ھئي، ۽ ڏسڻ ۾ بھ ايتري صاف ۽ سٿري نھ پئي آئي. پر پاڙي ۾ ايترو ڳوڙ شور نظر نھ آيو. جڳھھ کي جاچي ڏسڻ مان معلوم ٿيو تھ جاءِ جو مالڪ ڪو شوقين مزاج ڪونھي پر مون ان جي ڪا پرواھ نھ ڪئي ڇاڪاڻ تھ سمجھيم تھ جيڪڏھن جڳھھ ھٿ اچي وڃي تھ گھر صاف سٿرو رکڻ ۽ ان کي سينگارڻ پنھنجي اختيار جي ڳالھھ آھي. گھر جي وڏي دروازي جو ھڪ پاسو کليل ھو ۽ ھڪ بند ھو، مون دروازي جو ڪڙو کڙڪايو تھ ھڪ ماڻھو ٻاھر نڪري آيو، ڏٺم تھ ھن کي رھو ڌوتي پيل ھئي، بدن اگھاڙو ھوس مٿي تي تلڪ ۽ پاسي کان جڻيو پيل ھوس ۽ ھٿ ۾ مالھا ھيس. مون کانئس پڇيو تھ ”گھر جو مالڪ ڪٿي آھي؟“ ھن تمام خشڪ لھجي ۾ پڇيو، ”ڪھڙو ڪم آھي؟“ ھن سوال اھڙي ڍنگ سان پڇيو جو جواب ڏيڻ جي مرضي ڪانھ ھيم، پر وري بھ مون چيو، ”ڇا ھيءَ جاءِ خالي آھي؟“

انھيءَ تي دروازي جا ٻئي پاسا کوليندي ھن چيو، ”ڇا اوھين جاءِ ڏسڻ آيا آھيو؟ اوھان کي گھر جي ضرورت آھي؟ چڱو اندر ھليا اچو.“

آئون ھن جي پٺيان اڱڻ لنگھي ورانڊي ۾ پھتس، سج لھي چڪو ھو تنھنڪري اونداھي ھئي، پر انھيءَ اونده ۾ ھڪ پاسي صندل پيو ھو ۽ صندل جي سامھون تلسي جي ڪونڊي ھئي، مون کي بيٺل ڇڏي ھو ماڻھو صندل تي ويھي، مالا جپڻ لڳو ۽ وات سان ڪجھھ شلوڪ پڙھڻ لڳو. مون کي ھن جي انھيءَ فعل تي ڏاڍي ڪاوڙ پئي آئي ۽ حيرت بھ ھوس تھ ڪو اجنبي گھر ۾ لنگھي آيو آھي ۽ اونده ۾ بيٺو آھي تھ بھ ھن ۾ ايتري لياقت ڪانھي جو مون کي چئي ھا ويھو ۽ بتي ٻاري اٽلندو  پاٺ ڪرڻ ويھي رھيو آھي. آئون اڃا سوچي رھيو ھوس تھ اوچتو ھن شلوڪ پڙھڻ بند ڪري ڇڏيا، ڄڻ اچانڪ ڪجھھ ياد آيو ھجيس ۽ چوڻ لڳو. ”اڙي اوھان اڃا بيٺا آھيو! اچو ويھو! آئون ان وقت ھميشھ پوڄا پاٽ ڪندو آھيان. من ڏاڍو چنچل ھوندو آھي، تنھنڪري گيتا پڙھندو آھيان.“ ايترو چئي ھو چپ ٿي ويو، ڄڻ تھ ھن کي جيڪي چوڻو ھو سو چئي لاٿائين، آئون صندل جي ھڪ ڪنڊ تي ويھندي سوچڻ لڳس  تھ، ”عجيب ماڻھو آھي! شايد مغز پورو جاءِ  تي ڪونھ اٿس.“ اڃا اھو سوچي رھيو ھوس تھ ھن چيو، ”ھان! اوھين جاءِ ڏسڻ آيا آھيو.“ سوال اڍنگو ھو، پر تنھن ھوندي بھ مون چيو: ”ھا!“

چڱو! اوھان جاءِ ڀلي ڏسي وٺو، انھيءَ کي پنھنجو ئي گھر سمجھو، جيڪڏھن اوھان کي پسند آھي تھ ھليا اچو.

گھر کي بنا ڏسڻ جي ئي مون سمجھي ورتو ھو تھ گھر ۽ صاف کليل آھي، مون جھڙي ماڻھوءَ لاءِ ننڍو بھ ڪين ھو، مسواڙ لاءِ پڇيم تھ جواب ڏنائين، ”نھ- نھ مسواڙ بابت اوھين ڇڏي ڏيو آئون ڀاڙي تي گھر نٿو ڏيان پر گھر ۾ ڪو ڏيو ٻارڻ وارو ھجي بس اھوئي مون لاءِ گھڻو ڪجھھ آھي.“

ھاڻي ھي ماڻھو منھنجي لاءِ ھڪ ڳجھارت بڻجي رھيو ھو. مسواڙ جي ڳالھھ ڇڏي ڏيان تھ باقي ڳالھھ ئي ڪھڙي ٿي، آئون اڃا ويچار ڪري رھيو ھوس تھ ڪھڙو جواب ڏيانس تھ ھن کي ڄڻ ڪا وسريل ڳالھھ ياد آئي ھجي جو مون کي پڇڻ لڳو. ”اوھين اڪيلا آھيو.“ مون جواب ڏنو: ”مون سان گڏ ھڪ نوڪر ھڪ نوڪر بھ آھي.“ نھ نھ منھنجو مطلب آھي تھ ”تو سان گڏ استري تھ نھ آھي.“

”نھ“

”تڏھن ٺيڪ آھي، گھر ۾ استري ھئڻ ڪري ڀڄن ۾ روڪ ٿئي ھا.“

آئون حيرت ۾ پئجي ھن جي طرف اونده ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس،  ھن ٻيو سوال ڪيو، ”ڇا تو پرڻيو نھ آھين؟“

شادي تھ ڪئي اٿم پر زال ڳوٺ رھندي آھي ڪڏھن سال ڇھين مھيني اچي ويندي آھي. اھو ٻڌي ھو مالھا جپڻ لڳو، وري ٿوري دير کان پوءِ پڇڻ لڳو، ”ڀلا پوءِ ھتي ڪڏھن ٿا اچو.“

مون چيومانس تھ، ”پر مسواڙ کان سواءِ آئون رھڻ پسند نھ ڪندس.“

چيائين، ”چڱو! چڱو! جيڪڏھن اھا ڳالھھ آھي تھ پوءِ جيڪي من اچئي سو ڏجو.“

ھن کان پوءِ ھن مون بابت گھڻيون ڳالھيون پڇيون جھڙوڪھ آئون ڇا ٿو ڪريان، منھنجا ڌرمي خيال ڪھڙا آھن. منھنجو اٿڻ ويھڻ ڪنھن سان آھي، منھنجي طبيعت ڪئين آھي. وغيره وغيره.

پوءِ ھن مون کي موڪل ڏني، مسواڙ جو فيصلو ٿي چڪو ھو، مون ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻ جو واعدو ڪيو.

آئون نئين گھر ۾ اچي ويس پر گھر جي مالڪ مھاتما جي زيارت ڏاڍي گھٽ نصيب ٿيندي ھئي، آسپاس جا پاڙيسيري بھ ان بابت ڪجھھ وڌيڪ نھ ڄاڻندا ھئا، جيڪڏھن ڪجھھ خبر بھ ھين تھ رڳو ايترو تھ ھي شخص ڪٿان ٻاھران اچي ھي گھر خريد ڪري ويٺو ھو ۽ برھم چاري مھاتما ھو. ٻاھريون ڪمرو مون پنھنجي مرضي مطابق چڱي طرح سنيگاري ورتو ھو، شام جو جڏھن منھنجا ڪي گھرا دوست ايندا ھئا تھ اسين شطرنج راند ڪندا ھئاين ۽ کل مسخري ۾ پنھنجو وقت گذاريندا ھئاسين يا ڪڏھن ھارمونيم تي راڳ ڳائيندا ھئاسين، تھ برھم چاري کڏ تي ويھي ايترو زور سان گيتا جو پاٽ ڪندو ھو جو اسين تنگ ٿي پوندا ھئاسين، اوھان کي شايد اعتبار نھ اچي تھ ساڳئي گھر ۾ رھندي بھ، مان ڪيترا ڏينھن گذري ويندا ھئا جو مھاتما کي ڏسي نھ سگھندو ھوس، تنھن ھوندي بھ خبر نھ آھي تھ ڇو مون کي ھن جي رکي ڦڪي جيون سان ڏاڍي دلچسپي ٿي وئي ھئي. ڏينھن ويا گذرندا پر منھنجي دل ھن ۾ جي ڇڪ ئي وڌندي. ڪيترا ڀيرا دل ۾ آيو تھ ھن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪريان. ۽ ان بابت وڌيڪ واقفيت حاصل ڪريان، ڏٺم تھ ھن جي پروگرام ۾ مون لاءِ گنجائش ئي ڪانھ ھئي، ھڪ ڏينھن شام جو اڪيلو ويٺو ھوس، منھنجا دوست بھ ڪين آيا ھئا، تنھنڪري اٻاڻڪائي دور ڪرڻ جي خيال سان ھارمونيم وڄائي رھيو ھوس، تھ اچانڪھ مھاتما اندر ڪمري ۾ لنگھي آيو، ”بتيءَ جي روشنيءَ ۾ پھريون ڀيرو مون ھن کي چڱي طرح ڏٺو ھو، ڌوتي پھريل ھئس، جو ٻيو جسم سڄو اگھاڙو، ڏاڙھي مڇون صفا چٽ، پر چھري تي پرتاب ھو جو صاف ڏيکارجي رھيو ھو تھ مھاتما جي سوڀيا وان جسم ۾ غير معمولي ڪشش ھوندي، پر چنتا ۽ زماني جي نيرنگيءَ، مھاتما جي چھري تي وقت کان اڳي گھنج آڻي ڇڏيا ھئا.“ اندر داخل ٿيندي ئي ھن چيو، ”آئون اوھان سان ھڪ ڳالھھ ڪرڻ آيو آھيان. پوءِ ھارمونيم ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”اوھان ھن واڄي کي وڄائڻ بند ڪري ڇڏيو.“ ڏٺم تھ ھن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ھو ۽ آواز ڳالھائڻ ۾ ڳرو ٿي ويو ھوس، آئون حيران ٿي ھن جو منھن تڪيندو رھيس، ھي ماڻھو ڇا چئي رھيو آھي، جنھن واڄي جي سريلي آواز کي ٻڌي دنيا مست ٿي ويندي ھئي، جنھن کي وڄائڻ سان وڏن وڏن راڳيندڙن ۾ منھنجي عزت ٿيندي ھئي، تنھن کي بند ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي جيڪڏھن ٻيو ڪو مون کي ائين چئي ھا تھ مان پنھنجي وڏي بي عزتي سمجھان ھا، پر مھاتما تي آئون ڪاوڙ ڪري نھ سگھيس، مون ھن کان رڳو ايترو ئي پڇيو ”ڇو؟“

ھن تمام سادگيءَ سان جواب ڏنو، ”اوھين جڏھن اھو واڄو وڄايو ٿا تھ مون کان ڀڄن نٿو ٿئي، دل گھري ٿي تھ آئون بھ ٻڌان، ھي من ڏاڍو چنچل آھي، ھيترا ڏينھن ٿي ويا آھن، پر آئون ھن کي پنھنجي قابوءَ ۾ آڻي نھ سگھيو آھيان. انھيءَ ڪري ئي اوھان کي وينتي ٿو ڪريان تھ مون تي ڪرپا ڪريو.....“

”ھن جي اکين ۾ ڳوڙھن جا ڦڙا ڇڪي رھيا ھئا، مون کان ڏٺو نھ ٿيو، مون ھن کي ويھڻ لاءِ زور ڪيو تھ اوھين مھرباني ڪري ويھو تھ سھي واڄو اوھان کي پسند نھ آھي تھ آئون ڪونھ وڄائيندس.“

ٻڏيو تريو ويٺي، تھ ڪرسيءَ ويھان يا نھ، نيٺ ھڪڙي ڪرسيءَ تي ويھي رھيو گھڻيون ئي ڳالھيون ٿيون چيائين تھ جسم کي ھر طرح سان ڪشت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان نھ تھ حواس ان کي بري راه تي وٺي وڃن ھا. ان جو کاڌو بھ بلڪل بي قاعدو ھوندو ھو، ڪڏھن ستون گھوٽي پي وٺندو ھو ۽ ڪڏھن تھ رڳو پاني پي سمھي پوندو ھو.

اھو ٻڌي مون چيومانس ”معاف ڪجو آئون اوھان جي انھن خيالن سان موافق نھ آھيان جيڪڏھن اوھان کي اعتراض نھ ھجي تھ منھنجو نوڪر اوھان جي لاءِ ڀوڄن ٺاھيندو، برھمڻ آھي، کاڌو ڏاڍو سٺو ٿو پچائي.“

چيائين ”نھ! نھ! اعتراض جي ڳالھھ تھ آھي ئي ڪانھ، پر ڇو، جنھن واٽ کي ڇڏي آئون ايترو پري ھلي آيو آھيان اوھين وري مون کي ان تي واپس موڪلڻ ٿا گھرو؟ مون کي پنھنجي واٽ تي ھلڻ ڏيو.“

پر ٿوري دير کان پوءِ زور ڀرڻ تي مون سان گڏجي کاڌائين ۽ ھارمونيم بھ ٻڌائين، مون ھن کي ماني کارائڻ ۽ ھارمونيم وڄائي ٻڌائڻ ۾ الائجي ڇو ڏاڍي خوشي ٿي! ان کان پوءِ ھو ھليو ويو.

ايتري خبر تھ مون کي پئجي چڪي ھئي تھ مھاتما جي دل جي گھراين ۾ ھڪ درد آھي، جو ھن کي ڪڏھن آرام وٺڻ نٿو ڏئي، پر اھو ڇا آھي سو مون کي معلوم نٿي ٿي سگھيو ۽ نھ مون وري ڄاڻڻ جي ڪوش ڪئي.

منھنجي سوسائٽي ۾ رھي، ھن جي ورت جون سختيون ڏسڻ ۾ ڪجھھ گھٽ ٿي ويون ھيون ھاڻ مون سان ھڪ ويلي تي ماني کائيندو ھو، ڪڏھن ڪڏھن ھارمونيم بھ ٻڌندو ھو ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ لاءِ بھ وقت ڪڍي وٺندو ھو. ڌيري ڌيري ھن جي شڪل تي ڪجھھ اطمينان ۽ سڪون جي جھلڪ بھ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي.

ھڪڙي ڏينھن آفيس کان موٽڻ بعد ڏٺم تھ گھر جي شڪل ئي بدليل ھئي، برھم چاري مھاتما جو ڪٿي بھ پتو ڪونھ ھو، ھن جي بدران منھنجي استري براجمان ھئي، پر برھم چاري ڪڏانھن ويو! نوڪر کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو تھ جڏھن منھنجي استري آئي تھ مھاتما گھت ۾ ئي ھو، ان جي اچڻ تي نوڪر کان ان بابت پڇيائين پوءِ لوٽو، ڏوري ۽ انگوڇو کڻي ڪٿي ويو ھليو.

ان وقت تھ انھيءَ واقعي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضروت نھ سمجھيم پر جڏھن ٽي ڏينھن گذري وڃڻ تي بھ مھاتما نھ موٽيو تھ آئون پريشان ٿيس پر انھيءَ ڏينھن شام جو آفيس کان گھر موٽي آيس، تھ برھم چاري جو آواز سندس ڪوٺي مان ٻڌڻ ۾ پئي آيو.

ڪيترن ڏينھن تائين مھاتما سان ملاقات نھ ٿي سگھي ۽ نھ ڪو مون ان جي لاءِ ڪا خاص ڪوشش ورتي، ھڪڙي ڏينھن سئنيما ڏسي موٽڻ ۾ دير ٿي وئي، موٽي اچڻ تي ٿڪ جي ڪري مٿي وڃي پلنگ تي ليٽي پيس، ڪجھھ دير کان پوءِ منھنجي استري آئي ۽ اچڻ شرط چوڻ لڳي، ”ٻڌو ٿا ڪھ سمھي پيا آھيو! اوھان جو برھم چاري بھ عجيب قسم جو ماڻھو آھي، اڄ وري خبر نھ آھي ڪٿي ھليو ويو آھي ۽ ھي ڏيئي ويو آھي.“

آئون بھ حيران ھوس مون کي ھن جي ائين ھليو وڃڻ جو ھاڻي ڪجھھ احساس ٿيڻ لڳو منھنجي طبيعت ڪجھھ ھن جي عجيب و غريب نمونن سان ٺھي وئي ھئي، تنھنڪري مون کي ھن جي غير حاضري جو ڏک ٿيو.  منھنجي زال وري ڳالھھ جو سلسلو شروع ڪندي چيو، ”اڄ تھ آئون ڏاڍي وائڙي ٿي ويس، شام جو اوچتو منھنجي شڪل ڏسندي ئي پيرن تي ڪري پيو، ڪجھھ دير روئندو رھيو آئون ڪجھھ بھ سمجھي نھ سگھيس، ٿوري دير کان پوءِ مون کي ھي چٺي ڏيئي نڪري ويو.“

اھا ڳالھھ ٻڌندي ئي آئون بھ حيران رھجي ويس ۽ ھن جي نئين چريائيءَ تي غور ڪري عجب کائڻ لڳس، نيٺ خيالن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري لفافو کولي ڏٺم، خط تمام مختصر ھو، جنھن ۾ لکيل ھو، ”توکان سڀ ڪجھھ پائي ۽ تنھنجي لاءِ ھي جڳھھ ڇڏي آ، آئون وڃي رھيو آھيان، ھاڻي آئون ڪڏھن بھ موٽي نھ ايندس، منھنجي ڪمري جو سڀ سامان ڪنھن کي ڏيئي انھيءَ گھر مان منھنجي يادگيري بھ مٽائي ڇڏجو.“

خط پڙھي اسين ٻئي حيران رھجي وياسين، مون کي برھمچاري جو ڏاڍو ڏک ٿيو، پنھنجي زال سان گڏجي ھن جي ڪمري ۾ ويس ۽ ھن جي سامان کي جاچڻ لڳاسين، ھڪري صندوق مان ٻن ھزارن روپين جا نوٽ نڪتا ۽ ڪجھھ ڪاغذن جي ھڪ ھڙ نڪتي، ڪاغذ کولي ڏسڻ مان معلوم ٿيو تھ برھمچاري جي آتم ڪھاڻي ھئي، منھنجي زال جي چوڻ تي انھيءَ ڪمري ۾ ويھي آئون اھو کليل مسودو پڙھڻ لڳس. جو ھن ريت ھو:

اڄ کان پندرھن ورھيھ اڳي منھنجي خوشين جي دنيا اونده ٿي وئي، انھيءَ انڌيري کان گھٻرائجي مون ڀڳوان جي چرنن ۾ پناه ورتي ۽ پنھنجو سڀ ڪجھھ ٻليدان ڪري ڇڏيم، پر اڄ انھن پندرھن سالن جي ساڌنا، جپ ۽ تپ سڀ اجايا ثابت ٿيا. ايترن ڏينھن يوگ ساڌنا کان مان پنھنجي من تي قابو پائي نھ سگھيس، اڄ سوچيان پيو تھ انھيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏڻ ئي چڱو آھي. ڪشادي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ انسان، جھڙي طرح ھڪ ڪک کي جھلي ان جو سھارو وٺڻ ٿو گھري، تھڙي طرح دنيا کان ھارائجي گھٻرائجي مون ڀڳوان جي چرنن کي پڪڙڻ ٿي گھريو. پر شايد مون کي اھا خبر نھ ھئي تھ آئون ايترو ڪمزور ٿي چڪو آھيان، جو ڪک کي بھ جھلڻ جي مون ۾ طاقت نھ رھي آھي. حقيقت ۾ انھيءَ کي مان ڇھي بھ نھ سگھيس. مون ھڪ ڀيرو ڪنھن سان پريم ڪيو ھو، پر ھاڻي اھو ھڪ سپنو ٿي چڪو آھي. ھا! ڪڏھن بھ نھ وسارڻ جھڙو سپنو! جنھن جي مٺي ياد کي ھيترن ڏينھن جي ڪٺن ڀڳتي بھ وساري نھ سگھي. اوھين ھڪ صاف چانڊوڪيءَ رات جو خيال ڪريو، دنيا ستي پئي ھئي، ليلا انھيءَ رات جو پنھنجي گھر جي کڏ تي ماٺ ماٺ ۾ پئي ڳايو ۽ ھن پنھنجي راڳ جي سريلي سر سان سرشٽي جي سانت کي ڊانو ڊول ڪري ڇڏيو. پنھنجي کڏ تان بيٺي انھيءَ رات مون پھريون ھن کي ڏٺو ھو. ٽڙيل مکڙي جيان ھئي، ھوءَ ڳائيندي رھي ۽ آئون ٻڌندو رھيس، واجھائيندو رھيس، ايستائين ڪھ اوچتو ھن جي نظر مون تي پئي ۽ مون کي بيٺو ڏسي تڪڙ تڪڙ ۾ ھيٺ لھي وئي.

ليلا پنھنجي بيمار ماتا سان گڏ پنھنجي مامي جي گھر آيل ھئي، مون کيس پھريون ڀيرو اتي ڏٺو ھو، پر پوءِ ڪيترن ڏينھن تائين ھوءَ مون کي نظر نھ ائي، ھن جو مامو منھنجو پاڙيسيري ھو جنھن جي گھر ھر وقت مون کي اچڻ وڃڻ جي اجازت ھئي، پر چانڊوڪي رات ۾ کڏ تي آئون ليلا کي ڳائيندو ڏسي چڪو ھوس، تنھنڪري مامي جي گھر تي ھن کي ڏسڻ جي مون ۾ ھمت نھ پئي ٿي. روزانو کڏ تي وڃي ويھندو ھوس تھ ليلا اچي ڳائيندي، پر ھوءَ نھ آئي.

ڪيترن ڏينھن کان پوءِ مون پنھنجي بانسري ڪڍي کڏ تي ويھي، ان کي وڄايو، مون ڏٺو تھ ھڪ ڇوڪري کڏ جي ھڪڙي ڪنڊ ۾ لڪي بيٺي، جيستائين مون بانسري پئي وڄائي ھن بيٺي ٻڌو. پر بانسري  بند ٿيڻ شرط ھيٺ لھي ٿي وئي. ھاڻي آئون روزانو بانسري وڄائڻ لڳس ۽ ھوءَ ڏاڪڻ جي اوٽ ۾ لڪي ٻڌڻ لڳي، ھن کي ايترو ويجھو ڏسي بھ مون کي دلجاءِ نھ ٿي ۽ شوق جي ترشنا وڌيندي وئي، ھڪڙي ڏينھن گھڻي دير تائين آئون کڏ تي نھ ويس، ليلا آئي ۽ منھنجو انتظار ڪرڻ لڳي ۽ پوءِ منھنجي کڏ تي جھاتي پائڻ لڳي، ان وقت آئون ماٺ ڪري کڏ تي ويس، ڏٺم تھ ھوءَ پريشان نظرن سان ھتي ھتي ڏسي رھي ھئي، مون آھستي سان سڏ ڪيو: ليلا.

پوءِ ھن جي سامھون وڃي بيٺس ھو ٿورو گھٻرائجي وئي ھن جو اڇو چھرو مٿان جھاتي پائي رھيو ھو، ھن پنھنجيون وڏيون وڏيون ڪاريون اکيون کڻي ھڪ ڀيرو مون طرف ڏٺو، پوءِ تڪڙي تڪڙي ڀڄي وئي انھيءَ رات آئون بانسري وڄائي نھ سگھيس، دير تائين چانڊوڪيءَ ۾ ويٺي ڪجھھ سوچيم.

مان ڪيترن ڏينھن تائين کڏ تي نھ ويس ۽ ليلا کي وسارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، اڃا انھيءَ ڳالھھ کي ھڪ ھفتو بھ نھ گذريو ھو جو ليلا ھڪ ڏينھن ٻنپھرن جو منھجي گھر آئي، گھر ۾ ان وقت مون کان سواءِ ٻيو ڪو ڪين ھو، ڪمري ۾ ايندي ئي تپرس ۾ بيٺي رھي ۽ موٽي وڃڻ تي ھئي تھ مون کيس روڪندي پڇيو، ”ليلا ڇا ڳالھھ آھي؟“

اکيون زمين ۾ کپائيندي ۽ لڄ ڪندي ليلا مون کي چيو، ”مون کي ماميءَ موڪليو آھي.“ ھن جي آواز ۾ تيزي ۽ گھٻراھٽ ھئي پر ترنم سان ڀريل انھيءَ مٺي آواز منھنجي قلب جي ساز کي ڇيڙي ڇڏيو، مون پڇيو تھ ”ليلا مامھين توکي ڇا لاءِ موڪليو آھي.“

ليلا  جنھن جو مٿو اڃا جھڪيل ھو ۽ نظرون ھيٺ ھيس، ھن چيو، ”اتا جي طبيعت ڏاڍي خراب ٿي وئي آھي، اوھين ڪرپا ڪري مامي کي آفيس مان گھرائي ڏيو.“

مون ھمدردي ڪندي اھڙي ئي آواز ۾ کيس چيو، چڱو! مان ھينئر ئي ٿو آفيس مان سڏي اچانس، ليلا وئي ھلي ۽ مان ڪپڙا پائي آفيس ڏانھن ويس، انھيءَ رات ليلا جي ماءُ پنھنجي سک جا ڏينھن پورا ڪيا، آڌي رات جو سناٽي ۾ ليلا رڙيون ڪري روئڻ شروع ڪيو، تھ منھنجي دل بھ ڦاٽي پئي! انھيءَ رات مون کي ڏاڍو ڏک ۽ صدمو پھتو.

سندس پيءُ اڳي ئي گذاري ويو ھو ۽ ھاڻي ماءُ بھ پرلوڪ پڌاري وئي، ماءُ جي ڇانو سر تان ھٽڻ ڪري ڇوري ڇني ٿي پئي، مامي ھاڻي کيس پالڻ جو بوجھھ پنھنجي سر تي کنيو، پر ماتا جي جدائي ۽ ماميءَ جي مھڻن ھن کي ڏاڍو سنجيدو ۽ ماٺي مزاج جو بنائي ڇڏيو، ۽ ھوءَ سڀ ڪجھھ ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي وئي.

ليلا جو حجاب ۽ شرم آھستي آھستي گھٽجڻ لڳو، ھاڻي جڏھن کيس سڏيندو ھوس تھ ھو ڀڄي نھ ويندي ھئي، مون کان سواءِ ھاڻي کيس پريم سان سڏڻ وارو ئي ڪير ھو، جڏھن بھ کيس سڏيندو ھوس تھ مٿو جھڪائي ويجھو اچي منھنجي پاسي ۾ بيھي رھندي ھئي، مان جيڪي پڇندو ھوس، ان جواب ڏيئي واپس ھلي ويندي ھئي، ڪڏھن آئون بھ سندس گھر لنگھي ويندو ھوس.

ليلا جي مامي جي زور ڀرڻ تي سندس پچايل ڀوڄن کائيندو ھوس، ۽ ھتي ھتي جون ڳالھيون ٻولھيون ڪري موٽي ايندو ھوس، اھڙي طرح منھنجو ۽ ليلا جو پريم ڏينھن ڏينھن وڌندڙ ھو پر ھڪ ڏينھن اچانڪ مون محسوس ڪيو تھ ليلا مون کان درجي بدرجي پاسو ڪندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ تھ مون کي گھٽ ڏسڻ ۾ ايندي ھئي، ھڪ ڏينھن سانجھيءَ جو ليلا پنھنجي کڏ تي بيٺي ھئي تھ مون کيس سڏي پڇيو. ”ليلا ھيترا ڏينھن تون ڪٿي ھئين؟“

مٿو مٿي ڪري ھن منھنجي طرف ڏٺو پر ڪڇيائين ڪين، مون ڏٺو تھ ھن جو گلو ڳرو ٿي رھيو ھو، مون سڏي چيومانس، ”ليلا ھتي اچ.“

وري بھ ڪجھھ جواب نھ ڏنائين پر ڌيري ڌيري مون وٽ اچي بيھي رھي، مون کانئس ڏاڍي پيار واري لھجي ۾ پڇيو، ”ليلا ڳالھائين ڇو نٿي؟“

”ھاڻ مون کي  اوھان وٽ اچڻ نھ گھرجي، مامي ٿي چوي تھ ھاڻي آئون سياڻي ٿي آھيان.“ ايترو چوندي ھن جو آواز بيھي رھيو، ڏاڍو مشڪل سان ھوءَ ايترو بھ چئي سگھي ھئي، ليلا جي ڳالھھ مون کي بھ دل سان لڳي مون کائنس پڇيو، ”تھ ڇا تون بھ ائين ٿي سمجھين.“

ھن وراڻيو ”مان ڪجھھ نٿي سمجھان، منھنجي ماتا چوندي ھئي جيڪي ڪي وڏا چون تنھن کي مڃڻ گھرجي.“

برابر آھي، وڏا جيڪي ڪي چون اھو توکي مڃڻ کپي، تون مون سان ڳالھاءِ، نھ، نھ ڪي مون سان مل پر....“ مان جيڪي ھن کي چوڻ ٿي گھريو سو منھنجي وات مان نڪري نھ سگھيو.

ليلا پڇيو، ”پر ڇا؟“

مون چيو، ”پر.... ليلا مان گھران ٿو تھ تون پاڻ کي خوش رکي سگھين، مون کان تنھنجو ڪومايل چھرو ڏٺو نٿو ٿئي، شايد ليلا مان تو سان پريم ڪريان ٿو.“ منھنجي ھٿن اتي ليلا جي ھٿن کي کڻي جھليو ليلا پٿر جو بت بڻيو بيٺي ھئي ڌيري ڌيري منھنجي ھٿن مان پنھنجا ھٿ ڇڏائي ورتائين پوءِ ڀريل آواز ۾ چوڻ لڳي، ”اوھين ھليا وڃو.“

آئون ماٺ ڪري ڪٿھھ پاسيرو ھليو ويس، پر کڏ تان ھيٺ لھي نھ ويس. ٿوري دير کان پوءِ محسوس ڪيم تھ ليلا ٻارن وانگر سڏڪا ڀري روئي رھي ھئي.

ھڪ مھيني تائين ليلا مون کي ڪانھ گڏي، جيڪڏھن نظر ٿي آئي تھ آئون اڳيان ھٽي ٿي ويس، اھڙي طرح رنج ۽ ڏک ۾ منھنجا ڏينھن گذرڻ لڳا.

ھڪڙي اونداھي رات جو آئون مٿي کڏ ويٺو ھوس تھ اوچتو ليلا جو آواز ٻڌي آئون ڇرڪي ويس، ھن آھستي سان مون کي سڏيو، ”گھنشام بابو.“

مون ڏٺو تھ ليلا پنھنجي کڏ جي ڪناري تان منھنجي کڏ جي طرف جھاتي پائي رھي آھي، آئون ھن وٽ وڃي پڇڻ  لڳس،  ”ڇو ليلا ڇا آھي.“

ھن پيار ڀريل آواز ۾ مون کان پڇيو، ”ڇا،  اوھين مون کان ناراض آھيو؟“

مون جواب ڏنو، ”قصور وارا تھ مان آھيان، ليلا! آئون توسان ڇو ڪاوڙجان!“

”جيڪڏھن اوھين ناراض نھ آھيو تھ پوءِ ھيترن ڏينھن کان مليا  ڇو نھ آھيو، جيڪڏھن مون تي نظر پيئو ٿي تھ غيرن وانگر منھن ڦيرائي ڇو ھٽي ٿي ويو؟ گنھشام بابو ھاڻي تھ مان ھميشھ جي لاءِ ئي ھلي ويندس جيسين آھيان تيسين.....“

ان کان وڌيڪ ھوءَ ڪجھھ چئي نھ سگھي، ھن جو آواز ڏڪڻ لڳو، شايد ھو سڏڪا ڀري روئي رھي ھئي.

آئون گھٻرائجي چوڻ لڳس: ”تون ڪٿي بھ وڃين، آئون توکي ڏسڻ بنا رھي نٿو سگھان، ليلا توکي خبر نھ آھي تھ مون کي توسان ڪيترو پريم آھي.“

ھوءَ ڪوڙ ڪري کلڻ لڳي ۽ چيائين تھ، ”ڇا منھنجي وس جي ڳالھھ آھي.“ پوءِ ٿڌو ساھھ ڀري خاموش ٿي وئي، آئون پاگل ٿي رھيو ھوس، منھنجو مغز جاءِ تي نھ ھو، مون کي اھا خبر ڪانھ ھئي، تھ آئون ڇا چئي رھيو آھيان يا ڇا نھ چئي رھيو آھيان، پوءِ ٿورو ترسي مون ليلا کان پڇيو، ”ڇا تون بھ مون  سان پريم ڪرين ٿي؟“ ليلا ڏاڍي گنڀيرتائيءَ سان مون کي جواب ڏنو: ”ھڪ ماڻھوءَ جي لاءِ جا ڳالھھ وات مان چئي ڇڏڻ آسان آھي ڇا ٻيا ساڳي طرح اھا ڳالھھ چئي سگھن ٿا؟ ڇا اھا ڳالھھ چئي  ڏيکارڻ جي آھي؟“ آئون پاڻ کي جھلي نھ سگھيس الائي ڪھڙا جذبا طوفان وانگر منھنجي دل ۾ اٿل پٿل ڪري رھيا ھئا. مون ٻنھي ھٿن سان ليلا کي جھلي پنھنجي ڇاتيءَ سان لڪائي ڇڏيو، ھوءَ ٿوري دير تائين منھنجي ڀاڪر ۾ رھي، پر پوءِ ھڪ جھٽڪي سان پاڻ کي ڇڏائي مون کان ڌار ٿي وئي ۽ ٿورو ترشيءَ سان چوڻ لڳي، ”گھنشام منھنجو پريم بھ اوھان جي دل مراد پوري ڪري نٿو سگھي، پوءِ جيڪا شيءِ حاصل ٿي نٿي سگھي، تنھنجي لاءِ ايترو ڦٿڪڻ ڇو؟ ھاڻي آئون  پرائي امانت آھيان، اوھين سمجھو ۽ داناءَ شخص آھيو، ٻين جي امانت کي امانت ئي سمجھي ان سان اھڙو سلوڪ ڪرڻ گھرجي؟ پريم بيشڪ پيدا ٿي چڪو آھي،  پر جتي اھو پيدا ٿي چڪو آھي اتي ان کي ساڳي جڳھھ تي پورڻو بھ پوندو، بس اھوئي اسان ٻنھي جي جيون جو مقصد آھي. مان گھران ٿي تھ اوھين مون کي ڀلجي وڃو.“

آئون شرم ۾ ٻڏي ويس، ڪجھھ بھ ڪڇي نھ سگھيس، ماٺ ميٺ ۾ اتان ھٽي ھيٺ ھليو ويس، ليلا بھ ھيٺ ھلي وئي،  سڄي رات وري کڏ تي چڙھي اڪيلو ويٺي غور ۽ ويچار ڪيم. مون ليلا جي ڳالھين ۾ سچائي ڏٺي، مون گھريو ٿي تھ ھڪ دفعو وري ليلا سان گڏجي ان کي پڪ ڏياريان تھ ھن جي چوڻ مطابق جيون گذاريندس، پر مون ۾ ايتري ھمت نھ ھئي جو ھن جي آڏو وري بيھي سگھان. آئون پٿر جي بت جيان ٿانئيڪو ٿي ويو ھوس، دنيا ۾ چئني پاسي مون کي اونده نظر اچڻ لڳي. ڪيترن ڏينھن کان مون کي خبر پئي تھ ليلا جي شادي ٿيڻ واري آھي، ھڪ ڏينھن ھن جو وھواه ٿي ويو. پنھنجو پاڻ کي سنڀالڻ منھنجي لاءِ ڏکيو ٿي پيو، بلڪھ ناممڪن ٿي پيو، آئون گھر ڇڏي ڀڄي ويس، ليلا کي وساري ڇڏڻ لاءِ مون ڀڳوان کي ياد ڪرڻ گھريو ۽ ان جي لاءِ جيڪا ڪوشش مون کي ڪرڻي ھئي، سا مون ڪئي. پندرھن سالن جو زمانو گذري چڪو ھو، پر ليلا کي آئون وساري نھ سگھيس. انھيءَ ڪمزوريءَ کي پاڻ مان ڪڍي نھ سگھيو آھيان، ھاڻي مون ۾ ايترو حوصلو نھ رھيو آھي، جيون جي ڏوريءَ کي اتي ئي ھاڻي ٽوڙي ڇڏڻ ٿو گھران.“

مھاتما جي آتم ڪھاڻي پڙھي آئون ڏاڍي حيرت ۾ پئجي ويس، پنھنجو پاڻ انھيءَ ڪھاڻي تي ويچار ڪرڻ لڳس، مھاتما جو ڏاڍو ڏک ٿيم، ان جي اثر کان  منھنجي دماغ جون ڄڻ رڳون پئي ٽٽيون ۽ پاڻ کي سنڀاليندي نظر کڻي پنھنجي استري، جنھن جو نالو پڻ ليلا ڏي ڏسڻ لڳس، جيڪو نظارو ڏٺم تنھن وائڙو ڪري ڇڏيو. ليلا جي نيڻن مان ٽپ ٽپ ڪري لڙڪ وھي رھيا ھئا. ٿوري دير کان پوءِ ھن جو ساھ زور زور سان ھلي رھيو ھو، دل جي حرڪت بھ تيز ٿيندي پئي ويس، ھن تي بيھوشي طاري ٿيندي وئي، مون ڀانيو تھ اختلاف قلب جي جھوني بيماريءَ جي دوري جو وري مٿس حملو ٿيو آھي. آئون گھٻرائجي ويس، ڇاڪاڻ تھ ليلا ھيٺ لڙڪي پئي، آئون نمي ھن جي نبض ڏسڻ لڳس، پر ڏٺم تھ نبض صفا بيھي رھي ھئي. روح  پرواز ڪري چڪو ھو. ليلا سان منھنجو ڏاڍو پريم ھو. آئون سھي نھ سگھيس. منھنجي واتان ھڪ رڙ نڪتي ۽ آئون بيھوش ٿي ڪري پيس. جڏھن ھوش ۾ آيس تھ پاڻ کي اوھان جي اسپتال ۾ ڏٺم. ھاڻي بھ جڏھن مھاتما يا ليلا جو خيال ڪندو آھيان تھ مون تي ھڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي، پوءِ نھ پنھنجي نھ پرائي جي خبر ھوندي اٿم.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com