سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :24

 

ڀاءُ جي قرباني

 

اڄ چرين جي اسپتال ڏاڍي دير سان پھتس، جو ھڪ سرڪاري ميٽنگ ۾ گھڻو وقت لڳي ويو، ڪوٽ لاھي چڱي طرح ھٿ منھن ڌوئي ٺھي ٺڪي ميز تي ويٺس ۽ جمعدار کي چانھھ آڻڻ لاءِ چيم، چانھھ مس پي پوري ڪئي ھيم نھ ننڍو ڊاڪٽر گھڙي آيو، جنھن کان پڇيم تھ ”اڄ ڪو نئون ڪيس تھ ڪونھ  آيو آھي.“ ھن وراڻيو تھ ”ھائو صاحب! اڄ ھڪ ڪيس ڪوئٽيا بلوچستان کان آيو آھي.“ ايترو چئي ڊاڪٽر صاحب ڪاغذ منھنجي اڳيان رکي ويندو رھيو.

ڪاغذ پڙھڻ کان اڳ مون جععدار کي چيو تھ، نئين آيل ڪيس کي مون وٽ وٺي اچي، ۽ جيسين اھو ماڻھو اچي مون ڪاغذن کي جاچڻ شروع ڪيو، جنھن مان پتو پيو تھ ڪوئٽيا  مان ايندڙ شخص جو نالو انھن کي معلوم نھ آھي، نامعلوم پٽ نامعلوم جي لکي ڏياري موڪليو اٿس. ٻي ڳالھھ اھا بھ معلوم ٿي تھ ھي شخص رلندي پوليس کي ھٿ آيو آھي، ۽ پوليس مئجسٽريٽ کان اجازت وٺي ھتي مون وٽ موڪلي ڏنو آھي.

آئون ڪاغذن کي اٿلائي پٿلائي ڏسي رھيو ھوس تھ جمعدار ھن کي آڻي منھنجي سامھون ھڪ ڪرسيءَ تي وھاريو. ڪاغذن کي ڏسڻ کان پوءِ ڪنڌ کڻي ھن ڏانھن ڏسڻ لڳس، پر ھن کي پنھنجي آسپاس جي ڪا پرواھ نھ ھئي، بت بڻيو ويٺو ھو، ويھن ٻاويھن سالن جو خوبرو نوجوان ھو، جنھن جي ڏاڙھي اڻ  ڪوڙيل ھئڻ جي ڪري وڌي ويل ھئي، مون  ساڻس ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن ڪو ڌيان نھ ڏنو ۽ نڪو پنھنجو نالو ٻڌايائين، رڳو منھنجي پڇڻ تي اکيون کڻي ڏٺائين، پر جواب ڪوبھ ڪونھ ڏنائين.

اھڙن قسمن جي چرين مان جيڪي ڳالھائين ڪين، ڪنھن بھ قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ اسان لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي پوندو آھي، مون گھڻي ڪوشش ڪئي پر ھو ڪڇي جھڙي ڀت.

ھو مھانڊي مان شريف معلوم ٿي ٿيو، شڪل تي اداسي  ڇانيل ھيس، ھيس جا ڪپڙا جيتوڻيڪ ميرا ٿي چڪا ھئا، پر انھن جي ڪاٽ مان صاف معلوم  ٿي ٿيو تھ ھو پڙھيل لکيل آھي، ميز تي اخبار رکيل ھئي، مون کڻي کيس آڇي ۽ چيومانس تھ ”ھان ھي وٺ ۽ پڙھھ“ پر ھن نڪا اخبار منھنجي ھٿ مان ورتي ۽ نڪو ڳالھھ تي ڌيان ڏنائين تھ ڇا ٿي رھيو آھي، ڪنھن مھل چپ چرندا نظر ٿي آيا، تنھن مان سمجھيم تھ پاڻ سان پيو ڳالھائي.

ھن نامعلوم چرئي کي مون وٽ آئي ٻھ ھفتا گذريا ھئا، مون  کي وڌيڪ ڪا خبر نھ پئي اٽلو کائڻ پيئڻ بھ بند ڪري ڇڏيائين ۽ ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿيندو ويو. لاچار ھن جي حياتي بچائڻ خاطر، زبردستي رٻڙ جي نليءَ جي ذريعي کاڌو پھچائڻ ضروري ٿي پيو، ۽ ننڊ آڻڻ لاءِ سين ھڻڻ جي ضرورت بھ محسوس ٿي. ٻن ھفتن جي علاج مان ھن جي پوري طاقت بحال ٿي وئي ۽ ھاڻي پاڻھي کائڻ پيئڻ بھ شروع ڪري ڏنائين. باقي موڳائي ساڳي رھيس، نيٺ بجليءَ جو علاج شروع ڪرڻو پيو. ٻن ھفتن جي علاج کان پوءِ سندس چھري تي رونق ڏسڻ ۾ آئي. جمعدار کان معلوم ٿيو تھ مون سان ملڻ ٿو گھري، ٻن ڏينھن کان پوءِ جمعدار ھن کي مون وٽ وٺي آيو، سندس بشاش چھرو ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. ڪرسيءَ تي ويھندي شرط  چيائين، ”ڊاڪٽر صاحب! ھي ڇا ڪيئي؟ مون کي جنھن حالت ۾ ھوس، ان ۾ رھڻ ڏيو ھا.“

مان: آئون سمجھي نٿو سگھان تھ جنھن زندگيءَ ۾ جانور بھ رھڻ پسند ڪين ڪندا تنھن ۾ تون وري ڪيئن موٽي وڃڻ ٿو گھرين؟

ھو: بيخوديءَ ۾ رھڻ کي ھن زندگيءَ کان وڌيڪ سھڻو  ٿو سمجھان! ھن مڪار دنيا کان انسان بھتر آھي تھ پري رھي!

مان: منھنجا دوست! دنيا جي خطرن کان ڊڄي ڀڄڻ گدڙن جو ڪم آھي، مرد اھو آھي جو مڙس ٿي ھن جو مقابلو ڪري، نھ ڪري ائين پٺ ڏيئي ڀڄي.

ھو: منھنجي مجبوريءَ کي جيڪڏھن اوھين ڏسو ھا تھ اوھين بھ ائين ڪريو ھا، جيئن مون ڪيو آھي.

مان: مجبوري ...... (کلي) .... مجبوري.... تو جھڙو تندرست ۽ توانا جوان ۽ مجبوري!!
ھو: ھائو مجبوري! ڪاش منھنجي جڳھھ تي اوھين ھجو ھا تھ الائي  ڪيئن منھن ڏيو ھا!

مان: آئون اوھان جي مجبوري  بابت بھ تھ ٻڌان پوءِ فيصلي ڪرڻ جھڙو ٿيندس.

منھنجي ڳالھھ ٻڌي ھو ويچار ۾ پئجي ويو انھيءَ وچ ۾ ڪڇيو بھ ڪين، مان ڪري ھن کي تڪيندو رھيس، ڇاڪاڻ تھ اسان جي گفتگو ڪجھھ اھڙي ھنڌ پھتي ھئي، جيڪڏھن ٿورو بھ گفتو ڪڍان ھا تھ منھنجي طرفان غلط قدم ٿئي ھا ۽ ھو جيڪر ٽھي وڃي ھا ۽ پوءِ شايد وڌيڪ پنھنجو وات نھ کولي ھا.

مون ڏٺو تھ پاگل من ھڻي رھيو ھو تھ چوان يا نھ چوان.

ھن مون ڏانھن نھاريو پر آئون بنھھ ماٺ ۾ ھن کي تڪي رھيو ھوس، نيٺ ھڪ ٿڌو شوڪاري ڀري چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب، دل نٿي چوي تھ ڪجھھ ڪڇان.“

مان: بنا ڪنھن معلومات جي آئون  اوھان کي ڪھڙي صلاح ڏيئي سگھندس، جڏھن اوھان حال معلوم ٿيندو تڏھن تھ چئي سگھندس تھ آئون غلطيءَ تي ھوس يا نھ.

پاگل: چڱو ڀلا ٻڌو:

آئون وري چپ ھوس تھ متان ھو پنھنجو خيال بدلائي نھ ڇڏي.

پاگل: منھنجو نالو عبدل آھي، آئون ڪوٽ لالو جي زميندار ھاشم جو ننڍو پٽ آھيان. ستن ورھين جو ھوس تھ منھنجو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو، اسين ڪل ٽي ڀائر ھئاسين، پيءُ جي مرڻ وقت منھنجي وڏي ڀاءُ جي عمر سترھن ورھين ھئي، پيءُ جي سرڳواسي ٿيڻ وقت منھنجي ماءُ ڏاڍي حيران ۽ پريشان ھئي تھ ٻارن جو ڇا ٿيندو. پر منھنجي وڏي ڀاءُ ڏاڍي ھمت کان ڪم ورتو ۽ ماءُ کي چيائين تھ ڪو الڪو نھ ڪري، پھريائين ھن جو خيال ھو تھ مئٽرڪ تھ پاس ڪئي اٿس. ھاڻ ان کان اڳتي وڌيڪ پڙھي، پر پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڪٽنب جي سنڀالڻ جو مٿس وڏو بار پئجي  ويو، تنھنڪري ٽنڊي آدم جي ڪارخاني واري نرملداس وٽ ٽن سون روپين تي ھن جي ڪارخاني سنڀالڻ واري ڪم تي مقرر ٿيو پنھجي زال سوڌو اوڏانھن ھليو ويو، دادا ڪندن لال اسان جي لاءِ وڏو ٻليدان ڪيو ھو. انھيءَ جو ذڪر ماتا اسان سان ھميشھ ڪندي ھئي. ٽنڊي آدم مان ھر مھيني ٻھ سئو روپيا ماتا کي اسان جي خرچ لاءِ موڪليندو رھندو ھو. خدا جي قدرت جو ڇھن مھينن کان پوءِ نرملداس جي موٽر ۾ پنھنجي زال سان شھداد پور وڃي رھيو تھ رستي ۾ ٽرڪ سان ٽڪرائڻ جي ڪري، سندس استري جا گرڀ سان ھئي، مري وئي اسان سڀني کي ڏاڍو ڏک ٿيو  پرماتما جي اڇا تي سواءِ ڌيرج جي ٻيو ڪو چاڙھو نھ ھو. ٻن ٽن سالن کان پوءِ ماتا وري کيس پرڻائڻ جو ارادو ڪيو، پر اھو چئي تھ مون کي سندر ۽ ليلان کي جھلو ڏيڻو آھي، ۽ شيلا جو ڌيان اندر مان اڃا ڪونھ ويو آھي، تنھنڪري وھانءُ نھ ڪندس، دادا جي اھڙن خيالن تي ماتا چپ ٿي ويندي ھئي.

ڏينھن ويا گذرندا، نرملداس جي ڪارخاني کي دادا اھڙو سنڀاليو جو نيٺ سندس پگھار پندرھن سئو روپيا اچي ٿي آھي ۽ ڪارخاني ۾ سندس حصو بھ ڪجھھ رکيل آھي.

آئون حيدرآباد ڪاليج مان، بي اي ۽ ليلان بي، اي پاس ڪري موٽي آيا آھيون، سٿي گھر ۾ خوشي لڳي پئي آھي تھ سڀاڻي داد ڪندن اچڻو آھي، ماتا منھنجي ڪمري ۾ رات لنگھي آئي ۽ چوڻ لڳي:

ماتا! ڏس سندر! ڪننر سڀاڻي ايندو ۽ ضرور توکي شادي ڪرڻ لاءِ چوندو، پر تون چئجانءِ، تھ شادي ڪندس پر ھڪ شرط تي تھ دادا پھريائين شادي ڪندو پوءِ مان.

مون شرم کان لڄارو ٿيندو ماتا سان اقرار ڪيو، دادا ڪندن ڪراچي ويل ھو ۽ اتان سڌو ڳوٺ آيو ھو پاڻ سان ليلان لاءِ ساڙيون ۽ منھنجي لاءِ سوٽن جو ڪپڙو آندو ھيائين، رات جو ماني ٽڪي کائي سڀ اچي گڏ ٿياسين، داد ڪند ماتا کي پيرين پوندي چوڻ لڳو:

ماتا! ايشور جي ڪرپا آھي جو ليلان ۽ سندر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيا آھن منھنجي خيال ۾ ھاڻي گھڻو ترسڻ نھ گھرجي، انھن ٻنھي جو ڪٿي نھ ڪٿي سنٻنڌ ڪرڻ گھرجي.

ماتا: ايشور ڪندو تھ انھن جو بھ بندوبست ٿي ويندو مون کي تھ تنھنجي چنتا لڳي پئي آھي.

ڪندن: ماتا مون کي وڌيڪ نھ چئو، منھنجي اڇا شاديءَ تي نھ آھي سندر ۽ ليلان جي چنتا ڪرين تھ چڱو.

سندر: ماتا! آئون ھڪ شرط تي وواھ ڪرڻ قبوليندس، جيڪڏھن دادا ڪندن پھريائين پاڻ انھيءَ لاءِ تيار ٿئي.

ڪندن: مون تي گھڻو زور نھ آڻيو نھ تھ آئون سڀاڻي ھليو ويندس.

ماتا: پٽ! اھڙي ڳالھھ نھ ڪر، ماءُ جي دل نھ ڀڃ، ڪنھن کي سڌ ھئي تھ شيلا ٿوري اوستا وٺي آئي ھئي، ڏسندي ڏسندي اکيون پورجي ويندس ۽ منھنجي لال کي داغ ڏيئي ويندي، آئون تنھنجي واٽ ڏسي رھي ھيس تھ تون ايندين تھ سڀ ڪجھھ فيصلو ٿيندو.

دادا ماتا جي زور ڀرڻ تي چپ ٿي ويو، انھيءَ ماٺ کي چڱو سوڻ سمجھندي  مون چيو:

دادا! جو چوڻ بھ ڪو موٽائبو آھي! انھيءَ تي ويچار ڪريو، ماتا آئون سڀاڻي حيدرآباد ويندس، ليلان ۽ پنھنجو سرٽيفڪيٽ وٺي ايندس، مون کي پڪ آھي تھ دادا اوھان جو چيو نھ موٽائيندو.

رات جو بستري  تي انھن سمورين  ڳالھين جو نقشو منھنجي خيالن ۾ ڦرڻ لڳو، جڏھن پنھنجي شاديءَ جو ڌيان آيو تھ آئون سوچڻ لڳس تھ منھنجي شاديءَ جو ڇا ٿيندو! ڇا ماتا ۽ دادا جتي آئون سنٻنڌ ڪرڻ ٿو گھران، منھنجي ڳالھھ مڃيندا، وري خيال آيو تھ ماتا ۽ دادا کي مون سان گھڻو پريم آھي، تنھنڪري جتي گھرندس شادي ڪرڻ کان انڪار نھ ڪندا، اھي ويچار ڪندي منھنجي ڌيان جو پکي ڪاليج زندگيءَ ڏانھن اڏامي ويو. جتي ھوءَ امتحان ۾ پاس ٿي ھئي ۽ انھيءَ ڏينھن ڳوٺ وڃڻ واري ھئي، اسان ھڪ ٻئي سان موڪلائي رھيا ھئاسين:

مان: راڌا! مون کي وساريندينءَ تھ ڪين؟

راڌا: ڀڳوان ڪري جو اوھان کي وساريان، باقي (اکيون ڦڙڪائيندي) مردن جي پريم جو ڪو اعتبار ڪونھي.

مان: ياد رک! چيو ويو آھي تھ استري ھر ڳالھھ ۾ ڪمزور ثابت ٿي آھي.

راڌا: (ھون!) ڪتابن ۾ تھ اھو ڏيکاريو ويو آھي تھ ڌوڪو ھميشھ پرش ئي ڏيندا آھن، جتي ڪو سھڻو گل نظر آيو تھ ڀنور وانگر اتي ئي پيا ڦيريون ڏيندا آھن.

مان: راڌا! تون ڀليل آھين، ھڪ ڀيرو ڪو ھردي ۾ سمائجي ٿو وڃي تھ ان کي ڪڍڻ ايترو سولو نھ آھي، منھنجي وڏي ڀاءُ ڪندن کي نٿي ڏسين، جو ھيترا سال گذري ويا آھن تھ بھ پنھنجي مئل پتني شيلا کي اڃا تائين نٿو وساري ۽ ٻي شادي ڪرڻ کان انڪار ٿو ڪري.

راڌا: برابر ڪندن جو ڏاڍو انوکو آھي، سچ پچ  اھا استري ڀاڳوان ٿيندي، جنھن سان ڪندن جو وواھ ٿيندو.

مان: ھا! مگر دادا پھريان پرڻجڻ تھ قبول ڪري، راڌا! ڀلا اتي ملڻ جي ڪا اميد آھي؟

راڌا: متان اھڙو خيال ڪيو اٿو، لوڪ لڄا جو بھ تھ ڪو خيال ڪريو. ڪاليج جو ماحول ھڪڙو ۽ ٻھراڙيءَ جو ماحول ٻيو.

ائين خيالي پلاءَ پچائيندي ننڊ اچي وئي، ٻئي ڏينھن ناشتو پاڻي ڪري اسٽيشن تي حيدرآباد روانو ٿي پيس. حيدرآباد پھچي پنھنجو ۽ ڀيڻ جو سرٽيفڪيٽ ھٿ ڪيم، ڪاليج ۾ ٻھ خط منھنجي نالي تي مليا، ھڪڙو خط منھنجي دوست ڪرشنداس جو ھو جنھن جي شادي ٿي رھي ھئي، جنھن ۾ ھن لکيو ھو تھ آئون جلدي لاھور ھليو اچان ۽ کيس شاديءَ جي بندوبست ڪرڻ ۾ مدد ڏيان، ٻيو خط بھ ديال سنگ ڪاليج لاھور مان آيل ھو، جنھن ۾ انھن منھنجي درخواست تي انٽريو لاءِ گھرايو ھو، آئون نھايت خوشيءَ  ۾ ڀرجي ٻئي ڏينھن ڳوٺ پھتس. مون کي ايتري  خوشي ھئي جو ڳوٺ ۾ ڇا ٿي گذريو، تنھن تي ڌيان ئي ڪونھ ڏن، ماتا جا پير ڇھي کيس آشيرواد ڏيڻ لاءِ چيم.

ماتا: سندر! ڇا آھي! توکي ايتري خوشي ڇا جي آھي؟

ڇا توکي بھ خبر پئجي وئي آھي؟

سندر:  ھا ماتا! ٻھ خط گڏ مليا آھن، لاھور مان، ھڪ ھرڪشن منھنجي دوست جي شاديءَ جو ۽ ٻيو نوڪريءَ جو ڪوٺ جو.

ماتا: اري تون تھ ڪو چريو آھين، آئون ڳالھھ ڪندن جي ٿي ڪريان تھ توکي لڳي آھي لاھور جي: پر سج اھا بھ تھ خوشيءَ جي ڳالھھ آھي، ڀاڳ  کلندو آھي تھ چئني پاسن کان.

مان: ھا ماتا! دادا ڪندن بابا ڇا آھي؟

ماتا: ڪندن پرڻجڻ قبول ڪيو آھي.

ماتا: واه واه! ماتا اڄ تھ ڏاڍيون خوشخبريون پيون ٻڌجن.

ماتا: تو وئين تھ ڪندن بھ ڳوٺ جي ماڻھن سان ملڻ لاءِ ويو.

مان: ڪنھن ڪنھن سان وڃي مليو.

ماتا: گھڻو ڪري سڀني سان. گرڌاري مل، بھاري لال، شام نارائڻ، بنواري داس وغيره. اھي ماڻھو ھن سان ملي ڏاڍو پرسن ٿيا. ٻي مزي جي ڳالھھ آھي تھ سڀني کيس ڏاڍو شرمندو ڪيو ۽ زور آندائون تھ ماتا جو چيو ڪڏھن نھ موٽائجي. بھاري لال جي ڌيءَ شانتا بھ نڪري آئي ھن اچي کيس  پرڻام ڪيو ۽ جڏھن شام نارائن جي گھر پھتو تھ ھن جي راڌا بھ اچي کيس  نمسڪار ڪيو.

مان: ڀلا پوءِ انھن سڀني کي ڪھڙو جواب ڏنائين.

ماتا: خبر اٿئي ڇا چيائين.

مان: ڀلا ٻڌاءِ بھ.

ماتا: سڀني کي چيائين تھ اوھان وڏن جي ڳالھھ ڪيئن ٿو موٽائي سگھان، ٻيو ٻڌ، بھاري لال کي چيائين تھ ماتا کي اوھان وٽ موڪليندس. ھن کي ڪنوار ھٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪريو ۽ شام نارائڻ کي چيائين تھ منھنجي ۽ ڀاءُ سندر جي وھانءَ جو بھ بندوست جيرو جلد ٿئي تھ چڱو. ھن کي بھ چيائين تھ ماتا کي تو وٽ موڪلي ڏيندس.

ايتري ۾ دادا ڪندن بھ ٻاھران گھمي آيو ۽ مون موقعو سٺو سمجھي  کيس چيو:  دادا اڄ ماتا تھ خوشيءَ ۾ نٿي سمائجي. ھاڻي جيترو جلد ٿئي شادي ڪري وٺو.

پوءِ مون پھريائين ديال سنگ ڪاليج وارو خط کيس ڏيکاريو ۽ ٻيو ھرڪشن جو، ٻئي خط پڙھي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کان پچيائين تھ لاھور ڪڏھن ٿو وڃين؟ مون کيس چيو تھ ھفتي کان انٽرويو آھي ۽ ٻن ھفتن کان پوءِ ھرڪشن جي شادي، تنھنڪري پرينھن لاھو روانو ٿي ويندس.

ڪندن: ڏاڍو چڱو، جيسين تون موٽي ايندين تھ ھتي وري منھنجي شادي تيار ملندءِ.

ھرڪشن جي شاديءَ جي خير خوبيءَ سان ٿي گذري، آئون لٿو بھ وڃي ھوس، ھرڪشن جي گھر، سندس ڀيڻ پرڀا منھنجي ڏاڍي ٽھل ڪئي، نھايت سلڇڻي ڇوڪري ھئي، منجھس ڪي عادتون راڌا جھڙيون ھيون، لاھور جو اھو وقت بھ ڏاڍو ياد رھندو. ديال سنگ ڪاليج وارن مون کي ڇھن سون روپين تي انگريزي پاڙھڻ لاءِ چونڊيو، پر چيائون تھ موجوده پروفيسر ٽن مھينن کان پوءِ رٽائر ٿيڻو آھي، تنھنڪري مون کي ٽن مھينن کان پوءِ شامل ٿيڻ جو وچن ورتائون، لاھور کان موٽڻ بعد خبر پيم تھ دادا جو وھانءُ پنجن ڏينھن  کان پوءِ ٿيڻو آھي.

پھچڻ جي پھرين ڏينھن ٿڪ جي سبب آئون سڄو ڏينھن آرامي ھوس، مون کي ٿڪل سمجھي ڪنھن بھ تڪليف نھ ڏني، ٻئي ڏينھن پنھنجي ڀيڻ ليلان کان پڇيم: ليلان! آئون ايترو تھ پنھنجن ئي ڳالھين ۾ منجھيو پيو ھوس جو ڪنھن کان بھ پڇي ڪونھ سگھيس تھ دادا جو سڱ ڪٿان ٿيو آھي؟ ڀلا خبر چار تھ ٻڌاءِ!

ليلان: ماتا توکي ڪين ٻڌايو ھو تھ جڏھن تون ھڪ ڏينھن لاءِ حيدرآباد ويو ھئين تھ دادا ڪندن ڳوٺ جي سڀني ماڻھن کان ملي آيو ھو.

مان: ھا، ھا! سا تھ خبر اٿم.

ليلان: ماتا اھو بھ ٻڌايو ھو تھ بھاري لال جي ڌيءَ شانتا ۽ شام نارائڻ جي ڌيءَ راڌا دادا کي نمستي ڪرڻ لاءِ آيون ھيون.

مان: ھا! اھا بھ خبر اٿم.

ليلان: انھن ٻن ڇوڪرين جا پتا کي اھو بھ چي ھيائين تھ ماتا کي موڪليندس، ھن کي ڪنوار ھٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪجو.

مان: ديدي! اھا سڀ خبر اٿم، ڳالھھ کي ڊگھو ڇو ٿي ڪرين، اصل ڳالھھ ڇو نٿي ٻڌائين.

ليلان: ڌيرج ڌر، سڀ ڪجھھ ٿي ٻڌايان، جڏھن انھن وٽان ٿي آيو تھ ماتا سان سڄي ڳالھھ اوريائين ۽ پڇاڙيءَ ۾ چيائين تھ، ماتا! ڏاڍي اچرج جي ڳالھھ آھي تھ راڌا جو مھانڊو منھنجي اڳين استري شيلان سان گھڻو ملي ٿو.

۽ ماتا چيس:  ”ڪندن توکي شايد خبر نھ آھي تھ راڌا  شيلا  جي چاچي جي ڌيءَ  ٿئي، تنھنڪري انھن جي شڪل ھڪ جھڙي ھجڻ ۾ اچرج ڇا جو آھي.“

۽ پوءِ ڪندن: ماتا  کي چيو: ماتا! جيڪڏھن شام نارائڻ راضي ٿي پوي تھ آئون تيار آھيان.

۽ ماتا چيس: ”شام نارائڻ تھ ھڪ پير تي بيٺو آھي رڳو منھنجي چوڻ جي دير آھي، پر تون جو بھاري  لال کان پھرين ٿي آيو آھين تنھنڪري ھن کي ڪو.

تھ ڪندي چيس: ”مون انھن کي  چيو ھو تھ ماتا کي موڪليندس، تنھنڪري تون رڳو شام نارائڻ وٽ ئي وڃج.“

پوءِ تھماتا شام نارائڻ کان راڌا جو سڱ گھريو ۽ ھو تيار ٿي ويو، اھا اٿئي سڄي خبر، ھي ٻڌندي ئي منھنجيون وايون بتال ٿي ويون، تقدير  جي چڪر مون سان ................ جنھن ڇوڪريءَ کي مون وچن ڏنو ھو تنھن کي منھنجو ڀاءُ پرڻجڻ لاءِ تيار ٿي ويو، آئون مجبور ھوس، ھاڻي ڇا ٿي ڪري سگھيس، ھن ڀاءُ کي جنھن جي ڪرپا سان اڄ آئون سندر لال آھيان.

ھي عجيب و غريب  داستان ٻڌي آئون حيران رھجي ويس،  پر مون کي سندر لال تي نفسياتي اثر وجھڻ جو سھڻو موقعو ملي ويو.

مان: سندر لال! وڏي افسوس  جي ڳالھھ آھي تھ ھڪ ڀاءُ جنھن پنھنجو تن من ڌن سڀ ڪجھھ توتي قربان ڪري ڇڏيو، تنھن کي جي شروعات ۾ خبر پوي ھا تھ اھو بھ توتان قربان ڪري ڇڏي ھا، پر حقيقت ۾ اوھان سڀني ھن تي زور آندو تھ شادي ڪري. ھاڻي جيڪڏھن ھن کي اصل معاملي جي خبر پئجي وئي تھ ھو دل شڪستو ٿي پوندو، تنھنڪري توکي کپي تھ ھمت کان ڪم وٺي پنھنجي ڀاءُ تي قربان ٿي وڃ. ڇوڪريون دنيا ۾ ھڪ کان ھڪ سٺيون سلڇڻيون پيون آھن، پنھنجي داستان ۾ تو خود مون کي ٻڌايو تھ تنھنجي دوست ھرڪشن لاھور واري جي ڀيڻ بھ توسان چڱا پير ڀريا ھئا. تنھنجو ڀاءُ ۽ تون ڪوشش ڪندا تھ اھو سڱ تنھنجي لاءِ نھايت سٺو ثابت ٿيندو، باقي ياد رک تھ پنھنجي ڀاءُ سان انھيءَ بابت ڪڏھن ڀڻڪو بھ نھ ڪڍج. ھاڻي مون کي پنھنجي ڀاءُ جو پتو ڏي تھ آئون ھن کي ھتي گھرائي سڄو معاملو درست ڪري ڇڏيندس.

ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ ھن مون کي اجازت ڏني، مون تار ڏيئي ڪندن لال کي گھرائي ورتو، تار پھچندي ڪندن لال ھن جي ننڍي ڀيڻ ۽ ماءُ ھڪدم اسپتال اچي پھتا. مون انھن کي ٻڌايو تھ ڪيئن مغز خراب ھئڻ سبب سندر ڪوئٽيا وڃي نڪتو ھو ۽ ڪيئن ھتي داخل ٿيو ھو، ۽ ڪيئن ھن کان ئي سندس پتو وٺي کين ھتي گھرايو اٿم. مون انھن کي ٻڌايو تھ سندرلال ڊڪ ڊوڙ ۾ پنھنجي زھني طاقت وچائي چڪو ھو تنھنڪري سندس مغز خراب ٿي پيو ھو. مون کين اشاري سان ٻڌايو تھ ھرڪشن لاھور واري جي ڀيڻ سان سندس شادي ٿي پوي تھ آئنده لاءِ ھن جو دماغي توازن ھميشھ ٺيڪ رھندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com