سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :27

 

ويساه گھاتي

 

چرين جي اسپتال جي چارج وٺندي مس چار مھينا ٿيا ھئا، ھڪڙي ڏينھن ڏاڍي ويچار ۾ ويٺي سوچيم تھ اسپتال جو ڪم ڪھڙي طرح سھڻي ريت ھلائجي جو اسپتال جو نالو ٿئي، من ۾ ھڪڙا منصوبا پئي ٺاھيم تھ ٻيا پئي ڊاٺم. ايتري م ڏسان تھ جمعدار فائلن جو ھڪ وڏو ٿھو کڻي اچي نڪتو، فائلن کي ميز تي رکي سلوٽ ڪري چوڻ لڳو ”صاحب! ايندڙ مھيني ڏوھي چرين جي رپورٽ موڪلڻي آھي، تنھنڪري ھينئر کان وٺي فائلن جو اڀياس ڪندا ۽ بيمارن جي چڪاس ڪري انھن تي نوٽ ھڻندا  ھلو تھ مس اڳين مھيني ڪميٽيءَ جي اڳيان پنھنجي   رپورٽ گورنمينٽ ڏانھن موڪلڻ لاءِ پيش  ڪري سگھندا، اھا رپورٽ ڪنھن بھ حالت ۾ ضرور گورنمينٽ ڏانھن موڪلڻي آھي.“

آئون نئون ھوس، مون کي انھن ڳالھين جي ايتري خبر نھ ھئي تنھنڪري جمعدار کان پڇيم تھ ڏوھي چرين جي رپورٽ ڇا ٿيندي آھي؟ تنھن تي جمعدار چيو تھ:

”صاحب! اھي چريا، جن ڪو قانوني ڏوھ ڪيو آھي، جھڙوڪھ چوري يا خون وغيره ڪرڻ. انھن تي جيسين ڪيل ھلي ڪو فيصلو ٿئي، تنھن کان اڳي ھو چريا ٿيو پون، تنھنڪري بنا ڪيس ھلائڻ جي انھن کي علاج لاءِ چرين جي اسپتال اماڻيو ويندو آھي. ھر سال انھن جي رپورٽ موڪلي ويندي آھي تھ اھي ھاڻي ٺيڪ آھن  يا اڃا چريا آھن. جيڪڏھن ٺيڪ ھوندا تھ انھن کي واپس جيل موڪليو ويندو، جتان اھي آيا ھئا ۽ پوءِ انھن تي ڪورٽ ۾ باقاعده ڪيس ھلندو، پوءِ ڇٽن يا سزاياب ٿين.“

مون جمعدار کان پڇيو تھ، ”اھا ڪھڙي ڪميٽي آھي جھن جي اڳيان اھا رپورٽ گورنمينٽ کي موڪلڻ لاءِ پيش ڪجي ٿي.“

جمعدار چيو تھ ”صاحب! اھا ساڳي ڪميٽي آھي جا عام طرح ھر مھيني سڏائي ويندي آھي ان ۾ گھڻو ڪري ڪيلڪٽر صاحب سيشن جج، سٽي مئجسٽريٽ ھليٿ آفيسر ۽ سول سرجن گھرائبا آھن، گھڻو ڪري اھي سڀئي صاحب حاضر رھندا آھن ڇاڪاڻ تھ اھا ميٽنگ نھايت اھم ھوندي آھي.“

جمعدار مون کي ڳوڙھي ويچار ۾ ڏسي وري چوڻ لڳو: ”صاحب ھڪ ٻن فائلن جو اڀياس ڪريو جڏھن اھو پورو ڪري لاھيندا تھ اھي ساڳيا بيمار چريا آئون اوھان  جي اڳيان آڻيندس. انھن سان چڱي طرح ڳالھائي ٻولھائي تپاس ڪري ان جي فائيل تي نوٽ چاڙھي پنھنجو فيصلو لکو تھ اڃا چريو آھي تھ نھ. پوءِ اھو فائيل ميٽنگ جي ڏينھن ڪميٽيءَ جي اڳيان رکبو، ڪميٽي وري چرئي کي تپاسيندي ۽ سوال ڪندي ۽ پاڻھي اوھان جي صحيح فيصلي جي پٺڀرائي ڪندي. ھر ھڪ چرئي جي جدا رپورٽ ٺھندي جنھن ۾ اوھان  جو رايو ۽ ڪميٽي جي پٺڀرائي  لکي ويندي، سڀني جي اھا رپورٽ گڏ ڪري پوءِ گورنمينٽ ڏانھن موڪلي ويندي.“

چاليھن  کان بھ مٿي ڏوھي  چريا ھئا، جن ۾ ڪن تي چوريءَ جو، ڪن تي ڌاڙي ھڻڻ جو ۽ ڪن تي خون جو الزام ھو، آئون روز ٻھ کن فائل پڙھي اھي چريا گھرائي چڱي طرح تپاس ڪري، انھن سان سوال جواب ڪري پنھنجا نوٽ انھن فائلن تي چاڙھيندو ويندو ھوس، ٽن ھفتن ۾ مون سڀئي فائل ۽ چريا ڏسي پنھنجو ڪم ختم ڪري ورتو، ھڪ ايسر نالي تي مون کي ڪجھھ شڪ ھو تنھنڪري جمعدار سان ان بابت گفتگو ڪيم: ”ھي ايسر چريو سکر جيل مان آيل آھي، مون کي ھن جي نموني مان شڪ پيو پوي تھ ڪٿي ڪوڙ ڪري چريو تھ ڪونھ  ٿيو آھي.“

جمعدار کلي جواب ڏنو تھ: ”صاحب! ايسر کي ھتي ٽيون سال آھي، اوھان کان اڳي سپرنٽنڊنٽ ٻھ ڀيرا ھن کي چريو ظاھر ڪري چڪو آھي ۽ ڪميٽي جا ميمبر بھ اھي ساڳيا ئي آھن.“

ايسر گھڻو ڪري ڳالھائيندو ڪين آھي، ھر ھڪ سوال تي رڳو ڏسندو پيو آھي، پر ھڪ ڳالھھ اوھان کي ٻڌائي ڇڏيان تھ ڪڏھن ڪڏھن ھو ڳالھائيندو آھي، ليڪن ھن جو ڳالھائڻ ٻي معنيٰ  ۽ سمجھھ کان ٻاھر ھوندو آھي. اوھان فائل پڙھي ضرور ڏٺو ھوندو تھ جنھن ۾ لکيل آھي: ”ھن پنھنجي ٻار کي گھٽو ڏيئي ماري وڌو ھو.“

مون جمعدار کي معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندي چيو: ”ھائو برابر! انھيءَ ڳالھھ تھ مون کي وڌيڪ شڪ ۾ وڌو آھي! ڇاڪاڻ تھ نفسياتي طور تي چريا پنھنجي اولاد کي ماريندا ڪين آھن! چڱو جمعدار ھڪ ڳالھھ جو خيال رکجانءِ تھ ڪڏھن ايسو ڳالھائڻ جي چت ۾ ھجي تھ مون کي خبر ڏجانءِ.“

ڪميٽي جي ميٽنگ ٿي گذري ۽ ڏوھي چرين جي رپورٽ پاس ڪري سرڪار کي موڪلي وئي انھيءَ رپورٽ جي ٻن مھينن کان پوءِ جمعدار ھڪڙي ڏينھن صبح جو ايسر کي مون وٽ وٺي آيو ۽ منھنجي ميز تي ڪي رنگين شيون رکي چيائين تھ ”صاحب! اھي شيون ايسر جي ڪوٺيءَ مان نڪتيون آھن.“

اسان جي اسپتال جو قاعدو آھي تھ اھڙي قسم جي ڪابھ عجيب و غريب ڳالھھ ٿيندي آھي تھ ان جي خبر فورا سپرنٽينڊنٽ کي ڏني ويندي آھي. مون ھڪ نظر ايسر جي چھري تي وڌي، ڏٺم تھ ھراسيل نظر پئي آيو، يڪدم سمجھي ويس تھ ھي سڀ ڪجھھ سمجھي رھيو آھي، نھ تھ شڪل مان خوف ڇو ظاھر ٿئيس، کيس دلجاءِ ڏيڻ جي خيال سان اھي شيون ھٿ ۾ کڻي جاچڻ لڳس. شيون ھيون ڏاڍيون خوبصورت، نازڪ، ڪاريگري جو بھترين نمونو ۽ منجھن باريڪ ڪم ڪيل ھو، منھنجي اچرج جي حد نھ رھي جو ڏٺم تھ ٽئي شيون رنگين ھيو، ھڪڙو آستين جو، رڳو ھڪ بٽڻ ڳاڙھي رنگ جو چوڪنڊو ھو جنھن جي وچ ۾ واڱڻائي رنگ جو نقطو ھو. ٻي ھڪ ڪن والي ھئي جا گلابي رنگ جي نھايت سھڻي ۽ منجھس باريڪ ڪم ٿيل ھو، جنھن مان ٺاھيندڙ جي ڪاريگري ٿي معلوم ٿي. ٽيون قميص جو اڳيون بٽڻ جو آسماني رنگ جو ھو پر ان جي مٿي تي سھڻي چٽسالي ڪيل ھئي، مون جمعدار جو ڌيان ڇڪائيندي کيس چيو: ”واه جي ڪاريگري آھي! ڪھڙيون نھ سھڻيون شيون آھن، جمعدار! اھي ايسر وٽ ڪيئن آيون؟“

جمعدار گلو صاف ڪندي، ٿورو ڊڄندي ڊڄندي چوڻ لڳو: ”صاحب! ملاقاتي جيڪي ايندا آھن سي چرين کي اھڙيون شيون ڏيو ھليا ويندا آھن.“

مون جمعدار جو جواب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ۽ انھن شين کي غور سان جاچڻ لڳس، ڏٺم تھ اھي سڀئي شيون ھڏي مان ٺھيل ھيون،  مون جمعدار کي چيو: جمعدار! تون ڀليل آھين! اوھين پنھنجو ڪم خبرداري سان نٿا ڪريو. ھي سڀ شيون ايسر جون ٺاھيل آھن! ڇا ايسر ٻيڙي پيئندو آھي؟“

جمعدار منھنجي ڳالھھ ٻڌي وائڙو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو تھ ”ھا صاحب! ايسر ٻيڙي ڇڪيندو آھي.“

آئون وري انھن شين کي جاچڻ  لڳس ۽ جمعدار کي چيم تھ ڳولي ڪڍ تھ اھو ڪھڙو سپاھي آھي جو ايسر کي رنگ ٿو آڻي ڏي، ٻن ڏينھن جي اندر تو ڳولي نھ ڪڍيو تھ توکي آئون سسپيند ڪندس.

ايسر ڏانھن مخاطب ٿي چيم، ”ايسر تون ڪو ڊپ نھ ڪر! توکي رنگ کپن تھ آئون توکي وٺي ڏيندس، تو پنھنجو ڪم اڌورو ڪيو آھي. بٽڻ، واليون ۽ ڪف جا بٽڻ پورا ڪري ڏي. مون کي گھڻيون نينگريون آھن، ٺاھي ڏيندين؟ چڱو ڀلا ھاڻي وڃ. ضرور ٺاھي ڏجانءِ، واه جو ڪاريگر آھين! ۽ جمعدار کي چيم: جمعدار! منھنجي طرفان صبح جو ايسر کي چانھھ ۽ ماني روز ملڻ  گھرجي.“

مون اھو ايسر کي دلجاءِ ڪرڻ لاءِ فريب ڏنو ھو، ھڪ ڳالھھ تمام چڱي نموني سان ظاھر ٿي چڪي ھئي تھ ايسر جي دماغ م ضرور فطور آھي ڇاڪاڻ تھ شيون جيڪي ٺاھيون ھئائين سي سڀ نامڪمل ھيون. ٽن مختلف شين جي بدران ھو ھڪ جوڙو والين جو ٺاھي ھا يا قيميص جي بدران ھو ھڪ جوڙو والين جو ٺاھي ھا يا قميص جي ٽي  بٽن يا ڪف جا چار بٽڻ. ڪوبھ سيٺ پورو نھ ھو ۽ اھو عمل ھن جي بگڙيل دماغي توازن جي گواھي ڏيئي رھيو ھو، پر مون کي اڻ تڻ ھئي تھ ھن جو راز معلوم ڪريان.

ٻن ھفتن ۾ ايسر چار جوڙا والين جا، چار جوڙا ڪف جي بٽن جا، ٻارھن قميص جا بٽڻ، چار نڪ جون ڦليون ۽ چار منڊيون ٺاھي آيون، شيون ڏسي مون ھن جي ڏاڍي ساراه ڪئي ڏاڍو خوش ٿيو. نيٺ ڪجھھ ڪجھھ ڳالھائڻ لڳو.

مون ڏاڍي احتياط سان کانئس پڇيو: ”ايسر مون کي ڏاڍو افسوس آھي! تو جھڙو قابل ماڻھو، ائين پنھنجي ٻار کي گھٽو ڏيئي ماري! توکي ڇا ٿيو ھو؟“

ڏٺم تھ انھيءَ چوڻ ايسر تي ڏاڍو اثر ڪيو، ھن جي چھري تي ھڪ رنگ آيو ٿي تھ ھڪ رنگ لٿو ٿي. سمجھيم تھ ھن جي اندر ۾ ويڙھ ٿي رھي ھئي تھ جواب ڏيان يا نھ ڏيان؟ ھڪ ٻن ڳيتن ڏيڻ کان پوءِ ھو چوڻ لڳو تھ ”صاحب! اوھان جھڙو سمجھو ماڻھو بھ ائين چئي سگھي ٿو، ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو تھ پنھنجي آنڊي کي ڪو پنھنجن ھٿن سان گھٽو ڏيئي ماريندو؟“

مان: پر ايسر؟ ھي ثابت ٿي چڪو آھي تھ تو گھٽو ڏنو ھو.

ايسر ان جو مون کي ڪو جواب نھ ڏنو، رڳو الڪي سان مون کي ڏسڻ لڳو آئون سمجھي ويس تھ وڌيڪ پڇندس  تھ ھو ڪجھھ ڪين ٻڌائيندو، اتي مون ملاقات ختم ڪري ڇڏي، سڄي رات مون ايسر جي جواب تي غور پئي ڪيو. ڇاڪاڻ تھ مون سمجھيو تھ ھن جواب ڏنو ھو پر سوال جي صورت ۾ ”پنھنجي آنڊي کي بھ ڪو ھٿن سان گھٽو ڏيئي ماريندو؟“ يعني پنھنجي ٻار کي ائين گھٽو ڏيئي ڪو ڪين ماريندو آھي. نفسياتي تقاضا بھ اھائي آھي تھ پنھنجي اولاد جو ساه ڪوبھ ائين نھ ڪڍندو. پر ايسر ائين ڪيو ھو! تنھنجو مطلب تھ ٻار ايسر جو نھ ھو، انھيءَ ڀيد جو پتو سواءِ ايسر جي ٻيو ڪونھ  ڏيئي سگھي ھا، پر ايسر اھو راز ٻڌائي پنھنجي جان ڪيئن ڦاسائي ھا. اھا ڳالھھ منھنجي لاءِ ڏکي ھئي تھ ان کان ڀيد ڪيئن ڪڍان. ٻھ چار ڏينھن ان کي ڇڏي ڏنم تھ ائين نھ سمجھي تھ آئون ڪو آتو آھيان.

ھڪ ڏينھن کيس وري گھرائي مون ھن کي چيو: ”ايسر مون تنھنجي حالت تي ڪھل ٿي اچي! چرين جي اسپتال جي زندگي توکي وڻي ٿي؟ ڇا ائين سڄي ڄمار ھتي پيو ھوندين؟“

ڏٺم تھ ايسر ڪنھن ڳوڙھي ويچار ۾ ھو! نيٺ مٿو مٿي ڪري ۽ ڏکويل صورت بنائي چيائين: سائين! آئون ھتي ڏاڍو ڪڪ آھيان ۽ آزار ۾ آھيان! انھيءَ حياتيءَ کان تھ موت بھتر آھي، پر ڇا ٿو ڪري سگھان!

مان: ھتان وڃڻ جي ڪوشش ڇو نٿو ڪرين؟ جيسين تنھنجو ڪيس ھلي فيصلو نھ ٿيندو تون اتي ئي پيو ھوندي، ڇا توکي ٻار ٻچا ياد نٿا اچن؟

ڏٺم تھ انھيءَ چوڻ ايسر کي تڙپائي ڇڏيو ۽ ھو وري ڪنھن ويچار ۾ پئجي ويو، موقعي کي ھٿان نھ وڃائيندي مون وري ايسر کي چيو: توکي ھتان ڇٽڻ جو سولو رستو ڏيکاري سگھان ٿو!

ايسر ڏاڍي پريشانيءَ مان منھنجي شڪل کي غور سان ڏسڻ لڳو ۽ ھن جي چھري تي ھاڻي غم بدران  ڊپ ڏسڻ ۾ آيو.

ايسر: ڪيس ھليو تھ آئون ڦاسي کائي ويندس.

مان: (ھمدردي سان) پوءِ اھڙو ڪم ڇو ڪيئي؟

ايسر: (غمگين حالت ۾) آئون مجبور ھوس، پنھنجي ھوش ۾ نھ ھوس.

ايسر جي چھري تي ھڪ نظر وجھندي سمجھي ويس تھ ھو سچ چئي رھيو آھي، موقعو بھ سٺو ھو جو ھن جو راز معلوم ڪري سگھجي، تنھنڪري ساڻس ھمدردي ڪندي  چيم توکي اجايو ڊپ آھي! ھڪڙو طريقو آ جو تون ڦاسي کان بھ بچي سگھين ٿو تھ ھتان ڇٽي پنھنجي حياتي راحت ۾ گذاري سگھين ٿو!

ايسر: اھڙي سرادي ڪرين تھ ٻچن کي دعائون  ڏيندس.

مان: ھا! پر اھو مان تڏھن ڪندس، جڏھن تون مون کي پوري حقيقت کان واقف ڪندين ۽ مان ڏسندس تھ تون منھنجي ھمدردي جو پورو مستحق آھين.

انھيءَ تي ڏٺم تھ ايسر خوش نظر پئي آيو ۽ پنھنجو بيان ائين شروع ڪيائين:

منھنجو نالو ايسر داس آھي، آئون اصل ۾ ڪنڊياري جو ويٺل آھيان ھتي جا گھڻا ماڻھو ھوشيار ۽ پڙھيل ھوندا آھن، آئون بھ ڪراچي جي ڪاليج ۾ پڙھندو ھوس. جھڙو ڪاليج جو وايو منڊل ھوندو آھي، آئون بھ آزاد خيال ھوس ۽ ڇوڪرين جي آزاديءَ جو بھ رکپال، تنھنڪري مون ڪاليج جي ھڪ آزاد ڇوڪريءَ سان جا اصل ۾ سکر جي ويٺل ھئي، وھانءُ ڪيو، مون کي گھمڻ جو گھڻو شوق ھوندو ھو، تنھنڪري ھميشھ پنھنجي استريءَ کي بھ گڏ وٺي ويندو ھوس، تاڪھ ھوءَ بھ جابجا سير ڪري، طرح طرح جي ماڻھن سان ملي. خيالن جي مٽا سٽا ڪري زماني جو تجربو حاصل ڪري. جا ڳالھھ ھڪ تعليم يافتھ استريءَ لاءِ آئون ضروري سمجھندو ھوس، منھنجو ڪم ٺيڪن کڻڻ جو ھو. گھڻو ڪري ريلوائي ۽ رستن ٺاھڻ جا ٺيڪا کڻندو ھوس. زماني ساز ماڻھو ھوس، آفيسرن سان ملڻ جلڻ رکندو ھوس، تنھنڪري انھن ۾ ڏاڍي عزت ھوندي ھيم ۽ پنھنجي ڌنڌي مان ڏوڪڙ بھ خوب ڪمايم،  ڇاڪاڻ تھ زيردستن توڙي بالا آفيسرن کي ھميشھ خوش رکندو ھوس. ھڪڙي ڏينھن اسٽيشن کان پرڀرو ريلوائيءَ جو وڏو ٺيڪو مليو تنھنڪري پنھنجي استريءَ بملا کي بھ پاڻ سان گڏ وٺي ويس تھ ڪم جو ڪم ۽ وندر جو بھ سامان ٿي پوندو. آفيسرن سان ائين دوستي ھئي، تنھنڪري انجنيئري بنگلو ملي ويو. جتي رھڻ لڳاسين، بنگلي جي ويجھو آسپاس ڪو وڏو شھر يا ڳوٺ ڪونھ ھو، پري پري ننڍا واھڻ ھئا، آسپاس رڳو مزورن جا جھوپڙا ھئا، جي مون وٽ مزدوري ڪندا ھئا، مون وٽ ھڪ پراڻو ٻڍو نوڪر ھو جو رسوئي ٺاھيندو ھو باقي ٿانو تپا ماڃڻ ۽ ڌوئڻ جو ڪم مزدور عورتون اچي ڪري وينديون ھيون.

بملا جي عمر ويھن سالن کان مٿي ھئي، سندس مائٽ چڱي خاندان جا ھئا ۽ نئين زماني جا ھوندي بھ  جھوني تھذيب جا زبردست حامي ھئا. ڇوڪرين جي تعليم جي فائدي ۾ ھئا، پر ڇوڪرين جي آزاد خياليءَ جي بنھھ برخلاف. آئون ٻين خيالن جو ھوس ۽ ساڳيو حال بملا جو ھو. ڪاليج جي آزاد تعليم جي ڪري ماڻھن سان ملڻ ۽ ڇرڪندي بنھھ ڪين ھئي. تنھنڪري ڪيترا ڀيرا گھمي مزدورن جو ڪم بھ ڏسندي ايندي ھئي، اھڙي سنسان جڳھھ ۾ سواءِ ھڪ ھارمونيم واجي، سکمڻي، تاش جي پتن ۽ ڪجھھ ماھوار رسالن جي بملا وٽ طبيعت وندرائڻ جو ٻيو ڪو سامان ڪونھ ھو. دل کولي ڳالھين ڪرڻ لاءِ بھ ڪو ڪونھ ھو. آسپاس جي ڳوٺن مان يا مزدور زالن مان ڪڏھن ڪڏھن ڪي زالون اچي ان وٽ نڪرنديون ھيون تھ ويھي چار چونڪ ڪنديون ھيون. پر اھي غريب اڻ پڙھيل زالون کانئس ڊڄنديون ھيون، تنھنڪري گھڻو ڪين اينديون ھيون. ھوءَ گھٻرائجي ويندي ھئي تھ ھارمونيم کڻي وڄائيندي ھئي ۽ ڳائيندي بھ ھئي تھ ڪڏھن رسالا کڻي پڙھندي ھئي، پر جيستائين ڪو ٻڌڻ ٻڌائڻ وارو ھجي تھ انسان جلد ڪڪ ٿي پوندو آھي! ساڳ حالت بملا جي بھ ھئي، وڌيڪ بي چين ٿيندي ھئي  تھ بندلي کان ٻاھر نڪري ايندي ھئي ۽ سامھون باغ ۾ رنگ رنگ جا گل ڏسي انھن سان کيڏندي ھئي، ڪڏھن ڪڏھن جيپ ۾ چاڙھي آئون ھن کي پري پري پنھنجي ڪم تي وٺي ويندو ھوس، پر گھڻي گرمي ھجڻ ڪري انڪار ڪندي ھئي ۽ آئون بھ کيس زور نھ ڪندو ھوس، شام جو ھميشھ بيتابيءَ سان منھنجي موٽي اچڻ جو انتظار ڪندي ھئي، اسين ٻئي گڏجي پھرين چانھھ پيئندا ھئاسين ۽ پوءِ گھڻي دير کان پوءِ رسوئي کائي سمھڻ جو خيال ڪندا ھئاسين.

ھڪڙي ڏينھن سورج آھستي آھستي الھندي پاسي  افق تي پھچي ويو ۽ ان جا ھلڪا ھلڪا ڪرڻا ھڪ ھڪ ڪري غائب ٿيندا ويا. مون پري کان ڏٺو تھ بملا ورانڊي ۾ ھڪ آرام ڪرسيءَ تي ويٺي ڪنھن ڪتاب جو اڀياس پئي ڪيو، مون سان گڏ موتي رام اوسيئر بھ ھو، ھو اڄ ئي ھتي بدلي ٿي آيو ھو، منھنجو نھ رڳو ذات ڀائي پر ڳوٺائي بھ ھو، موتي رام ريلوائي  جو اورسيئر ھو، مون سان چڱي دوستي ھوندي ھيس، بلڪھ ھن جي ڪري مون کي ريلوائي جي ٺيڪن ۾ ڏاڍو فائدو پھتو ھو، تنھنڪري آئون ھن کي خوش رکڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ۽ خوشامد ڪندو ھوس، جنھن بنگلي ۾ آئون رھيل ھوس تنھن کان ٽي ميل پري انجنيئري آفيس جي ڀر ۾ ھڪ ننڍي ڪوٺيءَ ۾ اچي ٽڪيو ھو. ڳالھيون ڪندي خبر پيم تھ ھڪ نوڪر ماني پچائڻ لاءِ پاڻ سان وٺي آيو ھو، باقي ٻيو ڪم ڪار آفيس  جو اردلي ڪندو ھو.

ٽي سال کن ٿيا ھئا جو سندس استري گذاري وئي ھئي اڃا تائين ٻي شادي ڪانھ ڪئي ھئائين، تنھنڪري گھر ۾ ان لاءِ ڪا خاص دلچسپي نھ ھئي، جنھن حالت ۾ اڄ ئي ھتي پھتو ھو تھ مون کيس ماني کائڻ جي دعوت ڏني ۽ اھو بھ خيال ھوم تھ بملا سان بھ سڃاڻپ ڪرائيندومانس. ڇاڪاڻ تھ ھوءَ بھ اٻاڻڪي گذاريندي ھئي، اسان جي پھچڻ تي بملا اٿي بيٺي، مون موتي رام جي تعريف ڪئي ۽ چيو تھ منھنجي ننڍي ڀاءُ وانگر آھي ۽ ٺيڪي جي ڪمن ۾ منھنجي ڏاڍي مدد ڪندو آھي. ٻيو تھ ڳائڻ ۾ بھ ڏاڍي ڀڙ آھي. کاڌو  کائي موتي رام  بملا جي ھارمونيم وڌائيندي ان کي بھ ڳائڻ لاءِ چيو. پھريائين شرم وچان بملا نھ پئي ڳائي، ڳائي نيٺ ھمت ڪري ڳايائين. موتيءَ ڏاڍي تعريف ڪيس تھ آواز  سٺو اٿس، ٿوري تعليم تي سٺو ڳائڻ سکي ويندي. مون موتيءَ تي زور آندو تھ فرصت جي وقت تي بملا کي ڪجھھ نھ ڪجھھ سيکاري. اھڙي طرح موتي رام روز اچڻ لڳو، پھرين بملا حجاب کان سکڻ جي نھ پئي ڪري، پر منھنجي زور ڀرڻ تي سکڻ لڳي ۽ ٿورن ڏينھن ۾ ھوشيار ٿيندي وئي. آئون صبح جو ناشتو ڪري نڪرندو ھوس تھ ٺيڪي جي ڪمن جي ڪري ٻپھريءَ جي مانيءَ تي ڪڏھن ڪڏھن نھ بھ پھچي سگھندو ھوس، تھ شام جو موٽي ايندو ھوس. موتي رام جي اچڻ ڪري بملا جي اٻاڻڪي ۽ اداسي دور ٿيندي وئي ۽ راڳ ۾ بھ ڏينھون ڏينھن قابل ٿيندي وئي ھن کي خوش ڏسي منھنجو فڪر بھ دور ٿي ويو ۽ آئون وڌيڪ ٺيڪي جي ڪمن کي ڏسڻ لڳي ويس، ڪڏھن ڪڏھن آئون ھڪ ھڪ ٻھ ٻھ ڏينھن موٽي ڪين ايندو ھوس ۽ ٽيليفون  تي موتي رام کي چئي ڇڏيندو ھوس تھ رات نھ ايندس تھ ھو مھرباني ڪري رات منھنجي بنگلي ۾ گذاري تھ جيئن بملا کي منھنجي غير حاضري جي ڪري ڪنھن قسم جو ڊپ ڊاءُ نھ ٿئي. اھڙي طرح منھنجي سادگي، بيوقوفيءَ ۽ شرافت جو غلط فائدو وٺندو ويو، ٽي چار مھينا ائين گذري ويا، ڪڏھن ڪڏھن تھ پري پري لائين تي نڪري وڃڻ جي سبب ھفتي تائين موٽي اچڻ نھ ٿيندو ھو، ٻيو تھ مون کي اطمينان ھو تھ موتي رام بملا جو سماءُ پيو وٺندو ھوندو. ڏاڍو چڱو سماءُ پئي رکيائين! جو ڍيري گڏھھ رکوال ھو. مون کي انھيءَ طرف خيال ئي نھ ويو ڇاڪاڻ تھ منھنجو من صاف ھو ۽ ٻيو موتيرام مون کان چڱا پئسا ڪمائيندو ھو، تنھنڪري مون کي ان ۾ ڪنھن قسم جو گمان بھ نھ ھو. تان جو منھنجي نوڪر لکيو، ھڪ ڏينھن منھنجو ڌيان ڇڪايو تھ ”بابو! ڇا ٿا ڪريو! ڪجھھ ساڃھھ ڪريو! مون کي دال ۾ ڪارو نظر ٿو اچي.“ مون لکوءَ کي چيو ”ڇا ٿو چئين! بملا اھڙي زال نھ آھي، ھن کي مون سان پيار آھي.“

لکوءَ جواب ڏنو تھ ”ٽن مھينن کان آئون ٻنھي ڄڻن کي پيو جاچيان مون اوھان جو ۽ اوھان جي سرڳواسي پتا جو نمڪ کاڌو آھي، ننڍو خواه وڏو اوھان وٽ ئي ٿيو آھيان، آئون اھڙو بيوقوف نھ آھيان جو ڪا اجائي ڳالھھ پنھنجي مالڪڻ جي برخلاف چوان.“

پھريائي مون موتيرام کي چوندي ٻڌو تھ ”ايسر داس ڏاڍو بي پرواھ ماڻھو آھي جو توکي ائين اڪيلو ڇڏي راتين جون راتيون غير حاضر ٿو رھي.

وري ھڪ ڏينھن مون کيس چوندي ٻڌو تھ ”بملا ڀڳوان توکي ڏاڍي سونھن ڏني آھي ۽ پوءِ ھيٺان کان وٺي مٿي تائين چوڻ لڳو تھ ”تنھنجيون اکيو ڄڻ ڪارا ڀوئنر! ۽ ڏس تھ سھي اکيون اکين ۾ ملائي چوڻ لڳو، ”ڪھڙيون نھ نماڻيون آھن؟ تنھنجي شڪل تھ .......... کي بھ مات ڪريو ڇڏي؟ تنھنجا ڪارا وار ڄڻ ڪڪر آھن ۽ جنھن وقت تون مشڪين ٿي تھ بجلي ڪريو پوي.“

اھو ٻڌندي ئي بملا ٽھڪ ڏيئي کلي چوڻ لڳي تھ ”موتيرام ڳائڻ تھ سٺو ٿو ڄاڻين، پر اڄ پتو پيو تھ شاعري بھ ڄاڻين ٿو.“

موتيرام مشڪندي چيو تھ ”ھڪ ڳالھھ ٻڌايان؟“

بملا مشڪي مٿو ڌوڻي ”ھائو“ ڪئي.

موتيرام چيو تھ ”دل برابر رکين ٿي، پر ڪٺن دل آھين!“

بملا ٿورو ڪاوڙجي چيس تھ ”تنھنجو مطلب؟“ ۽ پوءِ اٿي اندر ھلي وئي لکو وڌيڪ چيو ”مون سمجھيو تھ بملا توھان کي سڀ ڪجھھ ٻڌائي ڇڏيندي، تنھنڪري ماٺ ۾ رھيس، ٿورن ڏينھن م کان پوءِ ڏٺم تھ ھو وڌيڪ ھڪٻئي سان ڇڙواڳ نظر پئي آيا ۽ کل مسخري وڌندي پئي وئي! مون کي موتيرام جو ھتي سمھڻ نٿو وڻي، اوھين مالڪ آھيو! مون اوھان کي چتاءُ ڪري ڇڏيو آھي، جيئن وڻي تيئن ڪريو!

مون سوچيو لکو اسان جي جھونو نوڪر ھو، ضرور ھن ڪجھھ ڏٺو آھي! تنھنڪري مون کي خبردار ڪيو اٿس، مون بھ پنھنجي دل ۾ پڪو پرن ڪيو تھ ڇا ڳالھھ آھي ضرور معلوم ڪرڻ گھرجي، تنھنڪري انھيءَ رات مانيءَ تي جڏھن  پوتيرام بھ ھو ڳالھھ ڪڍيم تھ سڀاڻي آئون لائين تي تمام پري ٺيڪي جي ڪم جو سماءُ وٺڻ لاءِ وڃي رھيو آھيان، شايد ٽي چار ڏينھن ٻاھر ھوندس، تنھنڪري موتيرام ھميشھ وانگر بملا جي سنڀال رکج.

ٻئي ڏينھن لکوءَ کي سمجھائي ڇڏيم تھ رات جو دير سان موٽي ايندس، تنھنڪري ماٺ ۾ دوازو کليو رکي ۽ ڪنھن سان ڳالھھ نھ ڪري!

آئون ٻارھين بجي ڌاري رات جو موٽيس در کليو پيو ھو، آھستھ آھستھ ڪري لکوءَ جي ڪوٺيءَ ۾ ويس، ڏٺم تھ جاڳيو پئي، پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيم تھ موتيرام بملا جي پاسي واري ڪمري ۾ آھي، اسين آھستي آھستي پيرن جي آڱرين تي ھلي اندر وياسين، ڏٺم تھ موتيرام جي ڪمري جو در کليو پيو ھو! ۽ موتيرام ھوريان ھوريان بملا جي ڪمري جو در کوليو، جو اندران بند نھ ھو، اندر ھليو ويو! بملا بيھوش ستي پئي ھئي! کيس در ائين کليو نھ ڇڏڻ کپندو ھو، موتيرام بملا کي ڳراٽڙي پائي اٿارڻ لڳو، ھو گھٻرائي اٿي ويٺي! موتيرام پيار ڪندي پڇڻ لڳو ”ڇا ڊڄي وئينءَ بملا؟“

بملا ڪروٽ موڙيندي کيس کٽ تي وھاريندي چيو تھ ”ڇا توکي آئي گھڻي دير ٿي آھي؟ مون کي تھ ڏاڍي ننڊ اچي وئي ھئي!“

موتيرام ٿورو دل جھلي ھٻڪندي ھٻڪندي چوڻ لڳو: ”بملا! تو تھ منھنجي دل قابو ڪري ورتي آھي، منھنجي ڪامنا آھي تھ اسان کي ھاڻي ھتي وڌيڪ رھڻ نھ گھرجي، متان اسان جو ڀيد کلي پوي! مون کي اڳي ئي شڪ ٿو پوي تھ لکوءَ کي خبر پئجي  وئي آھي، تنھنڪري اسان جي لاءِ مناسب ائين ٿيندو تھ ڪنھن اھڙي محفوظ جڳھھ ٿي ڀڄي ھلون جو اطمينان سان عيش عشرت جي حياتي گذاريون، مون سڀ ڪجھھ بندوبست ڪري ڇڏيو آھي، رڳو تنھنجي اجازت گھرجي. ايسر داس کي ٻھ ٽي ڏينھن اچڻ ۾ لڳندا ۽ لکو ستو پيو ھوندو، تنھنڪري اٿ تھ ماٺ ڪري بائسڪائڪ تي چڙھي توکي پنھنجي ڪوٺيءَ ڏانھن وٺي ھلان، جتان رواني ٿيڻ جو مون سمورو بندوبت پڪو ڪري ورتو آھي.“

مون سموري گفتگو دريءَ جي اوٽ ۾ بيٺي ٻڌي، موتيرام جو ھڪ ھڪ لفظ تير وانگر مون کي دل ۾ پئي لڳو، پر مون صبر کان ڪم ورتو ۽ گھريم ٿي تھ بملا جو حال بھ معلوم ڪريان، ڏٺم تھ بملا گھٻرايل ھئي، تنھن ھوندي بھ ھمت ڪري کٽ تي اٿي ويٺي ۽ چوڻ لڳي تھ ”موتيرام تنھنجو مغز تھ جاءِ تي آھي، چئين ڇا ٿو؟“ مون کان وڏو اپراڌ ٿيو جو تنھنجي راڳ تي موھت ٿي ۽ تنھنجي سڻڀين ڳالھين ۾ ڦاسي مون اھو ڪيو جو مون کي نھ ڪرڻ کپندو ھو، پر الائي اھو ڪھڙو جادو ھو جنھن مون کي ٿيڙي ڇڏيو، ايسر داس کي آئون ئي چاھيان ٿي! ھو ئي منھنجو سڀ ڪجھھ آھي! تنھنجي حيثيت ئي ڪھڙي آھي، جو مون کي ڀڄي ھلڻ لاءِ ٿو چوين.“ منھنجو جيون ناس ڪرڻ ٿو گھرين! آئون اھڙو ڪڌوڪ ڪم ھرگز نھ ڪندس.

موتيرام چوڻ  لڳو تھ ”ايسر داس کي خبر پئجي وئي تھ ڇا ڪندينءَ؟ ھو لت ھڻي ٻاھر ڪڍندءِ! منھنجي ڳالھھ مڃ! مون سان ھلي سکي رھندينءَ.“

بملا ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ جواب ڏنو تھ ”ڪجھھ بھ ٿي پوي آئون ڪونھ ھلندس، تون ھتان ھينئر جو ھينئر ھليو وڃ.“

ڏٺم تھ موتيرام کيسي مان ھڪ وڏو چاقو ڪڍي کيس ڊيڄاري چوڻ لڳ، ”ھلين ٿي يانھ؟ نھ تھ ھينئر ئي آنڊا ٻاھر ٿو ڪڍين رکان.“

منھنجو جسم ڪاوڙ کان ڏڪي رھيو ھو مون يڪدم پنھنجو پستول سنڀالي دريءَ مان موتيرام ڏي نشانو وٺندي رڙ ڪري چيو: ”بدمعاش  ڦٽو ڪر چاقو، نھ تھ ھينئر ٿو ساھ ڪڍانءِ.“ اھو چئي مون فائر ڪيو، پر لو جو منھنجي پٺيان بيٺو ھو تنھن منھنجو ھٿ کڻي مٿي ڌڪيو! گولي وڃي ڇت ۾ لڳي، موتيرام ان جو فائدو وٺي ٽپ ڏيئي در مان ڀڳو. آئون ان جي پٺيان وڃڻ وارو ھوس تھ لکوءَ مون کي جھليندي روڪيو، ”ڇا ٿا ڪريو! عقل کان ڪم وٺو.“

موتيرام اھڙو ڀڳو جو  وري نوڪري تي ئي نھ آيو، ٻئي ڏينھن بملا کي سندس مائٽن ۾ ڇڏي آيس، گھڻي ئي ڪوشش ڪيم پر ڪم تي دل نھ پئي لڳي، نيٺ پنھنجي  خاص ماڻھوءَ کي ٺيڪو سپرد ڪري ھندوستان ھليو ويس، ڪڏھن بمبئي، ڪڏھن مدراس تھ ڪڏھن ڪلڪتي، سڄو سال ائين در بدر رلندو رھيس، مون کي آرام نھ پيو اچي، جنوني حالت ٿي وئي.

دوستن گھڻو ئي علاج  ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ورتي، پر فائدو نھ ٿيو، نيٺ مون کي زبردستي گھر اماڻيائون. جڏھن سکر پھتس تھ حالت وڌيڪ خراب ٿي جنھن جو وڏو ڪارڻ اھو ھو جو بملا کي ٽن مھينن جو ٻار ھو، ٻار  کي ڏسندي مون سمجھي ورتو تھ اھو ٻار منھنجو نھ آھي، آئون پنھنجي وس ۾ نھ ھوس، ان کي گھٽو ڏيئي پورو ڪريم ڇڏيم، پوليس اچي وئي، ٿورن ڏينھن جي  ڀڇا ڳاڇا کان پوءِ  چرين جي اسپتال ۾ موڪليو ويس، ھاڻي اوھان جي شرن اچي پيو آھيان! جيئندان ڏيو يا ماري ڇڏيو.“

ايسر داس جي ڪھاڻي ٻڌي مون کي ڪھل اچي وئي تنھن کان سواءِ ھن جو ڪيس بلڪل صاف ھو، ڇاڪاڻ تھ ٻار جي خون ڪرڻ وقت يا قن کان اڳي ھن جو دماغي توازن ٺيڪ نھ ھو، تنھنڪري جنھن وقت ھن خون ڪيو، ھو ذميوار نھ ھو، مون  ھن کي سمجھايو تھ جيڪڏھن ھن جو وڪيل انھيءَ نقطي تي ڪيس ھلائيندو تھ ھندوستان جي دوستن جي شاھدي ۽ سکر جي ماڻھن جي شاھدي تي ھو ڦاسي کان بچي سگھي ٿو، بلڪھ ڇٽي بھ سگھي ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com