سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :3

 

سونو ھار

 

يارھن سوا يارھن مس لڳا، منھنجو دستور ھوندو ھو تھ پٽيوالي کي چوندو ھوس تھ مون کي چانھھ ٺاھي آڻي ڏي، چانھھ جو بندوبست مون اتي ئي پنھنجي آفيس ۾ رکيو ھو. پٽيوالو ھميشھ ان وقت منھنجي چوڻ تي چانھھ ٺاھي کڻي ايندو ھو. جمع جو ڏينھن بھ ھو، خيال ڪيم تھ چانھھ پي آفيس جا ڪجھھ ڪاغذ صحيح ڪري پوءِ گھر روانو ٿيان. جمع جي ڏينھن ھميشھ ٻارھين بجي آفيس جو ڪم لاھي گھر ويندو ھوس جو انھيءَ ڏينھن آفيس اڌ ڏينھن بند رھندي ھئي ۽ وري جمع نماز جي تياري بھ ڪرڻي ھئي. اڃا چانھھ پي رھيو ھوس تھ جمعدارڻ سھڪندي سھڪندي ڪمري ۾ گھڙي آئي، ھن کي اھڙي ھالت ۾ ڏسي پڇيم، تھ ”خير تھ آھي جو سھڪندي پئي اچين؟“ جواب ڏنائين تھ، ”سائين مڙيئي خير آھي، پر رضيھ اوھان کي ياد ڪيو آھي ۽ ڏسڻ ٿي گھري.“ پڇيومانس تھ ”ڪھڙي رضيھ“ ڇوتھ اسان وٽ ساڳئي نالي جا ٻھ ٻھ ۽ ٽي ٽي بيمار بھ ھوندا آھن. منھنجي انھيءَ سوال تي جمعدارڻ جواب ڏنو تھ ”صاحب! اھا ڪسبياڻي رضيھ.“ مون کي انھيءَ تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ ڪاوڙ ۾ چيومانس تھ ”جمعدارڻ مون توکي ڪيترا ڀيرا چيو آھي تھ اھڙو لفظ واتان نھ ڪڍندي ڪر، موت پويئي وائڻي ڇو نٿي چئينس.“ جمعدارڻ گھٻرائجي وراڻيو تھ، ”حاضر صاحب! اڳتي ائين ڪندس.“ مون کي اوچتو خيال آيو ھفتي کان رضيھ بيمار ھئي، تنھنڪري متان سندس حالت ”خراب نھ ھجي. انھيءَ ڪري سعيو ڪري پڇيومانس تھ  ”رضيھ جي طبيعت ڪيئن آھي؟“ جواب ڏنائين تھ ”صاحب! اڄ تھ بلڪل ٺيڪ ٿي نظر اچي ۽ ڳالھائي بھ سنئون سڌو پئي.“ مون جمعدارڻ کي چيو تھ ”چڱو! تون ھل تھ آئون چانھھ پي اجھو ٿو اچان؟ چانھھ پيئندي مون کي رضيھ جو ڏھن سالن جو اڳيون واقعو اکين اڳيان ائين تري آيو جيئن ڪنھن سينيما جي پردي تي تصويرن ھڪٻئي پٺيان اينديون ۽ وينديون آھن.

ڏھھ سال ٿيا جو سرڪار وٽان ھڪ ضرور خط  آيو ھو، جنھن ۾ لکيل ھو تھ حيدرآباد جيل ۾ ھڪ قيدي آھي، جنھن کي ڦاسي جي سزا ملڻي آھي ساٻڌڻ ۾ آيو آھي تھ بيمار ٿي پئي آھي، تنھنڪري ھن جي دماغي حالت جو معائنو ڪري سرڪار کي اطلاع موڪليان تھ ھن جو دماغ ٺيڪ آھي يا نھ. خط ملڻ تي مون قيديءَ کي جيل ۾ وڃي ڏٺو ۽ شڪل ھئڻ جي حالت ۾ سرڪار کي لکي موڪليم تھ مون کي قيدي جي دماغي حالت ۾ شڪ آھي، تنھنڪري ھن کي جيل مان ڦيرائي پاڳل خاني ۾ آڻي رکڻ گھرجي، تھ اتي روزانو سندس چڪاس ڪري پورو رايو ڏياري موڪليان. ان لاءِ مون ٻن ھفتن جي مھلت گھري ۽ سندس سڄي ڪيس جو نقل بھ گھريم تھ ڏسان تھ ڪھڙي حالت ۾ کيس ڦاسيءَ جي سزا ملي ھئي. ڪيس بابت سموري معلومات حاصل ڪرڻ تمام ضروري ڳالھھ ھوندي آھي ڇاڪاڻ تھ ان مان اسان کي خبر پوندي آھي تھ قيدي ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڪري پاڻ کي چريو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري يا سچ پچ چريو آھي. قاعدو آھي تھ جيڪڏھن قيدي ڦاسي جي سزا اچڻ کان پوءِ چريو ٿي پوي تھ پوءِ ھن کي ڦاسي نھ ڏبي آھي جيستائين ڪھ اھو ثابت نھ ڪجي تھ قيدي چريو نھ آھي. مون وٽ اھي ڪاغذ پھتا جنھن ۾ رضيھ جي سڄي ڪيس جي ڪاروائي لفظ بھ لفظ ڏنل ھئي تھ انھن کي پڙھڻ کان پوءِ منھنجي حيرت جي حد ئي نھ رھي.

ڏھھ سال ٿيا تھ رضيھ، جا ھڪ رنڊي ھئي تنھن ھڪ ٻائي کي پنھنجي گھر ۾ جو چڪلي منجھھ ھو چاقوءَ سان پيٽ ڦاڙي خون ڪري وڌو ھو. چاقو لڳندي ئي ٻائي جا آنڊا ٻاھر نڪري آيا ھئا، پوليس ھن کي اسپتال کڻائي پئي وئي تھ واٽ تي ئي دم ڏنائين. رضيھ تي ڪيس ھليو ۽ ڪيس ھلندي جيڪو انڪشاف ٿيو سو نھايت حيرت انگريز ۽ ٻڌڻ وٽان آھي.

رضيھ کان جڏھن ڪورٽ ۾ پڇيو ويو تھ تو ٻائي جو خون ڪيو تھ ھن قبول ڪيو تھ مون برابر ائين ڪيو آھي. جڏھن جج ان جو سبب پڇيس تھ ڇو؟ جواب ڏنائين تھ ھڪ گپلي ڀڳت جي حرص ۽ ھوس جي شڪار کان مون پنھنجي عصمت بچائڻ لاءِ ائين ڪيو. ڪورٽ ھن رنڊيءَ جي زبان مان اھڙو عذر ڀلا ڪٿي ٿي ٻڌي، ھڪ وحشيا ۽ عصمت بچائي؟ ھن کان جيڪي بھ سوال ڪيا ويا تن جو جواب ھن پوري طرح نٿي ڏنو، بلڪھ ڪيترن سوالن جا جواب نٽائي ٿي وئي. رڳو خون ڪرڻ واري ڳالھھ جو اقرار ٿي ڪيائين. جج نھايت اچرج ۾ سڄي ڪاروائي ھلائي پوري ڪئي ۽ نيٺ پڇاڙيءَ ۾ پنھنجو فيصلو بھ ٻڌايائين جو ڦاسيءَ جي صورت ۾ ھو. ڦاسي ڏيڻ کان ڪجھھ ڏينھن اڳي ڏٺو ويو تھ رضيھ چري ٿي پئي آھي، تنھنڪري سرڪار  مون ڏانھن لکي موڪليو تھ ھن جي چريائي بابت پنھنجو پورو رايو ڏيان تھ ھن کي ڦاسي ڏني وڃي يا نھ. مون پنڌرھن ڏينھن سانده تپاسڻ کان پوءِ سرڪار کي لکي موڪليو تھ رضيھ واقيعي چري آھي. ڦاسيءَ جي سزا ملتوي ڪئي وئي ۽ رضھ کي چرين جي اسپتال ۾ علاج لاءِ مون وٽ رکيو ويو.

چانھھ پي جڏھن رضيھ وٽ پھتس تھ ڏٺم تھ کٽ تي ليٽي پئي ھئي. شڪل مان تندرست نظر پئي آئي، مون کي ڏسندي ئي کيڪاريائين ۽ چيائين ڊاڪٽر صاحب ھاڻي منھنجي موڪلاڻي آھي. ھاڻي آئون پرلوڪ سڌارڻ واري آھيان، پر مرڻ کان اڳي اوھان کان ھڪ وچن وٺڻ وٺڻ ٿي گھران، منھنجو ھڪڙو ڪم آھي. اھو اوھين ڪندا؟

ھن جي اھڙي سوال تي ھن کي چتائي ڏٺم تھ ھن جي اڳي ۽ ھينئر ڳالھائڻ ۾ ڏاڍو فرق ھو. جيڪي ڳالھايائين پئي سو بلڪل سالم دماغ ماڻھن جھڙو ھو. مون کي چيو تھ ھائو ٻڌاءِ، پوءِ اکين ۾ پاڻي آڻي سوڙ جي ھيٺان ھڪ سونو ھار ڪڍي، جنھن ۾ لاڪٽ بھ لڳل ھو، مون کي ڏنائين، آئون سونو ھار ڏسي وائڙو ٿي ويس. ڇاڪاڻ تھ اھڙيون قيمتي شيون بيمارن کان وٺي اسان پنھنجي دفتر ۾ رکندا آھيون ۽ رجسٽر ۾ ان جي داخلا رکي ڇڏيندا آھيون يا تھ اسپتال مان نڪرڻ وقت انھن کي ڏيندا آھيون يا مرڻ کان پوءِ سندن مائٽن کي. ھار ڏيندي مون کي چيائين تھ پرتگيا ڪريو تھ جتي چوندس اتي ھار پڄائي ايندا، مون ساڻس وعدو ڪيو ۽ خاطري ڏني مانس تھ دلجاءِ ڪري جتي چوندينءَ اتي اھو ھار پڄائي ڏيندس. خاطري ٿيڻ کان پوءِ ڪجھھ وقت مون کي ڏسندي رھي، نيٺ دل جھلي مون کي چيائين تھ، ڊاڪٽر صاحب! جنھن جج منھنجي خون جو ڪيس ھلايو ھو تنھن کي اھو ھار ڏجو، پر ٻئي ڪنھن سان ٻاڦ ٻاھر نھ ڪچجو تھ اھو ھار مون اوھان کي ڏنو آھي، مون کي خبر نھ آھي تھ ھاڻي جج صاحب جو نالو ڇا آھي. جيڪڏھن پڇا ڪري تھ چئجوس تھ ھي ھار راڌا ڏنو آھي. ھن جون اھي ڳالھيون ٻڌي آئون ويتر وڌيڪ حيران  ٿيس ويس ۽ کيس چتائي ڏسڻ لڳس تھ متان چريائي ۾ نھ ڳالھائيندي ھجي، مگر مون کي ھن جي اکين ۾ نموني مان اھڙي ڪا ڳالھھ نظر نھ آئي نيٺ وري پڇيومانس تھ راڌا ڪير آھي؟ تھ اھو ٻڌي سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ گھگي آواز ۾ جواب ڏنائين تھ؛ ڊاڪٽر صاحب! رضيھ ئي تھ اھا بدنصيب راڌا آھي. اتي منھنجي دل ۾ خيال آيو تھ برابر رضھ ئي راڌا ھوندي ڇاڪاڻ تھ سندس آواز ڦريل ھو مسلمانن جھڙو نھ بلڪھ ھندن وانگر ھو. تنھن ھوندي بھ مون کانئس پڇو تھ اھو ڀلا ڪيئن؟ تنھن تان چيائين تھ ڇا ھن دکيا جي آتم ڪھاڻي ٻڌڻ گھرو ٿا؟ مرڻو تھ اونھين اٿم چڱو ڀلا ٻڌي وٺو، پر جج کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي نھ ٻڌائيندا.

آئون ڀائي گوبندرام آفريڪا واري جي ڌيءَ آھيان، جڏھن ٻارھن ورھين جي مس ھيس تھ مھنجو پرڻو ٿيو، مون تي ڀڳوان جو اھڙو ڪوپ ٿيو جو منھنجا ڀاڳ ڦٽا. ٽن مھينن جي اندر منھنجي پتي جو مرتيو ٿي ويو ۽ آئون وڌوا ٿي ويس. منھنجي سھاڳ جا چوڙا ڀڃي ڇڏيائون، آئون پيڪي اچي رھي ھيس پر اتي بھ سڀ مون کي ڌڪار جي نظر سان ڏسڻ لڳا. سچ پڇو تھ منھنجو سڄو جيون ناس ٿي ويو. مون ننڍي نيٽي اڳين جنم ۾ الاجي ڪھڙو پاپ ڪيو ھو جو مون تي ھيءَ آپڌار پئي. ٻھ ٽي سال ائين ڏکن ۾ گذري ويا، سڄي گھر جو ڪم ڪارڪندي ھيس. جڏھن اڃا پندرھن ورھن جي مس ٿيس تھ ڀاڙي جو ھڪ ڇوڪر ھميشھ ڪاليج ويندي مون سان مسخريون ڪندو لنگھي ويندو ھو، جھڙو اڪثر ڪاليج جي شاگردن جو سڀاءُ ٿيندو آھي. آئون کڻي ماٺ ڪندي ھيس جيتوڻيڪ مون کي دل ۾ ڏاڍا خار لڳندا ھئا، آئون بھ نيٺ انسان ھيس. ھن جي انھن چرچن مون تي اثر ڪيو، منھنجي دل خود بخود ھن جي طرف ڇڪجي وڃڻ لڳي ۽ نيٺ منھنجي اکر ھن سان لڙي وئي. ڪاغذ وغيرھ اچڻ لڳا، ڏينھنون ڏينھن منھنجو ھن سان سٻنڌ ٿيندو ويو. گھر ۾ ڇڙٻن ۽ ٿڪ بجي منھنجي دل ٽوڙي ڇڏي ھي. پرماتاما منھنجو ڪھڙو اپراڌ جو سڀئي مون سان ڪلور ڪري رھيا ھئا. منھنجون جيون جانورن کان بھ بدتر ھو، ڇا آئون انسان نھ ھيس؟ ڇا ماتا پتا جي ھردي ۾ مون لاءِ تر جيترو بھ پريم نھ رھيو ھو؟ اھي ڀائر ڀينرون جن سان گڏجي نپنيس، تن جي پريت جو ڪنول بھ ڪومائجي ويو ھو ڇا؟ گھر جي ڀاتين جي اھڙي منور تي ڏسي منھنجي اندر بغاوت ڪئي ۽ گھر جن ڏکن مون کي مجبور ڪيو. نيٺ آئون سندر سان ھڪ رات ڀڄي نڪتيس. ڪراچي وڃي ساھھ پٽيوسين ۽ اتي لڪي رھڻ لڳاسين. ڀانيان ٿي تھ ڇھھ مھينا کن پاڻ ۾ گڏ ھئاسين، پريت ۽ پيار جي زماني ۾ سندر مون کي ھي ھار ٺھرائي ڏنو ھو، جو اسان جي پھرين پيار جي نشاني آھي. ھن ھار ۾ جيڪو لاڪٽ آھي تنھنجي اندر سندر جي تصوير آھي، ڪجھھ وقت کان پوءِ مون گرڀ رھجي ويو، ھڪ ڏينھن سندر سان پنھنجو حال ڇا اريم بلڪھ پنھنجي لاءِ وري مصيبت خريد ڪيم. سدر بھ عمر جو ڪو وڏو ڪين ھو ٻار ھو منھنجي گرڀ جو ٻڌي ڊڄي ويو. بس پوءِ تھ ٻئي ڏينھن مون کي ڇڏي ھليو ويو، اھڙو ويو جو وري موٽي نھ آيو، سندر بنا آئون ڏاڍي وياڪل ٿيس، نيٺ ٻيو چاڙھيو نھ ڏسي آپگھات ڪرڻ جو ارادو ڪيم، ٻيو ڪري بھ ڇا ٿي سگھيس. ڪراچي جھڙي شھر ۾ سندر کي ڪٿي ڳوليان ھا. گھران ٿورو بھ ٻاھر ٿي نڪتس تھ آئي وئي جي اکين ۾ ٿي آيس، مون کي جوان ۽ سھڻي ڏسي لوفرن ستائڻ شروع ڪيو، الائي انھن کي شڪ پيو تھ آئون ڀڄي آيل آھيان وري گھر موٽي بھ ڪھڙي شڪل سان وڃان ھا موچڙا اڳي ئي ٿي سجھيم. نڪري ساھرن ٿي وڃي سگھيس، نڪي پيڪي. مون لاءِ ھڪڙي واٽ ھئي آپگھات. نيٽي جيٽي تي وڃي پاڻ کي سمنڊ ۾ اڇلايم موت ڀاڳ ۾ لکيل ھجي تھ اچي، تنھن مون کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو ۽ منھنجي دکايل وارتا ٻڌي، مون کي ھڪ ڳوٺ ۾ پاڻ سان وٺي آيو جتي ڪجھھ ڏينھن کان مون کي ويم ٿيو ۽ پيٽ ڄائو. سال کن منھنجو وقت خير سان گذريو ۽ ٻائو بھ مون تي ٻاجھھ جي نظر رکندو آيو، مون سمجھيو تھ منھنجا ڀاڳ وريا آھن، جو اھڙو ديالو پرش ھٿ آيو آھي، پر مون دنيا کي سمجھڻ ۾ وري ڌوڪو کاڌو. ٻائو تھ نسورو ٻگلو ڀڳت ثابت ٿيو. سال کن کان پوءِ ھن جي بھ منواتي ڦيرو کائي وئي ۽ ھو سراسر بدنيت ٿي پيو، ھاءِ ڀڳوان! ھاڻي آئون ڇا ڪريان اڳي تھ ھڪ ھيس تھ پئي تڳيس، ھاڻي تھ ھي ٻالڪ بھ ھو، ھن کي ڪڏانھن ڪنديس، منھنجون پريشانيون وڌي ويون. ٻائو ڏاڍو ڪو لچو ھو، سو زور زبردستيءَ تي لھي آيو. پر مان ھمت ڪري پنھنجي سيتلتا ڪنھن نھ ڪنھن بھاني سان بچائيندس رھيس ۽ ھن کي ٽاريندي آيس. نيٺ ڪڪ ٿي ٻائو بھ پنھنجيءَ تي لھي آيو ۽ مون کي دڙڪو ڏيڻ لڳو تھ جيڪڏھن سنئين واٽ تي نھ ايندس تھ ھو منھنجي معصوم ٻار جو خون ڪندو. مون سمجھيو تھ ٻائو رڳو مون کي ڊيڄاري پنھنجو مطلب پورو ڪرڻ ٿو گھري، تنھنڪري مون ھن جي دڙڪي جو گھڻو خيال نھ ڪيو، پر ھڪ رات ڪٿان چڪو پي آيو ھو تنھنڪري زور زبردستي ڪرڻ لڳو، پر مون بھ ھڪ خوني شينھڻ وانگر سندس مقابلو ڪيو. پنھنجي ڪامنا پوري نھ ٿيندي ڏسي، نشي جي حالت ۾ منھنجي کير پياڪ ٻالڪ کي گھوگھو ڏيئي اتي ئي ماري ڇڏيائين. ڀلا اھڙي حالت ۾ آئون غريب ھن جو ڇا ٿي ڪري سگھيس. ٻائي جي نيڻن ۾ خون ڏسي ڊڄي ويس. مون کي پوءِ خبر نھ آھي ڇا ٿيو. ايترو ياد آھي تھ اتي ھڪ لوھھ جي شيخ پئي ھئي جا کڻندي ئي ٻائي جي ڪاپار ۾ ٺڪا ڪرايم. ٻائو اٿيو پر چڪر کائو ڌو وڃي پٽ تي ڪريو ۽ آئون بھ اگھاڙين پيرين گھر کان ٻاھر ڀڳيس. پٺتي جا ٿيو سان مون کي خبر نھ آھي، باقي آئون رلندي پنندي جيئن تيئن ڪري حيدرآباد پھتس، اسٽيشن کان لھي ھڪ ٽانگي ۾ ويٺس ۽ ٽانگي واري کي رامي ٻائي سخي پير واري جي گھر وٺي ھلڻ لاءِ چيم. حيدرآباد ۾ آئون رامي ٻائي کي سڃاڻندي ھيس، ھن مائي جو ھندن جي گھرن ۾ اچڻ وڃڻ جو رستو ھو جو ھن جو ڪم ھو تھ پاڻ ۾ مٽي مائٽي يا سڱ ڪرائي ڏيندي ھئي. مائي ٿورو مڙئي شڪي چال جي ھئي انھيءَ ڪري يا مون کي بنا ڪنھن سامان يا ماڻھو جي ڏسي يا منھنجي سھڻي صورت ڏسي گاڏي واري مون کي گھوري ڏٺو ۽ ٽانگو اھڙي ھنڌ وٺي آيو جو آئون وري بدمعاشن جي ور چڙھي ويس جن نيٺ مون کي آڻي چڪلي ۾ وڌو، جتي پوءِ راڳ ۽ ناچ سکي پنھنجو پيٽ ٻاريندي رھيس، ائين ڏھھ سال گذاريندي رھيس.

ھڪ ڏينھن اھو ساڳيو ٻائو ڪن دوستن سان راڳ ٻڌڻ لاءِ اچي نڪتو ۽ مون کي سڃاڻي ڏاڍي اچرج ۾ پئجي ويو، بس انھيءَ ڏينھن کان وٺي مون وٽ پيو ايندو ويندو ھو ۽ آئون بھ ھن جو مطلب چڱي طرح سمجھندي ھيس تھ ٻائي جي اندر ۾ ڇا آھي، تنھنڪري کيس خوب ڦرندي رھيس پر پاڻ کي ھن کان بچائيندي آيس جو مون کي پنھنجي ٻار جي خونيءَ سان ڌڪار ٿي پئي ھئي.

ھڪڙي ڏينھن ھو ڏينھن جو مون وٽ آيو پر ڏاڍو پيتل ھوس. پاڻ سان ڏاڍا سھڻا مڻيا مون کي لالچ ڏيڻ لاءِ کڻي آيو. مون کي ڏاڍي ريجھائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر آئون نھ مڙيس،  نيٺ وجھھ وٺي زور زبردستي تي لھي آيو پر مون بھ موقعو ڏسي پنھنجي ٻار جي ناحق خون جو بدلو وٺڻ جي نيت سان ٻائي جو خون ڪري وڌو. مون کيس مارڻ جو منصوبو اڳي کان ڪونھ رٿيو ھو، پر اھو واقعو اوچتو ٿي پيو ۽ خون جذبي ۾ اچي ڪري وڌم. چڱو ٿيو جو ائين ڪيم، پوءِ ڇا ٿيو سا اوھان کي سڀ ڪجھھ خبر آھي. پر جنھن جج وٽ منھنجو ڪيس ھليو سو اھو ساڳيو بيوفا سندر ھو جو مون کي ڦٽو ڪري ڀڄي ويو ھو ۽ جنھن مون کي ھيترن سالن گذري وڃڻ کان پوءِ منھنجي مسلمانڪي نالي ۾ اصل ڪونھي سڃاتو، ھن بيوفا سندر سان مون کي اڃا تائين پريم آھي، تنھنڪري اوھان کي وينتي ڪئي اٿم تھ اھو ھار جنھن جو آھي تنھن کي پھچائي ڏجو پر منھنجي مرڻ کان پوءِ، تھ جيئن ھن کي خبر پوي تھ ھڪ عورت جڏھن پريم ڪندي آھي تھ ھن جو پريم پڇاڙيءَ تائين سچو ھوندو آھي، جيڪڏھن ھو مون سان سچو رھي ھا ۽ ڌوڪو ۽ دولاب نھ ڪري ھا تھ شايد منھنجي ھي دردشا ڪڏھن بھ نھ ٿئي ھا ۽ ائون بدمعاشن جي وڙ چڙھي ھڪ وحشيا نھ بڻجان ھا. ڊاڪٽر صاحب! جيڪڏھن اھو ھار پھچائي ڏيندوئ تھ مون تي وڏي ڪرپا ٿيندي.

ٻئي ڏينھن جڏھن صبح جو آئون اسپتال پھتس تھ خبر پيم تھ رضيھ جي حالت اوچتو خراب ٿي پئي آھي، جيسين آئون کيس وڃي ڏسان تيسين سندس روح قفس عنصري مان پروار ڪري چڪو ھو. مون فائل مان ڪيس ڪڍي جج جو نالو پڙھيو جنھن وٽ رضيھ جو ڪيس ھليو، يڪدم سڃاتم تھ اھو جج منھنجي ڪلب جو ھڪ ميمبر آھي جو منھنجو بھ دوست آھي، پوءِ لاڪيٽ کولي تصوير ڏٺم ۽ سڃاتم، برابر اھوئي جج ھو. ڪن ھندو دوستن کي ٽيليفون تي عرض ڪري ويچاريءَ راڌا جو ڪريا ڪرم ڪرائي ڇڏيم، جو منھنجي دل نھ گھريو تھ موت کان پوءِ بھ ھن جو مڙھ رلي ۽ تڪليف ڏسي. ٻئي ڏينھن شام سنڀري آئون جج صاحب جي جاءِ تي پھتس، اڳتي ڪڏھن سندس گھر نھ ويو ھوس، تنھنڪري مون کي ڏسي اچرچ ۾ پيو ۽ سمجھيائين تھ ڪنھن ڪم سارو آيو آھيان تنھنڪري منھنجي اچڻ جو سبب پڇيائين، پر مون کيس دلجاءِ ڏياري تھ ائين گڏجڻ لاءِ آيو ھوس. ڳالھين ڪندي سندس ڌيان رضيھ جي ڪيس ڏانھن ڇڪايم. ڏٺم تھ کيس سارو ڪيس ياد بيٺو ھو، چيائين تھ رن ڪوڙ ٿي ڳالھايو. تنھن تان چيومانس تھ يار ڀليو آھين مائي جو اکر اکر سچ ھو، باقي ايترو سو ضرور ھو تھ مائي اصل ڳالھھ ٿورو لڪائي وئي ھئي، ڇاڪاڻ تھ جڏھن ڪورٽ ۾ آئي تھ ڏٺائين تھ جيڪڏھن سربستي ڳالھھ ٿي ڪري ٻڌائي تھ نھ رڳو اصل راز کلي پوندو پر جنھن شخص کي ھو دل و جان سان ٿي چاھي تنھنجي بدنامي ٿيندي. تنھنڪري نٽائي اوھان جي ڪيترن سوالن جا جواب نھ ڏنائين. باقي خون انھيءَ ڪري ڪيو ھيائين تھ ٻائي خود مائي جي ٻار جو خون ھٿن سان گھٽو ڏيئي ڪيو ھو، تنھنڪري بدلي وٺڻ جي نيت سان ھن ائين ڪيو. منھنجي انھيءَ چوڻ تي جج ڏاڍي سنجيدگيءَ سان چيو تھ پوءِ ھن ڇو نھ ڪورٽ ۾ اھو ظاھر ڪري ڏنو، ممڪن آھي تھ اھا ڳالھھ سندس فائدي ۾ وڃي ھا ۽ ڪورٽ کيس ڦاسي جي سزا نھ ڏئي ھا. تنھن تان مون جج کي چيو تھ ائين برابر آھي پر جيڪو راز ھن سيني ۾ سانڍي رکيو ھو ۽ ظاھر ڪرڻ نٿي گھريائين، تنھنجي فاش ٿيڻ جو بھ تھ ھن کي خطرو ۽ ڊپ بيٺو ھو.

جج: ڪھڙو راز؟ ڇا جو راز؟

مان: ٻار جيڪو ٻائي ماريو ھو، تنھن بابت جيڪڏھن پڇا ٿئي ھا تھ ھو ڪھڙو جواب ڏئي ھا.

جج: ٻار بابت ڀلا ڪھڙي ڳالھھ آھي؟ ڇو ڪو راز آھي؟

مان: خير ھن ڳالھھ کي کڻي ڇڏيو.

پوءِ مان پنھنجي کيسي ۾ ھٿ وجھي ھار ڪڍي کيس ڏيکاري پڇيومانس تھ ”ھي ھار سڃاڻو ٿا؟“

جج صاحب يڪدم ھار منھنجي ھٿ مان کسي ڏسڻ لڳو ۽ لاڪيٽ کولي، پنھنجي جواني جي تصوير ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ مون کي مخاطب ٿي پڇيائين، تھ ھي ھار توکي ڪٿان ھٿ لڳو آھي؟

مان: رضيھ کان جا مون وٽ چرين جي اسپتال ۾ داخل ھئي.

جج: (حيرت ۾) رضيھ کي ڀلا ھي ھار ڪٿان ھٿ آيو؟

مان: توھان ئي تھ رضيھ کي ڏنو ھو.

جج: توھان ئي تھ رضيھ کي ڏنو ھو.

جج: (اڃا وڌيڪ حيرت ۾) مون رضيھ کي ڏنو ھو؟ اھو ڪيئن ھوندو؟ تون ڇا ٿو چئين؟

مان: ھا! ڇاڪاڻ تھ رضيھ ۽ راڌا پئي ھڪ آھن.

پوءِ مون جج صاحب کي سموري ڪھاڻي جيڪا راڌا جي واتان ٻڌي ھيم، لفظ بھ لفظ چئي ٻڌايم، جج صاحب ٻنھي ھٿن سان پنھنجو مٿو جھلي ٽٻي ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ چيائين تھ يار مان راڌا کي ڏسڻ ٿو گھران، سڀاڻي توسان گڏجي چرين جي اسپتال ھلندس.

مان: ڀلي! پر تون ھن کي ڏسي ڪين سگھندين.

جج: (حيرت ۾) ڇو؟

مان: ڇاڪاڻ تھ رضيھ عرف راڌا مري چڪي آھي.

ايترو ٻڌنديئي جج صاحب جي اکين مان ڳوڙھا ٽپ ٽپ ڪري وھي رھيا ھئا، ھن کي ھار ڏيئي انھيءَ حالت ۾ ڇڏي آئون ماٺ ڪري ھليو آيس.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com