سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :9

 

انڌي

 

اسان وٽ اڪثر گم ٿي ويلن جي پڇا ۾ ڪيترا خط مائٽن، دوستن ۽ ٻين قسمن جي ماڻھن کان ايندا رھندا آھن تھ اھڙي شڪل شبيھھ ۽ نالي جو ماڻھو، زال يا ٻار اوھان جي چرين جي اسپتال ۾ داخل تھ ڪونھ ٿيو آھي؟ انھن جي تڪليف ۽ پريشاني کي محسوس ڪندي اسان جي اسپتال جو ھميشھ دستور رھيو آھي تھ اھڙن خطن جو پوري طرح پڇا ڪرڻ بعد ترت جواب ڏنو ويندو آھي تھ انھن جي پريشاني ۽ انتظار لھي.

ھڪڙي ڏينھن جو ذڪر آھي تھ سيٺ ڪيشوداس جو خط آيو تھ ٻارھن سالن کن ٿا تھ ھڪ مائي، جنھن جي منھن تي ماتا جا داغ آھن، نالو جمنا اٿس ۽ اکين کان سڄي آھي سا گدوءَ جي چرين جي اسپتال ۾ داخل تھ ڪانھ ٿي وئي آھي؟ جيڪڏھن اھڙي مائي اسپتال ۾ آھي تھ خبر ڏيندا تھ ڪڏھن ۽ ڪھڙي ھالت ۾ اسپتال ۾ داخل ڪئي وئي ھئي ۽ ھاڻي سندس دماغي حالت ڪيئن آھي؟ ٻارھن سال اڳي جي داخل ڪيل مريض کي ڳولي ڪڍڻ ڪو آسان ڪم نھ ھو، پر اسپتال ۾ اڃا ڪي جھونا ماڻھو موجود ھئا، تنھنڪري انھن کان پڇي انڌي مائيءَ جو پتو ڪڍڻ وٺڻ سولو ٿي پيو، نھ تھ ڏاڍي مٿا ڪٽ ڪرڻي پوي ھا. اسپتال ۾ چار کن نيون مايون ھيون، جن مان ٻھ ڄڻيون ويجھڙائي ۾ آيل ھيون، باقي ٻھ جھونيون ھيون، ھڪ مسلمان ھئي تھ ٻيءَ جو نالو ئي ڪونھ ھو، نامعلوم ڌيءَ يا زال نامعلوم جي. باقي ماتا جي سنيئرن مان معلوم ٿي ٿيو تھ جنھن مائيءَ بابت پڇا ٿي رھي ھئي. سا نھ ڄاڻ اھائي ھجي. داخلا مان معلوم ٿيو تھ برابر ٻارھن سال اڳي پوليس کي مرڻينگ ۽ دماغي حالت  خراب ھجڻ جي حالت ۾ ڪراچيءَ کان حيدرآباد علاج لاءِ موڪليو ھو. اسان سيٺ کي لکي موڪليو تھ اھڙي نالي جي ٻارھن سال اڳي ھڪ مائي اسپتال ۾ داخل ڪيل آھي، سندس دماغي حالت خراب آھي، باقي ھونئن عام صحت ٺيڪ اٿس، سيٺ ڪيشوداس جنھن اھو خط ڪوئٽيا مان لکيو ھو. اسان وٽان اطلاع ملڻ شرط پنھنجي منيب سان گڏ مائيءَ کي ڏسڻ لاءِ حيدرآباد اچي پھتو. سيٺ بلڪل جوان ڇوڪرو ھو، مس ويھن ٻاويھن ورھين جو ھوندو، باقي سندس منيب ساٺيڪو ورھين جو ھو. مائي مون پنھنجي ڪمري ۾ گھرائي انھن کي ڏيکاري. مائيءَ کين ڪين سڃاتو جيتوڻيڪ ھنن ساڻس گھڻو ئي ڳالھايو. باقي منيب چيو تھ، ”سيٺ صاحب! برابر اھائي جمنا آھي. جيتوڻيڪ سندس وار گھڻا اڇا ٿي ويا آھن ۽ وڌيڪ جھور ۽ ڪمزور ٿي وئي آھي.“ ڏٺم تھ سيٺ صاحب جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، طبيعت تي قابو پائي سيٺ صاحب ھن کي ڏاڍيان سڏ ڪري پڪاريو  تھ، ”جمنا! مون کي سڃاڻين ٿي؟“ جمنا جي نالي تي مائي مٿو مٿي ڪري، جنھن طرف کان آواز آيو ھو منھنجي ڦيرائي ڪنن سان ٻڌڻ لڳي ۽ پوءِ چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳي، پر ڪو جواب ڪونھ ڏنائين، جو پنھنجي ھوش ۾ ئي نھ ھئي.

مون کي پھريائين شڪ گذريو تھ سيٺ جي ماءُ يا مائٽ نھ ھجي، سيٺ صاحب مون کان پڇيو تھ ”ھن جو خرچ ڪير ڀريندو آھي؟“ مون فائل تپاسي کيس ٻڌايو تھ، ”مائي لاوارث آھي.“ تنھنڪري سندس خرچ سرڪار ڀريندي آھي. سيٺ صاحب مون کان پڇيو تھ، ”جيڪڏھن کيس جدا ڪمري ۾ رکجي تھ گھڻو خرچ ايندو.“ مون ڏٺو تھ چڱو موقعو آھي جو سيٺ صاحب کان سمورو سرڪاري خرچ ڀرائي وٺجي. تنھن تي کيس جواب ڏنم تھ ”روزانو ٽي روپيا آھن، پر جيڪڏھن مائيءَ کي خانگي ڪمري ۾ بدلائي آڻڻ ٿا گھرو تھ پھريائين اوھان کي ٻارھن سالن جو اڳيون سمورو خرچ ڀري، پوءِ ائين ڪرڻو پوندو.“ ڏٺم تھ منيب جي مرضي نھ ھئي تھ ائين ڪجي، پر سيٺ صاحب يڪدم تيار ٿي ويو ۽ چيائين تھ، ”حساب ڪري ٻڌايو تھ گھڻا پئسا ٿيندا؟“ پائي پائي  جو حساب ڀري ڏنائين ۽ خانگي ڪمري جو ٽن مھينن جو حساب اڳواٽ چڪتو ڪيائين.

مون کي بذات خود ڏاڍي اڻ تڻ ھئي تھ ھي معاملو ڇا آھي؟ ضرور معلوم ڪرڻ گھرجي، تنھنڪري جڏھن سيٺ صاحب ۽ ھن جو منيب ٻئي ڏينھن تي مائيءَ کي ڏسڻ لاءِ آيا تھ مون وجھھ وٺي سيٺ صاحب کي چيو تھ، ”سيٺ صاحب! جيڪڏھن سڄي معاملي جي مون کي خبر پوي تھ ان جي نفسياتي پھلوءَ تي غور ڪري ڪو اھڙو طريقو يا علاج اختيار ڪجي، جو ھن مائيءَ کي ڪجھھ فائدو ٿئي.“ سيٺ صاحب جيتوڻڪ عمر جو ننڍو ھو، پر تمام سياڻو ھو کلي چيائين تھ، ”ڊاڪٽر صاحب! ٻارھن سالن جي عرصي ۾ اسپتال جي اندر زير علاج رھي بھ چڱي ڀلي نھ ٿي سگھي آھي تھ سمجھو ٿا تھ ھاڻي ٺيڪ ٿي ويندي؟“

مون جواب ڏنومانس تھ، ”سيٺ صاحب اوھان جو گمان صحيح آھي، پر پورا نفسياتي حالات معلوم ڪرڻ بعد جيڪڏھن انھن طريقن تي وري علاج ڪجي تھ گھٽ ۾ گھٽ جي صفا ڇٽي نھ سگھي تھ بھ ممڪن آھي تھ اڳي کان وڌيڪ سٺي زندگي گذاري سگھي.“

منھنجي اھا ڳالھھ سيٺ صاحب کي ڏاڍي وڻي، تنھن منيب ڏانھن اشاري سان چيو تھ مون کي سڄو واقعو ٻڌايو وڃي، منيب ٺھي ٺڪي ويٺو ۽ سڄي ڪھاڻي منڍ کان وٺي ٻڌائڻ شروع ڪيائين:

اسين سڀئي اصل ھتي حيدرآباد جا رھندڙ آھيون، ڪجھھ سال ٿيا جو حيدرآبادڇڏي، واپار ۽ ڌنڌي جي خيال سان ڪوئٽيا جو شھر وسايو اٿئون. سچ پڇو تھ ھي انڌي مائي جمنا اسين ڪونھ سڃاڻون تھ ڪير آھي، ڪٿان آئي آھي؟ ھن جو مائٽ ڪير آھن، سابھ خبر ڪانھ اٿئون؟ مون کي ذاتي خبر آھي تھ ھيءَ مائي فقيرياڻي آھي، روزانو ھن جو دستور ھوندو ھو جو شوالن ۽ مندرن جي دروازن وٽ ٻاھر بيٺي ھوندي ھئي ۽ جڏھن درشن ڪرڻ وارا ٻاھر نڪري ايندا ھئا تھ ھٿ ڊگھيري ڏاڍي نيزاري سان سوال ڪندي ھئي تھ ”سائين! انڌيءَ تي ديا ڪريو!“ ھن کي خبر ھئي تھ مندرن ۾ اچڻ وارا گھڻو ڪري سادي طبيعت جا ۽ مھربان ٿيندا آھن، ھن جو اھو اندازو غلط نھ ھو. ڇاڪاڻ تھ اچڻ وڃڻ وارا ٻھ چار پئسا سندس ھٿ تي رکي ڇڏيندا ھئا. انڌي انھن کي دعائون ڏيندي ھئي ۽ انھن جي نيڪ دلي جي ساراھھ ڪندي ھئي، تھ ان جو وڌيڪ اثر ٿيندو ھو. زالون جيڪي مندرن ۾ پوڄا پاٽ لاءِ اينديون ھيون سي گھڻو ڪري ان وغيره سندس جھولي ۾ وجھي ھليون وينديون ھيون.

صبح کان سانجھيءَ تائين اھوئي سندس ڪم ھو جو ھٿ ڊگھيڙيو بيٺي ھوندي ھئي، سج لھندي ئي ٻاھران دروازي وٽان بيٺي ڀڳوان جي مورتي کي پرنام ڪري، پنھنجي لٺ جي آڌار تي جھوپڙي جو رستو وٺندي ھئي. صبح جو سوير اٿي ماني ٽڪر پچائي وري ٻار کي کارائي پياري ھلي ويندي ھئي، ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو پئسا پايون ۽ آنڪون ميڙي بازار وڃي مٽائي ايندي ھئي.

(2)

حيدرآباد جي شھر ۾ انھن ڏينھن ۾ سيٺ چيتن داس جي نالي جي وڏي شھرت ھئي، ننڍو وڏو ھن جي ڪوٺي کان واقف ھو، پري پري ڏيساورن سان ھن جو واپار ھلندڙ ھو، سيٺ صاحب پاڻ ڏاڍو نيڪ انسان ھو ھن جي ڪوٺي تي ھر وقت ڀيڙ لڳل ھوندي ھئي، قرض کڻندڙ تھ ايندا ئي رھندا ھئا، پر اھڙا ماڻھو بھ جام ايندا ويندا ھئا، جن کي سيٺ وٽ ڌراوت امانت طور رکڻي پوندي ھئي. ڪيترا بکاري پنھنجي پونجي سيٺ وٽ جمع ڪرائي ويندا ھئا. انڌي جمنا کي بھ انھيءَ ڳالھھ جي خبر ھئي پر ھوءَ پنھنجي رقم جمعي ڪرائڻ ۾ اڃا دل ھڻي رھي ھئي، ھن وٽ ڪافي رقم گڏ ٿي چڪي ھئي، ھنڊي بھ اچي ڀرجڻ تي ھئي، ھن کي خطرو بھ اچي ٿيو ھو تھ متان ڪٿي رقم چوري نھ ٿي وڃي. ھڪڙي ڏينھن انڌي ھنڊي کوٽي، پنھنجي اوڍڻيءَ جي پلاند سان ڍڪي سيٺ جي ڪوٺيءَ تي پھتي، ان وقت سيٺ صاحب بھي جا پنا اٿلائي رھيو ھو، انڌيءَ کي ڏسي چيائين تھ ”پوڙھي ڇا آھي؟“

انڌي اوڍڻي جي پلاند اندران ھنڊي ڪڍندي سيٺ جي اڳيان سيري رکي ۽ ڊڄندي ڊڄندي چوڻ لڳي، ”سيٺ صاحب! منھنجي ھيءَ ڌراوت پاڻ وٽ جمع ڪري ڇڏيو، مان انڌي اپاھج انھن ڏوڪڙن کي ڪٿي سنڀالي سگھنديس سيٺ صاحب! ھنڊي جي طرف نظر وجھي مشڪندي پڇيو، ”ھنڊي ۾ ڇا آھي؟“ انڌيءَ ڏاڍي نيزاريءَ سان جواب ڏنو تھ ”پني پني چار ڏوڪڙ گڏ ڪيا اٿم تھ آئيءَ ويل ڪم اچن، پاڻ وٽ ھاڻ رکڻ کان ڊڄان ٿي، تھ متان چوري نھ ٿي وڃن تنھنڪري اوھان وٽ کڻي آئي آھيان تھ ھٿيڪا پيا ھوندا.“

سيٺ صاحب مون ڏانھن اشارو ڪري چيو تھ، ”منيب صاحب! ڏوڪڙ ڳڻي بھي کاتي ۾ داخل ڪري وٺو.“

وري انڌيءَ ڏي مخاطب ٿي پڇڻ لڳو تھ ”مائي تنھنجو نالو ڇا آھي؟“

انڌيءَ پنھنجو نالو جمنا ٻڌايو، جو مون بھي کاتي ۾ داخل ڪيو، ۽ ھنڊي کي اٿلائي پئسا پٽ تي ڪيرائي ڳڻڻ ويٺس تھ سيٺ جي نظر نوٽن تي پئي جي سڀ نوان ھئا سيٺ حيران ٿي مائيءَ کي چيو تھ ”مائي تون تھ ڏاڍي ڪا ھوشيار ٿي ڏسجين، سڀئي روپيا ۽ نوٽ نوان آھن ڪيترن سالن کان پئي ميڙيڻ؟“

مائيءَ مشڪندي جواب ڏنو تھ، ”سيٺ صاحب! ڏھن ٻارھن سالن کان متان پراڻا ٿي پون تنھنڪري ھر سال نوان نوٽ ۽ روپيا مٽائي وٺندي ھيس.“

سيٺ صاحب کلندي چيو تھ، ”مائي ڏاڍي پڪي آھين.“

ايتري ۾ مون پئسا ڳڻي ورتا رقم ٽي ھزار روپيا ھئي، سا ھن جي نالي تي جمع ڪري ورتم، انڌي سيٺ صاحب کي دعائون ڏيندي ھتان ھلي وئي، سيٺ صاحب مون کي چوڻ لڳو تھ ”منيب جي! مائي بيحد پئي آھي ٻئي ڀيري اچي تھ ياد رکجانءِ تھ کيس ٿورو ڀوڳ  ڪرائينداسين، ڏسجي تھ ڇا ٿو ٿئي.“

(3)

ٻھ سال کن خير سان گذريا، انڌي وري اسان وٽ نھ آئي ھڪڙي ڏينھن انڌيءَ جي ٻچي کي تپ آيو مائي گھڻائي حيلا ڪيا، جھاڙ ڦوڪ وجھارايائين ٽوڻا ٽوٽڪا آزمايائين ۽ دوا دارون ڪرايائين، پر سڀئي ڪوششون اجايون ويون، ڇوڪريءَ جي حالت ڏينھون ڏينھن وئي خراب ٿيندي، انڌيءَ جي دل ٽٽي پئي، ان جي ھمت جواب ڏيئي بيٺي، ويچاري ڏاڍي مايوس ٿي وئي پر وري خيال آيس تھ شايد ڊاڪٽري علاج مان فائدو ٿي وڃيس، اھو خيال ايندي ئي سيٺ جي ڪوٺي تي پھتي، سيٺ صاحب ويٺو ھو تنھن کي چيائين  ”سيٺ صاحب! منھنجن پئسن مان ڏھاڪو کن روپيا ڏياريو تھ ڏاڍي ڪرپا ٿيندي، منھنجو ٻچڙو بيمار آھي ڊاڪٽر کي ڏيکاريندس.“

سيٺ صاحب الائي ڪھڙن خيالن ۾ ويٺو ھو تنھن کي خبر نھ آھي تھ ڇا ٿيو، اڳي ڪڏھن ائين ڪونھ ڪيو ھيائين سو کھري آواز ۾ مخاطب ٿي چيائين تھ ”ڇا جا پئسا؟ مون وٽ ڪنھن جا ڏوڪڙ ووڪڙ جمع نھ آھن.“

انڌي جمنا روئندي چيو تھ، ”ٻھ ورھيھ ٿيا تھ مون اوھان وٽ ٽي ھزار روپيا ڌراوت رکيا ھئا، رڳو ان مان ڏھھ روپيا ڇڏيوم تھ ڏاڏو پراپڪار ٿيندو.“

سيٺ صاحب مون ڏانھن معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندي چيو تھ ”منيب صاحب! ذرا ڏسجو تھ بھي کاتي ۾ ھن جي نالي تي ڪا رقم جمع آھي ڇا؟ اڙي مائي تنھنجو نالو ڇا آھي.“ انڌي جي پيٽ ۾ ھاڻي ڪجھھ ساھ پيو، اميد تازي ٿي ويس سيٺ صاحب جو پھريون جواب ٻڌي ھن خيال ڪيو ھوندو تھ ھي سيٺ  تھ ڏاڍو بي ايمان آھي. پر ھاڻي سوچڻ لڳي تھ شايد ياد نھ رھيو ھوندس. اھڙو وڏو سيٺ ڀلا ڪوڙ ڪيئن ڳالھائي سگھي ٿو؟ ھن جلدي سان پنھنجو نالو ٻڌايو، مون سيٺ جو مطلب سمجھي ورتو ھو بھي جا پنا ھيڏانھن ھوڏانھن اٿلائيندي چيو، ”نڪو! اھڙي نالي تي ھڪ پائي بھ جمع ٿيل نھ آھي.“

انڌي ٻڌڻ شرط سن ٿي وئي ھن جا ھوش ۽ حواس ڇڏائجي ويا، ڀت سان پٺ کي ٽيڪو ڏيئي ويھي رھي، ٿوري دير کان پوءِ سامت ۾ آئي ۽ ھمت ڪري چوڻ لڳي، ”سيٺ صاحب! آئون ڪوڙ نٿي ڳالھيان مون پنھنجي ھنڊي جا منھنجي سڄي حياتي جي ڪمائي ھئي، ھتي آڻي اوھان وٽ جمع ڪرائي ھئي.“

سيٺ صاحب ڪاوڙجي چيو ”تڏھن مان ڪوڙ ڳالھائي رھيو آھيان؟ مان بي ايمان آھيان! نڪر ھتان.“ انڌي ڄمي ڌرڻو ھڻي ويھي رھي، روئي روئي وري چيائين، ”سيٺ صاحب! پرماتما جي نالي تي ڌرم جي نالي، ڏھھ روپيا ٿي گھران ڏيئي ڇڏيو. منھنجو ٻچڙو بچي پوندو، آئون سڄي حياتي اوھان جا گڻ  ڳائيندس.“ پر ٻٻرن کان بھ ڪڏھن ٻير حاصل ٿيا آھن، پٿر ۾ بھ ڪڏھن ڄورون لڳيون آھن. سيٺ صاحب کي ڪھل نھ آئي، اٽلندو ڪاوڙجي چيائين تھ ”وڃين ٿي يا نھ! يا نوڪرن کي سڏ ڪريان؟“

انڌي پنھنجي لٺ جي ٽيڪ تي اٿي بيٺي ۽ سيٺ صاحب ڏانھن رخ ڪري ۽ ھڪ ٿڌو شوڪارو ڀري چيائين تھ، ”چڱو! پرماتما اڃا جھجھو ڏيئي.“

انڌي پنھنجي جھوپڙي ڏانھن وئي ھلي.

(4)

انڌيءَ جي واتان اھا دعا نھ ھئي، پر ھڪ مصيبت جي ماريل جو سراپ ھو، ٻچي جي حالت بگڙندي وئي، دوا دارون تھ پوري طرح ٿيو ئي ڪونھ ھو، پوءِ فائدو ڀلا ڪٿان ٿئي!

ھڪڙي ڏينھن ڇوڪري جي حالت وڌيڪ خراب ٿي پئي، انڌي بھ ھاڻي نا اميد ٿي وئي، سيٺ تي ھن کي رکي رکي ڏاڍي مٺيان ٿي آئي. ”ايتر ڌن وارو ھوندي بھ اھڙو بي ايمان، پئسا جيڪي گھريا ھيامانس سي ڏيئي ڇڏي ھا تھ ڇا ٿي پوي ھا، مان ڪا خيرات تھ نھ گھري رھيس ھي پنھنجن ئي رکيل پئسن مان گھر ڪرڻ وئي ھيس.“ سيٺ صاحب سان ھن کي نفرت ٿي وئي، ويٺي ويٺي انڌيءَ کي دل ۾ الائي ڪھڙو خيال آيو جو ھن ننڍڙي ٻارڙي ڪي ڪڇ ۾ کڻي ٺوڪرون کائيندي ٿڙندي ٿاٻڙندي سيٺ وٽ  پھتي ۽ ھن جي گھر دروازي اڳيان ڌرڻو ھيڻي ويھي رھي، ٻار جو سڄو بدن تپ جي وگھي ھڪ پاسي تپي رھيو ھو تھ مائيءَ جو جگر غم کان ٻئي پاسي. غريب انڌيءَ جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا.

نوڪر ڪنھن ڪم سان ٻاھر نڪتو ھو سو انڌيءَ کي ٻاھر ويٺل ڏسي اندر وڃي سيٺ کي چئي آيو سيٺ نوڪر کي حڪم ڏنو تھ ”ھن کي ڀڄائي ڪڍو.“

نوڪر انڌيءَ کي اچي اتان نڪري وڃڻ جا دڙڪا ڏنا پر مائي ڪڇي جھڙي ڀت اصل ڪين ٽري، نوڪر مارڻ جي بھ ڌمڪي ڏنس، پر مائي ھٽڻ جي وائي نھ واري، نوڪر وڃي سيٺ کي اندر اطلاع ڏنو تھ انڌي ٽري ڪين ٿي.

سيٺ خود ٻاھر نڪري آيو، ڏٺائين تھ مائي ٻار کي ھنج ۾ کنيو ويٺي آھي، ٻار تي نظر پوندي ئي حيران رھجي ويو ڇاڪاڻ تھ ھن جي شڪل سڃاتل پئي لڳي، ٻار جو مھانڊو جھڙو ھن جي پٽ ڪيشوءَ جو پئي لڳو ست سال کن ٿيا جو چيٽي چنڊ جي ميلي ۾ ڪيشو وڃائجي ويو ھو.

چيٽي چنڊ جو ميلو حيدرآباد کان ٽي ميل کن پنڌ تي گدوءَ جي ڳوٺ ۾ لڳندو آھي، آسپاس جي ڳوٺڻ کان سواءِ ساري سنڌ مان ياتري ھزارن جي تعداد ۾ اچي ڪٺا ٿيندا آھن، انھن کان سواءِ رمتا فقير، جٽاداري سنياسي ۽ قسمين قسمين جا پينو پري پري کان اچي نڪرندا آھن، ٻار جي وڃائجي وڃڻ وقت سيٺ صاحب ڌرتي ۽ آڪاش ھڪ ڪري ڇڏيو، پر پتو نھ پوڻو ھو سو نھ پيو، نيٺ روئي ڌوئي ماٺ ڪري ويھي رھيا، ڇاڪاڻ تھ انھن سمجھيو تھ ٻار ضرور ڪنھن رمتي فقير جي ور چڙھي ويو ھوندو جو ھن کي حيدرآباد کان ٻاھر کڻي ھليو ويو ھوندو. ان جو پتو پوڻ نھايت مشڪل ھو، سيٺ صاحب انڌيءَ کان تڪڙو تڪڙو پڇڻ لڳو تھ:

”مائي! ھي ٻار توکي ڪٿا ھٿ آيو.“

انڌي ٻار جي ھٿ اچڻ جو سربستو احوال روئي سيٺ کي ٻڌايو، سيٺ کي ياد آيو تھ ٻار جي ساڄي پاسي وارن تي ڄائي ڄم کان ھڪ ڳاڙھي تر جو نشان ھو، انھيءَ خيال ايندي ئي سيٺ يڪدم انڌيءَ جي ھنج ۾ پيل ٻار جي مٿان اڇي چادر ھٽائي ڏٺو تھ برابر ساڄي ران تي ڳاڙھو تر بيٺو ھو، پر اڳي کان ٿورو وڏو ھو، سيٺ کي ھاڻي پڪ ٿي تھ ھي ٻار جيڪو انڌيءَ جمنا جي گود ۾ پيو آھي سو ھن جو پٽڙو ڪيشو آھي، ھن يڪدم پڍري محبت جي جوش ۾ ٻار کي جمنا جي گود مان کڻي پنھنجي ڇاتي سان لاتو. ٻار جو سڄو بدن تپ جي جوش کان جلي رھيو ھو، نوڪر کي ڊوڙايائين تھ ترت ڊاڪٽر کي سڏي اچي ۽ پاڻ تڪڙو تڪڙو ٻار کي کڻي اندر گھر ۾ ويو. انڌي جمنا اٿي بيٺي ۽ رڙيون ڪري وڏي سڏ چوڻ لڳي تھ، ”مون غريب جي ٻارڙي کي ائين نھ کڻي وڃو، منھنجا پئسا ھضم ڪري ويئو، پر ھاڻي مون مسڪين جو ٻچو بھ کسندوئ؟“

سيٺ صاحب کي خود ڏاڍو ڏک ۽ ارمان ھو، روڻئھارڪي نموني ۾ چوڻ لڳو تھ ”ھي ٻچو منھنجي آھي، ھڪڙو ئي ٻار ھئم جو ست سال ٿيا تھ مون کان گم ٿي ويو ھو الائي توکي ڪيئن ھٿ آيو، ھاڻي مون کي سالن کان پوءِ ھي ٻچڙو لڌو آھي، سو ھن کي وڃڻ نھ ڏيندس.“

انڌي جمنا کي وارو ملي ويو، نھايت رکائي سان سيٺ چوڻ لڳي: ”ھاڻي ھن کي بچائڻ لاءِ لکين جتن ڪندين؟ منھنجو ٻارڙو ھجي ھا تھ مري وڃڻ ڏين ھا؟ دوا لاءِ ڏھھ روپيا بھ نھ ڏين ھا؟ ڇا اوھان ڌنوانن جو اھو نياءُ آھي! پنھنجو رت پاڻي ھڪ ڪري مون ھن کي نياپو آھي، ھاڻي ھن کي پنھنجن ھٿن مان ائين وڃڻ نھ ڏيندس.“ سيٺ صاحب جي حالت ان وقت عجيب ھئي، ھن کي سمجھھ ۾ ئي نٿي آيو تھ ڇا ڪري! دير تائين خيالن ۾ ٻڏو پيو ھو، نيٺ زور سان اندران در بند ڪري ڇڏيائين. انڌي ڪيتري دير تائين ٻاھر ويٺي رنو رڙيو، پر پوءِ ڪنھن خيال ايندي ماٺ ڪري پنھنجي جھوپڙي ڏانھن رمندي رھي.

(5)

ٻئي ڏينھن ڀڳوان جي ڪرپا سان ڊاڪٽر جي دوا جادوءَ جو اثر ڏيکاريو، ڪيشوءَ جو ٻرو لھي ويو، ھوش ايندي ئي ھن پنھنجو اکيون پٽيون تھ پھريون اکر جيڪو ھن جي واتان نڪتو سو ”امان“ جو ھو. پنھنجي آسپاس اجنبي شڪليون ڏسي ھراسجي ويو ۽ ڊپ کان پنھنجون اکيون کڻي پوريائين، ٿوري دير کان پوءِ وري اکيون کولي پاڻ کي ھڪ نئين گھر ۾ ڏسي چوڌاري وائڙن جيان جاچي ڏسڻ لڳو ۽ ڌاريون شڪليون ڏسي ”امان! امان! تون ڪٿي آھين!“ چئي روئڻ لڳو ۽ ڊپ کان ڏڪڻ لڳو. تپ ويو تکو ٿيندو، تان جو ڇوڪرو وري بيھوش ٿي ويو، اڳي جڏھن ڇوڪرو بيھوش پيو ھو تھ ماٺ ۽ سڪون ۾ ھو، پر ھينئر بيچيني ۽ بيقراري وڌي ويل ھيس ۽ گھڙي گھڙي، ”امان! امان“ پڪاري رھيو ھو. ڊاڪٽر جنھن ڏانھن ماڻھو ڊوڙايو ويو ھو، سو ايندي ئي کيس تپاسي پڇڻ لڳو تھ، ”ھي وري ڇا ٿيو؟ بيمار سڌري رھيو ھو؟ ضرور ڪانھ ڪا اھڙي ڳالھھ ٿي آھي جو بيمار جي اھا حالت وڃي ٿي آھي.“

سيٺ صاحب خاطري ڏياريس تھ ”اسان وٽان اھڙي ڪا ڳالھھ نھ ٿي آھي نھ کاڌي، ۾ نھ پيتي ۾، اھڙي ڪا بدپريھزي ڪئي وئي آھي، بلڪھ ڇوڪرو ھوش ۾ اچي ويو ھو ۽ اکيون بھ پٽيون ھيائين.“

ڊاڪٽر ڇوڪري جي وري نبض تپاسيندي نھايت گنڀير ٿي جواب ڏنو تھ ”مون کي افسوس آھي تھ بيمار وري خراب ٿي پيو آھي ۽ سندس حالت تمام نازڪ ۽ اڳي کان خطرناڪ ٿي پئي آھي.“ ڊاڪٽر ايترو چئي ھليو ويو.

ڊاڪٽر صاحب جو رايو ٻڌندي ئي سيٺ صاحب جا ھٿ پير ٺري ويا. اکين اڳيان اونده  اچي ويس، پاڻ ئي پاڻ کي چوڻ لڳو تھ، ”ڇا ڪريان؟ ھڪڙو ئي پٽڙو اٿم جو ڪل جو نالو رکندو. ھيترن ڏينھن کان پوءِ لڌو بھ تھ ڪال پنھنجي چنبي سان کيس گھٽو ڏيئي رھيو آھي، ھاڻي پرماتما! ڪيئن بچائجيس!“ سيٺ صاحب کي اوچتو انڌي جمنا جو خيال آيو ماڻھن کي ٻاھر موڪليائين تھ ڏسي اچي تھ متان انڌي اڃان تائين دروازي تي نھ ويٺي ھجي، پر ھوءَ ھتي ڪٿي. يڪدم گاڏي تيار ڪرائي سيٺ صاحب مون کي ساڻ ڪري انھيءَ ھنڌ پھتو جتي انڌيءَ پنھنجي جھوپڙيءَ جو ڏس پتو ڏنو ھو. جھوپڙيءَ کي دري دروازو تھ ھو ئي ڪونھ، تنھنڪري جھاتيون پائيندار اندر لنگھي وياسين. انڌي جھوپڙي ۾ ھڪ پاسي ھڪ پراڻي تڏي تي پئي ھئي ۽ ھن جي نيڻن مان نير وھي رھيا ھئا، سيٺ صاحب جھڪي ھن جي جسم کي ھٿ لائي ڏٺو تھ جسم باھھ وانگر تپي رھيو ھو، ۽ پوءِ کيس ھٿ سان لوڏيندي چيائين تھ ”جمنا! تنھنجو ٻچو مري رھيو آھي ڊاڪٽر بھ جواب ڏيئي بيٺو آھي، رکي رکي تنھنجي لاءِ ٻاڏائي رھيو آھي، ھاڻي تون ئي ھن کي جيئندان ڏيئي سگھين ٿي، ھل ۽ منھنجي..... نھ نھ پنھنجي ٻچي جي جان بچائي وٺ.“

انڌي سيٺ صاحب جو آواز سڃاڻندي غضبناڪ ٿي، ڏاڍي ڪاوڙ ۾ وراڻيو تھ، ”مري ٿو تھ مرڻ ڏيندس! آئون بھ مري رھي آھيان!! اسين ٻئي سرڳ ۾ پھچي ماءُ پٽ وانگر گڏباسون، ھن پاپي دنيا ۾ سک ڪٿي آھي! ھتي منھنجو ٻچڙو سک سان گذاريندو، آئون ھن جي چڱي طرح پرگھور لھي سگھندس.“

سيٺ صاحب انڌيءَ کي ائين چوندو ٻڌي روئي ڏنو، اڄ ڏينھن تائين سيٺ چيتن داس ڪنھن جي اڳيان مٿو نھ نوايو ھو، پر ان وقت انڌيءَ جي پيرن ڪري پيو ۽ روئي روئي چوڻ لڳو تھ ”مامتا جي لڄ رکي وٺ، نيٺ تون بھ تھ ھن جي ماءُ آھين! مڃي وڃ، ھل! تنھنجي ھلڻ سان اوس بچي پوندو.“

”مامتا آه! ھن ھڪ لفظ انڌيءَ کي بيچين ڪري ڇڏيو، ھو اٿي ويٺي ۽ تڏي جي پاسي کان پنھنجي لٺ کڻي چوڻ لڳي تھ چڱو! ھلو!!

سيٺ صاحب ھن کي پنھنجن ھٿن سان ٽيڪو ڏيئي سنڀاليندو جھوپڙيءَ کان ٻاھر وٺي آيو ۽ گاڏيءَ تي چڙھي گھر طرف روانو ٿيو. ان وقت سيٺ صاحب ۽ انڌي جمنا جي دل ھڪ جھڙي ھئي، ٻنھي اھا مرضي ھئي تھ جلد کان جلد پنھنجي ٻچي وٽ پھچي وڃون.

گھر اچي پھتاسون، سيٺ صاحب سھارو ڏيئي جمنا کي گاڏيءَ تان لاٿو ۽ ھن کي اندر وٺي وڃي ڪيشوءَ جي کٽ وٽ بيھاري ڇڏيو. جمنا ھٿوراڙيون ھڻي، ڪيشوءَ جي منھن تي ھٿڙا ڦيرڻ لڳي، ڪيشوءَ جي نراڙ تي ھٿ لڳندي ئي ڪيشوءَ ڄاڻي ورتو تھ ھٿ ڪنھن جو آھي ۽ يڪدم اکيون کڻي پٽيائين. انڌيءَ کي پنھنجي کٽ جي ويجھو بيٺل ڏسي چوڻ لڳو تھ، ”امان! تون اچي وئينءَ؟ ڪيڏي ھلي وئي ھئينءَ؟ انڌيءَ پريم سان جواب ڏنو، ”ھائو پٽ! توکي ڇڏي، ڪٿي وڃي ٿي سگھان!“

انڌيءَ پوءِ ڪيشوءَ جي سيراندي کان ويھي رھي ۽ ھن جو مٿو پنھنجي گود ۾ کڻي رکيائين، ڪيشو ڏاڍو آنند محسوس ڪيو ۽ انڌيءَ جي گود ۾ مزي سان سمھي پيو. ڪيشوءَ  جي حالت بھتر ٿيندي  وئي ۽ ھو ٻن ھفتن جي اندر بلڪل تندرست ٿي ويو. جيڪو ڪم حڪمين جي معجونن، ويدن جي پڙين ۽ ڊاڪٽرن جي دوائن نھ ڪيو، سو انڌيءَ جي پريم ڀريل خدمت ڪري ڏيکاريو، ڪيشوءَ  جي تندرست ٿي وڃڻ کان پوءِ انڌيءَ وڃڻ جي رخصت گھري، سيٺ صاحب گھڻو ئي ڪجھھ چيس ۽ زور آندائين تھ ھوءَ اتي ئي انھن وٽ ٽڪي پوي، پر انڌي جمنا رضامند نھ ٿي. لاچار سيٺ صاحب کي اجازت ڏيڻي پئي. جڏھن ھوءَ وڃڻ لڳي تھ سيٺ صاحب ھڪ ٿيلھي ھن جي ھٿن ۾ ڏني...... جمنا پڇيو تھ ”سيٺ صاحب! ڇا آھي؟“ سيٺ صاحب شرمندو ٿي چوڻ لڳو، تھ ”ان ۾ تنھنجا روپيا آھن...... منھنجو اھو قصور....“ انڌي چوڻ لڳي، سيٺ ھي روپيا تھ مون تنھنجي ڪيشوءَ جي لاءِ گڏ ڪيا ھئا، وڏو ٿئي تھ ان کي ڏيئي ڇڏجو.

انڌي ٿيلھي اتي ڇڏي ٻاھر لٺ ٽيڪيندي نڪري وئي، ٻاھر نڪري ھڪ دفعو گھر جي طرف پنھنجون انڌيون اکيون کنيائين ۽ پوءِ مٿو ھيٺ ڪري روئندي ھلي وئي.

ڪجھھ عرصي بعد اسين ڪوئٽيا ھليا آياسون، ۽ ھتي سيٺ جيتداس جو مرتيو ٿي ويو، سيٺ ڪيشوداس ڪم سنڀالنيدي ئي انڌي جمنا جي تلاش شروع ڪري ڇڏي، نتيجو جيڪو نڪتو سو اوھان جي اڳيان آھيان.

ڏٺم تھ سيٺ ڪيشو داس روئي رھيو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com