سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رني ڪوٽ جو خزانو

باب:

صفحو :3

محرم علي منهنجو مٿو به کائيندو هو. مان سندس پاڙيسري هوس. مون کان ذري گهٽ روزانو سرڪار کي هڪ درخواست لکائيندا هو. ڪراچيءَ کان ٽيهه- چاليهه ميل پري، پپري- داٻيجيءَ وٽ اباڻي زمين هئس، جنهن جي ايراضيءَ جي کيس ڪا به خبر نه هئي. ان زمين ۾ عرصي کان نانگ بلائون رهندا هئا. پر پوءِ، جڏهن ڪراچيءَ جو شهر آباديءَ سان ڇلڪڻ لڳو ۽ هر طرف کان فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جي گهيري ۾ وٺجي ويو، تڏهن ماڻهن محرم عليءَ جي اباڻيءَ زمين تان نانگ بلائڻ کي لوڌي ڪڍيو ۽ زمين تي قبضو ڪري ورتو. زمين جو ملهه وڃي آسمان سان لڳو. سرڪار سڳوريءَ اٿندي ئي اها زمين اتان جي غيرقانوني رهاڪن ۾ ورهائي ڇڏي. تڏهن وڃي محرم عليءَ کي به هوش آيو. دستگير جي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهيو. چيائين، ”پنهنجي موروثي زمين اٿم. ضرور هٿ ڪندس. عوامي دور آيو آهي- ضرور عرض اگهبو.“

بس سائين، زمين محرم عليءَ جي، قلم منهنجو ۽ ٻولي انگريز جي! مهينن جا مهينا لنگهي ويا، پر محرم عليءَ جي درخواست تي نه ٿي ڦوٽ، نه ڪا ٻوٽ! هڪڙي ڏينهن محرم عليءَ کي سمجهائيندي چيو هوم، ”يار محرم علي نانگ بلائن کان زمين جو قبضو ڇڏائڻ سولو آهي، پر ماڻهن کان ڦٻايل زمين جو قبضو موٽائي وٺڻ ناممڪن آهي.“ پر محرم علي نه مڙيو. مڙس اميد جي ٻٻر کي چنبڙي پيو هو، سو ٻيرن جي آس تان ساهه کڻيئي نه. اسان جي اک ۾ شرم، انڪار پڄيئي نه! نيٺ هڪڙي ڏينهن، جڏهن محرم عليءَ جي اميد ٽٽڻ لڳي، تڏهن سرڪار سڳوريءَ جي ڪنهن ڪاموري جو محرم عليءَ جي نالي خط آيو، جنهن ۾ لکيل هو ته، ”پپري داٻيجيءَ جي ڏاکڻي طرف سروري نمبر فلاڻي مطابق جيڪا زمين آهي، سا برابر محرم عليءَ جي ملڪيت آهي، پر اها زمين سرڪار غريبن ۾ ورهائي ڇڏي آهي. تنهن ڪري محرم عليءَ کي زمين جي قبضي بدران ڪو مناسب معاوضو ڏنو ويندو.“

ان خط اچڻ کان پوءِ محرم عليءَ جي درخواستن جي نوعيت بدلجي ويئي. اڳ زمين جي قبضي بابت سرڪار کي درخواستون لکارائيندو هو، پوءِ معاوضي جي ترت وصوليءَ لاءِ سرڪار کي درخواستون لکائڻ لڳو.

جنهن ڏينهن جي ڳالهه مان اوهان کي ٻڌائي رهيو آهيان، تنهن ڏينهن مان درخواست وغيره لکڻ جي موڊ ۾ نه هوس. مون پنهنجي زال کي چيو، ”الهه بچائي، اڄ مان محرم عليءَ کي ڪابه درخواست لکي نه ڏيندس. اڄ مان بيحد ٿڪجي پيو آهيان.“

”ڇو!“ الهه بچائي، يعني منهنجيءَ زال پنهنجو هٿ منهنجي نرڙ تي رکيو، جنهن مان ٿوم جي ڌپ نڪري رهي هئي. پڇيائين، ”دشمنن جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“

”خدا ڪري ته دشمنن جي طبيعت ڪڏهن به ٺيڪ نه هجي!“ کٽ تي ويهندي چيم، ”الله بخش، خدا بخش، قادر بخش ۽ مولا بخش لاءِ خيراتي اسپتال مان دوا وٺڻ ويو هوس. پيهه ايڏي ڄڻ خدا جو سمورو ملڪ بيمار هجي. پيهه جي ٿيلهن ۽ ڌڪ ڌڪان ۾ جهڄي پيو آهيان.“

الله بخش منهنجي وڏي پٽ جو نالو آهي ۽ خدا بخش ٻئي نمبر پٽ جو. منهنجي ٽئين نمبر پٽ جو نالو قادر بخش آهي ۽ چوٿين نمبر پٽ جو نالو آهي مولا بخش. ڪهاڻيءَ ۾ جيئن ته منهنجن پٽن جو ذڪر آيو آهي، تنهنڪري مان پنهنجو ذڪر پڻ ضرور ڪندس. منهنجو نالو علي بخش آهي. مان پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ جي سڀ کان وڏي علائقي، نيوڪراچيءَ جي سڀ کان ننڍي اسڪول ۾ ماستر آهيان. منهنجي چئني پٽن کي دائمي کنگهه لڳل آهي. مان کنگهڻ کي عام رواجي بيماري نه سمجهندو آهيان. جيڪو شخص زندگيءَ ۾ کنگهندو آهي، سو ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندو آهي ۽، جيڪو شخص زندگيءَ ۾ ڪنهن تي به نه کنگهندو آهي، سو شخص ترقيءَ جون منزلون طي ڪري ڪاميابين جي مٿئين سطح تي وڃي پهچندو آهي. جيڪو شخص هر ڪنهن تي کنگهندو آهي ۽ هر ڪنهن کي ڪٿ ۾ آڻيندو آهي، سو شخص زندگيءَ جي پاتار ۾ لهي ويندو آهي. زندگيءَ۾ ڪنهن تي کنگهڻ ۽ ڪنهن تي نه کنگهڻ جي عادت انسان کي ٻاراڻي وهيءَ ۾ پوندي آهي. مان نه ٿو چاهيان ته منهنجا چاريئي پٽ کنگهڻ جي مرض ۾ مبتلا ٿين ۽ پوءِ وڏي هوندي هر ڪنهن تي کنگهڻ جي مشق جاري رکن ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن زندگي جي پاتار ۾ لهي وڃن! مان تنهنڪري پنهنجي پٽن جي کنگهه جو لاڳيتو علاج ڪرائيندو آهيان. پر، علاج جي باوجود نه کنگهه منهنجن ٻارن کي ڇڏيو آهي ۽ نه ئي منهنجن ٻارن کنگهه کي ڇڏيو آهي.

مون دوائن جون شيشيون ميز تي رکي ڇڏيون.

منهنجي زال چيو، ٻچي ڏاڙهيءَ واري پساريءَ جو ٽيون نمبر پٽ توکي ٽي دفعا سڏڻ آيو هو.“

ان وقت در کڙڪيو. الهه بچائيءَ وڃي در کوليو. محرم عليءَ جو چوٿون نمبر پٽ اندر آيو. هو شاهراهه پاڪستان جي چوواٽي تي سائيڪلن جا پنڪچر ڳنڍيندو هو، هن چيو، ”چاچا، توکي ني بابا سڏايو آهي.“

مون دل ۾ پاڻ کي، محرم عليءَ جي چوٿين نمبر پٽ کي ۽ محرم عليءَ کي پاراتا ڏنا. پوءِ، بيدليو محرم عليءَ جي گهر هليو ويس.

محرم عليءَ کي ڏسي، مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هو وائڙو وائڙو پئي لڳو- ڄڻ ڪنهن سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا هيو. مون کي ڏسي اُٿي بيٺو. مئل ڏنڀري جي اکين جهڙين اکين ۾ زندگي موٽي آيس. ڪنبندڙ آواز ۾ چيائين، ”ڪٿي آهين يار علي بخش! اصل ماري وڌو اٿئي.“

”خير ته آهي نه، محرم علي؟“ مون کانئس پڇيو.

”ها، هون ته مڙيئي خير آهي.“ هن پنهنجي چوٿين پٽ کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو، ”اڙي تون اڃا تائين ڇو بيٺو آهي! هل هتان، هل.“

محرم عليءَ جو چوٿون نمبر پٽ هليو ويو. ڪوٺيءَ ۾ مان ۽ محرم علي اڪيلا رهجي وياسين.

محرم عليءَ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي، خبرداريءَ سان پنهنجي سٿڻ جي اُبداڻي مان هڪ ڪاغذ ڪڍي مون کي ڏنو. چيائين، ”هيءُ خط منهنجي وڏي پٽ ڏسي ورتو آهي. بدبخت انگريزيءَ جا ٻه چار اکر پڙهي ڄاڻي. چيائين ته معاوضي جي رقم بابت ڪا ڳالهه آهي.“

مون ڪاغذ پڙهي ڏٺو. عقل چرخ ٿي ويو. محرم عليءَ کي ڪلهن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيم، ” محرم علي، تنهنجا ته وارا نيارا ٿي ويا آهن. سرڪار سڳوريءَ توکي چئن لکن رپين جي معاوضي جي آڇ ڪئي آهي.“

”آهستي!“ محرم عليءَ منهنجي وات تي پنهنجو هڏائون هٿ رکي ڇڏيو. چيائين، ”آهستي ڳالهاءِ علي بخش. منهنجي زال، پٽ ۽ ڌيئون پيسن جي ڳالهه نه ٻڌي وٺن.“

ڏسندي ئي ڏسندي محرم عليءَ کي ڪنبڻي وٺي ويئي. مون کيس پاڻيءَ جو گلاس ڀري، آڻي ڏنو. هو يڪ ساهي پاڻيءَ جو گلاس پي ويو. هو ڪجهه ڪجهه سامت ۾ آيو. چيائين، ”منهنجو وڏو پٽ چور آهي. هن هيءُ ڪاغذ ڏسي ورتو آهي.“

”تنهنجو وڏو پٽ ته ڏاڍو نيڪ آهي، محرم علي.“ چيم، ”هو ويچارو خالي دٻا ۽ بوتلون وڪڻي پنهنجو خرچ پکو ڪڍندو آهي- توتي بار ته نه آهي.“

”تو کي خبر ڪونهي علي بخش.“ محرم عليءَ چيو، ”دولت بڇڙي بلا آهي.“

محرم علي ٻئي هٿ مٿي تي رکي کٽ تي ويهي رهيو، ۽ سوچ ۾ گم ٿي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ پڇيائين، ”پڪ اٿئي نه مون کي پيسا ملندا؟“

”ها محرم علي.“ چيم، ”تون عنقريب لکاپتي ٿي ويندين.“

محرم علي ڪنڌ مٿي ڪري پنهنجي گهر جي ڪچي ڇت ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڀتين ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ”هن ڪچي گهر مان چور ۽ ڌاڙيل منهنجا چار لک رپيا چورائي ته نه ويندا؟“

وراڻيم، ”چار لک رپيا وصول ڪرڻ کانپوءِ تون هن ڪچي گهر ۾ ڇو رهندين!“

پڇيائين، ”ته پوءِ ڪيڏانهن ويندس؟“

”ڪنهن سٺي، سهڻي ۽ ٺاهوڪي بنگلي ۾.“

”ته ڇا، هيءُ اباڻو اجهو مونکي ڇڏڻو پوندو؟“

”ها محرم علي.“ چيم، ”دولت ملڻ کانپوءِ ماڻهو سمورا پراڻا رشتا ٽوڙي، نوان رشتا جوڙيندو آهي.“

ان وقت محرم عليءَ جو وڏو پٽ، جيڪو خالي دٻا ۽ بوتلون وڪڻندو هو، اندر آيو. مون کان پڇيائين، ”چاچا، ڪاغذ ۾ پيسن جي ڳالهه لکيل آهي نه؟“

”اڙي هل هتان.“ محرم عليءَ کيس ڇڙٻ ڪڍندي چيو، ”تنهنجو ڪهڙو ڪم ته ڪاغذ ۾ ڇا لکيل آهي!“

هو ويچارو خالي دٻي جهڙو منهن کڻي هليو ويو. محرم علي کٽ تي ويٺو رهيو ۽ سوچيندو رهيو. پوءِ هٿن جون تريون مهٽيندي مون کان پڇيائين، ”يار علي بخش، چار لک رپيا مان ڪيڏانهن ڪندس؟“

”سوال اهو ناهي محرم علي ته چار لک رپيا تون ڪيڏانهن ڪندين.“ چيم، ”ڏسڻو اِهو آهي ته، اِهي چار لک رپيا توکي ڪيڏانهن ٿا ڪن.“

محرم علي وڌيڪ پريشان ٿي ويو. پڇيائين، “يار، مان ڪيڏانهن گم ٿي ويندس ڇا؟“

”ممڪن آهي.“ چيم، ”پر، في الحال ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي.“

محرم عليءَ کي جڏهن ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، تڏهن پڇيائين، ”تون ئي ڪا صلاح ڏي. مان ته آهيان ڪورو ڄٽ. مون کي سمجهاءِ ته مان چئن لکن کي ڪيڏانهن ڪريان.“

”چار لک نه.“ چيم، ”ٽن لکن جي ڳالهه ڪر محرم علي.“

محرم عليءَ ڪجهه ڪجهه حيران ٿيندي چيو، ”رقم ته چار لک رپيا ڏيڻي ڪئي اٿائون نه!“

”ها.“

”پوءِ سڄو سمورو هڪ لک ڪيڏانهن ويندو؟“

”هنود قاصائيءَ جي کڏ ۾.“

”هان!“ وات ڦاٽي ويس.

”خط ۾ توکي چار لک رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي اٿائون.  توکي چئن لکن جو چيڪ نه موڪليو اٿائون.“ محرم عليءَ کي ڪامورڪي لڏي جو سرشتو سمجهائيندي چيم، ”تون جڏهن چئن لکن جو چيڪ وٺڻ ويندين، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو رقم صاحبن ۽ صاحبن جي چمچن کي نذر نياز ۾ ڏيئي ايندين.“

پڇيائين، ”۽ جيڪڏهن نه ڏيان ته پوءِ؟“

”ته پوءِ اها رقم تنهنجن پڙپوٽن کي به نه ملندي.“

”سو وري ڇو؟“

”اهو ڪامورا شاهيءَ جو اڻلکيل دستور آهي.“

محرم علي ڊڄي ويو. منهن جا گهنج وڌيڪ چٽا ٿي پيس. نرڙ ۾ گُنڊ پئجي ويس. پوءِ، هو کٽ تان اٿيو. ٻئي هٿ ڪڇن ۾ ڏيئي، ڄڻ سيءُ ٿيندو هجيس، هو ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ وڃي بيٺو.

محرم عليءَ جي حال تي مون کي رحم آيو. مون وڌي وڃي سندس ڪلهي تي هٿ رکيو. پڇيومانس، ”ڇا پيو سوچين، محرم علي؟“

هن منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو. پوءِ مظلوماڻي لهجي ۾ چيائين، ”تون ئي ڪا صلاح ڏي، علي بخش. مان ڇا ڪريان.“

مان سوچ ۾ پئجي ويس. ڪا صلاح سمجهه ۾ نه آئي.

”ڪجهه ته ڳالهاءِ. محرم عليءَ التجا ڪندي چيو، ”يار، ڪا ته صلاح ڏي.“

”مان ڪهڙي صلاح ڏيانءِ، محرم علي.“ چيم، ”مان پاڻ مولائي مڙس آهيان. مون کي ڪهڙي خبر ته ايڏن پيسن مان ڇا ڪري سگهجي ٿو!“

”ڳالهه ته ٺيڪ پيو  ڪرين، يار.“ محرم عليءَ چيو، ”تون اخبار پڙهندو آهين. ووٽن ۽ چونڊن جون ڳالهيون ڪندو آهين تون ڪانه ڪا چڱيرڙي صلاح  ڏيئي سگهين ٿو!“

گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ به مون کي ڪا صلاح سمجهه ۾ نه آئي. محرم عليءَ کي چيم، ”هيئن ڪر محرم علي، سموري رقم الله جي نالي ۾ مسڪينن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ڇڏ.“

محرم عليءَ اکيون چنجهيون ڪري مون ڏانهن ڏٺو- ڄڻ، منهنجي صلاح نه وڻي هجيس. پوءِ، ڪياڙي کنهندي چيائين، ”يار، مون مسڪين کي الله سائينءَ جيڪا رقم ڏني آهي، سا رقم ٻين مسڪينن ۾ وري ڪيئن ورهائي ڇڏيان! اها ته الله سان ٺڳي ٿيندي.“

”ته پوءِ يتيم خانو هلاءِ.“

”يتيم خانو هلايان.“

”ها. ثواب جو ثواب، نيڪيءَ جي نيڪي، ۽ فائدي جو  فائدو.“

”فائدو وري ڇا جو؟“

”اول ته يتيمن کي ڪو سود مند ڌنڌو سکارجانءِ، جهڙوڪ: گلم غاليچا ٺاهڻ، پيتيون ٺاهڻ، خيرات گهرڻ، چوريون ڪرڻ، کيسا ڪترڻ وغيره. پوءِ، ويٺو لکين رپيا ڪمائجانءِ.“ محرم عليءَ کي زماني سازيءَ جو درس ڏيندي چيم، ”۽ ٻيو ته، ان ڪم مان نامياچار ٿيندو. انسان دوست ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي سڏبين. هر سال، سرڪار کان يتيم خاني لاءِ هزارين رپين جا فنڊ ويٺو وصول ڪندين.“

محرم عليءَ عجب وچان مون ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، علي بخش ڀنگ ته نه پيتي اٿئي ”ڀنگ اسان جي معاشري پي ڇڏي آهي“ چيم ”جيڪي زماني ۾ ڏٺو اٿم، سو ئي ويٺو ٻڌايانءِ.“

”يار زماني جي ڳالهه کي باهه ڏي.“ محرم عليءَ چيو، ”ڪو مفيد ڌنڌو ٻڌاءِ، جنهن ۾ سموري  رقم لڳائي ڇڏيان.“

الاءِ ڪيئن، ذهن ۾ هڪدم هڪ خيال اُڀري آيو. چيم، ”پنهنجي ڪٽنب سميت، بلڪ مائٽن مٽن ۽ اوڙي پاڙي سميت عمري ڪرڻ جو ڌنڌو شروع ڪر.“

مون کي اک ڏيکاريندي پڇيائين، ”اڙي علي بخش، عمرو ڌنڌو آهي؟“

”اڳين وقتن جي مون کي ڪا خبر ڪونهي. باقي ويهين صديءَ جي پوئياڙيءَ ۾ عمرو ڌنڌو ٿي پيو آهي.“ مون کي پنهنجو لهجو زهريلو محسوس ٿيو ۽ بنهه نه وڻيو. چيم، ”تون پنهنجي ڪٽنب ۽ آڪهه سميت هر سال عمرو ڪجانءِ ۽ اتان واچون، ريديا، ٽيپ رڪارڊر، ولايتي ڪپڙو ۽ سون آڻي پنجوڻي بلڪ ڏهوڻي قيمت ۾ ويٺو وڪڻجانءِ ۽ موج ڪجانءِ.“

”نه بابا، نه.“ محرم عليءَ چيو، ”مونکان ڦڏي جو ڪم نه ٿيندو.“

”تون عمري کي ڦڏو ٿو سمجهين!“ مون محرم عليءَ کي چيو، ”تون ڪفر ٿو بڪين.“

هڪدم چيائين، ”حج ۽ عمرو ڪندس، پر اهو ڪم نه ڪندس.“

مان کليس- محرم عليءَ جي سادگيءَ تي. چيم، تون اهڙا اهڙا ڪم ڪندين، جو خود حيران ٿي ويندين.“

ڊڄي ويو. پڇيائين، ”ڪهڙا ڪم ڪندس؟“

”تون ادبي مذاڪرن، سنگيت جي محفلن ۽ مشاعرن جي صدارت ڪندين.“

”مان!“

”ها، تون.“ چيم، ”تون پينٽنگن جي نمائش جو به افتتاح ڪندين.“

هو منجهي پيو. چيائين، ”پر مان ڪورو ڄٽ آهيان.“

مونکي محرم عليءَ تي کل آئي. چيم، ”دولت اچڻ کانپوءِ ماڻهو سڀ ڪجهه ڪري سگهندو آهي.“

”يار!“ چيائين، ”ٻيو ڪو ڌنڌو ٻڌاءِ- ڪم جو هجي.“

”مڇي مارڻ جون ٻه لانچون خريد ڪر.“

”مهاڻو ٿيان؟“

”نه. سمگلر ٿجانءِ.“

”سمگلر؟“

”مڇي مارڻ جي بهاني جهاز ۾، چرس ۽ آفيم پيو کڻي وڃجانءِ ۽ موٽ ۾ سون ۽ واچون پيو کڻي اچجانءِ،“

”يار تون ته ابتيون صلاحون پيو ڏئين.“ محرم عليءَ چيو، ”ڪا سئين سڌي صلاح ڏي.“

”ته پوءِ غور سان ٻڌ.“ چيم، ”سياست ۾ ڪاهي پئه.“

”سياست ۾ ڪاهي پوان! مان؟“

”ها، تون.“

”پر مان ته ٻه درجا به پڙهيل نه آهيان.“

”ان لاءِ علم جي ضرورت نه هوندي آهي.“ چيم. ”سچ پڇين ته محرم علي، تو جهڙا ماڻهو سياست ۾ ڏاڍا ڪامياب ٿيندا آهن.“

”ڀوڳ نه ڪر، يار.“

”ڀوڳ نه ٿو ڪريان.“ چيم. ”تون ڇوٽ ۾ ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏ.“

محرم علي سوچ ۾ پئجي ويو.

مون چيو، ”پر پارٽي مضبوظ ۽ طاقتور هئڻ گهرجن. ٻڏندڙ ٻيڙي ۾ پير رکڻ نه گهرجي.“

محرم عليءَ مون ڏانهن ڏٺو.

مون چيو، ”۽ پوءِ توکي قومي يا صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ چونڊ لڙڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي.“

محرم عليءَ هٻڪندي هٻڪندي پڇيو، ”مون ٻڌو آهي، چونڊن جي چڪر ۾ قارون جا خزانا به ختم ٿي ويندا آهن؟“

”ها، ائين برابر آهي.“ چيم، ”تون سياست ۾ اچڻ کانپوءِ جڏهن ماڻهو نه رهندين ۽ ليڊر ٿي پوندين، تڏهن ٻه- چار بنگلا ته تڙي کڙي ٺاهرائي سگهندين ۽ ٻه- چار موٽرون به درتي بيهاري سگهندين.“

ان وقت محرم عليءَ جون ٽيون نمبر پٽ اندر آيو ۽ پيءُ کان هريڙ گهرڻ لڳو. پيٽ ۾ گڙبڙ هئس. پڻهس ڇڙٻ ڏيئي ڀڄائي ڪڍيس. هو هليو ويو.

محرم عليءَ چيو، ”ته تنهنجي صلاح  آهي ته مان سياست ۾ بهرو وٺان؟“

”ها.“  چيم، ”ملڪ  کي تو  جهڙن قابل ماڻهن جي سخت ضرورت آهي.“

محرم علي قائل ٿيڻ لڳو. پڇيائين، ”ته پوءِ  شروعات ڪيئن ڪجي؟“

”ڪنهن وڏيءَ هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس سڏائي، ڪنهن مضبوط سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏ.“ چيم، ”پر اعلان ڪرڻ کان اڳ هڪ ڳالهه جو خيال ضرور رکجانءِ، ته جنهن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪرين، تنهن پارٽيءَ جي 1976ع وارين چونڊن ۾ ڪاميابي يقيني هجي. ان باري ۾ اول خوب سوچبو.“

اندران محرم عليءَ جي زال جو آواز آيو. چيائين، ”اڪبر ڏنڊو هڻي جهانگير جو مٿو ڦاڙي وڌو آهي. هينئر شاهجهان ٻنهي ڀائرن کي مار ڏيڻ لاءِ تيار بيٺو آهي.“

”اورنگزيب کي چئي. ٽنهي کي ڪڪڙ ڪرائي ڇڏ.“ محرم عليءَ جواب ڏيندي چيو، ”مان هن وقت سخت مصروف آهيان. علي بخش کان سرڪار سڳوريءَ کي درخواست لکائي رهيو آهيان.“

پڇيومانس، ”ته پوءِ ڪهڙو فيصلو ڪيو اٿئي. سياست ۾ بهرو وٺندين يا سمگلر ٿيندين؟“

”مان سمجهان ٿو، ملڪ کي منهنجي ضرورت آهي.“ محرم عليءَ گنڀير ٿيندي چيو، ”مان سياست ۾ بهرو وٺندس، علي بخش.“

مون محرم عليءَ کي چيو، ”توکي ٻي شادي به ڪرڻي پوندي.“

”ٻي شادي!“ محرم عليءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيائين، ”ڇو؟“

”تنهنجي زال معاف ڪجانءِ، پڙهيل ناهي ۽ نه ئي وري ڪا سهڻي آهي.“ محرم عليءَ کي سمجهائيندي چيم، ”توکي ڪا اهڙي زال ڪرڻي پوندي، جيڪا عورتن جي فلاح ۽ بهبوديءَ تي تقريرون ڪري سگهي ۽ ميلاد جي محفلن جي صدارت ڪري سگهي.“

”نه بابا.“ محرم عليءَ چيو، ”مان ٻي شادي هرگز نه ڪندس.“

چيم،  ”ته پوءِ سياست ۾ بهرو وٺڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“

پڇيائين، ”ڇو ڪڍي ڇڏيان؟“

وراڻيم، ”ڇو جو گهڻي پڙهيل، پر چالاڪ، سهڻي ۽ فيشني زال کان سواءِ اڄڪلهه جي سياست اڻپوري سمجهي ويندي آهي.“

محرم علي ڪشمڪش ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ چيائين، ”مان اڌ اکري جيڪڏهن چونڊجي ويس ته اسيمبلي ۾ وڃي ملڪ لاءِ ڇا ڪندس؟“

”ملڪ جو گاڏو پيو گيهلجي.“ چيم، ”تون رڳو پنهنجو فڪر ڪر محرم علي.“

مان اڳتي توهان کي ڪجهه نه ٻڌائيندس. ته اڄڪلهه محرم علي ڪٿي آهي، ڪيئن آهي ۽ ڇا ڪندو آهي! مان توهان کي فقط ايترو ٻڌائيندس، ته هو اڄڪلهه نهايت اهم شخص آهي. اک جي اشاري سان ڪنهن جا به لاهه ڪڍائي سگهندو آهي.

 

هڪ خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولا

 

مان فرشتي جو انتظار ڪري رهيو هوس. اُهو فرشتو ڪا آسماني مخلوق نه هو. هو اسان وانگر حرڪتَ مان برڪت ۾ آيو هو ۽ ماڻهو، ماڻهوءَ جو پُٽ هو. فرشتو سندس نالو به نه هو. مان جنهن کاتي ۾ نوڪري ڪندو آهيان، تنهن ۾ جيڪو وڌيڪ چست ۽ برجستو هوندو آهي، تنهنکي فرشتو سڏيو ويندو آهي. مان توهانکي پنهنجي کاتي جو نالو نه ٻُڌائيندس. نالو ٻُڌائڻ ڏوهه آهي. توهان منهنجي کاتي جي اهميت جو ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا، ته نوڪريءَ ۾ چونڊجڻ کانپوءِ جڏهن پهريون دفعو کاتي جي سربراهه، يعني صاحب بهادر آڏو پيش ٿيو هوس، تڏهن منهنجي بدني بناوت ۽ وجود جي ڀڙڀانگ جاگرافيءَ کان بنهه بيپرواهه ٿيندي، هن مونکي چيو هو، ”هينئر مملڪت خداداد، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي بقا، سالميت ۽ يڪجهتيءَ جو بار تنهنجن ڪلهن تي آهي. ايمانداريءَ سان اِهو بارکڻندين ته جلد ترقي ڪندين ۽ مون واري ڪرسي ماڻيندين. صاحب بهادر جي ڳالهه ٻڌي مون سوچيو هو مان جيڪو پنهنجي گهر جو بار سهندي کڻندي ڳچيءَ تائين فڪرن جي ڌٻڻ ۾ دفن ٿي ويو آهيان، سو هيڏي ساري مملڪتِ خداداد اسلامي جمهوريه پاڪستان جو بار ڪيئن کڻي سگهندس، جنهن جي آدمشماري ٻارنهن  ڪروڙ  ۽ جنهن مان 9909 سيڪڙو آدم مون وانگر جُوکيو آهي! تڏهن سوچيو هوم، ته مان اُن ملڪ جي سلامتي، يڪجهتي ۽ بقا جو ڀَرجهلو ڪيئن ٿي سگهندس، جنهن جي چئن صوبن جي تهذيب تمدن، تاريخ ۽ ثقافت کي ملياميٽ ڪري، ابوجهل قسم جي سياستدانن ون يونٽ ٺاهڻ جو تاريخي ڏوهه ڪيو آهي! پر پوءِ پاڻکي سمجهايو هوم، ته مونکي جيئن ته پنهنجي ڪٽنب جو بار کڻڻ لاءِ نه پرمٽ  آهي ۽ نه پروانو، تنهنڪري مونکي مملڪت خدا داد، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي بقا جو بار کڻڻو  پوندو ۽ پنهنجي  ڪٽنب جو پيٽ پالڻو پوندو. تنهنڪري، گذريل چوويهه سالن کان ملڪ جي يڪجهتي ۽ سالميت جو بار مون پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي، جنهن جي عيوض مونکي هڪ سوپنجهتر رپيا ۽ پنجهتر پيسا پگهار ۾ ملندا آهن.

فرشتو چوڌري ڪرم الاهي به مون وانگر ملڪ جي بقا جو ڀرجهلو آهي. هو بيحد برجستو آهي، يعني فرشتو آهي. هو مونکان وڌيڪ پگهار کڻندو آهي ۽ کاتي جي صاحبن کي وڻندو آهي. چوڌري ڪرم الاهي، عرف فرشتو ان بار هيٺان بيحد خوش آهي. اهو بار کڻڻ لاءِ هن وڏي قرباني ڏني آهي. هن پاڪستان کي ٽُڪر ٽُڪر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي اباڻي وطن جلال پور جٽان کي خيرآباد ڪري سنڌ جا وڻ اچي وسايا آهن ۽ هتي ڪيترن ئي يارن جا وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. هڪ دفعي ذري گهٽ  منهنجا وڻ وڄائي ڇڏيا هئائين. پڇيو هومانس، ”يار فرشتا، اهو ڪهڙو راز آهي، جو پاڪستان جي سالميت کي سنڌ مان خطرو آهي ۽ تو جلال پور جٽان مان هجرت ڪري، پاڪستان جي بقا لاءِ سنڌ ۾ اچي واسو ڪيو آهي؟“ فرشتي ڏاڍي رازداريءَ مان ٻڌايو هو، ”هُتي، سنڌ ۾ زيرِ زمين تحريڪون هلي رهيون آهن.“ مونکي ڏندين آڱريون اچي ويون هيون. پڇيو هومانس، ”سنڌ جي تپاس جو ٿرماميٽر سنڌ کان باهر آهي ڇا؟ تون زيرِ زمين تحريڪن جي ڳالهه ٿو ڪرين. هتي زيرِ زمين تحريڪ جو به نالو نشان ڪونهي.“ فرشتي تمام خوفناڪ، راڪاس جهڙو ٽهڪ ڏيندي چيو هو، ”تون به ڪنهن زيرِ زمين تحريڪ جو ڪارڪن آهين.“ فرشتي جي ڳالهه ٻڌي منهنجا وائيسر ڍرا ٿي ويا ۽ مون پاڻکي پنهنجي ڪٽنب سميت صليب تي چڙهندي محسوس ڪيو هو.

ڊپٽي صاحب فرشتي کي سڏائي ورتو هو ۽ مان فرشتي جو انتظار ڪري رهيو هوس. فرشتو ڊپٽي صاحب جو خاص چمچو آهي ۽گرائين به آهي. ڊپٽي صاحب گهڻو ڪري کيس گُهرائي وٺندو آهي ۽ کانئس سنڌ جي خراب ٿيندڙ سياسي حالت جو احوال وٺندو آهي.

ٿوري دير کانپوءِ فرشتو موٽي آيو. منهن لٿل هوس. مون ڏانهن نه ڏٺائين. بازار ڏانهن کلندڙ دريءَ وٽ وڃي بيٺو.

ان وقت شام جو وقت هو. سمورو عملو ڊيوٽيءَ تي وڃي چڪو هو. ان ڏينهن شهر ۾ ٻه- ٽي جلوس نڪتا هئا. ٻن- چئن هنڌن تي اسٽرائيڪون ٿيون هون، پٿربازي ٿي هئي ۽ باهين لڳڻ جا واقعا ٿيا هئا. ڪجهه شاگرد بک هڙتال تي ويٺا هئا. شام جو پڪي قلعي، ڪچي قلعي ۽ لطيف آباد ۾ جلسا ٿيڻا هئا. اهو دور ون يونٽ خلاف ٻرندڙ جبل وانگر پڄڙندڙ ۽ کامندڙ دور هو. اسانکي گهڙيال جي ڪانٽن وانگر چوويهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو. پر تنهن هوندي به مٿان فون تي فون پئي ايندي هئي ته سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي! ايڏو گوڙ، ايڏو گهمسان ڇا جو آهي، جو سموري اولهندي پاڪستان ۾ ٻئي ڪنهن صوبي جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي!

فرشتو دريءَ وٽان هٽي، منهنجي ميز وٽ اچي بيٺو. ان وقت مان کانئس موڪلائي گهر وڃڻ لاءِ سوچي رهيو هوس. فرشتي ٻئي هٿ ميز تي رکي مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڊبو، توتي مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي.“

پڇيومانس، ”ڪنهن هٿراڌو زيرِ زمين تحريڪ ۾ منهنجو نالو شامل ته نه ڪيو اٿئي؟“

چيائين، ”وڃ، ڊپٽي صاحب ٿو سڏيئي.“

مان ڏڪندو ۽ ڪنبدو، ڏاڍي احترام ۽ ادب سان ڊپٽي صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڊپٽي صاحب پنجاهه- پنجونجاهه ورهين جي لڳ ڀڳ آهي، پر اکروٽ  جهڙو سخت ۽ ڏاڙهونءَ جهڙو ڳاڙهو آهي. بدن جو ڀريل، قداور ۽ طاقتور آهي. مونکي ڏسنديئي بُل ڏنائين، ”اوئي ڦٽي مونهه! مفت جو پگهار ٿو کائين؟“

ائين ٻاڏايم، جيئن آسمان ڏانهن هٿ کڻي اڻڏٺي الله جي درگاه ۾ ٻاڏائبو آهي. چيم، سائين، حلال جو پگهار ٿو کاوان. هڪ سوپنجهتر رپين ۽ پنجهتر پيسن جي عيوض مان چوويهه ڪلاڪ لاڳيتي ڊيوٽي ڏيندو آهيان. شاگردن ۽ مظاهرو ڪندڙ مزدورن جا پادر ۽ پٿر کائيندو آهيان. ماڻهن جي ملامت سهندو آهيان. هي ڏسو،“

مون ڊپٽيءَ صاحب کي بدن جا مختلف عضوا ڏيکارڻ شروع ڪيا، جن تي مظاهرن جي مُهر لڳل هئي. کيس پنهنجي ڏائي اک ڏيکاريندي چيم، ”ڏسو، هڪ ڪاليجي ڇوري اهڙو ته چتائي ٽماٽو وهائي ڪڍيو، جو ذري گهٽ راجا رنجيت سنگهه ٿيندي بچي ويو آهيان ۽ سائين هي ڏسو.“

ٽوپي لاهي ڊپٽي صاحب کي پنهنجي ٽڪڻ ڏيکاريندي چيم، ”هي ڊُولو ڏسو. روهڙيءَ وارا چوندا آهن- حج قبول، مٿي ۾ ڊول. پٿر گول ۽ لسو نه هجي ها، ته جيڪر ٽڪڻ جو پنچر ڪري ڇڏي ها ۽ هيءُ ڏسو.“

قميص مٿي ڪري ڊپٽي صاحب کي پٺي ڏيکاريندي چيم، ”مان ڏسي نٿو سگهان. فقط عذاب محسوس ڪيان ٿو. هڪ مڇريل مزور پُٺيءَ تي هاڪي هڻي  ڪڍي. هيءَ ٺونٺ ڏسو، سوڍا واٽر جي بوتل لڳي هئي ۽ هيءَ پني ڏسو، هڪ شاگرد باٺو هنيو هو ۽ هي ڏسو.“

مون پتلون لاهڻ لاءِ ٻئي هٿ بٽڻن ۾ وڌا، چيم، ”هيءُ ڌڪ به ڏسو.“

”بس بس.“ ڊپٽي صاحب رڙ ڪئي. چيائين، ”قوم لاءِ جان قربان ڪبي آهي. تون معمولي ڌڪن ۽ رهڙن کان ٿو گهٻرائين، اوئي ڦٽي مونهه.“

عرض ڪيم، ”اهي ڌڪ مونکي قوم هنيا آهن.“

”اوئي ڦٽي مونهه.“ ڊپٽي صاحب جو پارو چڙهي ويو.

ڊپٽي صاحب جي وات تي ”اوئي ڦٽي مونهه،“ ائين چڙهيل آهي. هو اصل امرتسر جو ويٺل آهي. پوءِ، 1942ع ۾ جڏهن انگريزن حُرن تي هوائي جهازن مان بمباري ڪري سندن ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيا، تڏهن ڊپٽي صاحب،  جيڪو ان وقت کاتي جي سڀ کان هيٺين خاڪي ۾ هو، انگريزن جي اشاري تي امرتسر مان هجرت ڪري سانگهڙ اچي وسايو.ان وقت کان، يعني 1946ع کان ڊپٽي صاحب سنڌ ۾ آهي. هو ان عرصي ۾ سنڌي ڳالهائڻ ٻولهائڻ به سکي ويو آهي. ڪل اٽڪندي اٿس فقط هڪ جملي تي-  ”اوئي ڦٽي مونهه،“

ڊپٽي صاحب ميز تي بيد جو لڪڻ وهائيندي پڇيو. ”اوئي ڦٽي مونهه، اسٽيشن روڊ تي ليڊي ڊفرن استپال جي ڀت ڏٺي اٿئي؟“

”ها سائين، ڏٺي اٿم.“

”ڪيئن آهي؟“

”تمام مضبوط آهي.“

”اوئي ڦٽي مونهه.“

هڪدم چيم، ”ها، ڀت تمام اُڀي آهي. ڪا به عورت ويم ڪري بنا پيسن ڏيڻ جي اُها ڀت ٽپي ڀڄي نه سگهندي.“

جواب ٻڌي ڊپٽي صاحب آپي مان نڪري ويو. تمام کُهري لهجي ۾ چيائين، ”ڦٽي مونهه! اها ڀت ڏسي توکي پنهنجو فرض ياد نه ايندو آهي؟“

مان هڪدم سوچ ۾ ٻڏي ويس. سوچيم: ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏسي مونکي ڪهڙو فرض ياد اچڻ گهرجي! ائين برابر هو، ته انهن ڏينهن ۾ منهنجي گهر واري خير سان ڏهون دفعو اُميد سان هئي ۽ مان سخت نا اُميد هوس. پر منهنجي گهر واريءَ جي اُميد ۽ مان سخت نا اُميد جو ليڊي ڊفرن اسپتال سان نه سڌو ۽ نه وري ڪو اڻسڌو واسطو هو. مون خواب ۾ به نه سوچيو آهي، ته مان پنهنجي گهر واريءَ کي ملڪ جي آدمشماريءَ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ليڊي ڊفرن اسپتال  ۾ داخل ڪرائي سگهندس. مون ڦليلي پار پريٽ آباد جي هڪ دائيءَ سان ٻڌي ليکي سودو ڪري ڇڏيو آهي. هوءَ هر سال محرم جي مهيني ۾ بنا سڏائڻ جي هلي ايندي آهي ۽ منهنجي گهر واريءَ کي هڪ عدد ٻار ڄڻائي موٽي ويندي آهي. تنهنڪري منهنجو، يا منهنجي زال جو ليڊي ڊفرن اسپتال سان ڪو به واسطو نه هو، نه آهي ۽ نه رهندو.

جڏهن خاموش رهندي ۽ سوچيندي ڪافي دير ٿي ويئي، تڏهن ڊپٽي صاحب رڙ ڪندي چيو، ”اوئي ڦٽي مونهه! ليڊي ڊفرن اسپتال جي اُُٺ جيڏي ڀت ڏسي، توکي ڪو خيال نه ايندو آهي!“

تڏهن اوچتو هِڪَ خيالَ ذهن کي روشن ڪيو. هڪدم وراڻيم، ”سر، ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏسي مونکي هڪ خيال ايندو آهي.“

”ڪهڙو خيال؟“ ڊپٽيءَ پڇيو.

”جنهن رفتار سان اسين جيل ڀري رهيا آهيون، تنهن مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته انشا الله تمام جلد سينٽرل جيل ۽ نارا جيل ۾ هائوس فل ٿي ويندو.“ پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيم، ”هنگامي حالتن ۾ ليڊي ڊفرن اسپتال کي جيل بدران استعمال ڪري سگهجي ٿو. مجال آهي  جو ڪو شاگرد، مزور يا سياسي قيدي اها اُڀي ڀت ٽپي ڀڄي سگهي!“

ڊپٽي صاحب جي منهن ۾ گُنڊ پئجي ويو. شوڪي ڏٺائين. پوءِ چيائين، ”تون لاپرواهه آهين. مان تنهنجي بدلي لورالائي ڪرائي ڇڏيندس،“

”اهڙو ظلم نه ڪجو سائين.“ عرض ڪيم، ”پرديس ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو رڪارڊ خراب ڪيم ته پادر کائيندس. خدا جي واسطي منهنجي بدلي لورالائي نه ڪجو.“

ڊپٽي صاحب جي ڪاوڙ ڍري ٿي. پڇيائين، ”ليڊي ڊفرن اسپتال جي ٻاهرين ڀت ڏٺي اٿئي.“

”ها سائين.“

”ان ڀت تي طرحين طرحين جون لکڻيون نظر اينديون آهن. آهن نه.؟“

”ها سائين.“

”هاڻي هڪدم ٻڌاءِ ته ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت تي ڇاڇا لکيل هوندو آهي.“

مون حافظي تي زور ڏنو. منهنجو حافظو اسانجي هوش وانگر ڪمزور آهي. گهڻي سوچ ويچار ۽ ذهني ولوڙ کانپوءِ ڀت تي لکيل ڪجهه جملا ۽ نعرا ياد آيا.

چيم، ”سائين، ڪجهه جملا ياد آيا آهن.“

”ٻڌاءِ.“

مون کيس جملا ۽ نعرا ٻڌائڻ شروع ڪيا، اهڙي نموني، جهڙي نموني منهنجي ذهن ۾ ايندا ويا. چيم، ”سائين، ليڊي ڊفرن اسپتال جي ٻاهرين ڀت تي لکيل هوندو آهي: اسلامي سوشلزم مڙده باد- مزدور ڪا مطالبه اسلامي نظام- وڃايل طاقت ۽ جواني ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ اچو، هوندو لولو هيلٿ سينٽر ۾- ڪميونسٽون ڪا قبرستان، پاڪستان پاڪستان- شاليمار ۾ ڏسو يڪي والي فلم ۾ مسرت نظير جا هوشر باناچ- پاڪستان ۾ قرآني قانون نافذ ڪيو- ڏهن ڏينهن ۾ ٽائيپ ڪرڻ سکو- زناني ۽ مرداڻي پوشيده بيمارين لاءِ ياد رکو حڪيم جالينوس رامپوري- راجا ڏاهر مڙده باد- جاگو جاگو مهاجر جاگو- محمد بن قاسم زنده باد- سابق صوبه سنڌ ڪا نام باب اسلام رکا جائي- باٽا جا بوٽ مضبوط ۽ پائدار آهن- ڊالر انڪ،“

”بس.“

”بس سائين.“

”اوئي ڦٽي منهه!“ ڊپٽيءَ چيو، ”انهن نالن جي وچ ۾ لکيل هوندو آهي- ون يونٽ مڙده باد- ون يونٽ ختم ڪريو.“

”ون يونٽ کي ختم ڪريو!“

”ها، ون يونٽ کي ختم ڪريو.“ ڊپٽي چيو، ”پاڪستان جي سالميت ون يونٽ ۾ آهي، جيڪو شخص ون يونٽ جي خلاف آهي، سو پاڪستان جي خلاف آهي، پاڪستان جو دشمن آهي. هي ملڪ اسلام جي نالي ۾ ورتو ويو آهي، تنهنڪري اسين سڀئي اسلامي اخوت ۾ ٻڌل آهيون. اسين هڪ مذهب جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهيون. صوبن جو بحال ٿيڻ ڪفر آهي.“


*  1970ع جا انگ اکر، مغربي ۽ مشرقي پاڪستان لاءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com