سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رني ڪوٽ جو خزانو

باب:

صفحو :8

چڱن مڙسن ۾ هڪ هيڊ ڪلارڪ به هو. هو سنهڙو، ڊگهو ۽ پرسا جي مناري وانگر هڪ طرف جهڪيل هو. هن چيو، ”ڪاري جي باري ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ، اسانکي ڪاري جو ڪانفيڊينشل فائيل ڏسڻو پوندو.“

مون گُهنڊ وجهي يوسف ڏانهن ڏٺو.

عبدالله چيو، ”سماج سڌارڪ جي حيثيت مان اها صلاح ڏيان ٿو، ته اسين هڪ وفد وٺي ڪاري کي سمجهائڻ لاءِ هلون.“

”بڪواس.“

آواز تي سڀني ڪنڌ ڦيرائي پوئتي نهاريو. اقبال جي ڀرسان شهمير بيٺو هو- قداور، جانٺو ۽ گنڀير. هنجي هٿ ۾ رائيفل هئي.

شهمير  چيو، ”اسين ڪاري ڪتي کي ماري ڇڏينداسين.“

”اهو جذباتي فيصلو آهي.“ پوڙهي رٽائرڊ مختيار ڪار چيو، ”اهو فيصلو ٺيڪ ناهي.“

”توهانجورايو به توهان وانگر رٽائرڊ ٿيل آهي. مختيار ڪار صاحب.“ اقبال چيو، ”اسانجو وقت خراب نه ڪريو.“

سماج سڌارڪ عبدالله چيو، ”منهنجو خيال آهي، اسين ڪاري جي ننڍڙين ننڍڙين غلطين کي نظر انداز ڪري ڇڏيون.“

”نظر انداز ڪري ڇڏيون!“ يوسف چيو، ”عبدالله صاحب، ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي.“

ٿوري دير تائين ڪنهن نه ڳالهايو. ڪمري ۾ ماٺ جو مانڊاڻ رهيو.

ڪجهه دير کانپوءِ ماستر دائم پنهنجي پٺ قائم ڏانهن ڏسندي چيو، ”منهنجي صلاح آهي، ته اسين ڪاري کي منسپالٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون.“

ننڍڙو قائم پنهنجي پيءُ دائم جي ڳالهه ٻڌي روئڻ لڳو.  يوسف کيس پرچائڻس لڳو. چيائين، ”ڳالهه ٻڌ قائم. ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي. هن تنهنجي اسڪولي سنگت جي چئن ڇوڪرن کي چڪ هنيو آهي. کين چوڏهن- چوڏهن اينٽي ريبيز سيون لڳنديون. انهن سُين ۾ ڏاڍو عذاب هوندو آهي.“

”۽ قائم.“ اقبال چيو، ”ٿي سگهي ٿو، سيون اثر نه ڪن ۽ تنهنجو ڪو سنگتي ڇتو ٿي، دردناڪ موت مري وڃي.“

قائم پنهنجو منهن، پنهنجي پيءُ دائم جي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو. ماستر دائم اسان ڏانهن ڏسندي پڇيو، ”توهان شاگرد لڏي، جو ڪهڙو خيال آهي؟“

شهمير هڪدم وراڻيو، ”اسين ڪاري کي اُڦٽ مارينداسين.“

رٽائرڊ مختيار ڪار، سماجي ڪارڪن ۽ سنهڙي هيڊڪلارڪ چيو، ”تڪڙ نه ڪريو. توهين نوجوان آهيون. توهانجو رت گرم آهي. ماستر دائم جي صلاح مناسب آهي. ڪاري کي منسپالٽيءَ جي حوالي ڪرڻ گهرجي.“

يوسف، اقبال، شهمير ۽ مون هڪٻئي ڏانهن ڏٺو.

مختيار ڪار کي گوڏن ۾ وائي سور هو. هو گوڏن تي هٿ رکي اُٿيو، ”مان پنهنجي گهران فون ڪري منسپالٽيءَ وارن کي گهرائي ٿو وٺان. ٻاڻهيئي اچي کيس سوگهو ڪندا.“

رٽائرڊ مختيار ڪار هليو ويو.  هو جيستائين نه موٽيو، تيستائين ڪنهن ڪجهه نه ڳالهايو.  ڪمري ۾ خاموشي رهي. ٻاهران رڙين، گوڙ گهمسان ۽ ماڻهن جي ڊوڙڻ ڊڪڻ جا آواز ايندا رهيا.

ٿوري دير کانپوءِ رٽائرڊ مختيار ڪار موٽي آيو. چيائين،   ”ميونسپالٽيءَ وارن چيو ته اسين سج لهڻ کانپوءِ ڪتا نه جهليندا آهيون.“

”پوءِ؟“

هن چيو، ”صبح تائين اسانکي ڪاري جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. صبح جو منسپالٽيءَ وارا کيس پاڻهيئي پڪڙي ويندا.“

”حفاظت! ڇتي ڪتي جي حفاظت!“ شهمير چيو، ”هوش ۾ ته آهيو؟“

اقبال چيو، ”اسين ڪاري کي مارينداسين.“

”هينئر، اصل هن وقت،“يوسف چيو.

پاڙي جي پوڙهن، اسانجي بزرگن ۽ چڱن مڙسن جو وات ڦاٽي ويو. هو حيرت ۽ اچرج مان اسان ڏانهن ڏسڻ لڳا.   سماجي ڪارڪن چيو،  ”توهين ظالم آهيو“

”اسين ظالم آهيون!“

”ها.“ هن وراڻيو،” اسان سالن جا سال سندس سار لڌي آهي. افسوس، جو اڄ توهين نوجوان، ويچاري ڪاري کي اُڦٽ مارڻ جون وايون پيا ڪڍو. افسوس افسوس!“

”ڪارو ڇتو ٿي پيو آهي.“ مون چيو، ”اسين کيس ضرور مارينداسين.“

”اهو وحشي فيصلو آهي.“

”وحشي فيصلو!“ يوسف ذري گهٽ رڙ ڪئي. چيائين، ”ڪاري توهان کي، توهانجي ٻارڙن کي، توهانجي عورتن کي کاڌو آهي، پر تڏهن به توهين مٿس مهربان آهيون!“

”اسين کيس ضرور مارينداسين،“ شهمير چيو.

اقبال چيو، ”دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ڇتن ڪتن کي ماريو ويندو آهي.“

شهمير، اقبال، يوسف ۽ مونکي چيو،  ”هلو. دير نه ڪريو. رات جو پهريون پهر شروع ٿيو آهي. پهرين پهر ۾ اسانکي ڪارو ڪتو مارڻو آهي.“

مون ڪهاڙي کڻي ورتي.

اسين چاريئي دوست ڪاري ڪتي کي مارڻ لاءِ بلڊنگ مان نڪڙي سڙڪ تي اچي بيٺاسين.

چوواٽي تي بيهي يوسف وڏي واڪ چيو، ”پاڙي وارؤ، ٿانئيڪا ٿيو. لڙ بکيڙي ۾ ڪاري جي ورنه چڙهو. پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃو.“

ڪوهيڙي جي پڙدن مان ڌوڪي ايندڙ رڙيون،  واڪا ۽ ڀڄڻ ڊڪڻ جا آواز ڍرا ٿيڻ لڳا. ٿوري دير کانپوءِ سموري پاڙي ۾ ماٺ ڇائنجي ويئي.

ڪوهيڙي ۽ اونده سبب ڪاري جو پتو نه پئي پيو. اسين خبرداريءَ سان وڌڻ لڳاسين.

اقبال چيو، ”اونده ۽ ڪوهيڙي ۾ ڪجهه ڏسڻ ۾ نٿو اچي. خيال ڪجو.  متان ڪارو اوچتو ئي اوچتو حملو ڪري ويهي.“

تڏهن اوچتو اونده مال بل کائي ڪارو ڪتو منهنجي مٿان اچي پيو. سڻڀ تي پليل هو. جهڙو سوئر، مان ڦهڪو ڪري، ڪري پيس. ان کان اڳ جو ڪارو پنهنجا ڏند منهنجي ماس ۾ وجهي، اقبال هاڪي وهائي ڪڍيس. هاڪي کائي ڪاري هڪدم اقبال تي اُلر ڪئي. پر اقبال تيار بيٺو هو. موٽ ۾ ڪيپراٽيءَ واري هاڪي وهائي ڪڍيائينس. ڇتا ڪتا ڀونڪندا ناهن. ڪارو هاڪي کائي ملان جي حجري ڏانهن ويندڙ سڙڪ طرف رخ ڪيو. شهميرٻه گوليون هڪ ٻئي جي ڪڍ هلايون. پر ٻئي گوليون گُسي ويس. اهو سمورو ڊرامو هڪ منٽ ۾ ٿيو.

مان ڪهاڙي کڻي اٿي بيٺس. ڏند ڪرٽيندي چيم، ”ڪاري کي نه ڇڏيو.“

ان وقت ڪنهن عورت جي رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا- ”بچايو- بچايو.“

آواز ان طرف پئي آيو، جيڏانهن ڪارو ڪتو ڀڳو هو. اسين ڪوهيڙي ۽ اونده ۾ ڊوڙڻ لڳاسين. حجري کان اورتي ڏٺوسين ته هڪ عورت هيٺ ڪري پيئي هئي ۽ ڪاري پنهنجا ڏند سندس ڪلهي ۾ قابو ڪري ڇڏيا هئا. هوءَ رڙي رهي هئي. ڦٿڪي رهي هئي.

مون ڪهاڙي اُڀي ڪئي. شهمير بندوق سڌي ڪئي. پر يوسف اسانکي روڪيو، چيائين، ”متان گُسي وڃو ۽ مائي ماري وجهو.“

يوسف وٽ لوڙهه هئي جنهن جي هيٺائين حصي تي لوهه ويڙهيل هو. يوسف لوڙهه ورائي ڦيرائي ڪاري جي پٺيءَ تي ڦهڪائي ڪڍي.

ڪاري جا ڏند مائي جي ڪلهي مان ڇڏائجي ويا. مائي ٽپ ڏيئي اُٿي کڙي ٿي. ان وقت ڪاري ٻيهر ڦيرو کاڌو ۽ پنهنجا ڏند مائيءَ جي پنهيءَ ۾ پختا ڪري ڇڏيا. مائي چوتاڪ ٿي ڪري پيئي. اقبال ڪاري کي ڪنڌ واري هاڪي وهائي ڪڍي. ڪاري اُڇل کاڌي. اڇل کائي مائيءَ جي ٻانهن ۾ وڃي چڪ هنيائين. اوچتو  شهمير بندوق ابتي ڪري، زوم مان ڪنداق نڪ ۽ ڪيپراٽيءَ جي وچ تي وهائي ڪڍيس. ڪاري جا ڏند مائيءَ جي ٻانهن مان نڪري آيا. ڪنداق جو ٻيو ڌڪ کائي ڪارو وٺي ڀڳو.

اقبال ۽ يوسف مائيءَ کي اسپتال تائين پهچائڻ ۾ لڳي ويا. شهمير ۽ مان ڪاري ڪتي جي ڪڍ لڳاسين. ڪوهيڙو ڇڊو ٿي ويو هو. ٽيوب لائيٽ جي روشنين ۾ ڪاري ڪتي کي ڊوڙندي ڏٺوسين.

ڪارو ڊوڙندو، گڦ وهائيندو، سڌو ملان جي حجري ۾ هليو ويو. اسين سندس ڪڍ. پر ان کان اڳ جو اسين ڊوڙندا حجري ۾ هليا وڃون. ٿُلهو، متارو ملان، حجري جي در ۾ پيٽ ڪڍي بيهي رهيو.

ملان ٺپ اڻپڙهيل آهي. قرآن ۽ حديث کان اڻواقف، پاڻ کي ڪڏهن مولانا ۽ ڪڏهن علامه سڏائيندو آهي. تعويذ ڳنڍا ڪرڻ سندس ڌنڌو ۽ پيشو آهي.

ملان کي حجري جي در وٽ ڏسي شهمير رڙ ڪنديي چيو، ”هٽي وڃ، ملان .تنهنجي حجري ۾ هڪ ڇتو ڪتو ڪاهي آيو آهي.“

”ڪاري منهنجي حجري ۾ پناهه ورتي آهي.“ ملان چيو، ”سندس حفاظت ڪرڻ منهنجو فرض آهي.“

”ڇتي ڪتي جي حفاظت تنهنجو فرض آهي!“

“ها. خاص ڪري جڏهن هن منهنجي حجري ۾ پناهه ورتي آهي.“

”ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي. هن پاڙي سان ويل وهائي ڇڏيا آهن.“

”ڪارو ڪتو ڇتو ناهي. ڇتو هجي ها ته مون کي چڪ نه وجهي ها؟“

”اِها ڳالهه سوچڻ جوڳي آهي.“ مان سچ پچ سوچ ۾ پئجي ويس. ملان جي ڳالهه  ٻڌي مون کي تعجب ٿيو. واقعي! ڇتي ڪتي ملان کي ڇو نه کاڌو هو! ڪهڙو تعلق آهي ٻنهي جو پاڻ ۾!

”تون ڪهڙي ٻڏتر ۾ پئجي ويو آهين!“ شهمير چيو، ”اسين ڪاري کي جيئرو نه ڇڏينداسين.“

مون ڇرڪي شهمير ڏانهن ڏٺو.

شهمير بندوق سڌي ڪندي چيو، ”هٽي وڃ ملان. مان ڪاري جا ڦڦڙ ڪڍندس.“

ملان حجري جي در وٽان پري نه ٿيو.

ان وچ ۾ ڪارو ڪتو حجري اندران ظاهر ٿيو ۽ اسان تي حملو ڪرڻ بدران ملان جي پُٺ وٺي بيٺو ۽ اسان ڏانهن ڏسڻ لڳو.

شهمير ڪروڌ ۽ ڪراهت وچان بندوق سڌي ڪندي وڏي واڪ چيو، ”پري ٿيءُ. هٽي وڃ. وچ ۾ نه اچ. اجايو مارجي ويندين، ملان. اسان جو جهيڙو توسان نه، ڇتي ڪتي سان آهي.“

ملان اهڙو چُري جهڙي ڀت! پر، دهشت وچان ويو هيڊ ٿيندو. اکر لُڪيءَ ۾ اٽڪي پيس.

ملان جي ماٺ ۾ شهمير کامڻ لڳو. ڏند ڪرٽيندي ۽ بندوق جي گهوڙي تي آڱر رکندي شهمير چيو، ”ڇتي ڪتي کي پناهه ڏني اٿئي! اڙي، شرم نه ٿو اچيئي ملان!“

تڏهن، اُتي جو اُتي، سمورو ماحول زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد ٿي ويو. تاريخ جا ورق ورڻ لڳا. مون محسوس ڪيو، صدين کان جابر ۽ ظالم، رياڪار ۽ وحشيءَ احتساب کان بچڻ لاءِ هر دور ۾ ڪنهن ملان جي اوٽ ۾ وڃي پناهه ورتي آهي ۽ هر دور ۾ هڪ شهمير بيوس ٿي ڏانهس ڏسندو رهيو آهي.

اک ڇنڀ ۾ وري سمورو ماحول زمان ۽ مڪان جي پابندين ۾ جڪڙجي ويو. مون شهمير ڏانهن ڏٺو.

 

]   شهمير کي ڇتو ڪتو مارڻو آهي. ڇتي ڪتي کي ملان حجري ۾ پناهه ڏني آهي. شهمير جي هٿ ۾ بندوق آهي. ڇتي ڪتي ۽ بندوق جي وچ ۾ ملان اچي بيٺو آهي. شهمير کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇتي ڪتي کي مارڻ کان اڳ ملان کي ماري، يا ملان کي جيئرو رکڻ لاءِ ڇتي ڪتي کي جيئدان ڏيئي! [  

         ڪپيل ٻانهن جو وارث

سول اسپتال جي مڙدي، خاني ٻاهران عورتن، مردن ۽ ٻارن جو انبوهه هو. انبوهه مان روڄ راڙي ۽ اوڇگارن جا آواز پئي آيا. 

ماڻهن جي انبوهه پٺيان ميدان ۾ پوليس جون ٻه لاريون، هڪ ٽرڪ، هڪ پڪ اپ، ٻه جيپون ۽ ايس پيءَ جي نيري رنگ جي فوڪس ويگن ڪار بيٺي هئي.  ڪجهه پر ڀرو پپل جي وڻ هيٺان ميجسٽريٽ صاحب جي اڇي رنگ واري مزدا ڪار بيٺي هئي.

مڙدي خاني جي ڀوائتي ورانڊي ۾ نوجوان ميجسٽريٽ ۽ وچولي عمر وارو ايس- پي بيٺا هئا. ايس- پيءَ جو پيٽ  گولائيءَ ۾ ڪجهه سرس هو، جنهن مان سندس مالي خوشحالي ظاهر پئي ٿي. ميجسٽريٽ اڃا نئون نوڪري ۾ گهڙيو هو، تنهنڪري پوريءَ ريت خوشحال ٿي نه سگهيو هو. هو ٻئي ڄڻا نڪ  تي رومال ڏيئي مڙديخاني جي ورانڊي ۾ بيٺا هئا.

مڙدي خاني ۾ تازن فسادن ۾ مئل ماڻهن جا لاش پيا هئا، لاشن تي قانوني ڪارروائي ٿي چڪي هئي. لاشَ هڪ هڪ ڪري ميجسٽريٽ جي موجودگيءَ ۾ وارثن کي حوالي ڪيا پي ويا. سول اسپتال جي تاريخ ۾ اڳ ائين ڪڏهن  به نه ٿيو هو، جو ميجسٽريٽ ۽ ايس- پيءَ جي موجودگيءَ ۾ پوسٽ مارٽم ڪيل لاش وارثن کي حوالي ڪيا ويا هجن. اُهو موقعو عجيب هو. ڪنهن به طرح عام  رواجي نه هو. لاتعداد اخباري نمائندا، سماجي ڪارڪن، فوٽو گرافر اُتي موجود هئا.

مڙدي  خاني جي غليظ، اونداهي ۽ هيبتناڪ ڪمري ۾ ڪجهه لاش پيا هئا. لاشن وٽ اسپتال  جو ايڊمنسٽريٽر، ٻه ڊاڪٽر، ڇهه – ست وارڊ بواءِ، ڪجهه سپاهي ۽ هڪ صوبيدار بيٺا هئا. ڌپ کان بچڻ لاءِ هن نڪ بند ڪري ڇڏيا هئا.

صوبيدار هڪ هڪ ڪري لاش ٻاهر کڻائي پئي آيو. ٻاهر ورانڊي ۾ بيٺل  مئجسٽريٽ ۽ ايس – پي آڏو لاش ترسائي، لاش سان گڏ  ٻنهي صاحبن جو فوٽو ڪڍائي، لاش انبوهه  ڏانهن کڻائي پئي ويو. فوٽو ڪڍائڻ مهل مئجسٽريٽ ۽ ايس – پي  نڪ تان رومال هٽائي پي ڇڏيو.

نوجوان مئجسٽريٽ کان وڌيڪ ايس پي تجربيڪار هو. هن نوجوان مئجسٽريٽ کي سمجهائي ڇڏيو هو، ته اهي فوٽا اخبارن ۾ ڇپبا. حاڪمن تائين وڃي پڄندا ، تنهن ڪري اسان جي منهن مان بيزاري ظاهر ٿيڻ نه گهرجي.

صوبيدار  مڙدي خاني مان هڪ هڪ ڪري لاش کڻائي پئي آيو ۽ ورانڊي ۾ مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ کي ٿي ڏيکاريو، جن نڪ تان رومال هٽائي، ڪجهه هيٺ جهڪي، منهن تي ڪجهه غم ۽ رنج جا تاثر آڻي، ڪمال اداڪاريءَ سان فوٽو ڪڍائي  پئي ورتو. ان ڪارروائيءَ کانپوءِ صوبيدار لاش وارثن  جي حوالي ڪندو ٿي ويو.

ڪجهه دير کانپوءِ مڙدي خاني مان اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر ٻاهر آيو. هو توائي پئي ڏٺو. جنهن ڪم تي کيس بيهاريو ويو هو، سو پنهنجي مرتبي کان هيٺ پئي ڀانيائين. هو مئجسٽريٽ ۽ ايس پي وٽ اچي بيٺو. رومال سان منهن اُگهندي چيائين، ”سمورا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن. مان وڃان ٿو.“

مئجسٽريت پڇيو، ”ڪل گهڻا لاش هئا؟“

ايڊمنسٽريٽر وراڻيو، ”چوڏهن“

”پڪ؟“ مئجسٽريٽ پڇيو.

”ها سائين، پڪ،“ ايڊمنسٽريٽر بيزار  ٿيندي وراڻيو.

مئجسٽريٽ هڪ ته جوان هو، مٿان بي انداز اختيار مليل هئس.  ڏاڍي رعبائتي نموني ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي ايڊمنسٽريٽر  کان پڇيائين، ”مڙدي  خاني کي گهڻا در ۽ گهڻيون دريون آهن؟“

ايس پي  حيرت مان نوجوان مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو.

ايڊمنسٽريٽر وراڻيو، ”مڙدي خانيءَ کي ٻه دريون ۽ چار  روشندان آهن ۽ هڪ در آهي.“

”درين کي لوهي  شيخون لڳل آهن؟“

”ها.“

”۽ در؟“

”در کي تالو  لڳل  هوندو آهي.“

”ڀلا روشندان فرش کان ڪيترو مٿي آهن؟“

”اٽڪل ٻارهن فوٽ کن مٿي آهن.“

”روشندانن کي لوهي شيخون آهن؟“

”نه.“

”هون!“  مئجسٽريٽ وڏي سوچ ۾ پئجي ويو. اهڙو گنڀير  ٿي ويو، ڄڻ خون جي ڪيس ۾ مغز ماري   رهيو هو.

ايڊمنسٽريٽر ڪجهه خارباز  طبيعت جو هو. هن چيو، ”سائين، يقين ڪريو، ڪوبه لاش مڙدي خاني مان ڀڄي نه ويو آهي. درين کي لوهي شيخون لڳل آهن. جيڪڏهن ڪوبه لاش روشندان  مان ڀڄي  نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها ته ضرور ٽنگ ڀڄيس ها.“

نوجوان مئجسٽريٽ کي لوندڙين  تي پگهر اچي ويو. ٿڏي تي ايڊمنسٽريٽر جا لاهه ڪڍي ڇڏي ها، پر ايس پي جي منهن تي مرڪ ڏسي سور پي ويو.

ايڊمنسٽريٽر هليو ويو. اخباري نمائندا ۽ فوٽو گرافر  به روانا ٿي ويا. انبوهه ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳو. تڏهن اوچتو  مڙدي خاني مان آواز آيو، ”ترسو.“

انبوهه پنڊ پهڻ ٿي ويو. مئجسٽريٽ ۽ ايس پي منهن ورائي مڙدي خاني ڏانهن ڏسڻ لڳا. مڙدي خاني جي در ۾ صوبيدار بيٺو هو. سو ڏسي ٻنهي جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي.

صوبيدار اڳتي وڌي آيو. سندس هٿ ۾ ڪُلهي وٽان ڪپيل هڪ ٻانهن هئي. هو ايس پي ۽ مئجسٽريٽ آڏو اچي بيٺو. هن عجيب بي ڍنگي لهجي ۾ چيو، ”هيءَ ٻانهن مڙدي خاني جي ڪنڊ ۾ پئي هئي.“

ايس پي ۽ مئجسٽريٽ حيرت وچان ڪپيل ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳا، جيڪا رت ۽ مٽيءَ سان ٿڦيل هئي. ايس پي پاڻ سنڀالي ورتو. صوبيدار کي کڙڪيدار  آواز ۾ چيائين، ”ان ٻانهن کي مڙديخاني ۾ اُڇلائي  اچ.”

صوبيدار مڙدي خاني ڏانهن وڃڻ لڳو.

”ترس“ مئجسٽريٽ کيس روڪيو. چيائين، ”انصاف جي تقاضا موجب هيءَ ڪپيل ٻانهن وارثن  جي حوالي ڪئي ويندي.“

ايس پي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نوجوان  مئجسٽريٽ  نه مڙيو. هن عدل جهانگير جو رڪارڊ  ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. چيائين، ”هيءَ ٻانهن وارثن  کي ڏني ويندي.“

ايس پي جڪ کاڌا.

مئجسٽريٽ ٻنهي ڊاڪٽرن کي گهرايو، جيڪي مڙدي خاني مان نڪرڻ کانپوءِ تازي هوا کائي رهيا هئا. کانئن پڇيائين، ”ڪو اهڙو لاش به وارثن کي ڏنو ويو آهي ڇا، جنهن کي هڪ ٻانهن نه هئي؟“

ٻنهي  ڊاڪٽرن ڪاغذن  جي جاچ ڪرڻ کانپوءِ  انڪار ڪري ڇڏيو  ته ڪوبه ٻانهن ڪپيل لاش مائٽن کي نه ڏنو ويو آهي.

مئجسٽريٽ پاڻ کي اڪابر ثابت ڪرڻ لاءِ چيو، ”ته پوءِ هن ٻانهن جو لاش ڪٿي آهي!“

”ايس پيءَ کنگهي پنهنجي کل  هضم ڪري ويو. هن مرڪندي چيو، ”ممڪن آهي، جنهن شخص جي هيءَ ٻانهن آهي، سو اڃا جيئرو هجي.“

مئجسٽريٽ کي اها ڳالهه پسند نه آئي. چيائين، ”اهو ممڪن آهي.“

هڪ ڊاڪٽر چيو، ”جنرل وارڊ ۾ پنجن ڏينهن کان هڪ زخمي داخل آهي، جنهن کي ڪُلهي وٽان هڪ ٻانهن ناهي.“

”ته پوءِ هيءَ ٻانهن پڪ ان زخمي جي آهي.“  مئجسٽريٽ ڊاڪٽر کي چيو، ”مونکي ان مريض ڏانهن وٺي هل. مان هيءَ ٻانهن کيس حوالي ڪندس.“

ايس پيءَ ۽ انبوهه کي ترسڻ لاءِ چئي، مئجسٽريٽ صوبيدار کان ٻانهن کڻائي، ڊاڪٽر کي ساڻ ڪري جنرل وارڊ  ڏانهن ويو.

ڊاڪٽر مئجسٽريٽ کي سڌو وڃي ان زخميءَ وٽ بيهاريو، جنهن کي ڪلهي وٽان ٻانهن نه هئي.

مئجسٽريٽ زخميءَ کي چيو، ”اسانکي مڙدي خاني مان هڪ  ٻانهن لڌي آهي. اسين سمجهون ٿا، هيءَ ٻانهن تنهنجي آهي.“

زخمي دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو. سندس منهن ۾ گنڊ هو. ايذاءُ سبب چپ خشڪ ۽ اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس. هن ڪنڌ ورائي مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو.

مئجسٽريٽ صوبيدار جي هٿ ۾ جهليل ٻانهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”منهنجو خيال آهي، هيءَ ٻانهن تنهنجي آهي.“

مريض مئجسٽريٽ تان نظرون هٽائي، ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجهه دير کانپوءِ هن وري مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“

مئجسٽريت وائڙو ٿي ويو. ڪجهه سمجهه  ۾ نه آيس . چيائين، ”مان پنجويهن سالن جو آهيان.“

”مان به پنجويهه سالن جو آهيان. پاڪستان به پنجويهه سالن ** جو آهي.“ زخميءَ چيو، ”پنجويهه سالن ۾ هن ملڪ تو جهڙن کي پنجويهه ٻانهون ڏيئي ڇڏيون آهن. مونکان ٻن ٻانهن مان هڪ ٻانهن  ڦري ورتي آهي.“

مئجسٽريٽ اجايو کلڻ  جي ڪوشش ڪئي. سندس شڪل ڀولي جهڙي ٿي ويئي. چيائين، ”مان حڪومت پاڪستان طرفان توکي تنهنجي ٻانهن موٽائي  ڏيڻ آيو آهيان.“

زخميءَ ڪرڙي اک سان مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. ڄاڙِيءَ جا هڏا هڪ ٻئي ۾ جڪڙجي ويس. منهن جو رنگ بدلجندو ويس. تڪليف بدران، سندس منهن مان بي پناهه نفرت ظاهر ٿيڻ لڳي.

مئجسٽريٽ کان زخميءَ جي خاموشي ۽ گهائل ڪندڙ گهور برداشت ٿي نه سگهي. چيائين ، ”مان توکي تنهنجي ٻانهن موٽائي ڏيڻ آيو آهيان.“

”مونکان جيئري جاڳندي ٻانهن وٺي، مونکي مئل ٻانهن ڏيڻ آيو آهين!“  زخميءَ ڏند ڪرٽيندي چيو، ”مان فنڪار آهيان. مان مئل ٻانهن کي ڇا ڪندس! مونکي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.“

ڊاڪٽرن مئجسٽريٽ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”هن جو دماغ خراب ٿي ويو آهي. اسين کيس چرين جي اسپتال موڪلينداسين.“

مئجسٽريٽ نه مڙيو. زخميءَ کي چيائين، ”توکي پنهنجي ٻانهن نه گهرجي؟“

”مان مئل ٻانهن ڇا ڪندس!“ زخميءَ چيو، ”پنهنجي حڪومت کي چئه ته مونکي  منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏئي. مونکي جيئري ٻانهن گهرجي. مان فنڪار  آهيان. مان تصويرون ٺاهڻ چاهيان ٿو. مان ڪوي آهيان. مان گيت لکڻ چاهيان ٿو. مان سودائي  آهيان. مان ڪهاڻيون  لکڻ چاهيان ٿو. مونکي منهنجي ٻانهن موٽائي ڏيو. مونکي منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.“

مئجسٽريٽ کي وحشت وٺي ويئي. هو ڊاڪٽرن ۽ صوبيدار سميت موٽي ويو.

مڙدي خاني جي ورانڊي ۾ ايس پيءَ  چيس، ”منهنجي مڃو . هيءَ ٻانهن مڙدي خاني ۾ رکائي ڇڏيو.“

”نه.“ نوجوان مئجسٽريٽ چيو، ”مان هن ڪپيل ٻانهن جي وارثن کي ضرورت هٿ ڪندس.“

هن صوبيدار جي هٿ مان ڪپيل ٻانهن وٺي، مٿي ڪري انبوهه کي ڏيکاريندي چيو، ”هن ٻانهن جو جيڪڏهن ڪو وارث  آهي ته ثابتي ڏيئي ٻانهن وٺي وڃي.“

ٻانهن ڏسي انبوهه ۾ چرپر، چوٻول ٿيو.

ڪجهه مرد ۽ عورتون اڳتي وڌي آيا. غور سان ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳا، جنهن تي رت ۽ مٽيءَ  جا چاپڙ  چڙهيل هئا.

هڪ ننڍڙي  ڇوڪريءَ  چيو، ”سائين، اها ٻانهن منهنجي پيءُ جي آهي.“

مئجسٽريٽ ڪنڌ ورائي ڇوڪريءَ ڏانهن  ڏٺو. پڇيائين، ”ڪيئن ٿي چوين ته اها ٻانهن تنهنجي پيءُ جي آهي؟


*  هيءَ ڪهاڻي  1972ع جي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com