سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڌارين ٻولين جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :3

   ڪائونٽ ليو ٽالسٽاءِ

مترجم: غلام نبي ميمڻ

ٽي سوال

ڪنهن بادشاهه کي هڪڙو ڏينهن ويٺي ويٺي، خيال آيو ته مون کي جيڪڏهن اهو معلوم ٿي وڃي ته ڪهڙو ڪم سڀني کان وڌيڪ وڏو ۽ اوچو آهي ۽ اهو ڪم ڪهڙن ماڻهن سان گڏجي ڪرڻ کپي ۽ اهو ڪم ڪهڙي وقت ڪرڻ گهرجي، ته مون کي جيڪر ناڪاميءَ جو الڪوئي نه رهي. اهو سوچي هن پنهنجي ملڪ ۾ پڙهو ڏياريو ته جيڪو به شخص منهنجن ٽن سوالن جا صحيح جواب ڏيندو، انهيءَ کي وڏو انعام ڏنو ويندو.

پهريون سوال هي آهي ته ڪنهن به ڪم جي شروع ڪرڻ لاءِ سڀ کان سٺي گهڙي ڪهڙي آهي؟ ٻيو هي آهي ته اُهي ڪهڙا سٺا ماڻهو آهن، جن کان سواءِ ڪم ڪار نٿو هلي سگهي؟ ۽ ٽيون سوال هي ته سڀني ڪمن کان اهو ڪهڙو وڌيڪ ضروري ڪم آهي؟ جنهن ڏانهن پهرين ڌيان ڏنو وڃي.

ماڻهو پنهنجي پنهنجي سمجهه مطابق انهن سوالن جا جواب ڏيڻ لڳا. پهرئين سوال جي جواب ۾ ماڻهن چيو ته ڪنهن به ڪم شروع ڪرڻ جو مناسب وقت انهيءَ نموني تمام آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهي ٿو ته سڄي سال بلڪ سال جي هر مهيني ۽ هر هڪ ڏينهن جو پروگرام اڳ ۾ ئي تيار ڪري ڇڏجي، ۽ پوءِ انهيءَ پروگرام جي پابندي اهڙيءَ طرح ڪئي وڃي، جيئن انسان انهيءَ کان تِرَ جيترو به هيڏي هوڏي نه ٿئي. ڪي ماڻهو چوڻ لڳا ته اڳ ۾ ئي اِنهيءَ ڳالهه جو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ڪهڙو ڪم ڪيڏيءَ مهل شروع ٿيندو ۽ ڪيڏيءَ مهل ختم ٿي ويندو. ها، انسان کي گهرجي ته جو به ڪم ڪري پوري ڌيان سان ڪري، ۽ اجاين ڪمن ۾ پئجي، ڌيان کي ٻئي طرف ڦيرائي نه ڇڏي. ڪن سياڻن کي اها ڳالهه به نه وڻي، ۽ چوڻ لڳا ته بادشاهه چاهي ڪيڏي به خيال سان ڪم ڪري، پر هن لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي ته ڪهڙي وقت ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪري بهتر اهوئي آهي ته بادشاهه پاڻ ڪنهن فيصلي ڪرڻ بدران ڏاهن ماڻهن سان صلاح مصلحت ڪري.

انهيءَ تي ڪن ماڻهن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙو به ڪم پوي ٿو، جو ڪنهن کان صلاح وٺڻ جي مهلت ئي نٿي ملي. انسان کي خود گهڙي پلڪ ۾ ڪو نه ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو آهي. انهيءَ ڪري کيس اڳ ۾ ئي تيار رهڻ گهرجي. انهيءَ کان سواءِ آئندي جو حال رڳو جوتشي ۽ نجومي ئي ٻڌائي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري جوتشين کان پڇي پوءِ ڪنهن به ڪم ۾ هٿ وجهڻ گهرجي.

ٻئي سوال جي باري ۾ به ماڻهن ڪيترائي جدا جدا رايا ڏنا. ڪن ماڻهن چيو ته بادشاهه جي مددگارن يعني سرڪاري عملدارن کان سواءِ ڪو ڌنڌو هلي نٿو سگهي. ڪي ماڻهو چوڻ لڳا ته  بادشاهه لاءِ نجومين کان مدد گهرڻ ضروري آهي. ڪي ماڻهو چوڻ لڳا طبيبن کان سواءِ بادشاهت بيڪار آهي. گهڻن ماڻهن ته ائين به چيو ته سپاهين کان سواءِ ڪو به ڪم هلي نٿو سگهي، ڇوته حڪومت انهن جي تلوارن جي سهاري قائم رهي ٿي.

جڏهن اهي ماڻهو ٻن سوالن جي باري ۾ پنهنجي پنهنجي راءِ ظاهر ڪري، ٽئين سوال تي آيا، تڏهن وري گوڙ ۽ هل مچي ويو. ڪن ماڻهن چيو علم سکڻ سيکارڻ سڀ کان ضروروي ڪم آهي. ڪن چيو ته فوج کي ويڙهائڻ جو ڍنگ سڀ کان سٺو ضروري ڪم آهي. ڪي چوڻ لڳا ته سڀ کان سٺو ڪم ته خدا جي عبادت آهي.

جواب ڏيڻ وارن ۾ ايترو ته اختلاف هو، جو بادشاهه جي دل ڪنهن ڳالهه تي نه بيٺي ۽ انهن مان ڪنهن هڪ کي به انعام جو حقدار نه سمجهيو ويو.

انهيءَ بادشاهه جي ملڪ ۾ هڪڙو اهڙو درويش رهندو هو، جنهن جي دانائيءَ جي شهرت پري پري تائين پکڙيل هئي. بادشاهه اهوئي مناسب سمجهيو ته درويش جي خدمت ۾ پهچي، کانئس اهي سوال ڪيا وڃن.

اهو درويش بستيءَ کان دور هڪڙي جهنگ ۾ رهندو هو. انهيءَ جهنگ مان هن ڪڏهن به قدم ٻاهر نه رکيو هو.

اميرن ۽ بادشاهن سان ملڻ هن کي پسند نه هو. فقط عام رواجي ماڻهو هن سان ملي سگهندا هئا. انهيءَ ڪري بادشاهه بادشاهي پوشاڪ لاهي، ٿلها ڪپڙا پهريا ۽ درويش سان ملڻ ويو. بادشاهه درويش جي جهوپڙي کان ٿورو پرڀرو هو، ته گهوڙي تان لهي پيو، ۽ پنهنجي محافظ کي اتي ئي ڇڏي، پاڻ اڪيلو جهوپڙيءَ ڏانهن وڌيو.

درويش انهيءَ وقت پنهنجي باغيچي ۾ ناليون کوٽي رهيو هو. هن بادشاهه جي قدمن جو آواز ٻڌي، ڪنڌ مٿي کنيو ۽ هن کي سلام ڪري، وري پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويو. درويش سنهڙو، سڪل ۽ ڏاڍو ڪمزور هو. هو انهيءَ وقت زمين کوٽي مٽيءَ کي اٿلائي رهيو هو؛ پر گهڻيءَ محنت سبب هو سهڪي رهيو هو.

بادشاهه سندس ڀرسان بيهي چوڻ لڳو،”اي ڏاها درويش! مون کي ٽن سوالن جا جواب گهرجن جيڪي هي آهن:

1_ اهو ڪهڙو وقت آهي، جو ڌيان ۾ رکيو وڃي، جيئن انهيءَ جي گذري وڃڻ تي انسان کي پڇتائڻو نه پوي؟

2_ ڪهڙا ماڻهو دنيا لاءِ تمام ضروري آهن، جن سان ملڻ گهرجي؟

3_ ڪهڙا ڪم نهايت ضروري ۽ اهم آهن، جيئن سڀ کان پهرين انهن ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي؟

درويش خاموشيءَ سان بادشاهه جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو، پر هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو؛ ۽ وري زمين کوٽڻ لڳو. بادشاهه چوڻ لڳو، ”اي درويش! تون ٿڪجي پيو آهين، انهيءَ ڪري مون کي بيلچو ڏي ته مان ٿو تنهنجي مدد ڪيان. درويش مهرباني مڃي، ويهي رهيو ۽ بادشاهه زمين کوٽڻ لڳو. ٻه ناليون ٺاهي، بادشاهه بيهي رهيو، ۽ پنهنجا سوال دهرايائين. درويش ڪوبه جواب ڪونه ڏنو؛ ۽ اٿي بيلچي ڏانهن هٿ ڊگهيري چوڻ لڳو، ”هينئر تون دم پٽ ۽ مون کي ڪم ڪرڻ ڏي.“ پر بادشاهه چپ چاپ زمين کوٽيندو رهيو. اهڙيءَ طرح ٻه ڪلاڪ گذري ويا. هاڻ سج لهي وڻن جي اوٽ ۾ اچي ويو هو، بادشاهه بيلچو زمين ۾ هڻندي چيو:

”اي ڏاها درويش، مان توکان پنهنجن سوالن جا جواب پڇڻ آيو آهيان، جيڪڏهن تون انهن جا جواب ڏيئي نٿو سگهين، ته صاف صاف چئي ٻڌاءِ ته جيئن مان پنهنجي گهر هليو وڃان؟

درويش چيو، ”ڪو ماڻهو هيڏانهن ڀڄندو پيو اچي، هلي اچ ته ڏسون ته اهو ڪير آهي.“

بادشاهه مڙي ڏٺو ته کيس هڪڙو ماڻهو جنهن کي ڏاڙهي رکيل هئي، جهنگ مان ڀڄندو نظر آيو. هن جا ٻيئي هٿ سندس پيٽ تي رکيل هئا، ۽ انهن مان رت وهي رهيو هو. بادشاهه جي ڀرسان پهچي، اُهو ماڻهو ڪِري پيو. هن پنهنجون اکيون کنيون ۽ ڪنجهڻ لڳو. بادشاهه درويش جي مدد سان ان جا ڪپڙا لاٿا ته کين هڪڙو وڏو زخم ڏسڻ ۾ آيو. بادشاهه انهيءَ زخم کي ڌوئي، انهيءَ کي پنهنجي رومال سان ٻڌي ڇڏيو، پر رت بند ئي نٿي ٿيو. بادشاهه ڪيترائي ڀيرا پٽي ڇوڙي، زخم کي ڌوتو ۽ پوءِ ٻڌو. آخر رت بيهي ويو. زخميءَ کي هاڻي ڪجهه ڪجهه هوش اچڻ لڳو هو. هن پاڻي گهريو. بادشاهه ڀڄندو ويو ۽ ڀر واري چشمي تان پاڻي کڻي آيو. سج هينئر لهي چڪو هو ۽ هوا ۾ ڪافي ٿڌ هئي. بادشاهه ۽ درويش ٻيئي انهيءَ زخمي کي کڻي جهوپڙيءَ ۾ آيا ۽ هن کي درويش جي هنڌ تي سمهاري ڇڏيائون. هنڌ تي سمهڻ سان ئي هن اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ کيس ننڊ اچي ويئي.

بادشاهه ايترو ته ٿڪل هو، جو هو دڪيءَ تي ويٺي ويٺي، اوجهراڻيون کائڻ لڳو ۽ اتي ئي سمهي پيو. اونهاري جون راتيون ننڍيون ٿينديون آهن. سڄي رات هن پاسو به ڪونه ورايو. صبح جو جڏهن سندس اک کلي ته گهڻي تائين اها ڳالهه سندس سمجهه ۾ نه آئي ته مان ڪير آهيان ۽ هي ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو جو هنڌ تي ستي ستي مون کي گهوري رهيو آهي؛ اهو ڪير آهي!

بادشاهه هن ڏانهن ڏٺو ته زخمي جهيڻي آواز ۾ چوڻ لڳو، ”مون کي معاف ڪر.“ بادشاهه چيو، ”تو منهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ جنهن لاءِ معافي گهرين ٿو! مان ته توکي سڃاڻان به ڪونه.“

هو چوڻ لڳو، ”تون مون کي ڪونه سڃاڻين، پر مان توکي سڃاڻان ٿو، مان تنهنجو دشمن آهيان، ڇو ته تو منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرايو آهي ۽ منهنجي ملڪيت ضبط ڪرائي آهي. مون توکان بدلي وٺڻ جو قسم کنيو هو. انهيءَ ڪري جڏهن مون کي خبر پئي ته تون اڪيلو هن درويش سان ملڻ آيو آهين، تڏهن مون توکي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مون خيال ڪيو ته جڏهن تون هتان موٽندين ته وجهه وٺي توتي حملو ڪندس. پر سڄو ڏينهن انهيءَ انتظار ۾ گذري ويو. آخر مان اها جاچ ڪرڻ لاءِ نڪتس ته تون ڪٿي آهين، ته تنهنجي محافظ مون کي سڃاڻي، مون تي حملو ڪيو. مان زخمي ٿي وٺي ڀڳس. پر گهڻي رت وهي وڃڻ سبب مون ۾ طاقت اصل ڪانه رهي، ۽ جيڪڏهن تون پٽي ٻڌي رت کي بند نه ڪرين ها، ته مان مري وڃان ها. مون توکي خون ڪرڻ ٿي چاهيو، پر تو ته منهنجي جان بچائي ورتي. هاڻي جيڪڏهن مان جيئرو رهيس، ته تنهنجو وفادار غلام رهندس ۽ منهنجو اهل اولاد به منهنجي پيروي ڪندو رهندو.“

بادشاهه اهو ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيو ته هن پنهنجي جاني دشمن کي دوست بنائي ڇڏيو آهي. هن انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو. کيس چوڻ لڳو،”تنهنجي ملڪيت توکي موٽائي ڏني ويندي ۽ منهنجو طبيب ۽ منهنجا نوڪر جلدي اچي هن جهوپڙيءَ مان توکي کڻي، تنهنجي گهر پهچائيندا.“

بادشاهه پوءِ اتان موڪلائي، جهوپڙيءَ مان نڪتو، ۽ سندس نگاهون درويش کي ڳولي رهيون هيون. ڇو ته هن وڃڻ کان اڳ ۾ هڪ ڀيرو وري به درويش کان پنهنجن سوالن جا جواب وٺڻ ٿي گهريا. درويش پنهنجي باغيچي ۾ نالين جي ڀرسان گوڏن ڀر ويٺو هو ۽ ٻج ڇٽي رهيو هو. بادشاهه ان وٽ ويو ۽ چيائين، ”اي ڏاها درويش! مان توکان آخري ڀيرو پنهنجن سوالن جا جواب پڇڻ گهران ٿو؟“

درويش سڌو ٿي ويٺو ۽ چوڻ لڳو ته ”توکي ته پنهنجن سوالن جا جواب اڳ ۾ ئي ملي چڪا آهن.“

بادشاهه حيران ٿي پڇيو، ”اهو وري ڪيئن؟“

درويش وراڻيو، ”اها ته سڌي ڳالهه آهي ۽ تون اڃا تائين ان کي پرجهي ۽ پروڙي نه سگهيو آهين؟

جيڪڏهن ڪالهه تون منهنجي ڪمزوريءَ تي ترس کائي منهنجي مدد نه ڪرين ها ۽ هتان يڪدم واپس هليو وڃين ها، ته تنهنجو دشمن واٽ تي توتي حملو ڪري ها. انهيءَ جي معنيٰ ته سڀ کان سٺو ۽ مبارڪ وقت اهو ئي هو، جڏهن تون منهنجي هٿ مان بيلچو وٺي، زمين کي کوٽڻ لڳين. تنهنجي لاءِ مان سڀ کان ضروري انسان هوس. ۽ مون سان نيڪي ڪرڻ تنهنجي لاءِ سڀ کان ضروري ۽ اهم ڪم هو. پوءِ جڏهن تنهنجو دشمن ڀڄندو ڀڄندو، ٿي آيو ته سڀ کان سٺي گهڙي اها هئي، جڏهن تون ان جي رت بند ڪرڻ جون تدبيرون ڪري رهيو هئين. ڇو ته جيڪڏهن تون ان جي زخم کي نه ٻڌين ها، ته هو توسان صلح ڪرڻ کان سواءِ مري وڃي ها. انهيءَ وقت تنهنجو دشمن تنهنجي لاءِ سڀ کان ضروري شخص هو ۽ تو ان سان جيڪو سلوڪ ڪيو اهو سڀ کان ضروري ۽ اوچو ڪم هو. انهيءَ ڪري ياد رک ته سڀ کان ضروري ۽ سٺو وقت اهو آهي، جيڪو گذرندو پيو وڃي، جنهن کي اسين سڀ ’هينئر يا هاڻي‘ چوندا آهيون. جنهن جو ٻيو نالو ”حال“ به آهي. اهو انهيءَ ڪري سٺو ۽ ضروري وقت آهي، ڇوته اسان کي انهيءَ گهڙيءَ ۾ پنهنجو پاڻ تي اختيار هوندو آهي. سڀ کان ضروري ماڻهو اُهو آهي، جنهن سان اُن وقت تنهنجو واسطو پوي - ۽ سڀ کان ضروري ڪم اِهو آهي ته تون اُن سان نيڪي ڪرين.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com