سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :9

   

پھرين پھر

ستين بجي ميلاد ھو ۽ ھن اڃا ڊريسنگ ٽيبل جي پچر ئي ڪونھ ڇڏي ھئي. ٽيبل جو سمورو ٽاپ شيشون ئي شيشون ھو. سندس ٻنھي ڌيئن فريال ۽ زوفيءَ تھ ڪڏھوڪو پنھنجي بيل باٽم سوٽ پائي تياري ڪري ڇڏي ھئي ۽ ھر ھر سندس ڪمري ۾ پئي جھاتيون پاتائون ۽ ڦيريون ڏنائون. ھنن رکي رکي کيس ايلاز بھ پئي ڪيا: ”امي پليز ھاڻي اٿ بھ نھ!“ ھن ميڪ – اپ ڪندي ڪڏھن تھ کين چھڙون پئي پاتيون ۽ ڪڏھن تھ کين آسرا پئي ڏنائين، ”بس اقي پنج منٽ.“

ھڪ دفعي تھ زوفيءَ دل ٻڌي کيس چئي بھ ڏنو: ”امي! تنھنجا اھي پنج منٽ تھ کٽن بھ ڪونھ ٿا.“ ھن جو جواب ۾، زوفيءَ ڏانھن خار ۾ گھورڻ ئي ڪافي ھو ۽ ھو پڇ پائي وٺي ڀڳي ھئي ۽ وري ڪي گھڙيون پاڻ اچڻ بدران فريال کي پئي موڪليائين.

اھي آسرا، اھي چھڙون شام جو چئين بجي کان پئي ھليون، جڏھن ھوءَ ائپرن پائي اچي ميڪ – اپ کي لڳي ھئي. پھريون فائونڊيشن ڪريم، وري فيس پائوڊر، وري روج، مسڪارا، آءِ لائينر مڙئي شيشن مٿان شيشون پئي کليون وري بند ٿيون ۽ وري پئي کليون.

ھن ان ميلاد جي تياري حقيقت ۾ تھ ان ڏينھن کان شروع ڪري ڏني ھئي، جنھن ڏينھن ھوءَ اوپا جي ميٽنگ ۾ پنھنجي طرفان ڀرپور تياريون ڪري وئي ھئي ۽ تڏھن بھ بيگم ملڪ اڳيان سندس دال نھ ڳري سگھي ھئي. ان وچ ۾ ھوءَ ڪونھ ڪو سانگو ڪري ڪراچيءَ جو چڪر بھ ھڻي آئي ھئي ۽ اتي ھن پنھنجا وار بھ نئين طرح سيٽ ڪرايا ھئا ۽ بيوٽي پارلر جي مسز بيگ جي صلاح سان ميڪ – اپ ۾ روش شيڊ ڇڏي روز ريشل شيڊ جو انتخاب ڪيو ھئائين، جيڪو ھن جي رنگ تي ٺھيندڙ بھ ھو. ھن ٻٽي ڏينھن سانده بيوٽي پارلر ۾ وڃي – ميڪ اپ بھ سکيو ھو. ھن محبوب بخش وارن وٽان ڳولي ڳولي ٻٽي فارين ڪپڙي جا سوٽ بھ ورتا ھئا ۽ پيور پرنٽيڊ شيفون جي ساڙھيءَ جي ڳولا ۾ سپر ھاءِ وي وارين جھڳين ۾ بھ ٿاٻا کاڌا ھئا. جنھن وقت اھا کيس ملي ھئي، ھن محسوس ڪيو ھو تھ ڄڻ سارو جھان کيس ملي ويو ھجي. ان کان پوءِ پورا ٻھ ڏينھن تھ انھن ڪپڙن جي ڊزائن ڳولڻ ۾ صرف ڪيا ھئائين ۽ سبڻ کان پوءِ بھ ٻٽي ڀيرا پائي فل مرر ۾ آڳا پيڇا ڏسي، خاطري ڪئي ھئائين. ھن ھڪ ٻن جوڙن تي شوز ۽ پرس بھ ورتا ھئا. جيولري لاءِ تھ ھن سمورا دوڪان ڏٺا ھئا، پر پرس خالي ھئڻ سبب ھو ڪو ڳرو جڙائو سيٽ وٺي نھ سگھي ھئي. تنھن ھوندي بھ اوڌر سوڌر ڪري ھڪ ھلڪڙو لاڪيٽ، منڊي ۽ ٽاپس جو نورتن سيٽ ورتو ھو. موٽڻ کان پوءِ ھن ڪنھن نھ ڪنھن پارٽيءَ جو انتظار شروع ڪري ڏنو ھو ۽ ان لاءَ کيس گھڻو ترسڻو نھ پيو ۽ جلد ئي کيس بيگم بشير ميلاد جو سڏ ڏنو ھو. شام جي چئين بجي کان ھن ميڪ اپ شروع ڪري ڏنو ھو ٽيبل جو سمورو ٽاپ، شيشون ئي شيشون ھو، جي ڪڏھن کليون پئي تھ ڪڏھن بند پئي ٿيون.

ھن ميڪ – اپ ختم ڪري کليل شيشيون بند ڪيون ۽ پوءِ ڊريسنگ گلاس جي ڪڏھن ويجھو وڃي، ڪڏھن پري بيھي اکيون ڦوٽاري، ڪڏھن چنجھيون ڪري، چپ ڀڪوڙي وري کولي پنھنجو اوور آل جائزو ورتو ھو. مطمئن ٿي ھن پرس کنيو تھ فون جي گھنٽي وڳي ۽ زوفيءَ کيس سڏ ڪيو، ”امي بيگم حسين جو فون.“

”ڪمنگ!“ ھن سر سان جواب ڏنو ۽ لوڏ سان فون ڏانھن ھلڻ لڳي.

بيگم حسين ھن جي حجائتي ساھيڙي ھئي. عمر ۾ ٿوري ھن کان وڏي، پر تجربي ۾ آڙيڪاپ. شاديون، براتيون ۽ پارٽيون ھن کان سواءِ نامڪمل ھيون. ڪنوارين جا سينگار، سيجون، سندن گوڏي سان گوڏو ڀڃي ويھڻ، کين ڪن ۾ ڳالھيون ڪري کلائڻ، آخر ۾ گھوٽ کي پارتن ۽ صبوح جون خبرون چارون وٺڻ، سندس بلي ھوندو ھو. ھنم رسيور کنيو تھ بيگم حسين اچي کيس انگن تي کنيو: ”من ڪيترو تڙپائيندينءَ؟ ساڍا ست اچي ٿيا آھن!.“

”بس آيس پئي، ٻيون آيون آھن؟“

”ٻين سان منھنجو ڇا، منھنجو تھ تو لاءِ ھنيانءُ ٿو ڦاٽي.“

”مسٽر حسين لاءِ ھيانءُ ڦاٽندو ھوندءِ!“

”ان لاءِ رات جو، ھن وقت تو لاءِ.“

”بس بس گھڻو ٿيو.“ ھن شرمائجي چيو. بيگم حسين سان سندس پڄڻ جي ڀيڻي ڪونھ ھئي.

گاڏيءَ ۾ چڙھندي ھن کي دل ئي دل ۾ اچي بيگم ملڪ جي ھورا کورا لڳي، جا ھر پارٽيءَ ۾ کانئس گوءِ کڻي ويندي ھئي. شڪل شبيھھ، روپ ۾ تھ ھيءَ بھ کانئس گھٽ ڪونھ ھئي، پر بيگم ملڪ بھ پنھنجي نالي سان ھئي. ھوءَ ھر ڀيري ڪو نھ ڪو جدت وارو لباس يا نئون سيٽ پائي، نانگن وانگيان موڙا ڏيندي، ترندي ترڪندي ايندي ھئي تھ ھر ڪنھن جون اکيون وڃي منجھس کپنديون ھيون ۽ کيس پيرن کان چوٽي تائين تڪي وري منڍ کان تڪڻ شروع ڪنديون ھيون. سڀ، ڪنھن نھ ڪنھن بھاني سان سندس چوڌاري ڀونئرن وانگر پيون ڦرنديون ھيون. ان وقت ھيءَ پنھنجي گروپ سان ٽھڪڙا ڏيندي بھ اڪيلائي محسوس ڪندي ھئي ۽ ھن کي پنھنجي ٽھڪ کوکلا لڳندا ھئا.

بيگم بشير جو گھر اچي ويو تھ اندر گھڙڻ کان اڳ، ھن وري بھ پنھنجو جائزو ورتو. پاڻ ۾ خود اعتمادي پئدا ڪندي وڏي بي نيازيءَ سان موڙا ڏيندي لڏندي لچڪندي، مشڪندي اچي ڊرائينگ روم ۾ پھتي. ميلاد اڃا شروع نھ ٿيو ھو ۽ پڙھڻ واريون ھينئر پئي مسند تي ويٺيون. پنھنجي ويھڻ لاءِ نظرن ئي نظرن ۾ جاءِ ڳوليندي، ھن جي نظر اوچتو ئي اوچتو وڃي بيگم ملڪ تي پئي، جنھن کيس ايندو ڏسي، گھڙيءَ لاءِ ھن ڏي نھاريو، پر ساڳئي پل ۾ وڏي بي پرواھي سان ڪنڌ کي جھٽڪو ڏئي، ڀرسان ويٺل بيگم لطيف سان ڳالھائڻ لڳي. ھن بيگم ملڪ جي اھا روش بريءَ طرح محسوس ڪئي ۽ پنھنجي٤ پر بھ، اھڙي بي پروائي ڏيکارڻ جي ڪئي، پر اوسي پاسي ٻين بيگمات کي وش ڪندي ۽ ماحول جو جائزو وٺندي، قضا تي جو ھن ٽيڏي اک سان بيگم ملڪ ڏي ديد ڪئي تھ ڪي گھڙيون سندس اکيون منجھس اٽڪي بيھي رھيون. بيگم ملڪ کي پيل ماربل جو سوٽ تھ خير ڪجھھ بھ ڪونھ ھو، جو اھڙو ئي ٻي رنگ جو وٽس بھ ھو. پر سندس سچي جيڊ جو ڳوڙو جڙائو سيٽ ڪا شيءِ ھئي! ان سيٽ کي ڏسي ھن کي پنھنجي ڳچي وارو لاڪيٽ ڪنھن ميري سٽ جو ٺھيل ڌاڳو لڳو.

ھوءَ پوءِ سمورو وقت ان ويسوري ۾ ويٺي رھي. الائي ڪھڙي وقت نعتون پڙھيون ۽ روايتون بيان ٿيون، ھن کي تھ پنھنجي رئي جي پلو جي بھ خبر ڪونھ ھئي، جو ھيٺ سرڪي ويو ھو. سلام وقت جڏھن سڀ بيگمات اٿيون تھ ھوءَ پوءِ لاچار سنڌن جي سور جي مريض وانگر مس مس اٿي. ٻيون بيگمات دستور موجب سلام ۾ پنھنجو بھ سر وٺائڻ لڳيون، پر ھن جي وات ۾ تھ ڄڻ مڱ پيا ھئا. ھن کان تھ پنھنجي حصي جو تبرڪ وٺڻ بھ وسري ويو.

ٻاھر ورانڊي پڌر ۾ چانھھ ۾ سنيڪس جو انتظام ھو. ھوءَ بھ ٻين جي پويان لاچار رڙھندي ھلي. بيگم حسين، جا سمورو وقت ٻيءَ ڪنڊ ۾ ويٺي ھئي ۽ ميلاد جي ادب کان پنھنجي جاءِ ڇڏي، ھن ڏانھن نھ پئي آئي، تنھن ھينئر واند ڏسي کيس اچي کنڀيو. پر بيگم حسين جا چرچا گھٻا بھ کيس نھ وندرائي سگھيا. ظاھر ۾ تھ ھوءَ مشڪندي بھ رھي تھ کلندي بھ رھي، پر تنھن ھوندي بھ ھن جا ٽھڪ کوکلا ھئا ۽ ھن جي مرڪ انھن مريضن وانگر، جي ڪنھن ڪنھن مھل ٻٽي منٽ اکيون پٽي مٿان بيٺل عزيزن کي ڏسي مرڪن. بيگم حسين کيس ائين بي خيالو ڏسي رگھيو ھنيو: ”من ڪنھن جا پور پيا اٿئي؟“

”توکي تھ سدائين مسخري سجھي.“ ھن ٿورڙي چڙ مان چيو.

”نيٺ ھاڻي کڻي ڦاٽ بھ کاءُ. مون کان ڪيترو الندينءِ!“

”الا! ڪجھھ بھ ڪونھي.“

ان وقت تھ ڪجھھ ڪونھ ڪڇيائين، پر ميلاد پوري ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي گھر پھتي تھ ھوءَ پاڻ جھلي نھ سگھي ۽ فون تي بيگم حسين کي چيائين: ”بيگم ملڪ جو جڙائو سيٺ ڏٺئي؟“

”ھا، ڪيڏو نھ سھڻو ھو. ستين اٺين ھزارين جو تھ واھ جو ھوندو!“

”نھ تھ وري! مان ان کان تمام ھلڪو چڪايو ھو تھ ان جي قيمت بھ پنج ھزار ھئي.“

”پوءِ اھو سيٽ ڇو نھ ورتئي؟“

”اھڙا ڪٿي نصيب. مون وٽ جولري وري ڪھڙي آھي. ھڪ ٽوپس وارو سيٽ ۽ ھڪ ھي نورتن، جو ھينئر ورتو اٿم.“

”پوءِ ڇو نھ ٿي مڙس سان انگل ڪرين!“

”نھ مائي! اسان کي تھ وڏي ڪروڌ کان پوءِ ئي ھزار پنجين سوين جي شيءِ ٿي ملي – ھي بيگم ملڪ واريون الائي ڪيئن ٿيون مڙسن کي مرضيءَ تي نچائن.“

”مڙس کي نچائڻ نھ آيئي تھ پوءِ تون ڪھڙي ڪم جي. گھمڻ گھتڻ ۽ پائڻ جي بھ ھيءَ مند اٿئي، يا پوءِ نئين سامائبينءِ!“

”اسان کي تھ نٿو اچي.“

”مان سيکاريانءِ!“

”سيکار.“ ھن بھ کلندي جواب ڏنو.

”استادي مڃ تھ پوءِ!“

”ڪڏھن نھ مڃي اٿم، جو اڄ ٿي نئين بيعت ڪرائين.“

”ڀلا تو ڪڏھن ڪن تي ھنيو اٿس؟“

”کوڙا ڀيرا – کلندو، ٽائيندو چوندو تھ سون کي ڪھڙو سون ٺھندو.“

”منھنجي ھڪ ڳالھھ ڌيان تي رکي ڇڏ. اھا ذات اٿئي، ڏينھن جا شينھن، رات جو جھڙي ٻلي. ھو پھاڪو ڪونھ ٻڌو اٿئي تھ ڏينھن پرائو، رات پنھنجي. سمجھي وئينءَ يا اڃا ڪتاب اڳتي پٽيان.“

ھوءَ شرمائجي وئي ۽ ڪو جواب نھ ڏنائين.

”من ڪاڏي وئينءَ؟“ بيگم حسين ڪا ورندي نھ ٻڌي کانئس پڇيو.

”اتي ئي آھيان، مڙئي پئي تنھنجيون بي حيائيءَ جون ڳالھيون ٻڌان.“

”ڪم بھ اھڙي بي حيائي ايندئي. شرافت جو زمانو اصل ڪونھئي. متان رلھي ٿي پئين.“

”بس بس ٻڌم، ڏاڍي ڪا تِرڪ تالڻ آھين.“ ھن فون بند ڪري ڇڏيو.

جنھن ڏينھن مڙسھنس پھتو، ان ڏينھن آسمان تي بادل ڇانيل ھئا ۽ ٿڌيون ھيرون پئي گھليون. ھن بھ ٻٽي ڪلاڪ پاڻ کي باٿ روم ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ اتان نڪتي تھ ڄڻ بنا ڦيٽ جي سچو سون. جتان پئي لنگھي، اتي ڪي گھڙيون ھٻڪار ئي ھٻڪار ھئي. چپن تي نيچرل رنگ جي لپ اسٽڪ، بيل باٽم پاجامو، سوڙھي قميص، رئو بنھھ ڪونھ. مڙسھنس ھونءَ ئي مٿس اڪن ڇڪن ھو ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ ھوندي بھ مٿس ائين جھرندو ھو، ڄڻ اڳ نھ ڏٺي ھجيس. ھن کي پنھنجي اڳيان ڪبوتري جيان ھلندو ۽ ترندو ڏسي ھن جي ڪڍ ڪڍ ڪبوتر جيان ڳٽڪندو رھيو. ھوءَ دل ئي دل ۾ خوش خوش ٻاھران ڦوڪيل. ھوءَ اڳ اڳ ۾ ھو پويان پويان. بيڊ روم ۾، بورچي خاني ۾، ورانڊي ۾ پر ڪٿي وٺ ئي نھ. مڙسھنس جون ڳچيون پئي لڳيون ۽ ھن جون ڪنتريون. مڙسھنس انت ۾ ٿڪجي سج کي تڪڻ لڳو، جيڪو ڪي پھر ھڪ ئي ھنڌ بيھي رھيو ھو. مڙسھنس کي جڪ باھيون ۽ اھا ھورا کورا تھ اھو ڪا ڪنڊ لڪائي تھ ھو پنھنجي جبل جي برفاني چوٽي سر ڪري.

اڃا ٻارن کي پوري پڪي ننڊ بھ نھ آئي ھئي، جو مڙسھنس باز وانگر جھپڙ ھڻي کيس ٻانھن ۾ کنيو ۽ کيس چمندو چشڪندو اچي ٻيءَ ڪنڊ ۾ پيل کٽ تي ليٽايو. سڄي ڏينھن جو ٻاڙيل کانئس پڇڻ لڳو: ”اڄ ڪھڙو نخرو آ، جو سگنل ئي نٿي ڏئين؟“

”الا! اڄ طبيعت خوش ڪونھي.“

مڙسھنس کي اھي لفظ ٻڌي پريشاني وٺي وئي. ابتا سبتا ھٿ ھڻي ڏٺائين تھ سڀ خير ھو ۽ ڪا ڳڻتي جھڙي ڳالھھ ڪونھ ھئي. ھو چوڻ لڳو: ”آھي تھ خير، توکي باقي ڇا ٿيو؟“

”نھ ڊارلنگ، اڄ معافي ٿا گھرون.“

ڏھن ڏينھن کان پوءِ آيل مھمان کي اھي لفظ گولي جيان سيني ۾ لنگھي ويا. ھن ذري گھٽ روئڻھارڪو ٿي ٿڌو ساھ ڀري چيو: ”ڇو؟“

”ٽيون ڏينھن کان طبيعت خراب آ، موڊ ئي آف آھي.“

مڙسھنس کوري جيان پئي ٻريو. ھن سندس موڊ آن ڪرڻ لاءِ کيس پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ سندس مٿان مھرون ھڻڻ شروع ڪري ڏنائين، پر اڳيان ڄڻ تھ بي جان رٻڙ جي گڏي ھئي يا برف جو سنگ. ھو چوسيندو رھيو، اھا ئي ٿڌاڻ. لاچار ھن پڇيو: ”ٽيون ڏينھن نيٺ ٿيو ڇا؟“

ھن پھريون ڪو جواب نھ ڏنو. نيٺ چپ چپ ٿي سانوڻ مينھن وانگر اٿلي پئي: ”ٽيون ڏينھن مون کي پائڻ لاءِ ڪجھھ ئي ڪونھ ھو. مان ميلاد ۾ اھڙو سمال فيل ڪيو، جو ڪھڙي ڳالھھ ڪيان. جڏھن بيگم ملڪ کي سچي جيڊ جو ڳورو جڙائو سيٽ پيل ھو!.“

”بيگم ملڪ آھي بھ تھ مل اونر جي گھر واري، مان ڪھڙي مل ھنئي آھي!“

”پاڻ کي بھ جو ھيتريون ساريون زمينون آھن، اھي بھ تھ ڪو گھٽ ڪونھن.“

مڙسھنس جي ھڪ دل چيو تھ کيس نسريون ٻڌائي، پر ٻي دل کيس سمجھايو تھ ائين ڪرڻ سان ڪجھھ ڪونھ ورڻو ھو ۽ رھندو رات خراب ڪرڻي ھئي. ھن کيس ڀاڪر ۾ ڪري چيو: ”جان! سونھن کي سون جي ڪھڙي ضرورت؟ تون منھنجي لاءِ ائين ئي ھيرو آن.“

ھن بھ جيئن جو تيئن سندس ويجھو پوندي کيس ھر کائيندي چيو: ”پر نيٺ زماني سان بھ تھ منھن ڏيڻو آھي. آيو ويو تھ چوندو تھ مڙس جو راز ڪونھيس، تڏھن تھ ٻسي گھمي.“

مڙسھنس اتي سندس ڳچي ۽ ڪن جي پاڙن کي چمندي چيو: ”پنھنجي حال جي تھ خبر اٿئي تھ ڏٿ ڏھاڙي سومرا لڳي پئي آ. فارم جي بھ پاڻ ٿو سنڀال ڪيان تھ پوءِ ٿو پيٽ گذران ٿئي. ھفتي ڏھن ڏينھن ۾ ڄاڻ فصل لٿو، پھريون تون ۽ پوءِ مان.“

”سچ ٿو چوين يا ڏٽو ٿو ھڻين؟“

”جاني تنھنجي سر جو قسم، توکان سواءِ مون کي ڪير پيارو آ.“ مڙسھنس سندس بدن جي ورن وڪڙن ۾ گم ٿيندي چيو.

ھوءَ مڙس جون اھي ڳالھيون ٻڌي کيري ٿي پئي. ٻئي ڀريل بادلن وانگيان وسي پيا ۽ وسندا رھيا.

صبوح جو دير سان ھوءَ اٿي – انگ انگ ۾ مٺڙو سور، پر بدن ھلڪو ھلڪو، اھڙن بادلن جيان جي سڄي رات مينھن وسائي صبوح جو ھلڪا ٿي آسمان ۾ ترندا ھلندا رھندا آھن. ھوءَ وارن مان ڪانٽا ڪڍي، ھوريان ھوريان چوٽي کولڻ لڳي. اوچتو فون جي گھنٽي وڳي. رسيور کنيائين تھ بيگم حسين جو آواز ڪن تي پيس. ھن پڇيس: ”من ڪٿي ھئينءَ، ٻٽي ڀيرا فون ڪيم.“

”اک ئي ھينئر کلي.“ ھن جواب ڏنو.

”ڇو ڪو اوجاڳو ڪيئي ڇا؟“

ھن شرم کان ڪجھھ نھ ڪڇيو. اھا ڳالھھ نٽائيندي ۽ ڪجھھ ٻڌائڻ جي خيال سان چيائين: ”ٻي ڳالھھ ٻڌ، رات جو وعدو ڪيو اٿئين تھ ڏھن پندرھن ڏينھن ۾ جڙائو سيٽ وٺي ڏيندو.“

”ڪھڙيءَ مھل وعدو ڪيائين، اڳ يا پوءِ؟“

ھوءَ چپ، شرم کان منھن ڳاڙھو.

جڏھن ڪي گھڙيون بيگم حسين کي جواب نھ مليو تھ ھن زور سان ٽھڪ ڏيندي چيو: ”من جي اڳ ۾ وعدو ڪيو اٿئين تھ پوءِ تو بھ اھو سيٽ پاتو....... ٻڌو نھ اٿئي تھ ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com