سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪـربـلا

باب: --

صفحو :4

گورڪن

نما شام جا هوريان هوريان ٻڏندڙ پاڇولا، ڌرتيءَ تي پکڙجي آيا هئا. هن جي اونداهي ڀاڳ جيان رات جون اونداهيون به پر پکيڙڻ لاءِ ڄڻ آتيون هيون. قبرستان ۾ هوا جا سڏڪا، وڻن جي جهومندڙ پنن جي سر سر، موت جهڙي سانت ۽ تربتن تي پکڙيل ويرانيون – اهو سڀ ڪجهه ڄڻ هن تي موت جي پڇاڙڪي پل وانگر اڏول ٿيو بيٺو هو ۽ هو هيڪلو ان سموري وايو منڊل ۾ نم جي وڻ هيٺ، ڪنڌ نوايو ائين ويٺو هو، ڄڻ جڳن کان پنهنجي اونداهي ڀاڳ تي ماتم ڪري رهيو هجي. موت جي ان سنسان وايو منڊل ۾، هن جو ڀڳل ٽٽل وجود، ويتر ئي پراسرار ٿي محسوس ٿيو. ڀر ۾ ڪوڏر رکيل – هن وانگر اداس ۽ ٿڪل ٿڪل. (ڪم از ڪم هن ته ائين محسوس ڪيو هو)

ان قبرستان ۾ هو تڏهن کان گورڪن هو، جڏهن هن جي چهري تي ڏاڙهيءَ جي ساوڪ مس ٿي هئي ۽ اڄ هن جي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار اڌواڌ اڇا هئا. ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ ۾ زندگيءَ کان ڇڄي ويل انسانن کي دفنائي، پيٽ پوڄا ڪرڻ هن جو اباڻو ڪم هو. ان جو پيءُ ۽ ڏاڏو ۽ شايد پڙڏاڏو به اهو ئي ڪم ڪندا هئا. موت، زندگي، تربتون، ويرانيون، دنيا کان ڇڄي ويل هيڪلا انسان، اهو سڀ ڪجهه زندگيءَ جو اڌ محسوس ٿيندو هئس.

۽ هينئر هي ٻه ڏينهن اهڙا گذريا هئا جو هن جي گهر جي چلهه نه دکي هئي. بک موت وانگر پر پکيڙيو بيٺي هئي. انهن ٻن ڏينهن کان هو ڪنهن هارايل جواري جيان گهر موٽندو رهيو هو. انهن ٻن ڏينهن کان هن جي ڪوڏر به اداس هئي. هن جي ٻارن جي اکين ۾ بک جو واسو هو. جوڻس جي چهري تي پيڙائن جو هجوم هو، انهن ٻن ڏينهن کان.

انهن ٻن ڏينهن کان موت نه جاڳيو هو. ان شهر ۾ ڪنهن جي به زندگيءَ جي تند نه ٽٽي هئي. هو لاڳيتو سوچي رهيو هو ته جت روز انيڪ انسانن جا سمورا لاڳاپا دنيا کان ڌار ٿي ويندا آهن، اتي ٻن ڏينهن کان سڀئي جيئرا آهن. ان شهر ۾ ڪو ٻيو قبرستان به ته ڪونهي. ٻن ڏينهن کان جڏهن هو خالي هٿين گهر موٽندو هو ته هن جي ٻارن جا چهرا، هن کي ڏسي، تيل کان محروم ڏيئي وانگر اجهامي ويندا هئا. رات ته هن جو ننڍو پٽ بک وگهي، آڌيءَ تائين روئندو رهيو ۽ هن کي ماٺ ڪرائيندي ڪرائيندي جوڻس به سڏڪي پئي هئي.

انهن سمورين سوچن کيس ساڻو ڪري ڇڏيو هو. هن هڪ ڀيرو پوسرندڙ اکين سان، سموري قبرستان تي نهار ڪئي ۽ ڪنڌ نوائي اٿي بيهي رهيو. ڪوڏر ڪلهي تي رکي – هو ٿاٻڙجندڙ وکون کڻندو قبرستان مان ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر اچي هن هڪ ڀيرو، ڪنڌ ورائي، پويان دور دور تائين پکڙيل قبرستان ڏانهن نهاريو. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ انيڪ مرده، تربتن مان نڪري اڇي ڪفن ۾ موت جو رقص ڪري رهيا هجن، ٽهڪ ڏئي رهيا هجن. گهٻرائجي هو تکيون وکون کڻندو قبرستان کان دور نڪري آيو.

هو جڏهن گهر آڏو پهتو ته پل اپل لاءِ خيال آيس ٻاهران ئي موٽي وڃڻ جو سوچيائين، ٻيهر قبرستان موٽي وڃان. ڪهڙي خبر ته اڄ رات ڪنهن جي زندگيءَ جي لاٽ اجهامي وڃي. پوءِ خيال آيس ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته سدائين جيان ماڻهو کيس سڏي وٺندا. تڏهن هٻڪندو، در تي لٽڪندڙ ڳوڻ جو ڦاٽل پڙدو مٿي کڻي هو گهر جي اڱڻ ۾ هليو آيو. لالٽين جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾، جوڻس ڪنڌ نوايو چپ ويٺي هئي. سندس آڏو سندس ننڍو پٽ ستل هو. هن جي ڳلن تي پکڙيل لڙڪن جا نشان هن ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ به چٽا ڏسي ورتا هئا ۽ اندر ئي اندر ڪجهه ڀرندو ڀانيو هئائين. پَٽ تي هن جا ٻئي وڏا پٽ بلور راند ڪري رهيا هئا يا الائي پنهنجو پاڻ وندرائي رهيا هئا. هن کي ڏسي هو سڀ ائين ڇرڪي پيا، ڄڻ هو جڳن کان هن جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هجن. پر – پر – هن جي چهري تي پکڙيل پيڙا جا پاڇولا ڏسي، هنن جي چهرن تي به مايوسيون پکڙجي ويون. هو ڪنڌ نوائي ڇنل کٽ تي ويهي رهيو. جوڻس شوڪارو ڀري چوڻ لڳي؛ ”ننڍڙو مانيءَ لاءِ روئي روئي هاڻي ستو آهي.“

هُن ڪابه وراڻي ڪانه ڏني.

”بابا! مون کي به ڏاڍي بک لڳي آهي.“ سندس وچٽ پٽ جو آواز ائين چوندي ڀرجي آيو. ”بابا! اڄ به ڪو ڪونه مئو؟“ پر هن ڪا وراڻي ڪانه ڏني – هن جا چپ ڄڻ ڪنهن سبي ڇڏيا هئا.

”بابا! جڏهن ڪو مرندو، تڏهن ماني پچندي؟“ پٽس ٻيهر پڇيو.

”ها.“ جواب ڏيندي هن کي پنهنجو آواز پاتال مان ايندو محسوس ٿيو هو. تڏهن پٽس ٻئي هٿ مٿي کڻي، آڪاس ڏانهن اکيون کڻندي چيو: ”الله سائين هاڻ تون ڪنهن کي ماري ڇڏ ته اسان جي گهر ماني پچي او الله سائين!“ تڏهن هن جي من اندر دور ڪٿي ”آمين“ جي صدا اُڀري. هو پاڻ به ٻن ڏينهن کان دعا گهري رهيو هو ته ڪاش، اڄ ڪو اوچتو مري پوي – ڪاش.

هن جا ٻئي ٻار انهيءَ آس تي ته شايد سڀاڻي ڪو مري پوي، اکيون پوري ليٽي پيا. جيتوڻِڪ بک جي ڪري کين ننڊ ڪانه هئي. هو ۽ جوڻس، ڪنڌ نوايو ويٺا رهيا. جوڻس جو آواز بي انت سانت کان پوءِ اوچتو اڀريو: ”تون ڪو ٻيو ڪم ڇو نٿو ڪرين؟“

”ڪهڙو ڪم ڪريان، ڪهڙو ڪم مون لاءِ رهيو آهي؟ آئون ته ڪو ٻيو ڪم ڄاڻان به نٿو.“ هن جي آواز ۾ مايوسيون هيون.

”تون ڪيستائين اهو ڪم پيو ڪندين؟ اڄ ڪو مرندو، سڀاڻي ڪونه به مرندو. هاڻ ته ان ۽ اٽي جيئان موت به مهانگو ٿي ويو آهي. مئا ڊاڪٽر پيدا ٿي پيا آهن، ڪنهن کي مرڻ ئي ڪڏهن ٿا ڏين!“

”بختاور! انسان جي نصيب ۾ جڏهن موت ايندو آهي، تڏهن ئي هو مرندو آهي. جڏهن به ڪو مرندو آهي، پنهنجي وقت تي مرندو – تڏهن تنهنجي گهر ۾ به ماني پچندي.“ هو جوڻس کي سمجهائڻ لڳو، جيتوڻيڪ سندس اندر واريءَ جي گهرن جيان ڀُرندو ٿي ويو.

”مون ته بادشاهه پير جي مٺائي مڃي آهي ته جڏهن ڪو مرندو، تڏهن ورهائيندس. ٻن ڏينهن کان منهنجا ٻار بکيا آهن، آخر ڪيسين تائين بکون پيا مرندا؟“ اهو چوندي هن جون اکيون ڀرجي آيون. هو پنهنجي ڦاٽل پوتيءَ جي پلاند سان اکيون اگهڻ لڳي. جوڻس کي روئندو ڏسي هن لالٽين اجهائي ڇڏيو ته جيئن جوڻس سندس لڙڪ ڏسي نه وٺي، جيڪي سندس ڏاڙهيءَ کي پُسائي رهيا هئا. هن نٿي چاهيو ته جوڻس هن کي روئندو ڏسي. لالٽين وسائي هو آڌيءَ تائين روئندو رهيو، ان خيال کان ته ٻن ڏينهن کان هن جا ٻار بکيا آهن. هن جون کليل اکيون در تي ڪنهن سڏ جو اوسيئڙو ڪنديون رهيون پر سڄي رات هن کي ڪوبه سڏ ڪونه ٿيو. رڳو ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڪتا ڀونڪندا رهيا. هن کي خبر هئي ته جوڻس به سڄي رات روئندي رهي آهي. جوڻس کي به ڪل هئي ته هو ساري رات لڙڪ هاريندو رهيو آهي. سڄي رات ۾ ڪيترا ڀيرا جوڻس جي لڙڪن سندس ٻانهن پسائي ۽ سندس لڙڪن جوڻس جو چهرو پسايو، پر هو ٻئي لڪائيندا رهيا.

ٻي ڏينهن، باک ڦٽڻ کان اڳ ۾ ئي هو ڪوڏر ڪلهي تي رکي قبرستان هليو ويو. سڄي واٽ هن جي ڪنن کي روئڻ جا آواز ٻڌڻ جو اوسيئڙو رهيو پر چؤڌاري زندگي پنهنجا خوبصورت پر پکيڙيو بيٺي هئي. هن من ئي من ۾ سوچيو ته جيڪر اڄ به ڪو جنازو ڪونه آيو ته هو چوري ڪندو، ڌاڙو هڻندو پر خالي هٿين نه موٽندو. قبرستان ۾ به سڄو ڏينهن سندس اکيون جنازن جو اوسيئڙو ڪنديون رهيون. ماڻهو ايندا رهيا، تربتن تي قُل پڙهي هليا ٿي ويا. ڪي گل رکيو ٿي هليا ويا. ڪي آيا تربتن تي مٿو رکي، سڏڪي سڏڪي هليا ويا. هو روز اهو سڀ ڪجهه ڏسندو هو. ان ۾ هن لاءِ ڪابه نواڻ ڪانه هئي ۽ نه ئي هن لاءِ ۽ هن جي ٻارن لاءِ زندگيءَ جو ڪو نور هو.

ڏينهن گذرندو رهيو ۽ پوءِ گذريل ڏينهن وانگر اڄوڪو سج به چپ چاپ ٻڏي ويو. (خبر ناهي سڀاڻي اڀرندو به يا نه؟ هن سوچيو) هڪڙي وسريل ساروڻي هانوَ تي تري آيس ته هڪ وار هڪ نوجوان، هتي ڪنهن تربت آڏو بيهي چيو هو: ”اي موت! ڪاش توکي موت اچي.“ تڏهن موت لاءِ پٽ ٻڌي هن جا لڱ ڪانڊارجي ويا هئا ۽ اڄ هر هر سندس ڪنن ۾ اهي لفظ پڙاڏو بڻجي ٿي گونجيا. هاڻ ائين ٿي محسوس ٿيس، ڄڻ سچ پچ موت کي ڪو موت اچي ويو آهي. رات جي پکڙجندڙ اونداهيءَ ۾ هو پنهنجن ئي سوچن کان گهٻرائجي ويو. هن جي ٻارن جي بک کي اڄ ٽيون ڏينهن هو. ان خيال سان ئي کيس پنهنجو من وسامندڙ محسوس ٿيو. هو ڪيئن هنن جي سوالن جا جواب ڏيندو، ڪيئن جوڻس جي چهري تي پکڙيل پيڙا ڏسندو؟ هن جا لڱ ئي ڪانڊارجي ويا. هو اندر ئي اندر ڀُرندو رهيو، وسامندو رهيو. رات جا ٻارهن اچي ٿيا هئا. هو قبرستان ۾ ئي ويٺو رهيو، پر ڪوبه نه آيو. هڪ ڀيرو وري هو ٿڙندو ٿاٻڙجندو، ڪوڏر ڪلهن تي رکي، سندس گهر ڏانهن ويندڙ رستي تي هلڻ لڳو. واٽ تي هو من ئي من ۾ سوچيندو رهيو ته سڀاڻي هو ٻيو ڪو ڪم هٿ ڪندو. سڀاڻي کان هو مزور نه سهي چور بڻجي ويندو. ٻي ڏينهن لاءِ انيڪ رٿائون رٿيندو رهيو – ٽوڙيندو رهيو – اندر ئي اندر اجڙندو ۽ جڙندو رهيو. زندگي هن لاءِ ڪائنات جو سڀ کان وڏو هاڃو بنجي وئي هئي. هو من ئي من ۾ ان هاڃي تي ماتم ڪندو پئي ويو. گهٽين ۾ رات جي گهور اونداهي پکڙيل هئي. هن جي اندر ٻاهر اونداهيون هيون. نور جو ڪو هڪڙو ترورو – ڪا هڪڙي چڻنگ – دور، هن کان گهڻو دور، هڪڙو پاڇولو وڃي رهيو هو. بجليءَ جي شاڪ وانگر هڪڙو خيال هن جي ذهن جي سنسان ايوانن ۾ واسو ڪري ويو. جيڪر هو ڪوڏر جي هڪڙي ئي ڌڪ سان هن پاڇولي کي ختم ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ جي سوچ ڪيڏي خوبصورت هئي. هن پنهنجن خيالن ۾ جوڻس کي چلهه تي ماني پچائيندي ڏٺو ۽ هوءَ مرڪي به رهي هئي. هن جا ٽئي پٽ ڀر ۾ ماني کائي رهيا هئا ۽ هڪٻئي سان شرارتون به ڪري رهيا هئا. هو مرڪي پيو – پر هن پاڇولي کي ختم ڪرڻ جو تصور ڪيڏو نه ڀوائتو هو. هن ته ڪڏهن چوري به ڪانه ڪئي هئي، خون ڪيئن ٿي ڪري سگهيو؟ ٻي لمحي هن جي ڪنن ۾ سندس ٻارن جون صدائون پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳيون. هن جون وکون تکيون ٿي ويون. گهٽيءَ ۾ گهور اونداهي هئي. ان اونداهيءَ ۾ هو تکيون وکون کڻي پاڇولي جي پويان هلڻ لڳو. هن جو ساهه ڀرجي آيو ۽ هن جو من طوفان ۾ ڦاٿل ڪک سمان ڏڪي رهيو هو. هن جا هٿ ڪوڏر جي ڳن ۾ ائين کپي ويا، ڀانءِ ڪڏهن به ڌار نه ٿي سگهندا.

۽ پوءِ هو پاڇولي جي ويجهو اچي پهتو. هن اکيون پوري ڇڏيون ۽ ڪوڏر کڻي هڻي ڪڍيائين. هڪڙي دانهن چوڌاري پڙلاءُ بڻجي گونجي ۽ ٻڏي وئي (ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو) اها دانهن شايد ڪنهن ٻار جي هئي، پر هن ۾ سگهه ئي ڪانه هئي نمي ڏسڻ جي. بس پل اپل لاءِ هن جي اکين آڏو پنهنجن ٻارن جا چهرا ڦري ويا. سڄو بت پگهر ۾ شم ٿي ويو هئس. هو ابتن پيرن قبرستان ڏانهن ڊوڙڻ لڳو. هن جون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. ائين ٿي ڀانيائين، ڄڻ هي پل هن جي زندگيءَ جو آخري پل هجي. پهريون ڀيرو هن کي موت کان ڊپ ٿيڻ لڳو. موت جيڪو ڪنهن بدروح سمان پنهنجا ڪارا وار پکيڙي پنهنجا ميرا ڏند ڪڍي ٽهڪ ڏيندو هن جي پويان پويان ڊوڙي رهيو هو. هن جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت ڄڻ برف وانگر ڄمندو ٿي ويو. ساهه جي تند – اجها ڪي اجها ٽٽي – هو قبرستان جي گيٽ وٽ پهتو. تڏهن هن ڪنڌ ورائي پويان نهاريو، پويان ڪجهه به نه هو. سنسان گهٽيون، ستل انسان، رات جي گهور اونداهي ۽ هو هيڪلو. هن قبرستان جي نل تي رت هاڻي ڪوڏر کي ڌوئي صاف ڪيو ۽ نم جي وڻ هيٺ اکيون پوري ويهي رهيو. هن جي اندر ۾ طوفان متل هو پر هو سوچي رهيو هو بند اکين جي اندر ته صبح جو ماڻهو هن ٻار جو جنازو کڻي ايندا، هن کي قبر کوٽڻ جا ٽيهه روپيا ملندا ۽ سمورو هفتو ڪيڏو ٿانئيڪو لنگهي ويندو. هن جا ٻار ڪيڏا نه خوش ٿيندا ۽ هو به ڪيڏي مانَ سان اوچو ڳاٽ ڪري اندر گهڙندو. هن جي زال به بادشاهه پير جي مٺائي ورهائيندي. هو پنهنجو ڏوهه ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندو. پنهنجي زال کي به نه، جنهن کان هو ڪابه ڳالهه نه لڪائيندو هو. ڪنهن کي به خبر ڪانه پوندي.

پر انهن سمورين سوچن تي ڀوَ جون ڀاونائون ڳريون هيون. جي هو پڪڙجي پيو ته هن کي جنم ٽيپ ضرور ايندي. پوءِ هن جا ٻار ۽ زال بکون مرندا. هو هنن لاءِ جيل ۾ روئندو رهندو.

رات لنگهي وئي. باک ڦٽي – نئون سج هن لاءِ اميدن جو نور پکيڙي اڀريو. هن جون اکيون گيٽ جي هن پار نظر ايندڙ روڊ تي اٽڪيل هيون، جتان اهو جنازو اچڻو هو. ٻن پهرن ڌارين ماڻهو ڪلهي تي جنازو کڻي گيٽ اندر گهڙيا. سچ پچ ڪنهن ٻار جو ئي جنازو هو، پر ڪنهن جي اکين ۾ لڙڪ نه هو. ڪنهن جي به چهري تي پيڙائن جو هجوم نه هو. ڏک، جيڪو ڪنهن پياري جي وڇوڙي تي چهري تي واسو ڪري وڃي، اهو ڏک ڪنهن به چهري تي نه هو. هو سڀ ائين آيا هئا، ڄڻ ڪو اهڙو فرض پورو ڪرڻ آيا هجن، جنهن ۾ هنن کي ڪابه دلچسپي نه هئي. هن به ڪوڏر کنئي ۽ قبر کوٽڻ لڳو. سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. من ۾ واسو ڪيل ڀؤ جا ڀاوَ ته ڪو سڃاڻي نه وٺي. متان ٻار جو جنازو اٿي ويهي رهي ۽ چئي ڏي ته اجهو – هي آهي منهنجو خوني. پر ائين نه ٿيو. هو قبر کوٽيندو رهيو. تيستائين هنن سڀني جنازي نماز پڙهي ۽ قبر جو انتظار ڪرڻ لڳا. هن محسوس ڪيو ته هو ڪجهه پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هن ڪن ڏنا، پر آواز ڄڻ پريان کان اچي رهيا هئا. هو شايد چئي رهيا هئا ته: ”نڄاڻ ڪهڙن اڀاڳن مائٽن جو ٻار آهي – ڪنهن جي هن ٻارڙي سان دشمني ٿي سگهي ٿي – ڪير ظالم هو جنهن کي کن پل لاءِ به مٿس ڪهل نه آئي. مائٽ ويچاري کي ڳوليندا هوندا – الائي ڪير آهي، ڪٿان جو آهي؟ هيڏي پڇا کان پوءِ به ويچاري جا مائٽ نه لڌا.“ پر هو انهن سڀني ڳالهين کان اڻڄاڻ قبر کوٽيندو رهيو. قبر کوٽجي تيار ٿي ته ماڻهن ٻانهن تي اڇي ڪفن ۾ ويڙهيل جنازو کنيو. هن تڏهن ڏٺو ته ڪفن تي رت جا داغ هئا. الاءِ ڇو هن جون اکيون آليون ٿي ويون. جڏهن هو ٻار کي قبر ۾ رکڻ لڳا، تڏهن دل چيس ٻار جو مک ڏسڻ لاءِ. ماڻهن جي ڪلهن تان نمي هيٺ ڏسڻ لڳو - ۽ - پوءِ هو ڄڻ اونداهين ۾ ٻڏندو ويو. هن جي رت جي هر بوند ۾ اونداهيون ئي اونداهيون سمائجي ويون. موت جو زهر جهڙو ڪڙو ڪسارو ذائقو هن جي نڙيءَ ۾ چڀڻ لڳو.

گهر ويندي، واٽ تي هو ڪيترا ڀيرا ٽريفڪ هيٺ ايندي بچيو. مٺ ۾ هئس ڏهن جا ٽي نوان نڪور ساوا نوٽ. پر ٻيو هٿ اڄ ڪوڏر کان خالي هئس. پر پوءِ به هو پنهنجو وجود بيحد ڀاري محسوس ڪري رهيو هو. جڏهن هو پنهنجي گهر واري گهٽيءَ ۾ گهڙيو ته جوڻس کي در جي چائنٺ تي پنهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺل ڏٺائين. هن جي اکين ۾ لڙڪ جهلمل ڪري رهيا هئا. هن کي ايندو ڏسي هوءَ اٿي بيهي رهي، پر هو ائين ئي ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر اندر هليو آهي. هوءَ سندس پويان ذري گهٽ ڊوڙندي آئي ۽ هن جي اڳيان اچي سڏڪي پئي. ”منو رات کان تنهنجي پويان نڪتل آهي، مون ته گهڻو جهليومانس پر هن مڃيو ئي نه – چوڻ لڳو ڏسان ته بابا کي پئسا مليا آهن يا نه؟ تو وٽ پهتو ڪي نه؟“

هو چپ موت وانگر.

”تون – تون ڳالهائين ڇو نٿو – ڳالهائين ڇو نٿو؟“

”“

”تون روئين ڇو پيو – ڇو پيو روئين؟“

”تون ٻڌائين ڇو نٿو؟“ جوڻس پاڳلن وانگر رڙيون ڪرڻ لڳي. ٻئي ٻار اچرج وچان ماءُ پيءُ کي ڏسي رهيا هئا ۽ هو – اهڙي ڏوهاري وانگر ڪنڌ نوايو بيٺو هو، جنهن ۾ ڏوهه مڃڻ جي سگهه نه هجي.

”منهنجو منو ڪٿي آهي؟“ جوڻس دانهن ڪئي.

ڪوبه جواب ڏيڻ بدران هن پنهنجي مٺ مان ٽيهه روپيه ڪڍي جوڻس جي پکڙيل هٿ تي رکي ڇڏيا ۽ پنهنجي ننڍي پٽ کي ڇاتيءَ سان لڳائي ٻارن وانگر سڏڪي پيو.


 

پن ڇڻ جي رُت ۾

سانجهيءَ ٽاڻي اولهه ۾ ٻڏندڙ سج – ٽٻي هڻڻ کان اڳ چيو – ڪو آهي!! – جو منهنجي جڳهه والاري!! هڪڙي ننڍڙي ڏيئي ڪنڌ مٿي کڻي چيو – آئون ڪوشش ڪندس. (ٽيگور)

۽ گهور اونداهين ۾ (جڏهن اولهه جي پلاند ۾ سج ٻڏي چڪو هوندو آهي ۽ اونداهي وار کولي پرٿويءَ جي سيني تي رقص ڪندي آهي) اچانڪ منهنجو من پڪاريندو آهي – آئون ئي آهيان اُهو ڏيئو – سچ – آئون ڪوشش ڪندس سج جي جڳهه والارڻ جي – ۽ – سج اُلهي ويندو آهي – ڀونءِ جي ڊگهن – اکٽ ڪنارن جي هُن ڀر.

پر – ائين ڀائيندو آهيان، ڄڻ ڪٿي به روشني ڪانهي – روشنيون سڀئي پاڻيءَ جي ڪا تکي لهر اُجهائي وئي آهي.

اهڙي ڪا تکي لهر اسان جي مٿان کان به لنگهي آهي شايد – جو اسين سڀ اجهاڻا پيا آهيون من ئي من ۾.

جيل جي اوچين ديوارن ۾ قيد زندگيءَ جا پل – جيل کان ٻاهر ڇا آزاد هوندا آهن!!؟ – سينٽرل جيل جي ديوارن ۾ ڀٽڪندي منهنجو من زندگيءَ جو سمورو فلسفو سوچيندو آهي. هڪ لڱان تو چيو هو؛ ”توکي ڀلا ڪهڙي سُڌ ته ماڻهو جيل کان ٻاهر به پير ڪڙيون پائي هلندا آهن يا هلايا ويندا آهن“ ڇڻ – ڇڻ جو ڇڻڪو آهي، جنهن جو پڙلاءُ ٿو ڪنن ۾ ٻُري. آزادي ته آتما جي ٿيندي آهي پر حسين! منهنجي آتما ته تو ساڻ سينٽرل جيل جي سي ڪلاس جي تاريڪ کوليءَ ۾ ٿي قيد بامشقت ڀوڳي.

پل – لنگهي ويا آهن – پوءِ ڇا آهي جو پاڻيءَ جي بوند جيان پنبڻن ۾ اٽڪيو پيو هوندو آهي – لڙڪ!!!؟

هر ساروڻي پنهنجي اندر بي انت سمنڊ آهي – ۽ ڪنهن به ساروڻيءَ جو ڪوبه سرو ڪونهي.

گناهگارن جي قطار آهي صليبن جي سامهون

تون ۽ آئون

پنهنجي واري جي اوسيئڙي ۾ جڳن ڪنا بيٺا آهيون.

سياري جا بيحد سرد ڏينهن هئا اهي. سگريءَ ۾ ٻرندڙ اڱرن تي هٿ سيڪيندي توکي چيو هئم، بي حد اُداس من سان – سونا! – هي موجود پريم پل ڇا ڪنهن دکدائڪ وڇوڙي جي ابتدا آهي – ڪير ڄاڻي ته ڪيتريون وکون اسين هلي سگهنداسون، ساڻ – ساڻ!!؟؟

موٽ ۾ تو دريءَ کان ٻاهر جهومندڙ اوچن وڻن ۾ اکيون کپائي ڇڏيون هيون. چيو هيئي، وڇوڙي جي دکدائڪ سفر ۾ (تون نه هوندين جيڪڏهن مون ساڻ) ته آئون تنهنجي پيرن جا نشان کڻي هلندس. حسين! ماڻهو ته بس ساروڻن جي آسانگي تي جيئندو آهي نه ته من ۾ سانڍي رکڻ لاءِ هن ڀريءَ ڀونءِ تي ٻيو آهي ئي ڇا؟

۽ - هاڻ بي انت تنهائين ۾ گهيرجي سوچيندو آهيان – تو سچ چيو هو سونا – زندگيءَ جو فلسفو ته بس پويان رهجي ويل پيرن جي نشانن ۾ ئي آهي.

پيرن جا اهي نشان (اکيون پوريان ته) دل ڌرتيءَ جي چؤڏسائن ۾ ڦهليل نظر ايندا اٿم.

سوچيندو آهيان – آئون جو سالن کان سي ڪلاس جي تاريڪ کوليءَ ۾ قيد بامشقت ڀوڳيان ٿو (ڄڻ – قبر ۾ مئو پيو آهيان ۽ منهنجو ماس پگهرجي چڪو آهي ۽ منهنجا هڏ ڌرتيءَ جا ڪيڙا هوريان – هوريان ٽڪي رهيا آهن) ڇا آئون زنده آهيان – جيل جي اوچين ديوارن کان ٻاهر ڦهليل چؤڏسائن ۾ زندگيءَ جا هنگاما – ڇا ڪوبه حق ناهي منهنجو انهن تي!!

ڊگها – سنسان رستا، نيڻ نهار تائين ڦهليل ۽ ڪنارن تي بيٺل اگهاڙا وڻ - ۽ روڊ جي ويڪري ڇاتيءَ تي رهجي ويل اسان جن پيرن جا نشان ۽ وڻن جي ٿڙن تي رهجي ويل اسان جين گرم آڱرين جو نرمل – ڪومل ڇهاءُ – ائين ئي روڊ جي ڪنارن تي اسان هلندا رهيا هئاسون – پيرن هيٺ پيلا پن چيڀاٽجندا رهيا هئا.

هڪ اونداهي رات آئون وڄندڙ سيٽين پويان ڊوڙندڙ پوليس جي ڀاري بوٽن جي شور ۾ ڀڄي نڪتو هئس جيل مان. جيل جي گيٽ تي زندگي مون لاءِ ٻانهون ڦهلايو بيٺِي هئي. اونداهيءَ ۾ ٻڏل ڀونءِ جي ڪنارن تان روشنيءَ جي اڻ چٽي ليڪ اُڀري آئي هئي.

آئون شهر جي ڳلين ۾، رستن تي، ديوارن جي پاڇولن ۾ ڪيئي ڪلاڪ لڪندو رهيو هئس. باک ڦٽيءَ جي پهرئين پل – ڪنهن گهر جي سرخ ديوار جي پاڇولي ۾ بيهي مون سوچيو هو – سونا!! مون چيو هو نه ته مون ۾ بي پناهه شڪتي آهي تو تائين رسڻ جي – آئون پير ڪڙين سوڌو صدين تائين زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ڊوڙي سگهان ٿو.

سي ڪلاڪ جي تاريڪ کوليءَ ۾ آئون زنده رهان ها سونا، جيڪڏهن ٻاهر جي دنيا ناس ٿي وڃي ها. ٻاهر جي دنيا جا سڀيئي رنگ منهنجي کوليءَ جي ڳڙکيءَ مان ليئو پائي سرگوشين ۾ چوندا هئا – اچ – هڪ ٻي جي مضبوط ٻانهن ۾ رقص ڪريون - ۽ - آئون زندگيءَ جي ٻانهن ۾ رقص ڪرڻ لاءِ جيل جي بند لوهي دروازن مان پير ڪڙيون ڇني ڀڄي نڪتو آهيان.

نما شام جي اجهامندڙ لمحن ۾.

پنهنجي گهر جو بند دروازو کڙڪايو هئم. زندگيءَ ۾ ڪو پل اهڙو به ايندو آهي – جڏهن اسين پنهنجي ئي گهر جي بند دروازي جي چائنٺ تي ڪنهن اوپري ماڻهوءَ جيان بيٺا هوندا آهيون. بند دروازي جي چائنٺ تي وڇڙيل دليون ڌڙڪنديون آهن ۽ منهنجو من ڌڙڪندو رهيو هو – بند دروازي جي چائنٺ تي.

ڪائنات جو سڀ کان دکدائڪ الميو آهي اهو. آئون ڌڙڪندڙ من سان دروازي تان موٽي آيو هئس. آئون چپ چاپ ڪنهن هارايل جواريءَ سمان وڻن هيٺان هلندو رهيو هئس ۽ ڇڻيل پيلا پن منهنجن پيرن هيٺ ايندا رهيا هئا.

مون سوچيو هو – آئون زندگيءَ جي سيني تي بيهي آزاديءَ جا چپ چمندس پر – زندگيءَ جا چپ ڪومائجي ويا آهن.

ڏامر جي ڊگهي ڪاري روڊ جي ڪناري تي – ڪٿي تنهنجو گهر به آهي – انهيءَ شهر جي هڪ ڳليءَ ۾ منهنجو گهر به آهي.

هر گهر جو دروازو بند آهي.

۽ آئون – ڄڻ – مسلسل ڀٽڪان پيو انهن بند دروازن اڳيان.

امان چوندي هئم – ڳهلا! توکي ڪهڙي سُڌ ته ماءُ ڪيترا خواب ڏسندي آهي پٽ لاءِ. تون ته جيڪر ڪنهن هڪ خواب جو به حساب نه چڪائي سگهين. سوچيندو آهيان – ماڻهو پنهنجا خواب من ۾ ته سانڍي رکي سگهي ٿو پر جي خوابن ۾ ليکو ويهي ڪري – ته ڇا ماڻهوءَ جو اندر ناس نه ٿي ويندو!!! پر – امي اها ڳالهه ڪڏهن سمجهي ئي نه سگهي. امي چوندي هئي ته بس اهو – لوڪ سڄي جا پٽ ته ڏس – ڪيڏا وڏا آفيسر بڻجي ويا آهن – بس هڪڙو تون ئي آهين، جنهن کان ڪجهه به نٿو ٿئي – ڇو ٿو حڪومت جي دشمني کڻين – ڇو ٿو جلسا جلوس ڪڍين جو پوليس پل لاءِ به نٿي جيئڻ ڏي توکي ۽ اسان کي – ڇو نٿو حڪومت کان معافي وٺين – ڪيسين تائين اسين بک مرنداسون ۽ ڀيڻ تنهنجي ڪنواري ويٺي هوندي؟

آئون چپ چاپ کٽ تي اکيون پوريو پيو هوندو هئس. سوچيندو هئس- ۽- منهنجن خوابن جا ڪٿ ڪير لڳائيندو!! اُهو سج، جيڪو آئون ڌرتيءَ جي ڪنارن تان اُڀرندو ٿو ڏسان – ڇا اُنهيءَ کي ڀاڪر پائڻ لاءِ آئون ٻانهون به نه پکيڙيان!! امان – نڄاڻ ڇا سوچي منهنجو نانءُ حسين رکيو هو. پر – منهنجي اندر ۾ هرپل ڪا جوالا ٿي دکي اڄ به. منهنجو من سنڌ جي بيرانن کان – ڪربلا جي بند دروازي تائين پيو ڀٽڪندو آهي اڄ به. ڇا اها سچ جي پل صراط آهي؟ امان روئي پوندي هئي - ۽ - آئون ڀٽائيءَ جو هڪ بيت هو، جو سندس هر لڙڪ ۽ هر سڏڪي جي موٽ ۾ کيس ٻڌائيندو هئس. هوءَ کن لاءِ اکيون پوري ڇڏيندي هئي. (سورهه مرين سوڀ کي – ته دل جا وهم وسار – هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍالَ مَ ڍار – مٿان تيغ ترار – مار ته متارو ٿئين)

امان کي ته سمجهائي به نه سگهيو هئس – ته وقت ڪنهن ڀيانڪ ديوَ جيان اسان جي مٿان اڏول ٿيو بيٺو آهي ۽ ڌرتي ڪنهن وڇڙيل محبوبا جيان اسان جن پيرن کي چهٽي پئي آهي ۽ خواب اسان جي اندر جو سفر آهن - ۽ منهنجو من انهيءَ وڇڙيل محبوبا جي سيني ۾ ڌڙڪي ٿو ۽ مون کي سڀ کان پهرين انهيءَ موتيءَ جهڙي من جو ڀرم رکڻو آهي.

جنهن رات ڪنهن جلسي يا جلوس مان موٽندو هئس – امان مون سان نه ڳالهائيندي هئي. ڀيڻ جي اکين ۾ جڳن جا رُساما ڀرجي ايندا هئا ۽ آئون سڄي رات جاڳي گذاريندو هئس. صبح جو پوليس در کڙڪائيندي  هئي.

آئون چپ چاپ هليو ويندو هئس.

ڀلا – آخر انهيءَ سموري ويڙهه جو سلو ڇا آهي!!! بظاهر زندگيءَ جا هنگاما جاري رهندا آهن. لوڪ کي سُڌ ئي نه پوندي آهي ته ڀونءِ جي انهيءَ ساڳيءَ ڇاتيءَ تي سچ جي ڇتي ويڙهه ڇڙيل آهي ۽ انهيءَ ويڙهه ۾ چپ چاپ، بنا ڪنهن هٿيار ۽ فوج جي وڙهڻ وارا مارجي ويندا آهن، ڪنهن مختصر پل ۾. ڪو سونو ٻلو نه ملندو آهي انهن جي پوين کي، ۽ کٽي اچڻ وارن کي ڪو گلن جا هار پارائڻ وارو نه هوندو آهي.

انهيءَ ڇتي ويڙهه ۾ - آئون زمانن کان وڙهان پيو – پر ڇا منهنجي هر پل جو عذاب – منهنجي پوين لاءِ سونو ٻلو نه هوندو!!؟

ٻن ڏينهن جي زندگي.

ٻن ڏينهن جو ميڙو آهي - ۽ - مون کي انهيءَ متل ميڙي مان اٿاري تاريڪ کوليءَ ۾ پوريو ويو آهي. شايد تاريخ ۾ نه لکجي، پر اهو ڪائنات جو سڀ کان وڏو الميو آهي.

منهنجي کوليءَ جي آس پاس انيڪ کوليون آهن. زندگيءَ کان ڪٽيل جيئرن جاڳندن انسانن جو انبوهه آهي. سالن جو قيد – جنم قيد ۽ ڦاسيءَ جو ڀيانڪ اوسيئڙو آهي. ڀرواري کوليءَ ۾ نڄاڻ ڪهڙو ڏهي آهي جو ڦاسيءَ جو ايذائيندڙ اوسيئڙو ٿو ڪري. اونداهيون ڦهلبيون آهن، ته سڀئي قيدي ٻانهن ۾ مُک لڪائي، سمهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن (جيتوڻيڪ اندر ۾ اوجاڳا هوندا آهن) تڏهن اهو ڦاسيءَ جو قيدي اوچن سُرن ۾ ڳائيندو آهي – دک جا گيت. پيڙا جو پڙلاءُ هوندو آهي جو تاريڪ کولين ۾ رقص ڪندو آهي. هن جو جسم ڦاسيءَ جي تختي تي ختم ٿي ويندو آهي. هن جو آواز سندس خالي کوليءَ ۾ رهجي ويندو آهي. ڳائيندي ڳائيندي هن جو آواز سڏڪن ۽ اوڇنگارن ۾ لڙهي ويندو آهي. سڏ ڪري پڇندا آهيونس – ڪيئن آهين ڀائو!؟ کن لاءِ چپ ٿي ويندو آهي. کن کان پوءِ بيت ڏيندو آهي انيڪ سڏڪن جي وچ ۾ - لڳي لڳي واءُ – ويا انگڙا لٽجي – پيئي کڻي پساهه – پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي - ۽ پوءِ سندس آواز ٻيهر سڏڪن ۾ گهٽجي ويندو آهي - ۽ آئون بيحد اُداس من سان – اکيون پوري، من ئي من ۾ پيو ڀڻڪندو آهيان. پيئي کڻي پساهه – پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي – پئي – کڻي – پساهه – پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي   – پئي – کڻي – پساهه – پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.

تنهن پل تون مون کي شدت سان ياد ايندي آهين سونا – توکي پسڻ لاءِ – وڇڙيل محبوبا جهڙي ڌرتيءَ جي پيشانيءَ تي اڀرندڙ نئون صبح پسڻ لاءِ – سپنن جي ساڀيان پسڻ لاءِ – آئون به هوريان هوريان پساهه کڻان ٿو.

دردَ جي انهن ئي دکي ڪندڙ احساسن کان گهٻرائجي آئون رات جي گهور اونداهين ۾ جيل مان ڀڳو هئس.

منهنجي گهر جي دروازي تي قلف چڙهيل هو. آئون بند دروازي تان موٽي آيو هئس.

انهيءَ شام ٻاهر برسات ٿي پئي – مون فون تي توکي چيو هو – آئون جيل مان ڀڄي آيو آهيان سونا – زندگيءَ جا، ڌرتيءَ جا ۽ تنهنجا چپ چمڻ لاءِ – برسات جي ڀنل رت ۾ هوٽل جي اونداهين ڪنڊ ۾ - کن لاءِ تو مون کي سڃاتو ئي نه هو.

ڪيڏو بدلجي ويو آهين!!

مفرور قيدي آهيان، پوليس منهنجي پويان آهي. ڌرتي ڪنهن وڇڙيل محبوبا جيان منهنجي پيرن کي چهٽي پئي آهي - ۽ - صرف هڪ ڀيرو – تنهنجا چپ چمڻ ٿو چاهيان سونا!؟

- تنهنجين اکين ۾ جيڪي به طوفان هئا انهيءَ پل – منهنجو من اڄ به انهيءَ ۾ لڙهي ٿو – چيم – آئون زندگيءَ جي بند دروازي تي بيٺو آهيان – هڪ ڳالهه ٻڌاءِ سونا – ڪيتريون صديون منهنجو اوسيئڙو ڪندينءَ؟؟ چئو سونا. تنهنجا هٿ پڪڙي ورتا هئم. تنهنجا هٿ برف جيان سرد هئا. تنهنجي ڪرائيءَ ۾ پيل سونيون چوڙيون جرڪنديون رهيون.

ڪيئي پل ڪجهه به نه ڳالهايو هوسين. آئون ڳڙکيءَ کان ٻاهر ڏسندو رهيس. روڊ برسات جي پاڻيءَ هيٺ ٻڏي چڪو هو. وڻن جا پيلا پن پاڻيءَ ۾ تري رهيا هئا. هوٽل کان ٻاهر پوليس جي ڀريل ٽرڪ بيٺي هئي.

سونا!!

چئو –

آخري ڀيرو (۽ پهريون ڀيرو) تنهنجا چپ ٿو چمڻ چاهيان. ٻاهر پوليس بيٺي آهي – اوسيئڙي جي بي انت سلسلي ۾ مون کي نه وسارجانءِ – آئون جيل جي کوليءَ ۾ تنهنجا سپنا ڏسندس – پر جي سونا – تون منهنجو اوسيئڙو ڪرڻ جو سوڳنڌ ڏئين – آئون هن پل به پوليس جي اکين کان گم ٿي سگهان ٿو.

تو – دريءَ کان ٻاهر بيٺل پوليس جي ٽرڪ دونهاٽيل اکين سان ڏٺي.

منهنجي آتما تنهنجو اوسيئڙو ڪندي حسين! منهنجو تن ڪنهن ٻئي جو ٿي چڪو آهي. تو ڀرجي آيل اکيون پوري ڇڏيون هيون – آئون چپ چاپ اُٿي آيو هئس.

سوچيو هئم.

سونا!! لمحن جي انهيءَ سفر ۾ اسان جا وجود پاڇولا آهن ڄڻ – اونداهين مان لنگهندا آهيون ته گم ٿي ويندا آهيون ڄڻ – پر – ڇا اندر جي روشنيءَ کي به اُجهائي ڇڏجي – اسين ته هلندا آهيون اندر جي ميرانجهڙيءَ روشنيءَ جي آسانگي تي – رت ۽ ست ڏيئي ٻاريو آهي اندر جي روشنيءَ جو اهو پتڪڙو ڏيئو.

سونا – زندگي اسان کي جنم ڏئي وساري چڪي آهي. اُنهيءَ کي هاڻ ڪهڙي سڌ ته اسين انهيءَ جي ڇاتيءَ تي اُگهاڙن پيرن سان ڀٽڪون پيا. آئون اُنهيءَ بي وفا زندگيءَ جي پيرن ۾ زندگي ٿو وجهڻ چاهيان. سونا – آئون جيل جي اوچن ڪوٽن ۾ فنا ٿي ويندس – يا – ڦاسيءَ جي تختي تي منهنجو لاش لٽڪندو رهندو – پر هڪ پل جي آس تي آئون هن دکدائڪ لمحي ۾ به جيئان ٿو – ڪو اهڙو پل ايندو جڏهن زندگي منهنجا اگهاڙا پير اچي چمندي.

روڊ تي برسات جو پاڻي بيٺو هو. وڻن تان ڇڻيل پيلا پن بيٺل پاڻيءَ ۾ تري رهيا هئا. برسات جون هلڪيون هلڪيون بوندون هوٽل جي شيشن تان ترڪنديون ٿي ويون. ٻاهر ماڻهو پتلونن جا پانچا مٿي کنيو بيٺل پاڻيءَ مان لنگهي رهيا هئا. هوٽل جي دروازي تي پوليس جي ڀريل ٽرڪ بيٺي هئي. بندوقن جا رخ هوٽل جي دروازي ڏانهن هئا ۽ وڻن جا عڪس پاڻيءَ ۾ ويا ٿي تهائين ڊگها ٿيندا.

مون هيڪر وري، ڪنڌ ورائي ڏٺو هو تو ڏانهن. تون چپ چاپ ڳڙکيءَ کان ٻاهر دونهاٽيل اکين سان ڏسندي رهي هئينءَ. تنهنجيءَ ڪرائيءَ ۾ انيڪ سونيون چوڙيون، نئين نڪور سج جيان جرڪنديون رهيون هيون.

آئون بيحد اُداس من سان ٻاهر نڪري آيو هئس. منهنجو چهرو به برسات جي بوندن ۾ ڀڄڻ لڳو هو ۽ بندوقن جو رخ مون ڏانهن ٿي ويو هو.

-         ٽرڪ پاڻيءَ مان ڀريل رستن تي ڊوڙندي رهي هئي.

-         هوءَ چپ چاپ اُٿي هئي ڪرسيءَ تان.

لان ۾ بيٺل وڻن تان پن ڇڻي رهيا هئا. گيٽ کان ورانڊي جي ڏاڪڻن تائين رکيل ڳاڙهين سرن تان هلندي ائين ڀانيو هئائين ڄڻ سندس پيرن جي آڱرين مان ساهه نڪرندو ٿو وڃي. بدن تي ويڙهيل آلي ساڙهيءَ ۾ سندس لڱ هوريان هوريان ڏڪندا رهيا. ٿڪل ذهن ۽ وجود سان هوءَ ورانڊي ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهي. نيساري مان اڃا تائين پاڻي وهي رهيو هو. اندر فون جي رنگ مسلسل وڄندي رهي. اونداهي هوريان هوريان پکڙجندي رهي. گيٽ وٽ ويٺل ٻليءَ حيرانيءَ منجهان اکيون مچڪائي هن کي ڏٺو - ۽ - برسات جو بيٺل پاڻي پيئڻ لڳي.

هڪ ڀيرو – هن حسين کان پڇيو هو – اسان نه هونداسين حسين! تڏهن ڇا هوندو!! ڇا سڀ ڪجهه ائين ئي هوندو، جيئن هاڻ آهي!!! ماڻهوءَ جي وڃڻ سان هن ڪائنات ۾ ڪا تبديلي ڇو نه ايندي آهي حسين!!.

هن لمحي هوءَ دل دريا جي ڪناري تنها – بيٺي هئي. اڃا جُڳ نه لنگهيا هئا، جُڳ نه لنگهڻا هئا اڃا.

اونداهي ڦهلبي رهي – هيڪر وري برسات پوڻ لڳي – گيٽ تي ويٺل ٻلي ڏاڪڻ تي اچي ويٺي هئي – اکين ۾ آيل لڙڪن تي هن ساڙهيءَ جو پلاند رکي ڇڏيو هو ۽ ٻلي حيرانيءَ منجهان اکيون مچڪائي ڏسندي رهي هن کي – ٻاهر دنيا پنهنجن هنگامن سميت سجاڳ هئي.


 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com