مول متا

  1. سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي ادب کي جديد انداز ۾ فني ۽ ٽيڪنيڪي خوبصورتيءَ سان سهيڙڻ ۽ پرڏيهي ادب جي شاهڪار لکڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پڌرو ڪرڻ.

  2. آڳاٽي دور جي عالمن جي مخطوطات ۽ مسودن کي نئين روپ ۾ ڇپرائڻ.

  3. سنڌي ٻوليءَ جي شاعراڻي ادب کي همٿائڻ ۽ ان جي ڇپائيءَ جو بندوبست ڪرڻ.

  4. سنڌ جي تاريخ، ٻولي ۽ ادب تي عربي فارسي، اردو، انگريزي، سنڌي ۽ سنسڪرت ۾ لکيل ڪتابن / قلمي نسخن کي ترجمو ڪري يا اصلي زبان ۾ ڇپرائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ.

  5. سنڌ جي ناليوارن ڏاهن، عالمن، اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن جون ورسيون ملهائڻ، برک ليکڪن ۽ ڏات ڌڻين سان علمي گڏجاڻين طور شامون ملهائڻ، اهم موضوعن تي ليڪچر پروگرام منعقد ڪرڻ ۽ بورڊ جي ڇپايل ڪتابن جي پڌرائي ڪرائڻ.

  6. سنڌ جي تاريخ تي لکيل مواد گڏ ڪري ڇپرائڻ.

  7. سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي جديد بنيادن تي جوڙجڪ بابت اپاءَ وٺڻ ۽ ان ڏس ۾ جامع ڪتاب ڇپرائڻ سان گڏ معياري لغتون تيار ڪرائڻ.

  8. سنڌ جي سياست، ثقافت، تاريخ، جاگرافيائي حدن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ بابت ڇپيل ڪتابن کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپرائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ.

  9. سنڌي ادب جي جامع تاريخ تيار ڪرائي ڇپرائڻ.

  10. همعصر تخليقي جديد سنڌي ادب ۽ تحقيق، عورتن ۾ جاڳرتا ۽ ٻارن جي ذهني علمي آبياريءَ جي موضوعن تي سنڌيءَ ۾ ميگزين ۽ رسالا جاري ڪرڻ.

  11. ادبي ۽ تعليمي موضوعن تي ٻڌل مواد، سائنسي اصطلاحن کي عام ڪرڻ وارو لٽريچر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لغوي بناوت بابت پيدا ٿيل مونجهارن تي نظرثاني ٿيل ڪتاب ڇپرائڻ.

  12. سنڌي ٻوليءَ کي بين الاقوامي سطح تي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ آڻڻ لاءِ جاکوڙڻ ۽ سنڌي ادب کي جديد طرز تي متعارف ڪرائڻ.

  13. ادب ۽ ٻوليءَ سان لاڳاپيل نوان سافٽ ويئر ۽ ڊاڪيومينٽريز تيار ڪرڻ، سڄي دُنيا ۾ موجود سنڌي، ثقافتي، ادبي ۽ ساهتي ادارن جي وچ ۾ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ.

  14. بورڊ جي مول متن / مقصدن تي عمل پيرا ٿيڻ جوڳا اپاءَ وٺڻ.

 

 

 

 

 

       
   

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org