سيڪشن؛  ٻاراُڻو ادب

ڪتاب: سائنس بخشي سونهن

باب: 1

صفحو : 5

ٻوٽا

 اچو ديس پنهنجي کي گڏجي سجايون،

نوان پوکي ٻوٽا ڪا رونق وڌايون.

 

وڌائن ٿا ٻوٽا به پنهنجي نسل کي،

ڇٽي ٻج نئون يا قلم ڪي لڳايون.

 

هوائن ذريعي ۽ جيتن وسيلي،

ٿين ٻوٽا پيدا ٿا، سڀ کي ٻُڌايون.

 

ٿين گل ٿا ٻوٽن ۾ نيرا ۽ ڳاڙها،

اُنهن سان ئي پنهنجا ٿا ميلا ملهايون.

 

ڏين ٿا اسان جي اکين کي تراوت،

انهن جا اسان ڳڻ ڀلا ڇو نه ڳايون.

 

نئين سر نئين ڪائي نرواڻ آڻي،

خوشيءَ جي خدائيءَ ۾ محفل مچايون.

 

گل

باغن ۾ گلزاري آهي،

اچو ڏسون هڪ گل کي ٺاهي.

 

گل ٻوٽي جو خاص حصو آ،

نئين لام تي هي ٽڙندو آ.

 

مکڙيءَ مان گل ٿيندو آهي،

بِنَ مکڙيءَ جي ڦُٽندو ناهي.

 

گل جا آهن ڪيئي حصا،

پڙهيا آهن تن جا قصا.

 

گل مان ٻارو ٻج ٿيندو آ،

ٻج ٻارين ۾ پوکبو آ.

 

گل جا قسم هزارين آهن،

سچ پچ هي هڪ جهڙا ناهن.

 

بالغ گل نر داڻا ڏيندو،

۽ مادي بيضا ‎ٺاهيندو.

 

گل جي آهي سهڻي صورت،

ڪيئن ته جڙي آ هن جي مورت.

 

گل جي آ خوشبوءِ نرالي،

خوشبو کان گل ناهي خالي.

 

انسان

 ڪهڙي ٻڌايان ڪنهن کي، انسان جي بناوت،

ظاهر ظهور آهي، ناهي لڪل حڪايت.

 

انسان آهي ڄمندو، ڪنهن ماءُ پيٽ ٻارو،

پيارو لڳي سڀن کي، اکين جو آهي تارو.

 

هٿ پير هن جا بهتر، بهتر آهي ذهانت،

محنت ڪري جهان ۾، حاصل ڪري ٿو راحت.

 

ڏک سور ٿو سهي پيو، خوشين جي ڪاڻ هردم،

خاموش ڪين ويهي، پورو ڪري ٿو هر ڪم.

 

هي ٻار کان جوان ٿي، ٻڍڙو ٿئي ٿو ٻارو،

ڪؤڙو ڪسارو ڪڏهين، مٺڙو لڳي ٿو ٻارو.

 

انسان جي بدن ۾، هڏڙا ٿين ٿا ڪيئي،

پاڻي به آهي تن ۾، سمجهو اوهان سڀيئي.

 

چمڙي چِٽَي آ ڪنهن جي، ڪنهن جو آ رنگ ڪارو،

چهبڪ جيان ڪو سنهڙو، ڪو آ ٿلهو متارو.

 

انسان جي جسم ۾ ، فولاد هوندو آهي،

گرمي به آهي تنهن ۾ ، خالي هي کوکو ناهي.

 

روئندو به آهي انسان ، کلندو به آهي انسان،

ڏسندو ته آهه بيشڪ ، ٻڌندو به آهي انسان.

 

ڪهڙا ڳڻي ٻڌايان ، آهن گهڻا سرشتا،

ٽي چار هي ته ناهن ، ڇهه خاص هي ٿين ٿا.

 

هڪڙو ته هاضمي جو ، ۽ ٻيو آ ساهه کڻڻ جو،

نيڪال جو به آهي ، تن تي سٺو سرشتو.

 

آهي هڏائون بهتر، انسان جو سرشتو،

سچ پچ لڳي ٿو ”غازي“، رَتُ جو چڱو سرشتو.

 

  

کاڌو

 اسان نه جي هي کاڌو کائون،

ڪيئن سوين هي ڪم اُڪلايون.

 

کاڌي بن ڪيئن طاقت ايندي،

طاقت بن ڪيئن راحت ايندي.

 

کاڌي سان انسان جيئي ٿو،

اُٿي ويهي ۽ کائي پيئي ٿو.

 

کاڌو آ بنيادي ضرورت،

کاڌي بن بيڪار ٿي صورت.

 

پاڻي سڻڀ وٽامن ٻارو،

اهم جزا هي آهن ٻارو.

 

کاڌو کائڻ جي لئه بيضا،

ڪڻڪ ۽ چانور بهتر ٿيندا.

 

کير مکڻ مان سڻڀ ملي ٿو،

کائي هرڪو خوب کلي ٿو.

 

صوف نارنگي گجرون ڪيلا،

ڏين ٿا طاقت مرغي ڇيلا.

 

کاڌي جي آ وصف اُهائي،

استادن آهي سمجهائي.

 

تنتون

 رڳن وسيلي ساهه کڻون ٿا،

خون ٺهي ٿو تڏهن وڻون ٿا.

 

مشقن سان آ چرپر ٿيندي،

رَتُ راڻي آ تن ۾ ڦرندي.

 

نسون ته بيشڪ ناليون آهن،

ساهه کي اندر ٻاهر آڻن.

 

مغزي ڏوريءَ کان مشقن کي،

بَرقي طاقت ملندي آهي.

 

مغز ڪندو آ حڪم اُنهن کي،

پوءِ هل چل ٿيندي آ تن ۾.

 

تنتون جي نه هجن ها ٻارو،

ڪيئن گهمون ها سنڌوءَ ڪنارو.

 

مغز

 هوندو مغز نه ڪنهن کي پوءِ،

ڪيئن ڀلا جڳ ۾ جيئندو سو.

 

حڪم هلائي ٿو رڳ رڳ تي،

ڪير ڀلا روڪيندو هن کي.

 

مغز سان ماڻهو مان وٺي ٿو،

فائدو هر انسان وٺي ٿو.

 

مغز مٿان ٽي پردا آهن،

رنگ تنين جا ساڳيا ناهن.

 

دماغ جا ٽي ڀاڱا آهن،

ڀاڱن تي ڪي راڱا آهن.

 

اڳيون مغز ته ٻيو ڪجهه ناهي،

سوچ ۽ ڄاڻ جو مرڪز آهي.

 

پوئين مغز کي جي ڪجهه ٿئي ٿو،

بدن سمورو ڌڏڻ لڳي ٿو.

 

اُڃ بک ۽ رت جو دٻاءُ،

وچين مغز سان ٿيندو ڀاءُ.

 

مغز جي وچ ڀاڱن ۾ ٻارو،

پاڻي ٿيندو آهي، سارو.

 

 

دل

 دل جي ڳالهه ٻڌو اي ٻارو،

دل بن زنده ڪوبه نه رهندو،

 

دل ۾ ڌڪ ڌڪ ٿيندي آهي،

سُسَندي ۽ هي ڦُنڊندي آهي.

 

دل جو ڪم به نرالو آهي،

جيئڻ جي لئه رَتُ ٿي ٺاهي.

 

هڪڙي ڀت آهي دل اندر،

۽ آهي هڪ پردو ٻاهر.

 

دل ۾ چار ٿين ٿا خانا،

تن جا نالا ڪهڙا ٻڌايان.

 

خانن کي آهن ڪي دريون،

هڪ پاسي سي آهن کلنديون.

 

هيءَ پمپنگ اسٽيشن وانگي،

سمجهو ٻارو هلندي آهي.

 

 

ڦڦڙ

 ڦڦڙ بنا ڪيئن هوا کي کائبو،

ساهه نه کڻبو پو ڪيئن ڳائبو.

 

نڪ ۽ وات مان آڪسيجن کي،

کڻي پڄايون ٿا ڦڦڙن کي.

 

نڪ جا وار هوا کي ڇاڻي،

ڇڏي ڏين ٿا اندر اُماڻي.

 

نڪ مان هير جڏهن گذري ٿي،

ٻارو! پوءِ هي گرم ٿئي ٿي.

 

ڦڦڙ جي هيءَ ڳالهه نه وسري،

پاڻيءَ سان گڏ هوا ٿي نڪري.

 

گرم ۽ سرد جو هير ملي ٿي،

پوءِ ئي ٻارو ٻاڦ ٿئي ٿي.

 

ڪَنَ

 ڪَنن سان ئي سهڻا سٺا ٿا لڳون،

ڪنن سان ئي آواز کي ٿا ٻُڌون.

 

ڪنن کان سوا ڪونه ٻڌجي سگهي ها،

ڪنن جهڙي ٿيندي نه ٻي چيز ڪا.

 

ڪنن کان سواءِ ڪهڙو ماڻهو ڪو چئبو،

ڪنن کان سواءِ ڪيئن راحت ۾ رهبو.

 

هوائن جون لهرون آوازن کي آڻن،

هو آڻي وري ٿيون ڪنن ۾ اُماڻن.

 

جهٽي ٿا وٺن ڪَنَ سڀن ڳالهين کي،

لڪايون ٿا جيڪي ڪيون هورڙيان جي.

 

ٻڌي ڪين جيڪو سو ٻوڙو ٿو سڏجي،

ڪنن کان سوا زندگي ڪيئن ڪَٽجي.

 

نه ٿيندو اگر ڪوئي آواز ڪنهن هنڌ،

ٻُڌي ڪيئن سگهبو ڀلا ان کي تنهن هنڌ.

 

ٿين ٽي حصا ٿا ڪَنن ۾ اي ٻارو،

ٻڌو غور سان ڪجهه چوان سچ ٿو سارو.

 

آواز

 جڏهن ڪنهن به شيءِ ۾ ٿي لرزش اچي،

تڏهن تنهن مان پيدا ٿو آواز ٿي.

هي لهرن جي صورت ۾ ايندو به آ،

پڙاڏو ٿي واپس هي ورندو آ.

ورن روشنيءَ جون شعاعون جيئن،

ٿو آواز ٽڪرائجي پيو تيئن.

ٿئي ٿو هي هلڪو ڳرو ڀي ٿئي،

ڪو آواز ٿلهو، سنهو ڀي ٿئي.

توانائي جو هيءُ آهي قسم،

ڪتابن ۾ اهڙو پڙهي جو ڏٺم.

نه لڪندو ڪٿي اهڙو ڪو راز آ،

سريلو به ٿيندو جو آواز آ.

وڄايو دهل يا کڻي ميز کي،

ته آواز پيدا ٿو جهٽ پٽ ٿئي.

اسان جي آ وس ۾ اها ڳالهڙي،

ڪري ٿا سگهون هن کي تبديل ڀي.

وڌي ٿو وڃي ڪوئي آواز جو،

ڪري ذهن کي ٿو پريشان سو.

اچو اڄ ڪيون گڏجي هي واعدو،

وڄايون نه ڏاڍيان ڪڏهن ساز ڪو.

 

زور

  زور سوا ڪا چيز نه چرندي،

طاقت بن ڪيئن گاڏي ڦرندي.

 

ڪم ڪرڻ جي قوت کي ئي،

ٻيو ڇا چئبو طاقت چئبي.

 

گرمي بجلي ۽ روشنائي،

مان ملندي آ سگهه الاهي.

 

بجليءَ جي سگهه بلب ۾ ايندي،

ٻرندو بلب ته روشني ٿيندي.

 

زور کان وڌ ڪا چيز نه ڪائي،

طاقت ڪا ڄڻ آهي ڀلائي.

 

سگهه سان هڪڙي شيءَ کي ٻارو،

تبديل ڪبو ٻي شيءَ ۾ ٻارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com