سيڪشن؛ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سائنس بخشي سونهن

باب: 1

صفحو : 6

ماکي

 

گل ڦل مان رسُ چوسي ٻارو، ماکيءَ جي مک آئي،

اچو ته گڏجي کائون ماکي، هن ۾ آهي ڀلائي.

 

ماکيءَ ۾ فولاد سمورو، کائڻ سان ڏي طاقت.

هر بيماري دور ڪري ٿي، دل کي ڏي ٿي راحت.

 

بي.سي.ڊي ويٽامن هن ۾، هن جو رنگ نيارو،

هونءَ ته هن لئه هر مند بهتر، بهتر آهي سيارو.

 

هن جي کائڻ سان ئي ، نزلو ۽ نه زڪام رهي ٿو،

سٺي ٿئي ٿي صحت اسان جي، جسم ۾ خون ٺهي ٿو.

 

ماکي آ الله جي نعمت، نعمت آهي نياري،

کاڌي ۽ خوراڪ ۾ بيشڪ، ڏاڍي آهي پياري.

 

حڪمت وارن جي نظرن ۾، هيءَ دوا آ ”غازي“،

کائڻ سان خوش ٿئي ٿو هر ڪو، الله ڏي ٿو شافي.

 

 

هاٿي

 هاٿي منهنجو ساٿي آهي ،

ساٿي منهنجو هاٿي آهي .

 

هاٿيءَ تي مان چڙهي گهمان ٿو ،

هاٿيءَ سان مان راند ڪيان ٿو .

 

هاٿيءَ جي آ سُونڍ نرالي ،

طاقت کان هيءَ ناهي خالي .

 

سچ پچ هاٿي مون به ڏٺو آ ،

چڙيا گهر ۾ سڀ کان وڏو آ .

 

جيئري هي لک لهندو آهي ،

مُئي پڄاڻان وڌندو آهي .

 

 

ڏيڏر

 ڪير ٻڏائيندو هي ڇاهي؟

پاڻيءَ ۾ جو رهندو آهي.

هن جو رنگ آ گهاٽو سائو،

ڪيئن چئون هي ڪارو ڳاڙهو.

ٺينگ ٽپا ڏئي گهمندو آهي،

اکين وڏين سان ڏسندو آهي.

برساتن ۾ آنا لاهي،

اهڙي ڳالهه پڙهي مون آهي.

سردين ۾ هي ڌرتيءَ اندر،

گرمين ۾ ٿو نڪري ٻاهر.

ڊان ڊان ڪري پيو ڳالهائي،

زبان سان ٿو کاڌو کائي.

ها! هن جا ڪن ظاهر ناهن،

پر هن کي ڪَنَ ٿيندا آهن.

انسان جا عضوا جيئن،

۽ هن کي ڀي آهن تيئن.

هن جا قسم هزارين ناهن،

هڪ ۽ ٽن جي وچ ۾ آهن.

هڪڙي کي ڪي ٽوڊ چون ٿا،

۽ ٻي کي هو فراگ سڏن ٿا.

هاڻ اسان هي سمجهيو آهي،

ڏيڏر هن جو نالو آهي.

 

مادو

 تو سوا ڪا چيز نه ڪائي،

سائنسدانن ڳالهه ٻُڌائي.

 

جيڪا شيءَ ٿي جاءِ والاري،

مادو آهي چيز اهائي.

 

مادو اُن کي چئبو ناهي،

آواز هجي يا روشنائي.

 

پٿر مٽي هير ۽ پاڻي،

مادا آهن، ڳالهه سجائي.

 

مادي ۾ آ مام نرالي،

راحت اُن آ خوب رسائي.

 

نهرا جسم ۽ ڪي پاڻياٺا،

ٿيندا آهن جائي پائي.

 

 

اَئٽم

 ساٿي! اَئٽم اهڙو آهي،

سارا ڏک ڇڏيندو لاهي.

 

ڪين ڇڏيندو بکيو ڪنهن کي،

آسودو هر ڪنهن کي ٺاهي.

 

اچو ته ان مان ڪم وٺون ڪو،

پنهنجي ڀي اڄ دل ٿي چاهي.

 

ماليڪيولن کان ڀي ننڍڙو،

اَئٽم بيشڪ ڪم جو آهي.

 

جيسين هوندي دنيا قائم،

اَئٽم هوندو، هي سچ آهي.

 

اَئٽم جا ٽي ڀاڱا آهن،

هرڪو پنهنجا لڱ ٿو ساهي.

 

هڪڙو اليڪٽران ۽ ٻيو نيوٽران،

۽ ٽيون ٻارو پروٽران آهي.

 

ڪو ته ٻڌائي اَئٽم ڇا آهي؟

”غازي!“ اَئٽم طاقت آهي.

 

لوهه

 لوهه جي ڳالهه نرالي آهي،

طاقت کان هي خالي ناهي.

 

ڌرتيءَ مان ئي لوهه لڀي ٿو،

لوهه جو وڌ واپار هلي ٿو.

 

لوهه مان ٺهندا هن رانديڪا،

لوهه تي هٿ سان پون نه ليڪا.

 

لوهه ته باهه تي پگهري پوندو،

پاڻيءَ وانگر پٽڙو لڳندو.

 

لوهه کي ڪَٽُ وڃي ٿي کائي،

سياڻن اهڙي ڳالهه ٻڌائي.

 

لوهه کي ٿو لوهار سڃاڻي،

لوهه کي صورت ٻيءَ ۾ آڻي.

 

لوهه منجهان لک سهنج ملن ٿا،

لوهه مان ڪيئي سامان ٺهن ٿا.

 

پُليون ٽاور ، وڏيون جايون،

لوهه وجهي انسان بنايون.

 

لوهه جي ڳالهه ڪجي ڇا ”غازي“،

لوهه کٽي ويو جڳ کان بازي.

 

ٽامو

 هونءَ ته ڪيئي آهن ڌاتو.

پر هي ڌاتو آهي ٽامو.

 

ٽامو بجليءَ جي تارن ۾،

صرف ٿئي ٿو ٻين پرزن ۾.

 

ٽامي ۾ آ لوهه اي ٻارو،

هن ۾ آهي گندرف سارو.

 

هن مان ٿانو ٿپا ٿا ٺاهيون،

تن ۾ کاڌو کائيندا آهيون.

 

ٽامي جو رنگ ڳاڙهو آهي،

سونهري ۽ پيلو آهي.

 

ٻي ڪنهن ڌاتوءَ سان جي ڳنڍيو،

رنگ نه ٽامي جو آ ڦِٽندو.

 

هن کي ڪٽ نه لڳندي آهي،

هن کي باهه نه وٺندي آهي.

 

سمجهه اها رکجو اي ٻارو،

ٽامو ٿيندو ناهي ڪارو.

 

بجلي

 گهر گهر ۾ آ بجلي آئي،

جهر جهنگ ۾ جنهن جهرمِر لائي.

 

بجليءَ مان لک فائدا آهن،

لاهڻ جا هي ٿورا ناهن.

 

بٽڻ دٻائڻ سان جهٽ ٻارو،

گهر ٿيندو آ روشن سارو.

 

بجليءَ تي هر چيز هلي ٿي،

جهڳ مڳ جهڳ مڳ رات کلي ٿي.

 

بجليءَ تي سو ساز وڄن ٿا،

بجليءَ تي رانديڪا هلن ٿا.

 

بجليءَ سان اونده نه رهي ٿي،

بجليءَ سان قسمت به ٺهي ٿي.

 

بجلي، پاڻي ۽ ڪوئلي مان،

۽ ٺهندي آهي واريءَ مان.

 

بجليءَ بن انسان اڌورو،

ڪونه ٿئي ٿو ڪو ڪم پورو.

 

چقمق

 هڪڙي هٿ ۾ آڌي آهي،

۽ منهنجي ٻي هٿ ۾ ڇاهي.

 

ڇڪي وٺي ٿو لوهه کي جلدي،

پر هي جادو گر ڀي ناهي.

 

ڪاغذ، شيشو، ڪاٺي، ڪارڪ،

کي نه ڪڏهن ٿو پاڻ ڏي ساهي.

 

تسليءَ خاطر ڪيو تجربو،

اگر اوهان جي دل ٿي چاهي.

 

هاڻي سمجهي ويٺا آهيون،

هي جا شيءِ آ، چقمق آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com