سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: شخصيتون

 

صفحو : 8

 

• اياز گل

سهڻيءَ سنڌ جا روشن تارا

شال سدائين جڳ مڳ جرڪن،

سهڻا ٻار سي روشن تارا.

پاسائون پهراڻ جنين کي سهڻي ٽوپي ساڻ تنين کي.

ٽوپ ۽ ڳاڙهي اجرڪ وارا،

سهڻا ٻار سي روشن تارا.

حق جي هردم لات لنون ٿا، هر هنڌ جيڪي سچ چون ٿا؛

همت وارا ٻار سگهارا،

سهڻا ٻار سي روشن تارا.

ماکيءَ جهڙا مٺڙا پيارا،

سهڻا ٻار سي روشن تارا.

***

واهه ڙي تارا

واهه ڙي تارا گول تارا،

روشن تارا چلڪي وارا.

سانجهيءَ ٽاڻي نڪرو ٿا، اُڀ سڄي ۾ پکڙو ٿا.

چلڪو چمڪو ساري رات، ڪجي اوهان جي ڪهڙي بات.

رات لنگهي وئي باقي، ڇا، اوهين بتايو واٽ اها.

جوت اوهان جي نه هجي.

واٽهڙو ڪر واٽ منجهي.

 

 

 

گهوڙو

مٺڙا گهوڙا اوري آءُ،

خوب خوشيءَ مان داڻو کاءُ.

پنهنجي منهن تان لاهه لغام، تازو گاهه هلي چر جام.

جتي چرڻ لاءِ آهي گاهه،          اتي وهي ٿو سهڻو واهه.

هاڻي اُن مان پاڻي  پي،           ڍءُ ڪري تون گد گد ٿي.

جڏهن شام جا وڄندا پنج،        توتي وجهندس سهڻا سنج.

ٻالڪ چوندا ڊوڙو ڊوڙو،    ڏسو ڪڪي جو سهڻو گهوڙو.

توڙي هٿ ۾ چهبڪ کڻندس،  مٺڙا تو کي مور نه هڻندس.

 

جو کير پئي

جو کير پئي، سو وير ٿئي،

ڏند زور وٺن، سٺا سهڻا لڳن.

اکين جوت وڌي، ڏاڍي سونهن ٿئي،

وٺي زور بدن، لڱ چست ٿين.

کير صفا سٺو، واه ڏاڍو مٺو،

ٻارو اچو پيون، ڀري کير وٽيون.

سڀ زور وٺون، پي کير وڌون.

ڏي کير، اما، پي پڙهڻ وڃان.

 

• عاصم

 

’اچو توهان کي ڳالهه ٻڌايان“

ڀاءُ توهان کي ڳالهه ٻڌايان،

مان به اوهان جي ادڙي آهيان.

نالو منهنجو فوزيا آهي،               نالي سان پر ٿيندو ڇاهي؟

خير! توهان کي ڳالهه ٻڌايان،          مان ڪي. جي. ۾ پڙهندي آهيان.

مِس مون کي سمجهائيندي آ،        وقت تي مٺڙو ڳائيندي آ.

مار ڪڍي پرچائيندي آ،               مون کي ڏاڍو ڀانئيندي آ.

منهنجون آپائون وڏڙيون آهن، پاڻ پڙهن ٿيون ننڍڙيون ناهن.

علي اسان جو ادڙو آهي.               ڀاءُ اسان جو ننڍڙو آهي.

پوءِ به اسان سان راند ڪري ٿو.        گهر ۾ مون سان خوب وڙهي ٿو.

ڏنگو آ پر چڱو به آهي،                اڃا ته پاڻ به ننڍڙو آهي.

ابي امڙ سان پيار ڪيون ٿا،   پنهنجي ڪم تي ڌيان ڌريون ٿا.

چڱو اوهان جو الله واهي،               ڳالهه ته پاڻ مون پنهنجي ٺاهي.

 

 

• هري دلگير

ڪوئل

ڪوئل ڪاري، ڪوئل ڪاري،

ننڍڙي ننڍڙي، پياري پياري!

مٺڙا مٺڙا راڳ ٿي ڳائين،             ڪوڪوڪو جي لهر ٻڌائين.

تنهنجو مٺڙو گيت ٻڌان ٿو،           پر تو کي نه ڪٿي به ڏسان ٿو.

بوتو بڻجي مان ويچاريان،             هيڏي هوڏي آءُ نهاريان.

ڪٿان اهو آواز اچي ٿو،         جنهن تي پن- پن ناچ نچي ٿو.

ڪير وڻن ۾ بين وڄائي،              مٺڙا مٺڙا سر ٿو ڳائي.

بيشڪ آهين راڳ جي راڻي،          ڪهڙي تنهنجي مٺڙي وائي.

ڏاڍي ڪا تون آهين لڄاري،           شرم مرم سان تون موچاري.

لڪي لڪي تون گيت ٿي ڳائين،     ٽارين ۾ ٿي پاڻ ڇپائين.

ظاهر تي شرميلي ڪوئل،             مون ڏي آءُ ڇٻيلي ڪوئل.

آءُ به سکندس راڳ رسيلو،           مٺڙو مٺڙو گيت سريلو.

آءُ به ٻوليان ٻول منوهر،                ڳايان مٺڙي وائي سندر.

ٻڌندڙ کي مستان بنايان،

دنيا کي حيران بنايان.

 

 

ميوو کاءُ تون ميوو يار!

1- انب کڻي جي هڪڙو کائين،       نت ٻين لئه پيو واجهائين،

اهڙو آهي سڀن جو يار،         ميوو کاءُ تون ميوو يار!

2- ڄام به سڀن جو آ يار،             ميون ۾ آ ننڍڙو ٻار،

اهڙو آهي ننڍڙو يار،            ميوو کاءُ تون ميوو يار!

3- ميوو ڏاڙهون آهي ڪمال، کائڻ ۾ آ مٺڙو مال،

اهڙو آهي ڳاڙهو يار،           ميوو کاءُ تون ميوو يار!

4- واهه مالٽا منهنجا يار،              رس ڀريا مٺڙا منٺار،

تو کي کائن سهڻا يار،        ميوو کاءُ تون ميوو يار!

5- صوف اگر هر روز ڪو کائي،        تندرستيءَ کي خوب وڌائي،

صحت جو آ سينگار،          ميوو کاءُ تون ميوو يار!

6- پڪل ڪيلو ڇا ٿو ڀانئين، هڪڙو کائين ڏهه ٺَهرائين،

آهي به گهرو سڀ جو يار،     ميوو کاءُ تون ميوو يار!

 

 

مينهن

مينهن مزي وارو، مينهن مزي وارو!

هوا جو آ ٺارو، مينهن مزي وارو!

باغن ۾ بهاري، گلن ۾ گلزاري،

ساوڪ جو سونهارو، مينهن مزي وارو!

برسات جي ڇم ڇم، وڻي پيئي ٽم ٽم،

قدرتي نظارو، مينهن مزي وارو!

ٻاري جي ٻار، لڌو هيرن هار،

شبنم جو سارو، مينهن مزي وارو!

پپيهي  جي ”پياسي“، لٿي اڄ اُداسي،

ڪوئل جو ڪوڪارو، مينهن مزي وارو!

 

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com