سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻارن لاءِ آکاڻيون

باب: --

صفحو : 4

 چرندڙ سئي

ايران جي آکاڻي

 

ڪنهن زماني ۾ ايران ۾ هڪڙو مُلو رهندو هو، جنهن جو نالو هو مُلو نصيرالدين. هڪڙي ڀيري هو اصفهان شهر جي سهڻيءَ بازار ۾ پئي گهميو. هلندي هلندي، هُن پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي طرف دوستن، يارن کي طرحين طرحين جون شيون خريد ڪندي پئي ڏٺو ۽ انهن کي جهڪي جهڪي پئي سلام ڪيائين. مُلي نصيرالدين جا اهي دوست جڏهن به تبريز، همدان يا ڪڏهن هندوستان يا مصر جهڙن ڏورانهن ملڪن جي سفر تان واپس انهيءَ بازار ۾ ايندا هئا ته هو کين ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. هلندي هلندي، ملو هڪ هنڌ پهتو ۽ ڏٺائين ته ڪي ماڻهو ميڙ ڪيو بيٺا آهن. هڪڙي اوٺير جي هٿ ۾ ڪا شيءِ آهي ۽ اهي سڀئي ماڻهو انهيءَ بابت پيا ڳالهائين. انهيءَ اوٺير جو نالو موسيٰ هو. هميشه وانگر اهو ڏسي مُلي نصيرالدين جي دل ۾ هوريان کوريان ٿيڻ لڳي ته آخر ڳالهه ڇا آهي. مُلي جي پڳ ۾ ڌونڌاڙ آئي ۽ ماڻهن هن کي سڃاڻي سلام ڪيو. مُلي به سلام جو جواب ڏنو. انهن ماڻهن مان هڪ چوڻ لڳو: ”مولوي صاحب! اسين هيءَ شيءِ ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا آهيون ته نيٺ هيءَ آهي ڇا؟ موسيٰ اوٺير رڻ مان پئي ويو ته هن جي نظر انهيءَ شيءِ تي پئي“. اتي وچ ۾ وري موسيٰ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”آءٌ سٽ ڏئي اُٺ تان لهي پيس ۽ ان شيءِ کي کڻي کنيم. هاڻي منهنجي ته سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته اِها ڪهڙي شيءِ آهي. مون ويچار ڪيو ته بازار ۾ ڪيترائي سياڻا ماڻهو ملي ويندا، جيڪي هيءَ شيءِ ڏسي ٻڌائيندا ته ڇا آهي؟ پر ڪنهن کي به ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي!“ اتي وري هڪ ٻئي ماڻهو مصطفيٰ چيو: ”مولوي صاحب! اوهين ته سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا. ڀلا ٻڌايو ته هيءَ ڪهڙي شيءِ آهي؟“

مُلي نصيرالدين انهيءَ شيءِ کي چتائي ڏٺو. موسيٰ جي سخت ۽ ٺوٺ هٿ جي تريءَ تي ڌاتو ۽ شيشي جي هڪ ننڍڙي دٻلي رکي هئي. انهيءَ دٻليءَ ۾ اندر ڪي حرف لکيل هئا ۽ هڪ ننڍڙي سُئي هئي. جڏهن انهيءَ دٻليءَ کي ڪنهن چوريو ٿي ته اها سئي چرڻ ٿي لڳي. پر پوءِ وري هڪ طرف بيهي ٿي رهي. ملا نصيرالدين انهيءَ دٻليءَ کي پنهنجي هٿ ۾ ورتو ۽ انهيءَ کي لوڏي چڱيءَ طرح ڏسڻ لڳو. سئي زور سان ڏڪي ۽ هيڏانهن هوڏانهن چُرڻ کان پوءِ ان جي چهنب اُتر طرف ٿي بيٺي. مُلا نصيرالدين هميشه وانگر پنهنجي ڏاڙهيءَ کي کنهيو. ڇاڪاڻ ته گهڻي سوچ ويچار وقت هو ائين ڪندو هو، پوءِ هن دٻلي موٽائي موسيٰ جي هٿ تي رکي.

اوٺير پڇيو ته ”هي ڇا آهي؟“ ۽ جواب جي لاءِ مُلي کي گهورڻ لڳو. سڀني کي پڪ هئي ته قابل فاضل مُلي جي زبان مان حڪمت ۽ دانائيءَ جي ڳالهه ٻڌنداسون. اهي سڀئي اچرج وچان انهيءَ حيرت جهڙي دٻليءَ کي ڏسي رهيا هئا ۽ ان جي سئيءَ جي چرپر تي حيران هئا ته ان جي چهنب هر وقت هر حالت ۾ اُتر طرف ڇو ٿي بيهي! مُلي نصيرالدين وري پنهنجي سنهاريءَ کي کنهيو، پر منهن مان لفظ نه ڪڍيائين. انهيءَ کان پوءِ هڪدم رڙيون ڪري روئڻ شروع ڪيائين. وري هڪدم وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو. ماڻهو ويتر اچرج ۾ پئجي ويا ته اهو وري ڪهڙو تماشو آهي! مُلو نصيرالدين ڪنهن وقت رنو ٿي ته ڪنهن وقت وري کليو ٿي. هو ڪيتري وقت تائين رئندو ۽ کلندو رهيو. نيٺ ماڻهن بيزار ٿي هن کان پڇيو، ”مولوي صاحب! اوهان رئو ڇو ٿا؟“ ڪن ماڻهن وري پڇيو ته: ”ڀلا اوهان کلو ڇا ٿا؟“ مصطفيَ چيو ته ”اسان ڪڏهن به ڪنهن کي اهڙيءَ طرح کلندي ۽ رئندي نه ڏٺو. ڪوبه مُلو اهڙيءَ طرح هڪڙي ئي وقت نه رئندو ۽ نه کلندو.“ مُلي نصيرالدين اهو ٻڌي وراڻيو ته ”آءٌ اوهان سڀني کي ٻڌائيندس ته آءٌ روئان ڇو ٿو ۽ ڪهڙي سبب ڪري کِلان ٿو“.

ايتري ۾ سڄي بازار ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهو، ڇوڪرا، جوان، پوڙها اچي گڏ ٿيا ۽ مُلي نصيرالدين جي چوڌاري ميڙو ڪري بيٺا ۽ انتظار ڪرڻ لڳا ته ڏسجي ته مُلي جي زبان مان ڪهڙي عقلنديءَ جي ڳالهه ٿي نڪري.

جيڪي ماڻهو مُلي نصيرالدين کان اڻ وقف هئا، انهن کي ٻين ماڻهن ٻڌايو ته هو ڪير آهي. ڪي زالون به انهيءَ ميڙ ۾ اچي بيٺيون هيون. نيٺ مُلي نصيرالدين ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”آءٌ رئان انهيءَ ڪري ٿو ته اوهان ماڻهن ۾ ڪوبه اهڙو لائق شخص ڪونهي جيڪو ٻڌائي سگهي ته اها ننڍي گول دٻلي ۽ انهيءَ ۾ چرندڙ سُئي ڇا آهي! اوهين سڀئي ڪيترا نه بيوقوف آهيو، مون کي انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو شرم اچي ٿو. ڇا اڃا به اوهان کي حيرت آهي ته آءٌ ڇو ٿو روئان؟“ ائين چئي مُلو نصيرالدين هر هڪ کي ڏسڻ لڳو. ويچارا ماڻهو پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ تي شرمائجي ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيا. ٻار ويچارا به اها ڳالهه ٻڌي هيڏانهن هوڏانهن گهتون هڻڻ لڳا. البت عورتون برقعن ۾ منهن لڪايو آرام سان بيٺون هيون. هنن اهوئي پئي سوچيو ته اسان جوڪم ته گهرگهاٽ کي ڏسڻ ۽ ٻارن پالڻ ۽ نپائڻ آهي. هنن کي ڪنهن شيءِ جي سمجهڻ يا ڄاڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. هنن کي ته انهيءَ ڳالهه تي به ڪا حيراني نه پئي ٿي ته عقلمند مُلي کي انهيءَ ڪري شرم ٿئي ٿو جو هيڏي وڏي شهر اصفهان ۾ ماڻهو ايترا اڻ ڄاڻ ۽ جاهل آهن.

مصطفيٰ جيڪو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ مُلي کي وڌيڪ ڄاڻندو سڃاڻندو هو، تنهن همت ڪري ڳالهه کي ڦيرايو چوڻ لڳو ته ”مولوي صاحب! اهو ته اوهان اسان کي پنهنجي روئڻ جو سبب ٻڌايو. هاڻي مهرباني ڪري ٻڌايو ته اوهان کِليوَ ڇو؟“

انهيءَ سوال تي مُلو نصيرالدين وري به هڪڙو ڀيرو زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ چيائين ته ”آءٌ کِلان انهيءَ ڪري ٿو ته مون کي پاڻ به خبر نه آهي ته هيءَ شيءِ آهي ڇا؟“

 

 هرڻ ۽ واگهه

 برازيل جي آکاڻي

 

ڪنهن جهنگ ۾ هڪڙو هرڻ رهندو هو. جهنگ ۾ هرڻ کي کائڻ پيئڻ، گهمڻ ڦرڻ ۽ وندر جي هرڪا آساني مليل هئي. جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي گهٽتائي هئي، ته اها هئي رهڻ جي جاءِ، جنهن لاءِ هرڻ هر وقت سوچيندو رهندو هو ته ڪا اهڙي ٽَل ڪجي، جو هڪڙو ننڍڙو گهر ٺهي پوي. هن گهڻي ئي جايون ڳوليون پر گهر ٺاهڻ لاءِ ڪابه اهڙي سُٺي جاءِ هن کي نظر نه آئي. هڪڙي ڀيري گهمندي ڦرندي، هرڻ جهنگ ۾ پري پري تائين هليو ويو. هڪڙي هنڌ ساهه پٽڻ لاءِ بيٺو. ڏسي ته پريان هڪڙي ننڍڙي نهر پئي وهي. انهيءَ جي ڪَپ تي وڻندڙ ساوا وڻ بيٺا آهن، جن ۾ طرحين طرحين جا ميوا پيا لَڙڪن. هرڻ کي اها جاءِ ڏاڍي وڻي ۽ هن اتي جو اتي فيصلو ڪيو ته اتي ئي گهر ٺاهجي. پهرين ته هن خيال ڪيو ته هڪدم ڪم ۾ هٿ وجهجي؛ پر پوءِ سوچڻ لڳو ته ٿوريءَ دير کان پوءِ شام ٿيڻ واري آهي ۽ جيڪڏهن رات پئجي ويئي ته واپس ڪيئن ويندس؛ تنهنڪري سڀاڻي صبح جو ايندس ۽ گهر ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڏيندس. اهو فيصلو ڪري هرڻ اتان هليو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪڙو واگهه به گهمندو ڦرندو اتي اچي نڪتو. واگهه کي به پنهنجي لاءِ گهر ٺاهڻ جي ڳڻتي هئي. اتفاق ڏسو ته هن کي به اهو ئي هنڌ وڻيو، جتي هرڻ پنهنجي لاءِ گهر ٿي ٺاهيو. واگهه به فيصلو ڪيو ته ورنديءَ صبح جو اچي پنهنجي لاءِ گهر ٺاهيندس ۽ هليو ويو.

ٻئي ڏينهن صبح ٿيندي ئي هرڻ انهيءَ جاءِ تي پهتو. سڄو ڏينهن هن ڏاڍو ڪم ڪيو. هن زمين سڌي ڪئي، پٿر ۽ ٽڙيل پکڙيل ٻوٽا پَٽي ڦِٽا ڪيا ۽ جڏهن ڏاڍو ٿڪجي پيو، تڏهن اتان هليو آيو. انهيءَ ڏينهن هرڻ ايترو ته گهڻو ڪم ڪيو هو جو ڏاڍو ٿڪجي پيو هو ۽ ٻئي ڏينهن گهر ٺاهڻ لاءِ ويو ئي ڪونه. پر واگهه وري انهيءَ ڏينهن اُتي آيو ۽ زمين کي سڌو ۽ صاف ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ته هاڻي سولائيءَ سان گهر ٺاهي سگهبو. هن خيال ڪيو ته پڪ ديوتا تيوپن منهنجي مدد ڪئي آهي. هن دل ئي دل ۾ ديوتا جا ٿورا مڃيا ۽ ڪم ۾ هٿ وڌو ۽ شام تائين گهر جون ٻه ڀتيون ٺاهي ڇڏيائين.

ٻئي ڏينهن اتفاق ڏسو جو واگهه ايترو ته ٿڪل هو جو ڪم تي ئي ڪونه ويو ۽ هن جي بدران وري هرڻ ويو. ميدان تي ٻه ڀتيون ڏسي پهرين ته هرڻ عجب ۾ پئجي ويو، پر پوءِ هن کي به پڪ ٿي ته ديوتا تيوپن منهنجي مدد ڪئي آهي. هن به دل ئي دل ۾ ديوتا جا ٿورا مڃيا ۽ سڄو ڏينهن گهر ٺاهڻ ۾ رڌو رهيو. اهڙيءَ ريت هڪڙي ڏينهن هرڻ ڪم ڪندو هو ته ٻئي ڏينهن وري واگهه. پر ٻنهي کي هڪٻئي جي بنهه خبر نه هئي. نيٺ ٻن ڪمرن جو هڪڙو چڱو خاصو گهر ٺهي راس ٿيو.

 

 جڏهن گهر ٺهي تيار ٿيو ته شام جو هرڻ آيو ۽ هڪڙي ڪمري ۾ مزي سان لت کوڙي سمهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ واگهه به آيو ۽ ٻئي ڪمري ۾ آرامي ٿيو. مزي جي ڳالهه وري هيءَ جو ٻنهي اهو سمجهيو ته ٻئي ڪمري ۾ پڪ سان اهو ديوتا آرامي آهي، جنهن گهر ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي هئي.

صبح جو هرڻ ۽ واگهه ننڊ مان اٿي ڪمرن مان ٻاهر نڪتا ته هڪٻئي کي ڏسي وائڙا ٿي ويا.

نيٺ واگهه هرڻ کان پڇيو ”ڇا توگهر ٺاهڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي هئي؟“ هرڻ جواب ڏيڻ بدران واگهه کان به ساڳيو ئي سوال پڇيو.

جڏهن ٻنهي کي خبر پئي ته گهر ٺاهڻ ۾ ڪنهن ڪنهن جي مدد ڪئي هئي، تڏهن هنن فيصلو ڪيو ته هاڻي اسين انهيءَ گهر ۾ گڏجي رهنداسين. انهيءَ ڏينهن کان هرڻ ۽ واگهه هڪڙي ئي گهر ۾ رهڻ لڳا.

هڪڙي ڏينهن واگهه هرڻ کي چيو ته ”تون اڄ گهر ويهي رهه ۽کائڻ لاءِ ڪي سٺيون شيون ٺاهي رک. آءٌ وري جهنگ مان ڪا شيءِ شڪار ڪري ٿو اچان.“ اهو چئي واگهه ته جهنگ ڏانهن هليوويو ۽ هرڻ کاڌي ٺاهڻ جي تيارين ۾ لڳي ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ واگهه هڪڙو هرڻ شڪار ڪري کڻي آيو. اهو حال ڏسي هرڻ کي اچي سِر سان لڳي. هو سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن واگهه هرڻ جو شڪار ڪري ٿو ته هڪڙي ڏينهن منهنجو به وارو ايندو. هوڏانهن واگهه هرڻ کي ڇِلي صاف ڪيو ۽ جڏهن سڀئي شيون ٺهي ويون، تڏهن هرڻ کي چوڻ لڳو ”هاڻي اچ ته ماني کائون“ پر هرڻ ڀلا هرڻ کي ڪيئن ٿي کائي سگهيو! لاچار واگهه سڀ کاڌو پيٽ ڀري کاڌو ۽ لت کوڙي سمهي رهيو. پر هن ويچاري کي سڄي رات ننڊ نه آئي. هوته اهو ئي ويچاريندو رهيو ته آءٌ واگهه سان گڏ ڪيئن رهي سگهندس. سوچيندي سوچيندي، هن کي هڪڙي اٽڪل سُجهي آئي ۽ خوشيءَ وچان هو اُڀو ٿي ويو. هاڻي هو ڏاڍي بيقراريءَ سان صبح ٿيڻ لاءِ جاڳندو رهيو. صبح ٿيندي ئي هرڻ واگهه کي چيو ته ”اڄ تون گهر ۾ رهي رڌ پچاءُ جو بندوبست ڪر. آءٌ وري شڪار ڪري ٿو اچان.“ ائين چئي هو جهنگ ڏانهن روانو ٿيو. هرڻ اڃا ٿورو اڳتي مس هليو ته هن کي هڪڙو واگهه ڏسڻ ۾ آيو جيڪو وڻ جي هيٺيان مزي سان ستو پيو هو. انهيءَ جهنگ ۾ هڪڙوخوفناڪ چيتو به رهندو هو! هرڻ سڌو ان وٽ ويو ۽ ادب سان سلام ڪري چيائينس ته ”آءٌ اوهان وٽ هڪڙي واگهه تي دانهين ٿي آيو آهيان. هو سدائين اوهان جي شان ۾ گٿا لفظ ڪڍندو رهندو آهي، جيڪي مون کان ٻُڌا نه ٿيندا آهن. هينئر جڏهن آءٌ هن طرف پئي آيس ته هن مون کي بيهاري اوهان کي بَدشَد ڳالهائڻ شروع ڪيو. انهيءَ تي مون پڇيومانس ته جهنگ جي بادشاهه جي شان ۾ اهڙي گستاخيءَ جي توکي ڪيئن همٿ ٿي. چوڻ لڳو ته ’جهنگ جو بادشاهه ته آءٌ آهيان‘. هرڻ جي اِها ڳالهه ٻڌي چيتو ڪاوڙ ۾ ڪنبڻ لڳو ۽ گجگوڙ ڪري چيائين ”ڪٿي آهه اُهو بي ادب واگهه؟“ هرڻ هڪدم جواب ڏنو ته ”مون سان گڏجي هلو.“ هرڻ اهڙيءَ ريت چيتي کي وٺي انهيءَ وڻ وٽ پهتو جتي واگهه ستو پيو هو. چيتو هوريان هوريان رڙهندو واگهه جي مٿان وڃي پيو ۽ هڪڙي ئي حملي ۾ اهڙو ته چنبو هنيائينس جو واگهه اتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو. واگهه کي ماري، چيتو ته اتان هليو ويو ۽ هرڻ هن کي گهليندو گهليندو، پنهنجي گهر تائين آيو. واگهه جو ڏٺو ته هرڻ هڪڙي واگهه کي ماري کڻي آيو آهي، سو ڊپ کان ڏڪڻ لڳو. هوڏانهن هرڻ ڏاڍي آرام سان رڌپچاءُ جو ڪم لاهي، کاڌو وڌائي واگهه کي سڏ ڪيو: ”اچ ته هاڻي کاڌو کائون.“ پر واگهه پنهنجي جاءِ تان چُري اهڙو جهڙي ڀِت. رات ٿي ته ٻيئي پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ ويا، پر ننڊ ڪنهن کي ڪين آئي. هرڻ کي اهو ڊپ ويٺل هو ته خبر نه آهي ته ڪهڙي وقت واگهه منهنجي ڪمري ۾ گهڙي اچي ۽ مون کي ماري پورو ڪري. هوڏانهن وري واگهه کي سر سان لڳي پيئي هئي ته خبر نه آهي ته ڪيڏيءَ مهل هرڻ حملو ڪري. ٻيئي پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ هئا پر ٻنهي جو ساهه مُٺ ۾ هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هرڻ کي پِنڪي اچي ويئي ۽ هن جو مٿو زور سان ڀت سان وڃي لڳو. واگهه ته جاڳيو پئي، تنهن جو  آواز ٻڌو سو سمجهيائين ته هرڻ منهنجي ڪمري ۾ گهڙي آيو آهي ۽ ڊپ وچان هن کان رڙ نڪري ويئي. هرڻ جو واگهه جي رڙ ٻڌي سو پڪ ٿيس ته حملي ڪرڻ لاءِ ڪمري ۾ ڪاهي پيوآهي، تنهنڪري هو به رڙين مٿان رڙيون ڪرڻ لڳو. مطلب ته اهڙيءَ طرح ٻيئي دانهون ۽ ڪوڪون ڪندا، پنهنجي پنهنجي ڪمري مان نڪتا ۽ جهنگ مُنهن ڏيئي ڀڄڻ لڳا. واگهه هڪڙي پاسي ڀڄندو ويو ته هرڻ وري ٻئي پاسي. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ واگهه ۽ هرڻ هڪ هنڌ گڏجي نٿا رهي سگهن.

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com