سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛53 54 55 56

صفحو :19

53- چـِـڙي ۽ چـِـڙو*

هڪڙي هئي چـِـڙي ۽ ٻيو هو چـِـڙو. چـِـڙي لڌو هڪ چانور جو داڻو ۽ چـِـڙي لڌو هڪ مڱ. ٻنهي گڏجي کچڻي رڌي. پوءِ چڙي ويئي پاڻي ڀرڻ. چڙو پٺيان کچڻي کائي اکين کي پٽي ٻڌي سمهي رهيو. چڙي جڏهن پاڻي ڀري واپس موٽي گهر جي دروازي تي آئي، تڏهن چڙي کي سڏ ڪري چيائين ته: منهنجو مٿيون دلو لاهه. چڙي  ورندي ڏنس ته: مٿيون ڦوڙي هيٺيون دلو لاهي رک. چڙي، چڙي جي چوڻ موجب ائين ڪيو، ۽ پوءِ اندر وڃي ڏسي ته کچڻي آهيئي ڪانه، ديگڙو خالي پيو آهي. تڏهن چڙي کي چيائين ته: کچڻي ڪير کائي ويو؟ چڙي چيو ته: راجا جو ڪتو کائي ويو! اهو جواب ٻڌي چڙي ويئي راجا وٽ ۽ چيائينس ته: راجا! تنهنجو ڪتو منهنجي کچڻي کائي ويو آهي. راجا چيو ته: ثابتي ڏي ته نياءُ ڪريون. چڙيءَ چيو ته: جيڪا گهرو. راجا چيو ته: هلو کوهه تي. پوءِ آيا کوهه تي. اتي راجا کوهه ۾ ڪچي ڌاڳي جي لوڏ ٻـَـدائي ۽ چيائين ته: اوهان ٻنهي مان هرهڪ واري سان لڏندو وڃي، جيڪو اندر ڪـِـريو، انهيءَ کچڻي کاڌي آهي.

پهريائين چڙي لڏي، ۽ لڏي لڏي ٿڪي ته به لوڏ ڪانه ٽٽي. پوءِ لڏيو چڙو. لوڏ ۾ لڏڻ شرط لوڏ ٽٽي پيئي، ۽ چڙو اندر ڪـِـري پيو، تنهن تي چڙي روئڻ لڳي. روئڻ جو آواز ٻڌي ٻلي آئي ۽ چڙيءَ کان پڇڻ لڳي ته: ادي! روئين ڇو ٿي؟ تڏهن چيائين ته: منهنجو چڙو اندر ڪـِـري پيو آهي. ٻليءَ چيو ته: توکي اندران ڪڍي آڻي ڏيان ته مون کي ڇا ڏيندينءَ؟ چيائين ته: توکي کيرڻي ۽ ڪڻڪ جي ماني کارائينديس. انهيءَ لالــچ تي ٻلي، کوهه مان چڙو ڪڍي آڻي چڙيءَ کي ڏنو ۽ چيائين ته: مون کي کيرڻي ۽ تريل ماني کاراءِ. چڙيءَ چيو ته هينئر وڃ، جڏهن منهنجي گهر مان دونهان نڪرن، تڏهن اچجانءِ.

هڪڙي ڏينهن چڙيءَ ڇا ڪيو جو گهر ۾ وڏي مچ ڪري، هڪڙو لوهه جو تختو کوري ۾ تپائي تيار ڪري رکيو ۽ لوهه جو تئي به ڀرسان ڍڪي رکي ڇڏيائين، ڄڻ ته سچ سچ کيرڻي تيار ٿي رکي آهي. ان ڏينهن ٻلي به وڏو دونهون ڏسي کاڌي کائڻ لاءِ تيار ٿي آئي. چڙيءَ چيس ته: ڀلي ڪري آئينءَ، مون پاڻ تو ڏانهن ماڻهو ٿي موڪليو. ٻليءَ چيس ته: هاڻ دير نه ڪر جاءِ ڏيکار ڪٿي ويهان. چڙيءَ تتل تختي واري جاءِ ڏيکاري چيس ته: ٻلي راڻي، هن تي ٿي ويهه. ٻليءَ جو اتي ويهڻ  ۽ سندس ڍونگي جو سڙڻ، يڪدم ٽپ ڏيئي اُٿي ۽ چيائين ته:

کير نه کاڌي، ڪـُـولي ڌاڌي،

ڪـُـوڙي ڪاڪي ڪرميڻا،

(کيرڻي به نه کاڌئي ۽ ڍونگي کي به ٻاريئي، چئو ڙي ڪاڪي پنهنجي ڪرمن کي.

ائين چوندي، رڙيون ڪندي وٺي ڀڳي، ۽ وري ڪڏهن به چڙيءَ کي کاڌي لاءِ نه چيائين.

 

vvv

vv

v
 

54- هيڙهو ۽ مـِـيٽـڙو*

هڪڙي ٻيلي ۾ هيڙهو ۽ مـِـيٽڙو رهندا هئا، جن جي پاڻ ۾ گهاٽي ياراڻي هوندي هئي. هو ٻئي ڄڻا گڏجي رهندا هئا، ۽ گهمندا چڳندا به گڏ هئا. هڪڙي ڏينهن قدرت اهڙي جو ڪن شڪارين انهيءَ جهنگ ۾ شڪار سانگي اچي پکين ڦاسائڻ لاءِ ڄار وڌو، جنهن ۾ هيڙهو ويچارو ڦاسي پيو. ميٽڙو ڪو ٿورو پرڀرو چڳڻ لاءِ ويو هو، سو هيڙهي جي دانهن تي اچي پهتو ۽ ڏسي ته مار! هيڙهو ته ڦاٿو پيو آهي! دل ۾ ڏاڍو خيال ٿيس ته هاڻي دوست کي ڇڏائڻ لاءِ ڪا اٽڪل سٽڪل ڪجي. سو سوچي ويچاري ٿورو پرڀرو وڃي، انهن شڪارين جو رستو جهلي ويهي رهيو.

ٿوري دير ئي ڪانه گذري ته شڪاري به هيڙهي کي کنيو اتان اچي لانگهائو ٿيا. جڏهن شڪاري اورتي آيا،تڏهن ميٽڙي انهن کي سڏ ڪيو ته: او ڀائو! السلام عليڪم. شڪارين چيو ته: وعليڪم السلام، ٻڌاءِ تون ڪير آهين؟ ميٽڙي چيو ته: يارو! آءٌ ميٽڙو آهيان، پر هي اوهان جو هيڙهي کي ڦاسايو آهي، ان مان ڇا هٿ ايندو؟ ڦاسايو ته ڪنهن ميٽڙي کي ڦاسايو:

جنهن جو گوشت کڻي اُٺ، منجهس وَهه آهي اڻکٽ جنهن کي ڦاسائين بادشاهه، جنهن ۾ لذت آهي اٿاهه هي ويچارو هيڻو هيڙهو مري ٿو پنهنجي ساهه اوهين شڪاري ههڙا، سو هي پاپ سر تي کنيو اٿو؟ شڪارين جا اها ڳالهه ٻڌي، سو هيڙهي کي ڏسي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته: يار ڳالهه ته واه جي آهي. هن تي رڳو آهن کنڀ، ٻيو ڇا آهيس، سو ماٺ ڪري هيڙهي کي کڻي ڇڏيائون.

هيڙهو آزاد ٿيڻ شرط هڪدم ميٽڙي سان گڏ اڏامي وڃي وڻ تي ويٺو. شڪاري، ميٽڙي کي گهڻئي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ڏٺو وائٺو ڪٿي ٿو ڦاسي! سو شڪاري نااُميد ٿي واپس ويا هليا، ۽ هي ٻئي ڄڻا انهن تي کـِـلندا، پنهنجي ماڳ ڏي روانا ٿي ويا.

 

vvv

vv

v
 

55- جهرڪي ۽ ڦوسڙي*

ڪنهن وڻ تي هڪڙي جهرڪي ۽ ڦوسڙي گڏ رهنديون هيون. هي ٻئي پاڻ ۾ تمام گهريون سهيليون هونديون هيون. هڪڙي ڏينهن جهرڪيءَ، ڦوسڙيءَ کي چيو ته: ادي، اڄ هل ته ڪٿان گهمي ڦري اچون! تڏهن ڦوسڙي چيس ته: ادي، ٻاهر وري ڇا رکيو آهي، جو اجايو هلي وقت وڃايون! اهو جواب ٻڌي، جهرڪيءَ کي مڙيو ئي ڪجهه مـَـٺيان لڳي، سو چيائينس ته: ڀيڻ، ڏيڏر ويچارو به جڏهن ڪنهن کوهه ۾ ويهي ”ڪـَـر ڪـَـر“ ڪندو آهي، ته هو سمجهندو آهي ته آءٌ ڪو وڏي سمنڊ ۾ ويٺو آهيان! سو ادي، توسان به اهو لقاءَ آهي. تون سمجهين ٿي ته جيڪي ڪجهه آهي، سو اتي ئي آهي! آخر ڌڻيءَ جا هيڏي ساري دنيا خلقي آهي، سا به ته گهمي ڦري ڏسجي، ته ان ۾ ڇا پيو وهي واپري! اها ورندي ٻڌي، ڦوسڙيءَ کڻي ماٺ ڪئي. پوءِ ته ٻئي ڏينهن ٻئي سهيليون دنيا جي واءُ سئاءُ وٺڻ لاءِ سنڀري اُٿي هڪڙي پاسي روانيون ٿيون.

اُڏامندي اُڏامندي، ٻئي ڄڻيون اچي هڪڙي ٻنيءَ ۾ لٿيون، جنهن ۾ اَن جا سنگ پڪا بيٺا هئا. پڪل اَن جا سنگ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيون، ۽ بنا اجازت اچي سنگن کي کائڻ لڳيون. ڪڙميءَ هنن کي هڪلڻ ۾ وڏا ئي وس ڪيا، پر هنن جو اَن سان ڀريل سنگ کائي ڏٺا هئا، سي ڪٿان ٿي مـُـڙيون، هـِـتان هـُـتان ڦريو، وريو اچو سنگن تي ويهن. ڪڙميءَ جڏهن ڏٺو ته هڪلن مان هي سمجهن ئي نٿيون، تڏهن ڇا ڪيائين جو پکين ڦاسائڻ جو هڪڙو وڏو ڄار آڻي انهيءَ پاسي پوک جي مٿان ٽنگي ڇڏيائين. بس، پوءِ ته اڃان ٿوري دير مس گذري، ته ويچاري ڦوسڙي اچي اَن ڄار ۾ ڦاٿي. ڦوسڙي ڄار ۾ ته ڦاٿي، پر پوءِ وٺي رڙيون ڪرڻ لڳي. جهرڪيءَ جو پنهنجي سهيليءَ کي ڦاهيءَ ۾ ڦاٿل ڏٺو، ته اُن ويچاريءَ کي به ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ اها به هن سان گڏ روئڻ پٽڻ لڳي. آخر جڏهن ڪڙمي اُتي آيو، تڏهن هنن ٻنهي سهيلين هن کي آزيون نيزاريون ڪيون ۽ چيائونس ته: ماما! اسان هاڻي پرائي شيءِ  خيانت ڪرڻ کان توبهه ڪئي، وري ڪڏهن به ڪنهن جي شيءِ کي بنا موڪل ويجهو نه اينديونسين،هيئنر اسان کي معافي ڏي! ڪڙمي ويچارو به ڪو رحمدل هو، تنهن کي هنن جي آزين نيزارين تي قياس پئجي ويو، سو ڦوسڙيءَ کي اُن مهل ئي آزاد ڪري ڇڏيائين. پوءِ ته ٻئي سهيليون خوش ٿي، اُڏامي، موٽي اچي پنهنجي ماڳ پهتيون ۽ آئيندي لاءِ ڪنهن به پرائي شيءِ کي هٿ لائڻ کان توبهه ڪري ڇڏيائون

 


 

56- مـَـن مـُـوسڙي جو موت*

هڪڙي ڏينهن ”مـَن مـُـوسڙو“ پنهنجيءَ زال سان گڏ ٽپندو ڪڏندو، اڳيان اُڏامندو پئي ويو، ته اوچتو ڪنهن ماريءَ جو ڪانُ اچي کيس لڳو، سو بروقت مري ويو. جڏهن من موسڙو مئو، تڏهن سندس زال من موسڙي، ارمان ۾ پاسي کان ويهي روئڻ پٽڻ لڳي. انهيءَ مهل اتان هڪڙو اوٺار اچي لنگهيو، جنهن من موسڙيءَ کان پڇيو ته: مائي! ڪهڙي ارمان ۾ ويٺي آهين؟ تڏهن هن جواب ڏنو ته:

من موسڙو مئو، من موسڙي ارمان ۾

اوٺار اِدڙ گدڙ.

اهي لفظ ٻڌنديئي اوٺار ”اِدڙ گدڙ“ ٿي پيو. هو اڃان ٿورو اڳتي هليو ته کيس واٽ تي هڪڙو واڻيو گڏيو، جنهن هن کي اِدڙ گدڙ ڏسي، کانئس پڇيو ته: اوٺار، ڇا ٿيو اٿئي؟ تڏهن اوٺار جواب ڏنو ته:

من موسڙو مئو، من موسڙي ارمان ۾

اوٺار اِدڙ گـــــــدڙ. واڻيو وَهـِــــــي ڦاڙ.

اهي لفظ ٻڌي، واڻيو اٿي وهيون ڦاڙڻ لڳو. واڻئي جنهن وقت وهيون پئي ڦاڙيون، ته اوڏيءَ مهل هڪڙو ڪانگ اچي اتان لنگهيو. واڻئي جو هيءُ حال ڏسي، کيس چوڻ لڳو ته: ڀائي! اڄ هيءُ ڇا پيو ڪرين ڪاغذ ويٺو ڦاڙين؟ تڏهن واڻئي وراڻي ڏنيس ته:

من موسڙو مئو، من موسڙي ارمان ۾

اوٺار اِدڙ گـــدڙ. واڻيو وَهـِــــــــــي ڦاڙ.

ڪانگ ڪـُـرو مـُـرو.

واڻئي جي واتان اهي جملا ٻڌندي، ڪانگ ڪـُـرو مـُـرو ٿي اتان اُڏاڻو، ۽ سڌو وڃي ٻير جي هڪڙي وڻ تي ويٺو. ٻير ڪانگ کي ڪـُـرو مـُـرو ڏسي، کانئس پڇيو ته: ڪانگ، ڇا ٿيو اٿئي؟ اڄ موڳو ۽ موڙهيل پيو ڏسجين! تڏهن ڪانگ جواب ڏنو ته:

من موسڙو مئو، من موسڙي ارمان ۾

اوٺار اِدڙ گــــدڙ. واڻيو وَهـِـــــي ڦــــاڙ

ڪانگ ڪـُـرو مـُـرو، ٻير لامان لــــس.

ڪانگ جو ايترو چوڻ، ۽ ٻير جو بدلجڻ. بس انهيءَ مهل ڪانگ جي ويٺي ويٺي سڀ پن ڇاڻي، لسي ٿي بيهي رهي. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪڙو پوڙهو ڪاٺير به اچي ان ٻير هيٺان ويٺو. ٻير جو هي حال ڏسي، چوڻ لڳو ته: مائي وڏي! خير ته آهي، پن ڇو ڇاڻيا اٿئي؟ اهو ٻڌي ٻير چوڻ لڳي ته:

من موسڙو مئو، من موسڙي ارمان ۾

اوٺار اِدڙ گـــــــدڙ. واڻيو وَهـِـــــي ڦـــاڙ

ڪانگ ڪـُـرو مـُـرو، ٻير لامـــان لـــس

پوڙهو پن چـَـرُو.

اهو جواب ٻڌي، پوڙهو اٿيو، ۽ ٻير جا ڇڻيل پن کڻي کائڻ لڳو، ۽ ٻيا پن ميڙي چونڊي جهوليءَ ۾ وجهي، گهر ڏانهن روانو ٿيو، جڏهن گهر پهتو، تڏهن جوڻس سندس اهو حال ڏسي، چوڻ لڳي ته: مئا! ڇتو ٿيو آهين ڇا، جو پن پيو چرين؟ تڏهن پوڙهو چوڻ لڳو ته:

من موسڙو مئو، من موسڙي ارمان ۾

اوٺار اِدڙ گدڙ. واڻيو وَهـِــــــــــــي ڦـــــاڙ

ڪانگ ڪـُـرو مـُـرو، ٻير لامان لـــــــس

پوڙهو پن چـَــــــرُو، رن رليـــــــون ڦــــــاڙ.

اهو ٻڌي، پوڙهي وٺي اندر گهر ڏانهن ڀڳي. پوءِ گهر جون سڀ رليون هـِـتان هـُـتان کڻي، ڍڳ ٺاهي، بيهي ڦاڙڻ لڳي. پوڙهيءَ کي رليون ڦاڙيندي ڏسي، سندس نوجوان ڇوڪري ڊوڙندي آئي، ۽ ماءُ کان پڇڻ لڳي ته: اما، هي ڇا پئي ڪرين؟ تڏهن ماڻس چوڻ لڳي ته:

من موسڙو مئو، من موسڙي ارمان ۾

اوٺــــــار اِدڙ گـــدڙ. واڻيو وَهـِــــي ڦاڙ

ڪانگ ڪـُـرو مـُـرو، ٻير لامان لس

پوڙهو پن چـَــــرُو، رن رليون ڦـــــــاڙ

ڇوري ڇيڻا ڀور.

اهو جواب ٻڌندي ئي، ڇوڪريءَ وٺي ڊوڙ پاتي، ۽ سڌي آئي وٿاڻ ۾. اتي پهچي سڀ ڇيڻا چونڊي، ويهي انهن کي ڀورڻ لڳي. ڇوڪريءَ کي ڇيڻا ڀوريندي ڏسي، وٿاڻ ۾ بيٺل هڪ مينهن چوڻ لڳي ته: اڙي ڇوري! اڳي ته تون ڇيڻا چونڊي گهر ڏانهن کڻي ويندي هئينءَ، اڄ ڇا ٿيو اٿئي، جو ڀورڀوران کڻي لاتي اٿئي؟ اهو ٻڌي ڇوڪري چوڻ لڳي ته:

من موسڙو مئو، من موسڙي ارمان ۾

اوٺـــار اِدڙ گـــدڙ. واڻيو وَهـِــــي ڦـــاڙ

ڪانگ ڪـُـــرو مـُـرو، ٻير لامـــان لس

پوڙهو پــــــن چـَـــــرُو، رن رليون ڦـــــــاڙ

ڇـــــوري ڇيڻا ڀـــور، مينهن مـــرضــيل.

اهو ٻڌي مينهن مرضيل بنجي بيهي رهي. ٿورو وقت بيهي، نيٺ وڃي درياءُ ۾ ويٺي. درياءُ مينهن کي بيمار ڏسي، چوڻ لڳو ته: ادي! ڇا ٿيو اٿئي؟ تڏهن مينهن جواب ڏنو ته:

من موسڙو مئو، من موسڙي ارمان ۾

اوٺار اِدڙ گدڙ. واڻيو وَهـِـــــي ڦـــــــاڙ

ڪانگ ڪـُـرو مـُـرو، ٻير لامــان لس

پوڙهو پن چـَـــــرُو، رن رليون ڦـــــــــاڙ

ڇــــوري ڇيڻا ڀــــــور، مينهن مرضيل

درياءُ سـُـڪ بڪ.

اهو جواب ٻڌي درياءُ ان دم سڪي پـَـٽ ٿي ويو ۽ منجهس جيڪي مڇيون ۽ ٻيا ساهوارا هئا، سي زمين ٿي ڦٿڪڻ لڳا.

 

***

 


 

* هيءَ آکاڻي ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان جيسارام کان ملي.

* هيءَ آکاڻي وچولي (تعلقي سنجهوري) مان الله ڏتي رند کان ملي.

* هيءَ آکاڻي وچولي (تعلقي سنجهوري) مان الله ڏتي رند کان ملي.

* هيءَ آکاڻي ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org