سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:سورٺ - راءِ ڏياچ ۽ هير - رانجهو

 باب:

صفحو :6

                                بيت*

 

راڻي گَهر رتن جي، سورٺ سامائي
ويئي ولايتن تي، تنهن ورنهن جي وائي
اوچتي آئي، جهلجي جهوناڳڙهه ۾.

 

پيئي خبر کنگهار کي، تنهن آندي سان اقبال
محل هندورا ماڙيون، مڏيون ڏنائينس مال
پـٽ پٽيهر پهريا، زيور پاتا زال
کليو ٿئي خوشحال، راجا ساڻ رتول ۾.

 

راجا جي رتول ۾، ٿيا رس رهاڻ
هليو اچي هاڻ، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾.

 

اتي انيراءِ، سُئي خبر کنگهار جي
چاڙهيائين لک لشڪر جا، تک منجهارا تاءُ
ڪري هل هڳاءَ، اچي اوسنب تي ڍريا.

 

اچي اوسنب تي چڙهيا، نارن ڪيا ناڏ
لاشڪ ڪريو لاڏ، لائين گليلا گرنار کي.

 

گليلا گرنار کي، اوڏا تئن نه اچن
دانا هن دم هنيا، پر پاڻي کان نه پُرن
موٽيو پوءِ وڃن، دلمل دولهه سامهان.

 

راڳي راءِ گهرائيو، چارڻ چوکي ذات
ڏيئي ڏهوڻي ڏات، گهريائين سر سلطان جو.

 

سويروئي سنبريو، ٻيجل ٻنڌي ٻول
راجا جو رتول، تنهن هڻي تند تپائيو.

 

ساز سڻي سلطان، ڪيو سعيو سر وڍڻ جو
اڳي سُيم نه اهڙي، تند ڪنهين مَ تان
موٽ مَ مهربان، جيڪي گهرين سو گهر تون.

 

جيڪي گهرين سو گهر، مڱڻهار ميان
گهوڙا هاٿي انباريون، تو کي ڏاج ڏيان
سوئي ڪج قبول هت، جو منهنجي ملهه ميان
ٿو شرمسار ٿيان، اَمُل هيرا آڇيو.

 

توڻي امل آڇئين، توڻي هاٿي انباريون
گهڻيون منهنجي گهر ۾، آهن اهڙيون عماريون
سهسين ساز سرود سان، مون راڻيون رئاريون
سر رِيءَ سواريون، ڪم اچن ٿيون ڪينڪي.

 

ڪري آس الله جي، هلي آيس هت
مون پري کان پنڌ ڪيو، سهنج ساڻ سُرت
چارڻ سندي چت، سا جا رکي ڳالهڙي.

 

ريجهي راءِ گهرائيو، ٻيجل کي ٻيءَ رات
سوئي ڏيندس منگتا، جنهن جي توکي تات
لشڪر ٿيو جو سر گهريئي، ٻي نه بڪيئي بات
وڍيان وهاڻيءَ رات، جي چوين ته هلي هُت ڏيان.

 

تڏهن چارڻ چنگ کي، ويهي وڄايو
دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو
مور نه موٽايو، مِيين مڱڻهار کي.

 

ميان مڱڻهار کي، مور مَ تون موٽاءِ
سخا تو سلطان جي، سئي جاءِ بجاءِ
تند کڻي توراءِ، ڪٽاري ۽ ڪنڌ سان.

 

تند سان مور نه توريان، ڪنڌ ڪٽار ڪماچ
‘تيرها’ ترازوءَ ۾ اچي هنيائون آچ
ڏيئي سر ڏياچ ٿيو مشهور ملڪن ۾.

 

ڪو نه سخي ڪو سِر جو، ڏيهن ۾ ڏاتار
قوال سان ڪو نه ڪيائين، ”تيرها“ ڏس تڪرار
سورٺ ڪيو سينگار، سنڀري هلي سر سان.

 

ËËË

 

 

 

 

 

(د) محمود شيخ جا چيل بيت

 

انيراءِ جي در تي هڪڙي دائي آئي ۽ چيائين ته: اِهو موتين جو ٿالهه کڻي ڏي؛ جنهن جهوناڳڙهه وڃڻ جي هام هنئي آهي سو صبح جو تنهنجو سلام ڪري ويندو. ٻئي ڏينهن صبح جو سويل ٻيجل پنهنجا ٻار وٺي انيراءِ وٽ آيو، ۽ ٻڌايائينس ته: آءٌ وڃان ٿو ولايت، هي ٻارڙا تو وٽ منهنجي امانت آهن. جي ڏاتار ڏياريو ته کنگهار جو سِر کڻي اچي حاضر ٿيندس.

اها آس رکي ٻيجل ٻي ولايت ڏي اُٿي پنڌ پيو. هلندي هلندي هڪ رڻ ۾ رات پئجي ويس، سو هڪڙي وڻ هيٺان آرام ڪرڻ خاطر ويهي رهيو. هوا گهلي ته اُنهن وڻ مان واڄو اچڻ لڳو، ۽ اُن واڄي ۾ ايڏو ته اثر هو جو ڪئين پکي ۽ جانور اچي مڙيا. ٻيجل به اِهو آواز ٻڌي ڏاڍو حيران ٿيو. اهي ڪنهن هرڻ جا آنڊا هئا، جيڪو پاڻي پي مستي ۾ اچي ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳو هو، پر وڻ جي انگهه ۾ پيٽ اچي ڦاٿس، ۽ اُتي ئي سندس آنڊا سُڪي اِهو عجب آواز ڪڍڻ لڳا. ٻيجل ڊڄندي ڊڄندي وڻ تي چڙهيو. آواز ۾ ايڏو ته سوز هو جو سندس لڙڪ بيهن ئي نه پيا. اِنهيءَ مست ڪندڙ آواز ٻيجل جي اکين جا اولا لاهي ڇڏيا: اڻ ڄاڻ هوندي به سڀ ڄاڻ اچي ويس. اِهي آنڊا لاهي تارون ڪري اچي پنهنجي تنبي تي چاڙهيائين. پر دل ۾ دعائون به پيو پني ته، ’جيڪا آس من ۾ اٿم سا شل قادر پڄائي‘. اِهي اٺسٺا ڪندو ٻيجل اچي جهوناڳڙهه ڀيڙو ٿيو.

جهوناڳڙهه جي راءِ کنگهار وٽ منگتن جي ڪمي ڪا نه هئي. سندس سخا به مشهور هئي. راڳ ۽ ساز ٻڌڻ سان ڄڻ ته عشق هوس، سو راڳائي هر وقت پيا راڳ ڪندا هئا. ٻيجل به اچي مجلس جو پاسو ورتو: پر اُتي کيس واروئي نه پيو ملي. ائين ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا. آخر هڪ ڏينهن کيس حڪم مليو، ۽ هن پنهنجو چنگ چوريو. سندس تند ۾ اهڙو ته اثر هو جو سڀڪو اندوهه ۾ وٺجي ويو؛ جيڪي سُتل هئا، تن کان ڇرڪ نڪري ويا: جنهن ٿي ٻڌو تنهن ائين ٿي چيو ته اهڙي سهڻي تار اڳ ڪڏهن به نه ٻڌيسين. کنگهار به ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ماڻڪ موتي ٻيجل کي ڏنائين، پر هن قبول نه ڪيا، چئي: ههڙو حال ڪري انهن ماڻڪن موتين لاءِ ڪين آيو آهيان، اِهي مون وٽ به آهن. پر هڪڙي آس هئم ته ڪڏهن ’سِر‘ جو سوال ڪندس. منهنجو سوال اِهو آهي ته پنهنجن هٿن سان اِهو سر لاهي ڏي. کنگهار سِر جي صدا ٻڌي خوش ٿيو، چئي ‘ڀلي آئين جي آئين… تنهنجو اچڻ اسان لاءِ ڀاڳ آهي. تنهنجي وڍڻ جون وايون اسان جي دل کي به ڏاڍيون وڻيون آهن.’ اِهو فيصلو ٻڌي جهوناڳڙهه ۾ دانهن پئجي وئي ته هي ڪهڙو ڪيرت آيو آهي، جنهن جي صدا ئي سِر جي آهي.

کنگهار خوش ٿي ماءُ کان موڪلائڻ ويو، چئي: جيجل، هڪ نه هڪ ڏينهن پساهه ويندو، تنهن کان ائين سِر ڏئي سَرهو ڇو نه ٿيان… مون کي موڪل ڏي، توهان جو آهي الله. ماءُ چيس ته: پٽ! تو کان پوءِ اسان جو ڪير؟ چيائين ته: امڙ! هاڻي مون پاڻ تي اَن پاڻي حرام ڪيو آهي، تنهنڪري مونکي خوشيءَ سان موڪل ڏي. کنگهار جي ماءُ ٻيجل کي وڃي ليلايو پر هن سندس ڪا به ڳالهه نه مڃي. سورٺ کي به سورن اصل نهوڙي ڇڏيو هو، لڙڪ بيهنس ئي نه پيا: تنهن به منگتي کي گهڻو مال ڌن آڇيو، پر ٻيجل ڪنهن جي ڳالهه نه قبولي. پوءِ کنگهار پنهنجو قول پاڙيو، ۽ پنهنجو سر وڍي ڏنائين.

کنگهار سر ڏيئي ’ڏياچ‘ ٿيو، پر ماڻهن ٻيجل سان اصل پائهه کنئي. ٻيءَ رات ماڻهن گڏجي، ٻيجل کي به ماري ڇڏيو.

بيت*

 

آئي انيراءِ ڏي، در هلي دائي
کلي ٿالهه کڻي ڏي، موتين جو جائي
هڪڙي ئي آدمي واري وڃڻ جي وائي
سويرو سائين، انيدو صبح تنهنجي سلام تي.

 

پرهه ڦٽي ڏينهن ٿيو، آيو ٻيجل وٺي ٻار:
آءٌ وڃان ٿو ولايت ڏي، هي امانت تو آڌار
جي ڏياريو ڏاتار، ته ايندس کڻي سر کنگهار جو.

 

رکي آس الله جي، هليو ٻيجل ٻي ولات
سنڀاليائين سردار کي، رڻ ۾ پيس رات
پکين مرن جي پٽ ۾، اتي جڙي جاءِ جمات
ٻڌائين واڄو وڻ ۾، ڪا تونهين تون جي تات
سو هرڻ لڳي حيرات، ٿيو پيئڻ ۾ پڌرو.

 

پيئڻ ۾ پڌرو ٿيو، ڇوها ڏنائين ڇانگ
آنڊا ٽنگيس انگهه ۾، اُتي سوين پين سانگ
ڪالهه لَنۡيِو ويا ڪانگ، محلي پاس ملوڪ جي.

 

محلي پاس ملوڪ جي، گذري تان نه گهڙي
رکي آس الله ۾، پيو چارڻ وڻ چڙهي
هٿ لائي هراسيو، پيس لڙڪ لڙي
هندي، سنڌي، عربي ۽ پارسي ويو پڙهي
سا جلدي جوان جڙي، اچي چاڙهي تار تنبي تي.

 

چاڙهيائين تار تنبي تي، ٿو ويهي وڄائي
فڪر ۽ ڦندن سان، هو خاطو بند کائي
چئي: جيڪا آس الله ۾، منهنجي پرور پڄائي
پوءِ ڪنهين ويل ڪاهي، آيو جاجڪ جهوناڳڙهه ۾.

 

جاجڪ جهوناڳڙهه ۾، هيو سرت سُبحان
منگتن جي ”محمود“ چئي، هت ڪمي هئي ڪا نه
هڪ راڳ ڪن راجا وٽ، ٻيو تڪڙي هڻن تان
کائن پيئن خوشيءَ مؤن، دهرا وٺن دان
ٻيجل ٻه-ٽي ڏينهڙا، اچي رهيو ماڳ مڪان
اتي ڪيائين ارمان، ته ڪانهي واند وڄائڻ جي.

 

هڪ ڏينهن حڪم ٿيو، چوريئين تند تنوار
اُٿيا سڀ اَندوه مؤن، ٿي سُتن کي سنڀار
ڪا نه ٻڌي مون ڪڏهين، ڪا سهڻي سڀ ڄمار
جي ڏنس خوشيءَ سان کنگهار، سي ماڻڪ نه ورتا منگتي.

 

ماڻڪ نه ورتا منگتي، ڪيائين کڻڻ جو نه خيال
هت ماڻڪ موتي مهرون، مالڪ ڏنو آ مال
آيس دانَههَ! تنهنجي در تي، ههڙو وٺي حال
ڪڏهن ڪيو اٿم ڪو نه ڪو، ڪو سر وٺڻ جو سوال
ٿيءُ هٿن ساڻ حلال، ڏي سر سوالي منگتي.

 

جيءُ آئين، نچ آئين، ڀاڳ ڀلا ڀايون
وڻيون اٿم وجود کي، تنهنجي وڍڻ جون وايون
دادليون درن تي، دانهون ڪن دايون
ڪيون ڀلي ڀلايون، ته سڀئي ڪاڄ سڻاوا ٿيا.

 

خان کلي خوش ٿي، هليو موڪلائڻ کان ماءُ
راضي ٿيءُ، رخصت ڏي، آهي اوهان ڏڍ الله
نيٺ ته ويندو نڪري، پورو ٿي پساهه
ٻڌي پانہ جو پڙلاءُ، وينگس سور وڏو ٿيو.

 

نالي مٺا نينگرا، ڪي ڏينهن گرنار ۾ ڪڍ
ننڍو وڏو نينگرو، ڪونهي اسان جو ڏڍ
وڇوڙي جو وڍ، شل قادر ڪنهن سان نه ڪري.

 

هڻ ڀڻ حرام ڪيم، هتئون جو ان ۽ پاڻي
ڀري پير پريت جا، مونکي امڙ اُماڻي
ورتم راهه رب جي، هڪ صحيح سڃاڻي
هت به وهاڻي، ڪر ڪو آڏو اڳ جو.

 

تون ڪٿان آيون ڪيرتيا! جو آڻي وڌا اٿئي وڇوڙا
ماڻڪ موتي مهرون گهوٽ ڀري وڃ گهوڙا
هاٿي ڏيئين هنبارين سان، سي جنگ وٺي وڃ جوڙا
هي ٿو ڦٽي سک سورٺ جو، جنهن کي سور ٿيا آهن سوڙا
هاري جر جڏي ٿي ڳلن تان ڳوڙها
ادا ٻيجل ٻوڙا، تون مال کڻي وڃ منگتا!

 

مائي اوهان جي مال ۾، مونکي تِر جي ناه طمعا
سڏيو اٿم سوالي ٿي، ڏيندو سِر سَما
پانَهه آيو آهيان پڙ ۾ لوڏي ڪنڌ لَما
سؤدو منهنجو صاحب سان جو غازي بي گَما
اسان کي ڙي اما، آهي عرض ڪرڻ ايترو.

 

تون ڪٿان آيو آهين ڪيرتيا! آڻي وڌو اٿئي هن محلي ۾ مونجهارو
سارو شهر راو کنگهار جو ٿيندو وري ويچارو
پوندو جوکو جهونا ڳڙهه کي، ٿيندو ڪوٽ ڪڙهي ڪارو
مڃ منٿ، محمود چئي، هوندون سدائين سوڀارو
ٿيندءِ محشر موچارو، اهو ٿي ور منگئين منگتا!

 

رکي آس الله ۾، مون ڪئي آ صدا ساري
ڏيندو نام الله جي، سورٺ! سينگاري
مڙد ڀلو آ محمود چئي جيڪو ٿو ڪيا قول پاري
هي آهن پُنا پساهَ جا، گهڙيون ڪئين گهاري
مون کي ڳالهه اها ٿي ڳاري، پر ويٺو آهيان گهري مٿو گهوٽ کان.

 

جيئڻ هن جهان ۾، ڪانڌ بنا اٿم ڪيئن
گهورون گهوريان گهوٽ تان، جيئن سانوڻ وسن مينهن
هاري پنهنجي پوک کي سنڌا ڪري سيئن
وڍيو مون کي منگتا تون تڪ وجهين پيو تيئن
جيڪي پُنا ڏينهن، آهي جيئڻ راوَ کنگهار ري.

 

ڀانَ ڀلِي آئيون، ڇڏ اهي بازيون بهانا
سڀئي ڪم سولا ٿيا، ڪيو سائين سمانا
هر ڪوئي اتي ڇڏيندو، اهي کٽون خزانا
مڃي رضا، محمود چئي، ٿيا روئي روانا
صوبا رهيا سڃ ۾، جنگي جوانا
ڪنڌنيؤن، ڪاتي وهي، ڏنا آگي ايمانا
ڪيم سؤ سؤ شڪرانا، اڄ مٿو نيو مڱڻي.

 

ڀان ڀلي آئيون، توکي ميان ڏنو مان
عقلدار اڳي هُون ٻيو سرت سجان
سؤدو آ صاحب سان هتي نانءُ ڇڏيندون نيشان
جانب هيءُ جهان، آهي محبت سين، محمود چئي.

 

جيڪي دانهه دلاسو ڪيئي، اٿي پنهنجو پار
رک پاڪ پليتيءَ کؤن پري سڄڻ سر سينگار
هتان ويندون هيڪلو، اڳيان هلندون ڌڻيءَ جي درٻار
ور ڇڏيندون واٽ تي، اڳيان سعيو ڪندئي سرڪار
پڙهه پنجئي وقت نماز جا ٽيهئي روزا نه ٽار
چڙهه جنگ جهاز تي، ٿيءُ پهرئين پتڻ پار
اها ڳالهه اجار، جنهن مان محشر موچارو ٿيئي.

 

ڏيئي سر ڏياچ ٿيو مرڪي موچارو
وڳو دين ايمان جو نوبت نغارو
ٻيجل کي ٻيءَ ولات ۾ مرن ڪيو مارو
ڪامين ڪهي ڇڏيو وڍي ويچارو
پڪي پوک پريت جي لٿو لابارو
کڻي داڻا خير سان ويندو ويچارو
ايندو احمد عربي عالم اجارو
بيشڪ هلندو بهشت ڏي ساٿ وٺي سارو
اونداهيءَ ۾ سوجهرو ڪندو سيد سوڀارو
ياد پڙهو يارو، ڪلمون راس رسول تي.
لا اِلہ اِلا لله محمد رسول الله

 

 

(هه) الله ڏني فقير ماڇي جا چيل بيت*

 

ڪچهريءَ ۾ ويهي ڪيرت هام هنئي، جنهن جي پچار ملڪن ۾ پئجي وئي. اهڙو عهد ڪري ٻيجل جهوناڳڙه ولايت جي سفر لاءِ سندرو ٻڌو. دل ۾ ڌڻي کان اهي ئي دعائون پيو پني ته جا ڳالهه ڪئي اٿم سا پرور پڄائيندو. ڏياچ جي سخا ۽ راڳ سان سندس عشق جي هن کي اڳئي پروڙ هئي. اهي پهه پچائيندو، سنجهه صبح هلندي، هن کي سفر ۾ سڄي مند لڳي وئي.

جڏهن منزل تي پهتو تڏهن ڏياچ جي ڏولي ڏوران ڏٺائين. راڳيندڙ راڳ جي ٻولي ڪئي. راجا تي راڳ اهڙو اثر ڪيو جو چيائين ته، جيڪي گهرندين سو ملندءِ. چئي: سِر جو سوالي آهيان، سِر کان سواءِ ٻيو ڪي نه گهرجيم. راجا کيس پنهنجي رنگ محل ۾ سڏايو. ٻيجل جي صدا سورٺ سُئي، تنهن کي اچي ڊپ ورتو. ننڊ اکين مان ڇڏائجي ويس، سيج تي سک ئي نه پيو اچيس. نيٺ راجا سورٺ کي رنگ محل ۾ سڏائي چيو ته: هن جي گُهر وڏي آهي، مون کيس مال متاع گهڻو ئي ڪي آڇيو آهي پر چوي ٿو ته سواءِ سر جي ٻيو ڪي ڪين کڻندس. اهي ڌڻي جا احسان آهن جو آءٌ سر ڏيئي ڏياچ ٿو ٿيان. اهو ٻڌي سورٺ منگتي کي وڃي ليلايو ته: ”هي مال خزانا کڻ پر ان صدا تان لَهُه!“ پر منگتي ڪا ڳالهه نه مڃي.

اسر مهل هن سوالي ساز وڄايو. اندر مان اهڙو آواز ته ڪڍيائين جو راجا راضي ٿي پنهنجو سر سينگاري ٻجيل جي آڏو ڪيو، جنهن وڏي ڪوڏ مان راجا جو ڪنڌ ڪپيو.

 

 

 

 

 

 

بيت*

 

الف آس الله کي، ڪا جا ڪيرت ڪئي
ويهي ڪچهري وچ ۾، هن حاذق هام هنئي
الهڏنا ايمان جي، بانڪي بات چئي
وڃي پچار پئي، مُلِڪَنِ ۾ مڱڻهار جي.

 

بي ئونۡ ان بيان جي، ڪيائون ڪَونسل
سوجهيائين سرير ۾، قلب واري ڪل
آيس اندر ۾، الهڏنا اٽڪل
منگتي انهيءَ مهل، ڪئي صدا صاحب کي.

 

تي ئون ترت تيار ٿي، اسهيو الله آهارَ
ڪيائين عرض الله کي، ته ڏجان سوڀ ستار
ته اٿم اميد، الهڏنو چئي، منجهه دانا جي دربار
ڪيچ ڌڻي ڪلتار، منهنجا سڀئي ڪم سولا ڪرين.

 

ثي ئون ثابت سندرو، ٻڌو آهي ٻيجل
وٺي راهه راون ٿيو، ڪيو قافلو ڪامل
وڃي ٻِيءَ ولايت ۾، منگتي ڪئي منزل
جتي الهڏنا آواز هو، گوهر گام جَهَل؟
اتي هئي ڪريمي ڪَلَ، واڄي جي ولهار ۾.

 

جيم جاجڪ جنهن جوءِ ۾، وڃي پيو وينجهار
راجا جي رَهاڻ جو ٻڌائين ٻهڪار
انهي ويل الهڏنو چئي، هن کي تن ۾ وڳو تارُ
سو منگتو موچار، سدا رهيو سُر ۾.

 

حي حقيقت حال جي، من ۾ ڪيائين مدام
پڙهيائين پرت سان، سندو نرمل نسام
سڄي مند سرير ۾، ڪهيائين ڪلام
پِر سندو پيغام، ان کي آيو هو، الهڏنو چئي.

 

خي ئون خاص خدا کي، ساراهيو صابر
منهنجا مطلب مڙئي ڪج، ڏيهه ڌڻي ڏاتر
اگهائجان الهڏنو چئي، سوال منهنجو سرور
پورو ڪجان پرور، مطلب منهنجي من جو.

 

ذال ئون دم دم دل ۾، هن ستايو سبحان
ته سخي کان سِر جو، وٺي اچان دان
لهي وڃي ارمان، اندر مان، الهڏنو چئي.

 

دال ئون ذڪر زبان سان، ٻيجل ٻاڪاريو
پرڏيهان پنڌ ۾، جنهن سائين سنڀاريو
راڳ پنهنجي روح ۾، هن طرحي تواريو
تنهن پلپل پوڪاريو، الهڏنا، الله کي.

 

ري سندي روح ۾، چارڻ چوريو چنگ
چاڙهي ثابت ساز کي، اٿلايائين انگ
ڏٺو هو ڏياچ جو، راڳيندڙ رنگ
سندو ٻيجل ٻنگ، خاوند خالي نه ڪرين.

 

زي زياده ذوق مان، نر هنيو نارو
سنڀاري سردار کي، ٿيو سوائي سونهارو
آهي سوداگر سر جو، منگتو موچارو
والي ڏي وارو، الهڏنا عليل کي.

 

سين ساز سر منڊل کي، وڄائيو وير
سواليءَ کي سِر جي، اندر منجهه اُڪير
الهڏنا اصيل کي، صاحب ڏيندو سڌير
پوريون ڪجان پير، مرادون منگتي جون.

 

شين ساڻ شڪر جي، ڪئي ڪاريگر ڪاهه
ڪندو آيو قلب ۾، سندي سِر صلاح
ڪيائين عرض عجيب کي، هي آزيون ٻڌ الله
آگا ڪر عطاءِ، هن راڳيءَ ساڻ رڻ ۾.

 

صاد ئون سنجهه صبح جو، پانههَ پنڌ پيو
سڄي مند سفر ۾، هن قافلو ڪيو
اوڏو الهڏنو چئي، وڃي وير ٿيو
چارڻ ات چيو، سهرو تنهن سلطان جو.

 

ضاد ئون ضداري چيو، مونکي داتا ڏيندو دان
ان عاصي کي، الهڏنو چئي، موليٰ ڏيندو مان
الله لڳ احسان، ڪندو هن ڪيرت سان.

 

طوئي طلب تمام ڪئي، جاجڪ سندي جيءَ
عاشق در الله جي، هامَ هنئي هيءَ
الهڏنا ارشاد جو، ٻيو رحم نه ڪندو رب ريءَ
منجهان والي ويءَ، ڏاتر ڏات ڏيار مون.

 

ظوئي ظاهر زبان سان، هن بڙي چئي بات
ساراهيائين سبحان کي، دم دم ۾ دن رات
ڪيائين ڪلتار جي، منجهان لؤن لؤن لات
هيس وائي وات، الهڏنا الله جي.

 

عين ئون عجب اوڏڙي، ڏٺائين ڏولي
چارڻ لاٿي چنگ تان، چاءَ وڏي چولي
راڳيندڙ راڳ جي، ٻيجل ڪئي ٻولي
خاتم ات کولي، وائي سر وڍڻ جي.

 

غين شهر غنيم تي، اچي نر جي پئي نظر
پڙهيائين پرت جو، سبق ساڻ صبر
لڌي سڌ خبر، جاجڪ انهيءَ جوءِ جي.

 

في ئون راڳ فضل جو، ان فائق فرمايو
منڊ پنهنجي من ۾، منگتي مچايو
الهڏنا استاد کي، سائل ستايو
عطائي آيو، گوهر گڍ گرنار ۾.

 

قاف ڪامل هيٺان ڪوٽ جي، صادق وڄايو ساز
انهيءَ وقت الهڏنا، هن تي ٿيو رحماني راز
عاشق جو آواز، ٻڌو راجا رنگ محل تي.

 

ڪاف ئون ڪاريگر کي، سڏايو سلطان
وڃي حاضر ٿيو حضور ۾، ان سان اَگي ڪيا احسان
ڏي حقيقت حال جي، تون ڀلي آيون ڀان
ڇا جو سوالي آهين، خبر ڏي مون خان
تو کي دهرا ڏيان دان، امن جا الهڏنو چئي.

 

لام لائق تو چوان، سڻ منهنجو سوال
تو در آيو آهيان، ههڙو وٺي حال
ٻڌ ٻيجل جو چئي، الهڏنو احوال
ڀلا ڪر تون ڀال، ڏي سر سبيل الله تون.

 

ميم انهيءَ مذڪور جو، پهچايائون پيغام
سڻي ڳالهه سورٺ کي، ٿيو خطرو خام
کائڻ ان جو ختم ٿيو، ٻي نيڻين ننڊ حرام
وهڻ جنهن کي وهه ٿيو، تن ۾ تات تمام
سُک نه آيس سيج تي، مجروح ٿي منجهه مام
گهرايائين گهوٽ کي، ڪري مت مدام
سو راجا رنگ محل ۾، آيو مٿي انجام
ورندي ڏي وريام، قهريءَ تنهن ڪيرت جي.

 

نون ئون نادر نار کي، ڏنو جواب جوان
مونکي تنهن منگتي جي، ڪل به هئي ڪان
هن اچڻ سان اڱڻ ۾، تڪڙي هنئي تان
ان کي آڇيم الهڏنو چئي، ڪئين دنيا جا دان
مٿي بنا منهنجي، ٻي ٻڌي ٿو ڪان
هاڻي ڪڍي ڇڏ قلب مان، افرادي ارمان
مون تي اَگي ڪيا احسان، جو ڏيو ٿو سر ڏياچ ٿيان.

 

واو تهين وينجهار کي، اچي سورٺ ڪيو سوال
مِلڪ تنهنجي منگتا، هي مڏيون خزانا مال
هار هيرن جا ڏيئين، سي وٺي وڃ نال
آڇيائينس الهڏنو چئي، ڀري موتين ٿال
ڀلا ڪر تون ڀال، ڇڏ صدا سِر جي.

 

هي نام هاديءَ جي، تون ٻيجل ڪِينۡ ٻڌاءِ
تندون جي طلب جون، ويهي وير وڄاءِ
اداسي الهڏنو چئي، سوزي سُر سڻاءِ
ڳائيندڙ تون ڳاءِ، صدا منهنجي سِر جي.

 

لام لاشڪ تو چوان، مڃ منٿون مڱڻهار
صاحب لڳ صدائون، سڻ سورٺ جون سؤ وار
موچارا منگتا، تو کي هيرا ڏيان هزار
ماڻڪ مڻين مون ڪنا، وٺ تو ڏيان وينجهار
ڪر نه سِر پچار، موٽي وڃ مڱڻا.

 

الف اسر ويل ۾، هن سواليءَ وڄايو ساز
ڪڍيائين ڪهڻ جو اندر مان آواز
ان تي ٿيو حماني راز، جو راءِ ريجهايائين راڳ سان.

 

يي يارن کي يار چيو، ته هاڻي الله تهار
انگ ۾ الستي هو لکيو، ٻي ڌڻيءَ هٿ مهار
انهيءَ مهل الهڏنو چئي، هن چوري تند تنوار
سخي سينگاري سر ڏنو، هيٺان جهلي منجهه ٿار
قهري وڏي ڪست سان، ڪڍيو ڪات قهار
وري تنهن ويري ڪئي، سري ڌڙ کان ڌار
ڪلمي جي قطار، ڏنائين سِر نام الله جي.
لا اِلہ اِلاّ الله محمد رسول الله.

 

ËËË

 

راويت [4]

ٻيجل، راءِ ڏياچ جو ڀاڻيجو هجڻ، نجومي جي پيشنگوئي سببان کيس جهنگ حوالي ڪرڻ ۽ پوءِ انيراءِ جي اشاري تي راءِ کنگهار جي سر وڍڻ واري ڳالهه


 


* “رسالو حيدري سنڌي” مطبوع مصطفيٰ ليٿو پريس لاهور سنه 1890 تان ورتل.

* هن روايت مان بيت 1 کان 13 تائين اُتر (تعلقي سکر) مان محمد عارف عباسي کان مليا ۽ ان بعد باقي بيت ڏاڙهون جوڻيجي ويٺل ڳوٺ جعفر خان لغاري (تعلقي سنجهوري) جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

* فقير الهڏنو پٽ جيئندو ماڇي، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. سندس جنم 1880ع ڌاري ٿيو. کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق ٿيو. ان وقت پير حسن بخش شاه ڊٺڙي واري فقيري اختيار ڪئي، ۽ الهڏني فقير کي پنهنجي مريدن ۾ شامل ڪيائين، جتان ڳائڻ ۾ پختگي حاصل ڪيائين. پير صاحب جي وفات بعد منٺار فقير راڄڙ جي صحبت ۽ شاگردي اختيار ڪيائين. ان وقت هو پنهنجا بيت ۽ ڪافيون چوڻ لڳو، ۽ ايتري مشهوري ٿيس جو پري پري کان دعوتون ملڻ لڳس. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي ڳچ حصي جو سير ڪيائين. لکڻ پڙهڻ  به ان وقت ۾ سکيو. فقير الهڏنو فطرتاً خوش مزاج ۽ خوش طبع هو. ڪافيون ته هڪ هزار کان به مٿي ٺاهيون اٿس؛ پر مختلف موقعن تي في البديهه چيل بيتن ۾ جا خوش طبعي شامل آهي، تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. سنه 1961ع ۾ وفات ڪيائين.

* قلمي بياضن کان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org