سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارو!

توهان اها خبر اخبارن ۾ پڙهي خوشي محسوس ڪئي هوندي ته حڪومت پرائمري تعليم کي لازمي قرار ڏنو آهي ۽ هاڻ جيڪو به والدين ٻار نه پڙهائيندو، حڪومت ان تي زور بار ڪندي ته ٻار کي اسڪول موڪلي، نه موڪلڻ جي صورت ۾ سزا به ڏني ويندي، اِها ڪوشش ته سٺي آهي، پر ٻهراڙين ۾ پهرين هڪ نظر سان حڪومت ڏسي، ته اتي اسڪول به آهن يا نه، ڪن شهرن ۾ ٻارڙا ڇپر جي ٺهيل اسڪول جي هيٺان يا ڪنهن پراڻي عمرت جي هيٺان تعليم پرائي رهيا آهن، استادن کي اهو ڊپ هوندو آهي ته مٿان ڇت نه اچي پوي، ڪٿي ته ٻارڙا ڪنهن وڻ جي هيٺان تعليم پرائي رهيا آهن، اسين ايڪويهين صدي جي ڳالهه ته ڪريون ٿا، پر ڇا ايڪيويهن صدي ۾ به اسان جا ٻارڙا، ائين نٽهڻ اس ۾ وڻ جي هيٺان ويهي تعليم پرائيندا، جيڪي به ٻارڙا گل ڦل پڙهندا آهن، انهن کي منهنجو عرض آهي ته جتي به اهڙي قسم جا اسڪول ڏسو، ان جو فوٽو ڪڍي، هڪ درخواست وزير تعليم کي لکي موڪليو، ته اسين هن حالت ۾ تعليم پرائي رهيا آهيون، من ائين ڪرڻ سان حڪومت جو ڌيان ايڏانهن به وڃي ۽ ڪجهه اسڪول ٺهي پون.

اوهان جو چاچا: اڪبر جسڪاڻي.

 

 

لطيفي لات

ماڻڪ مٽ سندوم، اونداهي ۾ سوجهرو،

حشر ويل حساب ۾، ڇڏي نه ويندوم،

ساريو سڏ ڪندوم، ڪوهارو ڪيچ ڌڻي.

 

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي، هي بيت سُر ديسي جي داستان ستين جو، ستون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي:

 ماڻڪ جهڙي پنهون سان منهنجو سنڱ آهي، جو اوندهه ۾ روشني ڪريو ڇڏي، قيامت ڏينهن حساب جي وقت هو، مون کي ڇڏي نه ڏيندو، ڪيچ جو سائين، اتي مون کي ڇڏي نه ڏيندو، ظاهر طور پنهون ڏانهن اشارو آهي، اصل پيغمبر حضور صلعم جو ذڪر آهي، جيڪو قيامت جي ڏينهن پنهنجي بندن کي بخشش ڏياريندو، ۽ عذاب مان آجو ڪرائيندو.

معنى:

 (1) ماڻڪ =موتي، دُر، (2) حشر =قيامت جو ڏينهن.

(ڪلياڻ آڏواڻي)

 

زاهد اسحاق سومرو

ڏوهاري معاشرو ۽ لاچار ٻارڙا

ٻار جيڪو پنهنجي دنيا جو بادشاهه ڪوٺيو ٿو وڃي، تنهن جي حقن تي شايد ڪنهن سنجيدگيءَ سان ويچاريو نه آهي....!؟ جي نه ته هن معاشري ۾ ڪوبه ٻار برائي، ناانصافي ۽ ظلمت جو شڪار نه هجي، پيار، سٺي تربيت ۽ تعليم ٻار جا فطري حق آهن، اسان جي هن معاشري جو ٻار معاشري تي ظلم و ستم، عزم توجهه ۽ ناانصافين جي ور چڙهيل آهي، اسان جي ٻار کان سندس بنيادي حق ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق به کسيو ويو آهي، ٻارڙن جي حقن جي پاسداري ڪرڻ جي دعويدارن کي اسٽيجن تي وڏيون تقريرون ڪرڻ يا سکڻين تحريرن لکڻ کان سواءِ باقي ڪوبه چارو نظر نه آيو آهي....!؟ ڪڏهن به عملي طرح تحڪ نه ورتو آهي، ته ٻالڪ پنهنجي ننڍڙي وهي ۾ پورهيو ڇو ٿو ڪري؟ معصوم ٻالڪ خيرات ڇو ٿو پني؟ ٻالڪ جبري پوهيو ڪرڻ لاءِ خرڪارن حوالي ڇو آهي؟

اهي ظلم ٻارن سان ڇو آهن؟ نه ته پورهيو ڪندڙ معصوم پورهيت ٻار خيرات پندڙ مجبور ٻار، جبري پورهيي خاطر خرڪارن حوالي ۽ عربن جي اٺن واري خطرناڪ راند ۾ موت جي منهن ۾ نه پر تعليم و تربيت سان سٺي مستقبل جو مالڪ هجي. اسان جي معاشري ۾ ٻارڙن جي نالي ڪيترائي وڏا اسٽيج، ٽي وي۽ ريڊيو پروگرام پيش ڪري ٻارڙن جي حقن جو آواز بلند ڪرڻ جا نعرا هنيا ويندا آهن، پر اُهي صرف لٻاڙون، کوکلا نعرا۽ سياسي مفاد ئي هوندا آهن، تازو سال 96/1995ع متعلق گڏيل قومن جي ٻارڙن واري اداري يونيسيف پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ تقريباً 95 لک معصوم ٻارڙا جبري پورهيو ڪن ٿا، ها انهن سڀني 95 لک ٻارڙن ۾ سڀ جا سڀ ته مجبوري طور تي پورهيو نٿا ڪن، پر انهن ۾ 75 سيڪڙو ٻارڙن کي زبردستي پورهيو ڪرائي کين گهٽ اجرت ڏئي لالچي صنعتڪار اربين روپا وڌيڪ منافو ڪمائين ٿا. ڪيتري عرصي کان سنڌ جي ٻارڙن سان اهڙي ويڌن ٿيندي پئي اچي، ٿر ۾ غاليچن جو ڪم، ڪراچي، حيدرآباد، ڪوٽڙي، نوري آباد ۽ داٻيجي مل ايريا ۾ مشين تي خطرناڪ ڪم ورتو ٿو وڃي. هڪ مشاهدي موجب داٻيجي مل ايريا ۾ معصوم ٻارڙن کان بجلي تي هلندڙ خطرناڪ مشينن تي ايترو ته سخت پورهيو جبري طور ڪرايو ٿو وڃي، جو اڪثر ٻارڙن جا مختلف جسماني عضوا ڀڄي پون ٿا، ۽ زندگي ڀر عيبائتا يا معذور، محتاج بنجن ٿا، انهن ٻارڙن، جي عمر 7 کان 14 سال يا 15 سالن تائين به آهي،1961ع جي آدمشماري ۾ 40  سيڪڙو معصوم ٻار پورهيت ڄاڻايل آهن. يونيسيف جي تازي رپورٽ ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي، ته هن وقت به 10 ڪروڙ ٻارڙا گهٽين ۽ بازار ۾ زندگي بسر ڪري رهيا آهن ۽ پرائمري تعليم کان محروم آهن، پنجن سال کان گهٽ عمر وارا 15 ڪروڙ 10 لک ٻار بکون ڪاٽيندي غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن، گذريل سال ۾ هڪ ڪروڙ چاليهه لک ٻارڙا غير معمولي بيمارين وگهي مري ويا، اهي بيماريون گهڻو ڪري گهٽ کاڌو ۽ بيڪار خوراڪ جي ڪري ٿين ٿيون، پوري دنيا جي اهڙن ٻارڙن کي مناسب غذا، صاف پاڻي، بنيادي صحت جي سار سنڀال ۽ پرائمري تعليم جي سهوليت لاءِ 25 ارب ڊالر ساليانو ضرورت پوندي، هر دنيا ۾ هڪ ڪروڙ ٽيهه لک ٻارڙا اڌ رنگ اُرڙي وغيره جي خطرناڪ بيمارين ۾ مري وڃن ٿا. ٻارڙن جي ٻي قاتل بيماري پيچيش ڪري به 30 لک ٻار موت جي بي رحم منهن ۾ هليا وڃن ٿا، جن کي (O.R.S) او آر ايس جي استعمال سان بچائي سگهجي ٿو.

هن ترقي واري دؤر ۾ ٻارڙن جي ابتر حالت ۾ اسان ڇا ڪيو آهي؟ شايد انهيءَ تي ڪنهن سوچيو به هجي!؟ اڄ به پنهنجي مستقبل کان بي فڪر ۽ دنيا جي معاملن کان بي خبر ٻار پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي مزدوري ڪري پيو، غلط صحبت جي حوالي ٿئي ٿو، ڪتاب بجاءِ ٻالڪ جي هٿ ۾ هٿيار ۽ هٿوڙا آهن، سخت سيءُ ۽ گرمي ۾ پورهيت ٻار پنهنجي مدد لاءِ پڪاري پيو، ظلم و ستم، احساس محرومي جو شڪار ٿيندڙ ٻارڙا هن سڄي معاشري اڳيان پنهنجي نماڻين نگاهن سان پنهنجي مدد لاءِ نهاري رهيا آهن، پر اسان جو مجرم معاشرو“ ذلت جي زندگي ڪاٽيندڙ ٻار تي رحم کائڻ بدران پنهنجي لالچ، هوس ۽ برن مقصدن کي ترجيح ڏئي کيس نظر انداز ڪري خاموشي اختيار ڪئي آهي، اها خوشي معاشري جي ان ڏوهه جو اقرار آهي، ته معاشري اڄ جي لاشعور ٻارڙن کي سندن جائز گهرجون جهڙوڪ نشونما، تربيت، حق ۽ شعور ڏيڻ بجاءِ کين وڌندڙ بي راهه روي“ تي ڇڏي ڏنو آهي، ٻالڪن کي پنهنجي حالت تي ڇڏي ڏيڻ معاشري جي مجرم هجڻ جو اعتراض آهي.

قوم و ملڪ جي ترقي و تعمير جو دارو مدار انهن مستقبل جي معمارن تي آهي، جن کي اسان جي مجرم معاشري نڌڻڪو ڇڏي ڏنو آهي، اُهي اڳتي هلي ڪنهن تباهي و بربادي ۾ حصو وٺندڙ ڏوهاري بنجن. معاشري جي تنگ روين سبب اهو ٻار سڀاڻي باغي بنجي، بدڪار، برو، بڇڙو بنجي يا ڏوهارين جي صحبت ۾ رهي، معاشري جي عزم دلچسپي سبب اهڙن ٻارڙن جي ڪير سٺي پالنا ڪندو؟ ۽ سار سنڀال لهڻ وارو به ڪير نه آهي، جنهن ڪري اهي ٻارڙا مستقبل ۾ سٺا ڪردار بنجڻ بجاءِ بدڪردار بڻبا، جنهن جي ذميواري اڄ جي سڀني انصاف جي علمبردار انساني حقن جي تنظيمن کان وٺي معاشري جي هر فرد تي به آهي.

خدارا! گلڙن جهن ٻالڪن تي رحم ڪريو، انهن سان ٿيندڙ زيادتين جي ازالي لاءِ ڪي خاص اپاءُ ورتا وڃن ۽ سندن مستقبل کي بچايو وڃي.

 

 

يوسف لغاري

غزل

 

گلڙن جهڙا ٻار ڏسو هي،

پنهنجن سان ڪن پيار ڏسو هي.

 

هڪڙي وڻ مان جيئن ٿا سرن،

شاخون ۽ ٻيا ٽار ڏسو هي.

 

مُک تي جن جي مکڙيون مرڪن،

اهڙا ڏين ٿا پار ڏسو هي.

 

ڳڻتي هنن کي ڪابه ناهي،

خوشين سان ٽمٽار ڏسو هي.

 

غلام محمد غازي

اسان جو وطن

هي ڌرتيءَ اسان جي، اسان جو وطن،

هي جنت نما آ، اسان جو چمن.

 

گهلي هير سُرهي، ٿي سرهو ڪري،

هوائن ۾ گل ڦل ٿا جهومي اُٿن.

 

ڪري ڪوڪ ڪوئل نچن مور پيا،

سنڌوءَ جي ڪناري تي ميلا مچن.

 

اچي مند سانوڻ جي رونق وڌي،

وسي هلڪي برسات دليون ٺرن.

 

ڪري گاج بادل ٿا برسن جڏهن،

چوي دل ٿي جيڪر ڀٽن تي وسن.

 

مٽي سون کان وڌ لڳي ٿي سٺ،

جواهر ۽ هيرا نه هن سان پڄن.

 

 

صالح سنڌي

(نظم)

سٺو ٻار سڀن کي وڻي ٿو،

عمر ۾ نه سو ڪوڙ ڪڏهين هڻي ٿو.

ڪو ڇيڙي انهي کي اگر خار ڏي ٿو،

منجهان خار ڪنهن کي نه سڪو گار ڏي ٿو،

ڏئي گار ڪنهن کي نه سو ڌڪ هڻي ٿو.

وڏن جي ملڻ سان عزت ڪري ٿو،

ننڍن سان نهايت محبت ڪري ٿو.

ڏئي پيار تن کي خوشيءَ سان کڻي ٿو،

ڪڍي وات مان لفظ سوچي سٺو ٿو،

لڳي گهر جي هر آدميءَ کي مٺو ٿو،

سٺيءَ ڳالهه کي ڪن ڏئي سو سُڻي ٿو.

لٽا ڪين ميرا مٽيءَ ۾ ڪري ٿو،

پڙهڻ وقت سو راند کان ٿئي پري ٿو،

هو پنهنجي پڙهائيءَ جي ڌُن کي ڌُڻي ٿو.

آهن جنهن ۾ اخلاق صالح، اهي ئي،

ٿين خوش انهي کان، ٿا پيءُ ماءُ ٻئي،

ڀلايون سندن سو مڃي ٿو ڳڻي ٿو.

 

 

سنڌيڪار گل احمد مڱريو

شينهن

 

پيارا ٻارو! چوندا آهن ته مڙس شينهن ته رات به ڏينهن رات جيڪا سک، سڪون ۽ اطمينان جو نانءُ آهي، ته اھتي ڏکن، ڏولائن ۽ مايوسين جي علامت به، پر جيڪڏهن ڪوئي باهمت بهادر ۽ دوالور مڙس شينهن جهڙو هجي ته اون لاءِ اوهائي رات به اهڙي ته صاف ۽ اُجري ٿي پوندي جهڙو صبح جي سوجهري ۾ ڪائنات.

تاريخ ۾ به هڪ اهڙي ئي شينهن جهڙي قوت رکندڙ بهادر مڙس ٽيپو سلطان به هڪ  جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريندي چيو هو ته! شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي گدڙ جي سئو سالن جي زندگيءَ کان بهتر آهي.“ مطلب ته ماڻهو دنيا ۾ شينهن وانگر برباد زندگي گهاري ڀلي اُها زندگي ٿوري ئي وقت جي هجي، پر گدڙ جهڙي بزدل ۽ مڪار زندگيءَ کان اُتم آهي.

ها ٻارو هي اُهو ئي ته شينهن آهي، جو هڪ ڏينهن پنهنجي ماسي ٻليءَ کان شڪار بابت طور طريقا پڇندي اوچتو ئي اوچتو چيو هڻي ڪڍيائينس، ۽ سندس ماسي يڪدم سامهون وڻ تي ٽپو ڏيئي چڙهي پنهنجو پاڻ بچايو، اهو ڏسي شينهن وائڙو ٿي ويو، ۽ پنهنجي ماسيءَ کي چوڻ لڳو ته:  ماسي ته مون کي وڻ تي چڙهڻ ته سيکاريو ڪونه.“ جنهن تي سندس ماسيءَ پيار مان سمجهائيندي چيس ته:  ”ڀانيجا جي اهو گُر به توکي سيکاري ڇڏيان ها ته اڄ پنهنجو سر ڪيئن بچايان ها.“

سو ٻارو! ڳالهه هلي پئي شينهن جي ته ٻارو هن مشڪلاتن ۽ وٺ وٺان واري دؤر ۾ جتي انسان ذات اشرف المخلوقات انيڪ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، ته اُتي شينهن جهڙو بهادر ۽ ناياب جانور به زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش جي گهيري ۾ اچي ويو آهي، جنهن ۾ سندس زندگي ڪنهن به خطري کان خالي نه آهي، اچو ته شينهن جو احوال پڙهون، (شينهن وانگر هڪ ٻيو جانور چيتو به هوندو آهي، پر شينهن ۽ چيتي ۾ گهڻو فرق آهي، مان توهان کي شينهن بابت معلومات ٻڌائي رهيو آهيان.)

شينهن کي انگريزيءَ ۾ (Lion) چئبو آهي. ”هي جانور تمام گهڻو بهادر، طاقت ور ۽ خطرناڪ هوندو آهي ۽ پنهنجي خوفناڪ گجگوڙ جي لحاظ سان جهنگ جي مڙني ئي جانورن جو بادشاهه سڏائبو آهي، آڳاٽي وقت کان ئي ان جو نسل آفريقا، يورپ ۽ ايشيا جي کنڊن ۾ موجود هو. قديم دؤر ۾ هي جانور واديءَ سنڌ جي ٻيلن ۽ جبلن ۾ به هوندو هو، موجوده دؤر ۾ گهڻي ڀاڱي آفريقائي رڻ پٽن، ڪجهه يورپي جزيرن ۽ ڀارت جي گهاٽن ٻيلن ۾ ٿئي ٿو.“

هي جانور پنهنجي مضبوط جسم ۽ قد ڪاٺ جي لحاظ سان ڏاڍو ڦڙتيلو ٿيندو آهي، ۽ جهنگ جي جانورن جو شڪار ڪري اُنهن جو گوشت کائيندو آهي. ان جي روبدار منهن کي ڏسڻ سان ئي خوف ٿيندو آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي ته هي واقع ۾ ئي (ببر شير) شينهن بادشاهه“ آهي.

هڪ جوان (نر) شينهن جو قد ساڍا ٽي فوٽ ڪلهن تائين ۽ ڊيگهه ۾ 10 فوٽ 6 انچ پُڇ تائين هوندو آهي، سندس وزن 230  ڪلو گرام هوندو آهي، نر شينهن کي ڳچيءَ (ڪنڌ) تي گهاٽي وارن جو وڏو ڳُڇو ٿيندو آهي، عام طور سان شينهن جو رنگ ڀورو ۽ پيلائڻ مائل ٿيندو آهي، پر مختلف ملڪن جي علائقن جي آب و هوا جي ڪري سندس جسم تي ڪارا  پٽا به ٿين ٿا، ۽ عادتون به مختلف هونديون اٿس.

شينهن جو منهن ويڪرو ۽ مٿو وڏو هوندو آهي. سندس وات وڏو ۽ ڄاڙيون ننڍيون ۽ مضبوط ٿينديون آهن. شينهن جا ڏند ڏاڍا خطرناڪ هوندا آهن، قدرت طرفان کيس اهڙي ته ڏات مليل آهي، جو هي پنهنجي نوڪ دار وڏن ۽ تکن ڏندن سان ڪنهن به ٿلهي، وڏي ۽ سخت کل واري جانور کي چڪ وجهي قابو ڪري وٺندو آهي، ۽ اُن جي سخت هڏن کي به پنهنجي مضبوط ڏاٺن جي زور سان ڀڃي ذريون ذريون ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ان جي گوشت کي به آسانيءَ سان کائي ڇڏيندو آهي. شينهن جي وات ۾ ڏندن ۽ ڏاٺن جو فارمولو هن ريت آهي:

شينهن جي وات ۾ ڪُل ٽيهه ڏند هوندا آهن، جيڪي ڄاڻايل اسڪيچ ۾ ترتيب وانگر هوندا آهن، جن کي ٻن حصن (ساڄي ۽ کاٻي) ۾ ورهائي صرف هڪ حصي جي ڏندن ۽ ڏاٺن جو تفصيل لکجي ٿو.

(پهريون يعني ساڄو حصو)

پهرئين نمبر تي سامهون وارا (Incisor) نسيزر ڏند 3 هيٺين مهار ۾ ۽ 3 مٿئين مهار ۾ جن جو ڪم آهي چڪ وجهڻ.

ٻئي نمبر تي انهن جي پاسي ۾ (Canines) ڪيني نيز وڏا ۽ نوڪ دار ڏند هڪ هيٺين مهار ۾ ۽ هڪ مٿين مهار ۾، جيڪي 3-3 انچ ڊگها هوندا آهن، جن جو ڪم آهي، ڪٽڻ، ٽئين نمبر تي انهن جي ڀر ۾، (Premolar’s) پري مولرس پهريون ڏاٺون 3 مٿين مهار ۾ ۽ 2 هيٺين مهار ۾، جن جو ڪم آهي، سخت هڏن کي ڀڃڻ ۽ ذريون ذريون ڪرڻ، چوٿين نمبر تي اُنهن جي ڀر ۽ آخر ۾، (Molar’s) مورلس پويون ڏاٺون) هڪ هيٺين مهار ۾، ۽ هڪ مٿئين مهار ۾) جن جو ڪم آهي، هڏن جي زرين ۽ سخت گوشت کي پيهڻ.

چَڪيندڙ ………… INCISOR 3/3

ڪٽيندڙ ………… CANINES 1\1

پهريون ڏاٺون (زريون (زريون ڪندڙ) PREMOLARS 3\2

پهريون ڏاٺون (پيهندڙ) … MOLAR'S

                                8\7 = TOTAL, 30

ٻيو حصو يعني کاٻي حصي جي ڏندن ۽ ڏاٺن جو تفصيل به ساڳئي طرح هوندو آهي.

سندس زبان ٿلهي، ويڪري ۽ 5 انچ ڊگهي ٿيندي آهي، جنهن سان هي آسانيءَ سان پنهنجي خونخوار ڏندن جي صفائي به ڪري وٺندو آهي، ٻليءَ جي مُڇن وانگر شينهن کي به مڇون هونديون آهن، خاص ڳالهه ته سندس مڇن جا وار ڊگها ۽ زهريلا ٿيندا آهن.

شينهن جي پيرن جا چنبا به ڏاڍا خطرناڪ هوندا آهن، جنهن ۾ سندس نهن تِکا، وڏا ۽ مضبوط هوند آهن، سندس اڳين ٻن پيرن مان هڪ پير جي چنبي ۾ پنج ننهن هوندا آهن، جن مان پهريون ۽ پنجون نمبر نهن ننڍا، ۽ ٽيون ۽ چوٿون نمبر نهن هڪ جيترا ۽ ٻيو نمبر نهن سڀني نهن کان وڏو ٿيندو اٿس، شينهن جي پوين ٻن پيرن مان هڪ پير جي چنبي ۾ چار نهن هوندا آهن، جن مان پهريون ۽ ٻيو نمبر نهن ننڍا ۽ ٽيون ۽ چوٿون نمبر نهن ڊگها ٿيندا اٿس. سندس نهن جو رنگ ڀوراڻ ۽ پيلاڻ مائل به هوندو آهي، ٻليءَ  وانگر شينهن جي چنبن ۾ به اهڙيون ڪي مشڪون هونديون آهن، جن جي مدد سان هو به پنهنجن نهن کي اندر ۽ ٻاهر ڪري سگهي ٿو، انهن ئي خطرناڪ نهن وارن چنبن سان شينهن ڪنهن به وڏي، ٿلهي ۽ متاري جانور کي سولائيءَ سان پڪڙي اُن جي سخت کل کي به آسانيءَ سان چيري ڦاڙي ڇڏيندو آهي.

شينهن جو پڇ 3 فوٽ ڊگهو هوندو آهي، جنهن جي آخر ۾ ڪارن وارن جو ننڍو ڇُڳو هوندو اٿس، ڪنهن وقت پاڻ مستيءَ جي عالم ۾ گجندو آهي، ته پنهنجي پُڇ کي به هنٽر وانگر ڦيرائيندو رهندو آهي، اوڏي مهل سندس پُڇ مان ٺڪاءَ نڪرندا آهن، جيڪي ڪجهه مفاصلي تائين به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.

نر شينهن هڪ يا ٻه ماديون به ساڻ رکندو آهي، شينهن جي ماديءَ کي انگريزيءَ ۾ (Lioness) شينهڻ چئبو آهي، شينهڻ شينهن کان قد ۾ هڪ فوٽ ننڍي ٿيندي آهي، عام طور سان سندس وزن 180 ڪلو گرام هوندو آهي، ۽ قد ڪاٺ ۾ به شينهن کان هلڪي ٿيندي آهي. شينهڻ جي سڃاڻپ ته نر شينهن وانگر سندس ڳچيءَ (ڪنڌ) تي گهاٽي وارن جو وڏو ڳڇو ڪونه ٿئي. بلڪه نشاني طور صفا ننڍو ۽ هلڪي وارن جو هڪ پٽو ٿيندو اٿس، جيڪو غور سان ڏسبو ته ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

شينهن سال ۾ هڪ دفعو ٻچا ڄڻيندي آهي، سندس ٻچن جو تعداد  2، 3، ۽ 4 به ٿي سگهي ٿو. ڄمڻ کان پوءِ شينهڻ جو ٻچو ڏاڍو خوبصورت ۽ وڻندڙ لڳندو آهي، جو اُن وقت ٻچي جي کل ٿلهي هوندي آهي، ۽ جسم تي ڪارا چٽ هوندا اٿس، جيڪي وڏي ٿيڻ سان ختم ٿي ويندا آهن، ۽ باقي وڃي پيرن چنبن تي رهندا آهن. جيڪي عام طور سان شينهن کي هوندا آهن. شينهن پنهنجي ٻچن کي 108 ڏينهن کير پياري تاتيندي آهي، ۽ سخت خطري واري حالت ۾ يا موسمي تبديليءَ کان بچائڻ لاءِ شينهن به ٻليءَ وانگر پنهنجن ٻچن کي وات سان کڻي جهنگ ۾ ڪنهن به مخصوص جاءِ تي لڪائيندي رهندي آهي، شينهڻ پنهنجن ٻچن سان تمام گهڻو پيار ڪندي آهي، ۽ گهڙي کن لاءِ به پاڻ کان جدا ناهي ڪندي، مثلاً جهنگ ۾ سندس ٻچي سان ڪوبه اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي وڃي، ته شينهڻ پنهنجي حياتي به ڏيئي پنهنجي ٻچي کي بچائي وٺندي آهي، ٻچن واري مند ۾ شينهڻ جي ڪيفيت تمام گهڻي خطرناڪ هوندي آهي، جو اُن وقت سندس شينهن به ساڻس گڏ ئي هوندو آهي، جو پاڻ به ٻارن جي پرورش ڪرڻ ۾ پوري دلچسپي وٺندو آهي، ۽ شڪار وغيره ڪري آڻي ٻارن کي کارائيندو ۽ راند روند به کيڏائيندو رهندو آهي، ڇو ته راند ٻارن لاءِ قدرت طرفان سکيا جو وسيلو ۽ تربيت آهي، اُن زندگيءَ جي جيڪا کين وڏي هوندي گذارڻي آهي، جنهن لاءِ هو ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي وڏن سان راند روند رستي مشق ڪندا رهندا آهن، جنهن ۾ ٽپڻ، کيڏڻ، ڊوڙڻ، لڪڻ ۽ وڙهڻ گرڻ شامل آهي، جنهن سان سندن پٺا، پيرن جون نريون ۽ مشڪون مضبوط ٿين ٿيون، جيئن وڏا ٿي تکو ڊوڙي سگهن ۽ وڏا وڏا ڇال ڏئي طاقتور جانورن سان مقابلو ڪري سگهن. گهڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته شينهن يا شينهن سخت بک واري حالت ۾ پنهنجي ٻچن کي به کائي ويندا آهن، جنهن لاءِ عرض آهي ته مون جن ڪتابن تان هي مضمون ترجمو ڪري تيار ڪيو آهي، مون کي اُنهن ڪتابن ۾ اهڙي حقيقت ناهي ملي، جنهن تي مان يقين ڪريان ۽ تحرير ڪريان.

شينهن جا ٻچا ٽن سالن تائين پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ رهندا آهن، انهيءَ عمر ۾ نر ٻچن کي ڳچيءَ (ڪنڌ) تي گهاٽي وارن جو ڳُڇو ڄمي ويندو آ، جيڪو سندن عمر سان گڏ وڌندو رهندو آهي. شينهن جي عمر  8، 10 ۽ 25 سال يا وڌ ۾ به ٿي سگهي ٿي.

شينهن جا سنگهڻ، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارا حواس تمام تيز هوندا آهن، جو ننڍڙي کڙڪي تي به يڪدم هوشيار ٿيو پوي 7 کيس اُن پاسي جي خبر پئجي ويندي آهي، رات هجي يا ڏينهن هيءُ پري کان ئي پنهنجي شڪار جو اندازو ڪري وٺندو آهي، سندس شڪار وارا جانور ڌڻ ۾ هجن يا جُدا جُدا، شينهن ڪوبه آسرو ڪرڻ کان سواءِ لڪندو، ڇپندو، پير پير ۾ ڏيندو پنهنجي شڪار جي ويجهو ايندو، جنهن مهل ڏسندو شڪار بنهه ويجهو آهي، تنهن مهل اوچتو ئي اوچتو پنهنجي بهادريءَ واري ڦڙتيلي انداز ۾ سان ٽپو ڏئي حملو ڪري ڏيندو آهي، اُن وقت شينهن جو حملو ايترو ته خطرناڪ هوندو آهي، جو هاٿيءَ جي ٻچي کان وٺي اُٺ، مينهن، ڍڳو، زيبرا، هرڻ، مطلب ته ڪوبه وڏو يا طاقتور جانور ان جي ور چڙهيو ته ان کان نه بچي سگهندو ۽ نه وري هن کان ڇڏائي ڀڄي سگهندو، ڇو ته دنيا ۾ شينهن ئي هڪ اهڙو جانور آهي، جنهن جي پيرن جي چنبن ۽ وات جي ڏندن ۾ قدرت واري اهڙي ته ڏات ڏني آهي، جو ڪوبه تيز ترين يا وڏو جانور سندس شڪنجي جي آور مان نه بچي سگندو آهي، شينهن پنهنجي شڪار واري پڪڙيل جانور مان اوستائين وات ۽ چنبا ناهي ڪڍندو، جيستائين کيس پڪَ ٿئي ته اهو جانور مري چڪو آهي، يا سخت زخمي ٿي ساڻو ٿي پيو آهي.

شينهن جي شڪار ڪرڻ جو وقت ڏينهن جي پوئين پهر کان وٺي رات جي پهرئين پهر تائين هوندو آهي، اُن وقت ۾ شينهن گهڻو ڪري اهڙن جانورن کي شڪار ڪندو آهي، جيڪي گاهه کائيندڙ هوندا آهن، ۽ رات جي وقت ۾ ئي نڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا رهندا آهن، سخت بُک واري حالت ۾ شينهن پنهنجي مقرره وقت ۾ ڦير گهيري به ڪندو رهندو آهي، جو پاڻ جهنگ جو بادشاهه آهي ۽ مڙني قاعدن ۽ قانونن کان آجو آهي، شينهن پنهنجي شڪار ڪيل جانور کي ماري گهلي آڻي، پنهنجي رهڻ واري هنڌ جي ڀرسان ڇڏيندو آهي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اُن کي چيري ڦاڙي کائيندو آهي، شينهن جو پسنديده کاڌو پاروٿو گوشت هوندو آهي، جنهن کي شينهن مزي مزي سان کائيندو آهي.

جهنگ ۾ شينهن کي ڪنهن ڪنهن مهل شڪار نه به ملندو آهي ۽ سندس بک وڌندي ويندي آهي، جيئن ته چوڻي به آهي ته بک بڇڙو ٽول، داناءُ ديوانا ڪري“ مطلب ته هونئن به بک اها شيءِ آهي جو جانور تي ڇا پر انسان کي به آپي مان ڪڍيو ڇڏي، اهڙي حالت ۾ کيس ته وحشيت طاري ٿي پوندي آهي ۽ هي تمام گهڻو خطرناڪ ٿي پوندو آهي، اوڏي مهل هي جهنگ ۽ جبل جي ڀرپاسي وارن ماڻهن جي آبادين تي ڪاهه ڪندو آهي ۽ ماڻهوءَ کي به شڪار ڪري ماري کائي ويندو آهي، عام طور سان اهڙيون حرڪتون گهڻو ڪري پوڙها شينهن ڪندا آهن، جو وڏي عمر ٿيڻ ڪري ضعيف ٿي پوندا آهن ۽ جهنگ جي جانورن جو شڪار نه ڪري سگهندا، ڇو ته جهنگ جا جانور انهن کي پري کان ئي ڏسي ڀڄي پاڻ بچائيندا آهن ۽ پوڙها شينهن ڊڪڻ ۾ به اُنهن کي نه پُڄي سگهندا آهن، جوان شينهن وحشيت ۽ جنونيت واري حالت ۾ ماڻهن تي حملو ڪندا آهن. شينهن جنهن مهل ماڻهوءَ کي شڪار ڪري ماري کائيندو آ، ته ماڻهوءَ کي منهن ڀر نه کائيندو آ. ڇو ته هي اوڏي مهل به مئل ماڻهوءَ جي چهري جي دهشت کان لهرائيندو آهي، ۽ ماڻهوءَ کي پٺ ڀرو ڪري پوءِ کائيندو آهي.

جنهن جهنگ ۾ شينهن هوندا آهن ۽ اُن جهنگ جي ڀرپاسي وارين ماڻهن جي آبادين ۾ ڀاڳين وٽ چوپايو مال هوندو آهي، جيئن مينهن، ڍڳي وغيره خاص ڪري اهڙي مال کي شينهن جي ڌپ اچي ويندي آهي ۽ اهو مال شينهن جي ڌپ وچان کير به سڪائي ڇڏيندو آهي.

شينهن جبلن جي ڀرپاسي وارن وارياسي مٽيءَ جي ميداني علائقن جي غارن ۾ ۽ نرم زمين واري جهنگ جي ٻيلن جي چُرن ۾ به گهر ڪري رهندا آهن، هي جانور جدا جدا گروپن جي شڪل ۾ به رهندا ۽ شڪار به ڪندا آهن، هي پنهنجي گروپ ۽ علائقي ۾ ٻئي ڪنهن گروپ ۽ علائقي جي شينهن کي اچڻ نه ڏيندا آهن ۽ ان سان وڙهي به پوندا آهن، اڪثر ڪري جهنگ ۾ شينهن جو پاڻ ۾ ٿوري گهڻي ڳالهه تان جهيڙو ٿيندو رهندو آهي، جيڪو ٽري به ويندو آهي، پر سندن اهڙو جهيڙو تمام گهڻو خوفناڪ خونخوار ٿي پوندو آهي، جنهن جو وڏو ڪارڻ ته ٻه بکيا شينهن ڪنهن به هڪ جانور کي شڪار ڪري ماري وجهن پوءِ ٻنهي شينهن جي پاڻ ۾ اها وٺ پڪڙ هوندي اهي، ته سندن مان ڪوبه هڪ شينهن اُن سموري شڪار کي ڦٻائي وٺي. ان ڪشمڪش واري صورتحال ۾ سندن تڪرار خونريزي واري شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ اوستائين ڪوبه ٺاهه نه ٿي سگهندو اٿن،  جو ٻنهي مان ڪوبه هڪ سخت زخمي ٿي هٽي وڃي يا وري ٿڪجي سانو ٿي ڪري پوي، نه ته پوءِ ٻنهي مان ڪنهن به هڪ کي پنهنجي سر تان هٿ کڻڻون پئجي ويندو آهي. اڪثر ڪري ان قسم جي جهيڙن ۾ شينهن جي خوني ڪيفيت ايتري ته وحشياڻي ۽ خوفناڪ ٿي پوندي آهي، جو هي پاڻ مان به ڪنهن هڪ شينهن کي ماري چيري ڦاڙي کائي ناس ڪري ڇڏيندا آهن.

پيارا ٻارو! شينهن جهنگ جو بادشاهه ۽ زبردست طاقت ۽ بهادريءَ جي نشاني آهي، اهي جانور تمام گهڻو زور آور ۽ خوفناڪ گجگوڙ جو مالڪ هجڻ ڪري شروع کان ئي انسان جي خيالن تي ڇانيل آهي ۽ هر دؤر ۾ انسان کي به شينهن جهڙي طاقت ۽ بهادري حاصل ڪرڻ جي گهڻي خواهش رهي آهي. شايد انهيءَ خواهش جي پورائيءَ ڪرڻ جو ئي نتيجو آهي. ته اڄ جي ترقي يافته دؤر جي ڪجهه درنده صفت: وحشي ماڻهن شينهن جهڙي بهادر ناياب جانور جي نسل جو به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اهي ماڻهو پنهنجي وحشياڻي طريقن ۽ مختلف دوکيبازين جي وسيلن سان ان جانور جو غير قانوني شڪار ڪري ماري وڏين رقمن جي عيوض اهڙين دوائن جي ڪمپنين کي ٿا وڪڻن جيڪي فقط شينهن جي عضون، گوشت، چرٻي ۽ هڏن مان دوائون تيار ڪن ٿيون، انهن دوائن کي دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو شينهن جهڙي خاصيت ۽ بهادري حاصل ڪرڻ لاءِ واپرائي رهيا آهن، اهي ڪمپنيون دنيا جي مختلف ملڪن کان علاوه آمريڪا، چين، ڪوريا، تائيوان، نيپال ۽ بنگلاديش ۾ به موجود آهن.

شينهن جي عضون مان ٺهندڙ دوائون شربت (Syrup)، بام (Balm)  ملم، (Ointment)، گوريو، (Tablet) ڪافي تعداد ۾ اُن ملڪن جي ميڊيڪل اسٽورن  تي موجود آهن، تنهن هوندي به گهڻيون مهانگيون آهن، شينهن جي هڏن مان ٺهندڙ رس  (Soup)  جو هڪ ننڍو پيالو 320 آمريڪي ڊالر ۾ وڪامي ٿو، جنهن کي ماڻهو وڏي خوشيءَ سان خريد ڪري پيئن پيا، شينهن جي هڪ کل پاڪستاني روپين ۾ 4 لک 50 هزار ۾ وڪامي رهي آهي، جنهن کي دنيا جي وڏين فيڪٽرين وارا قيمتي شيون ٺاهڻ لاءِ خريد ڪن ٿا.

ٻارو! انهيءَ مقصد ۽ خواهش جو ئي نتيجو آهي، ته اڄ شينهن جي گهرج ۽ کپت ٻنهي ۾ واڌارو اچي ويو آهي، جنهن ڪري شينهن جي کلن ۽ عضون جي غير قانوني واپار اندر پنجاهه سالن جي گهٽ عرصي ۾ ئي دنيا جي گهڻن ئي هنڌن تان شينهن جي نسل جو صفايو به ڪري ڇڏيو آهي، شينهن جو غيرقانوني شڪار ڪرڻ وارن 1940ع جي ڏهاڪي انڊونيشيا جي جزيرن بالي (Bali)، 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيئسپين (Caspian) 1980ع جي ڏهاڪي ۾ جاوا (java) وارن علائقن مان شينهن جي نسل جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي.

پيارا ٻارو! ڪيتري نه دل ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي جو اسين پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي شاهڪارن جو قتل ڪري رهيا آهيون، اسين پنهنجي خسيس روشني ۽ بي جا مقصد خاطر بي سبب گگدام جانورن ۽ پکين کي شڪار ڪري ماريندا ٿا رهون، جڏهن به اسان مان ڪنهن کي به شوق ٿو کڻي ته بندوق يا ڄاري کڻي جهنگ ۾ ٿا نڪري پئون ۽ ڪيترائي پکي ۽ ٻيا جانور ڦاسائي يا ماري ٿا وجهون، جنهن ڪري سڄي دنيا ۾ جانورن ۽ پکين جي خلاف غيرقانوني شڪار ۽ واپار ۾ روزانو زبردست واڌارو اچي ويو آهي، هر سال لکن جانورن ۽ پکين کي دولت جي لالچ ۾ انهن جي فطري ماحول کان جدا ٿو ڪيو وڃي، دنيا جي ماهرين جو چوڻ آهي ته جانورن جو غيرقانوني واپار عالمي سطح تي منشيات ۽ اسلحي کان پوءِ سڀ کان وڏو (ممنوعه (۽ ڪارو واپار آهي.

ٻارو! اڄ اسين ترقي يافته تهذيب جي منزل ڏانهن ويندڙ رستي تي بيٺل آهيون، اڄ اسان وٽ چؤڌاري امن، خوشحالي ۽ ترقي ڪرڻ جهڙيون حالتون موجود آهن، جنهن ڪري زندگي گذارڻ جون ضرورتون تعليم جي حاصلات ۽ پورهئيءَ ڪرڻ وسيلي پوريون ڪري ٿا سگهون، ڇو ته زندگي گذارڻ ۽ عام فرضن جي ادائيگين ۾ گگدام پکين ۽ جانورن کي شڪار ڪري مارڻ جهڙو ظلم استعمال ۾ نٿو اچي.

جڏهن ته جانورن ۽ پکين جا ڪي اهڙا نسل آهن، جن جي قانوني طرح سان خريد ڪرڻ جي اجازت آهي، جنهن جو لائيسنس (Licence) اُن ملڪ ۾ عالمي سطح تي قائم ڪيل ادارو (World wild Life) ولڊ وائلڊ لائيف وارا جاري ڪندا آهن، پر ان اداري طرفان اهڙن ناياب جانورن جي شڪار ۽ واپار تي سخت بندش وڌل آهي، جن جو نسل صفا گهٽ رهجي ويو آهي، يا جن جانورن کي شڪار ڪري ماري غي ضروري مقصدن جي پورائي ڪرڻ لاءِ استعمال ٿو ڪيو وڃي.

تازو اقوام متحده طرفان هڪ ڪنوينشن (آن انٽرنيشنل ٽريڊ ان ڊينجرڊ اسپائينسر سائٽس) جي ڪيل معاهدي ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو آهي، جنهن تي 120 وڏن ملڪن جي ميمبرن جون صحيحون پڻ ٿيل آهن، جنهن تحت انڊونيشيا، چين، تائيوان، ڀارت ۽ اهڙن ملڪن کي جتي شينهن جو غيرقانوني شڪار ۽ واپار هلي رهيو آهي، انهن کي خبردار ڪيو آهي ته هڪدم پنهنجون بليڪ مارڪيٽون بند ڪري شينهن جي نسل جي بچاءُ ۽ واڌاري لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺن.

ورلڊ وائلڊ لائف ڪنزرويشن سوسائٽي جي سائنٽيفڪ ڊائريڪٽر شيلر جو چوڻ آهي ته جانورن جو غير قانوني شڪار ۽ بين الاقوامي واپار صرف قاعدن، قانونن جي خلاف ورزي وارو ڏوهه ڪونهي، بلڪه هي قدرت جي ماحول جي بربادي ۽ بي رحمي جي هڪ دل ڏکائيندڙ داستان پڻ آهي.

ٻارو: اڄ اُتم تهذيب جي هن ترقي يافته معاشري ۾ جتي اهڙا ظالم ماڻهو آهن، جيڪي جهنگلي جانورن کي مارين ۽ کپائن ٿا ته اُتي اهڙا به رحمدل انسان هن دؤر ۾ موجود آهن، جيڪي پنهنجا ذاتي ڪردار ادا ڪري ۽ وس آهر ڪوششون ڪري جهنگلي جانورن کي مارڻ بدران اُنهن جي سار سنڀال ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙن ماڻهن جون بين الاقوامي سطح تي ڪافي تنظيمون وجود ۾ اچي ويون آهن، جيڪي هر سال ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري  جانورن لاءِ قائم ڪيل مخصوص علائقن ۾ نه صرف حفاظت بلڪ اُنهن جي نسل جي جياپي ۽ واڌاري لاءِ به ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن جو شاندار مثال ڀارت جي آنجهاني وزيراعظم شريمتي اندرا گانڌي جي ڪيل ڪوششون جو نتيجو آهي، جنهن پنهنجو رحمدلانا ڪردار ادا ڪري شينهن جهڙي ناياب جانور کي بچائڻ ۽ نسل وڌائڻ لاءِ 1972ع جي ڏهاڪي م پنهنجي ملڪ ڀارت ۾ پروجيڪٽ ٽائيگر (Project Tiger) نالي سان هڪ اسڪيم شروع ڪئي، جنهن تحت ڀارت ۾ 21 خاص علائقا قائم ڪيا ويا جن ۾ شينهن جا 3750 جوڙا رکيا ويا آهن، انهن علائقن ۾ شينهن کي سندس زندگيءَ جو گهربل ماحول ۽  حفاظت جوڳا بندوبست ڪري ڏنا ويا آهن، ويهه سالن جي عرصي ۾ ان پروجيڪٽ تي ٽي ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن، جنهن تحت شينهن جو نسل وڌي رهيو آهي، هن وقت ڀارت ۾ 60 سيڪڙو شينهن موجود آهن، ماڻهو جي انهيءَ انسانيت يا ماڻهپي کي جيڪو سڀني ساهوارن لاءِ وقف هجي ڀل مانسائي چئبو آهي.

پيارا ٻارو! ڪيترن ئي ملڪن ۽ قومن، قائدا ۽ قانون پاس ڪري شينهن جهڙي بهادر ۽ ناياب جانور جي شڪار ۽ واپار تي سخت پابندي وجهي ڇڏي آهي، تنهن هوندي به ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ شينهن جو شڪار ۽ واپار هلي رهيو آهي، جي ائين ٿيندور هيو ته اُهو ڏينهن پري ناهي جو شينهن جهنگ جي بجاءِ صرف ٽي وي، فلم، سرڪس، راڻي باغ جي پڃرن، آکاڻين جي ڪتابن يا وري پوءِ خوابن جي دنيا ۾ ئي نظر ايندا، جنهن جو واضح مثال ته اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ شينهن صرف سرڪس ۽ راڻي باغ جي پڃرن ۾ ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com