سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :105

 ٻاجهريءَ جو ان ٻئي ان کان گهڻو رکيو ويندو هو، ڇو ته ان جي گهرج ٻئي اناج کان گهڻي پوندي هئي. گهوڙن جي داڻي ۽ مال جي کاڌي لاءِ ٻاجهري ئي بهترين خوراڪ هوندي هئي. ٻاجهري جا ڪُهر رڌي مال کي کارايا ويندا هئا ۽ سارو سال ان لاءِ ٻاجهري جي گهُرج پوندي هئي. تڏهن ڪڻڪ کائڻ جو ايترو رواج نه هو. وچولي ۾ جوئر ۽ اسان جي پٽ هالا ۾ ٻاجهري ئي مکيه ان هو، جنهن جو عام استعمال ٿيندو هو. هاري ۽ همراهه ته شڪايت ڪندا هئا ته ڪڻڪ مان سندن شڪم نه ٿو پلجي. کير، مکڻ، لسي ۽ ڌونرو رڳو ٻاجهري جي مانيءَ سان مزو ڏيندو هو.

سياري جي موسم ۾ هالن جي سڄي شهر ۾ صبح سويري ٻاجهريءَ جي رٻ رڌي ويندي هئي. چانهه کي ڪابه اهميت ڪانه هئي. چانهه رڳو تڏهن استعمال ڪبي هئي، جڏهن ڪنهن کي ٿڌ يا بخار ٿيندو هو، جنهن لاءِ چانهه چپٽي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ وجهي بيمار کي جهُنڊ ڪرائي اُٻ ڏني ويندي هئي. ٻيءَ صورت ۾ چانهه جو نالو به ڪونه ورتو ويندو هو. ٻاجهريءَ جي رٻ ٻن طريقن سان ٺاهبي هئي. هڪ ڏاري جي رٻ ۽ ٻي ڪُٽي جي رٻ. ٻاجهري کي جنڊ ۾ ڏري، ڏارو ٺاهيو ويندو هو ۽ اُکري مُهري ۾ ڪُٽي ڪُٽو ڪيو ويندو هو. ڪُٽي جي رٻ البت ڏاري جي رٻ کان وڌيڪ لذيذ ٿيندي هئي، خاص ڪري جڏهن ان ۾ مکڻ وجهبو هو. ٻاجهريءَ جي رٻ صبح جو سوير سيءَ ۾ نيرن به هوندي هئي، ته چانهه جو به ڪم ڏيندي هئي. سياري ۾ کَني رڌڻ جو به رواج هوندو هو.

چانورن جيان، ٻاجهري کي رڌي ۾ ان ڳائو گوشت وجهبو هو ته ٻاجهري جو پلاءُ ٿي پوندو هو، جنهن کي عرف عام ۾ کني چوندا هئا ۽ نهايت لذيذ ٿيندي هئي. گهرن ۾ عام جام نيرن ٻاجهريءَ جي مانيءَ لسي مکڻ سان ڪرڻ ۾ ايندي هئي. البت منجهند جي ماني ڪڻڪ جي پچائي ويندي هئي. شهري خوشحال عورتون گهرن ۾ ڊڳڙ، اُڦراٽا، ۽ چلا پچائينديون هيون. ڳاڙهي ۽ اڇي جوئر مان ڦُلا ڀوڳڙين کان ٺهرايا ويندا هئا ۽ ڳڙ ۾ ڦلن جا مُٺيا ۽ ڳڙڌاڻيون به ٺهرائبيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ذائقي وٺڻ خاطر جوئر جي ماني به پچائي ويندي هئي، جيڪا ڪنهن حالت ۾ ٻاجهري کان گهٽ نه هوندي هئي. چانورن جون ريون جي بچنديون هيون سي پيهائي منجهانئس به مانيون پچايون وينديون هيون، خاص طور چانور جا چلا نهايت خوش ذائقي ٿيندا هئا. گڏوگڏ سانئون پنهنجو ٿيندو هو، جنهن مان ڪڏهن ڪڏهن ماني به پچائي ويندي هئي، نه ته اڪثر ڪري سانئين جي ڏاري ۾ مٺاڻ وجهي ٻاٽ ٺاهيو ويندو هو، جو کيرڻيءَ جي لذت بخشيندو هو. انبڙيءَ جو سانڌاڻو عام طرح غريب ماڻهو سنڌيندا هئا ۽ ڳنڌڻ بدران، ماني سانڌاڻي سان کائي ويلو پاري ويندا هئا. خوشحال گهرن ۾ ڪدو، ميهن، پتائي گجرن، بصر، ساون مرچن، ليمن، گوار، ڏونر، موري، گوگڙن ۽ سرنهن جي ڳنرن جي سانڌاڻي جون وڏيون وڏيون چاڏيون، برنيون ۽ مربان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. انبڙين مان تيل جو آچار، سرڪي جو آچار، ۽ چٽڻي ۽ مربو ٺاهبو هو.......... منهنجو چاچو ڪنهن ڪنهن سال باغ به مقاطعي تي کڻندو هو. پوءِ ته انب، سنڌي ڏاڙهون، ليما، زيتون، صوفي ٻيرن جا گهر ۾ انبار لڳي ويندا هئا.

تڏهن مخدومن جا شهر ۾ ٻه عمدا باغ هوندا هئا. هڪ اوريون يا پراڻو باغ ۽ ٻيو پريون يا نئون باغ. پراڻو باغ ته بلڪل تعلقي آفيس جي پريان هو، جنهن جي ڏکڻ الهندينءَ ڪُنڊ تي مخدوم صاحب جن جو هڪ ننڍو بنگلو ٺهيل به هوندو هو. هينئر نه اتي بنگلو رهيو آهي ۽ نه باغ. باغ وڍائي اتي زمين آبادي ڪئي وڃي ٿي. ٻيو نئون باغ جو ٿورو پرڀرو هوندو هو، سو نهايت هڪ اعليٰ درجي جو باغ هو، هن باغ ۾ چونڊ انبن جا وڻ پوکيل هوندا هئا، جن تي مختلف نالا رکيل هوندا هئا – مثلا؛ ڄمون، سدا گلاب، مصري، پتاشو وغيره، ڄمون جنس جي انبن مان سواد به ڄمون جو ايندو هو ۽ خوشبوءَ به ڄمون واري هوندي هئي. سدا گلاب کائبو هو ته عرق گلاب جي سڳنڌ ايندي هئي. هڪ انب جو وڻ هوندو هو، جنهن جا انب پال نه وجھبا هئا. ان جون انبڙيون ڪچيون ئي کائبيون هيون، جن کي ڪَچَ مٽي جون انبڙيون چئبو آهي. تنهن سڪار واري زماني ۾ عام انبڙيون ٻن اڍائي آني سير جڙنديون هيون، تڏهن به ڪچي مٺي هڪ هڪ انبڙي جو ملهه ٻه آنا هوندو هو. کائبي هئي ته ڄڻ ناريل جو سواد هوندو هو. مخدوم صاحب جن هن وڻ جن انبڙيون گھڻي انداز ۾ پنهنجي لاءِ مخصوص رکندا هئا ۽ دوستن احبانن کي سوکڙي طور ڏيندا هئا. هن باغ جي مقاطعي لاءِ تمام گھڻا گراهڪ شائق هوندا هئا ۽ بلڪل چـڱي اگھ ۾ ويندو هو.

سُگھڙ ۽ ٻهگڻ مايون عمدا طعام ۽ مٺايون به ٺاهينديون هيون. ڪڻڪ مان لپئي ۽ مٺيون موڻيون ۽ ڏيتڙا، ڌاڻن جي مغز مان پنجيري ۽ چوري بنائينديون هيون، جنهن ۾ خوب مغزيات پيل هوندا هئا، جي موسم سرما سياري لاءِ معجون جو ڪم ڏينديون هيون. رمضان شريف جي ويجھڙائي ۾ ڪڻڪ جو معدو پيهايو ويندو آهي، جنهن مان سيون جڙنديون هيون، جي مايون رات جو ڪم ڪار کان وانديون ٿي گڏجي دلن جي پُٺي تي چاڻا رکي هٿن سان ٺاهينديون هيون. تڏهن اڃا سيون ٺاهڻ لاءِ هٿ جون مشينون رائج نه ٿيون. ڪي حلاوين کان ڪڻڪ جو نشاستو ڪڍايو ويندو هو. حلوائي گھڻو ڪري هندو هوندا هئا، جنهن مان حلوي جا ٿالهه سچي گيهه مان ٺهرائبا هئا. ڏونگھين، بوهي چڻن ۽ کاڄن جو وڙو به گھر ۾ ٺاهيو ويندو هو. لاهوري گجرن کير ۾ رڌي سيرو بنايو ويندو هو. پنهنجي ڳئون ۽ مينهن جي پس مان پس جا ٿالهه ۽ ٻرهيون بنايون وينديون هيون.

ٻني مان جڏهن کرا کڄي ويندا هئا ته پوءِ ٻار تي تهن جا ڍير لڳا پيا هوندا هئا، جن تي بٺارن، داين ۽ اوڏن جا گڏهه بيٺل نظر ايندا هئا ۽ کورن وارا ونئڻاٺيون وڍي ويندا هئا. ڪانا وڃي دنين ۾ گڏ ٿيندا هئا. تنهن زماني ۾ بئراجن جو پاڻي ڪونه هو، جنهن جا وارا ٻڌل هئا ۽ وارن ۽ ماڊيولن تان لٺيون لڳن، بلڪه خون به ٿين. سڀڪو پنهنجي پوک کي پنهنجي گھرج موجب پياري پچائي راس ڪندو هو.

1990ع ڌاري منهنجا چاچا، پيء، ماما، ڀائر سڀ گڏ هوندا هئا. ڪُني پاٽ هڪ هوندي هين. ٻار جو ڄم مائٽن لاءِ خوشيون ۽ اميدون کڻي ايندو هو. غريب توڙي امير، اولاد خاص ڪري پٽ پيدا ٿيڻ تي گھڻو ئي خوش ٿيندو هو. مائٽ گھڻيون خوشيون ڪندا هئا ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيندا هئا. خوشحال ماڻهو دستور موجب کنڊ جون ڳوڻيون خريد ڪندا هئا. آئي وئي زال زنب، ٻار ٻچي ۾ ٻڪ کنڊ ورهائبي هئي. لنگھا، خشيٰ خقير آيا، دهل شرنايون وڄيون، فقير فقرو، غريب غربو پنهنجي قسمت وٺندو هو. ڍوئڻا ملندا رهيا. دايون مايون  پنهنجا لاڳ دعائون ڪنديون هيون. ڇٺيون ٿينديون هيون، منڻ ٿيا، جھنڊيون لٿيون، عقيقا ٿيا. ڪي ڪي مائٽ پڙهيل اولاد کي هنج ۾ کڻِي ڪنن ۾ ٽي ٽي ٻانگون ڏيئي نالو رکندا هئا.

تڏهن 1906ع ڌاري ڪي ويم گھر نه هئا ۽ نڪي ڊاڪٽرياڻيون ۽ نرسون هيون، سنڌي دايون ويچاريون هونديون هيون، جيڪي پنهنجي ڪم ۾ ڪافي مهارت رکنديون هيون ۽ ويايل عورت جي خاصي خدمت ڪنديون هيون. سوئانجي جو سارو وقت آڍ مک ۽ ڦڪيون سُتيون ڪنديون هيون. سونئانجي واري عورت کي هيٺ پاٿاري ٺاهي ڏينديون هيون، ۽ هاڻوڪي وقت جيان کٽ تي نه سمهاريو ويندو هو. ڄاول ٻار کي به پنهنجي ماءُ پنهنجي ڀر ۾ هڪ منجي تي رلڪن ۽ تنجڻن ۾ پنهنجي پاسي ۾ سمهاريندي هئي، ۽ منهن رکڻي يا ڪوٺاري سيراندي کان ڏيئي مٿان شبنم يا ململ جو ڪپڙو وجھي ڇڏبو هو، ته ٻار تي ڪي مک نه ويهي ۽ ٻار پُر اطمينان ۽ سڪون سان آرام ڪري....... ٻار کي روزانو صبح جو دائي اچي آڍيندي مکيندي هئي. ٻار جي مٿي ويهارڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا ويندا هئا، ڇو ته سنڌ ۾ ناريلي مٿو پسند نه ڪيو ويندو هو. گرائيپ واٽر ۽ فوڊ پيارڻ جو نالو نشان به ڪونه هوندو. ماءُ جي ٿڃ بيشڪ امرت رس آهي. اڍائي ٽن سالن تائين ماءُ ٻار کي ٿڃ پياريندي هئي. مکڻ جو دَڪو ٻار کي کارايو ويندو هو، ان ۾ مڍاڻ يا ڦڪي ملائي ويندي هئي، جيڪا جوهر جي ٽڪين، فوٽن ۽ مصري کي ڪٽي ڇاڻي ميدي جهڙي ڪري رکبي هئي.

هالن نون کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي ۽ هالن پراڻن جي بلڪل ويجھو ۾ ٻيلي جي ڀر تي ڀچا قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا، جي مالوند هئا ۽ سندن گذر کير، مکڻ، ۽ ڏڌ  مکڻ وڪڻڻ تي هوندو هو. شام جو مرد ماڻهو کير جا ساڙها ڀري هالن جي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ ايندا هئا ۽ ڏينهن جو سندن قبيلي جن مايون چاڏيون ڏڌ مکڻ جون کڻي شهر جي جدا جدا پاڙن ۾ ورڇجي وينديون هيون.

مخدومن جا عام مختيار هوندا هئا، جن کي فيصلن ڪرڻ جو اختيار هوندو هو، اهي ڇوٽا موٽا فيصلا ڪندا هئا.

گھرن ۾ پينگھا به هوندا هئا، جن ۾ ماڻهو ويهي لطف وٺندا هئا،.......... ڪي ماڻهو اهڙا ته پهلوان هوندا هئا، جيڪي اڍائي مڻي ڳوڻ کي ڀاڪر۾ وجھي کڻي ڪلهي تي رکندا هئا. پر اهي به چرس جي نشي جي نشي جي عادت ۾ گھيرجي ويندا هئا.

ماتا کي مائي ماتا چوندا هئا. 1910ع ڌاري هالن ۾ ماتا موذي مرض پوري زور سان منهن ڪڍيو. مائي ماتا ٻرندڙ باهه جيان سڄي شهر کي وڪوڙي وئي. شهر ۾ اهڙو گھر ڪونه هيو، جتي مائي منهن نه ڪڍيو. ننڍن ٻارن تي هن بيماري جو حملو ٿيو ۽ ڪيترائي معصوم هن مرض ۾ فوت ٿي ويا. بيماري ڪارڻ سيئرا نڪرندا هئا، جيڪي گھڻو ڪري ٽن ڏينهن اندر وسي وڃڻ تي حالت نازڪ ٿي پوندي هئي....... ۽ ٻار بيهوش ٿي مري ويندا هئا. ماتا جو تڏهن ڪو به علاج ڪونه هو ۽ نه ئي علاج ڪيو ويندو هو. هندو عورتون گھرايون وينديون هيون، جي واس ڌوپ ڪنديون هيون! ماتا کي راضي ڪرڻ جا هندوري ۾ ويهي ڀڄن يا گيت ڳائينديون هيون. نيٺ ڪڙيون ٻجڻ لڳنديون هيون. بدن جي چمڙيءَ ۾ سيٽ ۽ باهه شروع ٿي ويندي هئي. ڪچيون ڪڙيون پيا پٽي لاهيندا هئا. جنهن تان مائٽ سخت روڪيندا هئا. ۽ ٻارن جا هٿ پير ڪپڙي سان ٻڌي ڇڏيندا هئا. ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ مايون مبارڪون ڏيڻ اينديون هيون. اڪثر مايون انهيءَ ڳالهه تي متفقي هونديون هيون ته ڪچي ڪڙي جتان به لاٿي هجيم اتي سرمو دٻي ڇڏيو. نڪرندڙ سيئرن جي حملي ۾ ڀوري مان ڪڻڪ رنگو بنجي ويندا هئا. ڪجهه سال تائين مُنهن تي سيئرن جا نشان رهندا هئا. پوءِ نشان مٽجي ويندا هئا.

مائٽ ٻارن لاءِ پيسيءَ (ڪنجهي) جا وٽا، ٿالهيون ۽ بيو سامان وٺي ايندا هئا ۽ ڪجهه مينا تي چٽيل گلاس ۽ سُرمي دانيون به  وٺي ايندا هئا.

رواج موجب ٻار پنجن سالن جو ٿيڻ کان پوءِ اول سڀڪو مائٽ ٻارن کي قرآن پاڪ جي ناظران تعليم ڏياريندو هو ۽ پوءِ ابتدائي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاربو هو. گهرن ۾ آخوندياڻيون به هونديون هيون، جيڪي گهرن ۾ ٻارن کي پڙهائينديون هيون. پڙهائي تمام پڪي پختي هوندي هئي. ٻار وڏي آواز سان پڙهندا ۽ ڪابه زير زبر جي چُڪ ڪندا هئا، ته پري کان ئي درست ڪندي هئي. ٻارن کي انگ ۾ اڪثريت نياڻين جي هوندي هئي. بسم الله جي مٺائي ورهائي ويندي هئي............. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ مدرسا موجود هئا. هالن نوان شهر ۾ به ڪافي کٿاب هوندا هئا، جن ۾ مدرسن ۾ گهڻو ڪري ٻارن کي قرآن شريف جي تعليم ڏني ويندي هئي. هن ڪم لاءِ هرهڪ ڀرپور محلي ۾ آخوندياڻيون هونديون هيون، جيڪي پنهنجي گهرن ۾ ٻارن کي پڙهائينديون هيون. ڇوڪرين کي اسڪولي تعليم اڪثر نه ڏياري ويندي هئي ۽ کين اسڪولن ۾ موڪلڻ عيب سمجهيو ويندو هو. اهوئي سبب هو جو نياڻين جا مڪتب ڇوڪرن جي مڪتبن کان گهڻا هوندا هئا، جن ۾ ڪجهه ننڍڙا نينگر به پڙهايا ويندا هئا. البت وڏن ڇوڪرن لاءِ مسجدن ۾ پڙهائڻ جو بندوبست هوندو هو. شهر هالن نون ۾ عارباڻي پاڙي، ڪڪن جي محل، عالياڻي گهٽيءَ ۽ ٻين هنڌن تي نينگرين جا وڏا مڪتب هوندا هئا ۽ خليفي جي مسجد، ڪڪن جي مسجد ۽ قاضي سليم الدين مرحوم جي مڪتب ۾ انهن جو چڱو بندوبست هوندو هو.

قرآن ناظران پڙهڻ کان پوءِ نياڻين کي باب، نُورنامو ۽ احدنامو پڙهايو ويندو هو ۽ ٿورو سنڌي لکڻ پڙهڻ، جي تعليم به ڏني ويندي هئي. ايتري تعليم کان پوءِ ڇوڪريون ڏهن يارهن سالن جي ڄمار کي پهچي وينديون هيون ۽ والدين کين گهر ۾ ويهاري ڇڏيندا هئا ۽ کين گهريلو ڪم ڪار جي تربيت ملندي هئي، ڇوڪرن کي والدين سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرائيندا هئا ۽ ڪي مائٽ اسڪول ۾ موڪلڻ کان وڌيڪ کين عربي مدرسن ۾ تعليم ڏيارڻ جو شوق رکندا هئا، جتي قرآن پاڪ جي حفظ ڪرائڻ جو به مڪمل بندوبست هوندو هو. هالن نون ۾ اهڙو سال ڪونه هوندو هو، جنهن ۾ هڪ يا ٻن قرآن جي حافظن جي حافظي نه ٿيندي هئي........ جڏهن مدرسن ۾ هڪ يا ٻن قرآن جي حافظن جي حافظي ٿيندي هئي، ته مسجدن ۾ جيڪي مدرسا هوندا هئا، اُتي مجلسون ڪوٺايون وينديون هيون ۽ نئين حافظ کي رڪوع شريف پڙهايا ويندا هئا ۽ حافظ توڙي استاد کي دستار ٻڌائي ويندي هئي ۽ شڪراني جي مٺائي ورهائي ويندي هئي.

اُهي شاگرد جيڪي عربي پڙهندا هئا، سي فارسي آمد نامه، دوآيه، ڪريما کان شروع ڪندا هئا ۽ سڪندرنامه پوري ڪرڻ کانپوءِ عربيءَ جو درس وٺڻ شروع ڪندا هئا. هن طريقي کي درس نظامي چئبو هو. هن طريقي ۾ چوڏهن پندرهن سال لڳي ويندا هئا. هينئر عربي طريقي جي دستار فضيلت ٻڌندو هو. اهڙي‎ءَ طرح عام مسلمانن جو الله ۽ رسول ۽ ان جي دين متين ڏي گهڻو ڌيان هوندو هو. ’قال الله و قال الرسول‘ جو دور دورو ڪنن کي سيبائيندو هو. عربي مدرسا به هالن ۾ چڱا هوندا هئا. مولوي قاضي معين الدين، خليفو مولوي حاجي محمد، مولوي حافظ محمد اڪرم انصاري ۽ قاضي شهر مولوي شفيع محمد مجاور، درس تدريس جو سلسلو قائم رکيو پئي آيا. پر هينئر ٻارن کي سلام مسنون ”اسلام عليڪم“ عيوض والدين ”باءِ باءِ ٽاٽا“ سيکارڻ ۾ فخر ڪن ٿا ۽ اما، ابا جي بدلي ”ڊئڊي ۽ ممي“ چوندي خوشي محسوس ڪن ٿا. چراغ سفالين (ٺڪر جي ڏيئن) ۽ بوريانشيني (تڏن تي ويهي) ڪنڌ ڌوڻي پڙهڻ تي ٺٺوليون ڪن ٿا.

رواج موجب کٿاب جي ٻارن کي ڳڙ جي تاهري رڌي کارائي ويندي هئي. ذهين ٻارن کي قرآن پڙهڻ ۾ ٻه سال لڳي ويندا هئا، نه ته اڪثر نياڻيون ته ٽي يا ساڍا ٽي سال ۾ قرآن ختم ڪري وينديون هيون. قرآن پاڪ ناظران پڙهائڻ جو دستور اهو هوندو هو جو اول اول ٻارن کي قرآن پاڪ جي آخري سيپاري جو پوئي ايمي ياد پڙهائي ويندي هئي. پهرين پاره جي سورة فاتح پڙهي پوءِ ’قل اعوذ برب الناس‘ کان ٿي هلبو هو ۽ ’لم يکن الذين‘ تائين ياد پڙهايو ويندو هو. پوءِ ٽيهون سيپارو کڻايو ويندو هو ۽ باقاعدي سيپاري تائين پڙهائي شروع ڪئي ويندي هئي. هن سيپاري جي اختتام تي پنج سيپاري کڻائي ويندي هئي، جنهن ۾ سورهن کان ٽيهه سيپارا پورا ڪيا ويندا هئا. پوءِ قرآن پاڪ وٺايو ويندو هو، جيڪو ”الم“ کان شروع ڪري پنجويهه پاره تائين هليو وڃبو هو. پهرئين ايمي ياد ڪرڻ تي استاد کي مٺائي ڏني ويندي هئي. سيپاري پوري ڪرڻ تي رئو ڏبو هو. اڌ قرآن تي سڄو جوڙو ۽ سڄي قرآن پُڄائڻ تي هڪ عمدو جوڙو، مٺائي ۽ ڪجهه روڪڙ ڏني ويندي هئي. قرآن ختم ڪرڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه دور ۽ وڌ ۾ وڌ ٽي دور قرآن پاڪ جا مڪتب ۾ پورا ڪرڻ لازمي هو، جنهن کان پوءِ آخوند يا آخوندياڻيءَ کي مٺائي ڏيئي دعا وٺي موڪلائبو هو.

پيٽ جي سور لاءِ جوَهرَ جون ٽڪيون کارائبيون هيون......... جيڪي ٻار پڙهائي کان گوٿناٿ ڪندا هئا، تن کي ٽنگوٽالي ڪري مڪتب ۾ نيو ويندو هو. ڪنن ۾ زه وجهي ٽنگڻ، بند ڏيڻ، ماڪوڙا چنبڙائڻ جهڙيون ڀوائتيون سزائون تجويز ڪيون وينديون هيون.

ڪٿي ڪٿي اهو به وهم هوندو هو ته مساڻن يا قبرستان ويجهو موجود ڪنڊي جو وڻ ڳرو آهي، تنهنڪري ڪوبه ان ۾ نه ويندو هو...... ماڻهو ڪنڊيءَ جون سُڪل سڱريون، جيڪي ڇڻي وينديون هيون، تن کي ڊپ کان ڪونه کائيندا هئا.

مائٽ ٻارن کي پڙهائڻ کان نٽائڻ يا اجايو گهر کان ٻاهر رهڻ تي ٻارن کي ماريندا هئا........ عام طور تي رات جو چانور ڀت کير کائبو هو. ۽ ڀت توڙي ماني کائڻ کان اڳ هٿ ڌوئڻ سنت سمجهيو ويندو هو...... ڪي فقير ڦٽل جاين ۾ اوتارا ٺاهي رهندا هئا... ڪنهن ڦٽل ڪوٺي بابت عام تصور هوندو هو، ته اُتي جنن ۽ روحن جو واسو آهي. ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ کين چيو ويندو هو ته کين سزا طور اُتي پوريو ويندو....... فقير لٺ کڻي پنڻ لاءِ نڪري پوندا هئا.

جيڪي ٻار پڙهڻ کان گُسائيندا هئا يا پڙهائي ۾ جڏا هوندا هئا، ته سندس والدين خاص ڪري مائرون ڪنهن پير، سيد يا سندن گهرواريءَ کان رڪيبون ٿالهيون لکائي پيارينديون هيون، تعويذ ٻڌندا هئا. کٿاب ۾ قرآن شريف جا ختما ڪڍائبا هئا. پاڻي پڙهائي پيارينديون هيون.

مڪتبن ۾ ٻارن کي مارڪٽ پڻ ڪئي ويندي هئي.......... ’استاد جي مار، ٻار جي سنوار‘ تي عمل ڪيو ويندو هو...... مائرون ٻارن لاءِ پيرن، سيدن جي گهوارين کان ڪاريون ڊاکون به پڙهائي رکنديون هيون، جيڪي ٻارن کي روزانو صبح سانجهه کارائبي هئي.

صبح جو اسڪول شروع ٿيڻ تي گهنڊ لڳندو هو، ته سمورا شاگرد قطارون ڪري بيهندا هئا. ويهڻ لاءِ بينچون هونديون هيون. پڙهائي اڌ ڏينهن هلندي هئي. رانديون رونديون ٿينديون هيون. راڳ روپ ٿيندا هئا. نصابي ڪتاب باتصوير هوندا هئا. سليٽن تي ٻارن کي ابتدائي لکڻ سيکاريو ويندو هو. ڪلاس ۾ تصويرون ٽنگيل هونديون هيون. جهلي ٽنگيل هئي. ڪنڊر گارٽن جون شيون هيون. لڏڻ لاءِ پينگهه هونديون هيون..... اسڪولن جي نالي کان مائرون ٻارن کي ڊيڄارينديون هيون ۽ ٻار اسڪول جي نالي کان ٽاهه کائيندا هئا (هينئر به) ۽ اسڪول کي هڪ ڀيانڪ ۽ ڊيڄاريندڙ جاءِ تصور ڪيو ويندو هو.

ڪنوار کي ڏکي چٽي، اٽو مکي (اُٻٽڻ)، تڀلوڪڙيون ڪڍي، عطر مکي سهڻو ڪيو ويندو هو. ڳهه ڳٽا نوان ڪپڙا پارائي ڳاڙهي ڪنوار ٺاهيو ويندو هو. ساٺ سنوڻ ڪيا ويندا هئا، ڳيچ ڳايا ويندا هئا.

اسڪول واقعي دلچسپ ۽ وندر جي جاءِ هئي، پر اُن کي ماسترن جهنم بنايو هو. رولن ۽ نيٽن جي سٽ ڪُٽ ڪري، معصوم ٻارن جي نازڪ پُٺن تي نشان ۽ هٿن تي سُوڄ، مُنهن تي چماٽن جي ڌڪن جا نير، ڪنن ۾ هٿ وجهي اُٿ ويهه ڪرائڻ، هڪ ٽنگ تي بيهارڻ، بُبين ۾ چُهنڊڙيون پائڻ، ڪن مروٽڻ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بينچ تي اُٿاري بيهارڻ، مُڪون ۽ لتون هڻڻ، ڪُڪڙ بنائڻ، ميز جي خانن ۾ هٿ وجهائي زور سان خانا بند ڪرڻ، وار پٽڻ، بند ڏيڻ، ڪوٺيءَ ۾ پورڻ ۽ ان کان پوءِ مقعد تي ماڪوڙا چُهٽائڻ ۽ ڳاڙها مرچ وجهڻ ۽ ابتو ڪري ٽنگڻ جا سکڻا دڙڪا، ٻارن جي ساهه سڪائڻ لاءِ ڪافي کان وڌيڪ عقوبتون هيون، جن سان ڪيترن ٻارن کي دوچار ٿيڻو پوندو هو.......سرندي هلندي پُڄندي وارن ۽ هوشيار شاگردن کي مارڪٽ نه ڪئي ويندي هئي. سرندي وارا خاص ڪري ماسترن کي چوندا هئا ته اُهي سندن ٻارن کي سزا ڏيڻ کان پرهيز ڪن......... هٿن جي آڱرين ۾ پينسل يا پين ڦاسائي آڱرين تي زور ڏبو هو. ڪنن جي پاپڙين کي مهٽي ٻارن کي سزا ڏبي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org