سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :3

ايليئٽ ۽ ڊائوسن

 نيرون ڪوٽ يا بيرون ڪوٽ

 

قديم سنڌ ۾ نيرون ڪوٽ نئرون ڪوٽ جو ماڳ اهڙو آهي، جنهن جي جاگرافيائي بيهڪ بابت پڪ سان ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي. هن جا ڪيترائي سبب آهن. هن لفظ جي پهرين پد جو نقطو بحث جو موضوع بڻيل آهي. پر فرينچ عالمن هن لفظ کي ابوالفدا جو نقل ڪندي هميشه ”بيرون“ ڪري لکيو آهي. جڏهن ته انگريزن، الادريسي جي تقليد ڪري ”نِير“ يا ”نيرون“ کي ترجيح ڏني آهي.

امڪان اهو آهي ته فرينچ عالمن هن لفظ جي پڙهڻي کي انهي ڪري ڦيرايو آهي ته جيئن هن ماڳ کي ابو ريحان البيروني جي جنم ڀومي ثابت ڪري سگهن. پر ايئن سمجهڻ لاءِ ڪيترا اعتراض ٿي سگهن ٿا. پهريون اعتراض اهو آهي، ته ابو ريحان خوارزمي هو. ڪيترن ئي بهترين مؤرخن کيس خوارزمي لکيو آهي. هندستان جي جاگرافيائي بيان ڪرڻ وقت گهڻيون غلطيون سنڌ بابت ڪيون آهن. هن ڪڏهن به ڪونه لکيو آهي، ته سنڌ سندس جنم ڀومي آهي. اُهو ڪٿي لکيل ڪونه ملندو، ته سنڌ اندر ”بيرون“ نالي ڪو ٿاڪ آهي.

ڏيهي مؤرخن هميشه ”نيرون“ لکيو آهي ۽ ان جي جاگرافيائي بيهڪ بابت سندن ڪيترائي بيان ڏسڻ ۾ ايندا. ابوالفدا اُن کي واقعي ”بيرون“ جي هِجي ۾ لکيو آهي. پر ان جي اختيار ڪيل اهڙي هِجي جي صحت ۾ موجوده دور جي عالمن کي گهڻو شڪ آهي. ڇاڪاڻ ته هو ڏوراهين ڏيهه جو رهاڪو هو. هو مڪي مڪرمه ۽ مصر کان سواءِ شام کان ڪيڏانهن به ٻاهر ڪونه ويو. تنهنڪري هن هميشه ٻين جو اُتارو ڪيو ۽ ٻين جي ڏنل غلط معلومات جو نقل ڪيو آهي.

اصطخري، ابنِ حوقل ۽ اشڪال البلاد جي ڏنل هِجي به هروڀرو ويساهه جوڳي ڪونه آهي. چچ نامو ۽ تحفة الڪرام هتان جون ڏيهي تاريخون آهن، جن هن لفظ جو پهريون اکر ”نه“ سان لکيو آهي، ۽ ان جي پٺيان ”ي“ آهي. پر اُهو پتو ڪونه ٿو پوي، ته هن جي صحيح هِجي، نئرون، نِيرون يا نيرون آهي. پر اها سو پڪ ٿئي ٿي، ته اها نه بيرون آهي نه بيِرون، نه وري بئرون ئي آهي.

راءِ گهراڻي جي ڏينهن ۾ نيرون، برهمڻ آباد جي صوبي جي حدن اندر هو. هتان جي رهاڪن عربن کان اڳواٽ ئي امان وٺي ڇڏي هئي. ڇاڪاڻ ته هيءُ ٿاڪ سنڌ تي ڪاهه واري گس تي واقع هو. ديبل جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم منجنيقون ۽ ٻيو جنگي سامان درياهه وسيلي نيرون ڪوٽ رواني ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پوءِ ان جنگي سامان سان ڀريل ٻيڙيون سنڌ ساڱري وارو ڪوٽ رواني ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پوءِ ان جنگي سامان سان ڀريل ٻيڙيون سنڌ ساڱري وارو وهڪرو ڏئي مٿي ويون هيون، ۽ پاڻ سيسم جي قلعي ڏانهن وڌيو هو. محمد بن قاسم ديبل کان نيرون ڪوٽ روانو ٿيو. هي ماڳ ديبل کان پنجويهه فرسنگ پري هو. هو ڇهه ڏينهن سفر ڪري ستين ڏينهن نيرون پهتو ۽ باروزي نالي جوءِ ۾ به بلهار (ولهار) واري جاءِ تي اچي منزل ڪئي هئائين. ان وقت تائين سنڌوءَ ۾ اڃا چاڙهه ڪونه آيو هو. مسلمان فوج پاڻي نه هئڻ حيران ۽ پريشان هئي. اُهي دعائن وسيلي پاڻي جي اڻاٺ واري آپدا کان آجا ٿي ويا ۽ وڏڦڙي جو وسڪارو شروع ٿي ويو. ڍنڍون ڍورا، تَليون ترايون سڀ پاڻي سان پُر ٿي ويون. شهر ۾ به سرهائي ڇائنجي وئي. هو اُتان کانپوءِ سيوستان ڏانهن راهي ٿيو. ڪيترين منزلن کان پوءِ بهرج نالي هڪ ماڳ وٽ پهتو، جنهن کي موج به سڏيو ويندو هو. هيءُ ماڳ نيرون کان ٽيهه فرسنگ پري هو.

سيوستان ۽ ٻُڌيه جي جنگي مهم کان پوءِ حجاج بن يوسف کيس موٽي نيرون اچڻ جو حڪم ڪيو هو ۽ کيس چيو هئائين، ته اُتان سنڌوءَ پار ڪرڻ جون تياريون ڪري. اهڙي حُڪم پهچڻ کان پوءِ هو تيز رفتاريءَ سان منزلون هڻندو اُن قلعي وٽ پهتو هو، جيڪو نيرون نالي هڪ ٽڪريءَ تي اڏيل هو. ڀرسان صاف ۽ شفاف پاڻي جي ڍنڍ ۽ ٻيلو هو. هيءُ قلعو گاديءَ واري هنڌ جي وڌيڪ ويجهو هو. درياهه پار ڪري هو قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ اُتي پنهنجي فوج رهايائين، ته جيئن فوج پُٺ واري پاسي ۽ منزل جو بچاءُ ڪري سگهجي.

اصطخري ۽ ابن حوقل جو بيان آهي، ته نيرون، ديبل ۽ منصوره جي وچ تي آهي ۽ پوئين ماڳ جي وڌيڪ ويجهو آهي. جيڪڏهن ڪو مسافر منصوره ويندو آهي ته کيس منحابريءَ وٽان درياهه پار ڪرڻو پوندو آهي. هيءُ ماڳ درياهه جي اُلهندي ڪنڌيءَ سان آهي. ۽ منصوره ساڳي وهڪري جي اوڀر پاسي آهي. هنن کان پوءِ جي جاگرافيدانن سندن نقل ڪيو آهي ۽ پنهنجي طرفان ٿورو ڪجهه واڌارو به ڪيو اٿن. الادريسيءَ به هن ماڳ کي اُلهندي ڪنڌيءَ سا ڏيکاريو آهي. ابوالفدا جو بيان آهي، ته اهو ماڳ منصوره کان پندرهن فرسنگن جي پنڌ تي ۽ 40 – 26 ڊگري ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. هن اهو بيان بيرونيءَ جي ”قانون“ جي حوالي جي آڌار تي لکيو آهي.

پڪ سان چئي سگهجي ٿو، ته نيرون ڪوٽ وارو ٿاڪ سنڌوءَ جي اولاهينءَ ڪنڌيءَ سان واقع هو. محمد بن قاسم اُتان نه رڳو درياهه پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر ڏاهر کي به جڏهن ديبل جي فتح جي سڌ ملي، ته پنهنجي پُٽ جئسيه کي به چيو هئائين، ته هو به اُتان نيرون وٽان درياهه اُڪري برهمڻ آباد هليو وڃي. گڏوگڏ ڪتاب جي متن سان گڏ اصطخريءَ ۽ ابن حوقل ۽ اشڪال البلاد ۾ ڏنل اندر به نيرون ماڳ نظر اچي ٿو. پر ڊي ائنِول هن ٿاڪ کي درياهه جي اڀرندي پاسي ڏيکاري ٿو. هي هڪ ويساهه جوڳو عالم آهي. پر هن جي بيان خلاف وڌيڪ سگهاريون شاهديون موجود آهن.

هاڻوڪي دور ۾ نيرون واري ماڳ جو حيدرآباد وٽ هجڻ ممڪن ئي ڪونه آهي. اهڙيون ڳالهيون تحفته الڪرام ۽ ٻين انگريز سياحن ڪنهن سوچ ويچار بنا لکيون به آهن. توڙي ڦليليءَ کي سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو به تسليم ڪيون، پر مختلف ماڳن کان نيرون تائين جيڪي فيصلا ٻڌايا ويا آهن، تن مان پڪ پئجي وڃي ٿي، ته نيرون ڪوٽ حيدرآباد نه آهي.

هن ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ ٻين مشهور شهرن جهڙوڪ ديبل يا منصوره کان فاصلي ۽ طرف جي حساب سان به معلوم ٿي سگهي ٿي. منهنجو خيال آهي، ته منصوره حيدرآباد ۽ ديبل ڪراچي آهي. آءٌ پنهنجي اهڙي خيال جو اظهار مٿي به ڪري آيو آهيان. وڏو مدار فرسنگ جي ماپ تي به آهي، جيڪو مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار رهيو آهي. سنڌ ۾ پنڌ جو ماپو ڪوهن ۾ ڳڻيو ويندو هو ۽ في ڪوهه ۾ اڍائي ميل هوندا هئا. پنڌ جي ماپ جو اهو ساڳيو ماپو دجله واري علائقي ۾ هوندو هو ۽ اڃا تائين به رائج آهي. اڳئين زماني ۾ سفر جو پنڌ جو ماپو ڪوهن ۾ ڳڻيو ويندو هو ۽ في ڪوهه ۾ اڍائي ميل هوندا هئا. پنڌ جي ماپ جو اهو ساڳيو ماپو دجله واري علائقي ۾ اڃا تائين رائج آهي. اڳئين زماني ۾ سفر جو پنڌ هڪ اندازي مطابق قائم ڪيو ويندو هو ۽ ڪنهن مقرر ماپي کي اختيار ڪري صحيح فاصلو ٻُڌائي ڪونه سگهبو هو. اهڙي ريت سنڌي فرسنگ ٻن کان ٽن ميلن جي وچ تي ڪَٿيو ويندو هو ۽ ڪٿي به اهو ٻن کان گهٽ ۽ ٽن ميلن کان وڌيڪ ڪونه ڏٺو ويو آهي. وڌيڪ صحيح ائين ٿيندو، ته فرسنگ کي وڏي ماپي موجب ڪَٿبو وڃي، جيڪو لڳ ڀڳ ٽن انگريزي ميلن جي برابر وڃي بيهندو. پر پنڌ جو اهو ماپو سنڌ ۾ لاڳو ڪرڻ صحيح ڪونه ٿيندو. انهيءَ حساب سان سنڌ جي ٻين شهر- ديبل ۽ ٺٽي- جي به سڃاڻ ڪانه ٿي سگهندي.

هن قسم جي سوچ ويچار کان پوءِ منهنجي ذاتي راءِ اها آهي، ته نيرون ڪوٽ، جهڙوڪ ماڳ کان هيٺ ٺٽي- حيدرآباد رستي تي هيلايا ٿاڪ وٽ وڃي بيهي ٿو. ٻين ڪيترين ڳالهين ڪري به هن سڃاڻ ۾ ساڳيا ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن شهر جو ٽاڪرو علائقي ۾ آباد ٻيلي شهر سان سڌو لاڳاپو هو. سنڌو ماٿري ۾ هي هڪ اهڙو ماڳ هو، جيڪو راڄڌاني کي وڌيڪ ويجهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته ديبل کان پوءِ هي پهريون شهر هو، جتي عرب فوج خشڪيءَ رستي اول پهتي هئي. تاريخي حوالن مان اهو پڻ معلوم ٿيندو، ته انهي ٿاڪ ڀرسان ڍنڍون به هيون. اُن جو مثال ڪينجهر ڍنڍ جي موجودگي آهي. امڪان آهي جتي محمد بن قاسم جون روانيون ڪيل ٻيڙيون اچي لنگر ٿيون هيون، جن تي منجنيقون ۽ ٻيو جنگي سامان لڏيل هو.

تاريخي حوالن موجب نيرون، ديبل کان پنجويهه فرسنگ پري هو. هيلايا ۽ ڪراچيءَ جي وچ تي ستر ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي. اهو به ٻُڌايو وڃي ٿو، ته نيرون ٽڪري جي چوٽيءَ تي اڏيل هو ۽ سنڌو ڪٺار سان اهڙا مشهور معروف ماڳ تمام ٿورا آهن. ٻيو ته اهو ديبل ۽ منصوره جي وچ هو ۽ پوئين ماڳ جي وڌيڪ ويجهو هو. اُن ڏيٺپي تي به هيلايا وڌيڪ مناسب ماڳ معلوم ٿيندو. ان کان علاوه منصوره کان پندرهن فرسنگن جي فاصلي تي هو. حيدرآباد کان هيلايا جي وچ ۾ پنجٽيهن ميلن جي وٿي آهي، جيڪا حقيقت جي ويجهو آهي. هن سُڃاڻ جي پٺڀرائي لاءِ وڌيڪ ڀيٽوار اڀياس جي لوڙ ڪانه رهي آهي ۽ پڪ سمجهڻ کپي ته هيلايا ئي نيرون آهي. ڇو ته اهو ماڳ گهڻي فاصلي تي به ڪونه آهي ۽ اُهو ٿاڪ ڪڏهن حيدرآباد ته ٿي ڪونه ٿو سگهي.

هيءَ حقيقت به اهميت کان خالي آهي، ته هيلايا وارو ماڳ به قديم ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن جوءِ ۾ ٻه اهڙيون ٽڪريون ڏسبيون جن جي چوٽين تي آڳاٽي سمي سان لاڳاپيل وسندين جا اهڃاڻ ڏسبا. هي شايد اهو ماڳ آهي، جنهن کي مشهور يوناني مورخ ڊايوڊورس، هيالا يا هالا ڪري لکيو آهي. هيلايا کان پوءِ جهرڪ به اهو آڳاٽو ماڳ آهي، جنهن کي نيرون سمجهڻ ممڪن آهي ۽ هيلايا کان چوڏهن ميلن جي وٿي تي ٿيندو. ماڳ جي سڃاڻ جي مامري ۾ لکيل فاصلي جيترو پنڌ هجڻ هروڀرو به ضروري ڪونه آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته جهرڪ به نيرون لاءِ هڪ امڪاني ماڳ ٿي سگهي ٿو. هيءُ شهر ٽڪريءَ جي چوٽي تي سنڌوءَ جي صفا مٿان نظر ايندو. اڏاوت مان ائين پيو لڳندو، ته ڄڻ ڪو اهم ماڳ هوندو. جنهن جي پراچينتا جي پٺڀرائي هن ڳالهه مان ٿئي ٿي، ته سنڌوءَ جي ڪٺار سان ٻُڌ وِهار  جي پراڻي اڏاوت به موجود آهي. هتان جڏهن به ڪو سياح لنگهندو آهي، ته اها جڳهه کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي.

هالا ڪنڊي

هالا يا هالا ڪنڊيءَ جا ٿرڙ حيدرآباد کان ٽيهه ميل اُتر درياهه جي ڪٺار سان واقع آهن. جيڪي ”نوان هالا“ کان ڏکڻ اوڀر پاسي اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. جيڪڏهن هن ٿاڪ جو نالو چچ  نامي ۾ لکيل هجي ها، ته سمجهي سگهجي ها، ته ان شهر جو بنياد راجا هال رکيو هو. جڏهن ته ٽاڊ سما گهراڻي جي هڪ ٻئي سمي راجا جو ذڪر ڪيو آهي، سندس خيال موجب اُن ئي هن شهر جو بنياد رکيو هو.

منصوره – محفوظا

عام خيال اهو آهي ته برهمڻ آباد کان پوءِ منصوره هن علائقي جي راڄڌاني طور اُڀري آئي. اڄ اهو سمجهيو وڃي ٿو، ته اهو ماڳ ان جاءِ تي هوندو، جتي هاڻي حيدرآباد آهي. هي هاڻوڪي راڄڌاني انهي جاگرافيائي هنڌ تي نظر ڪانه ٿي اچي، جيڪا منصوره لاءِ بيان ڪئي وڃي ٿي. اها جاءِ هڪ ٻيٽ يا اپ ٻيٽ تي واقع هئي، جنهن جهڙو ٿاڪ هاڻي ڦليلي ڦاٽ ۽ سنڌو جي مکيه وهڪري ڪري بڻجي پيو آهي. چيو ويندو آهي ته ڄاڻايل ڦاٽ اڳي، اُن ماڳ کان گهڻو مٿي سنڌوءَ جي مکيه وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿيندو هو. بيگلارنامي جي حوالي موجب منصوره وارو ٿاڪ مٽياري ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هالا ۽ خدا آباد کي منصوره سمجهبو، ته اهو تمام گهڻو پري ٿي ويندو. هن ماڳن لاءِ اسان اڳتي وڌيڪ اُکيڙ ڪنداسين.

بلا ذري جو بيان آهي ته قديم برهمڻ آباد، منصوره کان ٻه فرسنگ پري هئي ۽ محمد بن قاسم جي حملي وقت اتي ٻيلو هو. عام طور تي ڏٺو ويو آهي، ته هند سنڌ جا قديم شهر پنهنجي اڏاوتي نقشي ۾ ڏنگا ڦِڏا ۽ آسيرا پاسيرا هوندا هئا. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو، ته برهمڻ آباد  شهر جو وڏو حصو منصوره جي والار هيٺ اچي ويو. انهيءَ مان معلوم ٿيندو، ته انهن ٻنهي شهرن جو نقشو ڏنگو ڦڏو آهي. حيدرآباد واري راڄڌاني جنهن ٽڪريءَ تي اڏيل آهي، تنهن جي اوچائي اسي فوٽ کن ٿيندي. تنهنڪري شهر به مٿاهينءَ تي اڏيل ڏسبو. پر هن شهر جو نقشو به ڏنگو يا پاسيرو آهي. هن کان هيٺين تهن واريون آباديون به ساڳيءَ ريت ڏِنگيون ڦڏيون آهن. مطلب ته سنڌو سڀيتا جي شروعات کان وٺي جيڪي به وسنديون، ڳوٺ يا شهر آباد آهن، سي سڀيئي پنهنجي اڏاوتي نقشي ۾ ڏنگا ڦڏا هوندا. ڊي ائنوِل قديم مينگر کي برهمڻ آباد جي ٿاڪن وٽ سمجهي ٿو ۽ ريناڊ به ان جي تقليد ڪئي.

عجائب المخلوقات جو بيان آهي، ته نصورپور، منصوره جي ماڳن تي اڏي وئي آهي، ڊي ائنول به ساڳي ڳالهه ورجائي آهي. ۽ مئڪمرڊو به ساڳي خيال جو آهي. ٽائفن ٿيلر، ونسينٽ، رينل، ٽاڊ، گائيلڊ ميسٽر، ابوالفضل جي لکڻي تي ويساهه ڪري غلطيءَ جو شڪار ٿي ويا آهن. جنهن ٻڌايو آهي ته منصوره، بکر جي ماڳن تي آباد هو. ريناڊ، بلاذري، مسعودي، اصطخري، ابن حوقل کي صحيح مڃيو آهي، پر ڊي ائنول، منصوره کي نصرپور واري جاءِ تي سمجهي ٿو. اها به هڪ حقيقت آهي، ته سنڌوءَ، منصوره جي ڀرسان وهندو هو ۽ اُن جي هڪ ڇاڙهه سندس چوڌاري گهيرو ڪري وهندي هئي. اها ڳالهه سڀني جاگرافيدانن قبول ڪئي آهي. اها هڪ اهڙي پڪي ثابتي آهي، جو نصرپور واري ڳالهه کي هڪدم رد ڪري سگهجي ٿو، جيڪا سنڌوءَ جي وهڪري کان ٻارهن ميل پري آهي.

بلاذريءَ جو بيان آهي، ته حُڪم، ڍنڍ جي هندستان جي طرف واري ڪناري تي محفوظ جو شهر آباد ڪيو هو. ان کانپوءِ سندس جانشين عمروءَ اُن ڍنڍ جي ٻئي يعني الهندي ڪناري منصوره شهر آباد ڪيو هو. جيڪو محفوظا جي آمهون سامهون ڍنڍ جي ٻئي پاسي هو ۽ اُتي سنڌ جي راڄڌاني مقرر ڪيائين. ايم. ريناڊ جو بيان آهي، ته محفوظا راڄڌاني (برهمڻ آباد) جي اوسي پاسي ان ڍنڍ جي ڪناري آباد هئي، جنهن کي سنڌوءَ مان پاڻي ملندو هو. خبر نه آهي ته هن ڪهڙي ذريعي جي آڌار تي ائين چيو آهي. ڇاڪاڻ ته منصوره، برهمڻ آباد کان ٻن فرسنگن جي فاصلي تي آباد هئي. پر ايم. رينارڊ به پنهنجي بيان ۾ صحيح آهي، جيڪو چوي ٿو ته بعضي ٻنهي شهرن کي هڪ ماڳ طور ظاهر ڪرڻ واسطي به ڪتب آندو ويندو هو. اُتي ٻئي نالا گڏي به استعمال ڪيا ويندا هئا. ابن حوقل ۽ بيروني به ٻنهي کي هڪ ٻئي بدران ڪتب آندو آهي. پر ايتري لکڻ کان پوءِ اهو ضرور ورجائيندا هئا، ته محفوظا ڍنڍ جي اوڀر ڪناري، جڏهن ته منصوره سامهون ڍنڍ جي ٻئي ڪناري سان آباد هئي. هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو چِٽو بيان ٿي سگهي ٿو، جنهن مان محفوظا  جي جاگرافيائي بيهڪ جي سُڃاڻ نروار ڪري سگهجي.

هاڻوڪي دور جا مؤرخ نصرپور جي عام هِجي ”ناصر پُور“ ٻُڌائين ٿا. ٻڌايو وڃي ٿو ته سلطان فيروز شاهه تغلق جي هڪ امير هيءُ شهر تعمير ڪرايو هو، جيڪو ساڱري درياهه جي ڪناري سان واقع هو. پر وڌيڪ صحيح ايئن ٿيندو، ته پراڻي شهر کي نئين سر اڏايو ويو هو. کيس دهلي جي تغلق سلطان 751هه (1350ع) ۾ هڪ هزار لشڪر ڏئي انهيءَ مقصد سان موڪليو هو ان کان پوءِ نصرپور ۾ ترخان رهندا هئا. هن گهراڻي پنهنجي مختصر حڪومتي دور ۾ شهر کي ڏاڍو سهڻو بڻايو. چوڏس باغن جي بهاري لڳي پئي هوندي هئي.

مٿي ڄاڻايو ويو آهي، ته منصوره پنهنجي اڏاوتي نقشي ۾ برهمڻ آباد سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هاڻي اسان کي هيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻي پوندي ته اُهي ماڳ حيدرآباد کان گهڻو پري ڪونه هئا. منصوره کي حيدرآباد جي ماڳن وٽ سمجهڻ لاءِ ٻين ڪيترن سببن کان وڌيڪ اهم ثبوت ۽ سبب هي آهي ته اصطخري ۽ ابن حوقل ٻڌائين ٿا ته هيءُ شهر هڪ ميل ڊگهو ۽ هڪ ميل ويڪرو هو ۽ سنڌوءَ جي هڪڙي ڇاڙهه هن شهر جي چوڌاري گهيرو ڪري وهندي هئي. قزوينيءَ جو به اهو ساڳيو بيان آهي. اشڪال البلاد ۾ به اهڙو نقشو ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ ڏٺو ويندو، ته اهو ماڳ سنڌوءَ جي مکيه وهڪري تي واقع آهي. پر مسٽر ائنڊرسن جي ڏنل ابن حوقل جي نقشي مطابق اهو مٿي ڄاڻايل ٻنهي ماڳن جي وچ تي نظر اچي ٿو. هن ٻيٽ جيان ماڳ جا پاسا وڏا ضرور آهن، پر جنهن نموني ڦليلي ڇاڙهه ۽ سنڌوءَ جو وڏو وهڪرو وهي ٿو ۽ جهڙي طريقي سان ٽڪري تي حيدرآباد شهر جو نقشو نظر اچي ٿو، تنهن مان به وسهجي ٿو، ته منصوره هن شهر حيدرآباد جي ٿاڪ وٽ واقع هئي.

گڏوگڏ ابن حوقل جيڪو فاصلو ٻڌايو آهي، سو به سواءِ هڪ ڳالهه جي هن ماڳ سان ٺهڪي بيهي ٿو. سندس بيان آهي، ته منصوره کان ديبل ڇهن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. ديبل لاءِ ڪٿي ٻئي هنڌ، ٻڌايو ويو آهي، ته ڪراچي جي اوسي پاسي ڪنهن ماڳ تي واقع هو. جيڪڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ واري فاصلي تي نظر ڪبي ته اهو ڇهن ڏينهن جيترو پنڌ ٿيندو. هن کان علاوه اهو چيو وڃي ٿو ته منصوره ۽ توران وچ ۾ پندرهن ڏينهن جيترو پنڌ هو. حيدرآباد ۽ مٿي ڄاڻايل ماڳ جي وچ ۾ فاصلو به ايترو ٿيندو. منصوره ۽ قندابيل (گنداوا) جي وچ ۾ اٺن ڏينهن جي پنڌ جيترو فاصلو هو. اڄ به حيدرآباد ۽ گنداوا جي وچ ۾ اُهو ساڳيو فاصلو آهي. اهو به ٻُڌايو وڃي ٿو ته: ”جيڪو به منصوره کان ٻُڌيه ڏانهن ويندو، ته کيس سيوهڻ تائين سنڌوءَ جو ڪنارو ڏسي سفر ڪرڻو پوندو.“

تاريخي حوالن مان معلوم ٿيندو، ته منصوره جو ماڳ سنڌوءَ جي ڪٺار سان واقع هو، تنهن کي نصرپور سمجهي نٿو سگهجي. جيڪو درياهه کان پري واقع آهي. منصوره کان کنڀات ٻارهن ڏينهن جيتري پنڌ جو فاصلو هو. هي فاصلا ته ڊگها ٻُڌايا ويا آهن. پر انهن شهرن ڏانهن  ويندڙ گس، رڻ پٽن مان گذرندا هئا. منزلون ڊگهيون ۽ منزل ڪرڻ وارا ماڳ ٿورا هوندا هئا. تنهنڪري سفر  نهايت تيز رفتاريءَ سان ڪيو ويندو هو. وڌ ۾ وڌ ڊگهو پنڌ منصوره ۽ ملتان جي وچ وارو فاصلو هوندو هو، جيڪو ابن حوقل جي بيان موجب: ٻارهن ڏينهن جي فاصلي تي هوندو هو. ٻنهي ماڳن جي وچ ۾ چار سئو ميل پنڌ ٿيندو. ٻارهن ڏينهن جي حساب سان هڪ ڏينهن جو پنڌ ٽيهه ميل بيهي ٿو، جيڪا تمام وڏي منزل آهي. سراسر منزل ٽيهه ميل هجڻ ڏاڍي ڏکي ڳاهه آهي، پر ناممڪن ڪانه آهي، ڇو ته اُتي به سنڌ جيان اُٺ تمام گهڻا آهن.

بيروني اهو فيصلو هن ريت ٻڌائي ٿو: ملتان ۽ ڀاٽي جي وچ وارو فاصلو پندرهن فرسنگ، ڀاٽي کان الور پندرهن فرسنگ ۽ الور کان منصوره ويهه فرسنگ ۽ منصوره کان لوهراڻي بندر ٽيهه فرسنگ آهي. مٿي ڄاڻايل فاصلي مطابق منصوره ۽ ملتان جي وچ وارو فاصلي پنجاهه فرسنگ ٿئي ٿو. پر هيءُ فاصلو گهڻو گهٽائي ڏنو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو، ته هڪ فاصلو ملتان علائقي جي دنگ سان ۽ ٻيو خود شهر سان لاڳاپيل هجي. هن مثال جيان ٻيون به ڪيتريون ئي غلطيون ڏسڻ ۾ اينديون، جن لاءِ ڪو ظاهري سبب نظر ڪونه ايندو ۽ اهڙيون غلطيون ابن حوقل ۽ بيروني جهڙن ويساهه جوڳن مصنفن ۾ پڻ ڏٺيون وڃن ٿيون ۽ اهڙين غلطين لاءِ ڪو اطمينان جوڳو سبب به ڪونه ڏسبو. مسعوديءَ جو ٻُڌايل فاصلو ڪجهه مناسب معلوم ٿيندو، جنهن جو بيان آهي ته: منصوره ۽ ملتان جي وچ ۾ پنجهتر فرسنگ جو فاصلو آهي. سندس ٻُڌايل فاصلو ٻين جاگرافيدانن طرفان ڏنل فاصلي کان وڌيڪ مناسب نظر ايندو.(3)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org