سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :4

ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ

 

نيرون جو شهر

 

نيرون ڪوٽ، جيئن عرب ليکڪن ڄاڻايو آهي، سنڌ جي راڄڌاني منصوره ۽ ديبل بندر جي اهم شهرن وچ ۾ موجود هو. اهو شهر باقوت الحماوي طرفان نيروز جي نالي سان پڻ ڄاڻايو آهي. جيڪو شايد فارسي جي نالي ’نيمروز‘ جو بگڙيل روپ هجي. نيرون يا بيرون شهرن سان جُڙيل عربي ٻولي جو اڳياڙي وارو ”ال“ لفظ، شايد سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ساسانين طرفان، شهر تي رکيل فارسي نالي ڏانهن اشارو ڪري ٿو. نيرون، منصوره ڏانهن ويندڙ رستي تي مهراڻ نديءَ (سنڌو) جي اوڀر ندي ڪناري تي موجود هو. اهو لاڙ واري ڀاڱي ۾ وڃڻ لاءِ پَتڻ يا چنگي ناڪي طور استعمال ٿيندو هو.

مختلف تاريخدانن توڙي ليکڪن وٽان مليل وچور يا ڄاڻ مان واضح اشارا ملن ٿا، ته نيرون ڪوٽ ٻُڌ شمني نالي پروهت هٿ هيٺ هڪڙو شاهوڪار ۽ خوشحال شهر هو، جيڪو ديبل ويجهو بُديل ابن تحفتاح البجلي جي موت کان پوءِ، ڳجهيءَ طريقي سان حجاج بن يوسف سان لهه وچڙ ۾ آيو هو. نيرون تي عربن طرفان حملو نه ڪيو ويو، پر عرب لشڪر جي اچڻ تي شهر واسين آڻ مڃي قلعو سندن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ کين ڏنّ ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو هو. انهي ڳالهه جي البلاذري ثابتي ڏني آهي ۽ ان ثابتي جي اليعقوبي، الطبري، ابن الاطهر ۽ ابن خلدون تائيد ڪئي آهي. اهو ساڳيو موقف پوءِ واري دور جي فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب چچ نامي ۾ پڻ ملي ٿو. سنڌو ماٿريءَ ۾ عرب دور جي حڪومت دوران نيرون ۾ المسعودي، الاسطخري، ابن حوقل ۽ بشاري پڻ پير پاتو هو. ۽ انهن سڀني نيرون ۽ سندس ڀرپاسي وارن علائقن جي زرخيزي جي ساراهه جا ڍُڪ ڀريا آهن.

چچ نامي مطابق، نيرون جبل جي هڪڙي ٽڪريءَ تي اڏيل ڪوٽ هو ۽ ان جي آس پاس هڪڙي ڍنڍ يا واهه هو، جيڪو ايڏو موڪرو هو، جو منجهانئس سنڌ فتح ڪندڙ محمد بن قاسم جي جنگي ٻيڙن سولائي سان هاڪاريو هو.سر هينري ايليٽ، نيرون جي شهر کي جهرڪ واري ماڳ وٽ سمجهي ٿو، ۽ ڪينجهر (هاڻي ڪلري ڍنڍ) کي اُهو تلاءُ سمجهي ٿو، پر ڏٺو وڃي ته ڪينجهر کي سنڌو درياهه سان ڪوبه ناتو نه آهي. ساڳيءَ ريت قديم دور جي جاگرافيدانن طرفان مفاصلي بابت جيڪي بيان ڏنا ويا آهن، سي مختلف ماڳن جي وچ ۾ صحيح مفاصلي سان سهمت نٿا ٿين. سنڌ جي ڪنهن ماڳ کي نيرون شهر واري ماڳ جي حيثيت سان سڃاڻپجڻ، عرب دور جي شهرن المنصوره، ديبل ۽ ٻين شهرن جي ماڳن جو صحيح ڪاٿو لڳائڻ تي آڌار رکي ٿو. منصوره جو ماڳ هاڻي شهدادپور ويجهو ’دلور جي ڀڙو‘ جي کنڊرن وٽ ڳولهي لڌو ويو آهي، پر اڃا ديبل جي بنيادي ماڳن جو فيصلو ڪرڻو آهي. پاڪستان جي قديم آثارن واري کاتي، ڀنڀور جي ماڳن کي ديبل جي حيثيت سان سڃاڻڻ ڪئي آهي، پر اوائلي دور جي عرب ليکڪن جا ڏنل بيان انهيءَ ڳالهه کي ثابت نٿا ڪن.

الاسطخري لکي ٿو ته نيرون، ديبل ۽ منصوره جي وچ واري ماڳ تي موجود هو، ۽ مفاصلي ۾ منصوره کي ويجهو هو. اها ساڳئي ڳالهه ابن حوقل پڻ پنهنجي لکڻين ۾ ڄاڻائي آهي، جنهن سنڌ جو نقشو پڻ ڏنو آهي، جنهن ۾ نيرون شهر جو ماڳ سنڌو درياهه جي اولهندي ڪناري تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هوڏانهن الادريسي ٻُڌائي ٿو ته نيرون ننڍڙو ۽ گهٽ آبادي وارو شهر هو، پر سندس قلعو مضبوطيءَ سان جُڙيل هو. هن جو چوڻ آهي، ته اُتي وڻڪار گهٽ هئي، پر مجموعي طور تي ماڻهو ڏاڍا آسودا ۽ سهنجا هئا. هو وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته نيرون جو شهر، سنڌ جي راڄڌاني منصوره کان ٽن ڏينهن جي مسافري تي واقع هو، پر ياقوت الحماوي، نيرون کي ديبل ۽ منصوره وچ ۾ ڄاڻائي ٿو، ۽ ديبل کان نيرون شهر تائين پنجن ڏينهن جو مفاصلو ٻڌائي ٿو. پراڻي جاگرافي اسڪيل موجب نيرون جي حالت ٻياسي ڊگريون ويهه فوٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ ٽيويهه ڊگريون ٽيهه فوٽ اُتر ويڪرائي ڦاڪ هئي، جيڪا هاڻوڪي جديد سائنسي ماپ سان هڪجهڙائپ نٿي رکي. جاگرافيدانن جي عام لکت مان اشارو ملي ٿو، ته نيرون ڪوٽ ۾ جيتوڻيڪ وڻڪار گهٽ هئي، پر ڀرپاسي وارا علائقا زرخيز هئا. الادريسي جي لکت مان وڌيڪ معلوم ٿئي ٿو، ته نيرون، سنڌ جي بکر، سيوهڻ، ٺٽي سميت ٻين شهرن جي اُڀرڻ ڪري پنهنجي اهميت وڃائي رهيو هو.

نيرون شهر جي سڃاڻپ  لاءِ، اوائلي ليکڪن جي مهيا ڪيل انگن اکرن کي جيڪڏهن ڀيٽائي ڏسبو، ته اسان کي رڳو هڪڙو ئي اهڙو شهر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو حيدرآباد جو جديد شهر آهي. ابن الفدا طرفان نيرون جو مفاصلو، ديبل کان پنجويهه فرسنگ ۽ منصوره کان پندرهن فرسنگ ڄاڻايو ويو آهي. جيڪو الاسطخري ۽ ابن حوقل جي گهٽ پختن بيانن سان سهمت رکي ٿو. ميجر جنرل هيگ، جنهن سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ وسيع پيماني تي کوجنا  ڪئي آهي، تنهن پڻ نيرون واري ماڳ جي حيدرآباد سان سڃاڻپ ڪئي آهي. هُن انهي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ، اهو فرض ڪيل آهي، نيرون ڏانهن پيشقدمي ڪرڻ دوران محمد بن قاسم طرفان جن گهَٽن گهيڙن ۽ رستن تان گذريو هو، تنهن جي پوئواري ڪئي آهي، جيڪو شهر اوائلي ذريعن مطابق اُتر – اوڀر طرف هو. هو نيرون کي لاڙ واري علائقي ۾ رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته اهو شهر سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي جي مُنهن تي موجود هو. انهيءَ علائقي ۾ ٻيو ڪوبه اهڙو ماڳ موجود نه آهي، جنهن جي حيدرآباد کان سواءِ، نيرون سان ڀيٽ ڪري سگهجي. مسٽر هيگ پنهنجي کوجنا ۾ وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته راوڙ وارو ماڳ، حيدرآباد ضلعي جي تعلقي گوني جي فتح باغ واري علائقي ۾ آهي. تنهنڪري انهي حالتن هيٺ نيرون جو ماڳ هاڻوڪي حيدرآباد وٽ ڳولهڻ اڻٽر ٿيو وڃي. مسٽر هيگ انهيءَ ڳالهه تي پڻ زور ٿو ڏئي، ته سڪندر اعظم اصل ۾ جنهن واهه مان هاڪاريو هو، سو گهارو ڦاٽ جو ”کڏڙو“ واهه هو، جنهن بابت هن کي ويساهه آهي، ته اُها سنڌو درياهه جي گهڻو ڪري اوڀرندي ڇاڙهه آهي. ٻئي پاسي يوناني ليکڪن جي بيان مان پتو پوي ٿو، ته حيدرآباد وارو ماڳ شايد پٽالا واري ماڳ تي ٺهيل آهي، جيڪو سڪندر اعظم جي ڪاهه وقت لاڙ سنڌ جي گاديءَ وارو هنڌ هو.

آرئين ۽ ڪرٽيئس جي بيانن مان، معلوم ٿئي ٿو، ته ميسيڊونيا جي سڪندر، پٽالا کان سنڌو درياهه تائين 400 اسٽيڊيا (46 ميل) هاڪاريو هو، جڏهن هن جي سامونڊي فوج جي ڪمانڊ پهريون ڀيرو سامونڊي ڪناري تي پهتو هو. انهي بيان مان پتو پوي ٿو ته سڪندر اعظم جو فوجي ٻيڙو شايد هاڻوڪي جهرڪ ماڳ وٽ پهتو هوندو، جيڪو حيدرآباد کان زميني رستي سان ٽيهه ميل مفاصلي هيٺ آهي، ۽ سنڌو درياهه کان پنجيتاليهه يا اٽڪل 400 اسٽيڊيا ويجهو آهي. چيو وڃي ٿو ته سڪندراعظم ان ماڳ وٽ سُونهان حاصل ڪيا هئا، جنهن جي مدد سان هو سنڌوءَ ۾ هاڪاري ڏکڻ ڏانهن ويو هو، جو نيٺ هو وڃي گهاڙو يا کڏڙو ڪريڪ جي ڀرپاسي ۾ پهتو. هو ٽئين ڏينهن سمنڊ کان پنجاهه ميل اورتي واري علائقي ۾ وڃي پهتو، جتي کيس اهڙين سامونڊي لهرن اچي کنيو، جيڪي هن سنڌوءَ ۾ محسوس نه ڪيون هيون. سنڌو درياهه جو اولهندي ٻانهين جي ڇوڙ وارو علائقو، جيڪو گهاڙو ۽ کڏڙو ڪريڪ سان ملي ٺهي ٿو، سو سمنڊ کان زميني رستي وسيلي پنجٽيهه ميل ۽ پاڻي کان پنجاهه ميل پري آهي. سڪندر جو فوجي آرماڙ سنڌو درياهه وسيلي اهو مفاصلو شايد ٽئين ڏينهن پُورو ڪري اُتان پهتو هجي. انهن بيانن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته سڪندر جي فوج پٽالا کان سمنڊ تائين 113 ميل جيڪو پنڌ هاڪاريو هو، سو مفاصلو ارسٽيبيولس جي هڪ هزار اسٽيڊيا يا 115 ميلن جي ٻُڌايل ماپ سان اٽڪل هڪجهڙائي رکي ٿو.

ٽالمي موجب، سنڌو درياهه جي ڇوڙ وارن علائقن جو منهن، سنڌو درياهه جي اوڀرندي مُنهن اوسڪانا ۽ لوڻي- بارا جي وچ ۾ بلڪل اڌ تي هو. انهيءَ مان اها ڳالهه پختي ٿئي ٿي ته پٽالا ئي حيدرآباد وارو ماڳ آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي مهورتا (اوسڪانا) ۽ ڪوري ڦاٽ کان هڪجيتري مفاصلي تي آهي، ڇو ته اهو لوڻي ندي جو ڇوڙ پڻ آهي. اونيسڪريئٽس جي ڏنل تفصيل مان پتو پوي ٿو، ته سنڌو درياهه جو ڇوڙ ٽڪنڊي شڪل ۾ ٿيندو هو، جو اهي ٽيئي ڪنارا ساڳئي ڊيگهه ۾ هئا. ارسٽوبيولس طرفان ڇوڙ واري ڀاڱي جي وسعت هڪ هزار اسٽيڊيا (يا 115 ميل) مڃي وئي آهي، تنهن مان ڀانئجي ٿو ته اُهو مٿيون بيان نيئرڪوس جي 1800 اسٽيڊيا ۽ اونيسڪريٽس جي 2000 هزار اسٽيڊيا ڄاڻائڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مناسب آهي. کڏڙو کان ڪوري تائين صحيح سامونڊي ڪنارو 120 ميلن کان گهٽ آهي. حيدرآباد جو کڏڙو ڇوڙ کان مفاصلو 113 ميل آهي، ۽ سنڌو درياهه جو ڪوري ڇوڙ کان 117 ميل مفاصلو آهي. تنهنڪري پٽالا جو شهر، جيڪو ڇوڙ واري علائقي ۾ موجود هو، تنهن کي جديد حيدرآباد وٽ ڳولهي سگهجي ٿو.

پٽالا (يا پٽاليني) جو اصطلاح پوٽ (جهاز يا ٻيڙي) مان نڪتل آهي، ۽ اهو پاٽالا جو بگڙيل لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ٻيڙين يا جهازن جو پَتڻ يا بندرگاهه آهي. انهيءَ مان اهو پڻ ڀانئجي ٿو ته پٽالا جو اهو نالو، سنڌو درياهه جي ٻنهي ڇاڙن جي وچ ۾ واقع انهي علائقي تان ورتل آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڌين تي نغيري گُل ٿيندا هئا. اهي ٻئي ڇاڙون سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ پهچندي پهچندي، اڳتي ور وڪڙ کائي مُڙي بگل يا نغيري جي منهن جهڙو روپ ڌارينديون هيون. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي اها وصف سنڌو درياهه جي ڪوري ۽ کڏڙو ڇوڙ وارن ماڳن جي حالت سان ٺهڪندڙ لڳي ٿي. پٽالا جو شهر، جيئن ڄاڻايو ويو آهي، سنڌوءَ جي ٻن ڇاڙن جي وچ ۾ ڇوڙ واري علائقي جي منهن وٽ موجود هو، ۽ هينئر انهن علائقن ۾ ٻيو ڪوبه اهڙو ماڳ نه آهي. جنهن جي قديم پٽالا سان سڃاڻپ ڪري سگهجي. تنهنڪري حيدرآباد ئي اهو اڪيلو ماڳ آهي. جنهن جي اوائلي شهر پٽالا ۽ قديم نيرون ڪوٽ سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي.(4)

سنڌيڪار: حُسين بادشاهه

 

علي حامد ڪوفي

 

نيرون ڪوٽ عربن جي قبضي ۾

 

اروڙ جو شهر، جيڪو هند ۽ سنڌ جي راڄڌاني آهي، تنهن رونقدار شهر ۾ راءُ سهيرس بن ساهسي نالي هڪ راجا حڪومت ڪندو هو، جنهن وٽ گهڻا خزانا ۽ بيحد پوريل ناڻا هئا.... هن طرفان برهمڻ آباد جي مقرر ڪيل حاڪم هٿ هيٺ نيرون ڪوٽ هوندو هو....

ديبل جي رهاڪن راجا ڏاهر ڏانهن اروڙ ماڻهو موڪليو ته کيس بُديل جي ديبل اچڻ جي خبر ٻُڌائي. اُهو ماڻهو جيسينه بن ڏاهر کي، جيڪو نيرون ڪوٽ ۾ هو، خبر ٻُڌائيندو، ڏاهر ڏانهن ويو.... پوءِ ڏاهر، جيسينه کي چار هزار سوار، اُٺ ۽ هاٿي ساڻ ڏيئي جلدي روانو ڪيو،جيڪو اچي بُديل کي سامهون ٿيو. انهي وچ ۾ بُديل، ديبل جي بهادرن کي شڪست ڏيئي چڪو هو. جيسينه چار هاٿي ۽ ٻيو ساز سامان وارو لشڪر ساڻ ڪري آيو ۽ اچي لڙائي ڳنڍيائين. جنهن ۾ بُديل مارجي ويو..... جڏهن بُديل قتل ٿي ويو، تڏهن ڪوٽ نيرون جا ماڻهو اچي ڊِنا ته عرب جو لشڪر هن ظلم جي بدلي وٺڻ لاءِ ضرور ايندو، ۽ اسين سندن لَنگهه تي آهيون، جنهنڪري پهرين اسان تي ڪاوڙ ڇنڊيندا، ۽ اسان برباد ۽ تباهه ٿي وينداسون، انهي وقت نيرون جو حاڪم سُندر نالي هڪ شمني هو، تنهن ڏاهر جي اطلاع کان سواءِ پنهنجا معتبر ماڻهو حجاج جي خدمت ۾ موڪلي، امان نامو گهريو ۽ پاڻ تي ڍل مقرر ڪئي، جنهن لاءِ انجام ڪيائين ته وقت تي ادا ڪندو رهندو. امير حجاج انهن کي امان جو پروانو لکي ڏنو، ۽ مضبوط انجام سان دلجاءِ ڏيئي چيائين ته: ”اهڙيءَ طرح بندوبست ڪيو، جيئن اسان جا قيدي آزاد ٿين....“

پوءِ محمد بن قاسم لشڪر وٺي ديبل ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ وقت جيسينة بن ڏاهر، نيرون ڪوٽ ۾ هو، تنهن پيءُ ڏانهن لکيو: ته محمد بن قاسم عربستان کان لشڪر وٺي ديبل جي حدن ۾ پهتو آهي؛ مون کي اجازت ڏيو ته مان انهي سان جنگ ڪرڻ وڃان. ڏاهر، علافين کي گهرائي انهن کان صلاح پُڇي. علافين، ڏاهر کي چيو ته: محمد بن قاسم، حجاج جو ڀائيٽو آهي. هن سان بهادر لشڪر ساڻ آهي، جيڪي ناليرا بهادر، شريف زادا ۽ جنگي جوڌا آهن، جن چونڊ گهوڙن ۽ پُورن هٿيارن سان توهان جي لڙڻ واسطي تياري ڪئي آهي: خبردار! انهن سان سامهون نه ٿجو، ڇاڪاڻ ته هن وقت شام کان هڪ ماڻهو آيو آهي، جنهن ٻڌايو آهي ته عرب جي لشڪر جو هڪ هڪ سوار ڏاهر کان انتقام وٺڻ لاءِ آيو آهي. ڏاهر پُٽ کي انهن سان وڙهڻ جي منع ڪئي.....

جڏهن ديبل جي فتح جي خبر راجا ڏاهر بن چچ کي پهتي ته ديبل عرب جي لشڪر جي هٿ آيو، ۽ ديبل جو حاڪم ڀڄي جيسينه وٽ نيرون ڪوٽ هليو ويو، ۽ انهيءَ ماڻهوءَ شامين ۽ عربن جي بهادري ۽ دليري جون خبرون کيس کولي کولي ٻڌايون، تڏهن ڏاهر نيرون ڪوٽ ڏانهن جيسينه کي خط لکيو ته هن خط پڙهڻ شرط هڪدم مهراڻ ندي ٽپي، برهمڻ باد قديم ۾ اچي ڪوٽ نيرون تي شمني کي مقرر ڪري کيس قلعي جي حفاظت جو تمام گهڻو تاڪيد ڪري پوءِ محمد بن قاسم ديبل کان ارمابيل جي لڙائي جو ارادو ڪيو، ڇاڪاڻ ته کيس انهي رستي کان ڪوٽ نيرون وڃڻو هو. جڏهن منزل تي پهتو ته کيس راجا ڏاهر جو خط پهتو، جيڪو هن لکيو هو.....

ديبل فتح ڪرڻ ۽ بي انداز غنيمت حاصل ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم جي حُڪم فرمائڻ تي منجنيقون ٻيڙن ۾ رکي، نيرون جي قلعي ڏانهن روانا ٿيا. ٻيڙا انهي پاڻي مان، جنهن کي ساڪري جو نارو چون ٿا، ٿي نيائون ۽ پاڻ سيسم جي رستي کان ٿي ويا. جڏهن سيسم جي منزل وٽ پهتو ته اُتي حجاج کان انهيءَ خط جو جواب اچي پهتو، جيڪو پاڻ ديبل جي فتح بابت هن ڏانهن لکيو هو....

جڏهن محمد بن قاسم ديبل فتح ڪري نيرون ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن هنن (نيرون وارن) عرب جي لشڪر جي شڪست ۽ بُديل جي شهيد ٿيڻ وقت، حجاج سان عهدڪري پاڻ تي ڍل مقررڪرائي ڇڏي هئي. محمد بن قاسم ديبل کان ڪوٽ نيرون ڏانهن – جيڪو پنجويهن فرسنگن تي آهي-ڪاهي، ڇهه ڏينهن پنڌ ڪري، ستين ڏينهن اچي ڪوٽ نيرون جي ٻاهران پهتو. بروري جي پٽ ۾ هڪ چراگاهه آهي، جنهن کي بلهار (يعني ولهار يا وِي) ٿا چون، اُتي اچي منزل انداز ٿيو. اتي اڃا مهراڻ جو پاڻي نه آيو هو، جنهن ڪري لشڪر اُڃ کان دانهون ڪرڻ لڳو.... پوءِ مينهن وسڻ لڳو. انهيءَ شهر جي آس پاس جيڪي به تلاءَ يا حوض هئا، سي سڀ ڀرجي ويا. نيرون وارن ڪوٽ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. سندن سردار ۽ حاڪم شمني، ڏاهر ڏانهن ويل هو. محمد بن قاسم لشڪر جي گاهه جي تنگيءَ کان ڳڻتي ۾ پئجي ويو. پنجن ڇهن ڏينهن کان پوءِ شمني موٽي آيو، ۽ ٻه سردار حجاج جي پرواني سميت موڪلي ساڻن گڏ سيڌو ۽ گاهه پڻ روانو ڪري، انهن جي واتان پيغام موڪليائين ته: آءٌ توڙي هيءُ سمورو لشڪر ۽ رعيت دارالخلافت جا آهيون، ۽ امير حجاج جي پرواني جي حڪم موجب هتي ٽڪيل آهيون، ۽ سندس ٽيڪ، دلداري ۽ تربيت تي قائم آهيون، جنهن صورت ۾ آءٌ غير حاضر هوس، تنهنڪري رعيت  متردد ٿي دروازا بند ڪيا هئا. شمني اچڻ سان ڪوٽ جا دروازا کولرايا،....... ۽ ماڻهو لشڪر سان خريد و فروخت ڪرڻ لڳا.

محمد بن قاسم، بروري جي منزل کان، هن شمني جو شڪريو حجاج ڏانهن لکي، نيرون وارن جي وفاداري ۽ فرمان برداريءَ جي خبر ڏني. حجاج انهيءَ خط جي جواب ۾ کين دلداري ڏيارڻ جي ڏاڍي پارت فرمائي ۽ کين لکيائين: سندن آرام جي هر طرح ڪوشش ڪريو، ۽ کين اسان جي مهربانين جو اميدوار بنايو. الله پاڪ جي احسان ۾ اميد آهي ته تنهنجو قدم مبارڪ جتي به پهچندو، اُتي فتح ۽ ڪاميابي ٿيندي. جيڪو به توکان امان گهُري تنهن کي امان ڏج، ۽  جيڪي به بزرگ ۽ مکيه ماڻهو توسان اچي مِلن تن کي قيمتي خلعتن سان سرفراز ڪري پنهنجي احسان جي زير بار ڪج ۽ لياق آهي هرهڪ کي انعام اڪرام ڏيڻ واجب ڄاڻج؛ ۽ عقل کي پنهنجو رهبر بنائج ته جيئن ملڪ جا امير ۽ مشهور معروف ماڻهو تنهنجي قول تي پورو اعتماد رکن......

پوءِ محمد بن قاسم پنهنجي خاص ۽ مکيه ماڻهن مان ڪجهه اعتماد جوڳا ماڻهو نيرون جي قلعي ۾ موڪليا ۽ چيائين ته: اسان تي قلعي جي دروازن کي بند ڪرڻ، ڏاڍو برو اثر ڪيو، پر جڏهن غيرحاضري جو عُذر ٻُڌو ويو تڏهن ڪاوڙ ٺري ويئي...... ۽ توهان ڏانهن مهرباني ۽ عزت جو خيال ڪيو ويو آهي: تنهنڪري مقدم الدولته ڀنڊرکو شمني کي دلجاءِ ۽ تسلي سان حاضر ٿيڻ گهرجي: سندس حق ۾ مهربانيءَ ۽ تربيت جي ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي.

ٻئي ڏينهن جڏهن صبح صادق اونداهيءَ  جي پردي مان اطلس جو لباس پهري ظاهر ٿيو، تڏهن شمني پڻ بي انداز تحفن ۽ بي پايان نذرانن سان محمد قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿي رضامندي جي خلعت پهري، قلعي جو دروازو کولي محمد بن قاسم جي مهماني ڪيائين ۽ لشڪر کي اناج ڪشادو ملڻ لڳو. محمد بن قاسم قلعي تي هڪ گورنر مقرر ڪيو، ۽ ٻُڌ جي بُتخاني جي جاءِ تي هڪ مسجد ٺهرائي ۽ ٻانگ ۽ امام مقرر ڪيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، سيوستان وڃڻ جو ارادو ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org