سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :56

 1842ع ۾، سر چارلس نيپيئر، سنڌ ۾ انگريزي فوج جو سالار اعليٰ ٿيو. هو پهريائين ڪراچي آيو، جتان پوءِ جلد ئي حيدرآباد روانو ٿي ويو.............. 1843ع جي شروع ۾ خيرپور جي ٻن ٽالپرن- مير رستم ۽ مير مراد علي مراد- وچ ۾ ملڪيتي تڪرار شروع ٿيو، ته سر چارلس نيپيئر مير علي مراد جي مدد جو وعدو ڪيو. مير رستم خان اها خبر ٻُڌي ڀڄي وڃي حيدرآباد جي ميرن وٽ پناهه ورتي، جتي سر چارلس نيپيئر هن جو پيڇو ڪيو. حيدرآباد جي حڪومت ڏمرجي پئي ۽ مخالفت ڪرڻ جو خيال ڪرڻ لڳي. انهي سوانگ جي شروعات ۾، سنڌي فوج مقامي سفارتخاني تي اوچتو حملو ڪرڻ لڳي. انهيءِ سوانگ جي شروعات ۾، سنڌي فوج مقامي سفارتخاني تي اوچتو حملو ڪيو. ڪرنل آئوٽرام نهايت دليريءَ سان شديد مخالفت هوندي، ٻه ٽي ڪلاڪ دفاع ڪندو رهيو، پر پوءِ سنڌو نديءَ ۾ هڪ سرڪاري ‎آگبوٽ گهرائي ان تي چڙهي نڪري هليو ويو. ٽالپرن، ماڻهو گڏ ڪري ٽيهن هزارن سپاهين سان سر چارلس نيپيئر کي جهلڻ لاءِ جيڪو ان وقت هالا تائين پهچي ويو هو، حيدرآباد کان چئن ڪوهن جي فاصلي تي، مياڻي طرف وڌيا. سر چارلس سان ان وقت رڳو اڍائي هزار لڙاڪو سپاهي ساڻ هئا. پر اُهي سڀ نهايت تربيت يافته ۽ منظم سپاهي هئا. ٻئي پاسي ميرن جو لشڪر، تازو ڀرتي ڪيل بلڪ اڻ آزمودگار سپاهين جو هڪ هجوم هو، هنن جا سالار بي هنر هئا، جن کي لڙائي جي فن جي ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي. مياڻيءَ وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ ٽالپرن جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي ويو. سنڌي سپاهين چڱو منهن ڏنو ۽ دليري سان ترارين کان ڪم ورتو، پر هنن کي ڪنهن به قسم جي تربيت ڪانه هئي. ميرن پاڻ به لشڪر مان ڀڄي وڃي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناهه ورتي. فاتح سر چارلس نيپيئر، سندن پيڇو ڪري، مير خان جي ٽنڊي ۾ اچي ديرو ڄمايو؛ جتي مير وڃي هن جي اڳيان پيش پيا. ميرن جو آل و عيال ڦليليءَ جي پار هليو ويو ۽ سر چارلس نيپيئر قلعي تي قبضو ڪيو.

مياڻيءَ جي جنگ کان ڏيڍ مهينو پوءِ، ٽڙيل پکڙيل سنڌي سپاهي، شير محمد جي جهنڊي هيٺان اچي ڪٺا ٿيا ۽ هن انهن جي مدد سان حيدرآباد کان اٺ ميل پري، ٽنڊي الهيار واري رستي تي ”دباري“ (دَٻو) جي ڳوٺ وٽ سر چارلس نيپيئر جو مقابلو ڪيو. ٽالپرن وري به شڪست کاڌي ۽ شير محمد، دودي مري علائقي جي پهاڙي لڪن ڏانهن ڀڄي ويو........ مير شاهه محمد سپاهي ڀرتي ڪرڻ جي ارادي سان چانڊڪي ۽ ڪاڇي جو طرف ورتو...... پر هن کي پوءِ گرفتار ڪيو ويو.

ٿورن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، سر چارلس نيپيئر مون ڏي لکيو ته مان 24 مئي 1843ع تي، حيدرآباد ۾ درٻار ڪندس ۽ رڳو انهن جاگيردارن کي زمينن جي قبضي رکڻ جي اجازت ڏني ويندي. جيڪي درٻار ۾ شامل ٿيندا، باقي بين جون جاگيرون ضبط ڪيون وينديون. درٻار ۾ شامل ٿيڻ هر معزز ۽ باوقار شهري جو فرض آهي. ڪئپٽن پريڊيءَ مون تي بار رکيو ته سمنڊ کان وٺي ڪاڇي ۽ لاڙڪاڻي تائين، سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ واري علائقي جي سڀني سردارن، جاگيردارن ۽ معزز ماڻهن کي درٻار جو اطلاع ڏئي. تنهنڪري درٻار لاءِ دعوتناما موڪلڻ ۽ ٻيو ضروري انتظام منهنجي حوالي ڪيو.

اسان مئي مهيني جي 23 تاريخ حيدرآباد پهتاسين. درٻار ٻئي ڏينهن ٿي. ان ۾ خيرپور جو مير علي مراد به شريڪ ٿيو. هو پاڻ لاڙڪاڻي مان چانڊين جي سردار ولي محمد کي قيد ڪري وٺي آيو هو. پر پوءِ هن انگريز سرڪار جي اطاعت قبول ڪئي ۽ سر چارلس نيپيئر کيس آزاد ڪري ڇڏيو. جڏهن ڪئپٽن پريڊيءَ جو تعارف ڪرايو ويو ته ان وقت به نياز ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺس. پر چارلس نيپيئر مون کي غضبناڪ نظرن سان نهاري، ڪئپٽن پريڊي ڏي منهن ڪري هن کي ڪجهه انگريزيءَ ۾ چيو، جنهن جو مقصد هو ته ڪراچي پوليس جي سربراهه ليفٽيننٽ مارسٽن هن جي خلاف شڪايت ڪئي ته هي ڪراچيءَ ۾ جيڪي ڪاٺيون اچن ٿيون، سي سڀ خريد ڪري، ماڻهن کي ڏک ۽ تڪليف ٿو پهچائي.

1847ع ۾ ڪن يورپي ماڻهن، جن کي مون عمر ۾ ڪڏهن به ڪونه ڏکويو هو، منهنجي بيشمار ۽ اهم خدمتن جي عيوض، مون تي ظلمن مٿان ظلم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مون کي حيدرآباد جي ڪن شودن جي معرفت ڦاسائڻ جو منصوبو رٿيو. انهيءَ ارادي سان هنن انهن شودن تي هٿ رکڻ شروع ڪيو. انهن مان هڪڙو شودو اڀريو مل هو، جنهن جا ڪن مير شير محمد ڪنهن ٺڳيءَ جي ڏوهه ۾ ڪپايا هئا ۽ هو مون کان نو سئو رپيا ٺڳي ڪري وٺي ويو هو.........

سنبت 1927 جي مانگهه مهيني، مطابق جنوري 1871ع ۾، آئون پنهنجي ڀائيٽي آتمارام جي پٽ، فتحچند جي شاديءَ تي حيدرآباد ويس، شادي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي. اسان مهيني کان پوءِ حيدرآباد موٽي آياسين.

 

 ضميمو

سنڌ جي مقامي سفير وٽان گورنر جنرل جي سيڪريٽري ڏانهن

18 فيبروري 1839ع

سنڌ جو مقامي سفارتخانو

هن وقت حيدرآباد ۾ هڪ دکدائڪ حادثو ٿيو آهي... اسان گهڻي ڪوشش ڪئي هئي ته ڇانوڻي ۾ ڪو ڏيهي ماڻهو يورپي سپاهين کي شراب وڪرو نه ڪري، پر هڪ سنڌي لڪ چوريءَ شراب وڪڻندي پڪڙيو ويو. هن کي منهنجي تنبوءَ ۾ وٺي آيا. ان وقت اتفاق سان ٺٽي جو منشي مون وٽ ويٺو هو. هن کيس سمجهايو ته توکي سزا لاءِ نواب احمد خان ڏي موڪليو ويندو، جو تو هڪ اهم قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

مون حڪم ڏنو ته جيستائين هن کي احمد خان وٽ موڪلڻ جي فرصت ملي، تيستائين هن کي حوالات ۾ رکيو وڃي. رستي تي هن ترار ڪڍي ملڪ معظمه جي سترهن پيادل فوج جي هڪ ڪارپول تي قاتلاڻو حملو ڪيو. پر هن پنهنجي بندوق سان وار ٽاري ورتو. سنڌي جان بچائي دانهون ڪندو، تلوار ڦيرائيندو، ڇانوڻيءَ جي تنبن جي وچان وٺي ڀڳو. سترهن ديسي پيادل فوج جي هڪ سپاهي، ان وقت سپهه سالار جي سامان جي تنبن تي پهرو ٿي ڏنو، تنهن سنڌي کي ايندو ڏسي، تحسين جوڳيءَ ڦڙتائي سان بندوق ڀري، هن کي هڪ ئي ڌڪ سان اُتي جو اُتي ڪيرائي ڇڏيو.

هن جو لاش هڪدم اُتان کڻايو ويو. شام جو مون نواب کي چوائي موڪليو ته سر جان ڪين ۽ مون کي هن حادثي لاءِ نهايت ئي افسوس آهي، پر سنڌي هن اهم انجام لاءِ پاڻ ئي جوابدار آهي. تنهن هوندي به مان هن جي ٻارن کي لٽو ڪپڙو يا ڪا رقم، جيڪا نواب سمجهي، ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. نواب ۽ هن جا تمام ساٿي وڏيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. چون ته اسان جو همراهه ناحق ماريو ويو آهي، جيڪڏهن هن ڪا خطا ڪئي هئي ته کيس جيئرو گرفتار ڪرايو ها. (جيئرو تڏهن گرفتار ٿي سگهي ها، جڏهن ڪو سپاهي جان جوکي ۾ وجهي هن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ها.) وڌيڪ چيائون ته اهڙن حادثن لاءِ نورمحمد خان کي اسان ڪيترا ڀيرا معافي ورتي آهي. هاڻي هن ڳالهه کي ختم ڪرڻ لاءِ چڱو ايئن ٿيندو ته تون پاڻ فوتيءَ جي عزيزن کي ڪپڙا پهچائي ڏي. (19)


 

سر ايڇ. ايوان ايم. جيمس

 

ٽالپرن جي دؤر ۾ حيدرآباد

 

حيدرآباد سنڌ ۾، ڪراچيءَ کان پوءِ ٻيو مکيه شهر آهي..... سنڌ ۾ حيدرآباد ئي هڪ اهڙي جڳهه آهي، جتي چوني جو پٿر زمين جي مٿاڇري کي ڦاڙي ٻاهر نڪري آيل آهي. انهيءَ چوني جي پهاڙ تي هڪ مضبوط قلعو ٺهرايو ويو هو؛ جنهن کي ميرن جي نيڪالي کان پوءِ انگريز، بارودخاني طور ڪم آڻيندا هئا........ ڦليلي، سنڌونديءَ جي هڪ ننڍي شاخ آهي. هن وقت ان کي آبپاشي لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. اهو واهه، حيدرآباد کان لنگهي، ڪڇ جي رڻ تائين، هڪ وڏيءَ ايراضيءَ کي آباديءَ لاءِ پاڻي پهچائيندو آهي.

نصرپور، حيدرآباد کان اٽڪل سورنهن ميل اتر- اوڀر طرف آهي. ان جي آبادي اٽڪل 4500 ٿيندي. مشهور ۽ بااثر لغاري نوابن جي ڳوٺ جي ويجهو آهي. شهر قديم آهي. چون ٿا ته 989ع ڌاري نصير مهاڻي ٺهرايو هو. شهر ۾ ٽي مشهور مقبرا آهن. مقبرا نهايت مضبوط ٺهيل آهن. بنياد پٿر جو اٿن ۽ مٿان ڪاشيءَ جي سرن جو ڪم ٿيل اٿن. اهي ڏيڍ سئو سال اڳ، محمد شاهه نالي ڪنهن شخص جي يادگيري ۾ ٺهرايا ويا هئا. اتي هر سال ميلو لڳندو آهي، جتي هزارين مسلمان ايندا آهن. شهر ۾ ٽي مشهور پير رهندا آهن.

ٽالپرن جي دور ۾ حيدرآباد ۾ هندن جا اهڙا ڪارخانا هئا، جن جون شاخون بخارا، سمرقند، ماسڪو، پيٽروگراڊ، بلڪ قاهره ۽ لنڊن جهڙن ڏورانهن شهرن ۾ سندن رشتيدار سنڀاليندا هئا.........برهما جي بدنصيب ۽ اڀاڳن پوئلڳن کي، مذهب جي آزادي به ڪانه هئي! گهنڊ جو آواز ورلي ٻڌڻ ۾ ايندو هو؛ اجازت کان سواءِ گهنڊن وڄائڻ جي منع هئي. حيدرآباد ۾ بنا مورتين جا ڪي مندر هئا، پر انهن جي ديوارن مان به گاني بجاني جو پڙلاءُ ڪونه پوندو هو.

ٽالپر قبيلي جي سردار مير فتح علي، جنهن جي ڪوشش سان ڪلهوڙن کي شڪست آئي، ۽ هنن جو گاديءَ واري شهر حيدرآباد تي قبضو ٿيو.......... حيدرآباد ۾ مير فتح علي پنهنجن ٽن ڀائرن: ڪرم علي، غلام علي ۽ مراد عليءَ کي پاڻ سان حڪومت ۾ شريڪ ڪيو. هي واقعو اوڀر جي تاريخ ۾ هڪ بيمثال ڪرشمو هو. چار ڀائر، هميشه پاڻ ۾ قرب سان رهندا هئا. انهن مان جيڪڏهن ڪو گذاري ٿي ويو، ته ان جو پُٽ پنهنجي پيءُ جي حق جو وارث بڻيو ٿي. خود فتح علي کي ”رئيس“ ڪري سڏبو هو، ۽ سنڌ جي رواج مطابق پڳ جو حقدار به اهوئي هو...........

1831ع ۾ حيدرآباد جي اميرن، گهڻي جهنجهٽ کان پوءِ سر اليگزينڊر برنس کي سنڌوءَ ندي مان گهوڙن کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني، رنجيت سنگهه کي گهوڙن  جو ڏاڍو شوق هوندو هو، تنهنڪري انگلينڊ جي بادشاهه اُهي گهوڙا کيس سوکڙي طور موڪليا هئا. ساڳئي وقت اهو موقعو درياءَ جي پڙتال ڪرڻ لاءِ پڻ ڀلو سمجهيو ويو....... 1832ع ۾ ميرن هڪ اهڙي ٺاهه تي صحيحون ڪيو، جنهن موجب انگريزن کي واپار لاءِ، فوجي سامان ۽ هٿياربند جهازن کان سواءِ، سنڌو نديءَ جي استعمال جي اجازت ڏني ويئي. پوءِ 1836ع ۾ هنن مجبورن درياءَ تي هلندڙ آگبوٽن لاءِ پنهنجن ٻيلن مان هنن کي ڪاٺين ڪرڻ جي اجازت ڏني.

سيٺ نائومل جو پيءُ سيٺ هوتچند، ڪراچي جو هڪ نهايت بااثر فرد ۽ سنڌ جي هندن جو اڳواڻ هو. 1832ع ۾ ڪراچي ۾ جيڪو مذهبي جهيڙو شروع ٿيو هو، تنهن ۾ کيس خاص نشانو بڻايو ويو. تنهنڪري مير مراد علي هن کي حيدرآباد گهرايو ۽ پنهنجي مسلم رعايا خوش ڪرڻ لاءِ هن کي قرباني جو ٻڪرو ڪري صدقي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ميرن جي چشم پوشي سان ڪي تعصبي ماڻهو هن کي زوري اغوا ڪري دوآبي ۾ ڪنهن درگاهه تي وٺي آيا...... هن جو پُٽ نائو مل اها ڳالهه قبول نٿو ڪري، ته ڪو پڻس کي طهر ڪرائي، بيعزتو ڪيو ويو هو، پر سنڌ جا ماڻهو هميشه ان ڳالهه جا قائل رهيا آهن، ته سُنت ادا ڪئي وئي هئي.

1832ع ۾ سنڌو درياهه مان برطانوي فوج جي لنگهن واري مامري تي سنڌين ۾ وڏو ٻائيتال متو....... برطانوي فوجي عملدار ڪرنل هينري پاٽنجر تي، هڪڙي مير دوآبي ۾، فوج جي نقل ۽ حرڪت وقت، حيدرآباد ويجهو حملو ڪري نائو مل جو گڏ ڪيل ذخيرو ناس ڪري ڇڏيو ۽ حيدرآباد ۾ ٻروچن جو ايڏو ته لشڪر اچي ڪٺو ٿيو جو پاٽنجر سمجهيو ته انگريزن جي فوج تي اجهو ٿو حملو ٿئي؛ ڇاڪاڻ ته تنهن وقت پاٽنجر، حڪم موجب، ميرن وٽ هڪ عهدنامي جو مسودو پيش ڪيو هو........ پوءِ نيٺ پاٽنجر جي حڪمت عملي سان فوج کي روڪ ٽوڪ بنا لنگهڻ جي اجازت ملي ۽ ٺاهه منظور ٿيو.

مير نور محمد 1840ع ۾ گذاري ويو، سو مير مراد علي جو پُٽ هو. هو حيدرآباد ۽ لاڙ جو مکيه حاڪم هو، جنهن سان 1839ع ۾ سر هينري پاٽنجر ۽ سر جيمس آئوٽرام، انگريزن جي فوج کي سنڌ مان رستي ڏيڻ جي باري ۾ ڳالهيون ٻوليون هلايون هيون. مير غلام علي جي پُٽ کي خير محمد خان چوندا هئا.

”ڪوڙيون“، حيدرآباد ۾ مطبع ٿينديون هيون ۽ اهي شايد ڪڇ جي سڪي جهڙيون هونديون هيون. انگريزن جي رپئي جي مقابلي ۾ ان جي قيمت جو دارومدار ان جي بناوت ۽ صفائي تي هوندو هو........ ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي خلاف احتجاج طور دڪان بند ڪرڻ هندن جو رواجي طريقو هوندو هو، جنهن جي ذريعي اُهي ڪنهن اڻ پسند ڪم لاءِ نفرت جو اظهار ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته کاڌي پيتي جي باري ۾ عوام جو سارو آڌار هنن تي هوندو هو.

ٽالپرن جي درٻار ۾ ڪن ٿورن ماڻهن کي، ڪنهن خاص امتياز طور منجي ڏني ويندي هئي. عام ماڻهو ۽ عرضدار، درٻار ۾ يا بين موقعن تي ميرن جي اڳيان هيٺ غاليچن تي ويهندا هئا، کٽن تي رڳو مير پاڻ ويهندا هئا. سيٺ نائومل جڏهن مير محمد خان سان ملڻ ويو هو، تڏهن هن کي جنڊيءَ جي رنگين پلنگ تي ويهاريو ويو هو ۽ ان ۾ واقعي هن جي عزت افزائي هئي.

1843ع ۾ ٽالپرن جي مات ۽ حڪومت جي تبديليءَ وقت رعايا جي طرفان ڪنهن به قسم جي بغاوت يا هنگامو ڪونه ٿيو. البت، ڪجهه بدامني ضرور ٿي هئي....... بهرحال، مير ڪڏهن به عوام ۾ مقبول ڪونه ٿيا هئا، ۽ نه وري ڪو هنن ڪڏهن زور يا طاقت جو مظاهرو ڪري، پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو.

سرچارلس نيپيئر، سنڌ جي فتح کان پوءِ، جلد ئي راڻي وڪٽوريا جي سالگرهه جي موقعي جو فائدو وٺي، 24 مئي 1843ع، حيدرآباد ۾ هڪ درٻار ڪوٺائي، هن سڀني وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن  کان، نئين حڪومت جي عيوضي جي حيثيت ۾، سلامي ورتي. سڀ زميندار ۽ جاگيردار، ڪنهن اعتراض بنا، وڏي انگ ۾ شامل ٿيا ۽ وفاداري جو قسم کنيايون.

سنڌي پڳين کي پيري کڻڻ ۽ سُڃاڻڻ جي ڪا الاهي ڏات آهي. اُهي رستي تي هلندي چوري ٿيل اُٺ يا روپوش چور جو پيرو، ڏوهه واري وقت کان ورهيه پوءِ به سڃاڻي، جوابدار کي ماڻهن جي ميڙ مان به هٿ ڪندا آهن. چوري ٿيل ڍور کي به ساڳيءَ طرح ڳولهي لهندا آهن. اُهي اڃان تائين سرڪاري پوليس جي مدد ڪندا آهن، ويهه ورهيه اڳ سنڌ جي ڪمشنر سر ايڇ. ايوان جيمس هوشيار پڳين لاءِ خاص وظيفا مقرر ڪرايا هئا ۽ انهن کي همٿائڻ لاءِ کين ڳوٺن جي روينيو عملي ۾ رکايو هو. (19)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org