سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :70

 حيدرآباد تعلقي جي مکيه فصل  جي پيداوار ۾ جوار، ٻاجهري، ڪڻڪ، مڪئي، چانور ۽ ڪيتريون داليون ۽ تيلي ٻج شامل آهن. ڪمند، ڪپهه، تماڪ ۽ ڀنگ پڻ پوکي وڃي ٿي. ميون ۾ انب، نارنگيون، ليما، صوف، کجيون، کنڀيون، چانهيون، هنداڻا، ڏاڙهون، ۽ ڪجهه ٻيا ميوا پڻ پوکيا وڃن ٿا. حقيقت هيءَ آهي، ته هن تعلقي ۾ باغ ڏاڍا گهڻا آهن، پر انهن جي پوکي گهڻو ڪري ڦليلي ڪئنال جي ڪنارن سان ٿئي ٿي. ڪاٺ وارن وڻن ۾ خاص ڪري ٻٻر شامل آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي ڪنارن سان گهڻي انگ ۾ ٿئي ٿو، ٻين وڻن ۾ بڙ، پپر، نم، سرنهن وغيره شامل آهن. حيدرآباد تعلقي ۾ پنج سرڪاري ٻيلا- مياڻي، ڪاٺڙي، گهُلياڻ، کٿڙ ۽ هوسڙي آهن، جن جي مجموعي ايراضي 18370 ايڪڙ آهي. سنڌ ٻيلو کاتو انهن ٻيلن جوانتظام سنڀالي ٿو، ۽ محصول گهڻو ڪري ٻيلن جي حدن ۾ ٿيندڙ پوکي راهي، چارڻ في، عمارتي ۽ ٻارڻ جي ڪاٺ، ٻيرن ۽ انبن جي ڪاٺ توڙي ميوي جي وڪري مان ٿئي ٿو.

هن ضلعي ۾ جيڪي مڇيون لڀجن ٿيون، سي رڳو سنڌو درياهه مان نه، پر ڦليلي ۽ ٻين ڪيترن ڪولابن مان پڻ ماريون وڃن ٿيون. سنڌو درياهه مان رڳو پلو مارجي ٿو، جيڪي گهڻي انگ ۾ مارجي ٿو، ۽ ان کي سال جي ڪجهه حصي ۾ مقامي رهواسين جي کاڌي ۾ مکيه حيثيت حاصل آهي، ٻين مڇين ۾ ڏمڀرو، ڄرڪو وغيره شامل آهن، پر انهن مان حاصل ٿيندڙ محصول ٿورڙو يعني ڳڻائڻ جيترو نه آهي. بڊ، سپڪي ۽ ڪارو گهومياڻين مان ساليانو 9735 رپيا محصول وصول ٿئي ٿو.

1872ع ۾ ٿيندڙ آدشماري موجب، سڄي حيدرآباد تعلقي جي آبادي 98217 ماڻهن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 65627 مسلمان ۽ 27304 هندو ۽ 4454 سک، باقي يورپي – انڊو يورپين، پارسي، گوا وارا ماڻهو – شامل آهن. انهيءَ انگ ۾ حيدرآباد ۾ مقرر ٿيل مليٽري فورس، جيڪا رائيل آرٽلري، ڪراچي ۾ مقرر ٿيل انگلش ريجمنٽ جي پيادي قافلي تي ٻڌل آهي، تنهن سميت مقامي بلوچ ريجمينٽ ۽ ڪجهه هٿيار ٺاهيندڙ کاتي جا ڪجهه ماڻهو، جنهن جو انگ ٻارهن تيرهن سئو ٿيندو، ۽ ٻيا آفيسر، سندن خاندان ۽ ساٿاري، جنهن جو مجموعي انگ 1906 ٿيندو. سي پڻ شامل آهن. جڏهن ته ڪينٽومينٽ واري علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جو انگ 1936 آهي، جن ۾ 1049 مسلمان، 422 هندو، 444 عيسائي، ۽ ايڪيهه ٻُڌ مذهب ۽ ٻين فرقن جا ماڻهو آهن. گڏوگڏ تعلقي ۾ 4454 سک ۽ نانڪ پنٿ وارا به رهن ٿا.

اهڙي ريت تعلقي ۾ في چورس ميل تي 136 ماڻهو رهن ٿا، پر اهو انگ سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ چڱو گهڻو آهي، ڇو ته حقيقت هي آهي ته حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جو وڏي ۾ وڏو شهر حيدرآباد ئي آهي، جيڪو هن ضلعي جي حدن ۾ شامل آهي. مسلمان برادري جو وڏو حصو سني فرقي سان واسطو رکي ٿو.

هتي رهندڙ مسلمانن ۽ هندوئن جي وچ ۾، جسماني بيهڪ توڙي ورتاءُ ۽ پنهنجن ڌنڌن جي خيال کان فرق ڏسڻ ۾ ايندو. اهي ٻئي طبقا گهڻو ڪري رات جو ڀنگ واپرائين ٿا. هندو ٻير جي ڇوڏن مان ٺهيل شراب جي ڳري پيئڻ جا عادي آهن. ڪنهن حد تائين چرس پڻ پيتو وڃي ٿو، ۽ ڪٿي ڪٿي آفيم جا موالي پڻ آهن. هن تعلقي ۾ ڍورن جي چوري گهڻي ٿئي ٿي. ۽ ٻين چوري جي قسمن ۾ کاٽ هڻڻ جا واقعا وڌيڪ ٿين ٿا.

1874ع جي سڄي سال دوران تعلقي حيدرآباد ۾ رڳو هڪڙو قتل ٿيو. جڏهن ته چورين، جهيڙن، ڦرن، کاٽ هڻڻ ۽ ڌاڙن جون 1314 وارداتون ٿيون. هوڏانهن ساڳئي سال تعلقي ۾ حيدرآباد شهر کان سواءِ زميني ملڪيت تي تڪرار جا نو ڪيس، ناڻي بابت 1367 ڪيس ۽ بيا ڇهه ڪيس: يعني ڪُل 1382 ڪيس مقامي ڪورٽن ۾ داخل ٿيا. جڏهن ته حيدرآباد شهر ۾ 1874ع ۾ ڪُل 240 ڪيس داخل ٿيا، جن ۾ زميني تڪرار جا ڇهه ڪيس ۽ ناڻي جي تڪرار جا 234 ڪيس شامل آهن.

هن تعلقي جي روينيو مئجسٽريٽ توڙي عام آفيس جي انتظام جا اختيار ڊپٽي ڪليڪيٽر ۽ مئسجٽريٽ وٽ آهن، گڏوگڏ هنن جي هٿ هيٺ مختيارڪار، ست تپيدار ۽ ٻه ڍڪ منشي به آهن. حضور ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ حيدرآباد جون مئجسٽريٽ، جيڪو هتي شهر ۾ مستقل طور رهي ٿو، تعلقي ڊويزنل مئجسٽريٽ طرفان وٽس موڪليل مامرن بابت پنهنجي ذميوارين کي نڀائين ٿا. جڏهن ته ڪينٽومينٽ ايراضي ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي ڪيسن جي ذميواري مليٽري جوڊيشل آفيس مٿان لاڳو آهي، جنهن کي ڪينٽونمينٽ مئجسٽريٽ چئجي ٿو. تعلقي ۾ ٿيل سول ڪيس ٽنڊي محمد خان جي سب آڊينيٽ سول ڪورٽ جج جي حدن ۾ اچن ٿا. پر اُهي ڪيس جيڪي حيدرآباد شهر جي حدن ۾ ٿين ٿا، سي شهر ۾ مقرر ٿيل سول ڪورٽ جي سب آرڊينيٽ جج جي حوالي هجن ٿا.

حيدرآباد تعلقي ۾، حيدرآباد شهر کان سواءِ، مقرر ٿيل پوليس جو انگ ٻاهتر آهي. جيڪي ضلعي جي پندرهن ٿاڻن ۾ ورهايل آهن. انهن مان ٻٽيهه گهوڙي سوار يا اُٺ سوار آهن، ڇٽيهه هٿياربند ۽ غيرهٿياربند پيادا پوليس، ۽ چار شهري پوليس سان واسطو رکن ٿا. جڏهن ته حيدرآباد شهر ۾ هٿياربند ۽ غير هٿياربند پيادي پوليس جو انگ 333 آهي.

1874ع ۾ امپيئريل محصول تحت ڍل، آبڪاري، اسٽيمپ، لوڻ، رجسٽريشن کاتي، ٽيليگرام آمدني سرٽيفڪيٽ، ڏنڊ ۽ فيس مان 201627 رپيا وصول ٿيا. جڏهن ته لوڪل روينيو هيٺ زمين تي سيس ۽ سيئر روينيو، جاگيرن طور ڏنل زمين، ڍڪ ۽ پتڻ فنڊ، مياڻين ۽ لائسنسن مان 20178 رپيا وصول ٿيا. آبڪاري محصول جي مامري جي ڏس ۾ اها ڳالهه ڄاڻائڻ ضروري آهي ته 1863ع ۾ حڪومت شراب ٺاهڻ واري بٺيءَ کي ضبط ڪيو هو، جنهن کان وٺي ضلعي جي ڪليڪٽر جي حڪم سان، 1852ع جي ايڪٽ ٽئين جي شرط قاعدن ضابطن هيٺ، شراب ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ لاءِ ساليانو لائسنس ڏنا وڃن ٿا. تعلقي ۾ ٽي ڍڪ آهن، جن ۾ حيدرآباد، ٽنڊو قيصر ۽ کٿڙ شامل آهن.

هن تعلقي جي زميني سروي 1856ع ۾ شروع ڪئي ويئي، ۽ اها 1858ع ۾ پڄاڻي کي پهتي. انهي سروي هيٺ عام موڪ زمين جو اگهه اٺ آنا کان هڪ روپيو في جريب؛ چانور واري زمين لاءِ هڪ رپيو کان ڏيڍ رپيو في جريب؛ چرخي سترهن کان ٽيهه رپيا في نار تي، ۽ ائين چئجي ته پوکيل زمين تي ٽي رپيا في ايڪڙ وصول ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو.

تعلقي ۾ اٽڪل پنجاهه مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ جاگيردار آهن، جن وٽ 63902 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين موجود آهي، جنهن مان 62506 ايڪڙ زمين زراعت جوڳي آهي، منجهانئس حڪومت کي ساليانو آمدني 4404 رپيا ٿئي ٿي. اهڙي ريت سڄي علائقي جو چوٿون حصو جاگيردارن ۾ ورڇيل آهي، جن مان سڀني کان وڏو جاگيردار مير محمد خان خاناڻي آهي، جنهن وٽ هن ڊويزن جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ 28353 ايڪڙ ڪاشت جوڳي ۽ غير ڪاشت جوڳي زمين آهي.

تعلقي حيدرآباد جي جاگيردارن ۾ مير محمد خان شهداداڻي جو ديرو، مير شاهه نواز خان، مير حسين علي خان، مير غلام حسين ٽالپر، مير جان محمد ٽالپر، مير ٻُڍو خان، مير علي مراد خان، مير محمد خان خاناڻي، مير احمد خان ٽالپر، ڄام مراد علي جوکيو، مير غلام علي خان، شاهه محمد نظاماڻي، علي بخش ۽ احمد خان نظاماڻي، علي محمد لغاري، ڏتو جمالي، دلشاد ڀرڳڙي، فتح خان ڀرڳڙي، عيسيٰ خان ڀرڳڙي، عيسن خان لغاري،  ڪرم علي لغاري، بهادر ڀرڳڙي، الله بخش ڀرڳڙي، کيو ڀرڳڙي، جهان خان ٽالپر، قائم خان ۽ غلام محمد، عالم خان نظاماڻي، فيضل محمد، دريا خان، ولي محمد کوکر، الهڏنو لغاري، ڪرم خان لغاري، سردار خان لغاري، حسين خان لغاري، سيد الله بخش، ڏتو ۽ مهر علي ڇلگري، محمود، اميد، علي، احمد ۽ محمد حسين، فتح خان ٽالپر ۽ بجار ٽالپر ۽ ابراهيم خدمتگار شامل آهن. جڏهن ته تعلقي ۾ ”سيري“ طور زمين حاصل ڪندڙ ستيتاليهه ڄڻا آهن، جن کي يارهن ايڪڙ کان چوٽيهه ايڪڙ تائين زمين ڏنل آهي، جيڪا ڪُل زمين 1140 ايڪڙ ٿئي ٿي. جڏهن ته ”معافي دارن“ جو انگ ٻائيتاليهه آهي.

هن تعلقي ۾ ٽي ميونسپل ادارا آهن، جن مان ٻه ننڍا آهن، جيڪي 74- 1873ع تي ٺاهيا ويا آهن، ۽ انهن کي حيدرآباد ماتحت هلايو وڃي ٿي. حيدرآباد ميونسپالٽي 1853ع ۾ ٽنڊو آدم جي ميونسپالٽي 1873ع ۽ ٽنڊو قيصر جي ميونسپالٽي به ساڳئي سال ٺهي. انهن ميونسپالٽي ادارن مان 1871ع ۾ ڪُل آمدني 109784 رپيا وصول ٿي، جڏهن ته خرچ 85116 رپيا ٿيو.

هن ضلعي ۾ حيدرآباد ويجهو هڪڙو طبي سهولتن جو ”سودائي گهر“ آهي، جنهن کي عام طور تي ”چرين جو آستانو“ چئجي ٿو، جيڪو حيدرآباد کان گدو بندر ڏانهن ويندڙ رستي تي ٺهيل آهي. هتي هڪڙي سول ۽ پوليس اسپتال سميت هڪ چيئرٽيبل ڊسپينسري پڻ ٺهيل آهي، جيڪي جنهن ٽڪري تي شهر ٺهيل آهي، تنهن جي اڀرندي ٽاڪرو علائقي ۾ ساڳئي بلڊنگ به ٺهيل آهي. اُهي سٺي حالت ۾ آهن، ۽ ان بلڊنگ ۾ چاليهه مريضن کي داخل ڪرڻ جي سهولت موجود آهي. خيراتي ڊسپينسري جي خرچن جو بندوبست ميونسپالٽي ڪري ٿي. حيدرآباد ۾ ٺهيل جيل ۾ بيمار ڏوهارين جي علاج لاءِ جيل منجهه هڪڙي اسپتال قائم آهي. سمورا طبي ادارا سول سرجن جي انتظام هيٺ آهن، جنهن جي ماتحت مناسب مقامي عملو رکيل آهي. سودائي گهر ڪيترن ئي جڳهن تي مشتمل آهي. اها عمارت هڪڙي پاسي ديالو شخص ’سر ڪائوسجي جهانگير ريدموني‘ جي خرچ تي ٺهي هئي، هن ان مقصد لاءِ پنجاهه هزار رپيا ڏنا هئا، جڏهن ته رهيل باقي اٺ هزار رپيا حڪومت ادا ڪيا هئا. سودائي گهر ۾، 1874ع دوران 482 مريضن کي داخل ڪيو ويو، ۽ 18110 مريضن جو علاج ڪيو ويو.

اهو 1869ع  جو سال هو، جو حيدرآباد شهر ۾ ڪالرا جو مرض پکڙيو، انهن حالتن کي سول سرجن ڊاڪٽر هومسٽيڊ ائين ڄاڻايو آهي:

”حيدرآباد ۾ پهريون شڪي ڪيس 14 آگسٽ 1869ع تي نروار ٿيو، پر حقيقي وبا اٽڪل سيپٽمبر کان شروع ٿي ۽ آڪٽوبر جي پڇاڙي تائين جاري رهي. ڪُل 592 ڪيس ٿيا، جنهن مان 364 ماڻهو مري ويا ۽ 228 مريضن جو علاج ڪر کين تندرست ڪيو ويو. سيپٽمبر ۾ گهڻي برسات وسي، جنهن ڪري ڪن ڪچرو، ڍورن جو پيشاب ۽ ٻيون هاڃيڪار شيون لڙهي وڃي تلائن ۾ پيون. هوا پڻ جراثيمي ٿي پئي ۽ ڌپ جا اوڪارا نڪ جي ناسن ۾ گهڙڻ لڳا. هڪدم ڪالرا ڦهلجي عام ۽ موتمار ٿي پئي. تلاءَ نمبر ٽئين جي ويجهڙائي وارو علائقو گهڻو متاثر ٿيو. ڇو ته تلاءَ جو پاڻي ڏاڍو ڪنو ٿي پيو هو، ۽ ڪيترن ڪيسن مان لڳو ته بيماري جو ڪارڻ به اهوئي هو. جيل ۾ رڳو ٻه ڪيس ٿيا. ڪالرا جيئن الوپ ٿي، ته ٻري جي لڙهين واري وبا ڦهلجي وئي، جيڪا هميشه ياد رهندي.“

هن ضلعي جو وڏي ۾ وڏو جيل حيدرآباد شهر ۾ آهي، جيڪو انهي اُترين ٽاڪرو هنڌ تي اسي فوٽ مٿي ٺهيل آهي. جنهن تي شهر جوڙيل آهي، ۽ اهو جيل شهر کان پنج سئو گز کان وڌيڪ پري نه ٿيندو. جيل 1851ع ۾ ٺاهيو ويو، ۽ اهو 15000 چورس گز ايراضي تي ڦهليل آهي، ۽ ڀتيون ڪچين سرن سان اٽڪل چوڏهن فوٽ اوچيون ٺهيل آهن. قيدين جي بيرڪن کان سواءِ اندر هڪڙي اسپتال ۽ ڊسپينسري به آهي. گڏوگڏ کليل فيڪٽرين جا ڪجهه وڏا ڇڄا ٺهيل آهن. جتي روزانو ڪيترائي قيدي مختلف شيون ٺاهيندا آهن. جن ۾ غاليچا، ڇُهه، ٽوال، سُٿڻون، چادرون، ڊانگري، اُٺن جا پاکڙا، مڇرن ڀڄائڻ جون جليبيون، ڪرسين جا واڻ (چمڙي جا)، بوٽ، مٽيءَ جا پائيپ، سرون ۽ پڙڇون شامل آهن. قيدين کي ماهر ڪاريگر وسيلي واڍڪو ڪم پڻ سيکاريو وڃي ٿو.

حيدرآباد جيل ۾ ڇهه سئو قيدين کي رکڻ جي گنجائش آهي، پر عام طور تي اُتي ٽي سئو کان پنج سئو قيدي رکيا وڃن ٿا، انهن قيدين مان اٽڪل سئو ڄڻا مٿي ڄاڻايل ڪمن ۾ مصروف رهن ٿا. جنهن جي سالياني ڪُل آمندي 1800 رپيا آهي، ۽ روڪ رقم پنج سئو رپيا ملي ٿي. قيدين کان کوهه کوٽائڻ، رستا ٺهرائڻ ۽ عمارتن جي مرمت وارن ڪمن ۾ پورهيت جي حيثيت سان ڪم پڻ وٺجي ٿو، جنهن جو کين اُجورو ڏنو وڃي ٿو. 1869ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ صنعتي نمائش ۾ حيدرآباد جيل ۾ ٺهيل ڪيترين ئي شين جي گهڻي ساراهه ڪئي وئي هئي. جيل ۾ مهيا ٿيندڙ پاڻي خراب ۽ ڌپارو آهي، ۽ اهو پاڻي اٽڪل هڪ ميل مفاصلي کان، قيدين کان ڪم وٺندي، ٽن لفٽن وسيلي ڇڪيو وڃي ٿو. قيدين ۾ گذريل ڏهن سالن کان مرڻ جو انگ پنج سيڪڙو ڏٺو ويو آهي. اڳي قيدين کي شهر جي مارڪيٽ مان ڀاڄيون مهيا ڪبيون هيون، پر هاڻي گذريل پنجن ڇهن سالن کان، جيل جي اولهندي حصي ۾ هيٺاهين واري هنڌ تي، هڪڙو وڏو باغ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو سمورو ڪم قيدين کان ورتو وڃي ٿو ۽ سندن ضرورت موجب اُتان ڀاڄيون وٺجن ٿيون، هينئر هتي ننڍڙن قيدي ٻارن جي سڌاري جو ڪوبه جيل نه آهي، پر کانئن ايماندار قيدي مقدم جي نظر هيٺ جيل فيڪٽري ۾ ڪم ورتو وڃي ٿو. جيل ۾ هيستائين ڏوهارين جي عام رهنمائي لاءِ ڪوبه اسڪول کوليو نه ويو آهي. 1874ع ۾ جيل ۾ اٺن عورتن سميت 548 قيدي هئا، جن مان هرهڪ قيدي تي ساليانو ايڪونجاهه رپيا چوڏهن آنا اٺ پيسا خرچ ڪيا ويا. قيدين ۾ مرڻ جو ساليانو تناسب ست سيڪڙو آهي.

هن ضلعي ۾، 1874ع ۾ حيدرآباد شهر سميت سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارا، سڀني قسمن جا ڪُل ٽيهه هئا، جنهن ۾ 2185 شاگرد پڙهندا هئا، جن مان چوويهه سرڪاري اسڪول هئا. جن ۾ 1563 شاگرد پڙهندا هئا، انهن اسڪولن ۾ وڏو حصو حيدرآباد شهر ۾ قائم اسڪولن جو آهي. هڪڙو انجنيئرنگ اسڪول به آهي، جنهن ۾ نو شاگرد، هڪڙو هاءِ اسڪول آهي، جنهن ۾ 128 شاگرد، ۽ هڪڙي نارمل اسڪول ۾ پنجويهه شاگرد پڙهن ٿا، گڏوگڏ ڪيترائي مڊل ۽ هيٺاهين ڪلاس جا ادارا پڻ آهن. ڇوڪرين جا اسڪول به مٿين اسڪولن ۾ شامل سمجهيا وڃن. حيدرآباد ۾ نجي اسڪولن ۾ چرچ مشنري سوسائٽي تحت هلندڙ مکيه اسڪول آهي، جيڪو 1862ع ۾ قائم ڪيو ويو هو، جيڪو هر طرح سان سٺو اسڪول آهي، تنهن ۾ ڪيترن ئي شاگردن سٺي پڙهائي ڪري بمبئي ۾ ٿيندڙ ميٽرڪ جو امتحان ڪاميابي سان پاس ڪيو آهي. انهي اسڪول ۾ 130 شاگرد پڙهن ٿا. هن سوسائٽي جي ماتحت  ڇوڪرين جو هڪ اسڪول 1867ع ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ اٺاسي ڇوڪريون پڙهن ٿيون. ۽ هڪڙو ورنيڪيولر اسڪول 1871ع ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻيانوي شاگرد پڙهن ٿا. حيدرآباد ۾ سينٽ جوزف وارن جو رومن ڪيٿولڪ اسڪول 1868ع ۾ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ ايڪيهه شاگرد پڙهن ٿا.

هن تعلقي ۾ سال  جون چار زرعي موسمون آهن، جنهن ۾ خريف، ربي، پيشراس ۽ آدوا شامل آهن، پر لڳي ٿو ته آخري موسم کي خاص موسم جي حيثيت سان شامل ڪرڻ غير ضروري آهي. هتي خريف ۾ زراعت، پاڙيسري ضلعن جيان گهڻو ڪري نار تي ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته ربيع واري موسم ۾ ٻوڏ يا موڪ جي پاڻي تي ڪئي وڃي ٿي. کوهن وسيلي زراعت گهڻو ڪري باغن ۾ ڪئي وڃي ٿي، جتي زير زمين جر گهڻو هيٺ هئڻ ڪري کوهن جي کوٽائي لاءِ لاڳت پڻ ڪوٽڙي تائين ريلوي لائين کُلڻ سان، حيدرآباد شهر ۽ ڀرپاسي ۾ باغن جي ملڪيت ۽ پيداوار ۾ واڌارو ٿيو آهي. تعلقي ۾ زراعت ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ۾، هالا ۽ ٽنڊي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جيان، ڪوڏر، پاوڙو، چوني، وٽوهڙ،  ڏانداري، رنبو، کهيڙو، ڏاٽو وغيره شامل آهن.

جيستائين هن ضلعي جو واسطو آهي، ته ضلعي جي برآمد ۽ درآمد ڪا خاص نه رهي آهي، پر ٻاهرين سامان جي اچ وڃ وارو واپار گهڻو آهي. حيدرآباد جو شهر گهڻي آبادي هجڻ ڪري، نه رڳو اهم شيون پيدا ڪندڙ بلڪ کاپو ڪندڙ به آهي. ٻاهرين ايندڙ شين ۾ کاڌي پيتي جون شيون، ريشم، قيمتي ڌاتو، موتي، عاج، لوهه، ٽامو، جست، کنڊ، گيهه ۽ تيل شامل آهي. گڏوگڏ ٻاهرين سامان جي آمد ۾ اوڀرندي ضلعن مان ايندڙ ڪپهه کي گهڻي اهميت حاصل آهي، جيڪو حيدرآباد وسيلي ڪراچي ڏانهن وڃي ٿو.

هن تعلقي جو ٺهيل مکيه شيون، جن جو گهڻو ڪري حيدرآباد شهر ۾ ڪاروبار ٿئي ٿو، تن ۾ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ ٺهندڙ کاڌي ۽ چادرون شامل آهن. حيدرآباد اڳ ۾ سون جو پاڻي چڙهائڻ جنڊي ۽ عاج جي ڪم، سون، چاندي ۽ ريشم جي ڀرت ۽ سوني زيورن جي جڙاوت ۾ مشهور رهيو آهي، ته هينئر به ناليرو آهي. سونهري تيل وارو ڪم، جڙاوت، پيتين، رولر، گهُگهين، پاٽن، کوکن ۽ ٻين مختلف نمونن تي مشتمل ٿئي ٿو. سون، چاندي، ۽ ريشم سان ڪڙاهي يا ڀرت وارو ڪم؛ شالن، چُنين، مفلرن، وهاڻن، ڪرسين جي پُڙن، ٽيبلن جي ڪپڙي، حُقن، ۽ ٻين شين سان جُڙيل هوندو آهي. لنڊن ۽ پئرس ۾ مختلف موقعن تي ٿيندڙ نمائشن ۾ اهو سامان موڪليو ويو هو، جنهن گهڻي مڃتا ماڻي ۽ شانائتي نفاست واري ڪم ڪندڙ پورهيتن کي انعام پڻ مليا هئا. ۽ اهو ساڳيو عمل 1869ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ صنعتي نمائش جي موقعي تي پڻ ٿيو هو، جتي حيدرآباد ۾ ٺهندڙ سموريون شيون رکيون ويون هيون.  اڳ ۾ اهو شهر پنهنجي ويڙهه ۾ استعمال ٿيندڙ توڙيدار بندوقن، تلوارن، خنجرن، مياڻ، زرهن، ۽ ٻئي فوجي سامان ڪارڻ مشهور هوندو هو.  پر هاڻي سنڌ جي فتح کان پوءِ، شهر جو اهو واپار ڏينهون ڏينهن ناس ٿيندو پيو وڃي. حيدرآباد ۾ ٿيندڙ جڙاوت ۽ رنگائي جي ڪم جا ٻه قسم آهن. جنهن ۾ هڪڙو مينا، ۽ ٻيو ڀرُڀرا شامل آهي. آخري ڪم بابت چيو وڃي ٿو، ته اهو ڪم نادر شاهه جي دور ۾، ايران کان ٻانهن جي حيثيت ۾ ٽالپرن وٽ آيل خاندان جي رڳو هڪڙي آڪهه ڪري ٿي. تعلقي ۾ مٽي جون ”ماٽيون“ پڻ ٺاهيون وڃن ٿيون، جن تي خاص ڪري مهاڻا چڙهي ترندا ۽ مڇيون توڙي پليون ماريندا آهن.

هن تعلقي ۾ اهم ميلو آڪٽوبر مهيني ۾ لڳندڙ شيخ ڀرڪيو جو آهي، جيڪو حيدرآباد کان ويهن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. انهي ڳوٺ تي اهو نالو درويش جي نالي پويان عقيدت وچان رکيو ويو، جيڪي هتي چار ڏينهن رهيو هو. ميلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جو انگ اٽڪل ڏهه هزار هوندو آهي ۽ عقيدتمند ماڻهو گهڻو ڪري اُٺن تي چڙهي اچن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org