سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :49

 حيدرآباد شهر ۾ علم گهڻو آهي. ڪي ڪنيائون جيڪڏهن هندي ۽ سنسڪرت ۾ ودوان ٿيون ته ڏاڍي چڱي ڳالهه ٿيندي. رات جو گائناليه به جاري رهندو هو، جتي وشنو ڊگمبر جو شش مسٽر جوشي واديه ۽ گائن وديا سيکاريندو هو. هاڻي باجي بدران ستار وغيره سيکاريندا آهن. هيٺ هندي ۽ سنسڪرت واچناليه آهي، جتي سُٺيون سُٺيون اخبارون رکيل آهن..........

ساڌُو آشرم ڦليلي

ڦليلي جي ڪناري تي هڪڙو سُندر آسٿان ايڪانت ۾ رهڻ ۽ اڀياس ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. اُتي جيڪي به ودوان ساڌو اچي رهن تن جي کاڌي پيتي جو بندوبست به آهي ۽ سنسڪرت پاٺشالا جي پستڪاليه مان ڪتاب پڙهڻ لاءِ به انهن کي ملي سگهن ٿا. جيئن ته ساڌن جي رهائڻ ۽ انهن جي کارائڻ پيارن جو ڪم ڀائي ڪوٽومل خوبچند خاص طرح پنهنجي باغ ۾ ڪندو رهندو هو. تنهنڪري هيءَ آشرم به سندس صلاح مصلحت سان هلايو ويندو هو ۽ انهيءَ آشرم هلائڻ تي ڇهه سئو رپيا ورهيه جو خرچ مقرر ڪيل آهي........ (25)

 

مرزا قليچ بيگ

 حيدرآباد جون ساروڻيون

 

جڏهن سنڌ جي گاديءَ تي مير ڪرم علي خان ٽالپر هو، تن ڏينهن ۾ منهنجو والد فريدون بيگ ۽ نانو مرزا خسرو بيگ ٻئي، گرجستان مان هڪڙي ويڙهه ۾ قيدي ٿيندي ايران ۽ پوءِ سنڌ ۾ آيا، 1805ع ۾ منهنجو نانو مير صاحب جي وڪيل هٿان ايران جي شاهه ۽ وزير جي معرفت سوکڙي ٿي مير صاحب وٽ آيو، جنهن هن کي پنهنجو پُٽيلو يا گود جو پٽ ڪيو، جو کيس ٻيو اولاد ڪونه هو، جڏهن منهنجو نانو حيدرآباد ۾ آيو، تڏهن سندس عمر پندرهن ورهيه هئي ۽ بابا انهي کان پوءِ ٻئي وڪيل سان آيو، جڏهن سندس عمر ڏهه ورهيه مس هئي. مير صاحب هنن کي پالي وڏو ڪيو ۽ گهڻو مان ڏيندو هون.

انهي وقت ڌاري سنڌ ۾ ٻه ٽي ٻيا به گرجي آيا، جيڪي مير صاحبن وٽ رهيا؛ جيئن ته مرزا محمد باقربيگ، جيڪو پوءِ مانجهوءَ ۾ اچي رهيو، مرزا قربان علي بيگ، جيڪو پوءِ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ اچي رهيو؛ ۽ مرز يوسف، جيڪو حيدرآباد ۾ مير صاحبن جي قُبن وٽ اچي رهيو....... سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ، ناني مرحوم، پهرين شادي ميان ابراهيم جي ڀيڻ سان ڪئي، جنهن مان هڪڙي نياڻي ٿيس، جيڪا مرزا باقر جي پٽ، مرزا بنده عليءَ کي پرڻايائين، ناني مرحومه مان هن کي امان ڄائي، جنهن جي شادي، بابي مرحوم سان ڪرايائين، جنهن مان اسين پيدا ٿياسين. ناني مرحومه، ميان طاهر جي ڀيڻ هئي، جيڪو جلباڻي هو.

ميرن جي صاحبيءَ ۾، نانو ۽ بابا، ٻئي حيدرآباد جي ڪوٽ اندر رهندا هئا. جتي مير صاحب ۽ سندن ديرا هئا ۽ صاحبيءَ ڦٽڻ وقت، يعني 1843ع ۾، اسان جي مائٽن کي وري تڪليف شروع ٿي – ميرن سان گڏ، پهرين ناني مرحوم کي به قيد ڪري ڪلڪتي  ٿي نيائون. پر پوءِ ميرن جي ديرن جي سنڀال لاءِ هن کي هتي ڇڏي ڏيڻ ضروري ٿين. جڏهن حيدرآباد جو ڪوٽ، انگريز سرڪار هٿ ڪيو، تڏهن اسان جا مائٽ، يعني بابو، نانو ۽ سندن ڪٽنب، سائينداد جي ٽنڊي ۾ وڃي ويٺا. اُنهي ڀاڄ ۾، اسان جي توڙي ٻين ڪوٽ ۾ رهندڙن جي گهڻي دولت زيان ٿي؛ ڪجهه سامان اندران ڪڍي ٻاهر اڇلائڻ ۾؛ ڪجهه ٻين وٽ امانت رکڻ ۾؛ ۽ ڪجهه زمين اندر پورڻ ۾.

سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڪچن گهرن ۾ وڃي رهيا، جن کي هڪڙي ڏينهن اوچتو باهه لڳي. جيڪا ٽي ڏينهن ساندهه پئي ٻري. ڏاڍي ڏکيائي سان ماڻهن جان بچائي! ڪيترو قيمتي مال، ڪپڙا، جواهر ۽ موتي سڙي چٽ ٿي ويا. سڙيل موتي، ڇڄن جا ڇڄ نڪتا. جن سان پوءِ اسين ٻار راند پيا ڪندا هئاسين. باهه کانپوءِ مير ڪرم علي خان جا ديرا ۽ ساڻن گڏ بابو ۽ نانو لڏي اچي مير محمود جي ٽنڊي ۾، ڦليليءَ جي ڪناري تي، يعني آغا جي ٽنڊي ۽ يوسف جي ٽنڊي جي وچ تي اچي ويٺا؛ ۽ پوءِ اتان ٺُوڙهي جي ٽنڊي ۾ نواب محمد خان جي ٺوڙهي جي جاگير ۾، اچي ويٺا – جتي اڃان تائين اسين رهندا اچون. اتي اڃا تائين هڪڙو ڦٽل ڪوٽ آهي، جنهن ۾ مير ڪرم علي خان جا ٽي ديرا رهندا هئا. نانو، بابو ۽ ٻيا سندن ماڻهو، ڪوٽ جي اولهه طرف انهي ساڳيءَ زمين تي رهندا هئا، جتي اڃا تائين رهندا اچن.

پنهنجي قديم گهر جي نسبت ۾

جنهن گهر ۾ آئون ۽ منهنجا ٻيا وڏا ننڍا ڀائر ۽ ڀيڻون سڀ پيدا ٿيا هئا، ان گهر مان هينئر ٽي چار گهر ٿي پيا آهن. اڳوڻي گهر جون ڪي ڀتيون ۽ نشان اڃا ٿورا موجود آهن. بابي مرحوم جي حياتيءَ ۾ ئي گهر جو در، جيڪو گهٽي مان هو، سو بدلائي اولهندي واري ڀت مان ڪيو ويو هو ۽ انهي پاسي اوطاق به بابي مرحوم جوڙائي هئي. جهن در گهٽي مان هوندو هو، تڏهن اسان جي اوطاق، ڏکڻ واري ميدان تي مسجد جي ويجهو مرزا علي اڪبر بيگ وارن جي اوطاق جي ڏکڻ ۾ هوندي هئي. پوءِ اها ڦٽي ويئي ۽ اچڻ وڃڻ به گهٽي مان بند ٿي ويو. بابي جي وفات کان پوءِ ادي جن وري گهر جي مرمت ڪرائي ۽ ڦيرڦار ڪيو. امان جي وفات کانپوءِ ادي جعفر قلي بيگ جي ولايت مان اچڻ کان ٿورو اڳي هڪڙو گهر جوڙايو ويو هو، جنهن ۾ پوءِ اسين سڀ رهندا هئاسين. پوءِ اهو گهر ادي مرزا صادق علي بيگ مرحوم ڊهرائي هاڻوڪو گهر جوڙايو ۽ ٻيو گهر ميدان تي جوڙايو ويو هو، جنهن ۾ هينئر مرزا سڪندر بيگ جن رهن ٿا. آئون شادي ڪرڻ کان پوءِ اڪثر نوڪري ۾ ٻار ٻچا پاڻ سان رکندو هوس، پر جڏهن ڳوٺ ايندو هوس تڏهن ادي مرزا صادق علي بيگ جن سان گڏ اڳوڻي  جوڙيل گهر ۾ رهندو هوس. پوءِ ميان ابراهيم واري جاءِ خريد ڪري اُتي هڪ گهر جوڙايم جتي اڃا تائين اسين رهندا اچون.

اسان جي  گهر جي اتر ڏي ميان ابراهيم جو گهر هو، جنهن ۾ سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان امام علي ۽ ميان محمد جعفر رهندا هئا. انهن کان اسان، گهر جي تنگيءَ ڪري هڪڙو زمين جو ٽُڪر اٺ ڏهه فوٽ ويڪرو پڇاڙي لاءِ خريد ڪري ورتو هو. ٻيو اسان جي اتر ۾ ۽ ميان ابراهيم جي گهر جي اولهه ۾ مرزا قربان علي بيگ جو گهر هوندو هو. اسان جي گهر جي اوڀر ڏي گهٽي هوندي هئي، جيڪا اڃا تائين موجود آهي. انهي گهٽي مان اسين ۽ ميان ابراهيم جن ايندا ويندا هئاسين. گهٽيءَ جي اڀرندي ڏي مير صاحبن جي ديرن جو ڪوٽ هوندو هو ۽ اها ڀت به اڃا قائم آهي. ميان ابراهيم واري جاءِ پوءِ مون سموري خريد ڪئي ۽ انهي تي ئي پنهنجو گهر جوڙايم، جنهن ۾ هينئر رهون ٿا ۽ محمد جعفر واري جاءِ تي پنهنجي اوطاق جوڙايم، جيڪا اڃا قائم آهي. انهي اوطاق واري جاءِ جي اوڀر تي هاشماڻين جا گهر هئا، جيڪي انهن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ ڊهي ميدان ٿي پيا ۽ اهو ميدان پوءِ مون سرڪار مان آني فوٽ جي حساب سان خريد ڪري ورتو.

اسان جي گهر جي ڏکڻ ڏي ناني مرحوم جو گهر هو. اسان جي گهر جي صُفي جي ڏکڻ ۾ جيڪا وڏي ڪوٺي هئي، تنهن ۾ ادي مرزا غلام رضا بيگ کي شادي ڪرائڻ کان پوءِ رهايو ويو. اهائي هڪڙي شادي اسان جي پيءُ ماءُ پنهنجي جيئري ڪرائي. انهي ڪوٺي ۾ گهڻا ورهيه پوءِ اسان جي والد وفات ڪئي، جڏهن ادو مرزا غلام رضا بيگ ۽ ادو مرزا صادق علي بيگ بمبئيءَ ڏانهن پڙهڻ لاءِ ويل هئا.

جڏهن اهو اڳوڻو گهر پراڻو ٿيو ۽ ڊهرائي ٻي جاءِ جوڙائڻ جو بندوبست ڪيو ويو تڏهن ڏکڻ کان ڀت ڏياري، ادي مرزا غلام رضا بيگ جو گهر ڌار ڪيو ويو. جيتري ۾ ادي مرزا صادق علي بيگ نئون گهر جوڙايو تيتري گُندين جي جاءِ ڌاري ٻه ٽي ڪوٺيون ٺهرائي ۽ وچان ڀت مان در کولي، اوطاق واري جاءِ گهر ڪري ڪم آڻيندا هئاسين.  تڏهن امان حيات هئي ۽ پوءِ نيٺ امان وفات به اتي ئي ڪئي. ادي مرزا صادق علي بيگ واري جوڙايل جاءِ  جي وچ ۾ هڪڙو صفو ۽ پاسي کان ٻه ڪمرا ۽ انهن جي اڳيان ڏکڻ ڏي ويرانڊو هو. جاءِ جو منهن ڏکڻ ڏي هو ۽ پٺيان اتر ڏي پڇاڙي جو ٽڪر ميان امام علي جن کان خريد ڪري ورتو ويو. انهي گهر ۽ ادي مرزا غلام رضا  بيگ جي گهر جي الهندي ڏي صفا ميدان پيو هوندو هو. پوءِ جڏهن ادي علي قلي بيگ شادي ڪئي تڏهن اوطاق واري جاءِ ۾ رهڻ لڳو، جيڪا پوءِ ڊهرائي، پنهنجو هاڻوڪو گهر جوڙايو، جيڪو اڃا قائم آهي. ان ۾ هنيئر مرزا سڪندر بيگ جن رهن ٿا ۽ پنهنجي اڳئين جوڙايل گهر واري هنڌ وري پوءِ ٻيو گهر ٺهرايائين، جيڪو اڃا قائم آهي. اوطاق لاءِ وري ميان قبول محمد ۽  سندس پٽ شادي خان کان سندن گهر وارو ڦٽل پٽ خريد ڪري انهي هنڌ اوطاق ٺهرائي ويئي، جيڪا اڃا قائم آهي. جنهن جاءِ تي اسان پهرين اوطاق جوڙائي هئي، اتي اڳي پيرل ويٺو هوندو هو ۽ ٻيو ميدان ايئن پيو هوندو هو. انهي پاسي يعني اولهه ڏي اڳي رڳو مرزا قربان علي بيگ جي گهر جو در هوندو هو ۽ سندن اوطاق واري هنڌ يارو رهندو هو، جيڪو نبي بخش جي پيءُ يعقوب جو پيءُ هو. اهي سندن ماڻهو هوندا هئا. اسان جي انهي پاسي در کولڻ کانپوءِ اهو پاسو وري وسڻ لڳو ۽ مامي مرزا محمد  رحيم بيگ، مرزا دادو بيگ جي گهران شادي ڪرڻ کانپوءِ انهن کي لڏائي اُتي آڻي رهايو ۽ انهن جي گهرن جا در اُنهي پاسي ٿيڻ لڳا.

ناني مرزا خسرو بيگ جي قديم گهر بابت

اسان جي گهر جي ڏکڻ ڏي هڪڙو ٽُڪر زمين جو وٺي، ناني جي گهر جو پڇاڙو ڪيو ويو هو. انهي ڀت ۾ دري هوندي هئي، جنهن مان اسان جي ۽ ناني جن جي گهر جو اچڻ وڃڻ جو رستو هوندو هو. انهي پاسي صُفي ۽ ڪمرن ۾ ناني مرحوما رهندي هئي. الهندي پاسي وري مامي مرزا ولي محمد بيگ ۽ مامي مرزا علي محمد بيگ جن جا گهر هئا. انهن جي پريان وري نانو مرحوم پاڻ رهندو هو. اڳوڻو گهرن جو نمونو هي هوندو هو: صُفو ۽ اُنهي جي اڳيان لانڍي وانگي جاءِ يا ٻيو کليل صُفو ۽ پاسي ۾ يا پٺيان ڪمرا ۽ صُفي جي هڪ ڪُنڊ ۾ بخارو ۽ لانڍي جي اڳيان ٿلهو ۽ ڪٽهڙو، ناني مرحوم جي جاءِ جي اڳيان ٿلهو پڪين سرن جي فرش سان ٻڌل هوندو هو ۽ انهي جي پريان ڏکڻ ڏي وري کوهه ۽ باغيچو هو ۽ انهي جي سامهون اڀرندي ڏي وري بورچيخانو هوندو هو، جتي مائي شاهو ماني رڌيندي هئي. انهي جي مٿان کُڏ تي کليل ماڙي به هوندي هئي ۽ انهي جي پاسن کان ڀتيون هيون، ته جيئن ڪوٽ ڏي يا ڪنهن ٻئي پاسي نظر نه پوي. ناني جي جاءِ جي الهندي ڏي وري ڪي ڪوٺيون هيون جتي ناني مرحوما رهندي هئي. ناني مرحوما جو توشاخانو به انهي پاسي هوندو هو. دائي قدم ۽ وڏيري جافران به انهي پاسي رهنديون هيون. ناني مرحوما جي جاءِ اڳيان اڱڻ هوندو هو، بورچيخاني وٽان دروازي تائين زمين هيٺاهين هوندي هئي. جنهنڪري مينهن جو پاڻي گڏ ٿي، پوءِ موري مان وهي، گهٽي ڏي ويندو هو، تنهنڪري هڪڙو پڪين سرن جو رستو اٽڪل ٽي چار فوٽ ڪشادو بورچيخاني کان وٺي  در ائين هوندو هو، جنهن تان اچبو هو ۽ انهي جي هيٺان، مورين مان پاڻي وهي ويندو هو. ناني مرحوما جي جاين جي ايون جي اڀرندي واري ڀت سان وري هڪ ٻه ڪمرو هوندو هو، ۽ مائي آمنت اندران، مائي لالا ۽ سندس ڌيءَ مائي کتيجان به اتي رهندا هئا. ٻاهر در وٽ اڏيل ڏيڍي هوندي هئي ۽ هڪڙو وڏو صفو ۽ ڪمرو هو. در تي ميان غلام حسين دربان رهندو هو انهيءَ جي مرڻ کان پوءِ وري ميان شير محمد دربان ٿيو ۽ انهيءَ جي شادي مائي کتيجان سان ٿي، تڏهن هو در واري ڪمري ۾ گهر ڪري رهڻ لڳو. در واري صُفي ۾ نانو، بابو، ماما ۽ ٻيا اچي ويهندا هئا. انهيءَ جي اڳيان کليل اڱڻ هو، اتي به آرڙهه ۾ شام جو کٽولا وجهي ويهبو هو، انهي جي اڳيان وري وڏو در هوندو هو.

در واري جاءِ جي اوڀر  ۾ گهٽي جو دروازو هوندو هو، جتان اسين  ۽ ميان ابراهيم جن ايندا ويندا هئاسين. اوڀر ڏي ڪوٽ  جي ڀت سان ڪي جايون هيون ۽ انهن جي آمهون سامهون به ڪي جايون هيون، اتي وهٽ بيهندا هئا ۽ نوڪر رهندا هئا. هڪڙي جاءِ ۾ عبد علي شاهه رهندو هو. جيڪو رمل وجهندو هو. آغا علي رضا به اتي رهندو هو. اڳيان اڀرندي  ڏي وري چاچي مرزا بنده علي بيگ  جي گهر جو در هو. شادي ڪرڻ کان پوءِ ناني هنن کي اتي ويهاريو هو، پر پوءِ هو ناني جي مرضي خلاف مانجهوءَ هليا ويا. تڏهن انهي گهر ۾ مڪتب ڪيائون، جنهن ۾ آخوند محمد شفيع پڙهائيندو هو. مامي جن، ادي جن، مامي جن جا پٽ ۽ اسين اتي قرآن ۽ پارسي پڙهندا هئاسين. انهي کان پوءِ مامو مرزا غلام اتي اچي رهڻ لڳو.  جيڪو اڳيان ميان ابراهيم جن جي گهر رهندو هو ۽ پرڻيو به اتان ئي هو. ميان امام علي جي مرڻ کان پوءِ سندن جاءِ به مامي مرزا غلام جي ٿي. مون به انهن کان ئي خريد ڪئي. محمد جعفر جي جاءِ ته سندس پٽ اسحاق،  ڪنهن واڻئي کي وڪڻي هليو ويو هو، مون اُنهي واڻئي کان اها جاءِ خريد ڪري اُتي اوطاق ٺهرائي.

ٻاهرئين در جي آمهون سامهون ناني مرحوم جي اوطاق هوندي هئي، پر جڏهن نانو مرحوم بيمار ٿي پيو، تڏهن گهر ۾ رهندو هو. ڊاڪٽر ۽ طبيب سڀ اتي ايندا هئا. ۽ مير صاحب ۽ ٻيا سرڪاري آفيسر – ڪليڪٽر وغيره ۽ ٻيا اتي پڇڻ ايندا هئس. مون کي نانو مرحوم رڳو کٽولي تي پيل ياد ٿو پوي، جو آئون وٽس ويندو هوس. بابو مرحوم به اتي سندس اڳيان ويهي ڪتاب پڙهندو هو ۽ پوءِ پاڻ ۾ علمي بحث مباحثا ڪندا هئا. جڏهن ناني جي حياتي ۾ مامي مرزا علي محمد بيگ  کي نوڪري ملي تڏهن انهيءَ واري اها اوطاق وسائي ۽ انهي ۾ چڱو سامان اچي رکيائين، اها اوطاق هاڻوڪي اوطاق واري جاءِ تي هئي ۽ هڪڙو ڊگهو صفو هو ۽ پاسي کان الهندي پاسي سان هڪڙو ننڍو صفو ۽ ڪمرو هو. انهيءَ اوطاق جي الهندي کان، ٿورو پنڌ تي وري مسجد هوندي هئي، جنهن هنڌ هاڻي مسجد آهي. مسجد جي اُلهندي کان وري ڪانن رکڻ جون جايون هونديون هيون. اتر کان باغ هوندو هو ۽ کوهه وٽ جايون هونديون هيون. جتي يوسف گرجي رهندو هو ۽ ناني مرحوم جا باز سنڀاليندو هو. باغ واري جاءِ اها ساڳي آهي جنهن تي ڪن ورهين کان وڏو پڙ ٿيندو هو ۽ هاڻي  مرزا علي نواز بيگ جو گهر ۽ مرزا غلام حسين جي گهر جو ڀاڱو آهي.

پاڙي اوڙي ۽ ڳوٺ جي جاين بابت

اسان جن هاڻوڪن گهرن جي اتر ڏي هاشماڻين جا گهر هوندا هئا. انهن جي اُتر ڏي ٻيو ڪوبه گهر ڪونه هوندو هو. اسان جي هاڻوڪي اوطاق، جيڪا اڳي ميان محمد جعفر  جو گهر هو، تنهن جي الهندي ڏي خميسي جو ۽ سندس ٻين مائٽن جا گهر هوندا هئا. رمضان ۽ بچو خميسي جا پٽ  آهن. اسان جي هاڻوڪي گهر يعني ميان ابراهيم جي گهر جي اولهه ڏي ۽ اسان جي پيءَ جي گهر جي اتر ۾ چاچي مرزا قربان علي جو گهر هو، جيڪو اڃا آهي. انهي جو در به ٻاهر هوندو هو. جتان اڃا آهي ۽ جتي سندن هاڻوڪي اوطاق آهي، اتي يارو رهندو هو. يارو جي گهر جي ڏکڻ ڏي وري پيرل جو گهر هو، جتي هينئر ادي علي قلي بيگ جو گهر آهي، جو پهرين اتي اسان جي اوطاق هئي، تڏهن اتي ويٺو؛ نه ته اڳي سندس پيءُ ماهي ۽ ماڻس بختيار جو گهر، ياري جي گهر جي پاسي ۾ هوندو هو. جتي هينئر مرزا علي مدد بيگ جن جي مسجد آهي، انهيءَ هنڌ ڌاري پخالين جا گهر هئا ۽ جتي هاڻي سندس انگاس واري نم آهي، اتي لونگ رازي جو گهر هو. انهيءَ جي پٺيان عنبر فقير جو اوتارو هو، جنهن جي چوڌاري لوڙهو هو ۽ هاڻي ڀت آهي. اها ساري زمين ادي مرزا غلام رضا بيگ، عنبر جي پٽ ياقوت کان خري ڪئي هئي. عنبر جو ڀاءُ کٻڙ هوندو هو ۽  سندس ماءُ ڪٽيٽي هئي. عنبر جي اوتاري جي اُتر ۾ وري آچر پخالي جا گهر هئا ۽ واڍن جي گهرن ڌاري جروارن جا گهر هئا. جتي هاڻي جنڊاهوڙن، حاجي ۽ نورمحمد وارن جو گهر آهي، اُتي جمعي  قريشي ۽ اميد علي قريشي جن جا گهر هئا. جمعو اسان جو قديم نوڪر هو. جمعو توڙي اميد علي  ٻئي جوڳي به هوندا هئا.

اسان جي گهرن يعني ناني ۽ بابي جي گهرن جي اڀرندي کان گهٽي آهي ۽ پاسي کان ڪوٽ جي ڀت، انهي ڪوٽ ۾ ڪرم علي خان جي ٽن ديرن جا گهر هئا. پهرين اسان جي هاڻوڪي گهر  جي ويجهو ۽ آمهون سامهون  وچين ديري يا بيبي جندو جا گهر هئا: ناني جن جي گهر جي سامهون ننڍي ديري يا بيبي زينب جون جايون هيون، جيڪي پوءِ لڏي وڃي ڪوٽڙي  ويٺا. وڏي ديري يا  بيبي ڀاندي جون جايو وچ تي هونديون هيون ۽ بيبي جندو جي جاين جي سامهون اڀرندي ڏي  ميان ابراهيم جي ڀيڻ مائي مراد خاتون ۽ ان جي مائٽياڻيءَ مائي ڪمال خاتون جون جايون هيون، سي مير صاحب جو سريتون هيون. ڪوٽ جي وڏي در وٽ دربانن جون جايون هيون ۽ انهن جي اڳيان مينهن جي بيهڻ جا وٿاڻ هئا. قاسم فقير به ڪنهن وقت اتي رهندو هو. اڳڀرو ڏکڻ ڏي وري ميان عافيت حبشي، ناظر جي اوطاق هئي، جتي هڪڙي ڪوٺي ۾ مسيت وٽ ياقوت حبشيءَ ۽ نصيب حبشي به رهندو هو، جيڪو ميان عافيت جو ماڻهو هو. ميان عافيت جي اوطاق ۾ مونکي ياد  آهي ته بابو مرحوم  ‎۽ آغا صاحب چوپڙ ۽ شطرنج راند ڪرڻ ايندا هئا. ميان عافيت جي گهر جي دروازي سامهون، ڪوٽ جو ٻاهريون وڏو در هو، جنهن جا نشان اڃا قائم آهن.

ڪوٽ جي اڀرندي ڏي يا اتر اڀرندي ڏي ٻيو ڪي به ڪين هو- کليل ميدان هو پر ڏکڻ اڀرندي ڏي خاصخيلين جي هاڻوڪي گهرن ڌاري ميان نصر الله ۽ خيرالله جا گهر هئا. هاڻوڪا خاصخيلي انهي جو اولاد آهن، مون نصرالله ۽ خيرالله ڪين ڏٺا، پر ميان سليمان، احمد ۽ بچل ڏٺو هو. بچل جو پيءُ ڪريمداد به ڏٺو هوم. انهن جي گهرن جي اتر ۾ ميان سليمان جي اوطاق هوندي هئي، جيڪا مون کي ياد آهي. اهي سڀيئي خاصخيلي پوءِ رازڪي ڪم کي لڳا. رڳو ميان  احمد حبشي، منشي هو ۽ سرڪاري نوڪري ۾ تپيدار هو، جو پوءِ موقوف ٿي آيو، پر ڏاڍو خبردار ۽ حرفتي هو ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ به هُشيار هو ۽ شعر به چوندو هو.

ڳوٺ جي ڏکڻ واري پاسي، خاصخيلين جي گهرن جي اوريان سيد تقي شاهه ۽ سندس پٽ مهر شاهه جو گهر هو، جتي اڃا آهي. انهي جي اوريان بازار شروع ٿي ٿئي، جيڪا ميان عافيت جي اوطاق ڀت جي پُٺيان ٿي لنگهي. بازار جي اتر واري پاسي جي اڀرندي ڇيڙي ۾ نهال ۽ ڀيرو واڻئي جو گهر هو ۽ انهي جي سامهون ٽڪاڻو هو. ٽڪاڻي جي اوريان وري هرو ۽ ٻين واڻين جون جايون هيون، جيڪي کير ۽ ڏڌ وڪڻندا هئا. انهيءَ جي اوريان ڏکڻ وري گهٽي هئي ۽ گهٽيءَ جي اڀرندي  پاسي حسن ساٽي جا گهر هئا  ۽ الهندي پاسي سامهون الهورائي قاصائي جا گهر هئا. گهٽيءَ  جي منهن جي سامهون جي سامهون ميان عافيت جي اوطاق جي ڀت وٽ مڇي واري جو دڪان هوندو هو، جتي مائي  حوا ساٽياڻي ويهي پلا مڇيون وڪڻندي هئي. گهٽي جي مُنهن جي  اوريان بازار ۾ ڏکڻ واري پاسي پمن مکي جو هٽ هو ۽ انهي جي اوريان پرسوءَ واڻئي جو هٽ هو ۽ انهي اوريان وري واڌوءَ گگر جي هٽ هو، جيڪو ڪپڙو وڪڻندو هو. اتي بازار پوري ٿيندي هئي ۽ واڌو ڪاڻي جي هٽ جي سامهون اتر واري پاسي  نيڀن جو هٽ هو،  ۽ انهيءَ جي اوريان وري واڌوءَ گگر جو هٽ هو، جيڪو ڪپڙو وڪڻندو هو. ات بازار پوري ٿيندي هئي ۽ واڌو ڪاڻي جي هٽ جي سامهون اتر واري پاسي ٻيو گهڻو هٽ ڪونه هو، نيڀن جي هٽ جي اوريان ٽڪيي ۽ مينگهي ڀڳرسين جا گهر هئا،  جتي هاڻي اسڪول آهي. واڌو ڪاڻي جي هٽ جي پٺيان احمد ڀٽي جو گهر هو، جيڪو پٽين جو پٽيل هو ۽ ٻيا سندس مائٽ، سندس پٺيان ۽ آس پاس ويٺل هئا. مٿي وري سيد تقي شاهه جي گهر جي ڏکڻ ۽ حسن ساٽيءَ جي گهر جي اڀرندي ڏي وري بُڙدي ويٺل هوندا هئا، جهڙوڪ؛ خدا بخش، پيرو ۽ ٻيا، جيڪي پڻ رازڪو ڪم ڪندا هئا. نيازي هوروالو، گُلڻ ٻروچ ۽ ٻيا به اتي ئي ويٺل هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org