سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :95

 

سک ٿيڻ جو ڪارڻ

ديوان ماڻڪ سنگهه، پنجاب ۾ مهاراجا رنجيت سنگهه جي درٻارين جي سنگ ۾، پهريائين پاڻ اڪالي ٿيو ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ پنهنجن ڪجهه آڪهه وارن ۽ ٻين کي امرت چکائي، خالصو ڪيائين.

تنهن وقت مهاراجا رنجيت سنگهه سنڌ تي ڪاهڻ لاءِ گرما گرم تياريون پئي ڪيون. 1836ع ۾ سندس لشڪر شڪارپور ۾ اچي پهتو هو ۽ سنڌ جي ميرن کان ٻارهن لک رپيا ساليانو ڏن گهريو هئائين........ سڄي سنڌ جيان حيدرآباد ۾ پڻ ڪيترن هندن ايئن پئي سمجهيو، ته سنڌ جو پرڳڻو اڄ نه سڀاڻي مهاراجا رنجيت سنگهه جي هٿ وس ايندو؛ ۽ وڏا عهدا اڻ پُڇيو خالصن کي ملندا، ائين ڪي عهدن ملڻ جي تمنا وچان به خالصا ٿيا، پوءِ ته وچان ئي انگريزن جي صاحبي ٿي.

انگريزن جي صاحبي جي اوائل ۾ ملڪي ڪمن لاءِ سڀ ملٽري عملدار ٿيا هئا، حيدرآباد جو ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبورن هو. خالصن ۾ ملٽري ڀاؤ ڏٺائين، ته وڻي ويس. تڏهن حيدرآباد ضلعي ۾ هاڻوڪو سڄو نوابشاهه ضلعو ۽ ٿرپارڪر ضلعي جو به ڳچ حصو اچي ٿي ويا. انهي سڄي ضلعي لاءِ تيرهن مختيارڪاريون رٿيل هيون، جن مان يارهن تي ديوان ماڻڪ سنگهه، ديوان چرتسنگهه، ديوان گرداس سنگهه، ديوان آتما سنگهه ۽ ٻيا خالصا مقرر ٿيا. خالصن جو هيترو مانُ ٿيو، ته جيڪي قنڌاراڻي اڳيئي خالصا نه ٿيا هئا، سي به مختيارڪارين ملڻ جي تمنا وچان اڪالي ٿيا. سندن ڀر ۾ رهندڙ ڪي جڳتياڻي ۽ ٻيا به ائين خالصا ٿيا. پوءِ ته سنڌ ۾ ٻين هنڌ به ڪيترن  خالصن ٿيڻ تي زور رکيو. اڄ تائين ڪيترا پاڻ کي ”سنگ“ سڏائيندا آهن، جيتوڻيڪ وڏا وار رکيل ڪونه اٿن.

تڏهن آڏواڻي گهٽي جي چاڙهي هيٺان، منشي وليرام آڏواڻي جو باغ هو، ۽ پريان (الهندي ڪچي طرف) گهاٽو جهنگ لڳو پيو هوندو هو، جيڪو آڏواڻين جي وڏي ڏاڏي ديوان آڏو مل جي نالي پٺيان ”آڏو ٻيلو“ سڏبو هو. انهيءَ ايڪانت واري هنڌ هاڻوڪي رومن ڪئٿولڪ چرچ جي پٺئين پاسي ڀائي مولچند پنهنجي لاءِ هڪ ڪُٽيا جوڙائي، جيڪا ”دوارو“ سڏبي هئي. انهيءَ دواري ۾ صبح جي پهر ۾، گرو گرنٿ صاحب ۽ شاسترن مان ڪٿا ڪندو هو، ۽ پوءِ وٽس ڀڄن ڀاءُ پيو ٿيندو هو. تڏهن حيدرآباد ۾ عاملن کي سنسڪرت لاءِ ڪوبه چاهه ڪونه هوندو هو. ڀائي مولچند منجهن اهو چاهه پيدا ڪيو....... جيڪي غريب وٽانئس وديا پرائڻ ايندا هئا، تن کي کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو ۽ پستڪ مفت ۾ ڏيندو هو. ڦليلي طرف پنهنجو باغ هئس، تنهن جي پيدائش ۽ اباڻي ميڙي چونڊي سڀ دان پُڃ بلي خرچيائين........ سندس سمانڌ حيدرآباد جي مساڻي ۾ جُڙيل آهي، جنهن هنڌ سندس دوارو هو، تنهن هنڌ پوءِ جايون جڙيون ۽ آمدرفت لاءِ گهٽي ٺهي، جيڪا اڃا تائين سندس نالي پٺيان ”ڀائي مولچند گيانيءَ جي گهٽي“ سڏجي ٿي.

93- 1892ع ڌاري حيدرآباد ۾ سوامي هيمراج چداڪاشي آيو هو، سندس سنگ ۾ چداڪاشي پنٿ ۾ ديوان تولارام جو درد وشواس ٿيو. ان جي واڌاري لاءِ هڪ ورهيه نوڪريءَ مان موڪل وٺي، حيدرآباد چڪداسي مندر ۾ ”ٻال مندر“ کوليائين، جتي ننڍڙن ٻالڪن کي ڌرمي سکيا ڏيندو هو.

تعليم جي ترقي

سنڌ ۾ سرڪاري هاءِ اسڪول 1853ع کان هڪڙو ڪراچي، ٻيو حيدرآباد  ۽ ٽيون شڪارپور ۾ وٺي کليا.  حيدرآبادي  عاملن حيدرآباد اسڪول جو چڱو  فائدو ورتو، ۽ منجھائن ڪن بمئيءَ  ۾  وڃي اعليٰ تعليم ورتي، جنهن ڪري سگھو ئي حيدرآباد  جو شهر  تعليم يافته ماڻهن جو  گھر ٿيو. وڏا عهدا به اول حيدرآبادين کي مليا...... مارچ 1878ع ۾ سکر  ۽ ڪوٽڙي  وارو ريل جو رستو کليو، ته ڪي ساهتيءَ وارا حيدرآباد  هاءِ اسڪول ۾ وڃي پڙهڻ لڳا؛ پر سفر جي سختي  هين ........... ڪوٽڙي واري پل 25 مئي  1900ع تي کلي.انهي کان اڳ ڪوٽڙي  ۽ گدو بندر جي وچ ۾  هڪ سرڪاري  جهاز  صبح کان وٺي  سج لٿي تائين هلندو هو، جنهن  ۾ ٻاهريان مسافر  چڙهي، گدو بندر ويندا هئا.۽ اتان وري   گھوڙي گاڏين ۾ حيدرآباد ويندا هئا..... هاڻوڪو حيدرآباد  ۽ روهڙي وارو ريل جو رستو  1896ع جي آخر ڌاري جڙِي راس  ٿيو،  ته حيدرآباد ۾ اچڻ جي سهوليت ٿين.

جڏهن حيدرآباد جو شهر وسيو ، تڏهن ديوان آڏو مل حيدرآباد ۾ پنواڻين کي به پنهنجي ڀر ۾ رهايو، اهو سبب آهي،  جنهن ڪري حيدرآباد جي  آڏواڻي گھٽي ۾ هڪ پاسي پنواڻين جو ويڙهو  ۽ ٻئي پاسي  گلراجاڻين جو ويڙهو آهي. اڄ تائين انهن ٽنهي برادرين وارا شادي  غمي ۾ هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا آهن.........  حيدرآباد ‎۾ اچڻ کانپوءِ به پنواڻين ۽ گلرا جاڻين  جا وڏا اڳيون ساڳيو سونارڪو ڪم ڪندا هئا ، پر منجھائن ڪي بئنڪر به هئا. ميرن کي ڍل جي عيوض ان وغيرهه جي پيدائش جو حصو  ملندو هو، ۽ ڪي عملدار اهو حصو نيڪال ڪري ، هنن بئنڪارن کي پئسا ڏيندا هئا ۽ اهي  ميرن جي وزير ديوان وليرام منشاڻيءَ کي پئسا هٿو هٿ پهچائيندا هئا يا سڌو سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائيندا هئا، ۽ ان لاءِ ڪميشن ملندي هئن.

1936ع ۾ جڏهن سنڌ جو پرڳڻو بمبئي کاتي کان ڌار ٿيو، ته سڄيءَ سنڌ جي وڪيلن مان سرڪار حيدرآباد جي وڪيل ديوان پرتابراءِ کي چونڊي، ائڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو........ ٻئي  سال سنڌ  جي وزير آنربل خانبهادر ايوب خان کهڙي تي مقدمو هليو. مٿس هيءَ تهمت هئي، ته سنڌ جي وزيراعظم مسٽر الله بخش سومري جو خون پاڻ ڪرايو هئائين. ان وقت به ديوان پرتابراءِ جي قابليت جو قدر ڪري، سنڌ سرڪار ساڻس خاص طرف في ٻولي، انهيءَ مقدمي هلائڻ لاءِ کيس اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو. اهو جبرو ڪيس آڪٽوبر 1944ع کان وٺي جولاءِ 1945ع تائين هليو.

گهٽيون ۽ پاڙا

حيدرآباد ۾ جيڪي شهاڻي آهن، سي سڀ ساڳي وقت آيل ڪين ٿا ڏسجن. حيدرآباد جو شهر ڇوڏڪي گهٽيءَ کان وٺي گوسائين واري گهٽي تائين جڏهن گهڻي قدر والارجي ويو هو. تڏهن هي آيل ڀانئجن ٿا. منجهانئن ڪي گوسائين واري گهٽيءَ کان ٿورو ڀرڀرو پنهنجي ڌار گهٽي ٺاهي ويٺا. انهيءَ گهٽي وٽ ڳچ ورهين کان ”سرو گهاٽ“ آهي، تنهنڪري اها عام طرح ”گهاٽ واري گهٽي“ سڏجي ٿي. اڳي انهيءَ گهٽيءَ جي مُنهن وٽ هڪ ڪرڙ جو وڻ بيٺو هوندو هو........ انهيءَ سبب ڪيترا ورهيه اها گهٽي عام طرح ”ڪرڙي گهٽي“ سڏبي هئي. اهو ڪرڻ جو وڻ 88- 1887ع ڌاري ڪپائي ڇڏيائون. اها گهٽي ديوان صاحبراءِ ۽ ٻين شهاڻين وسائي، تنهن ڪري عام طرح ”ديوان صاحبراءَ جي گهٽي“ سڏجي ٿي، ته به ٻيو نالو ”گهاٽ واري گهٽي“ اڄ تائين هليو اچيس.......... راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جي آڪهه وارا انهيءَ گهٽيءَ کان ٿورو ئي پرڀرو پراڻي ٽپال واري رستي تي رهن ٿا. ٻيا شهاڻي کانئن گهڻو پري کيانتي ٽنڊي ۾ ويٺا آهن.

حيدرآباد جو شهر مير فتح علي خان جي وقت ۾ وسيو، ته ٻين ڪيترن عاملن کان اڳ ۾ ميرچنداڻي ۽ ڪرپالاڻي آيا. شهر جو مٿيون ڀاڱو قلعي کان وٺي ڇوڏڪي گهٽيءَ تائين ڪيترن ڀائيبندن اڳي ئي والاريو هو، تنهنڪري هن هاڻوڪي سرور واري قبيءَ کان وٺي پٽ والاريا، ۽ پوءِ ٻين آڪهين وارا آيا، ۽ انهن کانئن پرڀرو هاڻوڪي سري گهاٽ تائين پنهنجا ماڳ جوڙيا، ته ڪرپالاڻي ۽ ميرچنداڻي شهر جي وچ ۾ ٿي پيا. سرور واري قبيءَکان ٿورو پرڀرو اڳي شهر جو ڇيڙو هوندو هو، ۽ اُتي ساٽي مڇي وڪڻندا هئا، جنهنڪري اُن کي اڄ تائين ”پراڻا مڇي هٽ“ چوندا آهن. انهن مڇي هٽن جي ڏکڻ ۽ اُڀرندي طرف خالي پيل پٽ ميرچنداڻين والاريا ۽ پنهنجو محلو ٻڌائون، جنهن کي ميرچنداڻي گهٽي چئجي ٿو. انهيءَ گهٽيءَ جي ڇيڙي وارو ڀاڱو سرور واري قبي جي گهٽيءَ سان لڳو بيٺو آهي.

ميرچنداڻي توڙي ٻيا ڪيترا عامل ۽ ڀائيبند جي پنجاب کان آيل آهن، سي گروءَ جا سک آهن تنهنڪري هرهڪ گهٽي ۾ هڪ ٻائو ۽ هڪ ٻانڀڻ ويهاريائون. ميرچنداڻين جو آڪهه گردوارو اڄ تائين ميرچنداڻي گهٽي ۾ آهي، جو گرو پوٽي بابا ڀوپچند ويديءَ 42- 1841ع ڌاري اسٿاپن ڪيو هو. انهي گردواري جڙڻ کان اڳ ئي ميرچنداڻي اُتي اچي رهيا هئا، ۽ سڀ هڪٻئي جي ويجهو جايون جوڙائي ويٺا هئا. انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل ۾ ميرچنداڻين جي وڏي ڏاڏي ديوان ميرچند جي آڪهه وارا به سندس ڀرسان رهندا هئا. پر پوءِ آڪهه وڌڻ سبب هسراج مل جا پويان ڪرپالاڻي گهٽيءَ ۾ وڃي ويٺا......... وري نُک پويان پاڻ کي ماکيجاڻي سڏائيندڙ ميرچنداڻي گهٽيءَ ۾ سوڙها ٿيا ۽ شهر جي مٿين ڀاڱي ۾ جاءِ نه ملين، ته ديون صورت سنگهه فوجدار واري گهٽيءَ ۾ وڃي رهيا........ وري ڪجهه نوآباد ۽ پراڻي ٽپال واري رستي ڏانهن وڃي رهيا.

ميرن جي صاحبيءَ ۾ ميرچنداڻين جا وڏا سزاولڪار هوندا هئا، انگريزن جي صاحبي ٿي ته انهن سزاولڪارن مان ڪن پنهنجا ماپ جا اوزار وڃي لڪايا، جو ڀانيائون ته انگريزن وٽ نڪي اهڙا اوزار هوندا، نڪي کاٽين وغيره جي ماپ ڪرڻ ايندن! پنهنجيءَ دل ڪري ائين ٿي سمجهيائون، ته انگريز ڳتيار ٿي، اسان کي اچي منٿون ڪندا، جو اسان کان سواءِ انگريزن جي سري ڪين سگهندي.

ميرن جي صاحبيءَ ۾ حيدرآباد جو شهر ڳچ قدر وسيو، ته سيوهڻ مان سوائي اُتمچند جو پُٽ سوائي نيڀو مل حيدرآباد جي هاڻوڪي جمن شاهه جي پڙ وٽ اچي رهيو. اڄ تائين سندس درٻار مان ڪيترا وانهان، سونارا ۽ ٻيا ڀڀوت، ڏات، ڇنڊو ۽ رکڙي وٺي، من گهُريون مرادون ماڻين ٿا. انهيءَ ساڳي وقت ڌاري گوسائين هر نام گر حيدرآباد ۾ اچي مڙهي وڌي...... گوسائين هرنام گر جو چيلو گوسائين سورجگر هو، جنهن جي نالي پٺيان ”گوسائين واري گهٽي“ سڏجي ٿي. جيڪا هاڻوڪي سري گهاٽ جي ويجهو آهي.......... شوداس جو اولاد انهيءُ گهٽي ۾ رهيو، جنهن ڪري گوسائين واري گهٽي ۾ ”شوداساڻي گهٽي“ به آهي......... جڏهن ته ان سان لڳ منسکاڻي گهٽي پڻ آهي.

گوسائين هر نام گر جون ڪجهه ڪرامتون ڏسي ٽالپر حڪمرانن کي ويساهه ٿيو، ته هي ڪامل شخص آهي، تنهنڪري مڙهي لاءِ پٽ کيس بنا پئسن ڏنائون. هاڻوڪي گوسائين واري گهٽيءَ طرف اڳي جهنگ لڳو پيو هوندو هو.ا ُهو جهنگ وڍائي، ٿڌاڻين به پنهنجون جايون مڙهي جي ويجهو جوڙايون. ڪجهه ٿڌاڻين جا گهر اڄ تائين انهيءَ گهٽي ۾ آهن، پر ٿورن ورهين کان ڪي هيرآباد ۾ وڃي رهيا آهن. حيدرآباد جي گنجي ٽڪر طرف ڪاليءَ جو مندر اڳي ئي هو، جتي ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ وڃي رهيا آهن. حيدرآباد جي گنجي ٽڪر طرف ڪالي جو مندر اڳي ئي هو، جتي ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ قسمين قسمين جوڳي اچي ڪٺا ٿيندا هئا، جن جو شاهه جي رسالي ۾ ذڪر آهي، پر هاڻي شهرن ۾ مڙهيون پوڻ شروع ٿيون آهن.

جڏهن خدا آباد کي کوسن ساڙي رک ڪري ڇڏيو. تڏهن ميان غلام شاهه کي دل ۾ آيو، ته حيدرآباد وسائي گاديءَ جو هنڌ ڪجي، ته هن ديوان گدومل کي ٻه ٻيڙيون ناڻي جون هالن مان کڻي ڏنيون، ته وڃي نئون قلعو جوڙاءِ، ته شهر وسائڻ جي ڪوشش ڪجي. ديوان گدومل پنهنجن ماڻهن جو ٽنڊو پاڻ سان وٺي، ڪوٽڙيءَ جي سامهون، درياهه جي ٻئي ڪپ تي اچي پنهنجو ڳوٺ ٻڌوءِ ۽ اهو اڄ تائين سندس نالي پٺيان ”گدوءَ جو ٽندو ۽ ”گدو بندر“ سڏجي ٿو. ديوان گدومل پاڻيءَ جي سهنج ڪري پنهنجي اٽالي سوڌو اُتي رهيو؛ پر جهونو نيرن ڪوٽ اُتان ڏيڍ ڪوهه پنڌ هو. تڏهن ملتان جو گورنر لالا مولراج هو، جيڪو سندس سنگتي هو. هن جي معرفت ميان شفيع محمد ۽ ٻيا ڪاريگر ملتان مان گهرايائين، جو اول هڪ ڪچسرو قلعو جوڙيو... پوءِ 1768ع ۾ هاڻوڪو پڪسرو قلعو جڙي راس ٿيو....

ڪلهوڙن کان پوءِ ميرن جي  صاحبي ٿي، ۽ ديوان گدومل ديواني عهدي تي هلندو آيو. مير فتح علي خان جي وقت ۾ حيدرآباد جو شهر ڪجهه قدر وسيو، ته ساگراڻي (حيدرآباد جا مکي) ۽ ڪيترا ڀاٽيا ۽ ٻيا ڀائيبند آيا، جن قلعي کان وٺي ڇوڏڪي بازار تائين پَٽ والاريا. پوءِ عامل به آيا، جن ڇوڏڪي بازار کان وٺي هاڻوڪي سري گهاٽ تائين جايون جوڙايون. ايئن شهر وسيو تنهن کان پوءِ مير اچي قلعي ۾ رهيا. ديوان گدومل به ساڻس گڏ حيدرآباد ۾ آيو، ۽ قلعي جي ويجهو، جيڪو پَٽ واندو ڏٺائين سو والاريائين. سندس آڪهه وارا سڀ اُتي اچي رهيا ۽ اها گهٽي اڄ تائين ديوان گدومل جي نالي پٺيان ”گدواڻي گهٽي“ سڏجي ٿي. اها گدواڻي گهٽي، گدوءَ جو ٽنڊو ۽ حيدرآباد وارو قلعو سڀ ديوان گدومل جا يادگار آهن. گدوبندر وٽ پوءِ ريلوي اسٽيشن ٺهي، ۽ اها به سندس نالي پٺيان سڏجي ٿي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت کان وٺي ميرن جي صاحبيءَ تائين ديوان گدومل پنهنجن حاڪمن جي بلڪل وفادار ٿي رهيو؛ پر ميرن ساڻس توڙ تائين نه نڀايو.

نياڻي، ديوان ۽ ٽالپر

گدواڻي ۽ ٻيا ڪيترا حيدرآبادي عامل هئين چوندا ته: ميرن مان ڪنهن ٻڌو، ته ديوان گدومل جي نياڻي نهايت سهڻي آهي، سو هن سان پرڻجڻ جو ارادو ڪيائين؛ پر دل ۾ آيس ته اول ڇوڪري ڏسان، جنهن  جي هيتري هاڪ ٻُڌجي ٿي. چون ٿا ته انهيءَ مير پوءِ ڇا ڪيو، جو زنانو ويس ڪري، گدواڻي گهٽي ۾ گهڙي ويو، ديوان گدومل پنهنجي گهٽيءَ ۾ پهري لاءِ ڪي شيدي ملازم بيهاريا هئا، جيڪي ساڻس بلڪل سچا هئا. انهن نوڪرن سهي ڪيو، ته مير صاحب زناني ويس ۾ گهٽي ۾ گهڙيو آهي، تن ديوان گدومل کي ڪن ۾ ڦُوڪ ڏني.

ديوان گدومل به پنهنجي اک ٽيٽ ڪئي. جڏهن پڪ ٿيس، ته اهو برابر مير آهي، تڏهن به اڻ لکن جيان پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنائين، ته هن ڌاري عورت کي هڪالي ڪڍو. پوءِ ته نوڪر لٺيون کڻي اچي لڳس؛ پر هو جيئن تيئن پنهنجي جند ڇڏائي وٺي ڀڳو. انهيءَ وقت کان وٺي ديوان گدومل ميرن وٽ ڪوڙو ٿيو.

پوءِ ته گدواڻين سان ڏاڍ شروع ٿيا، جنهنڪري اُهي سنڌ ڇڏي، ٻيڙين ۾ چڙهي کارو کيڙيندا (سمنڊ جهاڳيندا) ڪنهن راجا جي ملڪ (شايد ڪڇ ڀُڄ) ڏي وڃڻ لڳا. ميرن کي جو سڌ پيئي ته ديوان گدومل پنهنجي آڪهه سميت فلاڻي راجا جي ملڪ ڏي ويو آهي، ته انهي راجا کي لکي موڪليو، ته ديوان گدومل وارن کي موٽائي اسان ڏي موڪليو. حاڪم حاڪمن جي مرضي رکن ٿا، تنهنڪري سڀني گدواڻين کي موٽڻو پيو. گدواڻين مان هڪ مائي سنئين مهيني هئي تنهن کي ٻيڙي ۾ ٻار ڄائو. هڪڙي حاڪمن جي ڪاوڙ، ٻي سفر جي تڪليف، ۽ ٽيون هي ڳالهيون، تن ديوان گدومل جي دل کي جهوري لائي ڇڏي؛ پر هيءَ مڙس تڪليف جي وقت ۾ به پنهنجو مغز تپڻ نه ڏيندو هو.

ديوان گدومل پنهنجي گهر پهچڻ شرط پنهنجي نياڻيءَ کي چيو: اسان جو هيترا ڏک ڏٺا آهن، ۽ سور سٺا آهن، تن سڀني جو ڪارڻ تُون آهين. جيڪڏهن توکي مسلماني مذهب ۽ مير سان شادي ڪرڻ قبول آهي ته سويل ئي ڳالهه ڪر، نه ته اڄ مون کي ڏاڍي لاچاري سان تو نياڻي جي ڳچي تي تلوار هلائڻي پوندي. ائين چئي ديوان گدومل روئي ڏنو. هيءُ پهريون گهُمرو هو، جو ديوان گدومل جهڙي شينهن کي ڪنهن رُئندي ڏٺو هجي. سندس نياڻي جيڪا پنهنجي ڌرم تي ڏاڍي پوري ۽ ثابت قدم هئي، تنهن آڳاٽي آريا ورت جي بهادر استرين جيان پنهنجي پتا کي چيو: مرڻو اوس آهي. پنهنجي ڌرم ۽ شرم بچائڻ لاءِ مان ترار جا ڌڪ خوشي سان سهنديس............

ديوان گدومل کي هينئر نهايت ڳؤرو ۽ مها هچا جو ڪم ڏاڍي لاچاري سان ڪرڻو پيو. سندس سر ڪو گهُري ها، ته خوشيءَ سان ڪُلهن کان ڪوري ڏئي ها، پر پنهنجي آنڊي ڄائي، ۽ ههڙي سلڇڻي ۽ ڌرمشٽ نياڻيءَ تي ترار هلائڻ سندس لاءِ موت کان به وڌيڪ ڪم هو. هن سنڌ جي سورمي پوءِ پنهنجي دل تي پٿر رکي، پنهنجي سناتن ڌر سانگي پنهنجي ڪنيا کي ڪُهي ڇڏيو! ۽ اونداهي اڌ رات جو سندس لاش مساڻي ۾ پهچائي، سندس اگني سنسڪار ڪيائين.

چون ٿا ته مير صاحب کي جو سُڌ پيئي، ته مون کي سڱ ڏيڻ بدران ديوان گدومل پنهنجي نياڻيءَ کي ڪهي ڇڏيو آهي، سو پاڻ کي اچي کاڻو. هن پوءِ ديوان گدومل ڏي ماڻهو موڪليو. ديوان گدومل کي سڌ ڪانه هئي، ته ڇو سڏ ٿيو اٿم. هن اهو سڏ رواجي سمجهيو، ۽ ائين ڪونه ڀانيائين ته ڪو ڪال جو سڏ ٿيو اٿم. هو جهڙو درٻار ۾ گهڙيو، تهڙو مير صاحب جي ماڻهن اچي ورتس، ۽ چؤکنڀو ٻڌي، بُنڊين سان جلائي ماريائونس!

ڀُڏن جو احوال

حيدرآباد جي لالواڻي آڪهه ۽ ٻين ڪن ٿورين عامل آڪهين ۾ ڪي ڀڏا آهن، جن دنيا جي ڪيترن عالمن جو ڌيان ڇڪايو آهي........ حيدرآباد ۾ پهريون ڀڏو ديوان ڀاونداس ٿڌاڻي، نُک: ڀاڳيا هو....... سڀ ڀُڏا پنهنجي بُت جي بناوت ڪري پري کان پڌرا آهن. عام طرح سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي چمڙي ۾ پُور ٿين ٿا، جن مان پگهر نڪري ٿو؛ پر سڀني ڀُڏن جي چمڙي لسي ئي لسي ٿئي ٿي. تنهنڪري کين پگهر ڪونه نڪري. پگهر نڪرڻ ڪري بُت ٺريو ٿڌو ٿئي ٿو، پر هنن کي پگهر نڪري ئي ڪونه، تنهنڪري ٿورڙيءَ ئي اُس ۾ سندن چمڙي تپي وڃي ٿي، ۽ کين اوسو ٿئي ٿو. انهيءَ سبب اُهي ڏيهاڙي گهڻا گهُمرا سنان ڪرڻ پسند ڪندا آهن، ۽ آلي ڪپڙي پهرڻ ۾ گهڻي فرحت ايندي اٿن. ٻاهر اُس ۾ نڪرندا ته آلو انگوچو يا ٽُوال مٿي تي وجهي نڪرندا. انهيءَ تان چوڻ آهي: ”ڀڏ ڀڏاڻي، ٿڌو پاڻي.“

گونگن جو احوال

ڀُڏن کي هرهڪ پاسي چار ڏاٺون – ٻه مٿيون ۽ ٻه هيٺيون – ٿينديون آهن؛ ڪُل اٺ. کين ڏند ڪونه ٿين، پر ڏاٺن ۾ ايتري برڪت اٿن، جو ڪهڙو به روٺي سوپاري ڀڃيو وڃن!........ ڀڏاڻ جو اثر موروثي آهي، پر رڳو ڏوهٽا ڀُڏا ٿيندا آهن. ڪنهن ڀُڏي جا چار پنج ڏوهٽا هوندا آهن، ته انهن مان ڀُڏا رڳو ٻه ڄڻا ٿيندا آهن.

هوڏانهن مائٽن جي اڍ ڇڪڻ جو قاعدو لالواڻين جي ٻئي ڪٽنب ۾ ٻيءَ طرح ڏيکاري ڏئي ٿو. انهيءَ ڪٽنب ۾ واري سان ٻوڙا بار ڄمن ٿا. يعني هڪ ٻار سڄو ته ٻيو ٻار ٻوڙو، ٽيون سڄو ته چوٿون ٻوڙو........ هن ڪٽنب ۾ گونگا ۽ گونگيون آهن. ڀُڏن جي حالت ۾ رڳو مردن تي ڀڏاڻ جو اثر ٿئي ٿو؛ پر هنن جا ٻار واري واري سان ٻوڙا ۽ گونگا ٿين ٿا.

ٽالپرن جو خزانو ۽ چاٻيون

ديوان صاحبراءِ ناميارو پارسي جو شاعر هو. ميرن جي شادي غميءَ جي موقعن تي اهڙا عمدا پارسي شعر جوڙيندو هو، جو ميرن کي موهي ڇڏيندو هو. ڪي مير پاڻ به چڱا شاعر هوندا هئا، ته به سندس قابليت جو قدر ڪري کيس چڱا انعام ڏيندا هئا.

ديوان صاحبراءِ منشي آوتراءِ ملڪاڻي، مير صوبدار خان جو مالي وزير هو. ۽ سندس عهدو ”چانسيلر آف ايڪسچيڪر“ جهڙو هو. 1843ع ۾ جنهن وقت سرچارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي، تنهن وقت ميرن جو خزانو حيدرآباد واري قلعي ۾ هو، ۽ خزاني جون ڪُنجيون منشي آوتراءِ وٽ هيون. انهيءَ سبب سرچارلس نيپيئر، ملڪاڻي گهٽيءَ ۾ ويو ۽ منشي آوتراءِ کان خزاني جون ڪُنجيون گهُريائين؛ پر هن ڪُنجين ڏيڻ کان صفا نابري واري ۽ چيائين ته: جيسين مون کي منهنجن حاڪمن (ٽالپرن) جو حڪم نه ملندو، تيسين مان ڪُنجيون پنهنجي هٿان نه ڇڏيندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org