سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 13

صفحو ؛ 15

 

باب تيرھون

 

سکر جي مسلمانن جي سياسي حالت

19 صدي

سنڌ انگريزن 1843ع ۾ فتح ڪئي ھئي تنهن کان پنج سال اڳ پهرين ڪابل جي ويڙه وقت انگريز ڪراچي، ٺٽي ۽ بکر جي قلعي ۽ سکر تي 1838ع ۾ قبضو ڪيو ھو ۽ سکر جي فوجي ڇانوڻي 1845 تائين قائم ھئي. مٿين پنجن سالن اندر نئين سکر جنم ورتو ھو. سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ شڪارپور جي تجارتي شهر کي انگريزن ضلعو ڪيو پر ڪليڪٽر ڪپتان پوپ سکر واري ڇانوڻي ۾ رهندو هو. سکر سول ۽ ملٽري مرڪز هئڻ ڪري ستت ترقي ڪئي. 1857ع واري پهرين آزادي واري جنگ ۾ سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ڇانوڻين ۾ ديسي فوجن ٿوري شورش ڪئي ھئي پر سکر ۾ امن امان ھو. 1872ع ۾ شهر جي آبادي 318,13 ھئي. 1883ع ۾ جڏھن سکر، ضلعي جو ھيڊ ڪوارٽر مقرر ٿيو ته اُن وقت آدمشماري 27389 ھئي. روينيو عملدار به فوجي گورا ھئا چناچه سکر جو ڪليڪٽر آلفيڊ ميفيوبه ڪرنل ھو. 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد پيو، جنهن 1905ع ۾ ھندو لباس پهريو. ساڳي وقت مسلمانن جي بهبودي لاءِ ھڪ پاسي ديو بند ۾ ديني تعليم جو آغاز ٿيو ۽ ٻي پاسي انگريزي تعليم سکڻ لاءِ سر سيد احمد علي ڳڙه تحريڪ شروع ڪئي. آريا سماج جو باني ديانند سرسوتي 1824ع ۾ ڪاٺياواڙ ۾ ڄائو سندس آريا سماج تحريڪ زور وٺندي وئي. 1888ع ۾ ماستر ھري سنگهه سکر ۾ آريا سماج جو دفتر کوليو ھو. اڳ ھندو ۽ مسلمان اتحاد سان رھندا ھئا. ميلن ۽ ملاکڙن ۾ گڏجي حصو وٺندا ھئا. مسلمان ملڪ ھارائي ويٺا ھئا پر ڳوٺن ۽ شهرن جي آسپاس سندن زمينداري ھئڻ ڪري سندن دٻدٻو ھو. ھندو عورتون پڙا پائيندا ھيون ۽ پورھيو ڪري گذر سفر ڪنديون ھيون. مسلمان ان ھندو غريب طبقي جي زالن کان في اَن جو سير چار پايون ڏيئي پيهائيندا ھئا. مسلمانن کي انگريزي تعليم کان نفرت ھئي. مون کي جڏھن والد سڳوري آخوند جي مڪتب کان ڪڍي اسڪول ۾ ويهاريو ان وقت ڪلاس ۾ پنجاه شاگردن ۾ مسلمانن جو تعداد فقط ٽي ھو.

سال 1878 ۾ ترڪي ۽ روس جي پلونيا جي جنگ لڳي جنهن ۾ خليفته المسلمين شڪست کاڌي انگريز وچ ۾ ٽپو ڏيئي برلن ڪانگريس جي اجلاس مطابق بلقان جي رياستن کي آزادي ڏياري ۽ دلاليءَ ۾ سائپرس ٻيٽ تي قبضو ڪيو، مسلمانن کي دلاسا ڏنائون ته برطانيه، ترڪيءَ کي بچائي ورتو. 1897ع ۾ ترڪي ۽ يونان جي جنگ لڳي ترڪن ٿيسلي فتح ڪيو پر يورپ وچ ۾ دخل ڏيئي يونان کي بچائي ورتو. ترڪيءَ جو سلطان جو مسلمان خطبو پڙھندا ھئا پر سلطان اميرالمومنين، خادم الحرمين الشريفين جي حالت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي ويئي. سکر جي مسلمانن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ وٽن آفتاب ۽ الحق ٻه اخبارون ھيون پر مسلمانن ۾ تعليم جي گهٽتائي ھئڻ سبب منجهن اِھا خامي ھئي. اھا ھئي اندروني ۽ بيروني 19 صديءَ جي حالت، مسلمانن ۾ عام طرح مايوسي ڇانيل ھئي. واپار ۽ تعليم کي ھندو چهٽيل ھئا.

 

پهريون ھندو ۽ مسلمان فساد

1892ع ۾ محرم جي ڏھين تاريخ تي مسمانن تازيا ڪڍيا. سکر جو ھندو فوجدار گهوڙي تي چڙهيل تازين سان گڏ ھو. ماتامين اعتراض ڪيو ته فوجدار گهوڙي تان ھيٺ لهي ھلي پر فوجدار اٽلندو مسلمانن کي دٻائڻ لڳو جنهن تي مسلمانن ھن کي گهوڙي تان ھيٺ ڪيرائي لتن ۽ مڪن سان سندس تواضع ڪئي. ھن واقعي ڪري گهڻا ئي مسلمان گرفتار ٿي ويا. جن ۾ ڪي وڏا ماڻهو به ھئا. ھن فساد کان پوءِ ستت ھندو مسلم تعلقات سڌري ويا توڙي جو شهر ۾ ھندن جو تعداد وڌيڪ ھو مثلاً 1901ع ۾ شهر واسين جو تعداد 31316 ھو، جن مان ھندن جو تعداد ويهه ھزار ھو پر شهر ۾ مسلمان محلن ۾ ھندو به رھندا ھئا. مثلاً ڪمانگرن، ڀٽن، ميمڻن، سلواٽن، دبگرن وغيره مسلمانن جا محلا ھئا، ان ڪري تفرقي پوڻ ھوندي به جلد صلح سايو ڪيو[1].   

 

پادري مبلغ

ويهين صدي جي شروعات ۾ سکر مشن سوسائٽي پاران عيسائي پادري شهر جي چونڪن خاص ڪري ھاڻوڪي گهنٽا گهر چونڪ تي کليو کلايو تبليغ جي پرده پٺيان اسلام ۽ باني اسلام تي حملا ڪرڻ لڳا. وري جڏھن مسلمان علمائن اعتراض ڪيو ته پادري پوليس ساڻ ڪري تبليغ ڪندا رھيا. مشن سوسائٽي وارا سنڌي ۾ عيسائيت تي لٽريچر شايع ڪري سستو وڪڻڻ لڳا.  بعض انگريزي ڪتاب مفت ورھائيندا ھئا. اھو لٽريچر بي حد جاذب ھو. پهرين عالمگير جنگ تائين عيسائي مشنري جو ھنگامو قائم رھيو پر پادري ڪامياب ٿي نه سگهيا.

 

ھندوستان جي بيچيني ۽ سکر

1875ع ۾ حسن علي آفندي سنڌ مدرسته اسلام کوليو، مرحوم الله بخش اٻوجهو ۽ شمس الدين بلبل شعر ۽ قلم ذريعي سنڌ جي مسلمانن کي انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ دعوت ڏني. 1889ع ۾ خان بهادر حسن علي ”معاون“ اخبار جاري ڪئي. انڊين نيشنل ڪانگريس تي جاه پرست گروه جو قبضو رھيو ۽ اھو سلسلو 25 ورھين تائين جاري رھيو. ڪانگريس کان اڳ 1876ع ۾ بنگال ۾ ”انڊين ايسوسئيشن“ قائم ٿي چڪي هئي، 1884ع ۾ مدراس ۾ ھندن ”مهاجن سڀا“ برپا ڪئي ھئي. 1888 ع ۾ سر سيد احمد خان ”انجمنِ اسلاميه“ قائم ڪئي. ديوبندي علمائن مان حضرت مولانا رشيد احمد گنگوي ڪانگريس جي حمايت ڪرڻ لاءِ فتويٰ صادر ڪئي، ڪن مولوين سر سيد احمد خان تي نيچريه جو الزام مڙھيو ھو، انگريز پنهنجي اباڻي حڪمت عملي يعني ”ڦوٽ وجهو ۽ حڪومت ھلايو“ تي دستور موجب ڪاربند ھئا، نتيجو اھو نڪتو جو 1889ع کان 1947ع تائين ھندوـ مسلم اتحاد برصغير ۾ قائم ٿي نه سگهيو. ھر ھڪ صوبي ۾ ھندن جون منظم جماعتون ھيون، خود بمبئي جتي ڪانگريس جنم ورتو ھو. اتي لوڪمانيه تلڪ جي ڪيسري اخبار ھندن کي ”شيوا جي تحريڪ“ جو سبق ياد ڏياري رھي ھئي ۽ سڄو مهاراشٽر ھن جي اشاري تي نچي رھيو ھو. بنگال ۾ نريندر ناٿ دت جو بعد ۾ سوامي وويڪانند جي نالي سان مشهور ٿيو، بنگالين کي حريت ۽ استقلال جي دعوت ڏني ۽ 1902ع ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ مسٽر برندرا ۽ سندس ڀاءُ اربندا گهوش مٿئين تحريڪ کي زور وٺرائڻ لڳا. 1905ع ۾ تقسيم بنگال جي اعلان کان پوءِ بنگالي شورش جو اثر بهار ۽ اوڙيسا تي پيو. 1908ع ۾ آسام ۾ خفيه ھٿيار پهچڻ لڳا، اھڙو ثبوت برما سازش وارن مقدمن مان پيو، سي ـ پي تي به شيوا جي تحريڪ جو اثر پيو، چناچه 1907 ۾ اتي جي مشتعل نوجوان مرھٽن ڪانگريس کي اجلاس ڪرڻ نه ڏنو، مهاراشٽر ۽ بنگال جي شورشن جو مدراس تي به اثر پئجي چڪو ھو، ڇاڪاڻ ته ساڳئي سال سري نواس ائنگر جي اخبار ”انڊيا“ ضبط ڪئي ويئي، پنجاب ۾ آزادي جي نوعيت ٻيءَ طرح ھئي، پر ٻين صوبن کان گهٽ ڪو نه ھئي، 1907ع ۾ لالا لجپترام ۽ اجيت سنگهه کي جلاوطن ڪيو ويو، تنهن کان اڳ 1900ع ۾ ڀائي پرمانند انقلابي ليڊر کي ٻيو دفعو سزا ملي ھئي، بمبئي، مدراس، ڪلڪتو، ناگپور، دھلي ۽ لاھور سياسي تحريڪن جا مرڪز بنجي ويا ھئا. يو ـ پي ۾ به ٺاپر ڪانه ھئي. 1908ع ۾ بنارس سازش ڪيس ۾ ڪيترين اخبارن کي ضبط ڪيو ويو ۽ ڪيترين تي ضمانتن ڏيڻ کان پوءِ به پابنديون وڌل ھيون. 1910ع ۾ لارڊ ھارڊبخ وائسراءِ ھند تي گولو ڦٽو ڪيو ويو پر ھو بچي ويو، ھن سازش جو مرڪز به لاھور ھو، ھندوستان ۾ جيڪي به تحريڪون جاري ٿينديون ھيون، تن جو اثر سنڌ جي شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر  تي پوندو ھو، ڪراچي بمبئي کي ويجهو ۽ سکر لاھور کي قريب ھو. سنڌ بمبئي سان شامل ھئي.

 

زبان جو مسئلو

ھندوستان جي برھمڻن جيئن ڪانگريس جي قوميت کي بدلائي رام راڄ قائم ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪيو، تهڙيءَ طرح ھندوستان جي مقبول عام اردو ٻوليءَ کي به مٽائڻ لاءِ زبان جي مسئلي کي کڙو ڪيائون، سال 1867ع ۾ پهريون دفعو بابو فتح نارائڻ سنگهه جي زير صدارت ڪاشي (بنارس) ۾ ھندن جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ رٿ پيش ڪئي ويئي ته سرڪاري عدالتن ۾ اردوءَ بدران ھندي ڀاشا ۽ ديوناگري  خط کي جاري ڪيو وڃي.

ھن فيصلي کان پوءِ ھندوستان جي سڀني صوبن ۾ ھندن مقامي ٻولين جي خلاف ھندي تحريڪ شروع ڪئي. بنگالي عدالت ۾ بنگالي زبان رائج ھئي. اُن آڙ ۾ ھندن بهار ۾ بهاري (پوربي) ٻولي ۽ خط جاري ڪرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي،مٿئين تحريڪ جو پنجاب تي به اثر پيو. 1882ع ۾ ھندن ٻيو دفعو ”ايجوڪيشنل ڪميشن“ اڳيان اُردو ٻولي ۽ خط خلاف ميموريل پيش ڪيو پر خوش قسمتي سان اُن زماني ۾ سر سيد احمد خان وائسراءِ جي ڪائونسل جو ميمبر ھو. جنهنڪري ھندو پنهنجي مهم ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، 1898ع ۾ ھندن حڪومت کي پارسي ۽ اُردو ٻولين خلاف ميمورئل پيش ڪيو، جنهن جي جواب ۾ مسلمان الهه آباد ۾ اُردوءَ جي حمايت ۾ ھڪ ڪاميٽي قائم ڪئي ۽ پنجاب جي مسلمانن ”انجمن حمايت اُردو“ قائم ڪئي، سنڌ جي هندن هن تحريڪ جي مخالفت ڪئي. سکر جي روزانه سنڌي اخبار جا خالص ڪانگريسي ھئي ان جي ايڊيٽر ويرومل بيگراج مخالفت ڪئي ھئي. 1884ع ۾ سنڌ ۾ ”سنڌ سڀا“ رسالو جاري ٿيو، جنهن ۾ صوبائي ۽ ملڪي سماچار کان سواءِ، سنڌي شاعرن جا موزون اشعار شايع ٿيندا رھيا، جن مان محمد قاسم ھالائي، فاضل شاه حيدرآبادي، غلام محمد گدا، مير علي نواز علوي شڪارپوري، مشتاق متعلوي، محمد اسلم ۽ حافظ حامد ٽکڙائي وغيره جا نالا قابل بيان آھن. ھي رسالو ادبي تنقيد ۾ وڌي چڪو ھو. ازانسواءِ سکر جي ٻن اخبارن آفتاب ۽ الحق به سنڌي ٻولي جي فائدي لاءِ چڱي محنت ڪئي. آفتاب جو ايڊيٽر جناب شمس الدين ”بلبل“ ته پنهنجي شعر ۽ سخن جي ڪري سنڌ جو ”اڪبر الهه آبادي“  ڪوٺبو ھو [2]. 1936ع ۾ مهاتما گانڌي وري اردو جي خلاف تحريڪ شروع ڪئي ھئي جنهن جو بيان موقعي سر ڏبو. 1857ع کان پوءِ مسلمان ٻن گروهن ۾ ورھائجي ويا ھئا، ھڪ سر سيد احمد خان جي پارٽي جنهن ۾ مسلمان ھندن جي خوف ڪري شامل ٿيا ھئا ۽ انگريزن سان تعاون ڪرڻ لاءِ آماده ھئا، ٻيا ديوبند علماء جيڪي انگريزن جا جگري دشمن ھئا ۽ ڪانگريس جا حامي هئا، وقت گذرڻ سان انگريزن جا پير اکڙڻ لڳا تاھم علماءُ پڇاڙي تائين ھندن سان تعاون رکندا آيا. جي اٺن صدين جي طويل عرصي کان ڇوت ڇات جي ڪري مسلمانن سان عدم تعاون جي اصول تي پابند ھئا، اھڙن سببن جي ڪري حڪيم مشرق کي چوڻو پيو:”زديو بند حسين احمد اين چه بوالعجبي است“ اهوئي سبب هو جو فيلسوف شاعر ويهين صدي جي شروعات ۾ مسلمانن جي صحيح اسلامي تحريڪ جو آغاز ڪيو ۽ قائداعظم محمد علي جناح جنهن پوليٽيڪل زندگيءَ جو وڏو حصو ڪانگريس ۾ گذاريو ھو، ھندو نواز پاليسين کان تنگ ٿي مسلم ليگ جي قيادت ڪئي.

 

تقسيم بنگال

عيسائيت ۽ سنڌي صورت خطي جي فتنن کان سکر جا مسلمان مس آجو ٿيا ته 1903ع ۾ تقسيم بنگال جو سوال جاڳيو. بنگال جي ھندن جو قدم سياسي ميدان ۾ اڳرو ھو. خاص طور تعليم يافته طبقو خفيه ڪارواين ۾ رڌل ھو. سندن طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ وائسراءِ لارڊ ڪرزن تقسيم بنگال جو اعلان ڪيو. سياسي کورو جيڪو اندر کامي رھيو ھو، سو ھڪدم ڀڀڪو ڏيئي ڦاٽو. بنگالين حڪومت خلاف جلسا ڪيا، لکين صحيحون ورتائون، سڄي صوبي اندر ھنگامو مچي ويو. لارڊ ڪرزن جي صبر جو پيالو به ڇلڪڻ لڳو. فيبروري 1905ع ۾ ڪلڪتي يونيورسٽي جي ڪنووڪيشن جي موقعي تي تقرير ڪندي ھن ھندوستانين تي دل کولي ڇوه ڇنڊيا، بنگالين جو جوش به اڀامڻ لڳو. مارچ 1905ع ۾ ھنن لارڊ ڪرزن جي پاليسيءَ جي مذمت ڪئي، نواب سليم الله به ورھاڱي جي خلاف اعلان ڪندي وائسراءِ جي پڌرائي کي وحشانيه فعل ظاھر ڪيو. لارڊ ڪرزن سڌو ڍاڪا پهچي ھڪ جلسي ۾ مسلمانن کي خطاب ڪندي ڄاڻايو:

”تقسيم بنگال مان هي مقصد آھي ته حڪومت بنگال جي انتظامي ٻوجهي کي ھلڪو ڪيو وڃي، سراسر غلط آھي، پر ھڪ اسلامي صوبو ٺاھڻو آھي، جنهن ۾ مسلمانن جو غلبو ھجي.“

 

غرض ته ڍاڪا جيڪو اسلامي شهر ۽ صنعتي مرڪز ھو، تنهنجا بخت 1905ع ۾ کلي ويا ۽ شهر کي وڃايل مقام حاصل ٿيو ۽ مسلمانن کي ھندن جي گرفت کان ڇوٽڪارو ملي ويو. انگريزن کي بنگالي ھندن جي اجتماعي قوت کي ڪمزور ڪرڻو ھو. اھا تبديلي انقلاب پسند ھندن لاءِ ناگوار ھئي، تنهنڪري سنڌ جي ھندو اخبارن به اخبار اسٽيٽسمئن جي بيان ته ”انگريزن مشرقي بنگال کي اسلامي صوبو بنائي ڇڏيو“ جي پوئواري ڪندي تقسيم خلاف غوغا آرائي شروع ڪئي ۽ مسلمان اخبارن تقسيم جي تائيد ڪئي. تولا رام ٻالاڻي جي اخبار ”ماتا“ کي حڪومت ضبط ڪيو، ليڪن ايجيٽيشن کي جاري رکندي ھنن حيدرآباد مان انگريزي اخبار ”وائس آف سنڌ“۽ ھڪ سنڌي اخبار ”صداءِ سنڌ“ جاري ڪري لوڪمانيه تلڪ جي تحريڪ سوديشي شين واپرائڻ لاءِ ”بندي ماترم“ پنهنجي بورڊ تي لکرايو ھو، سکر جي فريئر روڊ تي به ھن موقعي تي ھڪڙي دڪان جي بورڊ تي پهريون دفعو بندي ماترم عبارت نظر آئي. حيدرآباد جي ڪليڪٽر مسٽر اسٽيل مٿيون ٻئي اخبارون بند ڪيون، ھندن سکر جي روزانه اخبار ”الحق“ تي سازش جي تحت ڪيس داخل ڪيو ھو ڇاڪاڻ ته الحق تقسيم جي فائدي ۾ ھئي. لطف ھي چئبو ته ھن ڪيس ۾ ھند سيٺ ھرچندراءِ وشنداس ڪراچيءَ جي مشهور وڪيل کي پيروي ڪرڻ لاءِ گهرايو ھو، بنگال جي ھندن جا ٻه پروگرام ھئا، (1) دھشت انگيزي، (2) ولايتي مال جو بائڪاٽ.

 

آريا سماج تحريڪ

ھندوستان ۾ جيڪي به ھندو ۽ مسلمان تحريڪون شروع ڪندا ھئا، تن جو اثر سنڌ جي رھواسين تي پوندو ھو، مثلاََ سر سيد احمد خان 1888ع ۾ ”جماعت اسلام“ تحريڪ جو پايو وڌو 1898ع ۾ سيد غوث علي شاه انجمن اسلام قائم ڪئي، اھا تحريڪ 1905 ع ۾ سيد غوث علي شاه جي وفات کان پوءِ ڪمزور ٿي ويئي. 1907ع ۾ شيخ محمد سليمان ”جماعت اسلام“ نالي انجمن قائم ڪئي، وٽس الحق اخبار ھئي، تنهنڪري ھن تحريڪ جلد زور ورتو. پير زادو عبدالرحمان ۽ شيخ حبيب الله ۽ ماستر محمد اسحاق پشاوري سندس معاون ۽ مددگار ھئا. سڀني چندا گڏ ڪري عيد گاه تعمير ڪرائي جو سکر جهڙي شهر ۾ سکر جي مسلمانن وٽ عيدگاه ڪونه ھئي. مسلمان مسجد منزلگاه واري ميدان ۽ ٻين مسجدن ۾ عيد نماز ادا ڪندا ھئا. 19 صدي جي آخر ۾ ھندستان ۾ جيڪي ”گنپتي ديوتا“ جي اعزاز ۾ منعقد ٿيندا ھئا، تن ۾ جيڪي سلوڪ ڳائبا ھئا سي مسلمانن جي صريحاً خلاف ھئا. چنانچه 1895ع ۾ ٻال گنگا ڌر تلڪ، راءِ ڳڙهه ۾ شيواجي جي سماڌي تعمير ڪرڻ لاءِ چندي لاءِ گهر ڪئي ته ھڪدم ھندن کيس ويهن ھزارن جي ٿيلهي پيش ڪئي ۽ ڀڄن جيڪي ڳايا ويا سي ھن طرح ھئا[3].

 

”ضرورت آھي ته ھندو شيواجي ۽ باجي راءِ وانگي جان بازي ڏيکارڻ تي آماده ٿين، بهرحال توھان کي ڍال ۽ ترار سان مسلح ٿيڻ گهرجي ڇو ته اسان دشمن کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آھي، قومي جنگ ۾ اسين پنهنجي زندگيءَ کي
جوکي ۾ وجهنداسون ۽ دشمن جي رت سان زمين کي ڳاڙھو ڪنداسون . . .“

 

ھاڻي گن پتي ديوتا جي ميلن واري ڀڄنن ۾ گئو ماتا جي پڪار ٻڌو:

 

”نهايت ڏک ٿئي ٿو ته توھان کي پنهنجيءَ غلاميءَ تي ذرو به افسوس ڪونهي، بهتر آھي ته خودڪشي ڪريو. بدنيت ماڻهو جلادن وانگي بي رحميءَ سان گائن ۽ وھڙن کي ڪُهن ٿا. اٿو! گئو ماتا جي مدد ڪريو . . .“ [4].

 

انقلابي تحريڪن جو مقصد ھو ”ھندو ازم“. ھندن جا جيڪي ليڊر ھئا، سي مذھبي ليڊر ھئا. مثلاً بنگال جو مشهور ليڊر سوامي رامڪشن جنهن 1886ع ۾ انتقال ڪيو، سو سوامي وويڪانند جو گرو ھو. سندس اپديش ھو ته ”ڪالي روحاني طاقت جي ديوي آھي“ ڪالي سندس عقيدي مطابق سڄي ڪائنات جي ماتا آھي.

سوامي وويڪانند 1897ع ۾ شڪاگو جي مذھبن جي ڪانفرنس ۾ ھندو ڌرم جي نمائندگي ڪئي ھئي. ھن ڪانفرنس ۾ ڄاڻايو ته ”دنيا جو آئينده مذھب ويدانت ھوندو ۽ شڪتي ماتا جي مدد تي ڀروسو ڪري غير ملڪي حڪومت کان آزادي حاصل ڪريو“[5]. ويدانت جي تخيل ڪري ھندو انقلابي پارٽي ”انوسلين سمتي“ ۾ فقط ھندو نوجوانن کي کنيو ويندو ھو ڇاڪاڻ ته انهن کي ڪاليءَ جي بت اڳيان حلف کڻڻو پوندو ھو. ھندو مهاسڀا جو رڪن مسٽر ساورڪر به 1905ع ۾ انقلابي سوسائٽي قائم ڪئي ھئي. 1906ع ۾ ڪانگريس کي ولايتي شين جي بائڪاٽ ڪرڻ جي طرفداري ڪرڻي پيئي پر ھندو مسلم اتحاد آڻي نه سگهي. سکر آريا سماج جو بنياد 1888ع ۾ ماستر ھريسنگهه وڌو. 1908ع ۾ سماج جي بندر تي مستقل عمارت جوڙي ويئي. آريا سماج به ھٽلر جي نازي جماعت وانگي ھئي ھن جو گنپتي ديوتا جو جهنڊو ھو جنهن تي سواسٽيڪا جو نشان ھو. ٻاھريان ڪو ھندو ليڊر ايندو ھو ته آريا سماج وارا ليڪچر ڪرائيندا ھئا ۽ اھڙن ليڪچرن ۾ اسلام ۽ اسلام جي باني رسول اڪرم جي شان ۾ گستاخيون ڪرڻ سماج جو مکيه پروگرام ھو. اھڙن ليڪچرن جي ڪري ھندو مسلمان اوليائن جي خانقاهن تي وڃڻ بند ڪيو. اڳ ھندو مسلمان ھڪ مٽ مان پاڻي پيئندا ھئا.

 

سنڌ پراونشل سکر ڪانفرنس 1908 ع

سکر جي ھندن جي بيداري لاءِ ھئي. ڪانفرنس تاريخي يادگار آهي، جا راءِ صاحب ديوان پيسومل ذوقيرام نائب صدر سکر صوبي سنڌ جي ھندن ۾ اتحاد آڻڻ لاءِ ڪوٺائي ھئي. ھن موقعي تي ھندن سنڌ جي مسلمان ليڊرن کي به دعوت ناما مڪا ھئا، پر مسلمان ليڊرن شرڪت ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ھو. انهيءَ مان معلوم ڪري سگهندا ته ھندو- مسلم اتحاد ۾ انتشار پئجي چڪو ھو.  سکر جي انجمن اسلام شيخ محمد سليمان جي وفات ڪري ڪمزور ٿي ويئي ھئي تاھم سڏ، صلح تي پڙھيل يا جاھل مسلمان جسم ۽ جان ٿي ويندا ھئا. ڪانفرنس جو اجلاس فقط ھندن ڪيو.

 

پان اسلام ازم

ھن اسلامي تحريڪ جو داعي سيد جمال الدين افغاني ھو، جو پنهنجي وقت جو مجدد ھو. ھن اسلامي دنيا، روس ۽ يورپ جو دورو ڪري ايران، مصر ۽ ترڪيءَ کي يورپ جي عيسائي طاقتن جي مقابلي ۾ اسلامي عالمگير برادريءَ جو وسريل سبق ياد ڏياريو. سندس مول مقصد ھو ته دنيا جا مسلمان گڏجي ھڪ بلاڪ ٺاھي پاڻ کي يورپ جي گرفت کان آزاد ڪرائين. توڙي جو سيد جمال الدين افغاني کي استنبول ۾ زھر ڏنو ويو پر عربن، ايرانين ۽ ترڪين تي سندس دعوت جو چڱو اثر پيو.

1911ع ۾ سلطان عبدالحميد خان ثاني يورپ جي سياسي ارادن کان متاثر ٿي ڪري ”الاخوت اسلاميه“ جي تحريڪ شروع ڪئي ھئي ته دنيا جا ٽيهه ڪروڙ مسلمان ”اسلامي فيڊريشن“ ۾ شامل ٿين. مولانا سلطان اسلامي ڪانگريس ڪوٺائڻ جو به ارادو ڪيو ھو پر نوجوان ترڪن جي ”انجمن اتحاد ۽ ترقي“ وارن غازي انور پاشا ۽ نيازي بڪ جي قيادت ۾ سلطان موصوف کي معزول ڪيو. ھن تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ سکر جي الحق اخبار ڪارڊ ڇپرايا ھئا، جن تي سلطان عبدالحميد خان ۽ ڪابل جي امير حبيب الله خان جون تصويرون ڏنل ھيون. سکر ۾ ڪو به اھڙو مسلمان ڪونه ھو، جنهن جي گهر ۾ اھا تصوير لڳل نه ھجي. پان اسلام ازم جو چرچو اڄ به اسلامي دنيا ۾ موجود آهي. ڪڏهن ”اخوان المسلمين“ جي نالي سان ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ۽ ڪڏهن عرب ليگ جي نالي سان موجود آهي ۽ ڪڏهن موتمر اسلامي جا جلسا نيل کان وٺي مهراڻ تائين ٻڌون ٿا[6].

ديوبندي ۽ مراد آبادي

1910ع ۾ شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبند ۾ جلسو ڪوٺايو ھو، جنهن ۾ برصغير جي شهرن جي مسلمانن ٽيهن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 1911ع ۾ ”جميعت الانصار“ جو پهريون دفعو جلسو مرادآباد ۾ منعقد ٿيو ۽ جلسي جي صدارت مولانا احمد حسن امروھي ڪئي ھئي. 1913ع ۾ حضرت شيخ الهند دهلي ۾ ھڪ سياسي پارٽي ”نظارته المعارف“ قائم ڪئي. جنهن جي سرپرستن ۾ حڪيم اجمل خان ۽ نواب وقار الملڪ شامل ھئا.

 

انجمن هلال احمر

سال 1911ع ۾ انجمن اتحاد ۽ ترقي، ترڪيءَ ۾ دستوري حڪومت قائم ڪري، سلطان عبدالحميد خان جي ڀاءُ ارشاد خان کي محمد خامس جي لقب سان تخت تي ويهاريو. 27 آڪٽوبر 1911ع ۾ اٽليءَ طرابلس الغرب تي قبضو ڪيو. ھي واقعو مسلمانن لاءِ ھيجان انگيز ھو. ٻئي سال 1912ع ۾ انگريز ۽ سندس ھمنوا حڪومتن جي اشاري تي بلقان جي عيسائي رياستن گڏجي ترڪيءَ سان جنگ شروع ڪئي. اسلامي دنيا تي ھڪ نئين مصيبت نازل ٿي، 1913ع ۾ مسجد ڪانپور جي ھولناڪ واقعي ۽ جنگ بلقان ڪري مسلمانن جي مجروح دلين ۾ غم ۽ غصي جو سمنڊ ڇوليون ھڻڻ لڳو. حڪيم اجمل خان، مولانا محمد علي جوھر ۽ ڊاڪٽر انصاري کي بلقان جي زخمي مجاھدن جي دوا درمل ڪرڻ لاءِ ترڪي رواني ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ اھڙي عمل لاءِ وڏن شهرن ۾ انجمن ھلال احمر جون شاخون کوليون ويون. سنڌ ۽ سکر جي مسلمانن دل کولي اخوت اسلامي جو ثبوت ڏنو. ادنيٰ توڙي اعليٰ مسلمانن ۾ بيداري پيدا ٿي.

سکر جي مسلمانن جي مذھبي حالت ۽ مسئله خلافت[7]

صوبي سنڌ ۾ جيڪي به مذهبي ۽ سياسي ادارا ھئا، تن وانگر ”مدينته الاوليا“ سکر به مرڪزي حيثيت رکندڙ ھو. خود مولانا حضرت عبدالرحمان جي عرفان ۽ فيض عام ڪري سکر باغ و بهار ھو ۽ سندس پسگردائي وارا ڳوٺ بزرگانِ دين جي مسندن ڪري بغداد، دمشق ۽ قاھره کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ حيثيت نه رکندا ھئا. انهن علمي ۽ روحاني مرڪزن تي طائرانه نظر وجهڻ ضروري آھي. ھر صدي ۾ ھي شهر علمي ۽ روحاني مرڪز رھندو آيو. آگسٽ 1914ع ۾ پهرين عالمگير جنگ جو طبل وڳو. سنڌ جي مسلمانن جون دليون جنگ طرابلس ۽ جنگ بلقان ڪري مجروح ھيون ويتر جو ترڪيءَ، جرمني جو طرف ورتو ته انگريز کي مسلمان پنهنجو دشمن سمجهڻ لڳا. جنهن جنگ طرابلس ۾ اٽلي جي طرفداري ڪئي ھئي ۽ جنگ بلقان ۾ عيسائي رياستن جي حمايت ڪري يوروپين ترڪيءَ جو سمورو علائقو ترڪن کان کسي ورتو. فقط استنبول، ائڊريانوپل ۽ ٿريس جو ٽڪر وڃي ترڪن وٽ رھيو ھو. ٻي عالمگير جنگ کي ھڪ سال مس گذريو ته انگريزن 1915ع ۾ شريف حسين سان مئڪماھن جو خفيه عهد نامو ڪري عربن کي سبز باغ ڏيکاري ترڪن خلاف کڙو ڪيو، جنهن ڪري ”خلافت“ جو سوال کڙو ٿيو. سنڌ جي ھر ھڪ ضلع ۾ خلافت ڪاميٽيون قائم ٿيون ۽ بزرگانِ دين جي شموليت ڪري مسئلي خلافت کي وڏي تقويت پهتي. ابوالڪلام آزاد جي اخبار ”الهلال“ ڪلڪتو ته واڄٽ وڄائي ڇڏيا. علي برادران بمبئي ۾ دفتر کوليو ۽ خلافت اخبار جاري ڪئي. شيخ الهند مولانا محمود الحسن جو اُن وقت حج ڪرڻ مڪه معظمه ڏانهن ويو ھو. تنهن کي انگريزن قيد ڪري مالٽا ۾ نظر بند رکيو. اھڙين حالتن ۾ سنڌي ڪيئن خاموش رھي سگهن ھا، جيڪي پاڻ کي ”حر“ جي نالي سڏائيندا ھئا. سکر ته بزرگانِ دين ڪري ”خلافت اعظمٰي“ تحريڪ جو مرڪز ھو.

 

سکر جي ثقافت

سنڌي ٻولي ۾ پهاڪو آھي ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ۽ سو ڪوھين حڪومت“ ٻولي جو لب ۽ لهجو ھر ھڪ شهر ۾ پنهنجو نمونو آھي ۽ لفظن جي معنٰي به ڦريل گهريل معلوم ٿئي ٿي. ٻولي ته سموري سنڌ ۾ سنڌي ئي آھي. پر لب ۽ لهجي ۽ لفظن جي ڦير گهير ڪرڻ ھڪ حصي جو ٻئي حصي ۾ فرق معلوم ڪري سگهبو. ھر شهر ۽ قريه ۾ ڪجهه نه ڪجهه تفاوت ڏسڻ ۾ ايندو. سکر جي ٻولي سنڌي آھي ۽ تقسيم کان پوءِ مهاجرن جي قيام کان پوءِ اردو ٻولي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ۽ اردو ٻولي جو مزاج به مختلف آھي ڪي بمبئي ڪي ڪاٺياواڙ ڪي دهلي ۽ ڪي لکنو وغيره جو انداز استعمال ڪن ٿا. ٻولي اردو آھي پر لب ۽ لهجي جي خيال کان سندن ٻولي ھڪ ٻئي کان جدا سمجهڻ ۾ اچي ٿي تنهنڪري سکر ۾ سنڌي سان گڏ اردو ٻولي جو به چڱو اثر آھي ۽ ڪٿي ته اردو ۽ سنڌي کي خلط ملط ڪيو ويو آھي.

پوشاڪ تي به گهڻو اثر ٿيو آھي. اڳ پٽڪي جو عام رواج ھوندو ھو معزز ماڻهو پٽڪو ٻڌندا ھئا ۽ ان سان گڏ ترڪي ٽوپي جو به رواج ھوندو ھو. جناح ڪئپ جو رواج آھي ۽ ٻروچڪي ٽوپي نوجوان عام طرح پائيندا آھن. عام طرح ڪوٽ ڊگهو پائيندا ھئا جنهن جو ڳلو بند ھوندو ھو، انگريزن جي اچڻ کان پوءِ انگريزي ڪوٽ رائج ٿيو ۽ چولن جي بدران قميصن جو رواج پئجي ويو، سلوار سنڌين جي قديمي پوشاڪ آھي. ڪي سلوارون گربي جون ھونديون ھيون. ڪي سلوارون سوسيءَ جي ڪپڙي جون هونديون هيون. اڪثر معزز ماڻهو ۽ سادات اھي سلوارون پهريندا ھئا. عام ماڻهو اڇيون سلوارون ڍڪيندا ھئا ۽ پڙھيل ڳڙهيل ماڻهو پاجامو يا پينٽ پائيندا ھئا. جُتي ۽ پمپ شو جو رواج ھوندو ھو. ھن وقت ٿلهي تري واري ۽ وڏي کڙي جي بوٽن جو رواج آھي. عام طرح رنگين ڪپڙا پسند ڪيا وڃن ٿا ۽ پراڻي وضع وارن ماڻهن اڇن ڪپڙن تي اڪتفا ڪئي آھي. زالن به ڪجهه فيشن خاطر قميص ۽ سلوار جو نمونو بدلائي ڇڏيو آھي بهرحال زالن جي منڍ کان وٺي ساڳئي نموني جي پوشاڪ آھي ۽ اھا پوشاڪ زالن ۾ نهايت مقبول آھي. ساڙهي ۽ غراري جو رواج به پيو آھي پر اھو رواج گهٽ آھي.

شهر ۾ اڪثر پڪيون جايون آھن اڳ مسلمانن جي جاين ۾ وڏا صحن ھوندا ھئا جتي ھو ڳئون ۽ مينهون رکندا ھئا. ھينئر ھرڪو واڙن تان کير وٺي رھيو آھي. ڳئون ۽ مينهن جي ٽهل ٽڪور لاءِ ماڻهن کي وقت ڪونه آھي، تنهنڪري لسي، ڌوءنري ۽ مکڻ جو رواج نڪري ويو آھي جايون به ڄڻ سوڙھيون ٿي ويون آھن. ھندن جون ڇڏيل اڪثر جايون کُڏ تي کُڏ ھيون جن کي مهاجرن ڪليم ۾ والاريو آھي ۽ انهن تي اڪتفا ڪئي آھي. ڪچيون جايون غريبن جي رھائش لاءِ موجود آھن. ڪٿي ڪٿي شاھوڪارن ۽ زميندارن جا بنگلا آھن.

زيورن ۾ ٽڪي، جهومر، والين، پنڙن ايرينگن، نٿ، بولو، ڦلي، ھارگلوبند، ڇندن ھار ۽ ڪٺمال جو رواج آھي.

ادبي دنيا جي لاءِ ھي شهر ھڪ زرخيز علائقو ٿي رھيو آھي. عربن جي دور کان وٺي ھي علائقو علم ۽ عرفان جو گهوارو رھيو آھي.

سکر ضلع جا بزرگانِ دين ۽ سندن مجاھدانه ڪارنامه

 

پير محمد راشد

سکر جي ڀر واري ڳوٺ ”ڪنگري“ ۾ 1233هه ۾ ڌاري حضرت روضي ڌڻي پير محمد راشد رحه وفات ڪئي. روضي ڌڻي جي فيض عام ڪري سکر ضلع جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روحانيت ۽ معرفت جا چشما ڦٽي نڪتا. سکر ظاھري ۽ باطني علمن جو مرڪز بنجي چڪو. ڪنگريءَ جي چمن جي مهڪ سکر کي زنده جاويد مقام بخشيو. چنانچه ”ڪنگري“ مان ”سوئي“ سيراب ٿي ۽ سوئي مان ”ڀرچونڊي“ ڀرجي نڪتي ۽ ڀرچونڊي مان ”اَمروٽ“ ضلع سکر ۾ ۽ دين پور سابق رياست بهاولپور علم ۽ عرفان جا اڏا پيدا ٿيا[8].

 

رموزِ خاصگان عامان چه دانند
حديثِ پختگان خامان چه دانند

 

سيد صبغت الله

ھندستان ۾ مغليه شهنشاھت زوال پذير ھئي ۽ مسلمانانِ ھند جي طاقت جو شيرازو ٽٽي چڪو ھو. 19 صدي ۾ سکن سڄو پنجاب فتح ڪري پشاور تي قبضو ڪيو ھو. قبائلي ۽ افغان مغلوب ٿي ويا. اھا حالت ڏسي  مجاھد  اعظم شهيد احمد بريلوي، دارالحرب ھند ۾ سکن خلاف جهاد جو جهنڊو کڙو ڪيو، ۽ پنهنجن رفيقن جي ھڪ جماعت وٺي راجپوتانا کان ٿيندو حيدرآباد پهتو ھو. ٽالپرن اميرن سندس خاطر خواه عزت ۽ مهماني ڪئي. پر مدد ڏيڻ ۾ تامل ڪيو، انهيءَ خيال سان ته متان رنجيت سنگهه سنڌ تي ڪاهي نه اچي. اها حالت ڏسي سيد احمد، پير صاحب پاڳاري سيد صبغت الله شاه بن حضرت محمد راشد رحه سان ملاقات ڪئي. پير صاحب پاڻ حريت پسند ھو، تنهن سيد احمد سان مڪمل اتفاق ڪري، سڄي سنڌ ۾ تحريڪ ھلائي، ۽ مسلمانن کي جهاد جي ترغيب ڏني، ۽ پاڻ ھڪ درزين جي جماعت سڏائي، مجاھدن لاءِ فوجي يونيفارم ٺهرائي، کين ڏنائون. نيٺ پنهنجن مريدن ۽ محبن مان ھڪ جماعت ٺاهي کين سيد احمد بريلوي سان گڏ روانو ڪيو. انهي جماعت جو نالو ”حر“ رکيو ويو، جنهن جي معنيٰ ”آزاد“ آھي. پاڻ وڏي پيماني تي آزاديءَ جا پروانا گڏ ڪرڻ لڳو. پير صاحب جي سڏ تي ڪيترائي عالم ۽ فاضل حرن جي جماعت ۾ شريڪ ٿيا، جن مان قاضي عثمان سنڌي جيڪو شوڪاني جي شاگردن مان ھو ۽ محمد بن عبدالوھاب رحه جي تعليمات کان متاثر ھو. اڃا جهاد مڪمل ئي ڪونه ٿيو ھو ته 1 رمضان مبارڪ 1246 ھه ۾ پير صاحب پاڳاري وفات ڪئي، گويا سيد احمد جو سڄو بازو ڀڄي پيو.

سيد احمد به ذوالقعد 1246 ھه ۾ غدارن هٿان شهيد ٿي ويو. ھي واقعو 30 – 1829 ع جو آھي. اھا پهرين حر تحريڪ ھئي[9].

 

سيد حزب الله

حرن جيڪو جهاد ۾ حصو ورتو ھو، سو انگريزين جي اڀرندڙ حڪومت کان ڳجهو ڪو نه ھو. تيرھن ورھين کان پوءِ جڏھن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏھن  پير صاحب پاڳاري جي خاندان کي اک ۾ رکيائون. پير صاحب پاڳاري حزب الله شاه رحه جي وقت ۾ 1890ع ڌاري حرن جو رخ ڦري انگريزن جي خلاف ٿيو. حرن جي ليڊرن مکيءَ جي ڍنڍ کي پنهنجو مرڪز ٺاھيو. بچو بادشاه ۽ پيرو وزير ۽ ”ٻارنهن بهروٽيا“ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ويا. پير پاڳاري ۽ جماعت جي خلاف انگريزي حڪومت منظم طور تي ڪاروايون ڪيون. جماعت جي ھر سگهي ۽ صحتمند نوجوان کي ڳولي ڳولي لوڙھن منجهه بند ڪيو، ۽ ھر طاقتور شخصيت کي ويساپور ضلع احمد نگر ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. ھيءَ ٻي ”حر تحريڪ“ ھئي. 1310 ھه 1894ع ۾ سيد حزب الله شاهه وفات ڪئي ۽ سندس فرزند پير علي گوھر شاه مسندنشين ٿيو. بچو بادشاه ۽ پيرو وزير جي ڏهڪاءُ ڪري پوليس سرڪاري ٿاڻا ڇڏي ڀڄي ويئي. انگريزن پير صاحب پاڳاري جي نظربنديءَ جو اعلان ڪيو. جنهنڪري 1898ع ۾ بچو بادشاه سردار محمد يعقوب وٽ پيش پيو، جتان کيس گرفتار ڪري ميرپور خاص ڏياري موڪليائون، جتي اسپيشل جج مسٽر ھاٽ ڊيويز کيس ڦاسي ڏني.

 

مولانا محمد صديق

زمان حال ماضي جو ثمر آھي ۽ مستقبل لاءِ تخم جي حيثيت رکي ٿو. حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن صاحب 1331 هه 1913ع ۾ جيڪا سياسي جماعت ”نظارته المعارف“ تيار ڪئي ھئي، تنهن ۾ سنڌي اڪابر به ھئا. مولانا محمد صديق سنڌي، مولانا احمد علي سنڌي، جنهن لاھور ۾ ”انجمن خدام الدين“ قائم ڪئي ھئي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جن جا نالا صفحئه تاريخ تان نه مٽجندڙ آھن. اسين اڳ لکي آيا آهيون ته بطلحا جو چشمئه علم جيڪو ڪنگري مان ڦٽي نڪتو ھو، ان مان هڪ ٻوٽو ڀرچونڊي ۾ رشد ۽ ھدٰي جو اڀريو هو. ۽ انهيءَ شجر طوبيٰ جي سايه ۾ مولانا عبيدالله فيض پاتو هو. حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي، جو پنهنجي وقت جو جنيد ۽ سيد العارفين هو، تنهن جي دست مبارڪ تي مولانا غازي عبيدالله سنڌي، قادري ۽ راشدي طريقن جي بيعت ڪئي هئي ۽ سيد العارفين کي پنهنجو ديني پيءُ سمجهندو هو. حضرت عبيدالله صاحب سکر جي اسلاميه اسڪول جي ماستر مولوي محمد عظيم يوسف زئي جي دختر نيڪ اختر سان 1308 هه ۾ شادي ڪئي.

 

شيخ محمد حيات

شيخ محمد حيات ولد ملا ڦلاريو، عادلپور تعلقه گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو ۽ اڳتي ھلي عرب عجم جي استاد ھجڻ جي عزت حاصل ڪيائين. جواني جي زماني ۾ سنڌ مان سفر ڪري حرمين شريفين طلب علم لاءِ ھليو ويو، شيخ ابو الحسن محمد بن محمد صادق ڪبير کان علوم حاصل ڪيائين ۽ سندس وفات کان پوءِ مسجد نبوي ۾ درس حديث ۽ وعظ فرمائيندو ھو جنهن ۾ ھزارين ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا ھئا. حديث ۽ وعظ جي مسند جي مالڪ جي خدمت ۾ شام، مصر، مراڪش ۽ ھندوستان جي سون علمائن حديث جي علم جي تحصيل ڪئي. سندس شاگردن جي فهرست تمام طويل آهي مگر مشهور مسلمانن مان تاريخ ۾ ھيٺين ماڻهن جا نالا اچن ٿا: شيخ احمد بن عبد الرحمان، شيخ محمد سعيد صغير، شيخ عبدالقادر خليل ڪدڪ، سيد عبدالقادر بن احمد، سيد غلام علي آزاد بلگرامي، شيخ محمد فاخر الله آبادي ۽ شيخ ابوالحسن صغير، شيخ غلام حسين ٺٽوي مدني ، وغيره حجج الڪرام جي مصنف شيخ محمد حيات کي مجددن ۾ شمار ڪيو آھي. مولانا محمد فاخرالله آبادي شيخ جي تعريف ۾ ھڪ وڏو نظم لکيو آھي. مولانا جا چند شعر ھي آھن.

بابزرويءَ صفحه دواران
محفل آراءَ حلقه انسان
شيخ اسلام عصر علامه
در فنون حديث فهامه
موشگاف دقائق ايمان
رازدان حقائق ايمان

رسته از جس ربقه تقليد
بسته براجتهاد رامزيد
ان محمد حيات بخت بلند
بحديث نبي قومي پيوند
سرمن خاک پاءَ او بادا
جان من در رضا او بادا

(مثنوي زائر)

شيخ محمد حيات قرآن ۽ حديث ۾ ايڏو ملڪه ۽ جتمعاد پيدا ڪيو ھو جو ھن کي تقليد جي ضرورت ڪانه رھي ھئي، جنهنڪري ھن عام ماڻهن کي عمل بالحديث جي دعوت ڏني ۽ ان باب ۾ ھڪ رسالو به لکيائين ۽ سموري زندگي انهي مسلڪ تي گذاريائين. شيخ محمد حيات جا مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي سان ڪن مسئلن تي مناظرا به رهيا اُھن ۽ ھڪ ٻئي تي انهن بزرگن بيحد سنجيدگي سان رد ڪد ڪيا آھن. شيخ محمد حيات جي تصنيفات مان ھيٺيان ڪتاب معلوم ٿيا آھن:  (1) تحفته الانام في العمل بحديث النبي عليه الصلوٰته و السلام، (2) الايفاف علي سبب الاختلاف، (3) شرح ترغيب ترھيب منذري، (4) شرح اربعين نووي، (5) رساله رد بدعت تعزيه، (ان ۾ علامه معين تي رد ڪيل آھي)، (6) النهي عن عشق المردان والنسوان (عشق مجازي تي رد) ان رساله جو گهڻو حصو نواب صديق حسن خان ڪتاب هدايته السائل ۾ نقل ڪيو آهي، نواب صاحب ڪتاب اتحاف النبلاءُ ۾ لکيو آھي ته بعض رسائل شيخ محمد حيات فقيرازه و که مکرور آورده لله الحمد، ڪي رساله جناب پير صاحب جهنڊه واري ڪتبخانه ۾ به موجود آھن ۽ بلڪل ناياب آھن. صفر سنه 1163 ھه ۾ مدينه منوره ۾ وفات ڪئي ۽ جنت البقيع ۾ ھميشه لاءِ وڃي آرامي ٿيو، سندس شاگرد سيد غلام علي آزاد بلگرامي سندس تاريخ ”رحله شيخي“ مان ڪڍي آھي[10].

 

حاجي فقير الله علوي

حاجي فقير الله بن عبدالرحمان حنفي جلال آبادي شڪارپوري، جلال آباد (افغانستان) جي ھڪ ڳوٺ روتاس ۾ ڄائو، سندس سلسله نسب امام محمد بن حنيفه سان ملي ٿو، ظاھري علومن کان فارغ ٿي شاه محمد مسعود پشاوري ۽ حاجي محمد سعيد لاھوري کان خرقو خلافت ڍڪيائين. 1150 هه ۾ پنهنجي وطن مان ھجرت ڪري شڪارپور ۾ اچي رهيو، ظاھري علمن سان گڏ باطني علومن جو به درس ڏيندو ھو ۽ ھزارين ماڻهو سندس ظاھري ۽ باطني علمن مان فائدو پرائڻ لڳا، حاجي صاحب جي زندگي جو وڏو حصو بار بار حرمين شريفين جي سفر ۾ گذريو ۽ اُن زماني ۾ جڏھن سفر جون ڪنهن به قسم جون سهولتون ڪين ھيون. پورا ست دفعا حرمين شريفين جو سفر ڪيائين. جو گهڻو ڪري ايراني نار کان يمن مان لنگهي حجاز ويندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن سورت بندر تان جده به ويندو ھو. سنڌ جي حاڪمن مان ميان سرفراز خان ولد ميان غلام شاه خان ڪلهوڙو سندس بيحد معتقد ھو ۽ وقت بوقت حاجي صاحب جي خدمت ۾ سوکڙيون ۽ تحفا موڪليندو رهندو ھو. اھڙي طرح بلوچستان جو خان مير  نصير محمد خان بروهي به سندس مريدن جي زمره ۾ داخل ھو، سنڌ تي انهيءَ زماني ۾ احمد شاه ابدالي جي ڪاه ٿي ته ھن کي به حاجي صاحب جي روحاني ڪشف گهلي آندو ۽ احمد شاه وفات تائين حاجي صاحب جو معتقد ٿي رھيو ۽ ان کانپوءِ احمد شاه جو فرزند تيمور شاه به سندس مخلصن جي خانه ۾ شامل ھو. حاجي صاحب اگرچه چئني طريقن ۾ مريد ڪندو هو ۽ چئني طريقن کيس شيخ محمد مسعود کان سواءِ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي کان به اجازت حاصل ھئي ۽ ھڪ وڏو عارف ڪامل هو مگر سندس زور اتباع شريعت ۽ سنت جي زنده رکڻ تي هو. هن حديث جي علمن جي پهريان سند ۽ اجازت مخدوم محمد هاشم کان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ مڪه شريف جي سفر ۾ دوباره سڌي طرح مخدوم صاحب جي شيخ سيد عبدالقادر مالڪي کان به ورتي، حديث جي اتباع ڪري بعض مسئلن ۾ هن جو پنهنجو جدا مسلڪ آهي، اگرچه هڪ وڏو صوفي ھو ۽ محي الدين ابن عربي جا ڪتاب مطالع ھيٺ رھندا ھئس جن ۾ ھمه اوست جي مسئلي جو بنياد وڌل آھي ۽ علامه معين ٺٽوي ھمه اوست جي نعره کي بلند ڪرڻ وارو به سندس دوست ۽ مخلص ھو، پر ان ھوندي به جڏھن جهوڪ جي درويش شاه عنايت الله صوفي ھمه اوست جو آواز بلند ڪيو ته سڀ کان پهريان حاجي فقير الله علوي ھو جنهن وقت جي حاڪم جو صوفي صاحب جي دبي ديني ڏانهن ڌيان ڇڪايو ھو. ”ھمه اوست“ کي الحاد ۽ بي ديني سڏيو، ھڪ دفعي حج جي سفر کان موٽندي جڏھن مسقط بندر تي معلوم ٿيس ته شاه عنايت صوفي قتل ٿي ويو تڏھن تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيائين، حاجي صاحب تصوف جي راه رسم ۽ ظاھري علومن کان سواءِ علميات جو به وڏو ماھر ھو ۽ سندس علميات جو تاثير تمام جلد ظاھر ٿيندو ھو. ھن کي ڪتابن جمع ڪرڻ جو بيحد شوق ھو، جنهنڪري سندس ڪتبخاني ۾ عرب ۽ عجم جا ناياب ڪتاب اچي جمع ٿيا ھئا. انهن سڀني ڪمالات ھوندي ھو ھڪ وڏو شاعر به ھو، سندس بعض شعر فارسي ۽ عربي ۾ نظر مان گذريا آھن جي سندس پختگي ۽ قادر ڪلامي تي دلالت ڪن ٿا. حاجي صاحب جي تصنيفات مان ھيٺين ڪتابن جا نالا معلوم ٿيا آھن:

(1) قطب الارشاد، (2) طريق الارشاد، (3) جواھرالاوراد، (4) تڪميل المومنين والا ولاد، (5) فتوحات غيبيه شرح عقائد صوفيه، (6) فتح الجميل في مدارج التڪميل، (7) فتوحات الهي، (8) براھين النجات من مصائب الدنيا و العرصات، (9) منتخب الاصول، (10) وثيقته الاڪابر، (11) قصيده مبروره، (12) مڪتوبات.  حاجي صاحب 3 صفر سنه 1195 هه ۾ شڪارپور ۾ وفات فرمائي، سندس شاگردن مان حڪيم محمد وفا لڪوي قطع تاريخ وفات لکيو جو سندس گنبذ تي ثبت آھي:

 

 

ولي غوث خدا حاجي فقير الله شده بخلد مرجع نشين
الي الله امر وفا مه و شب و تاريخ و وقت و سال
وصال بگو سويم صفر و نصف ليلته الاحد[11]،


1195 هه

 

مولانا ابوالحسن تاج محمود

مولانا ابوالحسن تاج محمود صاحب، جنهن کي سکر ضلع جي ڳوٺ امروٽ ۾ رشد ۽ ھدايت جي درسگاه جاري ڪئي ھئي، مولانا محمد صديق ڀرچونڊي جا خليفا ھئا. سنڌ جي ھن پوئين زماني ۾ جيڪي باڪمال بزرگ ٿي گذريا آھن، تن ۾ مولانا تاج محمود ولد سيد عبدالقادر امروٽي جنهن مرتبي جو بزرگ ھو، ان جو مثال موجوده زماني ۾ ملڻ مشڪل آھي. مولانا صاحب جي ولادت تعلقي روھڙي جي ھڪ ڳوٺ ڳاڙھي موري ۾ ٿي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد وٽان حاصل ڪري ان کان پوءِ پير پاڳاري جي ڳوٺ  ۾ ڪجهه وقت فارسي جا ڪتاب پڙھندا رھيا. عربي علومن جي تحصيل لاءِ ڪجهه وقت جواني جي زماني ۾ مولانا حاجي عبدالقادر صاحب پنهواري (تعلقه روھڙي) جي درس ۾ داخل ٿيا، جتي درسي ڪتابن کان فراغت حاصل ڪري ۽ پنهنجي والد وٽان سلوڪ جي راه حاصل ڪئي والد جي وفات کان پوءِ وقت جي ولي ۽ قطب مولانا حافظ محمد صديق صاحب جي فيض عام ۽ عرفان جي چشمي مان چاليهن ڏينهن اندر سيراب ٿي خلافت جو خرقو ڍڪي مرشد جي ارشاد مطابق امروٽ وڃي رھيا ھتي ظاھري ۽ باطني علم جا طالب وٽن اچڻ لڳا، ظاھري ڪا وڏي آمدني ڪانه ھوندي ھئي پر سوين ماڻهو کاڌو کائيندا ھئا. دنيا جو بين الاقوامي ليڊر ۽ عالم مولانا عبيدالله صاحب مهاجر مڪي بزرگن جي خدمت ۾ ننڍپڻ کان آيو ۽ اتي ئي رھي وڏو ٿيو ۽ اتي ئي سکر مان پهرين شادي ڪيائين، امروٽ مان ئي دارالعلوم ديوبند ۾ تحصيل علم لاءِ ويو.

سکر سياست جو مرڪز ٻن اخبارن آفتاب ۽ الحق جي اشاعت ڪري ھو. الحق کي ساڳي پوزيشن سنڌ ۾ ھئي. جيتري الوحيد بعد ۾ حاصل ڪئي ھئي، الحق سنڌ جي ماڻهن جو آواز ھو، جنهن ويهين صدي جي شروعات ۾ صور اسرافيل وانگي سنڌ جي مسلمانن کي سياسي اسٽيج تي آڻي کڙو ڪيو ھو. اپر سنڌ ۾ سکر انقلاب جو مقام ھو، 1919ع ۾ خلافت ڪاميٽي برپا ٿي، جنهن جو صدر مولانا تاج محمود امروٽي ھو، جو جميعت العلماءَ سنڌ جو به صدر ھو، خلافت ڪاميٽي والنٽيئر ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيا.


[1] راقم جو مضمون اخبار آفتاب سکر ص 63 – 64 روزانه مهراڻ سالگره نمبر جنوري 1962 ڪراچي

[2] ڪريم بخش خالد: سنڌي ادب صحافت ص 191.

[3] پروفيسر دربارا سنگهه: دي انڊين نيشن ص 145 لاھور.

[4] رولٽ ڪاميٽي جي رپورٽ ص 12 – 13.

[5]  ايضاً ص 35.

نوٽ: 1857 ع کان پوءِ ھندستان جي ھندن انگريزن کي تڙي ڪڍڻ ۽ مسلمانن کي مدغم ڪرڻ لاءِ مهاسڀا ۽ بعد ۾ آريا سماج تحريڪون شروع ڪيون. سنڌ جي بمبئي کان عليحده ڪرڻ وقت اٽ ھڻي بيٺا انهيءَ طرح تقسيم ھند وقت پاڪستان جي مخالفت ڪرڻ لڳا.

[6] Walter themer: The Political Dictionary, panislamism,  Middlesex

[7] پهرين عالمگير جنگ کان ٿورو اڳ ترڪيءَ جي وزير جنگ غازي انور پاشا ھندوستان ۾ بلوه وجهڻ لاءِ قسطنطنيه مان ھڪ اخبار ”جهان اسلام“ عربي، ترڪي ۽ اردوءَ ۾ شايع ڪرائي ھئي. ھندي نوجوانن جي مالي ۽ ھٿيارن سان مدد ڪرڻ لاءِ حڪومت ترڪيءَ برما ۾ قونصل خانو به کوليو ھو پر وقت سر نوجوانن کي امداد ملي نه سگهي.  

[8] مولانا غلام مصطفٰي قاسمي جو مضمون ”سنڌ جي علم ۽ عرفان جي مهراڻ جا موتي“ ص 27 روزانه مهراڻ جو سالگره نمبر 5 جنوري 1962ع ڪراچي. سيد احمد بريلوي ۽ سيد اسماعيل جي شڪست جو سبب ھو مسلم جماعتن جو پاڻ ۾ نفاق ۽ اميرن جو پاڻ ۾ اختلاف. پشاور جا پٺاڻ امير وفادار رھن ھا ته اڄ ھندوستان جو نقشو ڪو ٻيو ھجي ھا. انتشار ڪري بريلوي تحريڪ ناڪام ثابت ٿي. معارف اعظم ڳڙه ص 12 جولاءِ 1962ع

[9] شيخ محمد اسماعيل روزانه مهراڻ سالگره نمبر ”پير پاڳارا صاحبان ۽ آزادي جي تحريڪ“ ص 131 – 130، 5 جنوري   1962ع ڪراچي

[10] الوحيد اسپيشل ايڊيشن ”سنڌ آزاد نمبر“ ص 35 – 36 جون 1936ع ڪراچي .

[11] الوحيد اسپيشل نمبر ص 36 – 37 (جون 1936 ڪراچي).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org