سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 7

صفحو ؛ 7

               

باب ستون

 

ارغونن ۽ ترخانين جي ڏينهن ۾ سکر

شاهه بيگ ارغون

ارغون چنگيز جي نسل مان هئا، شاهه بيگ جو پيءُ امير ذوالنون بصري هرات جي پوئين مغل حاڪم سلطان حسين بائقراه جو وزير ۽ سپهه سالار هو ۽ شاهه بيگ پيءَ طرفان قنڌار ۽ زمين داور مٿان نائب هو. انهن ڏينهن ۾ وچ ايشيا مان محمد خان شيباني جي سرڪردگي هيٺ اوذبڪن جو طوفان اٿيو، جنهن خيوا ۽ خراسان جي تيموري شهزادن جي حڪومتن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. چنانچه 913 هه 1507ع ڌاري سلطان حسين ۽ امير ذوالنون اوذبڪن هٿان مارجي ويا. بابر ڪابل تي قبضو ڪيو ۽ شاهه بيگ کان قنڌار جي گهر ڪيائين. شاهه بيگ قنڌار بابر جي حوالي ڪري گرم سير، پشين ۽ سيوي تي قبضو ڪري سنڌ ۽ گجرات تي قبضي ڪرڻ لاءِ محڪم ارادو ڪري پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد کي لشڪر ڏيئي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. انهن ڏينهن سنڌ جو حاڪم ڄام نندو عرف نظام الدين هو، جنهن ٺٽو شهر تعمير ڪرايو هو. سندس سپهه سالار دريا خان عرف قبوليو چانڊڪي پرڳڻي ۾ سلطان محمد کي شڪست ڏيئي قتل ڪيو. ليڪن شاهه بيگ بزدل ڪو نه هو جو ماٺ ڪري ويهي رهي. 1508ع ۾ نيڪ بخت سمي ڄام ننده وفات ڪئي. پٽس ڄام فيروز ٺٽي جي گاديءَ تي ويٺو، جو جوانيءَ جي نشي ۾ سرشار هو پر حڪومت هلائڻ جي منجهس لياقت ڪا نه هئي. ٻئي طرف دشمن قوي هو ۽ سنڌ جي دولت کي لٽڻ لاءِ منتظر هو.

 

سقوط بکر

بکر سنڌ جي سري جي لاڙڪاڻي ۽ سيويءَ تائين پاسباني ڪندو هو. ڄام ننده بکر جي پرڳڻي مٿان قاضي قاضن جهڙي ڪاريگر ۽ عالم، فاضل کي نائب مقرر ڪيو هو. شاهه بيگ ارغون پنهنجي ٻن جرنيلن فاضل ڪوڪلتاش کي بکر تي ۽ مرزا عيسيٰ ترخان کي سيوهڻ تي چاڙهي مڪو – سيوهڻ ڪوهستان ۽ ٺٽي ڏانهن ويندڙ رستي جي حفاظت ڪندو هو. ڄام فيروز جي نا اهليت سبب قاضي قاضن کي وقت سر فوجي امداد نه ملڻ سبب ڪري هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. مرزا عيسيٰ ترخان سيوهڻ تي قبضو ڪيو. مغل لشڪر جتان لنگهيو ڳوٺن کي ڦريندو وتيو. شاهه بيگ 1520ع ۾ ٺٽي تي قبضو ڪيو ۽ شهر ۾ ڦرلٽ ڪرايائين. آخر قاضي قاضن جي چوڻ تي لٽ مار بند ڪيائين. قاضي قاضن جي علميت ۽ فضيلت کي ڏسي هن کي پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيائين. ڄام فيروز جو حرم کي ڇڏي ڀڄي ويو هو، اچي پيش پيو. شاهه بيگ لڪي جبل تائين سنڌ جو اُتريون حصو پنهنجي قبضي ۾ رکيو ۽ لڪي کان سمنڊ تائين ڏاکڻو حصو ڄام کي ڏنائين.

بکر جي قلعي جي تعمير ۽ سرڪش

قومن کي شڪست

شاهه بيگ ارغون بکر جي قلعي کي وري نئين سر تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو ته، سندس صلاحڪار قاضي قاضن هن کي سمجهائيندي چيو ته بکر ولايت جي سيلابي زمين ڪانڊيرن سان ڀريل آهي، تنهنڪري قلعي تعمير ڪرڻ کان اڳ زمين کي ڪنڊن کان صاف ڪيو وڃي.

”قاضي عرض کرد که زمين، اين ولايت سيلابست و خار بسيار،
درين زمين مي رويد، بيلِ خار کني هميشه دردست بايد گرفت.“              

 

درياهه جي کاٻي پاسي کان مهر ۽ ڌاريجا ٻه مضبوط سماٽ جنگجو قومون هيون، جن مان مهر چانڊوڪي پرڳڻي تائين پکڙيل هئا. انهن قومن جا اٽڪل 47 ڌاريجن ۽ مهرن جا سردار مير فاضل ڪوڪلتاش جي اچي پيش پيا، بغاوت ڪرڻ کان پوءِ بکر ۽ سکر جي ماڻهن منجهان خوف رهندو هو. درٻيلو به بکر ولايت اندر هو، اتي جا رهاڪو سميجا ۽ سهته به سرڪشي ڪرڻ ۾ ويرم ڪو نه ڪندا هئا، درياهه جي ساڄي کان سماٽ قومون ٻگهيه، ٿيٻا، جوڻيجا، ڏاهري، دل، راهوجا، ساند، کيبر، ڪيريا، لاکيار، ڪوريجا، سومرا، پريا، ابڙا، ڪلهوڙا راڄن وارا هئا ۽ وڏا زميندار هئا، جوکي هرڻي، منهه نالي شهر امير ابڙي جا اڏيل هئا. ڪوٽڙي جو ڳوٺ شاهه علي ابڙي ٻڌايو هو، انهن پنهنجا واهه کوٽايا هئا. ڪيهر، سانگي ۽ ماڇي به هئا، مٿيون قومون گهڻو ڪري (ڪلهوڙن کان سواءِ) به سميجا قوم جون شاخون هيون جن ۾ اُنڙ، ڪيهر ۽ جوهيا به شامل ۽ بغاوتون ڪرڻ سندن جبلت هئي، سکر کان مديجي تائين پرڳڻو بلوچن جو هو، جن ۾ جتوئي بليدي، لولي، شرن پنهنجي جاگيرن ۾ ننڍا قلعا تعمير ڪرايا هئا، هر قوم مٿان سردار هو، چانڊڪي پرڳڻي ۾ مگسي، چانڊيا ٻروچ رهندا هئا، مٿيون قومون سماٽن جا ٻار ٻچا به وڪڻڻ کان ڪين مڙنديون هيون. ڌارين حاڪمن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻروچ ۽ سماٽ پاڻ ۾ ٻٽ ٿي مقابلو ڪندا هئا[1]. مير فاضل ڪوڪلتاش برجستو ۽ تجربيڪار جرنيل هو، هن سماٽ قومن مان ڌاريجن ۽ مهرن کي پنهنجو ڪري، هڪ رات ٻروچن تي حملو ڪري منجهان گهڻن کي قتل ڪري سندن زمينون مهرن جي حوالي ڪيائين. اهڙي طرح شاهه بيگ ڪانڊيرن وارن زمين کي صاف ڪري قلعي جي تعمير ڏانهن رجوع ٿيو. هن ساداتن کي روهڙيءَ ۾ جاگيرون ۽  سندون ڏيئي ارڙو جي قلعي ۽ جاين مان پڪيون سرون ڪڍرائي قلعي کي نئين سر تعمير ڪرائڻ لڳو، 25 فوٽ اونچي ٽڪريءَ مٿان ٻٽي ديوارن سان قلعو تعمير ڪرايو ويو، جن جي اونچائي 30 کان 35 فوٽن تائين هئي، مٿس ڪنگرا تعمير ڪرايا ويا ۽ قلعي کي ٻه دروازا هئا: هڪڙو ڏکڻ طرف هو ٻيو اتر طرف، اوڀر ۽ ڏکڻ ڪنڊ تي هڪڙو برج تعمير ڪرايو ويو، جنهن تان مجرمن کي هيٺ ڪيرايو ويندو هو، ان کي ”خوني برج“ چوندا هئا[2]. شاهه بيگ قلعو مير فاضل ڪوڪلتاش جي حوالي ڪري گجرات فتح ڪرڻ جي ارادي سان اگهاماڻي پهتو، 928 هه – 1521ع ۾ وفات ڪيائين، پٽس ميرزا شاهه حسن نصرپور ۾ پنهنجيءَ تاجپوشيءَ جو اعلان ڪيو.

 

شاهه حسن جو ٺٽي تي قبضو

ڄام فيروز ظاهري ميرزا شاهه جي دوستيءَ جو دم ڀريندو هو ۽ اندروني جنگ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو. سمن ڄامن جي گجرات جي مظفر ۾ سلاطين سان مائٽي هئي، جتان پنجاهه هزار لشڪر وٺي آيو، چاچڪان جي جنگ ۾ ڄام فيروز شڪست کائي گجرات ڏانهن ڀڄي ويو، سمن جي صاحبي سنڌ ۾ ختم ٿي.

 

ملتان تي ڪاهه

932 هه – 1525ع ۾ شاهه حسن ملتان فتح ڪري ڦرلٽ ڪري بابر جو خطبو پڙهيو، جنهن 1526ع ۾ دهلي ۽ آگرهه فتح ڪيا. 937 – 1530ع ۾ بابر وفات ڪئي پٽس همايون دهلي جي تخت تي ويٺو، ساڳئي سال مير فاضل ڪوڪلتاش وفات ڪئي، ميرزا شاهه حسن پٽس سلطان محمود کي بکر مٿان نائب مقرر ڪيو.  

 

همايون جو شڪست کائي روهڙي پهچڻ

1536ع ۾ همايون چوسا ۽ قنوج جي ٻن جنگين ۾ شير خان سوريءَ کان شڪستون کائي لاهور پهتو ته هتي ڀائرن جي نا اتفاقي ۽ شير خان جو هينئر شاهه سڏائڻ لڳو، تنهن جي خوف کان ڀڄي 1541ع ۾ سخت مشڪلات کان پوءِ روهڙيءَ پهتو ۽ اُتي جامع مسجد ۾ پنهنجي نالي جو خطبو پڙهايائين:

تا همايون نام اور اسکه بردل نقش کرد

مهر از مهرش دهان – سکه برزر ميکند

منبري کز خطبه القاب او زيست گرفت

مشتري گوهر نشاري فرق – منبر ميکند

بکر ۽ سکر جي نواب سلطان محمود ڪوڪلتاش، همايون جي ارادن کي معلوم ڪري روهڙي شهر جي هڪ وڏي حصي کي ويران ڪرائي ڇڏيو، ازانسواءِ درياء تي مير بحرن جون جيڪي به ٻيڙيون هيون تن تي قبضو ڪيائين. سندس مقصد هو ته روهڙيءَ ۾ ڏڪار پئجي وڃي ۽ معزول شهنشاهه هتان ڀڄي وڃي، معزول شهنشاهه جي حالت زار هئي، ميرزا شاهه حسن جي شهنشاهه کي مدد ڏيئي نه پي سگهيو، ڇو ته، شير شاهه، اخلاص خان کي لشڪر ڏيئي همايون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو هو، ميرزا شاهه حسن ٻٽي چال چلي رهيو هو، هڪ طرف همايون جي نگراني ڪري رهيو هو ته ٻي پاسي وٽس تحفا موڪليندو رهيو ۽ شاهي پاسداري جو ثبوت ڏيڻ لڳو، ميرزا همايون کي لاڙ ۾ چاچڪان جو زرخيز پرڳڻو ڏيڻو ڪيو ۽ پنهنجيءَ سڪيلڌي ڌيءَ ماه چوچڪ بيگم جو به معزول شهنشاهه کي دلاسو ڏنائين ته اچي شادي ڪر.

 

بکر جي قلعي تي همايون جي ڪاهه ڪرڻ

بکر جي قلعي کي ٻٽي ديوار ڏنل هئي، سلطان محمود ٽين ديوار ڏياري قلعي تي ستر برج تعمير ڪرائي، ست دروازا هڻايا، اڳ فقط ٻه دروازا سکر ۽ روهڙي طرف هئا، قلعي اندر نظر گاه ۽ گذر گاه نالي ٻه باغ هئا، جن جي وڻڪار ڪري هي قلعو غنچو بنجي ويو. اڳ قلعي جون ديوارون 30 کان 35 فوٽ بلند هيون، ٽين ديوار 40 فوٽ بلند هئي، همايون، سلطان محمود کي قلعي حوالي ڪرڻ لاءِ چوايو پر هن انڪار ڪندي چيو ته ميرزا شاهه حسن جي حڪم کان سواءِ ڏيئي نه ٿو سگهان. همايون جي گجرات تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ مرضي هئي، پر اميرن جي مرضي هئي ته بيگمات کي ڪنهن محفوظ هنڌ تي ويهاري پوءِ ڪاهه ڪجي. ميرزا شاهه حسن کي همايون جي ارادي جي خبر هئي، هن ميرزا عيسيٰ ترخان، ميرزا جاني، پائينده محمد قريشي، دولت خان ۽ مير جمله ترخان کي لشڪر ڏيئي، سلطان محمود جي مدد لاءِ  روانا ڪيا هئا. همايون بي يار مددگار هو ۽ بکر جهڙي مضبوط  قلعي تي قبضو ڪرڻ هن لاءِ محال هو. معزول شهنشاهه بکر جي لڳ ٻٻرلو جي ”چار باغ“ ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو، جنهن ۾ صوفن، انارن، انجيرن، انبن ۽ کجين جا وڻ هئا، گلاب ۽ چمبيلي جي مهڪ ڪري باغن جي زمين زعفران زار هئي. شهنشاهه کان آگري جا شاهي باغ وسري ويا. ميرزا هندال ٻٻرلو کان 5 ميلن جي پنڌ تي بٽ ڳوٺ ۾ منزل انداز هو. يادگار ميرزا ته ٻٻرلو جي ڪتبخاني ۾ رهڻ لڳو، جو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي مشهور ڪتبخانن مان هو. چار باغ واري ڇانوڻي 18 هزار چورس فوٽن جي ايراضي ۾ هئي[3].

 

سکر تي شير ڳڙه نالو پيو

بکر جي ڪليدي قلعي تي قبضي ڪرڻ کان نا اُميد ٿي 1541ع همايون سيوهڻ جي قلعي تي قبضي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، واٽ تي پاٽ ڳوٺ ۾ هن حميده بيگم سان شادي ڪئي، جا خواجه احمد جام زنده فيل جي اولاد مان هئي. حميده بيگم جو پيءُ ميرزا بابا دوست محمد عرف مولانا شيخ علي اڪبر جامي، جو ميرزا هندال جو اتاليق هو، علمي فضيلت ڪري ”فضيلت ماب“ جي لقب سان سڏبو هو. ميرزا شاه حسن سيوهڻ جي آسپاس جا باغ ويران ڪرائي سيوهڻ جي قلعيدار مرزا عليڪ کي توبون ڏياري مڪيون ۽ پاڻ سن ۾ ڇانوڻي هڻي حالتن جو جائزو وٺڻ لڳو، همايون جي لشڪر کي ڏڪار اهڙو تنگ ڪيو جو جوئر جو في سير هڪ اشرفي قيمت تي ملڻ مشڪل هو.

”در اُردوي بادشاه قحطي عظيم چنان افتاد که يک سير غله جواري گاهي بيک اشرفي پيدا نمي شود.“

 

همايون ڏهه هزار پنهنجو لشڪر مفت مارائي واپس مشڪل سان ٻٻرلو پهتو، سندس ڪيترائي امير ميرزا شاهه حسن جي پيش پيا. سلطان محمود وٽس 3 سو ان سان ڀريل گڏهه مڪا تڏهن همايون جي سپاهين ۾ ساهه پيو، ٽن سالن تائين برابر همايون سنڌ ۾ قسمت آزمائيندو رهيو، ڪڏهن جوڌپور تائين قسمت آزمائيندو رهيو، ڪڏهن عمر ڪوٽ ۾ راڻي وير سال وٽ رهيو. هتي 1542ع ۾ کيس اڪبر پٽ ڄائو، 1543ع ۾ مرزا بيرم خان خانان اچي ساڻس گڏيو، آخر هڪ لک روپيا نقد ۽ 2 سو اُٺ ميرزا شاهه حسن کان وٺي ايران ڏانهن هليو ويو، همايون کي سنڌ ۾ چڪر ڪاٽيندو ڏسي، شير شاهه پنهنجي سپهه سالار حبيب خان کي 44 – 1543ع ۾ بکر تي چاڙهي مڪو، جنهن بکر تي قبضو ڪري مٿس ”شير ڳڙهه“ نالو رکيو ۽ هتي جي ضرب خانه مان يادگار طور ڪي سڪا ضرب ڪرايائين، سکر تي شير ڳڙهه نالو فقط اوترا ڏينهن قائم رهيو، جيترا ڏينهن حبيب خان موجود هو، همايون چونڪ ايران ڏانهن نڪري ويو، تنهنڪري حبيب خان موٽي ويو، بکر جي قلعي مان ٻه سڪا هٿ لڳا هئا، جن تي شير ڳڙهه نالو لکيل هو[4].   

 

ساڌ ٻيلي تي پهرين عمارت

همايون جي ڀاءُ ميرزا ڪامران ڪابل ۽ قنڌار تي قبضو ڪيو، هن قنڌار تي ميرزا عسڪري کي نائب مقرر ڪيو هو. همايون شير شاهه کان شڪست کائي جڏهن لاهور پهتو هو، ته ڪامران ڀاءُ کي قيد ڪري شير شاهه جي حوالي ڪرڻ لاءِ مخفي طور شير شاهه سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. انهي سببان همايون سنڌ ڏانهن ڀڄي آيو هو، ايران ڏانهن ويندي ميرزا عسڪري بلوچن جي معرفت همايون کي گرفتار ڪرائڻ جو ارادو ڪيو هو پر همايون بچي نڪري ويو. ميرزا ڪامران ميرزا شاهه حسن جي ڌيءَ ماه چوچڪ بيگم سان شادي ڪئي هئي. 1546ع ۾ همايون ڪابل ۽ قنڌار تي ايران کان موٽندي قبضو ڪيو، ڪامران پنهنجي سهري کان لشڪر وٺي 1553ع تائين هٿ پير هڻڻ لڳو ۽ همايون کي تنگ ڪرڻ لڳو، آخر قيد ٿي ويو ۽ همايون هن کي انڌو ڪرايو، ڪامران حرم سوڌو سکر پهتو. ميرزا شاهه حسن پنهنجي ناٺيءَ لاءِ بکر جي اولهندي واري  ٽڪري ”ساڌ ٻيلي“ جنهن ۾ کجيءَ جي وڻن جا جهڳٽا هئا، هڪ گنبذ سان محلات جوڙايو هو. اهو گنبذ نما محلات مير معصوم بکري جي ڏينهن تائين موجود هو، جيئن تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ ڏنل آهي:

”در مغرب رويه قلع بهکر، کوهي سطح درميان درياه افتاده، و در آنجا چند درخت خرما ويک گنبذي واقع است“

ميرزا شاه حسن آخري عمر ۾ اڌ رنگ بيماريءَ جي شڪايت هئڻ ڪري هلڻ کان لاچار هو، تنهنڪري لاڙ کان سري تائين مهراڻ تي ٻيڙيءَ وسيلي مسافري ڪندو هو ۽ ساڌ ٻيلي ۾ ڌيءَ کي ڏسڻ ايندو هو، پر پوءِ ڪامران حرم ۽ عسڪري سميت مڪه ڏانهن هليو ويو، جتي چار ورهيه رهي 964 هه – 1557ع ۾ وفات ڪيائين[5]. ساڌ ٻيلي ۾ پهرين عمارت جو ڏس ارغونن جي ڏينهن ۾ ملي ٿو. سال 967 – 1560ع ۾ ميرزا شاهه حسن وفات ڪئي، سندس بيوه زال سان مرزا عيسيٰ خان ترخان شادي ڪئي. ميرزا حسن کي نرينو اولاد ڪو نه هو، تنهنڪري اميرن گڏجي مرزا عيسيٰ  کي ٺٽي جي گاديءَ تي ويهاريو، سري ۾ سلطان محمود ڪوڪلتاش پنهنجي خود مختياريءَ جو اعلان ڪيو. سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي ڏاکڻو حصو سمنڊ کان سيوهڻ تائين مرزا عيسيٰ جي قبضي هيٺ رهيو، ٺٽو تختگاه  هو، اتر ۾ سلطان محمود جي حڪومت هئي، جنهن جو تختگاهه بکر هو.

 

سلطان محمود ڪوڪلتاش

سلطان محمود بن مير فاضل بن خواجه عادل بن خواجه احمد اصفهان ۾ رهندو هو، امير تيمور جڏهن اصفهان فتح ڪيو هو، ان وقت خواجه احمد صغير هو، سندس ڏاڏي امير حسن هن جي پرورش ڪئي، جواني ۾ پهچڻ کان پوءِ خواجه احمد، تيموري خاندان سان وابسته ٿي ويو، بکر فتح ڪرڻ وقت سلطان محمود  جي عمر 12 سال هئي، جڏهن هن پنهنجي پيءُ مير فاضل سان گڏجي بکر فتح ڪيو هو، هن جي فوجي قابليت کي ڏسي شاهه بيگ ارغون مٿس مهربان ٿيو ۽ پيءُ جي مئي کان پوءِ بکر مٿان نائب ٿيو، ميرزا شاهه حسن جيسين جيئرو رهيو، تيسين ساڻس فرمانبردار رهيو، شاهه حسن گجرات تي ڪاهڻ وقت سلطان محمود کي پاڻ سان وٺي ويو هو[6]. سلطان محمود جي قابليتن کي ڏسي ميرزا شاهه حسن هن کي بکر جي نائبي ڏني هئي، شاهه طهما سپ صفوي جنهن 1547ع ۾ همايون کي مدد ڏني هئي، تنهن سلطان محمود ڏانهن جهنڊو، نقارو، خلعته روانا ڪيا. 979 هه ڌاري شاهه طهما سپ ٻيو دفعو سلطان محمود ڏانهن تحفا مڪا ۽ ”خان جو خطاب“ ڏنائين، ٽيون دفعو کيس ”خان خانان“ جو خطاب ڏنائين، همايون کان پوءِ اڪبر اعظم اُچ تائين پرڳڻا سندس حوالي ڪيا.  

 

مرزا عيسيٰ خان جي بکر تي ڪاهه

مرزا عيسيٰ ۽ سلطان محمود ٻئي تجربيڪار جنرل هئا. ميرزا عيسيٰ سڄي سنڌ تي قبضي ڪرڻ ۽ بکر تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڊمن ۽ ڊيو جي پورچوگيزن کان مدد گهري. جيسين پورچوگيز پهچن، تنهن کان اڳ ميرزا عيسيٰ لشڪر وٺي بکر تي ڪاهي آيو. پٺيان پورچوگيز پيڊرو پارليٽورولين جي سرڪردگيءَ هيٺ لاهري بندر پهتا. ٺٽي کي لاوارث ڏسي شهر کي ڦري، اٺ هزار شهرين کي بيگناه قتل ڪري شهر کي باهه ڏني اٽڪل ويهن لکن پائونڊن جي ملڪيت لٽي موٽي ويا[7]. مرزا عيسيٰ جي پٽ، محمد صالح کي ماري وڌو، ويتر ٺٽي جي تباهي جو احوال ٻڌي مرزا عيسيٰ ٺٽي ڏانهن موٽي ويو ۽ شهر کي ٻيهر تيار ڪرايائين. هن 18 ورهيه حڪومت ڪئي ۽ 980 هه ۾ وفات ڪئي. پٽس مرزا محمد باقي ٺٽي جي گاديءَ تي ويٺو. هو وڏو ظالم هو. پنهنجي ماٽيلي ماءُ ماهه بيگم کي بکون ڏيئي ماريائين. پنهنجي ننڍي ڀاءُ جان بابا کي قتل ڪرايائين ڪيترن ارغونن ۽ ترخانين کي مارائي ڇڏيائين. سندس خلاف شڪايتون اڪبري درٻار تائين پهتيون.

 

سلطان محمود جي ڌيءَ سان اڪبر شادي ڪئي

اڪبري اقبال اوج تي پهتل هو، هندستان جا راجائون ۽ نواب اڪبري اقبال جي سايه هيٺ اچي چڪا هئا، سلطان محمود هينئر پوڙهو هو. کيس هڪڙي نياڻي اولاد هو، جنهن جي شاديءَ ڪاڻ هن اڪبري درٻار کي درخواست ڪئي هئي، جا شهنشاهه اڪبر منظور ڪري، حرم ۾ قبول ڪري 980ع ڌاري اعتماد خان کي بکر ڏانهن روانو ڪيو ۽ چار هاٿي ۽ سوني سنج سان گهوڙو ۽ جڙائدار ترار سلطان محمود ڏانهن تحفا روانا ڪيا. شهنشاهه جي غير حاضري ۾ سلطان محمود جي ڌيءَ سان شرعي طريقي سان شادي ۽ نڪاح خواني جي رسم ادا ڪئي ويئي. اعتماد خان ڪنوار کي اجمير ڏانهن وٺي روانو ٿيو، جتي شهنشاهه منزل انداز هو.

 

سلطان محمود جي وفات

ناهيد بيگم، ماهه بيگم جي پهرين مڙس مان ڌيءَ هئي. جڏهن شعور کي پهتي تڏهن اڪبري درٻار جي امير  محب علي سان سندس شادي ڪئي ويئي. ناهيد بيگم پنهنجي ماءُ جي ڏکن جي خبر ٻڌي سلطان محمود کان مدد گهري هئي. محمود شرط پيش ڪيو ته جيڪڏهن هوءَ درٻار اڪبري کان هن لاءِ بکر جي حڪومت جو دائمي پروانو حاصل ڪري ڏيندي ته  هو مرزا باقي کان انتقام وٺندو. ناهيد پروانو هٿ ڪري، پنهنجي مڙس محب علي ۽ مجاهد خان کي ساڻ ڪري اُٻاوڙه پهتي ته سلطان محمود ٺٽي تي حملي ڪرڻ جو خيال دل تان لاهي ڇڏيو ۽ انڪار ڪيائين، جنهن تي ٻنهي اميرن بکر جي قلعي کي گهيرو ڪيو. سلطان محمود اڪبر کي دانهن ڏني، جنهن گيسو خان کي بکر مٿان نائب ڪري مڪو پر هن جي پهچڻ کان اڳ 982 هه ۾ سلطان محمود وفات ڪئي ۽ مير معصوم جي مناري جي سامهون واري ٽڪريءَ تي دفنايو ويو.

”ظن قوي ست که قبرش بر کوهچه در سکهر نو برطرف شمال مناره مير محمد معصوم بهکري ست العالم عند الله[8] “.        

 

قبر پڪين سرن سان جڙيل هڪ چبوتري تي آهي. تقسيم برصغير کان اڳ هندن انهيءَ ٽڪريءَ جي ڀر ۾ جايون جوڙايون ۽ چبوتري کي ڊاهڻ لاءِ هڪڙيءَ ڪنڊ جون سرون ڪڍيائون ته ڪي لاش ڪفن ۾ ويڙهيل صحيح سالم ستل نظر آيا. مسلمانن انگريز ڪليڪٽر کي پڪار ڪئي، جنهن چبوتري کي ڊاهڻ کان منع ڪئي. چبوتري جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي مسجد آهي، جنهن جي مهاجرن تعمير ڪرائي آهي. اڳ مسجد جي حالت زبون هئي. سلطان محمود 84 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سال وفات ”در بهشت آسود“ مان 982 هه نڪري ٿو.هو بهادر، سخي، علم پرور ۽ نيڪ دل هو. روزانو قرآن شريف جي تلاوت ڪندو هو. ڪڏهن موج ۾ ايندو هو ته پيرن ۾ لوهي زنجير ٻڌي قلعي جي ديوار تان درياه ۾ ٽپو ڏيندو هو ۽ صحيح سلامت تري ٻاهر نڪرندو هو.

 

بخشو لنگاهه کي شڪست

شاهه حسن ارغون ملتان ۽ اُچ کي ڦري ويران ڪري ٺٽي موٽي آيو. تنهن کان ٽي مهينا پوءِ 1543ع ۾ بخشو خان لنگاه جنهن همايون کي روهڙي پهچڻ ۾ مدد ڏني هئي، پنجاه ٻيڙين تي لنگاه، ٻروچن ۽ ناهرن جو لشڪر چاڙهي، رات جي وقت بکر جي قلعي جي هڪ دروازي کي باهه ڏياريائين. قلعي ۾ لشڪر هو ٿورو پر حمله آورن کي قلعي جي برجن تان باهه وسائڻ ڪري؛ شڪست کائي پٺتي موٽڻو پيو. ٽي ڏينهن سانده بخشو قلعي فتح ڪرڻ جي انتظار ڪندي روهڙي ۾ گذاريا پوءِ نا اُميد ٿي ملتان ڏانهن موٽندي واٽ تي ڳوٺ ڦريندو ويو[9]. سلطان محمود ڪوڪلتاش جيسين جيئرو رهيو. بکر جي قلعي جي بهادريءَ سان حفاظت ڪندو رهيو.

 

ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ سکر جي حالت

شاهه بيگ ارغون پٽس شاهه حسن سياڻپ سان حڪومت ڪئي، شاهه بيگ فن تفسير ۽ فقه جو ماهر هو. شاهه حسن شعر و شاعري سان دلچسپي رکندو هو. سندس تخلص ”سپاهي“ هو. پر ارغونن سنڌين سان اهڙي هلت ڪئي جيئن گاٿ حملي آورن مغلوب اٽالين سان ڪئي هئي. دولتمند ڳوٺن ۽ شهرن کي ڦريائون ۽ زرخيز زمينون پاڻ ۾ ورهائي کنيائون، سندن ظلمن کان تنگ ٿي گهڻن سنڌي علمائن وطن مالوف سنڌ کي خيرباد چئي گجرات، دکن ۽ حرمين شريفين ۾ سڪونت اختيار ڪئي، مغلن جون ڳوٺن ۽ شهرن ۾ حويليون قائم ٿيون، سکر پراڻي ۾ به مغلن جي حويلي قائم ٿي، جن مان شاهه خير الدين رحه شادي ڪئي هئي، 982 هه ۾ سنڌ جي سري وارو حصو اڪبر اعظم جي قبضي هيٺ اچي ويو. مرزا شاهه حسن سنڌ کي ڇهن سرڪارن ۾ ورهايو هو: (1) بکر، (2) سيوهڻ، (3) نصرپور، (4) ٺٽو، (5) چاچڪان، (6) چڪر هالو (هالڪنڊي) ۽ جوڻ[10] بکر سرڪار جون حدون پهريان اوٻاوڙي پوءَ اُچ تائين هيون، ليڪن اڪبر جي مرضي سڄي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ هئي. بکر سرڪار جي مقابلي ۾ ٺٽي جي حالت زار هئي، پهريان 1555ع ۾ پورچوگيز ڌاڙيلن شهر کي لٽي ساڙي مفت اٺ هزار شهرين کي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيائون، تنهن کان پوءِ مرزا عبدالباقي رعيت تي ظلم نازل ڪيا، ايتري قدر جو ٺٽي جا هندو مندرن ۾ ۽ مسلمان مسجدن ۾ هن ظلم جي برباديءَ لاءِ دعائون گهرڻ لڳا، هن جي ظلمن جا افسانا اڪبري درٻار تائين پهتا، 993 هه مرزا باقي خود ڪشي ڪري پنهنجو انت آندو. اڪبر بادشاهه مرزا عبدالرحيم خان خانان کي لاهور کان ٻيڙين تي هاٿي، توبخانو ۽ لشڪر ڏيئي مرزا جاني بيگ ترخان سان جنگ ڪرڻ مڪو. خان خانان سيوهڻ تي قبضو ڪري نصرپور پهتو. جنگ اينگهه ڪئي، مرزا جانيءَ پورچوگيزن کان مدد ورتي. سنڌ جي وچولي ۽ لاڙ حصي ۾ ڏڪار پئجي ويو. 1001 هه 1592ع ڌاري خان خانان جنگ کٽي ۽ سڄي سنڌ تي اڪبر جو قبضو ٿي ويو. ٺٽي مٿان بکر وانگي دهلي درٻار پاران نواب مقرر ٿي اچڻ لڳا.   

 

واپار

سکر  ۽ ملتان  سرحدي شهر هئا، ملتان تي لنگاه سلاطين جي خودمختيار حڪومت جو 1525ع ۾ خاتمو ٿيو، پر ٻئي شهر گهوڙن جي واپارن ڪري تجارتي مارڪيٽ هئا. هن دور ۾ گهوڙن جي مالوه، گجرات ۽ دکن ۾ گهڻي گهرج هئي.دکن ۾ في گهوڙي جي قيمت 5 سو اشرفيون هئي، گهوڙن جي واپار جو ڏس ابن بطوطا، مارڪوپولو ۽ ايران جي سفير عبدالرزاق جي سفرنامن مان ملي ٿو. گجرات سان ايران، بغداد، بصره، يمن، استنبول، حبش ۽ مصر جا واپاري واپار ڪندا هئا ۽ مصطفيٰ آباد۽ احمد آباد جا قافلا مٿين ولايتن جو مال خشڪيءَ ذريعي ٺٽي پهچائيندا ها، جتان ٻيڙين وسيلي اهو مال سري جي وڏي شهر سکر پهچندو هو ۽ سکر جو نير، کنڀات جي بندر کان ٻاهر ويندو هو. جيتل، ٽنڪن سڪن جو اڳيئي رواج هو. تيمور جي ڪاهه کان پوءِ تيموري سڪو به رائج ٿي ويو. گجرات سان واپار ڪري لاري روپيا به چالو هئا. اهو مظفريه سلاطين جو سڪو هو. فيروزشاهي روپيا به چالو هئا. مرزا عيسيٰ ”عيسائي“ ۽ مرزا جاني بيگ ”جاني“ سڪو رائج ڪيو هو. ارغونن ۽ ترخانن جو زمانو هو سنڌ کي ڦرڻ، تاهم شيون سستيون هيون. مثلاً گلبدن بيگم همايون نامه ۾ ڄاڻايو آهي ته في روپيو چار ٻڪريون وڪامنديون هيون. همايون جي روهڙي اچڻ، بکر ۽ سيوهڻ جي قلعن تي ناڪام ڪاهن ڪرڻ ڪري ۽ عبدالرحيم خان خانان جي ڪاهن جي ڪري سري، وچولي ۽ لاڙ ۾ هٿرادو ڏڪار پيا. هن دور جي روپئي جي قيمت هاڻوڪي روپئي کان 25 حصا وڌيڪ هئي.

 

مذهبي حالت ۽ تعليم

مسلمان صوفين جي صحبتن ۾ هندو پهريون  دفعو توحيد ۽ انسانيت جي مساوات جو سبق سکيو. ان زماني ۾ هندن ۾ جيڪي مفڪر پيدا ٿيا، تن جي تعليم ۾ اسين اسلامي توحيد ۽ مساوات جو اثر ڏسون ٿا. مثلاً رامديو، رامانند، ڪبير ڀڳت ۽ بابا نانڪ جا سلوڪ اسلامي تصوف جي عڪاسي ڪن ٿا. جن مندرن ۾ اڳ بتن جي پوڄا ٿيندي هئي، اتي خدا جي ڀڳتيءَ جو رواج پيو. ڀڳتي طريقي جو باني رامانج هو، جنهن 12 صديءَ ۾ دکن ۾ شنڪر ادويتا جي خلاف وشنو پنٿ جو پرچار ڪيو. رامانج جي پرچار کي رامانند عيسوي 14 صديءَ  اتر هندوستان ۾ زور وٺرايو. سندس پرچار ڪري برهمڻن جو زور ٽٽي پيو، جيڪي مرشد جي حيثيت رکندڙ هئا. رامانند سڀني کي هڪ جهڙو پرچار ڪندو هو. ايتري قدر جو اهير (پاڻي ڀريندڙ)، چمار، ڪوري ۽ موچي جن کي هندو نفرت سان ڌڪاريندا هئا، اهي رامانند جا چيلا بڻجي ويا. هندو عوام جي سهوليت لاءِ هن هندي زبان کي ترجيح ڏني، جنهن جو چرچو مسلمان صوفين خانقاهن، سماع جي مجلسن کان علاوه شعر  و شاعري جو جز بڻجي ويئي. چنانچه محمد تغلق، امير خسرو طوطي هند، محمد جائسي هن دور جا مسلمان هندي شاعر نظر اچن ٿا. سکر جي پهرين سنڌي شاعر قاضي قاضن يا سيد مهدي جونپوري جا چيلا پاڻ کي ”جوڳي“  سڏائيندا هئا. ڀڳت ڪبير به رامانند جو چيلو هو. وشنو جا پوڄاري ماس ۽ مڇي ڪونه واپرائيندا هئا. وشنو پنٿ جي هڪ شاخ ولڀ اچاري دکن ۾ شروع ڪئي، جو 1479ع ۾ تيلوگو پرڳڻي ۾ ڄائو هو، ولڀ سوامي جنهن مٿرا، بندرابن ۽ ڪاشي تائين پنهنجي فلسفي جو پرچار ڪيو هو، جنهن جي تعليم ذات پاڪ جي زنجيرن کي ٽوڙي هڪ نئين فضا پيدا ڪئي. هن خداوند تعاليٰ جي توحيد کي مڪتي ڏيکاريندي چيو ته سري ڪرشن جي گيتا ۾ خدا جي وحدانيت جي تعليم ڏنل آهي ۽ سندس بانسريءَ جو آواز خداوند تعاليٰ جي ٻانهپ ڪرڻ ۽ تواضع جو سبق سيکاري ٿي. مخلوق خدا جي محبت سان خدمت ڪرڻ ۽ ڪمزورن ۽ محتاجن جي مدد ڪرڻ بهترين عبادت آهي. خدا جي ڪٽنب ۾ برهمڻ توڙي چنڊال سڀ هڪ مرتبي جا ڀاتي آهن. فرقه پرستي ۽ ڇوت ڇات انسانيت جي دامن تي داغ آهن، ناماديو، ڪبير ۽ گرونانڪ جي وائين، سلوڪن ۾ اسلامي توحيد جو اثر صاف نمايان آهي. هندن ۽ مسلمانن جو اپائڻهار هڪڙو آهي ۽ بت پرستيءَ جي خلاف آهن، هندن ۽ مسلمانن  جي وچ ۾ جيڪا خليج حائل هئي، تنهن کي مٽائڻ لاءِ ڪبير، ڀڳت ۽ گرونانڪ ڪوشش ڪئي. جيئن هندوستان جون قومون مت ڀيد وساري خدا جا ٻانها ۽ هڪ قوم ٿي رهن. چيتيانا بنگال ۾ شري ڪرشن جي پريم ڀڳتي جو پرچار ڪيو، اسلام برصغير ۾ انقلاب آندو. انساني خدمت، مساوات، محبت ۽ امن امان جو بيپناهه سمنڊ بنگال ۽ دکن کان وٺي ڪشمير ۽ سنڌ تائين ڇوليون هڻڻ لڳو[11]. غرض وحدت الوجود جي فلسفي همه گير شڪل اختيار ڪئي.

 

مهدوي تحريڪ

هجري ڏهين صدي ۾ گنگا ۽ جمنا جي دوآبه ۾ الله آباد جي ويجهو جونپور جي حڪومت شرقيه 796 هه کان 905 هه  تائين قائم رهي، انهيءَ دور ۾ علوم ۽ فنون جي لحاذ سان اسلامي دنيا ۾ جونپور مشرق جو ستارو بنجي ويو، شهر 12 ڪوهن ۽ 96 محلن ۾ ورهايل هو. سوين مدرسا ۽ مسجدون تعمير ٿي ويون ۽ دنيا جا فقرا ۽ عالم هن شهر ۾ ڇڪجي آيا، جن لاءِ شاهانِ شرقيه وظيفا ۽ جاگيرون مقرر ڪيون. 847 هه – 1443ع ۾ جونپور ۾ سيد محمد تولد ٿيو جو تاريخن ۾ ” مهدي جونپوري“[12] ڄاڻايل آهي. سندس والد جو نالو سيد عبدالله ۽ والده جو نالوبي بي آمنه خاتون هو. سيد محمد جو نسب 12 پيڙهي ۾ وڃي امام موسيٰ ڪاظم سان گڏجي ٿو. چاليهن سالن جي عمر ۾ 887هه ڌاري جونپور کان نڪري دعوت ِ حق ڏيڻ جي ارادي سان داناپور، ڪالپي، چنديري، چاپانير (گجرات)، مانڊو، خانديش، برانپور، دولت آباد، احمد ننگر، بيدر ۽ دکن جي بندر ڊابول کان مڪي پهچي مهدويت جي دعويٰ ڪئي. علم ظاهري ۽ باطني ۾ ڪامل دستگاهه رکندڙ هو. مڪي کان موٽي مهدي موعود جي دعويٰ هند، سنڌ ۽ خراسان جي علمائن ۽ حاڪمن ڏانهن مڪائين، احمد آباد کان ناگور، جيسلمير کان 905هه ڌاري نصرپور، اتان جهوڪ پهتا، جنهن تي ميرانپور جو نالو پيو، ڇو ته سيد محمد کي سنڌ ۾ سيد ميران سائين سڏيندا هئا. ڄام ننده جي ڏينهن ۾ ٺٽي پهتا، اتان براه مڪران قنڌار ۽ اتان فره پهتا جتي 910 هه ۾ وفات ڪيائون ۽ سندن مقبره به فره ۾ آهي[13]. مهدوي تحريڪ هندوستان ۽ پاڪستان جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ تي گهرو اثر وڌو.

”هجري نائين صدي جو زمانو برڪوچڪ ۾ بدامني ۽ طوائف الملوڪي جو زور هو، حڪومتون کڙيون ٿينديون ۽ بگڙجنديون رهيون، ڪا به مرڪزي حڪومت ڪو نه هئي، جو احڪام شرع جي اجراء ۽ قيام لاءِ ذميدار هجي. علماء حقاني ٿورا هئا، باقي دنيادار علماء گهڻائي هئا، دنيا طلبي، مڪر جي گرم بازاري هئي، اهڙي عالم آشوبي ۾ هر طرف ظلم ۽ مردني ڇانيل هئي، ڪلمه حق جي آواز بدران جابرن جي هيبت ۽ ظالمن جو دور فضا تي ڇانيل هو“[14].

 

مهدويت جو سکر تي اثر

سيد ميران محمد جونپوري کان پوءِ سندس خليفن مان عبدالله خان نيازي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تبليغ ڪرڻ آيو، سندس هٿن تي گهڻن سکر وارن بيعت ڪئي ۽ سکر هن درويشانه تحريڪ جو منبع بڻجي ويو، غرض مهدوي تحريڪ سنڌ ۾ سکر کان وٺي ٺٽي تائين اثر وڌو. بلوچستان تي وڏو اثر پيو ڇو ته مڪران جا ذڪري، مهدوي آهن[15]. حقيقت ۾ مهدوين جي تاريخ رت سان لکيل آهي.

مدرسن ۾ تعليم فارسي ۾ هلندي هئي، مغل پنهنجي ڏاڏي چنگيز وانگي ڪافر يا مشرڪ ڪو نه هئا، پر سفاڪي ۽ سنگدلي، بربريت ۽ خون آشامي ڪرڻ ۾ پنهنجن وڏن کان گهٽ ڪو نه هئا، شهرن ۽ ڳوٺن کي ڦري زرخيز زمينن کي پاڻ ۾ جاگيرن طور ورهائي کنيو هو. ايتري قدر جو هر هڪ مغل سپاهي جاگيردار هو. اهڙي روش ڪري وقت جي وڏي عالم مخدوم بلاول ٽلٽي وارن ارغون سان جنگ جوٽي هئي. هندن ۽ مسلمانن گڏجي ارغونن سان جنگ ڪئي هئي، تعليمي لحاظ ڪري سکر سنڌ ۾ برک شهر هو، بکر ۾ مخدوم نوح جي مڪتب کان علاوه خانقاهن ۽ مسجدن ۾ ايران ۽ عراق جا علماء ڪرام تعليم ڏيندا هئا، جن مان ڪي وقت جا امام هئا، جن سان شيخ ابن بطوطا ملاقاتون ڪيون هيون، مڪتبن ۾ فلسفي، منطق علم نحو جي ڪتاب ڪافيه جي شرح، عقائد نفسي جي شرح، مطالع منطق جي شرح کان علاوه هدايه ۽ شرح وقايه جي تعليم جو چرچو هو. شاهه بيگ ارغون، شاهه حسن ارغون، سلطان محمود ڪوڪلتاش پاڻ علم پرور، سخن سنج ۽ نڪته دان هئا، سندن درٻارن ۾ عالمن، فاضلن ۽ شاعرن کي وڏي عزت هئي، ارغون وچ ايشيا کان آيا ته پاڻ سان عالمن کي به وٺي آيا، جن جي فيض ڪري سري ۾ سکر ۽ لاڙ ۾ ٺٽو باغ و بهار بڻجي ويا، سکر ۾ مڪتبن جي علاوه مختلف علمن  ۽ هنرن ترقي ڪئي، سنڌي شاعري به هن شهر ۾ پروان چڙهي. سکر جو گورنر ۽ بکر جو قلعيدار قاضي قاضن مهدوي فرقي  ۾ داخل ٿيو. سندس بيان موقعي سر ڏبو[16]. بهرحال ارغونن جو زمانو سنڌ جي علمي عروج جو زمانو هو. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مڪتب ۽ مدرسن جو رواج پيو.

ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ سکر جا علماء ڪرام شيخ ابوبڪر جتوئي (مهدوي)

سکر جي علمائن مان شيخ ابوبڪر جتوئي پهريون عالم هو. جنهن سيد محمد مهدوي جونپوري جي هٿ تي بيعت ڪئي. هو جتوئي ٻروچ ۽ جتوئي پرڳڻي جو رهاڪو هو. جتوئي پرڳڻو بکر سرڪار اندر هو، جنهن جون حدون سکر کان وٺي مديجيءَ تائين هيون، جن ماڻهن مهدوي دعوت قبول ڪئي هئي، سي ”مهديجا“ ڪوٺبا هئا، جنهن ۾ ابڙا ۽ ڪلهوڙا تعداد ۾ وڌيڪ هئا.

 

قاضي قاضن

قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد بن زين العابدين اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو. هن جي مورث اعليٰ قاضي ابو الخير بکري جو بيان گذريل باب ۾ ڏيئي چڪا آهيون، قاضي صاحب تفسير، حديث جو جيد عالم هو ۽ هر وقت عبادت الاهي ۾ مصروف رهندو هو. قرآن جو حافظ ۽ فن قرائت جو ماهر هو. اصول فقه، تصوف ۽ علم آلات ۾ وافر دخل رکندڙ هو. سلوڪ جي واديءَ ۾ رياضت ڪرڻ کان به لذت آشنا ٿي چڪو هو. انشا پردازيءَ جي ثبوت لاءِ سندس  خط ڏانهن اشارو ڪري چڪا آهيون ته، جڏهن شاهه بيگ جي ارغوني اُڙدن ٺٽي ۾ غارتگري شروع ڪئي هئي، تڏهن قاضي صاحب جي خط کي پڙهي اهل ٺٽي کي قيامت صغريٰ کان نجات ملي هئي، قاضي صاحب سيد محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد ٿيو هو، جنهن تي وقت جي علمائن مٿن اعتراض ڪيا هئا، هن کي قاضي صاحب پنهنجي بيتن ۾ جواب ڏنا هئا ۽ اهي بيت سنڌي شاعريءَ جا اوائلي جواهر پارا آهن، قاضي صاحب کي شاهه بيگ ارغون پنهنجو خاص مشير مقرر ڪيو هو ۽ شاهه بيگ جي انتقال کان پوءِ مرزا شاهه حسن کيس بکر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو ۽ ان عهدي کي نهايت احتياط سان نڀايو هئائين، ڪيترائي دفعا حج ڪيائون، مدينه طيبه واري ايام ۾ شيخ عبد الله متقي بن مولانا سعد در ٻيلوي جي صحبت ۾ رهيا هئا، 958 هه ۾ وفات ڪيائون ميرزا شاهه حسن سندن ڀاءُ نصر الله کي بکر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو. حضرت قاضي قاضن عالم، فاضل، شاعر جادو بيان، صوفي باصفا ۽ هنرمند ٿي گذريو آهي[17].

 

شيخ محمد جعفري

قاضي شيخ محمد اُپي جعفري اصل ملتان جا هئا، پوءِ سکر ۾ رهڻ لڳا، سيد محمد مهدي جونپوري، جڏهن ٺٽي ۾ وارد ٿيو، تڏهن پير آسات، شيخ جهنڊو پاتڻي، دريا خان مدار المهام سندس مريد  ٿيا، جنهن تي مخدوم بلال رح جي خليفي سيد حيدر سنائي سيد مهدويءَ خلاف قتل جي فتويٰ صادر ڪئي، معاملو ڄام نندي جي درٻار ۾ پيش ٿيو. شيخ محمد جعفري دليلن ۽ ثبوتن سان مير سيد حيدري جي فتويٰ کي رد ڪري ڏيکاريو، جنهن کان پوءِ ڄام نندي سيد مهدي جونپوري کي سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. شيخ محمد جعفري جي قابليت کي ڏسي ڄام نندي هن کي ٺٽي جو قاضي مقرر ڪيو ۽ ميرزا شاهه حسن به سندس عهدي کي بحال ڪيو. شيخ محمد جعفري مرزا عيسيٰ ترخان جي ڏينهن ۾ وفات ڪئي.

 

شاهه قطب الدين

شاهه قطب الدين بن شاهه محمود بن شاهه طيب صحيح النسب خراسان جي ساداتن مان هو. اوزبڪن جي انقلاب کان متاثر ٿي وطن ڇڏي سکر کي وطن جوڙي هتي رهڻ لڳو. نهايت متقي ۽ متشرع هو. ميرزا شاهه حسن هن کي بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو هو ۽ هر جمع ڏينهن واعظ ڪندو هو. تاريخ وفات به ”واعظ“ مان نڪري ٿي 977 هه.

 

مير سيد تاج الدين

سکر جي ساداتن مان بلند پايه جو عالم، فاضل ۽ وڏي ڪٽنب وارو ڪثير التعداد اولاد وارو، رضوي سيدن مان هو.

شيخ ميرڪ پوراني

مير سيد محمود عرف شيخ ميرڪ بن مير ابو سعيد پوراني سادات عربشاهي مان هو، چنانچه شيخ ابو سعيد جي والده ماجده شيخ جلال الدين بايزيد پوراني جي نور نظر هئي. پوران، هرات جي ويجهو ڳوٺ هو. ميرڪ بايزيد کي شاهه بيگ ارغون بکر مٿان شيخ الاسلام مقرر ڪيو. ميرڪ صاحب مخلوق خدا جي خدمت لاءِ هڪ عظيم الشان مدرسو سکر ۾ تعمير ڪرايو، جنهن سان مسافر خانوبه ملحق هو. انهن ادارن جو سمورو خرچ پنهنجي هڙان ڏيندا هئا. لنگر خانو رات ڏينهن چالو رهندو هو، سندس فرزند مير عبدالباقي پاڻ پنهنجن هٿن سان مفروج مشروبات، مربا ۽ چٽڻيون تيار ڪري شاگردن کي کارائي پياري سندن حوصلي افزائي ڪندا هئا. هن دور ۾ سنڌ ۾ ٻه مکيه مدرسا مشهور هئا. پهريون سيوهڻ جو مدرسو جو اسلامي دنيا ۾ ”فقه اسلام“ جي نالي سان سڏبو هو ۽ منجهس مصر جا شاگرد به پڙهندا هئا. هن مدرسي جي هاسٽل جي ڇت تي شيخ ابن بطوطا اونهاري جي هڪ رات گذاري هئي. ٻيو دارالعلوم شيخ ميرڪ جو سکر ۾ هو، جنهن ۾ خط نستعليق ۽ اقليدس (جاميٽري) جي تعليم رائج هئي. اڳ خط ڪوفي رائج هو. ميرڪ بايزيد فن خطاطي، حڪمت ۽ اقليدس جو ماهر هو. ميرڪ محمود پوءِ ٺٽي ڏانهن هليو ويو. سکر جي دارالعلوم ۾ عراق ۽ عجم جا شاگرد تعليم وٺندا هئا.

 

ميرڪ عبدالوهاب

شيخ ميرڪ پوراني جو ڀائيٽو، نهايت خوش طبع ۽ خصائل حميده ڪري هر دلعزيز هو، شاعري ۾ به طبع آزمائي ڪندو هو. شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جو درٻاري امير هو. معزول شهنشاهه همايون جن ڏينهن ۾ ٻٻرلو جي ”چار باغ“ ۾ مقيم هو، انهن ڏينهن ۾ ميرڪ عبدالوهاب وٽس مرزا شاهه حسن طرفان بطور سفير ٿي ايندو هو ۽ تحفا آڻيندو هو، ميرڪ صاحب بحر العلوم هو. سندس ڪتاب فقه متعلق ”جامع فتاوي پوراني“ سکر ۽ ٺٽي جي عدالت خانن ۾ رائج هو. سندس ڀاءُ مير محمد پوراني به عالم هو. افسوس! جو مرزا عبدالباقي ترخان جي ناعاقبت انديشي ڪري ميرڪ صاحب مفت مارجي ويو.

 

ميرڪ عبدالباقي پوراني

پنهنجي والد ميرڪ بايزيد جي وفات کان پوءِ بکر جو شيخ السلام مقرر ٿيو[18] ۽ پنهنجي زماني جو قطب ٿي گذريو آهي. سندس مقبرو لوڪل بورڊ دفتر جي اوڀرندي ۾ چوني گچ جي پلستر سان آهي. گنبذ جي اولهندي ڀر ۾ بيگمات جون قبرون آهن، اڳ اهي قبرون گنبذدار عمارت اندر هيون. هينئر گنبذ ڊهي ويا آهن، فقط اولهندي واري ديوار بيٺل آهي، جنهن تي ڪاشيءَ جو عمدو ڪم ڪيل آهي. زنانه قبرستان جي ڀر ۾ ڏکڻ طرف هڪ ڊٺل مسجد جون ديوارون بيٺل آهن، جن تي پڻ بهترين ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آهي. سلطان محمود ڪوڪلتاش جي قبر ۽ ميرڪ عبدالباقي جي بيگمات جون قبرون ۽ مسجد اهي سکر جون اوائلي عمارتون آهن، جن تي ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. يعني ته اڄ کان چار صديون اڳ سکر جا ڪاريگر ڪاشيءَ جي هنر کان واقف هئا. مسجد جي ديوارن تي جيڪو ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آهي، سو اقليدس جي شڪلن مطابق آهي. مسجد جي ڀر ۾ هڪ منارو اٽڪل ويهن فوٽن جي اوچائي تي بيٺل هو جنهن کي ”حلالي، حرامي“ چوندا هئا، يعني حلالي  منجهانس لنگهي سگهندو هو ۽ حرامي اٽڪجي بيهندو هو. 1904ع تائين اها  مناري نما عمارت بيٺل هئي پوءِ زمين دوز ٿي ويئي. مير عبدالباقي پوراني 3 رمضان 1019 هه ۾ وفات ڪئي. مقبري جي پيشاني تي لڳل پٿر تي هيءَ عبارت اُڪريل آهي:

”مير عبدالباقي پوراني آن قطبي که بود

 

قدوه آل رسول و زبده خاص اله

 

سال فوتش شيخ قاضي شاه محمد زد رقم

داد جان را مير عبدالباقي پوراني آ.“

1019 هه

 

ميرڪي سيدن جو قبرستان اڳ وڏو هو. پوءِ قبرن ڊهنديون ويون. مقبري جي پٺيان هڪ ڊگهي ٿلهي تي ڪي  جهونيون قبرون موجود آهن، جي زبون حالت ۾ آهن. سکر پراڻي ڏانهن ويندڙ سڙڪ جي سموري ڪناري تي چبوترن تي قبرون ٺهيل هيون، جي مٽجي ويون. فقط ٻه – چار موجود آهن. ميرڪي سادات سکر پراڻي ۾ رهن ٿا ۽ شيعا آهن ۽ موسوي سادات روهڙي وارا علمي فضيلت کي قائم رکندا اچن ٿا. راقم الحروف به سيد وڌيل شاهه صاحب جي مڪتب جي شاگردن مان آهي.

 

شاهه خير الدين گيلاني

مير سيد خير الله عرف خير الدين گيلاني بن سيد احمد بغدادي 911 هه ۾ بغداد شريف ۾ تولد ٿيو، نسب جي لحاظ سان پنجن واسطن سان سيدنا غوث الاعظم عبدالقادر گيلاني رح سان گڏجي ٿو[19]. اوائلي عمر ۾ بغداد کان مڪي معظمه پهتا ۽ 14 ورهيه حرمين شريفين ۾ تحصيل علم ۾ مصروف رهيا. فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ سياحت ڪندي باب الاسلام سنڌ جي شهر هالڪنڊي ۾ مخدوم نوح اويسي صديقي جي صحبت مان ۽ مخدوم صاحب جي خليفي عالم ۽ عارف شاه عبدالڪريم بلڙائي کان فيضياب ٿي حرقو خلافت ڍڪي[20]، سکر پهتا ۽ هتي جي هڪ ٽڪريءَ تي عبادت الاهي ۾ مصروف رهيا. اها ساڳي ٽڪري آهي، جنهن تي سول سرجن سکر جو بنگلو آهي، بنگلي جي اوڀرندي شاهه خير الدين جي عبادت واري هنڌ تي ڪچين سرن جي گنبذ سان جڙيل جاءِ موجود آهي. سکر پراڻي جا گهڻائي باشندا سندن مريد ٿيا، جن ۾ نواب مير محمد معصوم بکري جو پوٽو مير محمد ذڪريا جو نالو قابل بيان آهي. مريدن جي چوڻ تي شاهه صاحب سکر پراڻي جي اُ ن هنڌ تي رهڻ لڳو. جتي هينئر سندن مقبرو آهي، اتي ارغون مغلن جي حويلي هئي[21]. جن مان شاهه صاحب شادي ڪئي[22] کين هڪ فرزند تولد ٿيو. دليل الذاڪرين آهي ته هڪ دفعي پنهنجي پٽ کي ذڪر الاهي جي اهڙي تلقين ڪيائون جو هو برداشت ڪري نه سگهيو ۽ پنهنجي جان جان آفرين جي سپرد ڪيائين. هن واقعي تي شاهه صاحب هميشه افسوس ڪندا هئا ته اعليٰ تلقين وٺڻ لاءِ ڪو به طالب علم طاقت  نه ٿو رکي. سندن خليفن ۾ سيد نصير الدين متعلوي جو به نالو اچي ٿو، جنهن شاهه صاحب جي وفات کان پوءِ، مخدوم نوح جي خليفي درويش يحيٰ رانٽيه جي خدمت ۾ رهي فيض حاصل ڪيو هو. سکر ۾ فقير سڌو ۽ فقير جمال الدين، جنهن جو روضو سکر پراڻي جي بسڪوٽ فيڪٽري جي ڀر ۾ آهي[23]، شاهه صاحب جي خدمت ۾ رهندا هئا، شاهه خير الدين گيلاني 27 رمضان المبارڪ 1027 هه ۾ لاولد هن فاني دنيا مان سفر آخرت اختيار ڪيو. تاريخ مندرجه ذيل قطعه مان ملي ٿي:

 

”شاهه خير الدين مه برج شرف
مقرب درگاه ايزد سرمدي
سال تاريخ و صالش عقل گفت
مرشد کامل طريقه احمدي“.

1027 هه

مقبرو سکر پراڻي ۾ آهي، جتي هر ماه چنڊ جي يارهين تاريخ ميلو لڳي ٿو. روضي جي عاليشان عمارت نيري رنگ جي گنبذ سان فقير جمال الدين  جي پٽ ميان غلام محمد مجاور تعمير ڪرائي ۽ سيد محمد معصوم جي پوٽي سيد اسد الله متخلص ساقي گنبذ جي تاريخ لکي جا گنبذ جي پيشاني تي لڳل آهي.

 

”شاه خير الدين سرور سالکان
زهي روضه اش مظهر نورِ خدا
غلام محمد سجاده نشين
چو ساقي طلب کرد تاريخ آن

 

ولي خدا زيده عارفان
بيا بند فيض، زيارت کنان
زسعيش بنا روضئه نونشان
بگفتا خرد درگه فيض دان“

 

1147 هه [24]

 

ميان عبدالباقي صديقي

ميان عبدالباقي صديقي بکري (ساکرو) هڪ دفعي حج ڪرڻ حرمين شريفين ڏانهن ويو، اُتي هڪ عرب خاتون سان شادي ڪيائين. سندس سهري شيخ نظام الدين پنهنجيءَ نياڻي کي حضرت رسول ڪريم (صلعم) جي سونهاريءَ جو وار مبارڪ ڏاج ۾ ڏنو هو، جو ام المومنين حضرت ام سلمه رضه وٽ هو، جو پوءِ استنبول پهتو هو، جتان شيخ نظام الدين پاڻ سان آندو هو ۽ 952 هه ۾ ميان عبدالباقي پاڻ سان سکر آندو هو ۽ ڪو وقت پاڻ وٽ مخفي رکيائين. 1545ع ۾ وار مبارڪ روهڙي ڏانهن منتقل ٿي ويو، جڏهن ميان عبدالباقي روهڙي ۾ رهڻ لڳو ۽ وار مبارڪ جو راز اُتي جي ٻن بزرگن سيد حيدر حقاني ۽ مخدوم عبدالمالڪ کي مڪاشفه ذريعي معلوم ٿيو ۽ زيارت ڪرڻ ميان عبدالباقي وٽ آيا ۽ زيارت کان مشرف ٿيا. انهي طرح هر سال 9 ذوالحج روهڙي شريف ۾ وار مبارڪ جي زيارت ڪرڻ جو وڏو ميلو لڳي ٿو، وار مبارڪ هڪ سوني اِٽيءَ ۾ مڙهيل آهي، جنهن تي لعلون لڳل آهن ۽ اِٽي هڪ سوني صندوقڙيءَ  ۾ رکيل آهي. اهي شيون هزهائنس مير علي مراد خان ٽالپر والي سابق رياست خيرپور جوڙايون. قيام پاڪستان کان پوءِ انتظام اوقاف کاتي جي حوالي آهي[25]. وار مبارڪ جو بيان مولوي محمد علي تخلص ”طالب“ ”ظهور نامه“ ۾ 1274 هه ۾ ڏنو آهي.

 

مير ابو البقا

مير ابو البقا صحيح النسب سيد هو، جو درويشي چوغي سان گذر سفر ڪندو هو. همايون جن ڏينهن ۾ بکر جي چار باغ ۾ قيام پذير هو، اڪثر مير ابو القاسم جي صحبتن مان مستفيد ٿيندو هو، اهڙن صحبتن کي سلطان محمود جا چوبدار شڪي نگاهن سان ڏسندا هئا. هڪ دفعي سيد صاحب جڏهن رستو وٽيو ٿي ويو ته حريفن مٿس تير وسائي کيس شهيد ڪيائون. همايون خون ناحق ٻڌي بيحد غمگين ٿيو.

 

شاهه جهانگير هاشمي

شيخ الاسلام شاهه قطب الدين متوفي 977 هه جي عزيزن مان هو ۽ مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ خراسان کان آيو هو ۽ چڱو شاعر هو. مثنوي ”تحفته الاحرار“ جي جواب ۾ مثنوي ”مظهر الاثار“ تيار ڪيائين. 940 هجريءَ ۾ حج ڏانهن ويندي ڪيچ – مڪران وٽان لنگهندي ڦورن هٿان شهيد ٿيو.

 

مير غياث الدين

مير غياث الدين رضائي سبزواري، ڪتاب ”حبيب السير“ جي مصنف خوند مير جو ڏوهٽو هو  ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو پوٽو، شاهه بيگ جي مقربن مان هو ۽ ارغون فاتح سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو ۽ سکر ۾ رهيو.

 

مير ابو المڪارم

مير غياث الدين رضائي سبزواري جو فرزند، مرزا شاهه حسن ارغون جو درٻاري نديم هو. مرزا موصوف جي مرڻ کان پوءِ سلطان محمود ڪوڪلتاش جي اميرن جي زمره ۾ شامل ٿيو ۽ سلطان پاران شاهه اسماعيل صفوي جي درٻار ايران ڏانهن سفير ٿي ويو. نهايت فضيلت ۽ قابليت وارو انسان ۽ بليغ شاعر به هو. متخلص شهود ”مثنوي پرڪار“ (سليمان و بلقيس) سندس شاهڪار هو. (تحفته الڪرام ج 3).

 

مير سيد صفائي

مير سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ ترمذي، سيد شير قلندر بابا حسن ابدال مشهور  اولياءَ  جي نسب مان هو. سيد قطب الدين جي وفات کان پوءِ سلطان محمود کيس بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيائين. 991 هه ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس قبر پٽس مير محمد معصوم مناري جي ڀر ۾ جوڙائي. سندس اولاد معصومي صادات اڄ تائين سکر پراڻي ۾ رهن ٿا.

 

مير محمد يونس

ارغونن کان اڳ همايون سان منسلڪ هو. بعد مرزا شاهه حسن جي صاحبيءَ ۾، سرڪاري عملدار ٿيو ۽ شاهه حسن جي وفات کان پوءِ سلطان محمود جي ملازمت ۾ رهيو هو.

 

ملا اسحاق

سلطان محمود جي اميرن مان مرزا غازي بيگ جو معلم هو.

 

مير يوسف

مير يوسف سکر جي رضوي سيدن مان هو. جو سيد ميران محمد مهدي جونپوري جو مريد ٿيو ۽ عقيدتمندي جي ڪري پاڻ سيد يوسف رضوي مهدوي سڏائيندو هو، بعد ۾ سکر کان ٺٽي ڏانهن لڏي ويو هو.


[1] ميرڪ يوسف: تاريخ مظهر شاهجهاني ص 8 – 18، ڪراچي 1962ع.

[2] ايڇ – ڪزنس: سنڌ جا آثار قديمه بيان بکر ص 142.

[3] محمد هادي ڪامور: تذڪره سلاطين چغته قلمي 1177 هه رائل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال لائبرري. جوهر آفتابچي پنهنجي تاريخ الواقعات ۾ ٻٻرلو کي بيهرالو ڄاڻايو آهي. ٻٻرلو جي ڪتبخاني متعلق منهنجو اردو مضمون ڪراچي جي رسالي رياض ۾ شايع ٿيو، جنهن جو سنڌي ترجمو روزانه عبرت حيدرآباد ۾ 1961ع ۾ شايع ٿيو.

[4] The Sindhian World, BI – Monthly Feb: 1940 Karachi, The tri Islands in the
Indus, P. 138.

ساڌ ٻيلي جي نالي ۽ ڪامران جي بيان لاءِ ڏسو مقالات الشعراء ص 666 سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1957ع.   

[5] ابو الفضل: اڪبر نامه ص 330.

[6] گجرات جي مظفريه سلطان محمود شاه ثاني هڪ لک روپيا ميرزا شاهه حسن ۽ ٽيهه هزار سلطان محمود کي ڏيئي کانئن جند ڇڏائي هئي، علامه عمر بن محمد دائود پوٽه: تاريخي معصومي، ص 163

[7] ايم آر هئيگ: انڊس ڊيلٽا ڪنٽري، ٺٽي جي تباهي 1555ع – پيڊرو باريٽو رولين مڪليءَ وارن مقبرن مان ڪاشيءَ  جون سرون به کڻي ويو جيڪي گوئا جي ديولن کي لڳل آهن.    

[8] خان بهادر خدادا خان: لب – تاريخ ص 15.

[9] قليچ بيگ فريدون بيگ: تاريخ سنڌ ج 2 ص 87 ڪراچي.    

[10] تاريخ مظهر شاهجهاني، باب اول.

[11] Ishwari Prasad: A short History of  Muslim Rule in India, P P. 229 – 225.

[12] نوٽ: اڪثر ارباب علم هن ڳالهه تي متفق آهن ته سيد محمد جونپوري رح وڏو عالم ۽ غيور مسلمان هو، زهد ۽ رياضت ڪري سندس مقام بلند هو، جتي به پهچندو هو پنهنجي صحبت ڪري خاص قسم جي ديني فضا پيدا ڪندو هو، تحفته الڪرام هن کي سيد الاولياء جي لقب سان لکيو آهي. هن بزرگ اسلام کي نئين شان سان جلوه گر ڪيو،

تاريخ ڪلهوڙا، ص 137 – 138

[13] سيد شمس الدين مصطفائي: مهدوي تحريڪ ڪراچي 1955ع.

[14] مولانا ابو الڪلام آزاد: تذڪره، ڪراچي.  

[15] رحيمداد خان مولائي شيدائي: بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ، پاڪستان ذڪري انجمن ڪلري ڪراچي. 

[16] قاضي قاضن جا فقط ڇهه سنڌي بيت بيان العارفين ۾ ڏنل آهن اهو ڪتاب ميان محمد رضا ولد محمد واسع 1628ع ۾ قلمبند ڪيو. خان بهادر محمد صديق ميمڻ: سنڌ جي ادبي تاريخ ج ص 49 – 50 سنڌي ادبي سوسائٽي 1955ع حيدرآباد. 

[17] عمر بن محمد دائود پوٽو: قاضي قاضن، ڪراچي، سنڌ جي ادبي تاريخ جي ج 1 بيان قاضي قاضن ص 47.   

The Sindhian, World, The Begining of  Sindhi Poetry P. P 274 – 275 December 1940 Karachi. 

نوٽ: قاضي قاضن سان گڏ مرزا شاهين بکري به سيد الاوليا محمد مهدي جونپوري جو مريد ٿيو هو. مرزا شاهين جو وڌيڪ احوال ملي نه سگهيو. سيد محمد مهدي جونپوري جي سوانح ۾ سندس نالو ڏنل آهي.

[18] ميرڪ بايزيد بکر ۽ سکر جو شيخ السلام ٿي رهيو هو سنت جماعت جو بزرگ هو (آزادي نمبر الوحيد).    

[19] شاهه خير الدين جيلاني جي لاءِ سڀني ڪتابن ۾ اهو حوالو موجود آهي ته هو پنجن واسطن سان غوث الاعظم شيخ عبدالقادر جيلاني سان ملي ٿو. شيخ عبدالقادر جيلاني جي ولادت 481 هه ۾ ٿي ۽ سيد خيرالدين جي ولادت ڪتابن ۾ 911 هه  ڄاڻائي ويئي آهي، ٻنهي جي ولادت ۾ فرق تقريباً سوا چار صديون ٿيندو صدي ۾ ٽي پيڙهيون ليکبيون آهن ان حساب سان سيد خير الدين پنجين پيڙهي ۾ نه بلڪ يارهين ٻارهين پيڙهي ۾ اچي سگهي ٿو. انهي عبارت کي درست ڪجي ورنه اها غلطي هميشه لاءِ رهجي ويندي.

[20] حويلي ارغون مغلن جي ڪا نه هئي پر سندن پوين حڪمرانن ترخان مغلن جي هئي جن وٽان شاهه صاحب شادي ڪئي هئي (آزادي نمبر الوحيد).     

[21] ”سندس خليفي عالم ۽ عارف شاه عبدالڪريم بلڙائي کان فيض ياب ٿي خرقو خلافت ڍڪي پاڻ“ مٿين عبارت مون ڪٿي ڪا نه پڙهي آهي هيٺين طرح لکجي ”غوث الحق مخدوم نوح صديقي کان فيض حاصل ڪري سکر پهتا“.

[22] نوٽ: شيخ عبدالرزاق راز پنهنجي ڪتاب سکر ۾ ڄاڻايو آهي ته شاه خير الدين، بکر جي افغان شاه قلي جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. هن جو نالو اسماعيل قلي هو جنهن 694 هه مير ابو القاسم نمڪين سان گڏجي اڪبر جي حڪم سان سبي جي بلوچن تي ڪاهه ڪئي هئي. اڪبر نامه ج 3 ص 475.        

[23] ميان جمال الدين شاهه صاحب جي حياتيءَ ۾ سندن رفيق همسفر ۽ مريد هو. فقير سڌو جو  اصل نالو سدن سوائي آهي جو شاهه صاحب جي خانقاه تي مُٽي ڀريندو هو ۽ گهڻو پوءِ جو آهي، سدن سوائي شاهه صاحب جي مقبري ۾ مدفون آهي ۽ فقير جمال الدين بسڪوٽ فيڪٽري جي ڀرسان دفن ٿيل نه آهي پر شاه جي ٽڪر تي ڪليڪٽري جي ڀرسان مدفون آهي (ميان پير محمد پيرزاده جي) ميان غلام محمد، ميان جمال الدين جو پٽ نه هو پر سندس چوٿين پيڙهي مان هو جنهن سجاده نشيني جو سلسلو قائم ڪيو ۽ سکر پراڻي جي پيرزادن جو جد امجد آهي. ميان جمال الدين جو پٽ ميان عبدالرحمان هو جيڪو شاهه صاحب جي وصيت موجب شاهه صاحب جو وارث بڻيو، ص 67 ميان آدم شاه جي شجره جي ضرورت محسوس نه ٿي ڪجي ص 72 چبوترا ۽ ڪتبا خاص اهميت نه ٿا رکن حذف ڪجن ته بهتر ٿيندو.

[24] الوحيد روزانه ڪراچي اسپيشل نمبر جون 1936ع     

نوٽ: ازواج مطهرات مان حضرت عائشيه صديقه 58 هه ۽ حضرت ام سلمه 63 هه علم ِ تفسير کان گهڻُو واقف هيون.   

[25] سيد محمد ضامن ڪنتوري: عبرتڪده سنڌ ص 35 36 حيدرآباد دکن، 1903ع     

نوٽ: مخدوم عبدالملڪ مخدوم عثمان درٻيلوي جي اولاد مان هو، وار مبارڪ جو بيان ظهور نامه ۾ ڏنل آهي.  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org