سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنت السنڌ

باب؛ 7

صفحو :17

باب ستون

 

”زهي ٽالپر گرديد مقبول عام   ڪه مرصع باشد بشاهي نظام“

 

ٽالپري حاڪمن جي فهرست

 

1_ مير فتح علي شاه هيبت جنگ بهادر

1197هه (1783ع) کان 1217هه (1802ع) تائين.

2_ مير غلام علي خان شير افگن

1217هه (1802ع) کان 1227هه (1811ع) تائين.

3_ مير ڪرم علي خان رڪن الدوله بهادر.

1227هه (1811ع) کان 1244هه (1828ع) تائين.

4_ مير مراد علي خان رڪن الدوله بهادر

1244هه (1828ع) کان 1249هه (1832ع) تائين.

5_ مير نور محمد خان ثريا جاه بهادر

1249هه (1832ع) کان 1255هه (1840ع) تائين.

6_ مير محمد نصير خان الغازي

1255هه (1840ع) کان 1259هه (1843ع) تائين.

جملي ڇهن ٽالپر اميرن سنڌ تي حڪومت ڪئي، جن کان 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي، جيڪي واپارين جي لباس ۾ هن ملڪ ۾ وارد ٿيا هئا. انگريز جيسين هندستان جي ٻين جنگين ۾ رڌل هئا، تيسين سنڌ۾ واپارين جي لباس ۾ رهيا، وري جڏهن هندستان مان فارغ ٿيا، تڏهن ميرن سان ڊوهه ڪري سنڌڙيءَ تي قبضو ڪيائون.

سياسي پس منظر:

سنه 1775ع کان سنه 1783ع ۾ هالاڻيءَ جي فيصلي ڪن جنگ تائين، سانده اٺ سال، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي باهمي ناسازيءَ ڪري سنڌ جي آبادگارن جي حالت بلڪل زبون ٿي ويئي هئي. واپار صفا بند ٿي ويو هو ۽ صوبو ڏڪر ڪري بلڪل تباهه ٿي رهيو هو. هالاڻيءَ جي جنگ سرائين جي اقتدار ۽ تسلط جو سنڌ ۾ خاتمو ڪري ڇڏيو هو، تاهم ميان عبدالنبي خان موقعي جي تاڙ ۾ لڳل هو. حيدرآباد جو مضبوط قلعو مرراڻي بلوچن جي قبضي هيٺ هو، جي سرائين سان وفادار هئا. ديره جات جو علائقو، جو ڪجهه وقت ميان غلام شاه جي قبضي هيٺ رهيو هو، اتي جي بلوچن سان پڻ ميان عبدالنبيءَ جا تعلقات خوشگوار هئا. هالاڻيءَ جي جنگ وقت کوسن جو سردار برخوردار خان، ديره جات کان ميان جي مدد ڪرڻ لاءِ فوجون وٺي آيو هو.

تيمور شاه پنجاب ۾ سکن سان جنگين ڪرڻ ۾ رڌل هو. کيس ڏوڪڙن جي ضرورت هئي، پوءِ کڻي ڪير به سنڌ تي حڪومت ڪري. جتوئي ورهين کان سرائين جي دسترخوانن تي پلجي رهيا هئا. لاڙ ۽ ڪوهستان جا جوکيا ۽ نومڙيا جيڪي ظاهري پاڻ کي بلوچ ڪنفيڊريسي جا خيرخواه سڏائيندا هئا، اهي سرائين جي صاحبيءَ ۾ سرداريءَ جي رتبي کي پهچي چڪا هئا ۽ هينئر نوابيءَ لاءِ خواب لهي رهيا هئا. قلات جي احمد زئين مان سرائين شاديون ڪيون ۽ کين اُتي ڪافي رسوخ حاصل هو. جوڌپور جي راجا کي سرائين عمر ڪوٽ ڏيارڻ جي لالچ ۾ پنهنجي طرف ڪيو هو. سرائين جا جيڪي سنڌي درٻاري رئيس هئا، تن سنڌي ۽ غير سنڌي تحريڪ شروع ڪئي هئي، جنهن ڪري سندن عاقبت ناانديش پاليسيءَ ڪري ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو سنڌ ۾ خاتمو ٿي ويو.

اهڙيءَ طرح اندروني ۽ بيروني سياسي فضا هوندي به ٽالپرن جي حالت مضبوط هئي. مير فتح علي شاه ٽالپر قلات جي بيگلر بيگي مير محمد خان کي چتاءُ ڏيئي ڇڏيو هو ته، ”جيڪڏهن ڪنهن به وقت براهوئين جو لشڪر جبلن کان هيٺ لهندو، ته ساڻن ترار سان فيصلو ڪبو.“ قلات ۽ جوڌپور جي فوجين اڳ ڪيترا ڀيرا ٽالپرن سان بازو آزمائي ڏٺا هئا. سنڌ جا رهندڙ بلوچي قبيلا جهڙوڪ: رند، مري، جمالي، لغاري، ڀرڳڙي، نظاماڻي، باگراڻي، بزدار، جروار، بليدي، مگسي، مزاري، چانگ ۽ گوپانگ جن جون ديره جات ۽ ڪڇيءَ کان سواءِ سنڌ ۾ پڻ سرداريون هيون، سي ٽالپري تمن سان وفادار هئا. مٿين قبيلن مان رندن، باگراڻين، مرين، نظاماڻين ۽ ڀرڳڙين مان ٽالپرن شاديون ڪيون هيون، تنهن ڪري پاڻ ۾ جسم ۽ جان هئا. نومڙين جي سردار ملڪ عزت خان، جنهن هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ميان عبدالنبي جو طرف ورتو هو، سو پاڻمرادو اچي ميرن اڳيان پيش پيو هو. بلدڪي جا بليدي ’مير عالي‘، جن جا گهوڙا ڪنهن وقت بکر ٽپي جيسلمير جي ديوارن تائين دنگ ڪندا هئا، سي ٽالپري راڄ کي پنهنجي مستقبل لاءِ نيڪ فال سمجهڻ لڳا.(1)

اوٻاوڙي جا ڏهر جاگيردار، جن وٽ مغلن جون سندون هيون، سي دائودپوٽن جي خوف ڪري ٽالپري حڪومت کي پنهنجي بچاءُ جو ذريعو سمجهڻ لڳا. هرند، داجل ۽ ڄامپور جو پرڳڻو قلات جي ماتحت هو، تنهن ڪري ڪشمور جو رستو قلات لاءِ کليل هو، مگر ٽالپرن سان قلات جي اڻبڻت هئڻ جي صورت ۾، مٿيون رستو بند ڪرڻ مزارين لاءِ آسان ڪم هو. مزارين جي خوف ڪري قلات جي واليءَ ڪشمور جي سرحد تي عمر ڪوٽ نالي قلعو تعمير ڪرائي، اتي براهوئين جو لشڪر ويهاريو هو. سنڌ جي سرحد تي اتر اولهندي ۾ چانڊين جو تمن مضبوط هو، سندن ٽالپرن سان قبائلي جنگين وقت کان دشمني هئي، مگر چانڊيا بيوس هئا، ڇو ته سندن اتر اوڀرندي کان مزاري ۽ بليدي قبيلا رهندا هئا، اولهندي ۾ مگسين جو راڄ هو، سندن ڏکڻ ۾ ڪاڇي جي علائقي ۾ لغارين ۽ ڀرڳڙين جون جاگيرون هيون ۽ انهيءَ طبعي صورتحال سبب چانڊين جو ’علائقو‘ وچ ۾ ڦاٿل هو.

بيروني سياسي حالت:

احمد شاه ابداليءَ جي وفات کان پوءِ قلات جو خان خودمختيار ٿي چڪو هو، سندس اهائي پاليسي هئي ته ٽالپر ڪمزور رهن، جيئن ڪراچيءَ جو بندر قلات کي ڦٻي وڃي. تيمور شاه جلال آباد ۾ هڪ لک لشڪر گڏ ڪرڻ ۾ رڌل هو، ته سرائي ميان عبدالنبي خان جا ايلچي ساڻس ڪن ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته، ”جيڪڏهن بادشاه سنڌ تي ڪاهه ڪندو ته پڪ ميان عبدالنبي سنڌ تي قبضو ڪندو، ڇاڪاڻ ته ٽالپرن جو سنڌ جي ورهاڱي ڪري پاڻ ۾ تڪرار ۽ بي اتفاقي پيل آهي.“ ان ۾ شڪ ڪونه هو ته ماڻڪاڻي ۽ سهراباڻي مير پنهنجن حصن لاءِ مير فتح علي شاه کان گهر ڪري رهيا هئا، بلڪ ماڻڪاڻين ۾ سخت بي چيني پيل هئي. ان وقت ماڌوجي سنڌيا مرهٽن ۾ طاقتور سردار هو، جنهن راجپوت راجائن کي خراج ڀري ڏيڻ لاءِ سوڙهو ڪيو هو. ڪڇ جو راءِ ڌانجي به ماڌوجيءَ اڳيان ڪنڌ نوائي بيٺو هو.

مغل شهنشاه شاه عالم جنهن کي غلام قادر روهيلي انڌو ڪيو هو، سو نالي طور دهليءَ جي ڪاٺ جي تخت تي حڪومت هلائي رهيو ۽ ماڌوجيءَ جي نگرانيءَ هيٺ حياتيءَ جا پويان ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. جوڌپور جي راجا بجيسنگهه سنڌيا جي خوف کان پنهنجو ايلچي تيمور شاه ڏانهن جلال آباد موڪليو هو. سندس ايلچيءَ بادشاه کي پڪ ڏني هئي ته، ”جيڪڏهن بادشاه بهاولپور – بيڪانير جي رستي کان سنڌيا تي ڪاهه ڪندو ته جوڌپور جو راجا افغان لشڪر جي خرچ لاءِ ويهه لک رپيا ڏيندو.“(1)

حقيقت ۾ تيمور شاه کي ايتري فرصت ڪانه هئي، جو سکن کان جند ڇڏائي مرهٽن سان جنگ ڪري سگهي يا هندستان جي سياسي معاملن ۾ دخل ڏيئي سگهي. جوڌپور جي ايلچيءَ کي ٽارڻ لاءِ تيمور شاه کانئس چاليهه لک رپين جي گهر ڪئي ۽ پاڻيءَ جي انتظام لاءِ ٽيهن هزارن اُٺن لاءِ مطالبو ڪيائين. بادشاه کي سکن سان رڌل ڏسي، بهاولپور جي دائودپوٽي نواب به خراج ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري تيمور شاه 14 نومبر سنه 1788ع ۾ اٽڪ کان هڪ لک چوويهه هزار لشڪر سان ملتان پهتو. ملتان جي افغان نواب مظفر خان اڳواٽ لشڪر لاءِ سامان رسد گڏ ڪري رکيو هو. ٻئي طرف کان قلات جو لشڪر، سردار زرڪ خان جي اڳواڻيءَ هيٺ، ديري غازي خان وٽ افغان لشڪر سان گڏيو. افغاني ۽ براهوئي لشڪر جي اجتماع کي ملتان ۾ ڏسي، بهاولپور جو نواب بيڪانير ڏانهن ڀڄي ويو، سندس غير حاضريءَ ۾ افغاني لشڪر بهاولپور ۾ ڦرلٽ ۽ قتل عام شروع ڪيو. لاچار نواب اچي پيش پيو ۽ ڏهه لک رپيا ڏيئي رعايا ۽ پنهنجي جند آزاد ڪرايائين.

شاه ڳڙه جي جنگ:

تيمور شاه، ٽاپرن جي ايلچين کان 9 لک رپيا وٺي حڪومت جي سند لکي ڏني هئي، مگر ان وقت سياسي فضا کي غبار آلوده ڏسي مير صاحب ڍل پيارڻ ۾ دير ڪئي هئي. بهاولپور جي نواب کان ڍل وصول ڪرڻ کان پوءِ، تيمور شاه، احمد شاه نوروزئي ۽ زرڪ خان براهوئي کي لشڪر ڏيئي سنڌ تي چاڙهي موڪليو. فقير باغي جي صلاح سان، فتح علي شاه شاهي ديرن کي ڪڇ ۽ جيسلمير ڏانهن رواني ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪري ٻه هزار سوارن ۽ توبخاني جي دستي کي ساڻ ڪري، مير غلام عليءَ سميت بهاولپور رياست جي سرحد تي هاڪڙي جي اولهندي ۾ شاه ڳڙه پهتو. مير سهراب خان اچڻ لاءِ وعدو ڪيو هو، پر هو موقعي تي ڪونه آيو. سنه 1204هه (1788ع) ۾ طرفين ۾ گهمسان جي جنگ لڳي. ٻنهي فوجن جي وچ ۾ هڪڙي واهه تي پليون هيون، جي بلوچن ڀڃي ڇڏيون. ٽالپري توبخاني جي آتش بازيءَ ڪري براهوئي سردار، بوستان خان ۽ زرڪ خان، مارجي ويا، احمد خان نوروزئي ميدان مان ڀڄي ويو.(1) بلوچي سوار سندس پٺيان ڪاهي ويا ۽ هن صلح لاءِ درخواست ڪئي.

تيمور شاه شڪست جو ٻڌي، تپي باهه ٿي ويو. شهزادو محمود مرزا قنڌار کان لشڪر وٺي شڪارپور پهتو هو. هوڏانهن مير محمد نصير خان به قلات کان تازي فوج وٺي آيو، مگر آغا سيد ابراهيم کي مير فتح علي شاه 16 لک رپيا نقد ۽ بيش بها سوغاتون ڏيئي اڳواٽ تيمور شاه ڏانهن روانو ڪيو هو. مير جا ايلچي ناڻي جي ڳوٿرين سان بادشاه سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا، ان وچ ۾ زمان مرزا جو جنسي خط هڪڙي برق رفتار ايلچيءَ آڻي تيمور شاه اڳيان پيش ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو ته، مراد شاه ترڪمان ڪابل تي ڌوڪيندو اچي ٿو. تيمور شاه کي مير سان فيصلي ڪرڻ لاءِ فرصت ڪانه هئي، تنهن ڪري موٽي ڪابل ڏانهن ويو.(1)

ٽالپرن جو حيدرآباد جي قلعي تي قبضو:

حيدرآباد جي قلعي ۾ سرائي ميان عبدالنبي خان جي ماڻهن کان سواءِ مرراڻي بلوچ رهندا هئا ۽ ميان عبدالنبيءَ پاران شالمين حبشي قلعيدار هو. قلعي اندر مٺي پاڻيءَ جا پنج کوه، هر ڪنهن قسم جي انن جا انبار ۽ گاهن جون دنيون هيون. بارود سان تجرون ڀريل هيون. قلعي وارن کي ٻاهرئين غنيم جي حملي کان ڪو خطرو نه هو. مير فتح علي شاه، حاجي احمد خان کي لشڪر ڏيئي قلعي ڏانهن روانو ڪيو. ٻن ورهين تائين ٽالپري لشڪر قلعي تي گهيرو ڪيو، مگر کڙتيل ڪونه نڪتو. آخر مرراڻين بارود کي باهه ڏني، جنهن جي ڌڪاءَ ڪري قلعي جي اوڀرندي واري ديوار جو ڳچ حصو ڪري پيو. حاجي احمد خان لشڪر سميت قلعي اندر ڪاهي پيو. شالمين گرفتار ٿي، مير اڳيان پيش ٿيو. فاتح مير سندس نمڪ حلاليءَ جي ساراهه ڪئي ۽ مٿس گهڻيون نوازشون ڪيون.

تنهن کان پوءِ شالمين سرائين جي حرم کي وٺي جوڌپور ڏانهن ويو.(1) مير ڪرم علي خان ٿر کان شاهي ديرن کي حيدرآباد وٺي آيو. سنه 1204هه (1789ع) ۾ مير فتح علي خان حيدرآباد کي پنهنجي گادي مقرر ڪيو. جڏهن ٽالپرن جي اقبال جو علم پوري شان سان بلند ٿيو، تڏهن فاتح مير پنهنجن ڀائرن لاءِ قلعي اندر عمارتون تعمير ڪرايون. قلعي جي منهن وٽ ميان غلام شاه جي زماني جون ٻه جڙيل عمارتون رحمت الله شاه ۽ طالب نالي هيون، تن جي سرڪاري خرچ سان مرامت ڪرائي ويئي. جامع الخيري، حيدرآباد م فاتح مير جي والده ماجده عليا حضرت خيرالنساءِ تعمير ڪرائي. سندس يادگار اڃا موجود آهي.

سنڌ جي سرحدن جي استحڪام لاءِ مير صاحب حڪم ڏنو. جوڌپور جو راجا ٿر کي پنهنجي ملڪيت سمجهندو هو. مير صاحب ٿر جي بچاءَ لاءِ ٻه نوان قلعا، اسلام ڳڙه ۽ فتح ڳڙه تعمير ڪرايا، جنهن تي ٿر جي راڻن اعتراض اٿاريو ۽ سڄي مارواڙ جي راجپوتن ۾ ناراضپو پئجي ويو، مگر ٿر ۾ بلوچن جا راڄ موجود هئا، جن جي سردارن لاءِ مير وظيفا مقرر ڪيا. سڪرنڊ جي ڍنڍ جي پُرفضا نظاري واري ڪپ تي فاتح مير فتح آباد ڳوٺ تعمير ڪرائي، ڍنڍ جي ٻيٽ تي هڪڙو محلات جوڙايو، جتي پهرئين چوياريءَ جا مير شڪار ڪرڻ وقت ايندا هئا.(1)

سنه 1205هه (1789ع) ۾ بلخ جي ترڪمانن کان جند ڇڏائڻ کان پوءِ، تيمور شاه جو لشڪر پائينده خان جي اڳواڻيءَ هيٺ شڪارپور پهتو. تيمور شاه کيس سمجهائي موڪليو هو ته ڪيئن به ڪري ميرن سان صلح ڪري موٽي. ٽالپرن جملي سٺ لک رپيا تيمور شاه کي ڏنا ۽ آئينده لاءِ ڪلهوڙن جيترو خراج ڏيڻ منظور ڪيو.(2) افغان سپه سالار فاتح مير ڏانهن هڪڙو هاٿي ۽ هڪڙي جوهردار ترار خلعت سميت روانا ڪيا. درٻار جي پراڻن اهلڪارن مان مير صاحب پاران ديوان گدومل جو ڀاءُ ديوان جسپتراءِ قنڌار ڏانهن سفير ٿي ويو. سنه 1207هه (1792ع) ۾ مير فتح علي شاه فلڪ شڪوه هاٿيءَ تي چڙهي دٻدٻي سان حيدرآباد جي قلعي ۾ وارد ٿيو.

ميرن جو ڪراچيءَ تي قبضو:

ڪراچي ۽ سون مياڻي ٻه ننڍڙا بندر مڇي مارڻ جون مياڻيون هيون، جتي مهاڻن جا گهر هئا. انهن ڏينهن ۾ سون مياڻي کي ڪراچيءَ کان وڌيڪ اهميت حاصل هئي، ڇاڪاڻ ته قنڌار ۽ قلات جو مال هتان ٻاهر ويندو هو. سنڌ جي خارجي معاملن جون واڳون انهن ڏينهن ۾ مير غلام علي خان جي هٿ ۾ هيون، جنهن صلح جي معاهدي سان گڏ تيمور شاه کان ڪراچيءَ جي بندر لاءِ گهر ڪئي. قلات جي بيگلر بيگي نصير خان اهو سوال پيش ڪيو ته جنهن صورت ۾ سندس ناٺي سردار زرڪ خان شاه ڳڙه واري معرڪي ۾ ٽالپرن هٿان مارجي ويو آهي، ان حالت ۾ ڪراچي خون بها جي عيوضي ۾ قلات کي ملڻ گهرجي، پر تيمور شاه کي ناڻي جون ڳوٿريون ملي چڪيون هيون. سندس زور وجهڻ ڪري نصير خان ڪراچيءَ تان هٿ کنيو. ڪراچيءَ جا هندو واپاري جيڪي مهاڻن کان ٺيڪي تي مڇي کڻندا هئا، سي هينئر ٽالپرن جي فائدي ۾ هئا. سنه 1781ع ۾ ڪراچي ڳوٺ جي  آبادي 6 هزار هئي. مڇيءَ جي واپار جي اپت مان سرڪار کي 4 هزار رپيا ساليانو آمدني هئي.(1) هتي بصره، مسقط، بندر عباس، لکپت، مانڊوي، ڊمن، بمبئي ۽ ڪاليڪٽ جي واپارين جا گماشتا رهندا هئا.

اتر سنڌ جي ٽڪرين ۾، ڪشمور کان پوءِ مزارين جي رياست جون حدون شروع ٿينديون هيون، جنهن جو تختگاه روجهاڻ هو، جو ديري غازي خان کان هڪ سؤ ڏهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هرند ۽ داجل ڏانهن ويندي براهوئي لشڪر کي مزارچه جي حدن مان لنگهڻو پوندو هو. قلات جي اهڙي فوجي نقل ۽ حرڪت کي مزاري پنهنجي آزاديءَ لاءِ خطرو ۽ قومي وقار لاءِ بي عزتي تصور ڪندا هئا. مير محبت خان جي ڏينهن ۾ قلات جي لشڪر هڪڙي ڀيري مزارين تي ڪاهي، ڪشمور ۾ ڦرلٽ ڪئي هئي. پوءِ مير نصير خان بگٽين کان مدد وٺي روجهاڻ ۾ ڦرلٽ ڪرائي ۽ ڪشمور وٽ هڪ ڪوٽ، عمرڪوٽ نالي تعمير ڪرائي منجهس براهوئي لشڪر ويهاريو هو.

مزارين جي سردار مير حمل خان ثالث قلات جي ڪاررواين خلاف مير فتح علي خان کي درخواست پيش ڪئي.فاتح مير توبخاني جو دستو مزارين جي مدد لاءِ روانو ڪيو. ٽالپري توبخاني جي گوليباريءَ ڪري عمرڪوٽ جي قلعي جي ديوارن ۾ شگاف پئجي ويا. براهوئي لشڪر جا ٻه عملدار ميهان خان ۽ سنجر خان مارجي ويا. براهوئي لشڪر ۾ ڀاڄ پئي. سنه 1792ع ۾ مير حمل خان  ٽالپرن جي اطاعت منظور ڪئي ۽ مزارچه جو علائقو راجنپور تائين ٽالپري حڪومت ۾ شامل ٿي ويو. رياست جي آمدنيءَ جو اڌ حصو سهراباڻي سرڪار کي ملڻ لڳو.(1)

بگٽين جي سردار بيورغ جنهن براهوئين سان شريڪ ٿي روجهاڻ کي لٽيو هو، تنهن کان انتقام وٺڻ لاءِ مزارين ۽ ٽالپرن جي فوج گڏجي ديري بگٽيءَ تي ڪاهه ڪئي. سنه 1792ع ۾ سياه آف جي جنگ ۾ بگٽين شڪست کاڌي. مزارين ۽ بليدين جي تعاون ڪري ٽالپري حڪومت اتر واري سرحد ديره جات تائين مضبوط ٿي ويئي.(1) سنه 1801ع ۾ مير حمل خان جي وفات کانپوءِ مير بهرام خان مزارين جي سرداريءَ جي پڳ ٻڌي. کيس سهراباڻي درٻار ۾ گهڻي عزت ملندي هئي. مير رستم خان بکر کان وٺي مٺڻ ڪوٽ تائين علائقو مزارين جي سردار کي بطور جاگير ڏنو. اڳ اتر سرحد وارا بلوچ وقت بوقت سنڌونديءَ جي ڪناري تائين ڳوٺن کي ڦريندا هئا، مگر بليدين ۽ مزارين جي اطاعت ڪري ان قسم جا حملا بند ٿي ويا.(2)

سنه 1207هه (1793ع) اپريل ۾ تيمور شاه بيمار ٿيو ۽ 18 مئي تي ڪابل ۾ وفات ڪيائين. سندس حرم ۾ ٽي سؤ بيگمون هيون، جن مان پوپلزئي بيگم کيس زهر ڏياريو هو. تيمور شاه 21 ورهيه چڱي طرح حڪومت هلائي. مغربي مؤرخ به سندس تعريف ڪن ٿا. عياش هو، مگر فياضيءَ ڪري رعايا ۾ هردلعزيز هو. هن هندستان تي پنج دفعا ڪاهون ڪيون، پر سک وچ ۾ حائل هئا، تنهن ڪري ملتان کان اڳتي وڌي ڪونه سگهيو.(3) فريئر جو بيان آهي ته تيمور شاه پٺيان 23 پٽ ۽ 19 ڌيئرون ڇڏي ويو. حضرت جمال الدين افغاني سندس پٽن جو تعداد 32 لکي ٿو.(1) سندس وڏو پٽ همايون، جو سندوزئي خاتون جي بطن مان هو، قنڌار جو والي هو، محمود مرزا هرات تي حڪومت ڪندو هو. ساڻس ٻيو ڀاءُ فيروز به گڏ رهندو هو، عباس پشاور مٿان حڪومت ڪندو هو، ڪوهان دل ڪشمير مٿان نائب هو، زمان شاه ۽ شاه شجاع جي يوسف زئي بيگم جي بطن مان هئا، سي ڪابل ۽ غزنيءَ تي حڪومت ڪندا هئا. محمود ۽ همايون کان سواءِ ٻيا سمورا ڀائر ڪابل ۾ اچي گڏ ٿيا. درٻار جي اميرن مان پائينده خان بارڪزئي ۽ حرم جي بيگمن کان مدد وٺي، زمان خان تخت هٿ ڪري پنهنجن ڀائرن کي قيد ڪيو. همايون مرزا بروقت زمان خان سان قلات _ غلزئي وٽ مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي قلات ڏانهن ڀڄي ويو.

زمان شاه هندستان جي تاريخ ۾ ايشيا جو پويون فاتح شمار ٿئي ٿو، ليڪن سندس ڪاهون راوي نديءَ تائين محدود رهيون. سندس تخت تي ويهڻ وقت دراني حڪومت ڪشمير کان هرات تائين 1600 ميل ويڪر ۾ هئي ۽ ڊيگهه ۾ بهاولپور کان بلخ تائين هڪ هزار ميل هئي. هندستان اندر ڪشمير، پشاور، ديره جات، ملتان، بهاولپور ۽ سنڌ جا علائقا دراني حڪومت جي ماتحت هئا. ايران تي آقا محمد خان قاچار جي حڪومت هئي. هرات تي شهزادي محمود جي حڪومت هئي، جو زمان شاه جي خلاف قاچاري فرمانروا سان ٻٽ هو. بلخ تي مراد خان ترڪمان جي حڪومت هئي. مراد خان بخارا جي امير عبدالغني خان جو وزير هو، پوءِ امير کي انڌو ڪرائي تخت هٿ ڪيو هئائين. تيمور شاهه ساڻس صلح ڪئي هئي. پنجاب تي سکن جي حڪومت هئي. پنجاب دراصل دراني سلطنت جو حصو هو.

سنه 1761ع ۾ پاڻي پٽ جي ٽين جنگ مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ غازي احمد شاه ابدالي پنهنجي پاران خواجه عابد کي لاهور جو نائب مقرر ڪيو هو، جنهن کي جساسنگهه اهلو واليا ماري پنهنجو سڪو رائج ڪيو هو. سکن جو هي پهريون سڪو هو، جنهن تي هيءَ عبارت لکيل هئي:

”سڪة زند درجهان بفضل اڪان – ملڪ احمد گفت جسا ڪلال“(1)

سکن جو پنجاب تي قبضو:

ان ۾ شڪ ناهي ته زمان شاه دورانديش حاڪم هو، پر سندس چؤگرد جيڪي به حڪومتون هيون، تن مان کيس هروقت خطرو رهندو هو، ٻيو ته ڀائرن جي ساڻس عداوت هئي. هندستان جو دروازو زمان شاه لاءِ قطعي بند هو. مفتي علاءُ الدين لاهوري پنهنجي تاريخ ’عبرت نامه‘ ۾ پنجاب جي ان زماني جي تصوير هيٺين لفظن ۾ ڏيکاري ٿو:

”در تمام ملڪ سڪهان سائر و دائر بودند، غرضيڪه از

درياي اتک تابدربياي سرهند سڪهان محيط متصرف گشند“(2)

سکن جون جاگيرون پنجاب ۾ ’مثل‘ سڏبيون هيون. وٽن سوار ۽ پيادل فوجون هيون. ڦرلٽ جو مال پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هئا ۽ هر هڪ جاگيردار پاڻ کي ’سردار‘ جي لقب سان سڏائيندو هو.(1)

پهرين چوياري:

رعايا جي فلاح ۽ بهبود لاءِ فاتح مير پنهنجي ٽن ڀائرن، مير مراد علي خان، مير غلام علي خان ۽ مير ڪرم علي خان کي پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيو. اها بلوچي ’ڪچهري‘ تاريخن ۾ پهرين چوياريءَ جي نالي سان سڏجي ٿي. حڪومت جي سرحدن کي مضبوط ڪرڻ کان پوءِ، فارغ ٿي، مير فتح علي شاه هيبت جنگ بهادر، حڪومت جي سپه سالارن، نوابن، سردارن، رئيسن، جاگيردارن ۽ شاهي خاندان جي اميرزادن کي بارگاه ۾ اچڻ لاءِ دعوت ڏني. ڇاڪاڻ ته هينئر ترار پنهنجو ڪم پورو ڪيو هو، هر طرف کان امن امان هو، تنهن ڪري حقدارن کي حق ڏيڻ ضروري امر هو. سلطنت جون حدون اتر ۾ راجنپور کان، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، اوڀرندي ۾ ريگستان راجپوتانا کان کير ٿر تائين هيون. حڪومت جي جملي پکيڙ چاليهه هزار چورس ميل ۽ سندس آدمشماري چاليهه لک هئي.(1)

نواب فتح علي شاه هيبت جنگ بهادر سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو: پهريون حصو ذات همايوني پنهنجي عزيزن لاءِ مقرر ڪيو، جنهن جون حدون ڪراچي کان سيوهڻ تائين ڊيگهه ۾ هيون ۽ ويڪر ۾ اهو حصو ٽنڊي الهيار کان کيرٿر جبل تائين هو. ٿر جو سرحدي علائقو به هن حصي سان شامل هو. هي سرڪار شهداداڻي سڏبي هئي. حيدرآباد سندس تختگاه هو. ٻيو حصو شاه بندر کان وٺي ڇوڙ تائين هو، ڏکڻ ۾ ڪڇ جي رڻ کان وٺي- اتر ۾ موري تعلقي تائين هو. سنڌ جو هي ڀاڱو مير فتح علي شاه، مير فتح خان جي پٽ مير ٺاري خان ستاره جنگ جي حوالي ڪيو. هيءَ سرڪار ماڻڪاڻي سڏبي هئي. سندس تختگاه ونگي ۾ ڪيٽي هو.

ان کانپوءِ سنه 1806ع ۾ مير ٺاري خان جي پٽ مير علي مراد خان ميرپورخاص جو شهر تعمير ڪرائي، ان کي تختگاه مقرر ڪيو. مٺي، نئون ڪوٽ، بلڙي جا رهندڙ کوسا، جيڪي اڳ ڍٽ جي رهندڙ سوڍن راڻن جي ماتحت هئا، تن ٽالپرن جو طرف ورتو. مير غلام علي خان ۽ مير سهراب خان سوڍن ٺڪرن مان شاديون ڪيون ۽ سندن جاگيرن کي بحال رکيو، جنهن ڪري ننگرپارڪر تائين ملڪ ٽالپرن جي قبضي هيٺ اچي ويو.(1) ٽيون حصو ٿر ۽ موري کان اُٻاوڙي، روجهاڻ ۽ سيوهڻ تائين مير سهراب خان جي حوالي ڪيو ويو. هيءَ سرڪار سهراباڻي سڏبي هئي. سندس تختگاه احمد آباد (ڏيجي) هو. پوءِ خيرپور تختگاه مقرر ٿيو. سهراباڻين جو شجرو هيٺ ڏجي ٿو(2).

 

مٿيون ٽيئي سرڪاريون اهميت رکندڙ هيون. مير سهراب خان جي چاچي ڄام نندي خان کي نادر شاه سنه 1740ع ۾ ميان نور محمد خان پاران ضمانت طور پاڻ سان خراسان ڏانهن وٺي ويو هو، جتي مير صاحب مشهد مقدس ۾ وفات ڪئي. مير سهراب خان هاڻوڪو ڏيجيءَ جو ڪوٽ ٽڪريءَ مٿان اڏائي مٿس توبون رکايون ۽ مٿس احمد آباد نالو رکيو هو، پوءِ نونارين کان هاڻوڪي خيرپور شهر واري زمين خريد ڪري، خيرپور شهر تعمير ڪرايائين. مير رستم خان بکر جي مضبوط قلعي کي افغانن کان فتح ڪري، سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙي جا پرڳڻا بهاولپور جي نواب کان کٽيا ۽ اوڀرندي ۾ ريگستان جا ٽي قلعا گرسياه، گتورا ۽ شاه ڳڙه جيسلمير جي راول کان فتح ڪيا.(1)

شهداداڻين جي سالياني اپت چاليهه لک رپيا هئي، جنهن مان 25 لک رپيا مير هيبت جنگ بهادر کي ملندا هئا. ماڻڪاڻي سرڪار جو گهڻو حصو غير آباد هو، تنهن ڪري شاهبندر جي اپت کان سواءِ ان جي سالياني آمدني چار لک رپيا هئي. سهراباڻي سرڪار جي سالياني اپت يارهن لک رپيا هئي. ڪابل سرڪار کي سنڌ مان جيڪو ڏهه لک رپيا ساليانو خراج ملندو هو، تنهن مان 6 لک رپيا شهداداڻي سرڪار ڀريندي هئي، باقي رقم مير سهراب خان ڀريندو هو. مير سهراب خان جا ڪابل سرڪار سان سڌاسنوان تعلقات هئا. دراني سلطنت جي ڪمزوريءَ ڪري سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ وارو مغل علائقو جنهن ۾ سکر، بکر، شڪارپور، بلدڪو، نوشهرو، روپاچڪ، مغرچا، محمدا باغ، ڪلواڙي ۽ سوهيجا جا پَٽ اچي ٿي ويا، سي سهراباڻي سرڪار کي مليا. انهن مان ڪلواڙي ۽ سوهيجا مير مبارڪ خان فتح ڪيا هئا، تنهن ڪري اُهي انهي شهزادي کي جاگير طور مليا. شڪارپور فتح ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي بندر جي آمدنيءَ مان به سهراباڻي سرڪار کي حصا ملندا هئا.

حقيقت ۾ شهداداڻي اميرن کان سهراباڻي وڏا رئيس هئا.(1) سنه 1832ع تائين جيسين انگريز سنڌو نديءَ کان واقف ڪونه ٿيا هئا، تيسين تقسيم ٿيل سنڌ جون ٽالپري حڪومتون به آزاد هيون، وري جڏهن جهازراني ڪرڻ کان پوءِ انگريز هن صوبي مان واقف ٿيا ۽ پهرين افغان ويڙهه وقت بمبئي ۽ بنگال جو لشڪر زوريءَ سنڌ مان لنگهايائون، تڏهن اڻ سڌيءَ طرح سنڌ انگريزن جي اقتدار هيٺ اچي وئي.

شاهي خاندان ۽ جاگيرداري:

مٿين ٽن شاهي خاندانن کان سواءِ ٽالپرن جي خاندان جون ٻيون به گهڻيون شاخون هيون. جيئن: عيساڻي، جيئنداڻي، ليلاڻي، مراداڻي، بهاراڻي، گهراماڻي، جيوناڻي، ياراڻي، درياخاني، خاناڻي، آدماڻي ۽ شاهواڻي. شاهي عزت ۽ قومي وقار کي قائم رکڻ لاءِ ڄاڻايل سرڪارين، هنن قبيلن کي وڏيون جاگيرون ۽ عهدا ڏنا هئا، جن جو سلسليوار بيان مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو.

شاهواڻي:

مير شاهو خان ولد مير بجر خان ولد مير زنگي خان جو اولاد شاهواڻي سڏجي ٿو. مير شاهو خان کي ڇهه پٽ هئا: 1_ ڪرم خان، 2_ غلام محمد خان، 3_ سيد خان، 4_ محمد ملوڪ، 5_ مراد خان ۽ 6_ سردار خان. شجرو هيٺ ڏجي ٿو(1):

 

 

مير محمد خان، ٽنڊو مير محمد خان تعمير ڪرايو، جو هن وقت لاڙ ۾ وڏو شهر آهي ۽ شاهواڻين جي يادگار آهي. مير فتح علي خان، جهرڪ، دبير ۽ وران جا پرڳڻا مير محمد خان کي جاگير ۾ ڏنا ۽ جهرڪن جو محصول به سندس حوالي ڪيو. سنه 1802ع ۾ مير مراد علي خان، مير محمد خان جي پٽ کي قرآن شريف تي مٿين جاگير موروثي ڪري لکي ڏني.

خاناڻي:

ميجر گولڊ سمٿ جي بيان موجب مير مبارڪ خان ولد مير عالي جو اولاد خاناڻي سڏجن ٿا. مير مبارڪ خان جي پٽن مقصودي خان ۽ آلودي خان جو

 

 

اولاد مقصوداڻي ۽ آلوداڻي سڏجي ٿو. ڪپتان ٿيورن سندن شجرو تيار ڪيو.(1)

مير محمد خان ولد مير ڄام خان، ٽنڊوڄام تعمير ڪرايو. مير ٻڍي خان کي مير مرا دعلي خان جاگير ڏني هئي. مير ٻڍي خان جي وفات کان پوءِ سندس پٽن ۽ عزيزن ۾ جاگير ورهائجي ويئي. مير فتح علي خان جي والده ماجده مير ٻڍي خان جي ڌي هئي. مير ٻڍي خان جو وڏو پٽ مير ولي محمد خان لا ولد مري ويو، کيس مير محمد نصير خان آڪٽوبر 1841ع ۾ يارهن جاگيرون ڏنيون هيون. مير ٻڍي خان جو ٻيو پٽ مير جان محمد خان ۽ مير حيدر علي خان جو پٽ مير احمد خان مياڻيءَ جي جنگ ۾ شهيد ٿيا هئا. مير ٻڍي خان جو ٽيون پٽ مير شير محمد خان ۽ مير جان محمد جو پٽ مير احمد خان، جون سنه 1843ع ۾ سر چارلس نيپيئر جي سلام تي آيا، سندن جاگيرون بحال ٿيون. مگر مير احمد خان کي آمدنيءَ جو چوٿون حصو سرڪار کي ڏيڻو پيو.(1) مير غلام شاه مياڻيءَ جي جنگ ۾ شهيد ٿيو. مير غلام حيدرخان پنهنجن ڀائرن سميت مير صوبدار خان وٽ رهندو هو. انگريزن کي سلام ڪرڻ کان پوءِ سندس جاگير بحال رهي، مگر مير شاه علي خان سلام ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تنهن ڪري کيس جاگير ڪانه ملي. مير احمد علي خان جون 1849ع ۾ وفات ڪئي ۽ مير غلام الله خان نومبر 1849ع ۾ وفات ڪئي. مير غلام حيدر خان نومبر 1854ع ۾ وفات ڪئي. مير علي مراد 1873ع ۾ وفات ڪئي.

بهاراڻي:

بهاراڻي مير بهادر خان ولد مير خداداد خان جو اولاد آهن. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ کان جاگيردار هئا، سندن ڳوٺ جان محمد جاگير ۾ هو. مير محمد خان ميان سرفراز خان وٽ ڪاردار هو. مير حسن علي خان بهاراڻيءَ وٽ، سنه 1777ع جي، ميان عبدالنبي خان جي سند هئي، جنهن ۾ لکيل هو ته، ”مير سيد خان بهاراڻي ميان عبدالنبيءَ جو ديره دار آهي.“ سندس مرتبي موجب مير فتح علي خان کيس ’3 هزار بيگها‘ جاگير ڏني. منجهانئن مير جان محمد خان تنڊو جان محمد تعمير ڪرايو هو. مير محمد خان جو پٽ لقمان خان مير سهراب خان وٽ اهلڪار هو. سندس ڀاءُ مير مبارڪ خان مياڻيءَ جي جنگ ۾ شهيد ٿيو.

جيوناڻي:

جيوناڻي مير مبارڪ خان جي ڀاءُ مير جيوڻ خان جو اولاد آهن، جنهن جي چئن پٽن جي نالن تي چار پاڙا هئا.

شاهلياڻي:

شاهلياڻين جو سردار مير لعل خان هالن ۾ جاگيردار هو، سنه 1851ع ۾ وفات ڪيائين.

حاجواڻي:

حاجواڻين جو سردار مير سردار خان صوڀي ديري ۾ جاگيردار هو.

سکلاڻي:

سکلاڻي مير مبارڪ خان جي سرداريءَ هيٺ هئا.

ياراڻي:

ياراڻي مير ياري خان ولد مير جيوڻ خان جو اولاد آهن. مير ياري خان جي ٽين پيڙهيءَ مان مير پيارو خان ڊڀڙن ۾ رهندو هو.

هليلاڻي:

هليلاڻي مير هليل خان ولد الله داد خان ولد امام خان ولد مير مبارڪ خان جو اولاد آهن. منجهانئن ڪي نواب هئا. نواب مير فاضل خان، جو مير حجاب خان جو پڙپوٽو هو، تنهن ’ٽنڊو مير فاضل‘ تعمير ڪرايو. سندس پوٽي مير باغ علي خان سنه 1856ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ مير غلام علي خان کي گهوٽاڻن ۾ جاگير هئي.

جيئنداڻي:

جيئنداڻي، جي ٺوڙها به سڏبا هئا، مير ٽالي خان جي پٽ مير جيئند خان جو اولاد آهن. نواب مير محمد خان ٺوڙهو، جو مير جيئند خان جي پنجين پيڙهيءَ مان هو، تنهن کي مٽيارين، حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن ۾ جاگيرون هيون ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ اثر وارو مير هو. ٺوڙهن مان مير دريا خان ولد جعفر خان کي مير فتح علي خان سمٽيائين جو ڪاردار مقرر ڪيو هو. هو مير مراد علي خان جي ڏينهن ۾ مختيارڪار ٿي رهيو. مير فتح خان هن خاندان جو پويون مير هو، جنهن 1862ع ۾ تاجپور ۾ وفات ڪئي. مير دوست علي خان، مير حسن علي خان وٽ مختيارڪار هو. مير دريا خان 1945ع ۾ وفات ڪئي، وٽس ڄام پور، ديري حمزي ۽ ميهڙ ۾ جاگيرون هيون.

عيساڻي:

مير عيسيٰ ولد زنگي خان جو اولاد عيساڻي ۽ مير عيسيٰ جي پٽ مير آدم خان جو اولاد مان آدماڻي سڏجي ٿو. علي بخش خان آدماڻيءَ کي شهدادپور ۽ ميهڙ تعلقن ۾ جاگيرون هيون، سنه 1867ع ۾ وفات ڪيائين. انگريزن جي فتح ڪرڻ وقت مير شير محمد خان ۽ مير ان محمد خان آدماڻين وٽ جاگيرون هيون. خان محمد خان 1945ع ۾ شير محمد خان سنه 1855ع ۾ وفات ڪئي.

درياخاني:

درياخاني مير دريا خان، مير مبارڪ خان جي ڀاءُ جو اولاد آهن. مير راڄي خان جي سالياني آمدني ٽيهه هزار رپيا هئي. سندس همشيره مير شير محمد خان ’شير سنڌ‘ جي والده ماجده هئي. مير دريا خان جي پوئين کي مير ٺاري خان سنه 1790ع ۾ الله آباد ۾ جاگير ڏني هئي. مير راڄي خان جي ڀاءُ مير الله داد جي قبيلي جو سردار مير احمد خان هو، جنهن کي ميان سرفراز خان بدين ۾ جاگير ڏني هئي.

گهراماڻي:

مير سليمان خان (ڪڪي) جي پٽن مان مير سفر خان جو پٽ مير گهرام خان هو.

مراداڻي:

مير هليل خان جي پوٽي مير خداداد خان کي ٻه پٽ هئا، جن مان بهار خان جو اولاد بهارڻي ۽ مير مراد خان جو اولاد مراداڻي سڏجي ٿو.(1)

ٽالپرن کان سواءِ عام بلوچي قبيلا جن جا راڄ ٺٽي کان وٺي بکر تائين پکڙيل هئا، تن وٽ مغل فرمانروائن جون سندون هيون، سندن ڪن خاندانن مان ميرن شاديون ڪيون هيون ۽ منجهانئن ڪن کي ميرن جاگيرون ڏنيون هيون، جو اهي حڪومت جا فولادي بازو هئا ۽ جنگ وقت فوجن ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا.

رند:

رندن کي ٽالپرن وڏا عهدا ڏنا هئا. سندن سردار تاج محمد خان جي دختر سان مير مراد علي خان شادي ڪئي هئي. سردار بهاول خان رند قلات جي فوج ۾ عملدار هو. سندس پٽن مان دليل خان ۽ سندس پوٽو يار محمد خان مير فتح علي خان وٽ رهندا هئا، کين فاتح مير گڏيل جاگير جي سند ڏني هئي. مير محمد خان رند 1830ع ۾ وفات ڪئي، سندس پٽ بهاول خان مير نور محمد خان وٽ چار سؤ سپاهين جي دستي مٿان عملدار هو ۽ جهانگارن ۾ سندس جاگير هئي.

کوسا:

پهرين چؤياريءَ جي دؤر ۾ کوسن کي دادو ضلعي ۾ باغبان جاگير ملي. سندن قبيلا جيڪي ٿر جي سرحدن جي حفاظت ڪندا هئا، تن کي ٽالپري حڪومت کان وظيفا ملڻ لڳا.

چانگ:

چانگن مان سنجراڻين کي گوني تعلقي ۾ جاگير ملي ۽ ڪچائي چانگن کي فوجي خدمت جي عيوض گهوڙاٻاڙيءَ ۾ جاگير ملي. سنجراڻين جي سردار مراد علي خان 1854ع ۾ وفات ڪئي. الله بخش خان ولد نصير خان لاڙ جي چانگن جو سردار مياڻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو.

لنڊ، بزدار، پتافي ۽ گبول:

اتراڌي لنڊن، بزدارن، گبولن، جروارن، پتافين، گڏاڻين ۽ چانگن، سهراباڻي سرڪار جو طرف ورتو. پوءِ هو ڏهرن، مهرن، ڪلاچين، ڪناسرن ۽ ڌاريجن جي زمين تي قبضو ڪري زميندار بڻجي ويا. ماڇين ۽ پنهورن جو اڳيئي چانڊين زور ڀڃي ڇڏيو هو.

باگراڻي:

باگراڻين جا سنڌ ۾ وڏا راڄ هئا. سندن سردارن مان سوائي خان ۽ ميوا خان شهداداڻي سرڪار وٽ عهديدار هئا. ڪرم خان، سهراباڻي سرڪار وٽ عملدار هو. ميوا خان جي پيڙهيءَ مان علي مراد خان کي ٻي چؤياريءَ سوني ترار عطا ڪئي هئي، هو مير نصير خان وٽ ڪاردار هو، کيس شهدادپور ۾ جاگير هئي، سنه 1860ع ۾ وفات ڪيائين.

بليدي:

سرحد جي بچاءَ جو ڪم بليدي اميرن جي سپرد هو، ان ڪري سهراباڻي سرڪار هنن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا.

ڀرڳڙي:

سنڌ جي نئين جوڙجڪ موجب ڀرڳڙين جي سردار غلام حيدر خان کي مير غلام علي خان جي درٻار ۾ وڏو عهدو مليو ۽ کيس سرڪاري وظيفو به ملندو هو. سندس پٽ احمد خان به عهديدار هو. فضل محمد ڀرڳڙي ۽ سندس پٽن غلام محمد خان ۽ فتح خان کي حيدرآباد تعلقي ۾ جاگيرون هيون. غلام محمد خان سنه 1875ع ۾ وفات ڪئي ۽ فتح خان 1879ع ۾ وفات ڪئي. جعفر خان ڀرڳڙيءَ جي ڏاڏي کي مير غلام علي خان حيدرآباد ۽ هالن ۾ جاگيرون عطا ڪيون، جيتوڻيڪ وٽس سرداري ڪانه هئي. جعفر خان 1860ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ حسن خان انگريزن کي خوب ٽوٽا چٻايا هئا. ڀرڳڙين کي لاڙڪاڻي ۽ ميهڙ تائين جاگيرون هيون.

جمالي:

جمالين مان هيبتاڻين ۽ بخشاڻين جي سردار بخشو خان کي مير فتح علي خان ديهداريءَ جو عهدو ڏنو هو ۽ سرڪاري دفترن ۾ سندس شمار سردارن ۾ هو. مير غلام علي خان کيس ديهه ڦلجيءَ جو چوٿون حصو عطا ڪيو هو. مير نور محمد خان سندس جاگير ۾ اضافو ڪيو، سنه 1872ع ۾ وفات ڪيائين. سردار ڏاتي خان جلباڻيءَ کي ديهه روپا ۾ جاگير ملي. جمالي سردار پنهنجي سادگيءَ ڪري بلوچن ۾ مشهور هئا.

مگسي:

مگسين جي سنڌ ۾ سرداري قائم هئي، مگر وٽن جاگير ڪانه هئي.

حاجي زئي مري:

حاجي زئين جي لوهاراڻي ۽ بڊاڻي سردارين کي ٽالپرن تسليم ڪيو هو. هو سنڌ ۾ اثر وارا هئا، ڇاڪاڻ ته ٽالپرن سان مائٽي هين. محبت خان مري، مير سهراب خان جو صلاحڪار هو. سندس پٽ مير رستم خان جو صلاحڪار هو. محبت خان جي ڌيءَ سان مير رستم خان جي ٽئين پٽ مير علي مردان خان شادي ڪئي هئي. نوشهري ۽ ڪنڊياري ۾ وٽس جاگيرون هيون. مير رستم خان جي فراريءَ کان پوءِ هن مير علي مراد خان جو طرف ورتو هو. حاجي خان جي وڏي پٽ مستي خان ٽنڊو مستي خان ٻڌرايو. ٽنڊو آدم به سندس يادگار آهي. مستي خان جي پٽ ڪمال خان کي ٽنڊي باگي، هالا، گوني، سيوهڻ ۽ بدين تعلقن ۾ جاگيرون هيون. هو دٻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو.

مري فوجي خدمت جي ڪري ’رئيس‘ سڏبا هئا. گوهر خان مري مياڻيءَ جي جنگ ۾ شهيد ٿيو. لوهاراڻين مان ننڍو خان مير نور محمد خان وٽ 12 سؤ سپاهين جي دستي مٿان عملدار هو. حيدرآباد تعلقي ۾ وٽس جاگير هئي. پٽن سميت ٽنڊي آدم ۽ ڪوٽ بلاول ۾ رهندو هو. سنه 1881ع ۾ 123 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. مرين جي شاهداڻي قبيلي جي سردار شاه بيگ کي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان وٽان پروانا مليل هئا. شهدادپور، ٽنڊو الهيار ۽ ميرپورخاص ۾ وٽس جاگيرون هيون. سندس ننڍي ڀاءُ غلام حيدر خان 1862ع ۾ وفات ڪئي. مصري خان مير غلام علي خان وٽ ڪاردار هو. وٽس دادو ۾ جاگير هئي. سنه 1868ع ۾ وفات ڪيائين.(1)

لغاري:

ڊاڪٽر جيمس برنس پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته، لغاري، ٽالپري دؤر ۾ محافن ۾ گهمندا هئا. پهرين چؤياريءَ ۾ وزارت جو قلمدان سيد آغا اسماعيل شاه ۽ نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي هٿن ۾ رهيو، مگر بلوچيت جي لحاظ ڪري مير، نواب صاحب تي اعتبار ڪندا هئا. نواب صاحب چانڊڪي جهڙي شورش پسند پرڳڻي مٿان حاڪم هو. کيس ڦاسي ڏيڻ جي اختياري مليل هئي. نواب صاحب جي هميشه کان اها پاليسي رهي ته ٽالپرن جي انگريزن سان صلح رهي. نواب صاحب شاعرانه مذاج رکڻ سان گڏ، فن طب ۾ به ماهر هو. سندس پٽن مان نواب احمد خان بزدارن جو سردار هو. گوني ۽ لاڙڪاڻي تعلقن ۾ وٽس جاگيرون هيون. ٽئين پٽ نواب الله داد خان کي لاڙڪاڻي ۽ ميهڙ ۾ جاگيرون هيون. چوٿين پٽ نواب غلام حيدر خان کي فقط لاڙڪاڻي ۾ جاگير هئي ۽ پهرين چؤياريءَ ۾ جاتيءَ مٿان نائب هو. ولي محمد خان جو ڀائٽيو غلام شاه بزدار پهرين چؤياريءَ ۾ پارڪر جو مختيارڪار هو. عمر ڪوٽ ۽ بدين تعلقن ۾ وٽس جاگيرون هيون. نواب ولي محمد خان جو وڏو همرڪاب هو. وٽس مير غلام علي خان ۽ مير مراد علي خان جون سندون هيون. تاجپور ۾ وٽس جاگير هئي. سنه 1862ع ۾ وفات ڪيائين. ٻڍو خان عالياڻي پويون بزرگ هو، جنهن 1883ع ۾ وفات ڪئي. حسين خان بهراماڻيءَ کي ميرن بٺوري، گوني ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ جاگيرون ڏنيون هيون. اختيار خان عيساڻي جڏهن مير مراد علي خان جي مرڻ وقت ماتم پرسي ڪرڻ آيو، تڏهن ٽالپر امير زادن کيس سونيون تراريون عنايت ڪيون هيون. شهدادپور، هالا ۽ ميهڙ ۾ وٽس جاگيرون هيون. گاج جي ڪچائي لغارين جي سردار گل محمد خان کي جهالاوان جي سرحد سنڀالڻ جو ڪم سپرد هو. باغبان ۽ ناري جون زمينون سندس جاگير ۾ هيون. مير فتح علي خان کيس ويهه هزار بيگها عطا ڪيا هئا.(1)

نظاماڻي:

نظاماڻي، ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ جاگيردار هئا. ڪرماڻين مان دريا خان کي مير مراد علي خان مختيارڪار ڪيو هو. هو سنه 1834ع ۾ شاه شجاع سان روهڙيءَ وٽ وڙهندي شهيد ٿيو هو. بهليلاڻين مان ابراهيم خان تائين جيڪي گذريا تن سڀني وٽ جاگيرون هيون.

نومڙيا ڪلمتي:

ڪلمتين جي سردارن الله بندغ خان، مزار خان ۽ فتح خان وٽ اورنگزيب عالمگير جون سندون هيون، جن کي مير فتح علي خان بحال رکيو.(2) نومڙين کي ڪوٽڙيءَ جي پلن ۽ شراب جو محصول معاف ڪيو ويو.

جوکيا:

جوکين وٽ مير غلام شاه جي سند هئي، جا مير فتح علي خان ٽي سؤ چورس ميلن تائين بحال ڪئي. سنه 1843ع ۾ جوکين جي سردار ڄام مهر علي خان سيٺ نائون مل جي چرچ تي انگريزن جو طرف ورتو.(1)

بکر جا سادات:

بکر جا سادات، جي سيد محمد مڪي جو اولاد هئا، جن کي سلطان علاءُ الدين خلجي بکر ۾ جاگيرون ڏنيون هيون، جن کي پوءِ شاه بيگ ارغون روهڙيءَ ۾ جاگيرون ڏنيون هيون، جن کي شاه جهان الور ۽ عاليواهڻ کان سواءِ 995 بيگها وڌيڪ جاگير ڏني هئي، جن مان نقوي ۽ رضوي ساداتن کي اورنگزيب عالمگير وٽان سند ملي هئي، تن جي جاگيرن کي ٽالپرن بحال رکيو. سيد غلام شاه مير رستم خان جو مرشد هو.(2)

ڏهر:

ڏهرن وٽ اورنگزيب عالمگير جي سند هئي. اوٻاوڙو سندن جاگير هو. ٽالپرن سندن جاگير بحال رکي.مٿين جاگيرن کان سواءِ، متعلوي، لڪياري ساداتن ۽ ٻين بزرگ خاندانن سان ميرن رعايتون ڪيون. غير بلوچي قومن مان کوکرن، کٽياڻن، ابڙن وغيره کي فوجي خدمت جي عيوض عهدا مليا ۽ سندن سرداريون قائم رکيون ويون.

ڪلهوڙن جي آخري ڪوشش:

ٽالپرن جي پهرين ڪمزوري اها هئي، جو انهن سنڌ کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو. سندن نااتفاقيءَ جي ڪري مير فتح علي خان کي سنڌ ورهائڻي پيئي.(1) مير فتح علي خان جي وفات کان پوءِ جيڪي واقعا رونما ٿيا، سي سندن نااتفاقيءَ جا ثبوت آهن: مثلا: ول جي جنگ، مير صوبدار خان جي چاچن خلاف بغاوت، مير علي مراد خان جي پنهنجي ڀاءُ مير رستم خان خلاف سازش وغيره، جن جي ڪري فرنگين کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ سازشن جي ڄار وڇائڻ لاءِ موقعو ملي ويو ۽ انهن ٽالپرن جي بازوئن کي هڪ هڪ ڪري وڍيو.

سرائي ميان عبدالنبي سنڌ هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي، چئني پاسن کان نااميد ٿي، جوڌپور ڏانهن هليو ويو. اتي جي راجا سندس گذران لاءِ هڪ مختصر جاگير مقرر ڪئي. ميان صاحب پنهنجي خاندان سميت پوڪران ۾ رهڻ لڳو. مير مراد علي خان جي ڏينهن ۾ کوسن ڪڇ تي ڪاهُون ڪرڻ شروع ڪيون هيون، جنهن تي ڪڇ جي انگريز ريزيڊنٽ اعتراض اٿاريو هو. مٿئين موقعي مان فائدو وٺي، ميان عبدالنبيءَ جي پوين مان سنه 1832ع ۾ ميان محمد خان عباسيءَ وجهه ڏسي سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ انگريزي ريزيڊنٽ کي درخواست ڪئي، ڪلهوڙن جي اها پوئين ڪوشش هئي، ليڪن انگريز به سنڌ سان پوري واقفيت پيدا ڪري چڪا هئا ۽ کين پڪ هئي ته ڪلهوڙا، ٽالپرن کان ٻيهر سنڌ هرگز فتح ڪري ڪونه سگهندا، تنهن ڪري هنن ان درخواست تي ڪوبه خاص ڌيان ڪونه ڏنو.(1)

18 صديءَ جي آخر ۾ سياسي حالتون:

عيسوي 18 صديءَ جي آخر ۾ هندستان اندر انگريزي شهنشاهت جو بنياد مضبوط ٿي چڪو هو. نظام، آئوڌ ۽ بنارس جون رياستون انگريزي اقتدار هيٺ اچي چڪيون هيون. مٿين راجائن ۽ نوابن وٽ انگريز ريزيڊنٽ رهندا هئا. سنڌيا، گائڪواڙ، هولڪر ۽ ڀونسلي جي پيشوا جا اڳ دست ۽ بازو هئا، سي مرهٽا ڪنفيڊريسيءَ کان ڇڄي ڌار ٿيا ۽ فقط نالي طور پيشوا جي اڳواڻيءَ جو دم ڀريندا هئا. خود پيشوا جي پنهنجي حيثيت به نهايت ڪمزور هئي. نظام ۽ مرهٽن گڏجي، سنه 1792ع ۾ ميسور جي ٽينءَ ويڙهه ۾، ٽيپو سلطان جهڙي مجاهد کي شڪست ڏيئي سندس اڌ ملڪ پاڻ ۾ ورهائي کنيو، ان کان سواءِ سلطان کي 3 ڪروڙ رپيا جنگ جو تاوان ڏيڻو پيو.(1)

فرينچن جي طاقت کي انگريز هندستان اندر ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا هئا. پنجاب ۾ گوجرانوالا کان وٺي ويندي جمنا تائين سکن جون رياستون قائم ٿي چڪيون هيون. سنه 1774ع کان سنه 1778ع تائين تيمور شاه پنج گهمرا هندستان تي ڪاهون ڪيون، مگر افغان لشڪر چناب نديءَ کي ٽپي نه سگهيو هو.(1) 18 صديءَ جي آخر ۾ يورپ ۾ فرينچ انقلاب رونما ٿيڻ کانپوءِ نيپولين بوناپارٽ جي اڳوڻيءَ هيٺ فرينچ زور ورتو هو. نيپولين جي خاص مرضي هئي ته انگلينڊ ڪمزور رهي.

مٿئين انقلاب کان پوءِ هندستان جي فضا ۾ اهي افواه اڏامي رهيا هئا ته اجهو ٿو نيپولين سمنڊ رستي ٽيپو سلطان کي مدد ڪرڻ اچي. ميسور جي ٽينءَ ويڙهه کان پوءِ ٽيپو سلطان انگريزن سان آخري فيصلي ڪن جنگ لاءِ تيارين ڪرڻ ۾ رڌل هو. سندس ايلچين انگريزن خلاف جهاد ڪرڻ جي پيغام کي هندستان ۽ هندستان کان ٻاهر ايران ۽ افغانستان تائين پهچايو هو. غرض ته سنه 1796ع ۾ هندستان اندر ڪوبه راجا يا نواب نه هو، جنهن وٽ ٽيپو سلطان جو ايلچي نه پهتو هو. سندس مرضي هئي ته هندستان بلڪ براعظم ايشيا جون حڪومتون گڏجي انگريزن کي هندستان مان ٻاهر لوڌي ڪڍن.(1) مگر افسوس، جو سندس جهاد جي دعوت تي زمان شاه کان سواءِ ٻئي ڪنهن به نواب يا راجا ڌيان ڪونه ڏنو.

هوڏانهن 3 ورهيه اڳ انگريزن ڪابل جي امير جي ٽپڙن کي هڪ هڪ ڪري جاچي ڏٺو هو. گورنر جنرل مارڪس ڪارنوالس جي حڪم موجب ائوڌ جي برٽش ريزيڊنٽ ايڊورڊ آٽو آئيوز لکنؤ جي هڪڙي شخص غلام سرور کي ساڍا چوڏهن هزار رپيا ڏيئي، جاسوسي ڪرڻ لاءِ ڪابل ڏانهن روانو ڪيو هو. لکنوي انگريزن جي ڇاڙتي سنه 1207هه (19 آگسٽ 1792ع) تائين ڪابل ۾ رهي، افغانن جي فوجي قوت ۽ اقتصادي حالتن جا صحيح انگ اکر گڏ ڪري، ڪمپني سرڪار کي پهچايا هئا.

سنه 1796ع ۾ زمان شاه هندستان تي ڪاهه ڪئي، لاهور تائين مس پهتو، ته پٺيان شهزادو محمود هرات کان ڪابل تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو. محمود جي ڪاهه جو ٻڌي، زمان شاه موٽي ڪابل ڏانهن هليو ويو. ڪابل پهچي، اُتي جي نظام کي درست ڪرڻ کانپوءِ زمان شاه ٻيو گهمرو ڪاهه ڪري لاهور مس پهتو ته سندس اچڻ کان اڳ انگريزن بريليءَ جي هڪڙي شيعي مهدي عليءَ کي ٻه لک ڏهه هزار رپيا ڏيئي ايران ڏانهن مڪو هو، جت هو ايرانين کي هندستان اندر افغانن جي شيعن مٿان ظلمن جون ڪوڙيون ڪهاڻيون ٻڌائي، ايرانين کي افغانن خلاف ڀڙڪائڻ لڳو. زمان شاه لاهور ۾ سکن سان سرگوشين ڪرڻ ۾ رڌل هو ته پٺيان فتح علي شاه قاچار جي افغانستان تي ڪاهه جو ٻڌي پوئين پير ڪابل ڏانهن موٽي ويو.

سنه 1798ع ۾ نيپولين بونا پارٽ سمنڊ رستي مصر پهتو. هندستاني جيڪي نجات لاءِ ڪابل جي پهاڙين ڏانهن نهاري رهيا هئا. هينئر يورپ ڏانهن متوجه ٿيا. انگريز ڄاڻي واڻي هندستانين کي خوف ڏيارڻ لاءِ ڪوڙيون خبرون شايع ڪرڻ لڳا.(1) ٽيپو سلطان جي فوجن ۾ فرينچ عملدارن جو ڪافي تعداد هو، تن جي صلاح سان سلطان ماريشس ٻيٽ جي فرينچ گورنر سان فرينچ جي حبشين جي لشڪر رواني ڪرڻ لاءِ لکپڙهه ڪئي، مگر نيپولين ابوڪير جي معرڪي ۾ انگريزي ٻيڙي کان شڪست کائي چڪو هو ۽ پوءِ ايڪڙ جي جنگ ۾ انگريزي ۽ ترڪي لشڪر کان شڪست کائي مصر ۽ شام ڇڏي فرانس ڏانهن هليو ويو.

هوڏانهن ماريشس جي فرينچ گورنر فقط هڪڙو ايچلي ريپاڊ نالي ٽيپو سلطان ڏانهن تسڪين ڏيڻ لاءِ روانو ڪيو. دنيا ڏٺو ته هندستان جو مرد مجاهد اڪيلي سر، سنه 1799ع ۾ انگريزن سان وڙهندي سرنگاپٽم جي خونريز معرڪي ۾ شهيد ٿي ويو، جنهن کانپوءِ گورنر جنرل مارڪس آف ويلزلي هندستان جي ڏيهي رياستن لاءِ ’سسٽم سبسيڊائري‘ جهڙو لعنتي قانون پاس ڪيو، جنهن موجب هر هڪ ڏيهي رياست کي پنهنجي خرچ تي رياست اندر انگريزي لشڪر رکڻو پيو. جن رياستن انڪار ڪيو، سي انگريزن جي نظر ۾ دشمن هيون.

زمان شاه کان ڪمپني سرڪار کي ڪو خوف ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته فتح علي شاه انگريزن سان ٻٽ هو.(1) پنجاب جا سک رنجيت سنگهه جي اڳواڻيءَ هيٺ منظم ٿي رهيا هئا. ميسور کي ختم ڪرڻ کان پوءِ انگريز مرهٽن ڏانهن وريا جن جي حڪومت جون حدون بنگال کان وٺي ڪڇ تائين هيون. سنڌ هڪڙو ننڍڙو ملڪ هو، انگريزن جي قوت اڳيان سندس حيثيت ڪجهه به نه هئي.

انگريزن جي وڪيل جو حيدرآباد پهچڻ:

سنه 1873ع ۾، برطانوي پارليامينٽ جي ائڪٽ موجب بمبئي ۽ مدراس کاتا بنگال جي گورنر جي ماتحت ڪيا ويا ۽ بنگال جو گورنر جنرل صلاحڪار ڪائونسل معرفت حڪومت هلائڻ لڳو. ڪائونسل جا ميمبر انگلينڊ سرڪار پاران مقرر ٿي اچڻ لڳا. مٿئين انتظام موجب صلح ۽ جنگ جي حالتن ۾ صوبن جي گورنر کي گورنر جنرل کان اختياري وٺڻي ٿي پيئي. 8 آڪٽوبر سنه 1798ع ۾ بمبئي جي گورنر، جوناٿن ڊنڪن کي لارڊ ويلزلي لکيو ته: ”سنڌ جا ٽالپر مير ڪابل جي ماتحت رهڻ کان بيزار آهن، سنڌ ۾ واپار جي ڪوٺي وجهڻ سان انگريز آسانيءَ سان افغانين، ايرانين، روسين ۽ فرينچن جي ايشيا ۾ ڪارروائين کي معلوم ڪري سگهندا.“

گورنر جنرل جي حڪم موجب جوناٿن ڊنڪن هڪڙي ايراني، آغا ابوالحسن کي پنهنجو وڪيل ڪري سنڌ ڏانهن روانو ڪيو هو. حيدرآباد پهچڻ کان پوءِ آغا سيد ابراهيم شاه وٽ مهمان ٿي لٿو ۽ 24 فيبروري 1799ع تي آغا سيد ابراهيم شاه معرفت ٻه خط مير فتح علي شاه کي پيش ڪيائين، خطن جي اصل مراد فقط هيءَ هئي ته زمان شاه لاءِ سنڌ جي ذريعي وڌيڪ پريشانيون پيدا ٿين. خطن ۾ لکيل هو ته، ”جيڪڏهن ٽالپر مير قنڌار تي حملو ڪندا ته، ڪمپني سرڪار سندن مدد ڪندي.“ جنهن جو اڻ سڌيءَ ريت هي مطلب هو ته ٽالپر سمجهي سگهن ته انگريزي فوجن لاءِ قنڌار تي قبضو ڪرڻ ڪهڙو نه آسان ڪم هو. ٻن خطن مان هڪ جي اصل عبارت هن ريت هئي:

”الله تعاليٰ آدم عليه السلام جي اولاد کي برادريءَ ۽ دوستيءَ جي هڪڙي ڌاڳي ۾ منسلڪ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته الله جا سمورا ٻانها انساني تهذيب جي لحاظ کان هڪجهڙا آهن!“(1)

انگريزن جي حڪمت عملي ۽ ڊپلوميسي جا ڪرشما ڏسو، جو هڪڙي طرف گورنر جنرل ڏيهي رياستن جي نوابن ۽ راجائن لاءِ ’سسٽم سبسيڊئري‘ جي ڪوڙڪي تيار ڪري ٿو ۽ ٻئي پاسي سندس گورنر سنڌ جي ميرن کي دوستي رکڻ لاءِ خدا جو واسطو ۽ انساني تهذيب جو ڍونگ پيش ڪري ٿو! 17 مارچ تائين ٽالپري دسترخوان جي نعمتن کان لطف اندوز ٿيڻ کانپوءِ گورنر جي ايراني وڪيل مداريءَ وانگر بغچو کولي سوکڙيون پيش ڪيون، جن ۾ شيشي جو سامان، چينيءَ جا برتن، مختلف قسمن جا بارود جا هٿيار، ڪي پلنگ، مخملي ٿان ۽ واچون هيون، سوکڙين جي جملي قيمت 1045 رپيا هئي، جيڪي مير فتح علي شاه کي پيش ڪيون ويون. مير غلام علي خان جي تحفن جي قيمت 849 رپيا هئي ۽ ميرڪرم علي خان جي سوکڙين جي قيمت 735 رپيا هئي. خاص ڪري واچن جي سونهن ۽ حرڪت کي ڏسي، ننڍا مير گهڻو خوش ٿيا ۽ سندن خيال موجب انگريز سندن خيرخواه دوست هئا. مير صاحب ڪابل جي سالياني خراج ۾ گرم ڪپڙي رواني ڪرڻ جو اڳي ئي ارادو ڪيو، تنهن ڪري انگريزن جي وڪيل کي کانئن هڪ لک رپين جي قيمت جو گرم ڪپڙو خريد ڪرڻ لاءِ وعدو ڏنو.(1) خراسان وارا انگريزي اوني ڪپڙو گهڻو پسند ڪندا هئا.

ناٿن ڪرو جو سنڌ ۾ اچڻ:

انگريزن کي فقط بهاني جي ضرورت هئي. آغا ابوالحسن جي بمبئي پهچڻ شرط جوناٿن ڊنڪن، بمبئي سول سروس جي هڪڙي عملدار ناٿن ڪرو کي، جو وڏو مڪار هو چونڊي پنهنجي طرفان ايجنٽ ڪري سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. تجارت ڪرڻ کان سواءِ کيس سياسي اختياريون به مليل هيون. شهداداڻي سرڪار پاران آغا محمد بيگ هڪڙو ايراني بمبئي ۾ ايجنٽ مقرر ٿيو. نئين ايجنٽ ڪراچي ۾ هڪڙي عمارت تعمير ڪرائي، جا انگريزن جي ڪراچيءَ ۾ پهرين عمارت هئي. ساليانو چئن لکن رپين جو مال انگريز سنڌ ۾ نيڪال ڪرڻ لڳا. مثلا، چين جي کنڊ، ملبار جا ڪارا مرچ ۽ ٻيون صنعتي شيون. مئي 1799ع ۾ ڊريڪ جهاز ڪراچيءَ پهتو، جنهن ۾ قسمين قسمين شيون جهڙوڪ، شيشي ۽ چينيءَ جا برتن، لوهه ۽ ٽين جو سامان، قسمين قسمين رنگين ڇيٽون ۽ ڪارا مرچ وغيره هئا. ناٿن ڪرو هڪڙي خط ۾ ڪمپني سرڪار کي سنڌ جي اهميت متعلق هيٺيون بيان لکيو:

”سنڌ ۾ انگريزن جي موجودگيءَ جي ڪري زمان شاه جو سمورو ڌيان سنڌ ڏانهن ڇڪيل رهندو، سنڌ هڪ اسلامي رياست آهي، جنهن سان دوستي رکڻ ڪري اسين آسانيءَ سان قنڌار تي فوج ڪشي ڪري سگهنداسون. افغان بادشاه سان جيڪڏهن ٽالپرن جي جنگ لڳندي، ته اسين هر حال ۾ فائديمند رهنداسون ۽ سنڌ ۾ قيام ڪرڻ ڪري اسين وچ ايشيا جا حالات معلوم ڪري سگهنداسون.“

سنڌ ۾ ڌارين ملڪن جي شين جي درامد ڪري هن صوبي جي صنعتي شين کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ڪاريگر بيروزگار ٿيڻ لڳا ۽ واپاري طبقي جا سيٺيون حڪومت جا در کڙڪائڻ لڳا. زمان شاه ڏٺو ته هندستان تي ٻه دفعا ڪاهُن ڪرڻ وقت فتح علي شاه قاچار ايراني سرحد تي فوجي نمائشون ڪرڻ لڳو هو، تنهن ڪري افغان بادشاه، مير فتح علي خان ڏانهن انگريزي ڪوٺيءَ کي بند ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڌمڪيءَ ڀريل خط موڪليو. ان کان سواءِ انگريزي ايجنٽ کي سنڌ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ مير صاحب کي ماڻڪاڻي، سهراباڻي سرڪارن کان سواءِ ڪڇ جي راءِ، مسقط جي امام ۽ ڀونسلي وٽان پڻ خط پهتا هئا. ڀونسلي جي مير ٺاري خان سان خط و ڪتابت جاري هئي. ناٿن ڪرو کي سنڌ ۾ اڃا سال مس گذريو هو، ته 29 آڪٽوبر سنه 1800ع ۾ مير فتح علي خان هيبت جنگ بهادر وٽان کيس 15 ڏينهن اندر سنڌ مان نڪري وڃڻ لاءِ حڪم پهتو. ناٿن ڪرو حڪم موجب ٺٽي مان سڙهه سانباهي بمبئي ڏانهن روانو ٿيو.

مٿئين اوچتي حڪم ملڻ ڪري، ڪمپني سرڪار کي 1،09،659 رپين جو نقصان پهتو. مٿينءَ رقم ۾ انهن سوکڙين جي قيمت به شامل هئي، جيڪي آغا ابوالحسن ميرن کي ڪمپني سرڪار پاران ڏنيون هيون. انهن سوکڙين جي جملي قيمت 23،145 هئي.(1) مسٽر ناٿن ڪرو بمبئي پچڻ بعد ڪمپني سرڪار کي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي، تنهن جي هڪڙي رخ مان فرنگين جي ناپاڪ ارادن جي خبر پئجي سگهي ٿي ۽ ٻئي رخ مان سنڌ جي 18 صديءَ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. رپورٽ جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:

”جيڪڏهن انگريز سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ چاهين، ته کين پهريائين ڪراچيءَ کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي گسريءَ وٽ فوجون لاهڻ گهرجن، هن کاريءَ جي ڏکڻ اوڀرندي پريان وڏا جهاز لنگر انداز ٿي سگهن ٿا. ڪناري وٽ فوجون لاهڻ گهرجن ۽ حفاظت لاءِ مختصر توبخاني رکڻ جي ضرورت پوندي.ڪراچيءَ ۾ سستائي آهي، هتي چوپايو مال ۽ گاهه جام ملي ٿو. ڪراچيءَ کان ٺٽي تائين سڌو سنئون رستو وڃي ٿو، جنهن تان آسانيءَ سان توبخانو لنگهي سگهندو. درياءَ رستي به ٺٽي پهچي سگهبو. سنڌونديءَ جي ٻيڙين تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ، حيدرآباد جو قلعو ڪناري کان فقط ڇهن ميلن جي پنڌ تي آهي. رستي تي فقط هيءَ تڪليف آهي جو هر وقت بلوچي لشڪر تيار بيٺل رهي ٿو. ٺٽي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جهرڪن جو شهر آهي، هتي ان، چوپايو مال ۽ گيهه جام ملي ٿو. ڪراچيءَ تي قبضو ڄمائڻ هر حال ۾ بهتر ٿيندو. هتي جا جوکيا ۽ نومڙيا ٽالپرن جي خلاف آهن، سندن چوڻ آهي ته سندن زمينن تي ٽالپرن قبضو ڄمايو آهي، جيڪڏهن اسين مٿن هٿڙو گهمائينداسون ته حيدرآباد پهچڻ تائين هو اسان جا معاون ۽ مددگار ٿي رهندا. جيڪڏهن ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي پوين مان ڪو حقدار سنڌ لاءِ کڙو ڪنداسون ته پڪ ٽالپر سنڌ مان تڙجي ويندا.“

مير فتح علي خان جي وفات:

سنه 1217هه (1802ع) ۾ مير فتح علي خان ’هيبت جنگ بهادر‘ وفات ڪئي. مرڻ کان ٿورا ڪلاڪ اڳ سجاول دايي، شهزادي صوبدار خان جي ولادت جي خوشخبري ۽ مبارڪبادي پيش ڪئي. مير صاحب، دايي کي جوهردار ترار مرحمت ڪئي.(1) وفات کان اڳ حڪومت جون واڳون پنهنجي ڀاءُ مير غلام علي خان کي سپرد ڪري ويو، جو سندس ايامڪاريءَ ۾ سنڌ جو وزير خارجه هو. مير صاحب جي جنازي کي هالن جي ويجهو خدا آباد ڀرسان سپرد خاڪ ڪيو ويو. مقبرو ڳاڙهي پٿر جو صفائيءَ سان جڙيل آهي. قبر اڳيان سنگ مرمر جي تختيءَ تي ڪتبو لکيل آهي. مقبرو هڪڙي ٿلهي تي آهي، جنهن تي مير بهرام خان، مير بجر خان، مير صوبدار خان ۽ مير غلام علي خان جون قبرون آهن. ٿلهي مٿان پيل پاون سان ڇت ٻڌل آهي.(1) مير فتح علي خان پنهنجي وقت جو تجربيڪار سپاهي ٿي گذريو. هن 17 ورهين جي عمر ۾ سنڌ فتح ڪئي هئي. سندس بلند فطرت کي فقط ايترو منظور هو ته سنڌ ۾ امن ۽ امان رهي. جنگين ڪرڻ کان کيس نفرت هئي، ليڪن ميدان ۾ قدم رکڻ کان پوءِ دشمن کي مات ڪرڻ کان ڪونه گسندو هو. حڪومت جو ڪاروبار نهايت سنجيدگيءَ، ڪفايت ۽ تحمل سان هلائيندو هو. ملڪ داري ۽ فنون سياست کان پورو واقف هو. پنهنجن عزيزن ۽ ٻين بلوچي سردارن کي سندن رتبي موجب حق ڏنائين، جيئن ڪوبه شڪايت جو لفظ زبان تي آڻي نه سگهي. سير ۽ شڪار جو شوقين هو. سندس ايامڪاريءَ ۾ حيدرآباد کان وٺي سيوهڻ تائين مهراڻ جا زرخيز ڪنارا شاهي شڪارگاه بڻجي ويا. سفر ۽ حضر ۾ شعراءِ ڪرام ۽ علمائن سڳورن جي محفل ۾ رهندو هو. سسئي، پنهون جي قصي کي مولانا جاميءَ جي يوسف زليخا جي طرز تي نئين سر پارسيءَ ۾ نظم ڪرايائين. سندس فتوحات جي ڪارنامن کي سيد محمد عظيم ٺٽوي ’فتح نامه‘ جي عنوان سان تصنيف ڪيو. سنه 1799ع ۾ پڃاري واهه کي بند ڏياريائين. وفات ڪرڻ مهل 35 لک رپيا نقد شاهي خزاني ۾ ڇڏي ويو.(1)

مير غلام علي خان:

16 محرم سنه 1217هه (1802ع) ۾ مير غلام علي خان گاديءَ تي ويٺو. سندس دستاربنديءَ جي رسم وقت سمورا مير، مير سهراب خان، سميت حاضر هئا، فقط مير ٺارو خان ماڻڪاڻي غير حاضر هو. مير غلام علي خان ملڪ داريءَ جي قانون کان بهره مند هو. وقت جي پاڙيسري حاڪمن جي نظر ۾ سندس ڏاهپ ۽ بهادريءَ جو سڪو ويٺل هو. سنه 1218هه (1803ع) ۾ ڪنهن معمولي ڳالهه تان مير غلام علي خان ۽ مير ٺاري خان جي ڪڙمين ۾ ول تان تڪرار جاڳيو، نوبت تيغ زني ۽ توبزنيءَ تائين پهتي. مير غلام علي خان طاهر خدمتگار ۽ مير محمود خان جي اڳواڻيءَ هيٺ 2 هزار لشڪر توبخاني جي دستي سميت روانو ڪيو. شهداداڻين جا 410 ۽ ماڻڪاڻين جا 300 ماڻهو مفت مارجي ويا. ول جي جنگ پنج ڏينهن هلي. جنگ ۾ شهداداڻين جا ڪي نامور سپاهي، جهڙوڪ ڏاتو خان جمالي، ٻيڙو خان کوکر ۽ نبي بخش خان ڀرڳڙي مارجي ويا. مير ٺارو خان به زخمي ٿي پيو، کيس مير غلام علي خان حيدرآباد کڻائي آيو ۽ تندرست ٿيڻ کان پوءِ کيس بيش بها سوغاتون ڏيئي روانو ڪيائين.(1)

شاه شجاع جي سنڌ تي ڪاهه:

افغانستان ۾ سدوزئي شهزادن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ڪري، اتي جا سياسي حالات پيچيده هئا. ڀائرن جي نااتفاقيءَ ڪري بارڪزئي سردار زور وٺي رهيا هئا. سنه 1799ع ۾ پگهار نه ملڻ ڪري قزلباش سپاهين فساد ڪري، شهزادي محمود جو طرف ورتو، جنهن زمان  شاه کي گرفتار ڪرائي انڌو ڪرائي ڇڏيو. سنه 1218هه (1803ع) ۾ سندس ننڍو ڀاءُ شجاع الملڪ ڪابل جي تخت تي ويٺو.(2)

شاه شجاع، جنهن کي بارڪزئي سردارن تخت تي ٿاڦيو هو، سو ڪمزور طبيعت جو انسان هو. وٽس لشڪر کي پگهار ڏيڻ لاءِ ڏوڪڙ ڪونه هئا. ڪابل ۾ فساد پوڻ ڪري، ٽالپرن ڪابل کي ڍل ڏيڻ بند ڪري ڇڏي هئي. ميرن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ شجاع لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. مير غلام علي خان پاڻ لشڪر وٺي لاڙڪاڻي جي قلعي تي توبون چاڙهڻ لڳو. ايتري ۾ مير سهراب خان به فوجن سميت اچي ساڻس گڏيو. شجاع بلوچي لشڪر جي صف آرائي ڏسي، پنهنجي وزير حافظ شير محمد خان معرفت صلح جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. مير غلام علي خان، افغان وزير کي صاف لفظن ۾ چئي ڏنو ته، ”اها ڪڪڙ مري ويئي، جيڪا اڳ سونا آنا لاهيندي هئي!“ جيسين ڌرين ۾ ڪو فيصلو ٿئي، تنهن کان اڳ شهزادي محمود ۽ زمان شاه جي پٽن ڪامران ۽ قيصر خان جي سازشن جي ڪري ڪابل جون حالتون بدلجڻ لڳيون. ٻئي طرف کان ايراني لشڪر جي هرات تي ڪاهه جون وٽس خبرون پهتيون. لاچار شجاع ميرن کان ڏهه لک رپيا وٺي موٽي ويو.(1)


 


(1) بليدين جي سردار مير هيبت خان، رند ۽ لاشار جي جنگ ۾ هڪڙي ڀيري مير چاڪر خان جي جان بچائي هئي، مٿينءَ بهادريءَ جي ڪري مير چاڪر خان ناڙيءَ جو علائقو بليدين کي جاگير ڏيئي، کين ’مير عالي‘ جو خطاب ڏنو هو.

(1) غلام قادر روهيلو، جنهن شاه عالم مغل شهنشاه جون اکيون ڪڍيون هيون، سو نواب ضابط خان روهيلي جو پٽ هو ۽ ضابط خان نواب نجيب الدوله روهيلي جو پٽ هو. غلام قادر روهيلي کي سنڌيا گرفتار ڪرائي، ذلت سان مارائي ڇڏيو هو. تيمور شاه مغل شهزاديءَ سان شادي ڪئي هئي. مٿئين ناتي ڪري مغلن سان سندس مائٽي هئي. اهو ئي سبب هو جو هن بجيسنگهه کي لکيو هو ته، جڏهن غلام قادر روهيلي، شاه عالم ثانيءَ جي بيعزتي ڪئي، تڏهن هندستان جي راجائن مان فقط سنڌيا مغل شهنشاه جي گادي بچائي هئي. راجپوت راجائون خاموشيءَ سان تماشو ڏسي رهيا هئا. اهڙين حالتن پٽاندر سنڌيا خلاف قدم کڻڻ افغان بادشاه جي نظر ۾ انصاف جي خلاف آهي. دراصل تيمور شاه ۾ احمد شاه ابداليءَ واري همت ڪانه هئي. هن لاءِ راوي ندي ٽپڻ مشڪل هو. اهڙي ماحول ۾ هو بجيسنگهه کي مدد ڏيڻ کان لاچار هو، ڇاڪاڻ ته سک سندس رستو روڪي بيٺا هئا.

(1) مرزا قليچ بيگ پنهنجي تاريخ جلد -2 ۾ شاه ڳڙه جي جنگ جو سال 1786ع ۾ڏيکاري ٿو، جو غلط آهي، ڇاڪاڻ ته مٿئين سال تيمور شاه ڪشمير جي جنگ ۾ رڌل هو. سنه 1783ع ۾ تيمور شاه جي ڪشمير جي نائب ڪريم داد جي مرڻ کان پوءِ سندس ننڍي پٽ آزاد خان پنهنجن ٻن ڀائرن زمان خان ۽ مرتضيٰ خان کي ڪشمير مان لوڌي ڪڍيو هو. ٻئي ڀائر تيمور شاه وٽ پشاور ۾ دانهن کڻي ويا. ان وقت تيمور شاه هندستان تي چوٿين ڪاهه ڪئي هئي. ڏسو تاريخ ڪشمير: نارائڻ ڪول، ص_ 196، سنه 1846ع؛ مختصر تاريخ ڪشمير: علاءُ الدين مفتي، ص_ 28، سنه 1893ع، تاريخ سلطاني: ص_ 157/159. تيمور شاه جي پنجين ڪاهه سنڌ تي هئي، جا سنه 1788ع کان شروع ٿي، سنه 1789ع ۾ ختم ٿي.

(1) آغا سيد ابراهيم شاه جو پيءُ آغا سيد عبدالهادي اصل اصفهان جو رهاڪو هو، جو نادر شاه جي ڪاهه وقت ايران مان نڪري مدراس پهتو هو ۽ اُتي جي راجا وٽ شاهي حڪيم ٿي رهيو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي راجا سان دوستي هئي، تنهن سيد صاحب کي ميان جي درٻار ڏانهن موڪليو. سيد عبدالهادي ميرن جي صاحبيءَ ۾ 1899ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ سيد ابراهيم پهريان ڪلهوڙن پاران ۽ پوءِ ٽالپرن پاران خراسان ۽ قنڌار ۾ سفارت تي مامور هيو.

Kalichbeg Furidunbeg: History of Sind, Vol. II, P. 293.

(1) شاهنامه سنڌ: ذڪر حيدرآباد جو قلعو.

(1) شاهنامه سنڌ: ذڪر فتح علي خان.

(2) تاريخ حسين شاهي: سيد امام الدين حسيني، ص_ 110_115.

H. J. Prinsip: Political and Military Transactions of India, Vol. I, P. 189, London, 1825.

(1) E. H. Aitken: Gazetteer of the Province of Sindh, PP. 62-63 Journal of the Sindh Historical  Society, Vol. IV, "Notes on Karachi 1830" March, 1949, Karachi.

(1) A. W. Hughes: Baluchistan, Chp. Borderland, Mazarins, P. 113.

(1) نوٽ: بليدين کي همايون جي ڏينهن ۾ مرين، گرگيجن ۽ کيتراڻين گڏجي بارکان جي علائقي مان لوڌي ڪڍيو، بارکان مان نڪرڻ کان پوءِ بليدين بگٽي علائقي ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي، مگر ڪن ڏينهن گذرڻ بعد سنگسيلا جي معرڪي ۾ بگٽين کان شڪست کائي، سنڌ جي اتر ۾ هڪ نئين رياست بلدڪيءَ جو بنياد وڌائون، جنهن کي برديڪار به سڏيندا هئا.

L. Dames: Popular Poetry of the Baloches, Chp. XVIII, PP. 42-43.

(2) J. Wood: A journey to the Source of the River oxus, Chp. III, P. 33.

(3) g. B. Malleson: History of Afghanistan, P. 205

(1) تاريخ افغانستان: حضرت جمال لادين افغاني، ص _ 61_62، اردو ترجمو.

تاريخ افغان: عبدالحميد، ص_130، ابوالعلائي پريس، آگرو.

(1) ڏسو ’خزانه عامره‘، ص_ 113، هن بيان موجب سکن جو سڪو پنجاب ۾ 1761ع ۾ رائج ٿيو.

N. K. Sinha: Rise of the Sikh Power, P. 119, Calcutta, 1936.

(2) نوٽ: احمد شاه ابداليءَ جي ڪابل ڏانهن موٽ کان پوءِ سکن جون پنجاب ۾ 12 سرداريون قائم ٿيون هيون: (1) ڦلڪيان، (2) اهلو واليا، (3) ڀنگي، (4) ڪنهيا، (5) رامڳڙهي، (6) سنگهه پوري، (7) ڪروريا سنگهيا، (8) نشانيا، (9) سڪر چاڪيا، (10) ڊولي واليا، (11) نڪيس ۽ (12) شهيد. انهن مان پٽاليه، جيند، ناڀا ۽ ملوڊ وارا سک ڦلڪيان سڏجن ٿا. اهلو واليا ساڌو سنگهه جاٽ جو اولاد آهن، جو اهلو ڳوٺ جو ڪلال هو. جساسنگهه سندس پنجين پيڙهيءَ مان هو ۽ سنه 1718ع ۾ ڄائو هو. ’ڀنگي‘ ڀنگ پيئڻ ڪري مٿين نالي سان سڏجن ٿا. سندن سردار هري سنگهه پنهنجن ٻن ڀائرن، جهنڊا سنگهه ۽ گنڊاسنگهه سان گڏ امرتسر ۾ رهندو هو، پوءِ ملتان تي قبضو ڪيو هئائين. ڪنهيا وارن جو سردار جئسنگهه هو، جنهن جي پوٽيءَ مهتاب ڪور سان 1786ع ۾ رنجيت سنگهه شادي ڪئي هئي. امرتسر ۽ گرداسپور ڪنهيا وارن جون جاگيرون هيون. رامڳڙهين جو سردار جساسنگهه هو، جنهن 1757ع ۾ امرتسر کي مٽيءَ جو قلعو ڏياري، مٿس رامڳڙهه نالو رکيو هو. ميرٺ جو مغليه نائب به کيس ڍل ڀريندو هو. سنگهپورين جو سردار ڪپور سنگهه، نواب جي لقب سان سڏبو هو، هن فيض الله خان کان امرتسر جي ڀر وارو شهر فيصلپور کسي مٿس سنگهه پورا نالو رکيو هو.

لڌيانه، نورپور، جالنڌر ۽ اتر امبالا تائين ملڪ سندس قبضي هيٺ هو. ڪرورا سنگهيا وارن جو سردار ڪرورا سنگهه هو، جمنا ۽ ماڪنڊا وارا علائقا سندس قبضي هيٺ هئا. نشانيا وارن وٽ سکن جو جهنڊو هو. امبالا، شاه آباد، لدران، املوه جا پرڳڻا جئسنگهه نشانيا جي قبضي هيٺ هئا. سڪر چاڪيا وارا ايترو مشهور ڪين هئا. رنجيت سنگهه 1780ع ۾ هن خاندان ۾ ڄائو هو. ڊولي واليا وارن جو سردار تارا سنگهه هو. لڌيانه، فيروزپور سندس قبضي هيٺ هئا. نڪيس، لاهور ۽ ملتان جي وچ ۾ نڪيس ڳوٺ جا رهاڪو هئا. ’شهيد‘ سوڍا سنگهه تلونڊي جي مهنت جي نالي سان سڏبا هئا.

(1) مفتي علاوالدين لاهوري انگريزن وٽ نوڪر، سندس تاريخ ’عبرت نامه‘ 1854ع ۾ انڊيا آفيس لائبرري شائع ڪرائي. منجهانئس پنجاب جي 18 صدي جي پوري خبر پئجي سگهي ٿي.

Lepel Griffin SIR: Rulers of India, Ranjit Singh, PP. 75-79 Oxford, 1893.

(1) ڏسو ڪتاب حملات حيدري: مولوي عبدالرحيم، ص 29، ذڪر اميران سنڌ، ڪلڪتو، 1849ع.

(1) J. Tod: Th Annals & Antiquities of Rajasthan, Vol. II. P. 240.

(2) History of Alienations in Sindh, Vol. II, Sohrabanis & Tharanis, PP. 139-148.

(1) G.B. Malleson: A Historical Sketch of the Indian Native State, Bahwalpur, P. 350, Jesulmeer, P. 124.

سهراباڻين جي تاريخ پهريان ليفٽيننٽ لوئس پيلي 1854ع ۾ مرتب ڪئي، ان کان پوءِ مرزا قليچ بيگ 1924ع ۾ تصنيف ڪئي.

(1) J. Burnes: Narrative of Visit of the Court of Sindh, P. 46, Edinburgh, 1831.

(1)  History of Alienations in the Province of Sind, Vol. II, the Shahwanis, P. 98

(1) History of Alienations in the Province of Sind, Vol. II, The Khananis, PP. 106-119.

(1) W. Napier SIR: Conquest of Sind by SIR Charles Napier, P. 318.

(1) History of Aleinations in the Province of Sind, Vol. II, Geneology tree of Shahdadani, Jagirdars, P. 82.

(1) History of Alienations in the Province of Sind, Vol. II, The Mari tribe, PP. 222-225.

(1) History of Alienations in the Province of Sind, Vol. II, The Lagharis.

(2) 14 آڪٽوبر سنه 1858ع تي سنڌ جي اسپيشل ڪمشنر مسٽر بي_ اي_ ايلس بمبئي حڪومت پاران سنڌ جي جاگيردارن ۽ سردارن جي فهرست تيار ڪري حڪومت کي پيش ڪئي هئي. ڏسو:

Pre-Mutiny Records of the Commissioners in Sind, PP-141-142, Karachi, 1931.

(1) Selection from the Records of Bombay Govt. No. XVII. P-74.

(2) G. Smith: The life of john Wilson, PP-440-441, London, 1878.

(1) Edmund C. Cox: A Short History of Bombay Presidency, P. 296, Bombay- 1887.

(1) J. Tod: the Annals & Antiquities of Rajasthan, Vol. II, P-305.

(1) ٽيپو سلطان سڄي هندستان اندر واحد مسلمان حڪمران هو، جنهن انگريزن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو هو. پر سنه 1788ع ۾ سلطان پنهنجا ٻه سفير محمد درويش خان ۽ عثمان خان فرانس جي شهنشاه لوئس 16 ۽ ترڪيءَ جي سلطان ڏانهن مدد حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليا هئا، پر ڪو نتيجو نڪري نه سگهيو. لوئس 16 عياشين ۽ فضول جنگين ڪرڻ ڪري مفلس ٿي چڪو هو. ترڪيءَ جي سلطان به فقط سکڻا دلاسا وٽس مڪا هئا. ڪتاب حملات حيدري: مولوي عبدالرحيم، ص_ 662_664.

(1) سنه 1775ع ۾ مغل شهنشاه شاه عالم ثانيءَ ۽ جوڌپور جي راجا، تيمور شاه کي هندستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوتون ڏنيون هيون، ٻئي پاسي هندستان جي گورنر جنرل وارن هيسٽنگس ۽ لارڊ ڪارنوالس تيمور شاه سان غلام نقشبند خان ۽ غلام محمد خان معرفت خط و ڪتابت جو سلسلو جاري ڪيو هو. ائوڌ جو برٽش ايجنٽ ڪابل جون خبرون باقاعدي ڪلڪتي جي فورٽ وليم کي پهچائيندو هو. سنه 1788ع ۾، تيمور شاهه جي ڪاهه جي خوف کان دهليءَ جي صرافن دوڪان بند ڪيا هئا، ان موقعي تي سنڌيا جي درٻار جي برٽش ريزيڊنٽ جيمس ائنڊرسن صرافن کي پڪ ڏني هئي ته تيمور شاه کي سک جمنا تائين پهچڻ ڪين ڏيندا، ڇاڪاڻ ته خود تيمور شاه جا ايلچي ان وقت سکن خلاف سنڌيا سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا.

(1) هندستان جي نوابن ۽ راجائن مان نظام پهريون هو، جنهن انگريزن جي زيردستيءَ کي منظور ڪري پاڻ وٽ انگريزي لشڪر رکيو هو. ٽيپو سلطان پنهنجي طرفان غلام محمد روهيلي کي سفير ڪري زمان شاه ڏانهن موڪليو هو.

G.B. Malleson: History of Afghanistan, PP. 305-306.

(1) سنه 1798ع ۾ لنڊن جي هڪڙي انگريز جان فئر بارن نيپولين بوناپارٽ جي ڪاهه متعلق هڪڙو نقشو تيار ڪيو هو، جنهن ۾ هن پروپئگنڊا طور ڏيکاريو هو ته نيپولين بحيره روم کان مصر پهچي اتان ڳاڙهو سمنڊ ۽ ايراني نار ٽپي، منگلور پهچي، ٽيپو سلطان کي مدد ڪندو.

P. N. Khera: British Forward Policy Towards Sind "Nepoleon".

(1) E.W. Thamson: History of the India, PP. 318-319, London.

G.B. Malleson: History of Afghanistan, P. 306.

(1) نوٽ: بمبئي جو گورنر جوناٿن ڊنڪن، پهريائين بنگال سول سروس جو عملدار هو، پوءِ بنارس ۾ برٽش ڪمشنر ٿي رهيو هو. سنه 1795ع کان سنه 1811ع تائين بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. نهايت تجربيڪار انگريز هو. آغا ابوالحسن ايراني ۽ مهدي علي بريلوي، ڪمپني سرڪار جا تجربيڪار ڇاڙتا هئا. ابوالحسن ايران جو هڪڙو واپاري هو ۽ مهدي علي امير هو، جنهن ايران وڃي زمان شاه خلاف فتح علي شاه قاچار کي چوريو هو.هن ايراني فرمانروا کي انگريزن جي طرفداري ڪندي خوف ڏياريو هو ته 7 سؤ سولجرن جي دستي سان انگريزن بنگال جي نواب سراج الدوله جي هڪ لک فوج کي پلاسيءَ جي جنگ ۾ شڪست ڏني. مهدي علي ڪامل عيار ۽ سياستدان هو. ان قسم جا ايرانين کي خوف ڏياري هن برٽش سفارت لاءِ ايران ۾ رستو صاف ڪيو.

P. M. Sykes: Ten Thousand Miles in Persia, Vol. II, P. 397 London, 1917.

B. D. Basu: Rise of The Christian Power in India, PP. 35-52.

(1) ڪلهوڙا ۽ ٽالپر مير ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان گرم اوني ڪپڙو خريد ڪري، ڪابل سرڪار کي خراج جي عيوض موڪليندا هئا. سندن ايلچي ڪابل سرڪار کي ڪپڙي جي قيمت ٻيڻي ٽيڻي ٻڌائيندا هئا.

(1) Postan: Personal Observation on Sind, P. 290

W.F.P. Napier: The Conquest of Sind, P. 38, London, 1845.

(1) شاهنامه سنڌ: ذڪر مير فتح علي خان.

(1) J. Wood: A journey to the Source of River Oxus, Chp. II, "Ruins of Khudabad", P. 19.

(1) Kalichbeg Faridunbeg: History of Sindh, Vol. II, P. 165

E. H. Aitken: Gazetteer of the Province of Sind, P. 16

(1) شاهنامه سنڌ: ذڪر ول جي جنگ.

(2) تاريخ سنڌ: مرزا قليچ بيگ، جلد2، ذڪر زمان شاه.

(1) تاريخ افغانستان: حضرت جمال الدين افغاني، ص 64، مترجم: مولوي محمد علي خان، اسلاميه اسٽيم پريس، لاهور، 1324هه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org