سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 10

نورجهان جي ڏاڏنگ ۽ ناننگ جا شجرا ۽ انهن جا تفصيل

(1) پيءُ جي وفات کانپوءِ زماني کان تنگ ٿي فرار جي راهه اختيار ڪري هندستان ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي سندس سڀڪجهه لٽجي ويو. حالت وڃي اها ٿيس جو سڄي موڙي صرف ٻه گهوڙا وڃي رهيس، جن تي واري سان سواري ڪري رهيا هئا. مرزا علاءَ الدوله آقاي ملا جو ڄاٽو هو. سندس زال تاريخ (29- مهر) 13- ذوالقعد 3010هه (16 جلوس جهانگيري) هي جهان ڇڏيو. هو انهي حادثي کانپوءِ ٽي مهينا ويهه ڏينهن جيئرو رهيو. (ڏسو ماثر جلد پهريون ص 127-128 بلاخمن        ص 573)

(2) ڏسو تزڪ جهانگيري ۽ ماثر جلد ٻيو ص 0729 وڏو پٽ.

(3) جهانگير جي قتل جي سازش ۾ شهزادي خسرو سان شريڪ هو، انهي الزام ۾ جهانگير کيس ”سرخاب“ ۾ مارائي ڇڏيو

ڏسو تزڪ ص 0145.

(4) ”بلاخمن جي قياس موجب“ احمد بيگ، محمد شريف جو پٽ هو. انهي احمد بيگ جا ظلم ستم مظهر شاهجهاني جي تاليف جو سبب بڻيا، سال 1030هه ڌاري جهانگير ان کي ”خاني“ جي خطاب سان نوازيو.

(5) ڏسو بادشاهه نامو حصو ٻيو ص 307.

(6) ڏسو ماثر جلد ٽيون ص 0382 ٻيو پٽ.

(7) ملا محمد ٺٽوي هن جو استاد هو. لاهري بندر بکر ۽ سيوهڻ سندس جاگير ۾ شامل هئا. ابوالبقا امير خان (مظهر شاهجهاني جي مولف جو وڏو ڀاءُ) هن جي پاران ملتان ۾ نائب هو. هي ڏاڍو پيٽوڙي هو ۽ سدائين بک هوندي هيس. سندس رات ڏينهن جي خوراڪ هڪ مڻ شاهجهاني تائين پهتل هئي. لاهور ۾ ويهن لکن رپين جي خرچ سان هن جي حويلي تيار ٿي هئي، جا سندس وفات کانپوءِ داراشڪوه کي ڏني وئي. دهلي، آگري ۽ ڪشمير ۾ ٻن ڪروڙن ۽ پنجاهه لکن جي ملڪيت هيس. سندس نوابيءَ ۾ جيڪي هن جا خرچ کاٻار هئا تن جو ڪاٿو ئي ناهي.

ڏسو ماثر جلد پهريون ص 157- 159 جلد ٽيون.

                   ص 370- ٽيون پٽ.

(8) حاجياڻي حور پرور خانم ”نورجهان جي ماسي“ سندس زال هئي. ابراهيم خان پنهنجي ڀائٽيي احمد بيگ سان ڏاڍي محبت ڪندو هو. سال ڏهين جهانگيري ”1024- 1025هه“ ۾ ڪوڪره (بهار) جي فتح کانپوءِ جهانگير کيس اجمير جي منزل تي ”فتح خاني“ جو خطاب ڏنو. هي شاهجهان جي فوجن هٿان اڪبر نگر ۾ قتل ٿيو ۽ انهي ڳوٺ ۾ پنهنجي پٽ جي مقبري اندر جيڪو هن جوئي تعمير ڪرايل هو، دفن ٿيو. احمد بيگ جيڪو ان وقت ساڻس گڏ هو سو زخمي ٿيو. ڏسو تزڪ 333.

(9) صادق خان متوفي 9- ربيع الاول 1043هه. ڏسو ماثر جلد ٻيو، ص 729.

(10) جهانگير هن کي 1023هه ۾ ”خاني“ جو خطاب ڏنو. ڏسو ماثر، جلد پهريون ص 180.

(11) ولادت جو سال يقيني طور 984هه. ٻاهتر ورهين جي ڄمار ۾ 29 شوال 1055هه ”17 ڊسمبر 1645“ ڌاري وفات ڪيائين ۽ لاهور ۾ دفن ٿي. ربيع الاول 1025هه ڌاري اجمير ۾ جهانگير کيس ”نورجهان“ جو لقب ڏنو. ڏسو تزڪ ص 337.

(12) ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 622.

(13) قاسم خان صاحب ديوان هو، جنهن جا منشات مشهور آهن. ڏسو ماثر جلد ٽيون ص 67.

(14) مولف خلاصه ڪونين: رعنائيءَ ۽ مرزائيءَ ۾ ناميارو هو. هر معاملي ۾ تڪلف ۽ تصنع کان ڪم ٿي ورتائين. هر قسم جي ٺٺ ٺانگر، ڏيک ويک توڙي رعب تاب ۽ نرالي اٿڻي ويهڻيءَ وارو ۽ دنياداري ۾ ڀڙهو. ايتري قدر جو پنهنجي رتبي وارن بلڪه مٿاهين مرتبي وارن کان به گوءِ ٿي کنيائين. سندس نازڪ مزاجي ۽ آڏوڏائي ايڏي حد تائين هئي جو اڃا پٽڪي ٻڌڻ ۾ ئي پورو هوندو هو ته شاهي درٻار برخاست ٿي ويندي هيس. ڪڏهن ته پٽڪي ٻڌندي ٻڌندي ريچڪ اچي ويندو هوس ۽ سواري موٽائي ڇڏيندو هو. پنهنجي ڏاڏاڻي آڊنبر تي آڪڙجي ايڏي آڏوڏائي ۽ سيٽ پئي ڪيائين جو ڪنهن ۾ به اک نه پئي ٻڏيس. متاثر جلد ٽيون 513.

(15) شاهجهان جي زماني ۾ بکر جو حاڪم ٿي آيو، جتان سميجن جي قوم مان شادي ڪيائين، جنهن مان مرزا طهمورث پيدا ٿيو. ڏسو ذخيره الخوانين قلمي ص 512.

(16) ڏسو ماثر جلد ٽيون ص26.

(17) افتخار خان يا مفاخر خان، ڏسو مثر جلد پهريون ص 234.

(18) ڏسو ذخيره الخوانين ص 311.

(19) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 310- آصف الدوله لقب هوس.

(20) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 814- خدا بنده کي ان مان ڪو به اولاد ڪونه هو.

(21) ڏسو ماثر جلد ٽيون ص 830.

(22) ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 731 پهريون پٽ جعفر خان، ٻ     يو صلابت، ٽيون عبدالرحمان مرحمت خان ۽ چوٿون مرزا بهرام خان.

(23) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 454.

(24) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 457.

(25) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 457.

(26) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 416، ذخيره ص 0307 ماثر جي ذڪر مطابق صفحي خان جي وفات 1049هه جي پڇاڙي ۾ ٿي. بادشاهه نامه جي بيان موجب محرم 1050هه – ڏسو بادشاه نامو جلد ٻيو ص 198-280، بنگال ۾ فوت ٿيو. شهنشاهه اها خبر 28 صفر ڌاري مشرقي علائقن جي خابرن وٽان ٻڌي ۽ پاڻ پهرين ربيع الاول 1050هه تي ملڪه بانو جي جاءِ تي ويو. صفي خان کي سلطان نظر نالي هڪ ڀاءُ هو، جنهن کي ديوان خاقاني، انوري، مثنوي ۽ حديقه ياد هئا. ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 431.

(27) ڏسو بادشاه نامه جلد 2 ص 198.

(28) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 177-775 مير ميران يزيدي کي ايراني زال مان اهو پٽ هو.

(29) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 277. بيگم صاحب جي مان ڪو اولاد نه هئس پر سريتن مان ڪافي ڪهول هئس.

سندس وڏي پٽ مرزا اسحاق کي ”امير خاني“ خطاب مليل هو، جنهن بهره مند خان عزيز الدين مير بخشي (ولد مرزا بهرام ولد صادق خان مير بخشي) جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. هن جا ٻيا پٽ مرزا جعفر عقيدت خان مرزا ابراهيم، مرحمت خان، هادي خان، يوسف خان ۽ اسد خان هئا. مرزا ابراهيم، مرحمت خان، مرزا اسحاق امير خان ۽ خديجه بيگم ”زال روح الله خان ثاني“ هڪ ئي ماءُ مان هئا.

(30) ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 309.

(31) ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 823.

(32) ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 315.

(33) ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 736.

(34) مرزا باقر خان نجم ثاني، خديجه بيگم (زال حاڪم بيگ ڪابلي ۽ نورجهان جي ڀيڻ) جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي.

(35) ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 421.

(36) شايد اهو سلطان نظر جو پٽ هجي، ڏسو ماثر جلد پهريون ص 185.

(37) ڏسو ماثر جلد ٽيون ص 830.

(38) ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 93- ذوالفقار خان 1067هه ڌاري پيدا ٿيو ۽ 39 ورهين جي عمر ۾ 16- محرم 1124هه تي وفات ڪيائين. کيس ڪو اولاد نه هو. ناصر عليءَ هن جي تعريف ۾ غزل لکيو، جنهن جو مطلع آهي:

اي شان حيدري زجبين تو آشڪار

نام تو در نبرد کند کار ذوالفقار

ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 104.

(39) جڏهن گوهر آرا ڄائي ته هن برهان پور ۾ وفات ڪئي.

(40) مونس الارواح نالي هڪ رسالو خواجه معين الدين چشتي، سنجري، اجميريءَ جي سوانح تي لکيائين.

(41) دلرس بانو بيگم (ڌيءَ شاهنواز خان پٽ مرزا رستم صفوي قنڌاري) سندس زال هئي. ڏسو وقعات عالمگيري نجيب اشرف ندوي، جلد پهريون ص 153.

(42) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 785. خان زمان مير خليل جي زال (عالمگير جي ماسي) هڪ ڏينهن زين آبادي کي (جا خان زمان جي درٻار جي ڳائڻي ۽ سندس سريت هئي) شهزادي عالمگير وٽ وٺي وئي. شهزادو کيس ڏسندي مٿس عاشق ٿي پيو. ڏسو ماثر جلد پهريون ص 790.

(43) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 707.

(44) ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 690، ۽ بلاخمن 575- هن جي زال شاهنواز مرزا ايرج ولد عبدالرحيم خان خانان جي ڌيءَ هئي، جنهن مان ڪو اولاد نه هيس.

(45) ڏسو ماثر جلد ٽيون ص 28.

(46) ٻئي سال عالمگيري جي پڇاڙي ۾ روح الله خان سان پرڻي.

(47) ذوالفقار خان پٽ مهرالنساءِ بيگم (ڌيءَ يمين الدوله). انهي زال مان کيس ڪو اولاد نه هو. ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 93.

(48) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 292- جلد ٽيون ص 35.

(49) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 814- اسد خان جي ڌي مان کيس ڪو به پٽ نه هو، پر ٻين زالن مان ڪيئي پٽ هئس.

(50) جوانيءَ ۾ مرهٽن هٿان سال ڇهين جهانگيري ۾ قتل ٿيو.

(51) ڏسو ماثر جلد ص 335- 341- 828.

(52) مير ميران يزديءَ جو نسب نامو (شجرو هن ريت آهي: مير ميران امير خان متوفي 1109هه (صاحب جي بيگم جو مڙس) ابن مريم خليل الله ثاني يزدي متوفي 1572هه (حميده بانو ڌيءَ ملڪه بانو يمين الدوله جي نياڻي جو مڙس) بن مير ميران يزدي (پيءُ سان گڏ هندستان آيو، صالحه بيگم ڌيءَ يمين الدوله جو مڙس)- بن شاهه خليل الله يزدي (صفيه سلطان ڌيءَ شاه اسماعيل ثاني- 84-985هه جو مڙس، سال 1016هه ڌاري هندستان آيو ۽ جهانگير جي اميرن ۾ شامل ٿيو) بن مرتضى الممالڪ اسلام و پيشوا طوائف انام امير غياث الدين محمد مير ميران يزدي متوفي 998هه بن مرتضى الممالڪ اسلام شاه نورالدين نعمت الله باقي يزدي (خانش بيگم ڀيڻ شاهه طهماسپ صفوي 30- 984هه جو مڙس) بن امير نظام الدين عبدالباقي مقتول 920هه (صدر شاهه اسماعيل صفوي متوفي 930هه) بن امير حبيب الله (؟ڏسو جامع مفيدي ص 83 ۽ ماثرالامرا جلد ٽيون ص 828) بن شاهه نعيم الدين نعمت الله ثاني (سلطان قلي قطب شاهه باني سلسله قطب شاهي دکن- سلطان محمود شاهه بهمنيءَ جي موت کان پوءِ 924هه ۾ هن بزرگ جي دعا سان تخت ماڻيائين. سيد موصوف شهزادي خانم ڌيءَ مرزا جهان شاهه بادشاهه آذر بائيجان 41- 882هه جو مڙس هو) بن شاهه ظهير الدين علي (؟) بن شاهه حبيب الدين محب الله (سلطان علاءُ الدين احمد شاهه بهمني 38- 862هه جي ڌيءَ خوانزه حميرا جو مڙس هو ۽ دکن ۾ وفات ڪئي هئائين) بن برهان الدين خليل الله 775-847هه (پنهنجي ٻن پٽن شاهه محبت الدين حبيب الله متوفي 864هه- احمد شاهه بهمنيءَ جي ڄاٽي- ۽ شاهه حبيب الدين محب الله سان گڏ ماهان، ڪرمان، مان دکن آيو- احمد شاهه بهمني، خواجه گيسو دراز جي وفات، 825هه، کانپوءِ شاه نعمت الله ولي ڪرمانيءَ جو معتقد ٿيو هو، انهي ڪري پهريان ملڪ المشايخ شاه نورالله بن شاه برهان الدين خليل الله ڪرمان کان دکن آيو ۽ احمد شاهه بهمني جي نياڻي سان شادي ڪيائين ۽ شاه نعمت الله وليءَ جي وفات کانپوءِ برهان الدين خليل الله پڻ پنهنجي پٽن سميت دکن آيو ۽ اتي ئي گذاري ويو). بن شاه نعمت الله ولي ڪرماني (773- 834هه). ڏسو جامع مفيدي- فرشته- حبيب السير- ماثر الامراء- حديقته العالم. رياض السياح، عماديه ۽ سوانح الايام في شاهدت العوام صنع الله، بمبئي ڇاپو.

(53) ڏسو ماثر الامرا جلد 3 ص 828- مير خليل الله يزدي ٻيو حميده بانو ڌيءَ ملڪه بانوءَ جو مڙس، سندس ڀاءُ هو، پر اهو هڪ ايراني خاتون يعني ٻيءَ ماءُ جو پٽ هو.

(54 الف) خواجه حبيب الله ساوجي هن جو معدوح هو. دورميش خان (ڏسو: عالم آر اي عباسي ۽ هفت اقليم) يا درميش خان، متوفي 931هه، سال 927هه ۾ حبيب الله کي پنهنجي وزير مقرر ڪيو، جو 950هه تائين جيئرو هو (ميخانه لاهور ص 144)- خواجه موصوف وڏو علم پرور هو، ڪيئي ڪتاب سندس نالي ممنون ٿيل هئا، مثلا: تاريخ حبيب السير، تحفته الحبيب فخري هروي، ترجمه مجالس النفائس فخري هروي ۽ رساله هيئت عبدالعلي برجندي.

(54) شيخ شهاب الدين سهروردي متوفي 633هه جي اولاد مان هو. ڏسو ماثر جلد 1 ص 92- 107- 126- 135- 203-.

(55) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 90- آصف خان اول عبدالمجيد هو، آصف خان ثاني اهو ئي غياث الدين بن علي قزويني ۽ آصف خان ٽيون جعفر بيگ ۽ اهڙي ريت آصف خان چوٿون ابوالحسن يمين الدوله هو.

(56) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 139.

(57) ڏسو ماثر جلد پهريون ص558

(58) ڏسو ماثر جلد پهريون ص90

(59) مرزا حسام الدين (بن مير جمال الدين حسين خان ”انجو“ مصنف فرهنگ جهانگيري) ٺٽي ۾ فوت ٿيو. ان کانپوءِ ابوالبقا امير خان (يوسف ميرڪ جو وڏو ڀاءُ) ملتان مان بدلي ٿي ٺٽي آيو. ماثر الامراء ۾ لکيل آهي ته م رزا حسام الدين، احمد بيگ خان (ابراهيم خان فتح جنگ جي ڀائٽيي) جي ڀيڻ سان پرڻيل هو، انهي جي مهابي وڏي عزت ۽ عهدي کي رسيو. هي پنهنجي زال جو ڏاڍو فرمانبردار ۽ سندس رضا تي راضي رهندڙ هو. عيد يا نوروز جي موقعي تي جڏهن هوءَ شاهي دولت سرا ۾ ويندي هئي ته هي بنا اجازت جي محلات ۾ نه ويندو هو. معتمد خان تڪمله تزڪ جهانگيري ۾ لکي ٿو ته مير حسام الدين نورجهان بيگم جي ماروٽ جو مڙس هو.

ڏسو تڪمله تزڪ، نولڪشور، ص 379،

(60) ڏسو بادشاهه نامه جلد ٻيو ص 606- 736.

(61) ڏسو بادشاهه نامه جلد پهريون حصو پهريون ص 327.

(62) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 151- 152 جهانگير جي زماني ۾ انهي ئي خواجه غياث جي ڌيءَ گلاب جو عطر ايجاد ڪيو. تزڪ ترجمو اردو لاهور ص 379.

(63) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 701. هن وٽ ڪيئي زالون هيون، پڇاڙي واري بيماري ۾ سندس محل مان هڪ سئو سريتون نڪتيون. مصنف مثنوي خسرو شيرين ۽ مثنوي ليلى مجنون هو. امير الامراء شريف خان جي بستري تي پوڻ کانپوءِ، جهانگير جڏهن ڪابل پئي ويو ته ”بساول“ جي منزل تي خميس 3 صفر سال 1016هه تي وزارت جو قلمدان مرزا قوام الدين جي حوالي ڪيائين.

(64) ڏسو تزڪ ص 85.

(65) علي احمد بيگ خان ڪابليءَ جو ڏاڏو. مير غياث الدين ترخان تيموري امير مان هو.

(66) ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 429، بلاخم 518، انهيءَ سعيد خان کي 22 پٽ هئا، جن مان ڪن جا نالا نسب نامي (شجري ۾ اچي چڪا آهن.

(67) ڏسو بادشاهه نامه جلد پهريون حصو ٻيو ص 327. هن جي پٽن بابت معلوم نه ٿي سگهيو ته اهي احمد بيگ خان ڪابليءَ جي ڪهڙين زالن مان هئا.

(68) ڏسو تزڪ ص 128- 129.

(49) ڏسو تزڪ ص 140، پڻ ڏسو ماثر جلد پهريون ص 203.

(70) شريف خان. ڏسو ماثر جلد ٻيو ص 665. شريف خان ولد ملا عبدالصمد مصور شيرازي (شيرين قلم) بن خواجه نظام الملڪ وزير شاه شجاع شيرازي، آصف خان جعفر بيگ جي وفات کانپوءِ، جهانگير، جاوالله کي مجبور ڪيو ته هو مصري بيگم کي طلاق ڏئي، جنهن کانپوءِ ان کي مرزا لشڪري ولد مرزا يوسف سان پرڻايو ويو.

(71) شاه بيگ خان ٺٽي جو صوبه دار ٿيو هو پر اتي پهچي نه سگهيو- بلاخمن 415، بادشاهه نامه جلد پهريون حصو ٻيو ص، 14- 327. شاه بيگ خان نوي ورهين جي ڄمار ڌاري لاهور ۾ (شوال 1029هه ) فوت ٿيو (ڏسو تزڪ 642). شاه بيگ خان (خان دوران) بن ابراهيم بيگ چريڪ کي چار پٽ هئا. عبدالعزيز شاهه، محمد غزنين خان، يعقوب بيگ ۽ اسد بيگ. جهانگير بادشاهه، خان دوران کي 26 شوال 1026هه ۾ ٺٽي جو صوبه دار مقرر ڪيو پر هن پنهنجي پيري ۽ ضعيفيءَ سبب معافي ورتي. پڇاڙيءَ ۾ هو خوشاب پرڳڻو ملڪيت ۽ جاگير طور حاصل ڪري لاهور ۾ رهي پيو، انهي جاگير مان کيس ٽيهن لکن جي اُپت ٿيندي هئي.

(72) ڌيءَ معتمد خان بخشي (مولف اقبال نامه جهانگيري) مرزا علي اصغر جي نالي ٿيل هئي پر ٻنهي جي شادي نه ٿي سگهي، شاهجهان انهي ڇوڪري کي خان دوران سان پرڻائي ڇڏيو.

(73) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 174 ۽ سرو آزاد ص 146، سرو آزاد ۾ سندس وفات جي تاريخ 1058هه ڄاڻايل آهي.

(74) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 785- 254. اهو مير خليل خان زمان، راڳ رنگ جو شوقين هو، ڪيئي سريتون، سريليون ۽ ٺاهوڪيون ڳائڻيون پاڻ وٽ ڪٺيون ڪيون هئائين. مشهور ڳائڻي زين آبادي (شهزادگيءَ واري زماني ۾ عالمگير جي محبوبه) پڻ انهن مان هئي. چون ٿا ته اها مير خليل خان جي سريت هئي. ڏسو ماثر جلد پهريون ص 79.

(75) ڏسو سرو آزاد ص 146- ماثر جلد پهريون 203. محمد باقر اعظم خان جهانگيري جو ٽيون نمبر پٽ هو. پهريان مير اسحاق ارادت خان مرزا بديع الزمان ولد آقائي ملا ثاني جهانگيري (جعفر بيگ آصف خان جي ڀاءُ) جي ڌيءَ پرڻيو، پوءِ زاهد خان ڪوڪه جي ڌيءَ سان بيوگيءَ ۾ نڪاح ڪيائين، جنهن مان سندس وڏو پٽ محمد جعفر هو.

(76) صاحب ديوان هو. ڏسو ماثر جلد پهريون ص 204 ۽ سرو آزاد ص 146- 147.

(77) فارسيءَ جو شاعر هو.

(78) ڏسو ماثر جلد 1 ص 205- پنهنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ موروثي لقب ارادت خاني مليس، شعر گهڻا چوندو هو، زالن هٿ ڪرڻ ۾ حريص ۽ گهڻي اولاد وارو هو.

(79) ڏسو ماثر جلد پهريون ص 206.

(اهي ٻيئي شجرا هڪ سال ۽ ٽن مهينن جي عرصي ۾ پورا ٿيا. تاريخ 7 جنوري 1961ع ڌاري مون هي ڪم هٿ ۾ کنيو، اڄ تاريخ 27 مارچ 1962ع تي پورو ڪيم. هتي پڙهندڙن کان اها اميد رکڻ مناسب ٿو سمجهان ته هن باري ۾ جيڪڏهن کين ڪو به شڪ پيدا ٿئي ته مهرباني ڪري مون کي اطلاع ڏين ته جيئن ايندڙ اشاعت ۾ درستي ڪئي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org