سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 2

سبي پرڳڻو

(سبي پرڳڻو جيتوڻيڪ سنڌ صوبي جو حصو هو، بکر سرڪار جي تابع هو پر مٿس الڳ گورنر مقرر ڪيل هو، ان ڪري هن پرڳڻي کي ٽنهي سرڪارن کان الڳ حيثيت ڏني وئي آهي. هن ۾ هاڻوڪا سبي ۽ ڪڇي ضلعا اچي ٿي ويا.)

1- سبيءَ ۾ ڪانگلو مريٽ (Conglomerate) پٿرن مان ٺهيل هڪ قلعو هوندو هو، اهو قلعو هينئر موجود ته ناهي پر اتي پيل پٿرن ۽ مٽيءَ جي مٿاهين دڙي مان ڊٺل قلعي جي چوديواري جا ڪي نشان ملن ٿا.

2- انهي زماني ۾ بولان نئن پڻ وهندي هئي، جنهن جي پاڻيءَ ۾ زهريلو مادو هوندو هو، ان جي پئڻ سان ماڻهو بيمار ٿي پوندا هئا، بعضي مري به ويندا هئا. پر اڪبر بادشاهه جي دور ۾ انهي نئن پنهنجو وهڪرو ڪن هنڌن تان بدلائي ڇڏيو ۽ زهريلي پاڻي جا ذريعا پري رهجي ويا. اڄ به انهي پراڻي نئن جي پيٽ جا نشان سبي ۽ ڍاڍر جي وچاڳ ۾ ڏسي سگهجن ٿا.

3- بولان نئن پنجاهه ميل ڏکڻ ۾ ساراواڻ جي زمينن کي سيراب ڪندي هئي ۽ بچيل پاڻي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو. بولان جو اهو وهڪرو 1932ع ۾ ايف پي بند ٻڌڻ تائين قائم رهيو. ان کانپوءِ به بولان نئن جو پاڻي وقت بوقت منڇر ڍنڍ تائين پهچندو رهي ٿو.

4- سبيءَ جي ڀرسان ڇٽ ۽ ڪهيرين جا ڳوٺ آباد هئا، جتي ڪپهه جو ڊگهي جنس وارو فصل ٿيندو هو. ليکڪ جي چوڻ پٽاندر انهي فصل جي ٻوٽي جي ڊگهائي سان ٻٻر جو وڻ به مقابلو نٿي ڪري سگهيو سا ڳالهه غلط آهي.

5- گندا واهه جو شهر سبي پرڳڻي ۾ هو، گندا واهه جي ڀرسان گرم پاڻيءَ جو چشمو آهي، اهو چشمو سترهين صديءَ ۾ به هوندو هو.

6- گندا واهه جون ڀر واريون زمينون موزاهه يا موج واهه مان آباد ٿينديون هيون، اهو واهه (سليمان) جبلن جي مٿين حصي مان نڪرندو هو، اڄ به اتي ساڳي نموني جا واهڙ موجود آهن، جيڪي اولهه وارن جبلن جو پاڻي کنيو اچن ٿا، گندا واهه ۾ رهندڙ قبيلا لاشاري، منگسي، رند ۽ ديناري هئا.

7- بارڪان جو شهر بکر، سيتاپور ۽ سبيءَ جي وچ تي هوندو هو، بارڪان لورالائي جي اوڀر ۾ آهي، تنهن زماني ۾ بارڪان جو شهر ڀلن گهوڙن جي ڪري مشهور هوندو هو، جيڪي عراقي نسل جي گهوڙن کان گهٽ نه هوندا هئا، انهي خصوصيت سيتاپور کي ديري غازي خان ضلعي جو هڪ اهم شهر بڻائي ڇڏيو. ٿوريئي عرصي ۾ اهو شهر تمام گهڻو وڌيو ۽ ويجهيو پر شايد سنڌو درياهه جي کاڌ جي ڪري جلد ئي پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏيائين.

8- بولان نئن جي وهڪري واري احوال مان سُڌِ پوي ٿي ته اها نئن سبي ۽ پاٽ جي وچ ۾ يا پاٽ جي ڏکڻ تائين ٻن سَوَن ميلن جي ڊيگهه ۾ وهندي هئي ۽ درياهه ۾ وڃي ڇوڙ ٿي ڪيائين. ليکڪ جي اندازي پٽاندر سبيءَ جي ريگستان جي ويڪر هڪ سئو چاليهه ميل ذري گهٽ درست آهي، ڇو جو اهو ريگستان اتر کان ڏکڻ تائين جبلن کان هاڻوڪي جيڪب آباد شهر تائين ڦهليل آهي.

9- آراڙي هڪ ٻيو ڳوٺ هو جو بولان نئن جي ڪپ تي هو.

10- سمن جي صاحبي کان وٺي سبي جو پرڳڻو سنڌ جو حصو هو. ارغونن پڻ ان کي فتح ڪيو هو پر پوءِ پٺاڻن جي هڪ قبيلي (پني) وري ارغونن کان ان کي هٿ ڪيو، جن کان ابوالقاسم نمڪين 1013هه (......ع) ڌاري فتح ڪيو. سن 1740ع تائين اهو پرڳڻو سنڌ جو حصو رهيو پر پوءِ نادر شاهه ايراني اهو پرڳڻو قلات جي خان کي منتقل ڪري ڏنو.

 

ٺٽو سرڪار- چار پرڳڻا

ٻه ساڄي ڪپ تي، ٻه کاٻي ڪپ تي

ساڄو ڪپ

کاٻو ڪپ

چاڪر هالا سب ڊويزن:

چاڪر هالا جا قبيلا جيڪي جبلن ۾ رهندا هئا شورا، سميجا دل، ٻٻر بلوچ هئا، جيڪي سڀئي سرڪش هوندا هئا ۽ حڪومت جا باغي هئا. ميدانن جا رهاڪو پليجا، هالا ۽ ناريجا هئا، جيڪي پنهنجون ڍلون باقاعدگي سان حڪومت کي ڏيندا هئا. ڪوهيار ۽ وڻڪار ڳوٺ جبلن ۾ هوندا هئا.

چاڪر هالا:

سن کان ٻه ميل پرتي بهڻ نالي هڪ بندرگاهه هوندو هو جو بهڻ کان ديهه ميل پري هوندو هو. سن هاڻوڪي شهر کان چار ميل پري اوڀر پاسي هو. خاصائي شورن ۽ سن جي وچ ۾ ارڙهن ميلن جو مفاصلو ٿيندو ۽ اهو شهر هاڻوڪي مانجهند جي اولهه ۾ آهي. انهيءَ نالي (خاصائي شورن) وارو قبيلو اڃا سوڌو اتي رهي ٿو.

نهمردي قبيلو انهي پرڳڻي يعني اتر محال ڪوهستان جي چاڪر هالا جي ٽڪرين ۾ سيوهڻ پاسي آباد هو.

چاڪر هالا ۾ وسندڙ ٻيو قبيلو ٻٻرن جو هو، نهه اويس قرني، چچ هالا جو هڪ ڳوٺ هو جنهن ۽ نيرون ڪوٽ (هاڻوڪي حيدرآباد) جي وچ ۾ نهمردي رهندا هئا.

نصرپور، ٻڍاپور ۽ خاصائي شورا سترهين صدي جا مشهور شهر هوندا هئا.

1- ٺٽو پرڳڻو

ٺٽي جو شهر ۽ پرڳڻي جي ڪافي ايراضي کاٻي ڪپ تي هوندي هئي، جنهن مان سڌ پوي ٿي ته درياهه جيڪو ٺٽي ۽ مڪلي ٽڪرين جي اتر پاسي وهندو هو سو گجي ۽ ٺٽي جي هاڻوڪي رستي کي وچان پار ڪري وَهندو هو ۽ گجي کان ٻه ميل پري وهندو هو، پرڳڻي جا ڪجهه حصا ٽڪرين تائين ڦهليل هئا، جتي ڪهيري، ڪرمتي، بلوچ، ٽوڪيا، جيڪي باغي هئا ۽ محال ڪوهستان ۽ ساڪري تعلقي جي ڏکڻ اولهه ۾ رهندا هئا. اها آبادي مغل حڪومت جي تابع هئي.

2- چاچڪان پرڳڻو

هن پرڳڻي جا رهاڪو سڌا سنواٽا هئا پر مينڌرا قوم وارا سرڪش هئا، جن کي ٺٽي جي گورنر مظفر معموري جي ڏينهن ۾ عبدالباقي جاگيردار سڌو ڪيو هو. سوڍا ۽ سميجا جيڪي نصرپور جي قبيلن سان ڳنڍيل هئا، اهي پڻ چاچڪان ۾ رهندا هئا ۽ عبدالباقي جي هٿان مات کائڻ بعد صلح سان رهڻ لڳا.

 

2- نيرون ڪوٽ پرڳڻو

هن پرڳڻي ۾ مشهور ڳوٺ شورا ۽ شال هوندا هئا، شال ڪوٽڙيءَ جي ويجهو هو ۽ هن وقت سال سڏجي ٿو.

 

سيوهڻ سرڪار- نو پرڳڻا

ڇهه ساڄي ڪپ تي، ٽي کاٻي ڪپ تي

ساڄو ڪپ

کاٻو ڪپ

1- باغبان پرڳڻو

هن پرڳڻي ۾ رهندڙ قبيلا ملڪ، پنهور، ابڙا، سميجا، جوڻيجا، پريا ۽ بڪيجا (ٻگهيا) هئا، جيڪي سڀئي صلح پسند هئا ۽ ٿيٻا جيڪي سرڪش ۽ حڪومت جا باغي هئا. اهي ڪنڌڪوٽ، ڇني ۽ ٿيٻن جي ڳوٺن ۾ رهندا هئا.

ڦلجي ۾ هڪ قلعو هو جو هاڻي موجود ناهي، اهو گاج جي ٻوڏن سبب نابود ٿي ويو. انهيءَ ساڳئي علائقي ۾ مها ڍنڍ (جيڪا هاڻي جا کپاري سڏجي ٿي) هوندي هئي، جنهن ۾ مڇي کي پرڪلين (پوپري) سڏيندا هئا.

پاٽ:

هن ڳوٺ ۾ خوجا رهندا هئا، هاڻي منجهس جوڻيجا، قاضي، انصاري ۽ چنا رهندا آهن. مهيري درياهه جي ساڄي ڪپ تي پاٽ جي ڀرسان هڪ بندر هوندو هو. باغبان ۾ ٻيا قبيلا بڪيجا، جوڻيجا، پريا، دَل، کيبر، اوٺا، لاکيار، راڄپر ۽ بهڻ هوندا هئا.

1- جوڻيجن جو پرڳڻو

هي پرڳڻو سيوهڻ تعلقي ۽ ممڪن آهي ته دادو تعلقي جي سامهون سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي هو، انهي پرڳڻي ۾ رهندڙ قبيلا ڪوريجا، پهنور ۽ شيخ هئا، جيڪي صلح پسند هئا ۽ سميجا بڪيجا (ٻگهيا) حڪومت جا باغي هئا. اها سب ڊويزن ڦاڙهي، هرڻ ۽ روجهه جي شڪار ڪري مشهور هئي. هن پرڳڻي جون نامياريون ڍنڍون- وينجهر، ڪاڏوهر (قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جي وچ ۾) ۽ ريل هونديون هيون. چانڊڪا وانگر اهو به هڪ وڏو پرڳڻو هوندو هو. سمن جو مشهور ڳوٺ ٻاٻري جيڪو گچيري جي ڀرسان هو، تنهن کي پهنورن ۽ ڪوريجن اجاڙي ڇڏيو هو. گچيرو موري جي ڀرسان آهي.

 

2- نيرون جو قلعو پرڳڻو

هن کي اڳ ۾ واهري جياسي سڏيندا هئا. قلعي ۾ هڪ ڪاريز مان پاڻي ايندو هو، جنهن کي وري چار شاخون (واهه) هئا، جن مان پٽ (تعلقي جوهي جي الهندي ميدان) واريون زمينون آباد ٿينديون هيون.

اوائل ۾ نيرون ماڇين جو ڳوٺ هوندو هو پر جڏهن انهن ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته بختيار بيگ ترڪ کين ماري مڃائي پهنورن جي حوالي ڪيو ۽ مٿين چئني واهن تي پهنورن جا چار سردار موسو، عيسو، دائود ۽ جلال آباد ٿيا. ليکڪ ڪاريز بابت غلط لکيو آهي ته انهي مان چئني واهن کي پاڻي ملندو هو. اها نئين گاج هئڻ گهرجي ۽ چارئي ڳوٺ جوهي ۽ سيوهڻ تعلقن جي سرحد تي منڇر ڍنڍ جي ڀرسان هئڻ گهرجن. شمشير خان اوزبڪ نيرون پرڳڻو باغبان پرڳڻي کان الڳ ڪري سيوهڻ پرڳڻي سان ڳنڍي ڇڏيو هو، اهو پرڳڻو احمد بيگ جي ڏينهن ۾ ويران ٿي ويو.

2- خطو پرڳڻو

هي پرڳڻو ڏکڻ دادو ۽ اتر سيوهڻ تعلقن جي سامهون هو، منجهس رهندڙ قبيلا هالي پوٽا، شيخ، سميجا ۽ سميجا بڪيجا، راهوجا، ڪوريجا، ترڪ، ڏيٿا، پلي ۽ لاکا هئا. سميجن ڏاهرين کانسواءِ اهي سڀئي صلح پسند (ڍل ڀريندڙ) هئا. ٻيا قبيلا لاکا ۽ هالي پوٽا هئا.

ڪي مشهور ڳوٺ:

ميراڻ ڳوٺ جهانگير آباد کان ٻاويهه ميل پري هو، جهانگير آباد لاکاٺ پرڳڻي ۾ هو جو درياهه جي ٻئي پاسي سيوهڻ جي سامهون هو ۽ پڇاڙي تي ڏيڙاڻ صاڀو، وينجهڙو، ڪاٺڙي ۽ جانهري وارا ڳوٺ ۽ وينجهڙي جو قلعو ڍنڍ تي ميڙاڻ کان اٺ ڏهه ميل پري هئا.

 

3- ڳاها پرڳڻو

هن پرڳڻي جا مشهور ڳوٺ ڪنور ۽ بهڻ هئا، منجهس آباد قبيلا پهنور جيڪي حضرت محمد (صلعم) جن جي دائي حليما جا پونير آهن (هي چوڻي سترهين صدي جي آهي جيڪا وقت سان گڏ ڦرندي رهي ٿي) ۽ ٻيا ڪوريجا، سميجا، بڪيجا سميجا، ثيٻا، راهپوٽا، ڀان، سيد ۽ شيخ هئا. آبادي جو وڏو حصو پهنورن ۽ سميجن جو هو. چانڊين جو قبيلو باغبان جو مشهور قبيلو هو، جيڪو اولاهين ٽڪرين (جوهي تعلقي جي ڪاڇي) ڏانهن رهندو هو، سندن نسل جون شاخون گوارا چانڊيا (اڇي چمڙيءَ وارا) ۽ ڪارا چانڊيا (ڪاري چمڙيءَ وارا) سڏجڻ ۾ ٿي آيون. اهي سرڪش هوندا هئا ۽ پٽ، اڪبر آباد کان وٺي ڳاهن جي پرڳڻن تائين ڌاڙا هڻندا هئا. سامٽياڻي ڳوٺ يا ته باغبان جي پرڳڻي ۾ هو يا ڳاهن جي پرڳڻي ۾ جنهن جي سرحد باغبان پرڳڻي سان ملندي هئي.

3- لاکاٽ پرڳڻو

اهو پرڳڻو لکي ۽ سن جي سامهون سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي هو، مشهور ڳوٺ گجر درياهه جي کاٻي ڪپ تي سن جي سامهون هوندو هو ۽ درياهه کان مُني ميل جي مفاصلي تي هو.

انهي زماني ۾ لاکاٽ جا ٻيا ڳوٺ:

(1)                        ڏيڙان موري تعلقي ۾ قاضي احمد جي مٿان ۽ سيوهڻ کان سورهن ميل پري هوندو هو، جتي ڌاريجا رهندا هئا.

(2)                       مينجهارو سيوهڻ کان چو ويهه ميل پري هوندو هو، جتي منهيجا رهندا هئا.

(3)                       ڪاٺرڳ سيوهڻ ۽ هڪ ٻي ڳوٺ منهيجا کان ٽيويهن ميلن جي مفاصلي تي هوندو هو.

(4)                       صابو يا سابو هتي راهوجن ۽ فيروزيجن جا قبيلا رهندا هئا، اهو ڳوٺ هن وقت شايد صابو راهو آهي.

(5)                       پرهياڙي هي ڳوٺ سيوهڻ ۽ ٻين ڳوٺن راهوجن ۽ فيروزيجن کان اٺاويهه ميل پرتي هو.

(6)                       نگر نصرپور ۽ لاکاٽ پرڳڻي جي دنگ تي هڪ ڳوٺ هوندو هو.

(7)                       جهانگيرآباد گجر جي ڀرسان هڪ ڳوٺ هو، جنهن ۾ مير ابوالبقا جو اڏايل قلعو هو.

لاکاٽ پرڳڻي ۾ خاص ڪري هالي پوٽا، انڙ، سنيارا نسل جون شاخون منهيجا، فيروزيجا، ڪيريا ۽ منگواڻا هيون. هن پرڳڻي ۾ ڪافي ڍنڍون هيون ۽ شڪارگاهه به هوندا هئا. اها ايراضي اڀرندي ريگستان تائين ڦهليل هئي جو جيسلمير جي ڀٽن جي نالي سان سڃاتو ٿي ويو. سنڌ جي ريگستان وارو حصو سوڍن راجپوتن جي قبيلي جي قبضي ۾ هو، جيڪي گهڻو ڪري مغل گورنرن جي تابع نه هئا، جيڪڏهن تابع هئا ته رڳو نالي ماتر، ان حالت ۾ جڏهن ٺٽي جو گورنر وڌيڪ طاقتور هوندو هو.

4- بوبڪ پرڳڻو

هن علائقي ۾ خلجي (جيڪي مخدوم جعفر جا پونير آهن) سميجا دل، سميجا بڪيجا (ٻگهيا) خوجا (نو مسلم) ڀچا جيڪي پڻ سميجا هئا. پهنور ۽ هندو رهندا هئا.

 

5- سيوهڻ حويلي پرڳڻو

 هن جي ڏاکڻين ٽڪرين ۾ نهمردي ۽ نوحاڻي بلوچ رهندا هئا. نوحاڻي بلوچ جابلو پيچرن ۾ نهمردين کي اک ۾ رکندا هئا.

ٽلٽي جو شهر ساڄي ڪپ تي آباد هو پر ڪهڙي سبب ڊويزن ۾ هو اهو پتو نٿو پوي. اهو ڳوٺ ڏاهري ڳوٺ جي سامهون هو جو وري خطي پرڳڻي ۾ شامل هو. ديهه ڳوٺ سيوهڻ پرڳڻي ۾ درياهه جي ڪپ تي هوندو هو، جنهن ۾ هڪ قلعو به هو. ٺيڙهي جو ڳوٺ سيوهڻ جي ڀرسان هو، ساڳيءَ ريت نيرون ڪوٽ (پراڻو نالو منڇر) به انهي پاسي هو، منڇر ڍنڍ تي سورهن ڳوٺ آباد هئا، انهي ڍنڍ مان بِهه، ڪُمَ، لوڙهه، مڇي، تڏن جو گاهه ڏير ۽ ٻيو گاهه پن جنهن جي سَنگن مان پوري ٺاهيندا هئا، کير (شايد لوسڻ) گهوڙن جو گاهه، پوپري مڇي، اُڙين وغيره جي پيداوار ٿيندي هئي. هن پرڳڻي جون مشهور ٽڪريون نندي جبل نالي سڏبيون هيون.

 

6- سن پرڳڻو

هن سب ويزن ۾ وسندڙ قبيلا سيد، لاکا ۽ ڪوريجا هئا، جيڪي سڀئي صلح پسند هئا ۽ مانجهند، کماڻ، ڇڇر ۽ ڳاهيجا مڙئي باغي قبيلا هئا. سيدن جا ڳوٺ سن، آمري ۽ ٺٽي ولي محمد هئا، انهن سڀن شاهه حسن ارغون جي خلاف هاميون بادشاهه جي مدد ڪئي هئي.

ٺٽي ولي محمد، آمري جي ريلوي اسٽيشن کان اوڀر طرف ڏيڍ ميل پرتي آهي.

سميجن ۽ جابلو قبيلن آمري ۽ ٺٽي کي لٽي ڦري خالي ڪري ڇڏيو هو.

ٻيا مشهور ڳوٺ، ارد بيلا ۽ جيسر وت هئا، جيڪي ترتيب وار لاکن ۽ ڪوريجن تباهه ڪري ڇڏيا. نهمردي الهندي وارين ٽڪرين ۾ رهندا هئا. سندن ڳوٺ ڪانڀو جبل، هارون، چول ۽ لاشاري ٽڪرين ۾ هوندا هئا. ٻيا قبيلا دل دماوتي ۾ ۽ شال يا سال ڪوٽڙي جي ڀرسان رهندا هئا، اهي اصل باغبان پرڳڻي جا هئا.

 

 

ب- جاگرافيائي ڏسڻي

(1) اگهم: چاچڪان پرڳڻي جو هي شهر سترهين صدي ۾ اگهاماڻي سڏبو هو. اهو شهر ستين صدي عيسوي ۾ راءُ ۽ برهمڻ گهراڻن جي زماني ۾ به موجود هو. هي حيدرآباد جي ڏکڻ ۾، اڻٽيهه ميل پري ماتلي تعلقي ۾ آهي، جتي هاڻي ٿوري آبادي رهي ٿي، ان کي اڄ به اگهاماڻي سڏين ٿا. شاهه بيگ ارغون 930هه (......ع) ۾ هتي فوت ٿيو هو. مير علي شير قانع جي لکت موجب اهو شهر ارڙهين صديءَ ڌاري به موجود هو. هن وقت هڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ آهي.

(2) اروڙ يا الور: سنڌ جي گادي جو اڳوڻو هنڌ جو گهڻو ڪري موسيڪئنس (Musicanus) جي گادي جو ماڳ پڻ هو، جنهن کي سڪندر اعظم 325 ق. م. ڌاري شڪست ڏني هئي ۽ هن شهر تي قبضو ڪيو هئائين. ان وقت کان شهر جي چوڌاري هڪ قلعو هو پر شاهه بيگ ارغون 1524ع ۾ بکر جي نئين قلعي اڏائڻ لاءِ اهو پراڻو قلعو ڊهرائي ڇڏيو. هي قديمي شهر اڄڪلهه ننڍي واهڻ جي حالت ۾ موجود آهي، منجهس مغلن جي جوڙايل مسجد به ڏٺي وڃي ٿي. ڀانئجي ٿو ته هي شهر يارهين صدي ڌاري درياهه جي وهڪري بدلائڻ ڪري ڦٽي ويو هو. اهو شهر روهڙيءَ کان پنج ميل پرتي ڏکڻ کان ڏکڻ-اوڀر پاسي ٽيهين درجن جي ڪنڊ تي آهي. سترهين صدي ۾ ان کي بکر صوبي جو هڪ پرڳڻو ليکيو ٿي ويو.

 (3) انون ٻيلو: هي ٻيلو سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو هن ۾ سرمي ۽ ٽامي جون کاڻيون هونديون هيون.

(4) آمرڪوٽ: تاريخ طاهري ۾ اهو نالو امرڪوٽ ڄاڻايل آهي پر مظهر شاهجهاني ۾ اهو نالو ڪو نه ٿو ملي ترخان نامي ۾ اهو عمرڪوٽ لکيل آهي، ساڳيءَ ريت معصومي به عمرڪوٽ لکيو آهي، جيئن ته هن مسودي جو مواد پوري دور سان واسطو رکي ٿو، تنهن ڪري پڪ ناهي ته پراڻن متنن ۾ اهو لفظ ”ع“ سان اچاريل آهي يا ”الف“ سان-؟

(5) آراضي: پهنورن جو هي ڳوٺ اڪبر آباد جي ڀرسان نيرون ڪوٽ پرڳڻي ۾ هو.

(6) اَبڙيچا: هي ڳوٺ هالا ڪنڊيءَ جي ڀرسان هو ۽ اڃا تائين هالن لڳ موجود آهي.

(7) اُردبيل: سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو، پر اڄڪلهه موجود ناهي.

(8) آراڙي: ڳاهن واري پرڳڻي ۾ سيوهڻ کان ٻٽيهه ميل ۽ جبلن کان ٻاويهه ميل پرتي هڪ وستي هوندي هئي.

(9) عزيزاڻي: سيوهڻ کان ٽيهه ميل ۽ بلن کان سورهن ميل پرتي هڪ ڳوٺ هو.

(10) آمري: احمد بيگ هتي هڪ قلعو اڏايو هو. اهو ڳوٺ ليکڪ جي زماني ۾ ڦٽي ويو هو.

(11) بوبڪ: هي شهر اڃا سوڌو موجود آهي. هيٺاهين هنڌ هئڻ ڪري هر سال ٻوڏ ۾ اچي ٿي ويو، جنهن ڪري ماڻهو پنهنجي چوپائي مال سميت جبلن ڏانهن لڏي ويندا هئا، انهيءَ لڏپلاڻ ۾ هڪ ڀيري نومڙيا کانئن ساڍا 4 هزار چوپايو مال ڦري ويا هئا. انگريزن جڏهن منڇر ڍنڍ تي بند ٻڌرايو تڏهن شهر کي ٻوڏ کان بچاءُ ٿيو.

(12) باغبان: اڃا تائين ڏسجي پيو ان لاءِ لکيل آهي ته هي سيوهڻ کان چوئيتاليهه ميل پري هو، حقيقت ۾ اهو فاصلو چوٽيهه ميل هئڻ کپي.

بوبڪ پرڳڻي جون زمينون: درياهه جي اٿل تي آباد ٿينديون هيون. ڇاڪاڻ ته بوبڪ جو پرڳڻو درياهه سان دنگئي هو. هتي هر سال ٻوڏ اچڻ ڪري ماڻهو پنهنجو چوپايو مال ڪاهي الهندي پاسي جبلن ڏانهن هليا ويندا هئا.

(13) باجارا: سيوهڻ پرڳڻي جي اولاهين حصي ۾ سيوهڻ ۽ جبلن کان يارهن ميل پرتي هڪ ڳوٺ انهي نالي سان آباد هو.

(14) ڀِٽڙو: سيوهڻ شهر جي اتر، سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو.

(15) ٻيلي شيخ ممون: درياهه جي کاٻي ڪپ تي پر سيوهڻ پرڳڻي ۾ هوندي هئي.

(16) داديجي واهه: نار ڳوٺ جي ڀرسان بوبڪ پرڳڻي ۾ هڪ ورستي هئي.

(17) نارنگ: قلعي جي صورت ۾ شايد بوبڪ پرڳڻي ۾ هو ان ڏانهن نار کان رستو ٿي ويو.

(18) دولت آباد: شايد سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي پر سيوهڻ پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو.

(19) ديهه ڳوٺ: سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي پر سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو.

(20) گرنگ: درٻيلي پرڳڻي ۾، درٻيلي شهر جي اتر ۾ هو، شايه گڙنگ نالو هجيس.

جيسلمير جون ڀٽون: نواب شاهه ۽ سانگهڙ ضلعن جي اوڀر واري ريگستان کي جيسلمير جون ڀٽون سڏيو ويندو هو، ڏکڻ ۾ وري اهو ريگستان عمرڪوٽ جي ڀٽن نالي مشهور هو.

(21) جسروت: اهو ڳوٺ سيوهڻ پرڳڻي ۾ هوندو هو. هن وقت موجود ناهي.

(22) جهانگارا: سيوهڻ پرڳڻي جي الهندي ڀاڱي ۾ سيوهڻ کان ڇهه ميل ۽ جبلن کان ڏهه ميل پرتي هوندو هو. هن وقت سيوهڻ جي اولهه ۾ ڏهه ميل کن پرتي آهي.

(23) جندائي: نصرپور کان ڏهه ٻارهن ميل پرتي هڪ ڳوٺ هوندو هو، اهو ڳوٺ ارڙهين صدي ۾ ٻڏي ويل ٿو ڏسجي.

(24) جوڻيجا: خطي پرڳڻي ۾ درياهه جي کاٻي ڪپ تي سيوهڻ کان ٽيهن ميلن تي هڪ ڳوٺ هوندو هو.

(25) جهيجا يا بوهري جهيجا: انهن جو ڳوٺ نصرپور پرڳڻي ۾ هوندو هو، جنهن کي اڄڪلهه اڏيرو لال سڏيو وڃي ٿو. بوهري به هن وقت بوهريون مشهور آهن جو اڏيري لال جي ڀرسان ٻيو ٻڌجي. هتي جاني بيگ هڪ قلعو اڏايو هو. هي اهو ئي هنڌ آهي جتي اڪبر بادشاهه جي فوجن خان خانان ۽ خان زمان (شاهه قاسم خان مرزا جاني بيگ جي سپهه سالار) جي وچ ۾ لڙائي لڳي هئي.

(26) ڪڇي: سيوهڻ کان نارنگ ڏانهن ويندڙ رستي تي سيوهڻ کان ڏهه ميل پري سيوهڻ ۽ نار جي وچ تي نيرون ڪوٽ پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ هو.

(27) ڪاڪي جو ڳوٺ: سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي سيوهڻ شهر جي ڀرسان ۽ سيوهڻ پرڳڻي ۾ هڪ پتڻ هو، جنهن ۾ هڪ ننڍو قلعو به بيان ڪيو وڃي ٿو.

 (28) ڪانڀو جبل: سيوهڻ پرڳڻي ۾ ڪارچٽ (کارڇٽ) جي ڀرسان هوندو هو.

(29) کروتي: ڳاهن جي پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ جنهن جو هينئر ڪو نالو نشان ڪو نه آهي.

(30) ڪائي ۽ نئينگ جا چشما: جبلن ۾ سيوهڻ کان اٺاويهه ميل پري هئا ۽ هاڻ به موجود آهن پر ٻه ميل کن پرتي ٿيندا. سرهه ۽ گڊ اڃا سوڌا جابلو چشمن تي موجود آهن. نوحاڻي بلوچ ان وقت کان وٺي ان پاسي رهندا اچن ٿا. اڄ به پپر ۽ ڄمون جا وڻ اتي موجود آهن.

(31) کجي: هي ڳوٺ سيوهڻ پرڳڻي جي اولهه ۾ سيوهڻ شهر ۽ جبلن کان ڏهه ميل پري انهي نالي سان مشهور هو.

(32) کاهي ماجوبي: سيوهڻ کان چار ميل اولهه تي ۽ لڪي جبلن جي قطار کان ٻه ميل پري سيوهڻ ۽ ڀڳي ٽوڙهي جي وچ ۾ پراڻي لڪي، سيوهڻ روڊ تي هڪ ڳوٺ هو، ممڪن آهي، جتان پراڻو رستو درياهه کان پار ٿي جبلن ۾ وڃي پوي ٿو. سو اهو ئي هنڌ هجي. هي ڳوٺ سمن تباهه ڪري ڇڏيو هو پر وري سيد جلال ان کي نئين سرآباد ڪيو ۽ مٿس ڪمال پور نالو رکيائين. هينئر ان ڳوٺ جو نالو نشان ناهي.

(33) کٻڙوٽ: سيوهڻ پرڳڻي ۾ سيوهڻ شهر جي اتر ۾ هو.

(34) لاکاٽ: هن نالي هڪ ڳوٺ لاکاٽ پرڳڻي ۾ درياهه جي کاٻي ڪپ تي هوندو هو، جتي شير خواجا هڪ قلعو جوڙايو هو اهو ڳوٺ سيوهڻ کان سورهن ميل پرتي ۽ ٽلٽي کان ڇهن ميلن جي فاصلي تي هو. انهي نالي واري ديهه اڄ به موجود آهي.

(35) لنجار: سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي پر سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو.

(36) لڪي: هي ڳوٺ اڳ آباد هو پوءِ ويران ٿي ويو. هتي پاڻي جا چشما هئا، جتي هندو زالين مردين اگهاڙا ٿي وهنجندا هئا. مرزا جاني بيگ سندن اوگهڙ ڏسڻ لاءِ هتي هڪ حجرو ٺهرايو هو، جنهن ۾ ٽي ڄڻا ويهي اهو نظارو ڪري ٿي سگهيا. هن وقت انهي هنڌ تي هڪ مسجد آهي، چون ٿا ته جبلن ۾ ڇهه ميل پري حضرت هارون نبيءَ جي قبر هئي پر ان جو پتو پئجي نه سگهيو آهي. اهو ڳوٺ هن پرڳڻي ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو.

(37) منديجي: سيوهڻ کان ٻه ميل پري جبلن ۾ هڪ لنگهه هو.

(38) مهري: اڄڪلهه انهي شهر جي ڪا خبر نٿي پوي اهو سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو.

(39) مها ڍنڍ: گهڻو ڪري اها جاکپاري ڍنڍ هئي، جنهن مان مارئي نالي هڪ واهه نڪري مارئي ديهه ڏانهن ٿي ويو. اهي دادو تعلقي ۾ ابراهيم ڪڇي ۽ پياري ڳوٺ ريلوي اسٽيشن جي وچ تي آهن. مارئي هڪ ميل جي فاصلي تي آهي، جاکپاري، مارئي کان ٽي ميل پرتي ٿيندي. اهي مڙئي باغبان پرڳڻي ۾ هئا.

سترهين صدي ۾ مغل گورنر هر سال منڇر ڍنڍ جي مڇي جو ليلام ڪندا هئا. اهو رواج اڄ سوڌو هلندو پيو اچي.

(40) منڇر ڍنڍ: سترهين صدي ۾ کٻڙوٽ، سنڪپور ۽ ڀرٽن جي وچ تي هوندي هئي. ان جي پکيڙ مٿس بند ٻڌڻ کان اڳ وڏي هوندي هئي.

(41) نوحاڻي بلوچ: بوبڪ پرڳڻي ۾ سيوهڻ کان اَٺاويهه ميل پري اولهه تي ٻن چشمن ڪائي ۽ نئينگ تي رهندا هئا، جيڪي اڄ به موجود آهن، انهي هنڌ اڃا تائين پپر ۽ ڄمون جا وڻ بيٺل آهن.

(42) نار: بوبڪ پرڳڻي ۾ پير گاج جي ڀرسان قلعي جي گهيري ۾ هڪ ڳوٺ هو. قلعي جي ڀِت شهمير خان جوڙائي هئي. اهو ڳوٺ جبلن جي هنج ۾ گاج جي ڪپ تي سيوهڻ کان چوڏهن ميل پرتي هو.

(43) نيرون قلعو ۽ پرڳڻو: قلعو سيوهڻ کان پنجاهه ميل پري سڌو جبلن ۾ هو، جبلن جي پڇاڙي کان پرڳڻو شروع پئي ٿيو، جنهن ۾ منڇر ڍنڍ اچي ٿي وئي ۽ سيوهڻ کان ٻه ميل پري پرڳڻو پورو ٿيو ٿي. اهو پرڳڻو ڳاهن جي پرڳڻي بوبڪ ۽ سيوهڻ حويلي جي پرڳڻ ۾ گهيريل هو، انهي زماني ۾ اهو پرڳڻو پهنورن سان آباد هو.

(44) کاهي ۽ نيئنگ: هي چشما سيوهڻ کان اَٺاويهه ميل پري جبلن ۾ هئا، جيڪي اڄ به موجود آهن، اهي هڪ ٻئي کان ٻن ميلن جي وٿيءَ تي ٿيندا. جبلن جي چشمن تي اڄا تائين سرهه ۽ گڊ جو شڪار ٿيندو رهي ٿو، اهي پرڳڻا بوبڪ پرڳڻي ۾ هوندا هئا.

(45) نار ڳوٺ: سيوهڻ کان سورهن ميلن تي ۽ جبلن کان اَٺ ميل پري هوندو هو، اهو ڳوٺ گدرن جي ڪري مشهور هو. هتي پاڻي چار ميل پري کان جبلن منجهان ايندو هو، جنهن تي پنجويهه ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي. آري شيهاڻي جو قبو انهي ڳوٺ کان هڪ ميل جي پنڌ تي آهي. اهو ڳوٺ نئن ناري ڀوري ۽ نئينگ جي ڀرسان هوندو هو. ٽيئي نيون نار جي زمين ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون، جن ۾ نئن گاج جو پاڻي به اچي پوندو هو، اهو ڳوٺ نيرون پرڳڻي ۾ هو.

(46) نيهه بدرا (نئن بدرا): سترهين صديءَ ۾ هي ڳوٺ بکر صوبي ۾ نئن جي ڀرسان هوندو هو پر هاڻ ان جو ڪو نالو نشان ڪونهي. اهو ڳوٺ پڪ سان ٻڏي ويل ٿو ڏسجي. ٻوڏ جي زماني ۾ پَٽ يا ڪچي زمين جي ايراضي ۾ سترهين صدي وانگي اڄ به گدرا جام ٿيندا آهن، اهي گدرا اڪبر بادشاهه ڏانهن به اُماڻيا ويندا هئا، جو انهن جو ڏاڍو شوقين هوندو هو.

(47) پوٺو: پهنورن جو ڳوٺ جيڪو نيرون ڪوٽ پرڳڻي ۾ اڪبر آباد جي ڀرسان آباد هو.

(48) پير توفن جي مزار: سترهين صدي ۾ سيوهڻ کان ٻاهر باجارن جي ڀرسان هڪ مشهور جاءِ هئي.

(49) هڪ قلعو: ڦلجي تعلقي جوهي ۾ هوندو هو، جو محمود بارتڪاڻي ارغون جوڙايو هو، ان وقت کان اهو باغبان پرڳڻي ۾ هو.

(50) پاهڻي ڪوٽ: سيوهڻ کان ڇويهه ميل ۽ جبلن کان سورهن ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هوندو هو.


(1)  فرشته (بمبئي 1832) جلد ٻيو ص 621، طبقات اڪبر جلد ٽيون ص 250، معصومي ص 126-127، چچ نامون ص 156.

(1)   متن ص 195 ۽ ص 5، طاهري ص 25- 26 ۽ ص 84، معصومي ص 8- 9- 10- 15- 16- 17- 18- 20- 21- 23- 24- 27- 29- 69- 124- 132- 242-263. طاهري جو اهو چوڻ ته درياهه جو پيٽ سيف الملوڪ جي ڪاني ڪرامت سان رخ مٽائي ويو هو، نهايت عجيب پيو لڳي. درياهه پيٽ انهي ڪري مٽايو جو بکر جي اندرئين ڀاڱي (Gorge) ۾ وڃي پيو هو: سوڀراج نرملداس 16-H.S جلد اٺون ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو ص 1 ۽ ص 5.

(1)   بيگلارنامه ص 232، طاهري ص 180، معصومي ص 252.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org