سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 24

پڄاڻي

بادشاهن، وزيرن توڙي اميرن جي سلوڪ، دنياداريءَ جي شغل، مرتبن ۽ فضيلتن حاصل ڪرڻ بابت جن جو بيان ڪتاب جي پهرئين جلد، پهرئين باب ۽ پهرئين فصل ۾ (ص 401-2) ڪيو ويو آهي، تنهن کانسواءِ انهن مسئلن جي باري ۾ جيڪي مٿئين باب جي ٻئي فصل ۾ اچي چڪا آهن.

معلوم هئڻ گهرجي ته مسلمان ٽن قسمن جا آهن:

1- جيڪي دنيا ۽ آخرت جا بادشاه آهن: چارئي خليفا ۽ عادل بادشاهه انهن مان شمار ٿين ٿا.

2- اهي درويش به دنيا توڙي آخرت جا بادشاه آهن، جيڪي فقر فاقي تي صابر رهي، مصيبتن تي راضي ۽ وزق جي ڪميءَ تي قانع هوندا آهن.

3- دنيا جا بادشاهه ۽ آخرت جا درويش آهن، اهي دنيا ۾ غني ليکيا وڃن ٿا. دنيا جي بادشاهي آخرت جي بادشاهيءَ کانسواءِ عيب جوڳي آهي، اهڙي طرح آخرت جي بادشاهي به دنيا جي بادشاهي کانسواءِ ناقص آهي. ڪمال اهو آهي ته انهن مان هر شخص (402-1) دنيا ۽ آخرت ٻنهي جو بادشاهه آهي.

جنهن شخص کي خداوند ڪريم پنهنجي مهر سان نوازي بادشاهي عطا ڪري ٿو، ان کي کپي ته چڱائين لاءِ پاڻ پتوڙي ته جيئن کيس آخرت جي بادشاهي به هٿ اچي. جيڪڏهن ڪو سوال ڪري ته دنيا ۽ آخرت جي بادشاهي ڪيئن حاصل ٿيندي آهي؟ ۽ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته دنيا جي دوستي ۽مال مرتبي جي حصول جي اميد سان گڏ آخرت جو سلوڪ به ڪنهن کي نصيب ٿئي؟ ۽ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته سلطنت توڙي امارت جا درجا مصيبتن جي موجودگي ۾ به ڪنهن کي حاصل ٿين؟ ان حالت ۾ جڏهن ماڻهوءَ جو نفس فسق فساد ۽ دنيا جي لذتن ڏانهن مائل رهندو اچي ۽ شيطان به قوي هجي؟

انهي لاءِ ٻه طريقا بيان ڪجن ٿا:

1- (402-2) وهبي طريقو: جيڪو سواءِ ڪنهن ڪسب ۽ محنت جي هٿ اچي ٿو. اهو تڏهن حاصل ٿيندو، جڏهن خدا جو نور بادشاهه جي دل ۾ ظهور پذير ٿئي، جنهن جي وسيلي خير ۽ شر جي امتياز جي خبر پئجي وڃي ٿي ۽ انسان خير جي تابع رهي. شر کان پاسو ڪرڻ لڳي ٿو. اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. خاص ڪري ان شخص لاءِ جنهن کي خداوند ڪريم پنهنجو مطيع بڻائي، مٿس مهربان ٿئي ٿو.

2- ڪسبي طريقو: جيڪو محنتن سان حاصل ٿئي ٿو. جيئن ڪو شخص ڏينهن جو دنياداري جي شغل ۾ رهي ۽ رات جو الاهي عبادت سان شغل رکي ۽ خدا جي در ٻاڏائي جيئن هو سندس دانهن ٻڌي ۽ (403-1) ۽ کيس دنياداري جي شغل دوران ڪنهن تي به ظلم ڪرڻ جي روش کان باز رکي.

انهي مان ڪي ڳالهيون هن ريت آهن:

الف- بادشاهه کي هن طريقي سان علم جي تحصيل ڪرڻ گهرجي: رات جي هڪ پهر لاءِ هڪ شخص مقرر ڪري جيڪو پنهنجي حاضريءَ دوران هڪ پهر تائين بادشاههکي، عدل بابت حديثن ۽ مختلف واقعن جي بيان ذريعي هدايتون ڪري ۽ ظلم ستم کان باز رهڻ جون ڳالهيون ٻڌائي. ان لاءِ ته عدل ۽ بادشاهي جي قا جي تدبير انهي معاملي جي اصل رڪن مان آگهي. اهو ڪم چئن ماڻهن تي رکيل هجي.

ب- بادشاهه اهڙي جاءِ ۾ آرام ڪري جتي مظلومن ۽ عدل جي حاجتمندن جو آواز آسانيءَ سان پهچندو رهي.

نوشيروان عادل جي زماني ۾ اهو دستور هو ته هن هڪ وڏو زنجير پنهنجي آرام گاهه واري پاسي ٻڌرائي ڇڏيو هو، جيئن ڪو به دانهين وٽس اچي زنجير کي لوڏي ته هڪدم بادشاهه کي خبر پئجي وڃي ۽ مظلوم جي داد رسي ٿي سگهي (403-2). جهانگير جي دور ۾ به اهڙي قسم جو زنجير ٻڌرايل هو، جنهن جو تعلق سندس شروعاتي زماني سان هو. ليڪن راقم (يوسف ميرڪ) جي گذارش آهي ته عدل جي در کڙڪائڻ لاءِ ڪنهن به زنجير جي ضرورت ناهي. ان جي بدران هڪ اهڙي جاءِ مقرر ڪئي وڃي، جتان بادشاهه جي نظر ٻاهر پهچندي رهي. اها جاءِ صرف مظلومن ۽ داد خواهن لاءِ مخصوص هجي ۽ ٻيو ڪو به ماڻهو اتي نه اچي سگهي. ائين ڪرڻ سان هر حاجتمند اتي پهچي سگهي ٿو ۽ بادشاهه جي نگاهه مٿس پئجي سگهي ٿي.بادشاهه کي بروقت پتو پئجي ويندو ته هي مظلوم آهي، پوءِ ان جو احوال ٻڌي سندس باري ۾ غور ڪري سگهندو.

ج- بادشاهه کي اشراق جي وقت روزانو ٻه رڪعتون نفل، استخاري جي نيت سان پڙهڻ گهرجن. پهرينءَ رڪعت ۾ الحمد کان پوءِ قل يا ايها الڪافرون ۽ ٻيءَ رڪعت ۾ قل هو الله احد پڙهي سلام ورائڻو پوندس (404-1). پوءِ کيس هيءَ دعا پڙهڻي آهي:

اللهم اني استخيرک بعلمک و  استقدرک

بقدرتک و اسالک من فضلک العظيم فانک

تقدر و لاقدر و تعلم و لااعلم و انت

علام الغيوب- اللهم اني لااملک لنفسي

ضرا و لانفعا و لاموتا و لاحيواته و لانشورا

و لا استطيع ان آخذ الاما اعطيتني ولا

ان اتقي الاما و قيتني- اللهم و فقني

لما تحب و ترضي من القول و العمل في

يسر و عافيه- اللهم خرني و اخترني ولا

تڪلني الي اختياري- اللهم اجعل الخيرته في

کل قول وعمل اريده في هذاليوم والليته.

هي دعا حقيقت ۾ مرشد حاضر بجا آهي. جيڪڏهن ڪو به شخص اها پڙهندو رهندو ۽ نماز به ادا ڪندو ته يقيني طور ان تي خدا جي رحمت هوندي. سندس قول، فعل حرڪت ۽ سڪون شريعت نبوي مطابق هوندو (404-2). ۽ اهڙا ئي ماڻهو بهشت ۾ وڏ مان مرتبي وارا هوندا.

د- عشاءَ جي نماز وقت وتر کان اڳ ٻه رڪعتون توبهه جون پڙهجن، جن آيتن جي ضرورت هجي اهي قرآن مان پڙهيون وڃن ۽ پڇاڙيءَ هي دعا پڙهڻ گهرجي:

 

اللهم اني استغفرک و اتوب اليک من کل

ذنب. تبت اليک منه ثم عدت فيه و استغفرک

من کل مان وعدتک نفسي فلم توف به

و استغفرک من کل عمل اردت به و جهک

ثم خالطنه غيرک و استغفرک من کل نعمته

انعمت بها علي فاستعنت بها علي معصيتک و

استغفرک يا عالم الغيب و الشهادت من کل

ذنب اذنبته في ضوءَ النهار و سوادالليل

وفد خلا و ملا و سر و علانيته- اللهم

اني استغفرک لکل ذنب قوي عليه بدني

بعافيتک (405-1) و نالته قدرتي بفضل

نعمتک و انبسطتا اليه يدي لسعته رزقک-

اللهم اني استغفرک لکل ذنب ظلمته بسبته

و ليامن اوليائک او نصرت به عدوا من

اعدائک- اللهم واستغفرک لک ذنب لحقني

بسبب نعمت انعمتها علي فتفوبت بها علي

معصيتک و خالفت فيها امرک و قادمت

بهاعلي وعيدک- اللهم اني استغفرک

لکل ذنب يورث الاسقام و الضني و الامراض

و البلاءَ و يکون في القيمه حسرته و ندامه

وصلي الله علي سيدنا محمدن النبي الامي

و علي آله و صحبته وسلم.

هن نماز يا استخاري جو فائدو هي آهي ته مشائخن جي قول موجب اهو ڪهڙو مريد صادق آهي، جيڪو ڪراما ڪاتبين مان کاٻي پاسي واري فرشتي کي بدين لکڻ کان باز رکي سگهيٿو (405-2)؟ چون ٿا ته اهو ئي مريد صادق آهي، جنهن کان ڪو به گناهه سر زد نٿو ٿئي، ليڪن جيئن ته هو غير معصوم آهي، تنهن ڪري کانئس گناهه سر زد ٿئي ٿو. پر فرشتو سندس ننڊ واير وقت جي پڇاڙي تائين هن جا گناه نٿو لکي. انهي حالت ۾ انسان کي توبهه ڪرڻ گهرجي ۽ اها توبهه سڄي ڄمار دهرائيندو رهي. اهڙي صورت ۾ فرشتو ان جا گناهه نه کندو، جيڪو ماڻهو سمهڻ کان اڳ پابندي سان اها نماز دعا پڙهندو رهندو، تنهن تي خداوند ڪريم جو فضل جاري هوندو ۽ فرشا ان جون نيڪيون لکندا رهندا.

قيامت جي ڏينهن جڏهن سندس اعمال نامي مان نيڪيون گڏ ڪيون وينديونته ان ۾ بدين جو شمار نه ڪيو يوندو (406-1) ۽ هن کي بنان ڪنهن حساب جي بهشت ۾ داخل ڪيو ويندو، انهي ريت بادشاهن کي به بهشت جو درجو حاصل ٿي سگهي ٿو. خدا جي رحمت ڪنهن به حالت ۾ گهٽجي نٿي سگهي، انهن بندن لاءِ جيڪي وقت هر وقت ان ڏانهن رجع رهن ٿا.

اهي ئي اهمڳالهيون هيون، جيڪي مون ڪتاب جي پڇاڙي ۾ آڻي ان کي مڪمل ڪيو آهي. خدا جي رحمت مان اها اميد اٿم ته جيڪي ڪوتاهيون هن ڪتاب ۾ رهجي ويون آهن. پنهنجي ڪرم سان معاف فرمائيندو ۽ هن ڪتاب کي وقت جي عاليشان بادشاهه ابوالمظفر شهاب الدين محمد صاحب قرآن ثاني جي حضور ۾ مقبوليت جو درجو عطا ڪندو.

نظم:      تا نبود صبح را از سوي مغرب طلوع

روز بقاي تو باد هفته اي يومالحساب

چار ملک در دو صبح داعي بخت تواند(406-2)

(باد) به آئين خض دعوت شان مستجاب

معنى: جيستائين صبحج و سج اولهه مان نه اڀري (قيامت نه اچي) تنهنجو ڏينهن يوم الحساب جي هفتي برابر هجي. چارئي ملڪ تنهنجي بخت جا دعاگو آهن. انهن جي دعا سان تون شال عمر خضري ماڻين.

شعر:

يا نفس لاتقنطي من زلته عمت

ان الکبائر في الغفران کاللعم

لعل رحمت ربي حين يقسمها

ناتي علي حسب العصيان في القسم

يا رب فاجعل رجاي غير منعکس

لديک واجعل حسابي غير منخرم

والطف بعبدک في الدارين ان له

صبرا متي تدعه الاهوال بنهزم

واذن لسحب صلواته منک دائمته

علي النبي بمنهل و منسجم

والال و الصحب ثم التابعين لهم

اهل التقي و النقي و الحلم والکرم

مارنحت عذبات البان ريح صبا

و اطرب العيس حاوي العيس بالنغم

معنى: اي دل تون گهڻن گناهن هوندي به خدا جي رحمت کان مايوس نه ٿيءُ. وڏا گناهه خدا جي بخشش اڳيان دز مثال آهن.

جڏهن خدا جي رحمت جي ورهاست ٿئي ٿي ته گهڻن گناهن لاءِ بخشش به گهڻي ٿيندي آهي (407-1). اي خدا مون کي اميد آهي ته تون مون کي مايوس نه ڪندين. قيامت ۾ جڏهن آءُ حساب لاءِ پيش ٿيان ته ان کي آسان بڻائجانءِ.

هن بندي تي دنيا ۽ آخرت ۾ پنهنجو ڪرم ڪجانءِ ۽ زماني جي سختين ۾ مون کي صبر جي سگهه ڏجانءِ. پنهنجي رحمت جي ڪرڪر کي حڪم ڪر ته حضور پاڪ تي صلوات جي بارش سان رحمت وسائي.

الاهي رحمتون نبي جي اولاد، صحابين ۽ سندس تابعين تي جيڪي پرهيزگار سخي ۽ بردبار هئا. جيستائين بادصبا باغ ۾ وڻن جون ٽاريون لوڏيندي رهي، تيستائين اٺن کي هڪلڻ وارا قافلي کي اڳتي وڌائيندا رهن.

و الله اعلم بالصواب، واليه المرجع و الماب.

هي ڪتاب 19 محرم 1044هه ۾ ظهر جي وقت ڇنڇر جي ڏينهن مطابق- سال 7 جلوس شاهي (407-2) لکجي پورو ٿيو.

تعليقات

(1)

مخدوم لعل شهباز

(متعلق ص 157-ح 1)

ماخذ اول: تاريخ ضياءَ برني ۾ هن بزرگ بابت احوال جيڪو ڪجهه آيل آهي، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هي بزرگوار سلطان محمد خان شهيد (684) بن سلطان بلبن جي سلطنت جي زماني ۾ ملتان آيو هو. تاريخ فيروز شاهي ۾ هيئنءَ لکيل آهي ته : شيخ عثمان مريدي (؟) (مرندي) جيڪو ڀلارو شخص هو ملتان پهتو. خان شهيد ان جي سڃاڻپ ۽ عقيدت جي جي ڪري هن جي ڏاڍي پذيرائي ڪئي ۽ کيس نذر نياز ڏنائين. خان ڏاڍا وس ڪيا ته هي بزرگ ملتان ۾ رهي ۽ ان لاءِ خانقاه ٺهرائڻ ۽ زمين ڏيڻ جو ارادو به ڪيائين، پر شيخ عثمان اتي رهي پوڻ جو خيال نه ڏيکاريو. هڪ ڏينهن خان شهيد، شيخ عثمان ۽ شيخ صدرالدين (متوفي 674-هه) ولد شيخ بهاءُ الدين ذڪريا کي پنهنجي درٻار ۾ گهرايو ۽ عربي غزلن جي سماع جو اهتمام ڪيائين. هي ۽ ٻيا درويش مستيءَ ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳا. خان شهيد اهو سمورو وقت هٿ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ زار زار پئي رنو (ص 67-68). پڻ ڏسو تاريخ فرشته جلد پهريون ص 710. مير معصوم ص 40 ۽ تحفته الڪرام جلد ٽيون. تحفته الڪرام واري (جلد ٽئين ص 136 تي ) لکيو آهي ته شيخ عثمان (662هه) ڌاري ملتان ۾ وارد ٿيو. اهائي روايت نزهت الخواطر واري ڏني آهي (ج 1).

سيوهڻ ۾ اچڻ جي تاريخ:

تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته شيخ عثمان شاه شمس (؟) بو علي وٽ پهتو. هن کيس چيو ته ٽي قلندر اڳ ئي هندستان ۾ موجود آهن، سو بهتر آهي اوهان سنڌڏانهن هليا وڃو، انهيءَ اشاري تي هو سيوهڻ ۾ آيو.

لب تاريخ سنڌ جو مصنف ٿو لکي ته شيخ عثمان (649-هه) ۾ سيوهڻ پهتو، جنهن جي تاريخ جو سال هيٺئين قطعي مان نڪري ٿو:

چو باز آشيان قدس شهباز- سوستان را نموده جنت آسا

خرد تاريخ آن از روي اخلاص- ”نمود آفتاب دين“ بگفتا (649)

هي ڇهه سال سيوهڻ ۾ گذاري فوت ٿيو. مولوي فتح محمد مرحوم حيات نامه قلندري ۾ هڪ سال سندس اقامت لکي آهي (ص 40).

ڄمڻ جي تاريخ: سندس ولادت جي تاريخ فقط ٽن ڪتابن ۾ ملي ٿي! گزيٽيئر لاڙڪاڻه (ص 40) هن جي ولادت 538 هه ڄاڻائي آهي ۽ سندس عمر بابت سُڌِ پوي ٿي ته هو هڪ سو ٻارهن سالن جو هو.

معلوم ٿو ٿئي ته اها تاريخ حيات نامه قلندري جي هيٺئين قطعي تان ورتل آهي (ص 40).

بجو تايرخ شمس الدين عثمان- بدرڪن ”رنج“ ”از فلڪ ڪرامت“

                                   253                791

سن عمرش ”ولي الله“ وفاتش- سروش غيب سي گويد ”برحمت“

                      112                                                 650

لب تايرخ جي مصنف به سندس ولادت جو سال (538) لکيو آهي. وفات جي تايرخ: سندس وفات جي تاريخ ۾ ڪي اختلاف آهن، هينئ ته: 650هه گزيٽيئر ۽لب تاريخ سنڌ، حيات نامه قلندري 21 شعبان 673هه:

ماثر الڪرام، آزاد (ص 285) 21 شعبان- مقالات الشعرا (ص 434) 21 شعبان، مقالات الشعرا ۾ هيءَ تاريخ لکيل آهي.

چون رفته سوي جنان آن شيخ- کو زبده آل و پاڪ نام است

از هاتف غيب سي شنيدند- عثمان به دوازده امام است

                   661+ 12 = 673

تحفته الڪرام جلد ٽيون ۽ نزهت الخواطر: 744 هه خزبنته الاصفياءَ جلد ٻيو، ص 47.

جو عثمان ولي از دار دنيا- برفت وباب جنت شدبر او باز ز ”مخدوم اجل“ جو ارتحاش- بفرما ”عارف محبوب شهباز“ تذڪره فقرا تذڪره الانساب (20 شعبان)

شاهباز نشيمن لاهوت- شاه اورنگ خطئه ملڪوت

اهل دل معارف حق- صاحب وجد و تارڪ مطلق

شاه عثمان شاهباز لقب- اشرف الذات همشريف نسب

بحر عرفان کنوز دانائي- مهر ايقان چراغ بينائي

مست خمخانه ۽ محبت وشوق- بلبل گلستان عالم ذوق

صاحب حال و کامل ايدال- محرم خلوت حريموصال

درسنه هفت صد وبست چهار- بست شعبان بود فصل بهار

چند از روضه اش به سيوستان- عطر افزا چو روضئه رضوان

فيض افزاي گنبذ پرنور- چون جهازي ز چشمئه ڪافور

خاک آن آستان قبله نشان

          سرمه بينش عيون شهان   ص 101

رياض الاولياءَ- برڪات اولياءَ (ص 115) تاريخ الاولياءَ

(جلد 2 ص 326).

نصب جو شجرو: (1) شيخ عثمان بن سيد ڪبير الدين احمد بن سيد صدر الدين اولاد اسماعيل بن امام جعفر صادق (تحفته الڪرام)

(2) شيخ عثمان بن سيد ڪبير الدين بن سيد شمس الدين بنسيد نور شاه بن سيد محمود شاهه بن سيد احمد شاهه بن سيد هادي بن سيد مهدي بن سيد منجب بن سيد غالب بن سيد منصور بنسيد اسماعيل بن امام جعفر (لب تاريخ سنڌ ۽ حيات نامه قلندري).

(3) شيخ عثمان بن سيد حسن ڪبير الدين بن سيد شمس الدين بن صلاح الدين بن سيد شاهه بن سيد خالد سيد محب بن سيد مشتاق بن سيد نور الدين بن سيد اسماعيل بن سيد امام جعفر صادق بن امام محمد بن امام زين العابدين علي بن امام حسين (خزنته الصفيا اخبار الاوليا ج 2 ص 47) جي حوالي سان تذڪرته النساب، سلسلته السادات، رياض الاولياءَ ۽ تاريخ الاولياءَ جي حوالي سان.

طريقت جو شجرو: (1) شيخ عثمان لعل شهباز، مريد شيخ جمال مجرد، مريد سيد ابراهيم مجرد، مريد شيخ عاقل شهيد، مسڪين شهيد، مريد سيد مرتضى سبحاني، مريد سيد امام جعفر صادق (خبنته الاصفيا جلد ٻيو ص 47- تاريخ الاولياءَ، اخبار الاوليا جلد ٻيو ص 326 جي حوالي سان.

(2)  عثمان مرندي، مريد شيخ بها الدين ذڪريا ملتاني، مريد شيخ شهاب الدين سهروردي، دارا شڪوره جي طريقت جو سلسلو پڻ ڪيترن واسطن جي ڪري شيخ عثمان سان وڃي ملي ٿو. دارا شڪوه مريد ملا شاهه بدخشي، مريد ميان مير سنڌي، مريد شاه خضر سيوهاڻي، مريد شاه اسڪندر، مريد شير الاوليا خواجه حاتي، ميرد سيد قادري، مريد شاهه عثمان لعل قلندر مريد شاه جمال مجرد، مريد شيخ ابواسحق ابراهيم، مريد شيخ مرتضيَ سبحاني، مريد حضرت احمد بن مبارڪ، مريد شيخ عبدالقادر جيلاني، (تذڪره الفقرا ص 8).

تذڪرته الفقرا جي مصنف لکيو آهي ته سهروردي خانوادي جي سترهين گروه مان هڪ گرو، ”لعل شهبازي“ آهي. جنهن جي شروعات شيخ عثمان قلندر شهباز کان ٿئي ٿي. (ص 21).

قلندر جو ظاهري طريقو: خزينته الاصفيا جي مصنت ”معارج الولايه“ جي حوالي سان لکيو آهي ته هي نهايت جذب ۽ مستي جي عالم ۾ هوندو هو، تنهن ڪري شرعي احڪامن جي پابندي نٿي ڪيائين. پاڻ ملامتي طريقي جو قائل هو، ماڻهن جي سامهون نشيدار شين واپرائڻ ۾ مشغول رهندو هو ۽ ڀنگ تمام گهڻي ٿي پيتائين، سدائين ڳاڙها ڪپڙا پائيندو هو. سندس مرشد کيس شهباز جو لقب عطا ڪيو. ملامتي طريقي جي ڪري ماڻهن ۾ شهباز قلندر مشهور ٿيو. ڪيترين ڪرامتن جي ظهور سبب هزارين ماڻهو سندس معتقد ۽ مريد ٿيا. (جلد ٻيو ص 46) ڏسو تذڪره الانساب ص 101، رياض الاولياءَ تذڪره الفقره (ص 21) برڪات اولياءَ (ص 14).

پڻ اخبار الاوولياءَ ۽ تاريخ اولاوليا (ص 326).

مير غلام علي آزاد جو قول: مير غلام علي آزاد بلگرامي، تذڪره ماثر الڪرام (ص 285) ۾ لکي ٿو: راقم الحروف، مولانا محب علي ٺٽوي (ڏسو مقالو راقم الحروف جو ”مولانا محب علي سنڌي“ جي عنوان سان ڇپيل مجله تاريخ و سياست ڪراچي) جي خط ۾ آهي ته هي زماني جي بزرگن مان هو، سندس ذڪر شاهجهان نامي ۽ ٻين ڪتابن ۾ آيل آهن، جنهن مان معلوم ٿيو تهاها عبارت ته: حضرت مخدوم لعل شهباز جو نالو آهي. ان سان گڏ ڪاري پٿر جي تختي تي پڻ ڏٺو ويو ته ان تي ”شيخ عثمان مرندي قطب الدين، اڇو باز“- مرند (ميم ۽ ري جي زير سان) تبريز جي اوسي پاسي ۾ هڪ ڳوٺ آهي، سندس نسب تيرهين پيڙهي ۾ امام جعفر صادق سان وڃي ملي ٿو.

تذڪره مشائخ سنڌ جو مصنف لکيو آهي ته ”مرند مخدوم لعل شهباز جي ڄمڻ جو هنڌ آهي، اتان پنهنجي رتبي کي رسي، شيخ جمال مجدد جي مريد بابا ابراهيم جي خدمت ۾ پهتو ۽ سندس مريد بڻيو. هڪ سال ان وٽ رهي پنهنجي تبي جي تڪميل ڪيائين، خلافت جي گودڙي ۽ اجازت کانپوءِ مجرد گهارڻ لڳو. آخرڪار هندستان آيو، جتي شيخ فريد گنج شڪر ۽ شيخ الاسلام بهاءُ الدين ذڪريا جي ملاقات کان علاوه شيخ صدرالدين سان به صحبتون ڪيائين ۽ اتان ٿي سيوهڻ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو.“

راقم الحروف جڏهن 10 ربيع الاول 1143هه ڌاري سيوهڻ ويو ته مير سيد محمد خان، بخنشي گريءَ ۽ واقئع نگاري جو عهدو مون کي ڏئي پاڻ بلگرام هليو ويو. ٿوري وقت کانپوءِ منهنجي ملازمت جو امڪان نه رهيو، جنهن ڪري پريشان ٿي پيس. هڪ رات خواب ۾ ڏٺم ته شهر جي ڪنهن گهٽي مان لنگهيو پيو وڃان. ڪو شخص منهنجي سامهون آيو، جنهن کان پڇا ڪيم ته اڳيان گهٽي کليل آهي؟، هن عربيءَ ۾ جواب ڏنو، سيلقاڪ رجال (تکي ڪي ماڻهو ملندا). اڳڀرو ويس ته هڪ جاءِ ۾ ڪي مشائخ ويٺا هئا، جن کي سنڌي پوشاڪ پهريل هئي، انهن مان هڪڙو اڳواڻ ڏسڻ ۾ ٿي آيو. مون انهن جي ويجهو وڃي سلام ڪيو ۽ سندن اڳواڻ شيخ اڳيان گوڏا کوڙي ادب سان ويهي کانئس سوال ڪيم ته منهنجي ملازمت بحال ٿيندي؟ اهو ٻڌي هو مراقبي ۾ هليو ويو ۽ ڪافي دير کان پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي چيائين، هائو بحال ٿيندي چيم، واقعي ائين ٿيندو؟ فرمايائين ته اسين ٿا چئون. نيٺ هڪ سال کان پوءِ منهنجي ملازمت بحال ٿي ۽ شيخ جو قول پورو ٿيو. ائين معلوم ٿيو ته اهو بزرگ جنهن بشارت ڏني هئي. حضرت لعل شهباز هو. مندس هڪ پهر واري مراقبي کان مراد هڪ سال جو عرصو هو. هن پلاري جي وفات 21 شعبان 673هه ڌاري ٿي هئي.

سندس مقبرو ۽ خانقاه: هن جو مبقرو سيوهڻ ۾ آهي، جتي هند سنڌ ۽ افغانستان جي خلق ايندي رهي. هر سال سندس درگاهه تي عقيدتمندن جو ميلو لڳي ٿو جو ٽي ڏينهن هلندوآهي.

ابن بطوطه 734هه ڌاري سيوهڻ جي سفر دوران اهو مقبرو ڏٺو هو. هن شيخ محمد بغدادي سان اتي ملاقات ڪئي هئي، جيڪو ان وقت هڪ سئو چاليهن سالن جي وڏي ڄمار جو هو ۽ ايترو عرصو قلندر جي خانقاه تي گذاري هئائين. اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته ان زماني ۾ اهو خانقاه ڪهڙي ريت هو، ڇاڪاڻ ته اين بطوطه صرف خانقاه لکيوآهي عمارت ۽ قبي بابت ڪابه سُڌ نٿي پوي ته انهي جو وجود هو يا نه؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org