سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 17

سنڌ جي ماڻهن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ 1960ع جي ڏهاڪي ۾ وفاقي گادي جو هنڌ ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو ۽ ائين ڪراچي کي واپس سنڌ جي حوالي ڪيو ويو. ون يونٽ جي باوجود اها ڳالهه سنڌين لاءِ خوشي جهڙي ڳالهه هئي، هندستان کان آيل مهاجر هن پوري جدوجهد م خاموش هئا ۽ هڪومت جي فيصلن جي حمايت ۾ مصروف هئا. ڪراچي وفاقي گادي واري هنڌ هئڻ ڪري وڌيڪ فائدو مهاجرن کي هو ۽ هو هن خوشفهمي ۾ هئا ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري انهن جي حوالي ڪيو ويندو پر ائين نه ٿيو. مهاجرن پاران سنڌين سان ملي جدوجهد ته پري جي ڳالهه رهي، پر اُهي پنجاب بيوروڪريسي سان پنهنجو ناتو جوڙي، سنڌين کان پري رهيا. مهاجر ورهاڱي کانپوءِ 1970ع تائين مراعايتن هاصل ڪندڙ طبقي جو حصو رهيو. اهي اقتدار جا مزا ماڻيندا رهيا. نوڪرين ۽ ڪليمن وسيلي سنڌ جي زمينن ۽ جاين تي قبضا ڪري انهن مراعات حاصل ڪيا. هو اهو تصور کڻي آيا هئا ته نئين ملڪ ۾ جتي انهن جي مذهب، انهن جي تهذيب جي ٻولي، انهن جا سياست ۽ معاشي مفاد هوندا. هو مسلم قوميت ۽ پاڪستان جي نظرئي جا پرچارڪ هئا/ آهن. جنهن جي ڪري انهن کي ٻئي ڪنهن شئي سان ڪا دلچسپي نه هئي. هتي اچي هو زمينن ۽ جائيدادن جي الاٽ ڪرڻ ۽ ڪاروبار لاءِ قرض حاصل ڪرڻ ۽ پرمٽن جي چڪر ۾ مصروف رهيا. مراعات حاصل ڪندڙ طبقي جي ڪري انهن ۾ برتري جو احساس ٿيو. جنهن جي ڪري انهن جو رويو حقارت پسنداڻو ٿيو. ٻين قومن کي ڄٽ، جاهل سمجهي انهن جي ويجهو نه آيا. سواءِ ترقي پسندن جي هڪ ننڍي طبقي جي جيڪي به پنهنجي خول ۾ رهيا. مهاجرن جي گهنائي هميشه رجعت پسند پارٽين جو ساٿ ڏنو. ڇاڪاڻ ته انهن جو بقا انهيءَ ۾ هو. جيڪڏهن مهاجر شروع کان رجعت پسندن جو ساٿ نه ڏين ته لکين هندستاني مسلمانن وانگر هو پنهنجي تاريخي، اباڻي ورثي، سرزمين، پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي ائين ڇڏي ايڏانهن نه اچن ها ته اڄ هو هندستان ۾ مضبوط اقليت طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهيا پئي. هندو مسلمان انتها پسند ايترو انتهاپسندي ڏانهن نه وڌن ها ته اڄ هن خطي جي صورتحال ٻي هجي ها.

مهاجرن کي جيڪي خواب ڏيکاريا ويا هئا اهي بقول انهن جي سيراب نڪتا. حڪمراني ۾ هوندي به هر قسم مراعاتون وٺندي به انهن جي اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. پاڪستان جي نظرئي جا چئمپين بڻجي انهن سنڌ مان اٿندڙ هر حق ۽ سچ جي ڳالهه کي غداري سان ڳنڍيو سنڌ جي اڳواڻن کي غداري ۽ ڀارتي ايجنٽ جا سرٽيفڪيٽ ڏنا. هتي رهجي ويل هندوئن کي ايڏو تنگ ڪيو ويو جو اڄ تائين هيءُ پنهنجي ڌرتي ڇڏي هندستان ڏانهن لڏپلاڻ تي مجبور آهن.

سنڌ ۾ ڪراچي بندر هئڻ ڪري هتي جي اڳواڻن ۽ ماڻهن جي سياسي ڪمزوري سبب مهاجر جي اچڻ جو رخ سنڌ ڏانهن گهڻو ٿيو. هن وچ ۾ لياقت علي خان جيڪو پاڪستان جو وزيراعظم هو هڪ بيان ڏنو ته ”پاڪستان ڏهه ڪروڙ هندستاني مسلمانن جو وطن آهي ۽ هر ڪو اچي سگهي ٿو.“ جنهن ڳالهه سنڌين کي ڪاوڙ ڏياري.

1960ع ۾ ايوب جي دور ۾ لياري کي بلڊوز ڪرڻ جو پروگرام بنايو ويو. جڏهن گورنمينٽ جا بلڊوزر لياري پهتا ته لياري واسين لال بخش رند، يوسف نسقندي، گل محمد هوت، حيدر قوم، يار محمد يار، يوسف مستي خان ۽ ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي سخت احتجاج ڪيو. انهن احتجاج دوران گهڻا ماڻهو گرفتار ڪيا ويا. ڪراچي جي تاريخ ۾ ورهاڱي کانپوءِ اها پهرئين منظم ۽ مضبوط احتجاج هو. جنهن حڪومت جون وايون بتال ڪيون حڪومت کي مجبورن پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو. بلوچ اڳواڻن لياري واسين جو مڪمل ساٿ ڏنو.

ٻئي پاسي مهاجر بيورو ڪريسي ۽ مهاجر سرمائيدارن، پنجاب جاگيردار، فوجي بيوروڪريسي جو ساٿ ڏنو ۽ ٿورائي وارن قومن جي ڦرلٽ ۾ مهاجر پنجابين سان گڏ هئا.

سيپٽمبر 1957ع م غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي مرڪزي اسيمبلي ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ جي حق ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو. 300 سئو جي ميمبرن واري اسيمبلي مان 296 ميمبرن ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. پر پوءِ به حڪمران پنهنجي ضد تي قائم رهيا، ۽ ون يونٽ کي ختم نه ڪيو ويو.

آڪٽوبر 1958ع ۾ ايوب خان جيڪو ون يونٽ جو حامي ۽ هن جو خالق هو. ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون ختم ڪيون ويون. 1956ع واري آئين کي ختم ڪيو ويو.

1960ع م ملڪ م ايوب خان بنيادي جمهوريتن جو نظام متعارف ڪرائي پوري ملڪ ۾ ميونسپل ڪارپوريشنن، ضلع ڪائونسلن ۽ يونين ڪائونسلن جون چونڊون ڪرايون ويون. سواءِ ڪراچي جي ٻهراڙيءَ جي علائقي ۾.

1963ع تائين 75% سيڪڙو سنڌ جون زمينون غير سنڌين کي ڏنيون ويون. انهيءَ دوران 367000 هزار ايڪڙ زمين صرف سکر بئراج واري علائقي ۾ ريٽائر فوجين جي حوالي ڪيون ويون. جڏهن ته 178000 ايڪڙ زمينون سنڌين کي ڏنيون ويون.

زرعي ترقياتي ڪارپوريشن قائم ڪئي ويئي. جنهن جو مقصد نون آباد زمينن کي ورهائڻ جو هو. زمين ورهاڱي جو 90 سيڪڙو حصو سنڌ سان تعلق رکندڙ هو پر هن جو هيڊ ڪواٽر لاهور م هو مارشل لا ۽ ون يونٽ جي ڪري اهي زمينون ريٽائر فوجين، بيوروڪريٽن ۽ پنجابي آبادگارن جي حوالي ڪيون ويون.

1948ع ۾ ڪراچي ۾ 1500 سئو سيڪنڊري ۽ پرائمري اسڪول هئا. جتي سنڌي ۾ ٻارن کي پڙهايو ويندو هو. 1951ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو. 1956ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڊيڪٽ ڪراچي ۾ سنڌي جي بجاءِ اردو ۾ امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ سنڌي شاگرد نه هجڻ جي برابر آهن. تنهن ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان وقت به ڪراچي جي مختلف ڪاليجن ۾ 3000 هزار سنڌي شاگرد تعليم هاصل ڪري رهيا هئا. انهن جو به شديد رد عمل سامهون آيو. حقيقتن کي نظر انداز ڪري فقط پنهنجي خواهش جي اهڙن فيصلن سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ کي پري ڪيو. اهو سڀ ڪجهه ڪراچي ۾ بيوروڪريٽس جيڪي مهاجر هئا، مهاجر شائونزم جا شڪار هئا. تن اهڙا فيصلا ڪري نفرت جي خليج کي وسيع  ڪيو ويو. ٻولي تي وار ڪري سنڌ جي قديم ماڻهن ۽ نين آيلن وچ ۾ رابطي جي اهم وسيلي کي ختم ڪيو ويو ۽ اهو ئي فيصلو شهري ۽ ڳوٺاڻي فرق جو سبب بڻي. هن فيصلي خلاف پوري سنڌ ۾ احتجاج جي نئين لهر شروع ٿي ويئي. اڳتي هلي ايوب خان جي آمريت جي دور ۾ 1962ع ۾ ڇهين ڪلاس کانپوءِ سنڌي جي جاءِ تي اردو کي لازمي قرار ڏنو ويو. هن کان اڳ خطرناڪ وار هو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي سنڌي اسڪول بند ٿيندا ويا. گهنن اسڪولن کي تنگ ڪري زوري بند ڪرايو ويو. سنڌي اڳواڻن، اديبن، صحافين سخت احتجاج ڪيو. سيمينار منعقد ڪيا. جيڪڏهن اردو دانشور ان وقت اسلامي جذبي، پاڪستان جي جذبي سان گڏ سنڌ سان به محبت ڪن ها، سنڌي ٻولي کي پنهنجي ٻولي سمجهي اردو سان گڏ هن کي به سکن ۽ پڙهن سنڌين سان ٿيندڙ ظلمن ۾ پنجابي فوج ۽ بيورو ڪريٽ جي ساٿ ڏيڻ بجاءِ سنڌي اڳواڻن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائن ها ته اڄ سنڌ جي صورتحال ٻي هجي ها. ٻئي پاسي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ترقي پسند اردو دانشورن لاءِ اهي ننڍيون ڳالهيون هيون. هو انٽرنيشنل جي چڪر ۾ ڪو خاص رول ادا ڪري نه سگهيا. بهرحال انهن جون همدرديون ڪنهن حد تائين سنڌين سان سنڌين جي مسئلي سان هيون پر انهن جو ڪو طاقت ور آواز نه هو.

اردو کي مسلمانن جي ٻولي ۽ پاڪستان جي ٻولي ڄاڻائي سنڌي جي جاءِ تي اڳيان آندو ويو. ان وقت اردو سان گڏوگڏ ٻين ٻولين سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائڪي کي به قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي ها انهن کي ترقي وٺرائي حقيقت کي مڃيو وڃي ها ته اڄ اها نوبت نه اچي ها. گڏيل هندستان م اردو سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ سنڌي کي ختم ڪرڻ ڪٿان جو انصاف هو.

9 نومبر 1962ع م پوري سنڌ ۾ ٻولي جو ڏينهن ملهايو ويو. ڪراچي ۾ سنڌي آبادين ۾ به اهو ڏينهن ملهايو ويو. ڪراچي جي ملير واري علائقي غازي بروهي اسڪول ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. احتجاج ۾ سنڌي اڳواڻن، اوڀر پاڪستان جي اڳواڻن ۽ بلوچ اڳواڻن هڪ گڏيل بيان سنڌي ٻولي جي حق ۾ جاري ڪيو. جنهن ۾ حڪومت جي فيصلي تي تنقيد ڪئي ويئي. تعليمي ڪميشن جي هن فيصلي سنڌ ۾ قوم پرست رجهانن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. سنڌ جا سياستدان، اديب، دانشور، صحافي ۽ شاگرد هڪ پليٽ تي گڏ ٿيا. انهن محسوس ڪيو ته ورهاڱي انهن کي ڏکن، ڏوجهڙن، تڪليفن کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. انهن پنهنج وڏن جي فيصلي کي پنهنجي ڳچيءَ ۾ غلامي جو طوق سمجهيو. سنڌ جي ماڻهن ورهاڱي وقت جنهن وڏي دل جو مظاهرو ڪيو مديني جي انصارن جي روايت کي تازو ڪيو هندستان کان آيل لٽجندڙ قافلن کي پنهنجي جيءُ ۾ جايون ڏنيون، پر آيلن پاران وڏي دل جو مظاهرو نه ڪيو ويو.

1964ع ۾ صدارتي اليڪشن دوران ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جيڪي جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تي گڏ هئا. ايوب خان جي مقابلي م محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح کي ووٽ ڏنو. هتان رهندڙ سنڌين به مهاجرن جو ساٿ ڏنو. ايوب خان جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب خان ڪراچيءَ ۾ جلوس ڪڍيو لالو کيٽ وٽ جلوس تي حملو ڪيو ويو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٽي هٽي، پي. آءِ. بي ڪالوني، ناظم آباد، گوليمار ۽ برنس روڊ تي هنگاما شروع ٿيا، پٺاڻ رڪشا ڊرائيورن، موچين ۽ پٺاڻ آفيسرن تي حملا ڪيا ويا.

سيپٽمبر 1965ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي ته مهاجر، پنجابي ۽ پٺاڻ مفاد گڏ ٿي ويا. بنگالي، سنڌي ۽ بلوچ اڪيلا ٿي ويا. انهن جو پاڻ ۾ هڪ اتحاد جوڙڻ شروع ٿيو، 65ع جي جنگ کانپوءِ اوڀر پاڪستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ خور ورتو، بنگالي ۽ غير بنگالي جهيڙي هتي رهندڙ بهارين سنڌ جو رخ ڪيو، 1969ع هڪ گول ميز ڪانفرنس ۾ اگرتله سازش ڪيس کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ايوب خان اگرتله سازش ڪيس ختم ڪيو ۽ جنهن ۾ شيخ مجيب الرحمان کي غدار قرار ڏنو ويو هو پاڪستان جي صدر جي خصوصي جهاز ۾ ڍاڪا کان اسلام آباد آندو ويو.

ايوب خان جي دور ۾ جڏهن سنڌ ۾ زرعي انقلاب (سبز انقلاب) جي ڳالهه ڪري وڏي تعداد ۾ پنجابي ۽ پٺاڻن کي زرعي زمينون ڏنيون ويون ته پٺاڻن جو هڪ طبقو هن استحصال ۾ پنجاب سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. وڏيون صنعتون قائم ڪري انهن جي حوالي ڪيون ويون. جنهن جو مثال ڪراچي م قائم صنعتون آهن. جتي هُن وقت سنڌين جي ڪا به فيڪٽري نه هئي ۽ انهن لاءِ مزدور به سرحد ۽ پنجاب مان گهرائي آباد ڪيا ويا. ڪراچي م ايندڙ پٺاڻن اچي ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ تي به مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. انهن پنجابي ۽ پٺاڻ 1960ع کانپوءِ وڏي تعداد ۾ ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن جو رخ ڪيو. ان کانسواءِ تربيلا ۽ منگلا ڊيمن جي متاثرن کي سنڌ ۾ ويهاري انهن کي زرعي زمينون ڏنيون ويون ۽ ائين ورهاڱي کانپوءِ ٻيو ڀيرو وري سنڌ جي آبادي جي توازن کي بڱاڙيو ويو. سنڌ ۾ رهندڙ پٺاڻن جي هن وقت جي اڪثريت مٿئين طبقي (مهاجر بيوروڪريسي، مهاجر سرمائيدار، پنجابي جاگيردار ۽ فوج بيوروڪريسي) سان اتحاد ڪيو. انهن سڀني ڳالهين جي ڪري سنڌين ۾ احساس محرومي جنم ورتو انهيءَ احساسي محرومي جي ڪري سنڌي قوميت جو جذبو وڌيڪ طاقت سان اڀريو.

سياسي حوالي سان مهاجر 1970ع تائين صرف بلدياتي سياست تائين محدود هئا. چوڌري خليق الزمان شروع ۾ انهن جو ليڊر طور اڀريو. چوڌري صاحب مرڪز ۾ انهن جو چئمپين رهيو.

ون يونٽ جي خاتمي لاءِ جي. ايم سيد جي اڳواڻي ۾ سنڌي ماڻهن سنڌ متحده محاذ وڌو. شروع ۾ نواب مظفر علي به ان محاذ ۾ سنڌين سان گڏ هو. پهريون اجلاس حيدرآباد ۾ نواب زاهد علي خان جي گهر ۾ منعقد ڪيو ويو. هن پهرئين اجلاس ۾ نواب مظفر حسين، جي. ايم سيد سان اختلاف ڪري اجلاس مان اٿي هليو ويو. ڇاڪاڻ ته اجلاس ۾ جي ايم سيد چيو ته، اسان پاڪستان جي نظرئي تي يقين ٿا رکون جنهن جي تشريح 1947ع ۾ قائداعظم ڪئي هئي اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جا ماڻهو چاهي اهي اصلي سنڌي هجن يا مهاجر سڀ سنڌي آهن ۽ سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي هجي. اها ڳالهه نواب مظفر کي نه وڻي ۽ هو واڪ آئوٽ ڪري هليو ويو. ان کانپوءِ نواب مظفر علي جلدي ”سنڌ ڪراچي مهاجر پنجابي پٺاڻ متحده مهاذ“ قائم ڪري نفرتن کي هوا ڏني. شروع م حافظ مبارڪ شاهه، ڪي بي جعفر، مولانا قيوم ڪان پوري، چوڌري محمد اشرف ۽ علي محمد ڪاڪڙ ان سان گڏ هئا. 4 ۽ 5 آڪٽوبر 1969ع تي حيدرآباد ۾ ڪنوينشن منعقد ڪري تنظيم جو باقاعده اعلان ڪيو ويو. ان کان سواءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مهاجر نالي سان ننڍيون ننڍيون تنظيمون ڪم ڪري رهيون هيون انهن مان گهنن تنظيمن کي هن محاذ ۾ ضم ڪيو ويو. ان ۾ گهنا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا. جنهن ۾  ڪجهه هن ريت هئا.

ڀارت کان ايندڙ سڀني مهاجرن لاءِ سنڌ جا رستا کوليا وڃن.

سنڌ ۾ آباد پنجابي آبادگارن کي قانوني تحفظ ڏنو وڃي.

جيڪي هندو هندستان وڃي ٻيهر هتي آيا آهن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن تنظيم جا گهڻا اڳواڻ مهاجر هئا ۽ ال ۾ اها تنظيم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد مهاجرن جي مفادن جي ڪم ڪرڻ واري تنظيم هئي. پنجابي ۽ پٺاڻ محاذ ۾ نالي ماتر هئا.

25 مارچ 1969ع تي جنرل محمد يحيٰ ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ملڪ جي صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جو عهدو سنڀاليو. 1962ع جي آئين کي رد ڪيو ۽ ون يونٽ کي ختم ڪري صوبن جي حيثيت بحال ڪئي ويئي. پهرئين جنوري 1970ع تي سياسي سرگرمين جي اجازت ڏيئي، آڪٽوبر 1970ع ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو. پر اهي چونڊون آڪٽوبر 1970ع جي بجاءِ ڊسمبر 1970ع ۾ ٿيون. انهن چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي 300 سيٽن مان شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ 160 سيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن جو اڳوان ذوالفقار علي ڀٽو هو جيڪو ايوب جي ڪابينا ۾ وزير به رهي چڪو هو. 87 سيٽون حاصل ڪيون، جماعت اسلامي 9، مسلم ليگ ڪائونسل 4، مسلم ليگ ڪنوينشن 7، جمعيت علماءُ اسلام 7، جمعيت علماءِ پاڪستان 7، نعپ 6 ۽ 15 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا ۽ هڪ سيٽ خالي رهي.

ڪراچي ۾ ان وقت قومي اسيمبلي جون ست سيٽون هيون جنهن مان پاڪستان پيپلز پارٽي 2 (لياري ۽ ملير) جماعت اسلامي ٻه- جمعيت علماءِ اسلام ٻه ۽ هڪ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيو. جنهن کي جماعت اسلامي جي حمايت حاصل هئي.

صوبائي اسيمبلي جي 16 سيٽن مان پاڪستان پيپلز پارٽي کي اٺ سيٽون مليون. اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي سٺي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

ڪراچي جي سنڌي ۽ بلوچ آبادين ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڏي اڪثريت حاصل ڪئي. لياري جي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان ذوالفقار ڀٽو سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. قومي اسيمبلي جي ٻي سيٽ جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽي کي ملي جنهن تان ملير مان عبدالحفيظ پيرزادو ڪامياب ٿيو.

ڪراچي جي اڪثريت اردو آبادي جماعت اسلامي ۽ جمعيت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ اسلام کي ووٽ ڏنو ۽ ڪراچي جي ميمڻ برادري پيپلز پارٽي ۽ شاهه احمد نوراني جي جمعيت علماءَ اسلام کي ووٽ ڏنو.

مهاجر پنجابي پٺاڻ محاذ جو اڳوان نواب مظفر حسين چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ محاذ کي اها سيٽ چونڊ مهم دوران مهاجر مسئلي تي ڳالهائڻ ۾ ملي. ڪراچي جي گهڻن اردو ڳالهائيندڙ علائقن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي به چڱا ووٽ مليا. پيپلز پارٽي کي لياري ۽ ملير مان واضح اڪثريت ملي. لياري جيڪو ان کان اڳ بلوچ قومپرست جو ڳڙهه هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي سحر انگيز شخصيت جي زير اثر اچي ڀٽي ۽ هن جي ساٿين کي ڪامياب ڪيو. لياري ۽ ملير اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي  جا ڳڙهه آهن.

1970ع جي اليڪشن ۾ جڏهن پنجابي بيورو ڪريسي ۽ فوج ڏٺو ته شيخ مجيب الرحمان اڪثريت حاصل ڪري ويو آهي ۽ هاڻي پاڪستان جي سياست جو مرڪز لاهور جي بجاءِ ۽ ڍاڪا هوندو جتي انهن جي من ماني نه هلندي ته 25 مارچ 1971ع تي بنگال تي فوجي ڪارروائي شروع ڪئي ويئي. شيخ مجيب کي گرفتار ڪيو ويو. لکين بنگالين کي شهيد ڪيو ۽ اعلان ويو ته، ”اسان کي بنگالين نه پر بنگال جي زمين جي ضرورت آهي.“

بنگالين ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ 16 ڊسمبر 1971ع ۾ بنگلاديش آزاد ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي اڀري آيو. هي فتح پاڪستان جي مظلومن قومن جي فتح هئي. 90 هزار پاڪستاني فوجي گرفتار ٿيا. جنرل نيازي ڀارتي جنرل اروڙا سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا. 20 ڊسمبي 1971ع تي مغربي پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀتي کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻائي ملڪ ان جي حوالي ڪيو ويو. ڀٽو به اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ان قتل عام تي خاموش رهيو. بعد ۾ ڀٽي پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم جو حلف کڻي پاڪستان کي ترقي جي دڳ ڏانهن وٺي ويو ۽ ڊرائنگ روم سياست کي ڇڏي ڪري عوامي سياست ڪري مقبوليت ماڻي.

بنگلاديش جي نتيجي ۾ هتان لکين بهارين سنڌ جو رخ ڪيو ۽ انهن کي پوري ڪراچي خاص ڪري اورنگي واري علائقي ۾ آباد ڪيو ويو. ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽي کانسواءِ سنڌ ۾ ٻي ڪابه طاقتور جماعت يا قومپرست پارٽي نه هجڻ ڪري سنڌ جي سورن ۾ واڌارو ٿيو. پر ڀٽي سنڌين کي هڪ نئون جوش ۽ جذبو ڏنو ۽ سنڌ جي اندرون علائقن مان سنڌين ڪراچي جو رخ ڪيو. آفيسرن جو ۽ بيورو ڪريٽ جو سنڌي طبقو پيدا ٿيو. سنڌي مڊل ڪلاس وجود ۾ آيو ۽ اهي ڪراچي شهر ۾ اچي آباد ٿيا. جتي شلوار قميص جي مقبوليت ٿي. هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته مهاجر دانشور ۽ ليکڪ اها ڳالهه بار بار لکندا آهن ته سنڌي ڪراچي ۾ 1970ع کانپوءِ آيا اها انهن جي ڀل آهي ۽ ڄاڻ هوندي به هو اها ڳالهه ثابت ڪرڻ چاهين ٿا ته ڪراچي سنڌين جو شهر نه هو. ڇا ان وقت لياري، کڏو، کارو در، مٺو در، پراڻو شهر ملير، ڳجهڙو، اوڪيواڙي (گلشن اقبال)، کاري لڪي، سهراب ڳوٺ (جيڪو سهراب گبول جي نالي سان آهي) مواڇ، ڪياماڙي، گريڪس، گابو پٽ، منگهو پير، صفوران، کارودر، مٺو در، گسري، منهوڙو، بابا ٻيٽ، شمس پير، صالح آباد، کڏو، ڪلري، گارڊن، لالو کيٽ، ڊالميا، شانتي نگر، شرافي، ابراهيم حيدري، لانڍي ۽ هاڻوڪي پوري ٻهراڙي واري علائقي ۾ 3000 هزارن کان مٿي ڳوٺن ۾ لکين سنڌي رهندا نه هئا؟ مٿيان ڳوٺ ورهاڱي کان اڳ حڪومت جي ريڪارڊ تي موجود آهن ۽ اڃا به آهن. ڪراچي جي 92 ديهن ۾ سنڌين جون زرعي زمينون ۽ چراگاهه هئا. ڪراچي جي بندر تي مزدور ۽ ماهيگيري تي ڪنٽرول مڪمل سنڌي ۽ بلوچ ماڻهن جو هو ۽ ڪراچي جي ٽرانسپورٽ تي بلوچن جو ڪنٽرول هو. سياسي طور تي اهي 1970ع کان اڳ گڏ نه هئا ڇڙوڇڙ هئا. 1963ع تائين انهن ٻهراڙين ۾ ووٽ جو به حق نه هو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي 1970ع تائين انهن علائقن مان چار صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون ٻه سيٽون حاصل ڪيون. جنهن ڪري مهاجر دانشورن ۽ اڳواڻن کي انهن حقيقتن کي مڃي ڪري وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. 1970ع کان ڀٽي دور ۾ جيڪي سنڌي روزگار جي لاءِ ڪراچي آيا انهن ڪو به نئون ڳوٺ نه وسايو. اهي ڳوٺ صدين کان هتي موجود آهن.

سنڌ وانگر ڪراچي جي سنڌي ۽ بلوچن کي جيڪي ويڳاڻا هئا، اڪيلا هئا پاڪستان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تي گڏ ٿيا ڇاڪان ته انهيءَ پارٽي ۾ انهن کي پنهنجائپ نظر آئي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جو سخت مخالف جماعت اسلامي هئي. جنهن کي ڪراچي جي مهاجرن جي اڪثريت جي حمايت حاصل هئي. ڪراچي ٻولي جي بنياد تي واضع طور تي ٽن حصن ۾ ورهائجي ويئي هئي. نواب مظفر حسين جيستائين جيئرو هو اسيمبلي ۾ مهاجريت کي هوا ڏيندو رهيو. هن دوران سنڌ اسيمبلي سنڌي کي صوبائي ٻولي قرار ڏنو ته ڪراچي جي اڪثريتي اردو علائقن ۾ هنگاما شروع ٿيا. جنهن ۾ جنگ اخبار ”اردو ڪا جنازه هي ذرا دهوم سي نڪلي“ جهڙيون شه سرخيون ڏيئي هن مسئلي کي هوا ڏنو. بئي پاسي ڏهيسر جي شوق ۾ سنڌي  اڳواڻن مهاجرن کي ڌمڪيون ڏنيون. جيڪڏهن اڳواڻ ويهي هڪٻئي جي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ها ته شايد مهاجر اڳواڻن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته سنڌي فقط سنڌين جي نه پر سنڌ ۾ رهندڙ سڀني طبقن جي ٻولي آهي. جهڙي نموني سنڌ جي بلوچن ۽ پنجابي سيٽلرن ان ٻولي کي اختيار ڪيو آهي ۽ مهاجر به فراغ دلي سان اها ڳالهه قبول ڪن ها ته ڳالهه ايستائين نه پهچي ها. پر اهو مسئلو ورهاڱي وقت کان ئي شروع ٿي چڪو هو. ٻولي جي جهيڙن ۾ ٻنهي پاسي ماڻهو ماريا ويا. ڪراچي ۾ عبدالرشيد جدگال ۽ خدا بخش گبول کي ماريو ويو. حزب اختلاف پوري قوت سان هن ٻولي جي بل کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ۽ هڪ ڏينهن جي هڙتال جو سڏ ڏنو ويو.

ٻولي جا اهي جهيڙا 22 ڏينهن جاري رهيا. انهن جهيڙن ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي کي ڌڪ رسايو. ڇاڪاڻ ته گهڻا ترقي پسند اردو ڳالهائڻ وارا پيپلز پارتي سان گڏ هئا. صوبائي اسيمبلي ۾ اٺن مان چار ميمبر اردو ڳالهائڻ وارا پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان ڪامياب ٿيا هئا. پر اها ڳالهه رجعت پسند پارٽين کي دل سان نه لڳي انهن جو مستقبل ڪراچي ۾ اونداهو نظر اچڻ لڳو ته انهن هن جو سياسي فائدو حاصل ڪيو ۽ اڄ تائين اها نفرت، دهشت گري جو روپ وٺي اسان سڀني کي خاڪ ڪري رهي آهي.

ٻولي واري بل کان اڳ ۾ اپريل جي مهيني ۾ جڏهن ڀٽو روس جي دوري تي روانو ٿيڻ وارو هو ته بنگلاديش جي بهارين جي مائٽن 70 ڪلفٽن جي سامهون مطاهرو ڪيو. جنهن جي اڳواڻي پنجابي پٺاڻ مهاجر متحده محاذ جو اڳواڻ نواب مظفر حسين ڪري رهيو هو. پوليس مظاهرو ڪندڙن تي لٺ بازي ڪئي. سنڌي قومپرستن پاران بهارين جي گهرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. پر سڀني ڳالهين جي باوجود ٽي لک بهاري ڪراچي پهچي چڪا هئا ۽ اڳتي هلي 1978ع کان 1990ع دوران ڇهه لک وڌيڪ بهاري ڪراچي آيا. پاڪستان جي حالتن خراب ٿيڻ وقت پنج لک بهاري اچي چڪا هئا. جيڪي ڪراچي جي معيشت تي ڇائبا ويا. ٻين قومن جا ماڻهو خاص ڪري سنڌي ۽ بلوچ بيروزگار ٿيندا ويا. ڪراچي ۾ هڪ انارڪلي ڦهلجي ويئي. جنهن مان جان اڃا تائين آجي نه ٿي آهي.

جولاءِ آگسٽ 1972ع ۾ سنڌ جي اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي اڳواڻن جي گڏجاڻي ۾ هيٺين ڳالهين تي اتفاق ڪيو ويو. جيڪو لکت ۾ نه هو.

40 سيڪڙو ۽ 60 سيڪڙو ڪوٽا تي اتفاق ڪيو ويو.

سنڌ جو وڏو وزير سنڌي هوندو ته گورنر مهاجر يا غير سنڌي هوندو.

چيف سيڪريٽري سنڌي ته وزارت جو سيڪريٽري غير سنڌي هوندو.

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ تعليم سنڌي ٻولي ۾ هوندي.

سنڌي کي آهستن آهسته صوبائي ۽ سرڪاري زبان بنايو ويندو.

ٻولي جي جهيڙن ۾ متاثرن کي اجورو ڏنو ويندو.

جنهن جي ڪري ڪراچي ۾ ٽاپر ٿي شهر جون رونقون واپس آيون.

11 جولاءِ 1973ع جڏهن سنڌ جو وڏو وزير ممتاز ڀٽو هو. نواب مظفر حسين مهاجر مسئلن تي ٻڌل 14 نقطا پيش ڪيا ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪئي. انهن 14 نقطا مڃڻ جهڙا نه هئا.

24 ڊسمبر 1973ع ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو ته نواب مظفر ۽ حڪومت وچ ۾ وري ڪو رابطو نه ٿيو ۽ آخرڪار نواب مظفر حسين پنجابي مهاجر پٺاڻ متحده محاذ کي ختم ڪري مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ليگ جو سينيئر نائب صدر مقرر ٿيو.

1977ع جي چونڊن ۾ پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پوري ملڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جماعت اسلامي سميت ٻين پارٽين پاڪستان قومي اتحاد، (وي اين. اي.) جي پليٽ فارم تي ڀٽي تي ڌانڌلين جو الزام هڻي تحريڪن جو اعلان ڪيو. پوري ملڪ ۾ جهيڙا ۽ مظاهرا شروع ٿي ويا. انهن جو مرڪز ڪراچي هو. بنگلاديش جي آزادي جي تحريڪ کانپوءِ سياست ۾ تشدد جو رجحان ٻولي وارن فسادن کانپوءِ، 1973ع ۾ بلوچستان ۾، ۽ 1977ع ۾ پي اين اي جي تحريڪ ۾ نظر آئي. نظام مصطفيٰ نالي هلندڙ هن تحريڪ جو محور فقط ۽ فقط ڀٽو مخالف هو. جنهن ۾ سنڌين ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي به نشانو بڻايو ويو. لالو کيٽ ۾ الله بندي ۽ گوليمار ۾ حبيب الرحمان خٽڪ جي ڪٽنب کي قتل ڪيو ويو. انهن جو تعلق پيپلز پارٽي سان هو. ڪراچي ۾ خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙ جنهن جون همدرديون پيپلز پارتي سان هيون يا پارٽي جا ڪارڪن هئا انهن کي تشدد جو نشانو بنايو ويو. ڪراچي ۾ مهاجرن جي گهنائي نوتاري واري پي اين اي تحريڪ جو ساٿ ڏنو. اهو ئي شهر ڪراچي جنهن جي نوجوانن 1967ع ڀٽو جو زبردست آڌرڀاءُ ڪيو. 1968ع ۾ ڀٽي جي گرفتاري تي هڪ منظم احتجاج ڪيو. 1969ع ۾ مارشل لا جي باوجود هن شهر جي اردو ڳالهائيندڙ، ترقي پسند اردو ڳالهائيندڙ دانشورن ۽ مزدورن ذوالفقار ڀٽي جو زبردست آڌر ڀاءُ ڪيو. ڇاڪاڻ ته ڀٽو مزدورن جي ڳالهه ڪئي هئي. ڪراچي جي صحافين جي حمايت جي شروعات به ڪراچي کان ٿي. يحيٰ خان جي فوجي وزير اطلاعات نوابزادي شير علي جي وزارت جي دور ۾ صحافين جي منظم هڙتال جي نتيجي ۾ اپريل 1970ع ۾ سترنهن ڏينهن تائين ملڪ جي تمام اخبارن جي اشاعت معطل رهي.

انهيءَ شهر ڪراچي جي عوام چار جنوري 1970ع تي پاڪستان پيپلز پارتي جي نشتر پارڪ جي جلسي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي. ڪراچي ۽ پيپلز پارٽي جي مقبوليت جو گراف ايتري قدر مٿي هو. جو رجعت پسندن کي پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف ڪفر جي فتويٰ ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي. هي به حقيقت آهي ته ذوالفقار ڀٽو ڪراچي جي ترقي ۾ خاص دلچسپي ورتي. 20 ڊسمبر 1971ع ۾ رات جو اقتدار سنڀائيندي ڀتي جيج ڪابينا جو پهريون اجلاس به ڪراچي ۾ منعقد ٿيو.

پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم، اين ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج، ڪاليج سميت اڻ ڳڻيا تعليمي ادارا قائم ڪيا. نيشنل اسپورٽس ڪوچنگ سينٽر، ڪمشنر روڊ اسپورٽس ڪمليڪس، ڏهن نون اسٽيڊيم جي شروعات به ڀٽي جي دور ۾ ٿي. عباسي شهيد اسپتال، لياقت جنرل اسپتال، لياري جنرل اسپتال، قطر ۽ اورنگي جنرل اسپتال به انهي دور ۾ قائم ڪيا ويا. لياقت آباد سپر هائوسنگ اسڪيم سميت ڪيتريون ئي هائوسنگ اسڪيمن جي شروعات به انهيءَ دور ۾ ٿي. ڪراچي جي هزارين نوجوانن کي انهن ادارن ۾ نوڪريون مليون انهن سڀني ڪمن ڪري، 1977ع ۾ چونڊ مهم دوران پوري ڪراچي ۾ فقط پيپلز پارٽي جا جهنڊا نظر پئي آيا. 3 مارچ 1977ع تي انهيءَ شهر ڪراچي ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو تاريخي آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. ڀٽو جو اهو جلوس ڪراچي ايئر پورٽ کان ڪڪري گرائونڊ ويندي 20 ڪلاڪ لڳايا مون به هن ۾ شرڪت ڪئي هئي. پاڪستان جا نامور فلمي اداڪار به هن جلوس ۾ گڏ هئا. پر فقط چار ڏينهن پوءِ ست مارچ 1977ع قومي اسيمبلي جي چونڊن وقت پيپلز پارٽي جي هر اميدوار جي ڪئمپن ۽ پولنگ اسٽيشن تي حملو ڪيو ويو. گولين جي گونج ۾ پورو شهر پيپلز پارتي جو مخالف بڻجي ويو. ست مارچ جو نطام مصطفيٰ جي نالي تي تشدد شروع ٿي ان تحريڪ جو مرڪز ڪراچي هو. پي اين اي (قومي اتحاد) ڏهه مارچ جي ٿيندڙ صوبائي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو. هن اليڪشن ۾ پي اين اي جو ليڊر ريٽائر اصغر خان به ڪراچي ۾ مقبول ٿيو. ان به ڀٽي جلوس کان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ جلوس ڪڍيو هو. اصغر خان جو ڳڙهه برنس روڊ وارو علائقو هو. پي اين اي ۽ پي پي پي جي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون 7 هو ڪنهن نتيجي تي پهچڻ وارا هئا ته 5 جولاءِ 1977ع جي رات جو جنرل ضياءُ الحق پوري ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي ڀٽي کي اقتدار کان الڳ ڪري ۽ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو. جنرل ضيا جي مارشل لا سان گڏ نظام مصطفيٰ جي نالي تي هلندڙ تحريڪ به ختم ٿي ويئي. ڄڻ ته هن تحريڪ جو مقصد فقط ڀٽي کي هٽائڻ هو.

مهاجرن کي پنهنجي طاقت جو احساس ان وقت ٿيو جڏهن پاڪستان قومي اتحاد پي اين اي جي تحريڪ دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ جي اڪثريتي ماڻهن مخالف ڌر سان ملي ڀٽو حڪومت خلاف زوردار تحريڪ شروع ڪئي. ان تحريڪ کي منظم ته جماعت اسلامي ۽ ٻين رجعت پسند تنظيمن ڪيو هو، پر هن ۾ فعال ڪردار ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙن ادا ڪيو هو. مهاجر پيپلز پارٽي جي حڪومت جي خاتمي ۽ ضياءُ الحق جي اچڻ سان گهڻو خوش هئا. ياد رهي ته پي اين اي جي انهن جلسن جي ڪمپيئرنگ هاڻوڪي ايم ڪيو ايم جو قائد الطاف حسين ڪندو هو. ليڊرن جي اچڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته ان وقت الطاف حسين تقرير ڪري ماڻهن جو تائيم پاس ڪندو هو. انهن جلسن جو محور ڀٽو مخالف ۽ سنڌي هوندا هئا. مهاجرن کي مظلوم ڪري پيش ڪيو ويندو هو. حالانڪ اردو ڳالهائيندڙن هڪ وڏو حلقو ڀتي سان گڏ هو.

71-1970ع ۾ لياري ۾ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن اينتي سردار (عوامي) گروپ جو ڪنوينشن گهرايو ويو. جيڪو لياري جي سياسي اڳواڻ مرحوم يوسف نسقندي جي ڪري ممڪن ٿيو. جنهن جو پهريون صدر امام بخش بلوچ هو. جيڪو ان وقت پي آءِ اي ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست سان گڏ هڪ سياسي پارتي جو ڪردار ادا ڪيو بلوچستان جون حالتون صحيح نه هيون ته بي پسند ۽ قوم پرست تحريڪن جو ساٿ ڏنو. اهو دور بي ايس او جو ڪراچي ۾ سنهري دور هو.

ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي ۾ سنڌي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو. هن فيڊريشن جي قيام ۾ به لياري جي مرحوم يوسف نسقندي جو وڏڪ هٿ هو. جنهن جو مرڪز لياري جو عبدالله هارون ڪاليج هو. ان وقت فيض احمد فيض ڪاليج جو پرنسپال هو. ان وقت جي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن ۾ اسلم عباسي، محمود سنڌي، عبدالله عمراڻي، پريم جڳيشاهه ۽ نذير چنا مشهور هئا. ان فيڊريشن به ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن جي مسئلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن جو نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن به ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن جي مسئلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن جو نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) سان پيڪٽ هو. هتي رهندڙ سنڌي ماڻهن پاران قائم ڪيل سنڌ ڪلچر اڪيڊمي به ادب کانسواءِ سياست ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن جو صدر نٿار آفندي هو ۽ اهو به ٻڌائيندو هلان ته هن جي قيام ۾ به لياري جي يوسف نسقندي جو وڏو هٿ هو. هن جو موقف هو ته جيستائين ڪراچي م سنڌي هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿيندا ته ڪراچي م مستقبل ۾ انهن جو ڪوبه ڪردار نه هوندو. 1971ع ۾ جميل شيخ ايڊووڪيٽ جي گهر پلازه ۾ پهرئين گڏجاڻي م هن جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ميمڻ ڳوٺ وارو آغا اسلم ميمڻ تنظيم جو آخري ڏينهن ۾ پريس سيڪريٽري هو. فورم جو مقصد ترقي پسند اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ هو. جميل شيخ جي گهر پهرئين گڏجاڻي ۾ لنڊن مان طارق علي (مزدور اڳواڻ) ۽ روسي ڪائونسل جنرل Trotsinko به شرڪت ڪئي هئي.

سنڌ ڪلچر جي پليٽ فارم تي پهريون ڪنويشن هالي ڊي ان (هاڻوڪو ميرٽ هوٽل) ۾ ٿيو جنهن جي صدارت رئيس امروهي ڪئي. ڪنوينشن ۾ رسول بخش پليجو ۽ ايراني سفير ۾ جهيڙو به ٿيو. جتي هڪ چارٽر ٺاهيو ويو ته رئيس امروهي پنهنجي ڪيئي جي معافي ورتي. اردو ڳالهائيندڙن ۾ هن کانسواءِ جون ايليا، زاهده حنا، سعيد محمد تقي شرڪت ڪئي. سنڌي اڳواڻن ۾ سليمان شيخ، نثار افندي، دستگير ڀتي، سيٺ دائود، نذير چنا ۽ اسلم ميمڻ مقبول هئا. اها تنظيم 1993ع تائين هلي جنهن تحت 80 پروگرام ڪرايا ويا. شيخ عبدالمجيد سنڌي ڏينهن، شاهه لطيف ڏينهن، هوشو شيدي ڏينهن ملهايا ويا. نثار آفندي جڏهن ضياءُ جي مجلس شورا جو ميمبر ٿيو ته هن کي پارٽي مان ڪڍيو ويو. انهن فورمن کانسواءِ ڪراچي ۾ اسحاق تنيو جي اڳواڻي ڪراچي وليجس يونائيٽيڊ موومينٽ ۽ قاضي شاهه محمد پاران سنڌي سڄڻن سٿ قائم ڪري ڪراچي م سنڌين کي متحد ڪيو ۽ ڪراچي ۽ سنڌي ڳوٺن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ ڳوٺن جي ڊاهڻ خلاف مزاحمت ڪئي.

ياد رهي ته ستر واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽي جو ڏنل سوشلزم جو نعرو فقط هڪ پرڪشش نعرو ئي ثابت ٿيو ته گهڻو مخلص ۽ سرگرم ڪارڪن جي دل ٽٽي پئي ٿيا ۽ پارٽي اندر موجود سازشي عناصر انهن لاءِ صورتهال پيدا ڪئي جو هو پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. انهن ۾ معراج محمد خان، جي. اي. رحيم، ڊاڪٽر مبشر حسن، سيد سعيد حسن ڊاڪٽر رشيد ۽ ٻيا شامل هئا. مارچ 1977ع ۾ ڪراچي ۾ نج مهاجر سڃاڻپ رکندڙن کي پيپلز پارٽي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون ٽڪيٽون ڏنيون ويون. ضياءُ جي مارشل لا ۾ اهي مهاجر سڃاڻپ رکندڙ ماڻهو ڀتي کي ڇڏي ضياءُ سان وڃي مليا.

جولاءِ 1997ع ۾ آخر ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ٽرين وسيلي ڪينٽ اسٽيشن کان 70 ڪلفٽن پهتو ته هن جو ڪراچي جي ماڻهن هڪ ڀيرپ ٻيهر شاندار آڌر ڀاءُ پر هن ۾ گهڻائي لياري ۽ ملير جي ماڻهن جي هئي.

جڏهن بلوچستان ۾ چونڊيل نمائندن کي ڀٽو دور ۾ هٽائي انهن کي حيدرآباد سازش ڪيس تحت مقدمو هلايو ۽ اڳواڻن جن ۾ عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش بزنجو، شير محمد مري، خير بخش مري، خان عبدالولي خان، مير گل خان نصير، عزيز ڪرد ۽ مير امير الملڪ سميت 40 اڳواڻن کي حيدرآباد ۾ قيد ڪري بعاوت جو ڪيس هلايو ويو. بلوچستان ۾ جنرل ٽڪا خان جي اڳواڻي ۾ مزاحمت ڪندڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو. هن فوجي آپريشن ۾ هزارين بلوچ مارجي ويا لکين بلوچ جلا وطن ٿي افغانستان ڏانهن هليا ويا. ڪراچي ۾ ممتاز ڀٽو جي وڏو وزارت جي دور ۾ عطاءُ الله مينگل جي جوان پٽ اسدالله مينگل ۽ سندس دوست احمد شاهه کي ايجنسي وارا کڻي ويا، جن جا لاش به واپس نه ڪيا ويا ۽ ڪٿي دفن ڪيا ويا آهن انهن جي اڃا تائين ڪا خبر نه آهي. انهن واقعن خلاف لياري ۽ ملير جيڪي پيپلز پارٽي جا ڳڙهه هئا. هنگاما ۽ مظاهرا ٿيا. حڪومت پاران ڏنڊي جي زور تي انهن واقعن خلاف لياري ۽ ملير واپس نه ڪيا ويا ۽ ڪٿي دفن ڪيا ويا آهن انهن جي اڃا تائين ڪا به خبر نه آهي. انهن واقعن خلاف لياري ۽ ملير جيڪي پيپلز پارٽي جا ڳڙهه هئا. هنگاما ۽ مظاهرا ٿيا. حڪومت پاران ڏنڊي جي زور تي انهن مظاهرن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ڀٽي جي ئي دور ۾ ڪراچي ۾ سنڌي پريس مشڪل سان پنهنجا پير کوڙيا هئا ۽ ترقي ڏانهن قدم وڌايا هئا ته، انهن تي پابندي لڳائي ويئي رسالن، ڪتابن ۽ پريسن کي ضبط ڪيو ويو. قوم پرستن خلاف وڏي وٺ پڪڙ ڪئي ويئي. جي. ايم سيد کي قيد ڪيو ويو. ڪراچي ۾ ان جي گهر حيدر منزل کي سب جيل قرار ڏنو ويو. اشوڪ ڪمار کي جيل مان غائب ڪيو ويو. جنهن جي ڪري به پوري سنڌ وانگر ڪراچي جي ڳوٺن ۽ سنڌي آبادين ۾ قومپرسي جي رجحان ۾ واڌارو ٿيو. ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاهرا ڪيا ويا. ٻئي پاسي ڪميونسٽن ۽ ترقي پسند اڳواڻن بلوچستان تي فوجي چڙهائي ۽ سنڌي پريس جي ضبط خلاف پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ گهڻا ترقي پسند نوجوان جنهن جو تعلق ڪراچي سان هو مري علائقي جي پاڙن ۾ بلوچن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي مزاحمت ڪندڙن جو ساٿ ڏنو. انهن واقعن سنڌي ۽ اردو ادب ۾ ترقي پسند ۽ قوم پرست رجحانن کي جنم ڏنو. ڀٽي اهو سڀ ڪجهه پنجاب کي ۽ ڪراچي ۾ ونهنجي اردو حلقي کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيو. جيڪي تاريخ ۾ بدنما داغ وانگر اڄ به موجود آهن. جنهن جي ڪري 1977ع جي اليڪشن ۾ ڀٽي جي مقبوليت تي اثر پيو ۽ هن کي گهڻن علائقن ۾ ڌانڌلي جو سهارو وٺڻو پيو. بلوچستان مان پيپلز پارٽي کي عبرتناڪ شڪست ٿي. پي اين اي تحريڪ دوران ڪراچي جا گهنا پي پي پي ڪارڪن رات پيٽ ۾ پارٽي کي ڇڏي ويا.

ضياءُ الحق جي مارشل لا ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف وڏي پئماني تي ڪارروائي شروع ڪئي ويئي. 1977ع ۾ جڏهن ضياءُ الحق ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته ٽن مهينن اندر اليڪشن ڪرائي. ملڪ چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪيو ويندو. ڪراچي جي شهر نشتر پارڪ ۾ 1977ع ۾ پيپلز پارٽي ۽ ان جي حمايتي پارٽين جي جلسي کي ڏسي جنرل ضياءَ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ڀٽي جي گرفتاري پي پي پي جي ڪرندڙ ساک کي وري مٿي ڪيو. ضياءَ جي ظلمن هن پارٽي کي مظلومن جي قطار ۾ بيهاري ڇڏيو. ان دوران 45 هزار ماڻهن کي ڦٽڪا هنيا ويا. جن ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ قوم پرست، ترقي پسند پارٽين جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ به شامل هئا. 13 ڄڻن کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو. ٽن صحافين کي ڪوڙا هنيا ويا. ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اثر فقط سنڌي ۽ بلوچ علائقن ۾ حڪومت خلاف تحريڪ ۾ نمايان رهيو. اردو ڳالهائيندڙن جو وڏو حلقو پارٽي کي ڇڏي چڪو هو. پوءِ به هڪ جرئتمند طبقو اردو ڳالهائيندڙ جو پي پي سان آخر وقت تائين رهيو.

1983ع ۾ حڪومت خلاف ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائي ويئي. جنهن جو مرڪز سنڌ هئي. سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کانسواءِ رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ ڀرپور حصو ورتو. جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي ويئي. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ حر تحريڪ کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌي ماڻهن حڪومت خلاف بغاوت ڪئي. جيڪڏهن 4 اپريل 1979ع کان اڳ ڀٽي کي ڦاهي جو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ماڻهو ائين روڊن تي نڪرن  ته حڪمرانن کي جرئت نه ٿئي جو ڀٽي کي ڦاهي ڏيئي ان جي لاش کي لاوارث ڪري موڪلين. اڄ جڏهن آئون هي سيٽون لکي رهيو آهيان ته ٻه سيپٽمبر 2006ع جمعي جو ڏينهن آهي اڄ 10:00 وڳي ڊيرا بگٽي ۾ نواب اڪبر بگٽي جي لاش کي به ائين دفنايو ويو. 26 آگسٽ تي ڪوهلو جي جبلن ۾ هڪ جهڙپ ۾ نواب بگٽي کي مزاحمت ڪندي پاڪستاني فوج هٿان قتل ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org