سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 13

اديب ۽ شاعر

علامه آءِ. آءِ قاضي:

سنڌ جو هڪ عظيم مفڪر، دانشور ۽ عالم، جنهن جو تعلق دادو تعلقي جي ڳوٺ پاٽ سان اهي. ان جي ذڪر نه ڪرڻ سان هر تاريخ تذڪرو اڌورو ليکيو، اهو آهي علامه آءِ. آءِ قاضي جنهن جو سڄو نالو علامه امداد علي امام علي قاضي آهي. پاڻ 18 اپريل 1886ع تي امام علي قاضي جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو ۽ هن فاني جهان کي ساڳي مهيني يعني 13 اپريل 1968ع ۾ ڇڏيو. علامه صاحب هڪ اعليٰ ترين شخصيت، علم، ادب جو ڀنڊار، عظيم مفڪر ۽ فلاسافر هو. سندس فهم ۽ فراست ۾ علم جون وسعتون سمايل هيون. اسلام جو مشهور مبلغ تعليمي ماهر، عالم، تصوف جو وڏو ڄاڻو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو به وڏو پارکو ۽ شارح هو. پاڻ وطن دوست ۽ سنڌ جيجل جو شيدائي هو. سندس فڪر انگيز ۽ فلسفيانه تحريرون زندگيءَ جي هر قدم تي مشعل راهه آهن. علامه صاحب پنهنجي سموري زندگي عظيم مقصدن لاءِ وقف ڪئي. ڄام شورو ڪئمپس ۾ سنڌ يونيورسٽي جو مضبوط بنياد وڌو. پاڻ 19 اپريل 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ٿيو ۽ 4 مئي 1951ع تي يونيورسٽي کي حيدرآباد آندو ويو. سانده چار جامع سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. 19 اپريل 1954ع تي جامع سنڌ جو کيس ٻيهر وائس چانسيلر مقرر ڪيو ويو. ٽيون ڀيرو وري 19 اپريل 1957ع تي کيس اهو عهدو آڇيو ويو. جو پڻ قبول ڪيائين، پر سندس طبيعت بحال نه هئڻ سبب 25 مئي 1959ع تي استعيفا ڏنائين. وائس چانسيلري دوران شاگردن ۽ يونيورسٽي جي استادن ۾ علمي استعداد وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائين ۽ استاد توڙي شاگردن تي شفقت وارو هٿ رکيائين. سندس بيگم ايلسا قاضي فنون لطيف جي ماهر خاتون هئي. درحقيقت علامه صاحب جهڙا انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. سنڌ واسي 13 اپريل 1968ع تاريخ وفات جي نسبت واري ڏينهن تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪندا آهن.

فقير نياز علي چنو سيتائي:

فقير نياز علي ولد قيصر علي چنو اصل ڳوٺ ڌامڙي لڳ ٺارو شاهه جو ويٺل هو. پاڻ اڪيلو ڳوٺ ڇڏي سيتا ۾ پنهنجي عزيزن وٽ اچي رهيو ۽ شادي ڪري مستقل رهائش اختيار ڪيائين. پاڻ فقيري ڏانهن مائل ٿي ويو. صوفي مسلڪ رکيائين. شاعر بڻيو. يڪتاري تي پنهنجون ۽ صوفي عارفن جون ڪافيون ڳائي ٻڌندڙن تي وجد جي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو هو. هن جي اوطاق ڪچي لانڍي هميشه عارفانه ڪلام ڳائيندڙن سان آباد هوندي هئي. ڀٽائي، سچل، روحل، بيدل، بيڪس، مصري ۽ مهدي شاهه سائين جو ڪلام هتي ئي عام جام ٻڌو ويندو هو. ماڻهو عارفانه راز ۽ نياز جا نقطا ۽ محبت جا موتي ميڙي روانا ٿيندا هئا. فقير نياز علي چنا حال ۽ قال جو صاحب هو. هو پاڻ سچو انسان پرست هو. با مسلمان الله الله با برهمڻ رام رام تي عمل ڪندڙ صلح ڪل جو قائل هو. ان ڪري سندس اوطاق عام خاص لاءِ نگاهن جو مرڪز بڻيل رهي. فقير صاحب پنهنجي حال ۽ قال، قول ۽ فعل سان ڪٺور دل ماڻهو جي دل به ميڻ ڪري وجهندو هو. 80 ورهين جي ڄمار ۾ سال 1958ع ۾ وفات ڪيائين. وصال کان هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي پٽ محمد امين چنا کي گهرائي چيائين ته بابا فقير سڀاڻي پيالو پيئڻ وارو آهي ۽ هن کي ڪجھه هدايتون ۽ وصيتون ڪيائين. ٻئي ڏينهن تي ان وقت تي دم ڏنائين. سندس پٽ امين چنا حال حيات ۽ اولادي ۽ کلڻو ملڻو انسان آهي.

مولوي عبدالغفور سيتائي:

مولوي عبدالغفور سيتائي جنهن جو تعلق بچو واهڻ لڳ سيتاوليج سان هو. علم، ادب ۽ خاص طور تي صحافت جي دنيا ۾ وڏو نانءُ هو. مولوي صاحب پر مغز، مقالا، تحريرون، تبصرا، اخباري ڪالم، ايڊيٽوريل لکيا، جيڪي بهترين علمي خزانو آهن. کيس حالات تي تبصري ڪرڻ ۽ سياست جي نبض سڃاڻڻ ۾ مهارت حاصل هئي. طنز جا نشتر ڇپائيندو، ضميرن کي چهنڊڙيون پائيندو، پنهنجي اندر جي ڳالهه صاف صاف چئي ويندو هو. هن جون تحريرون سچائي جو پاسو ۽ صحافت جو اصل روح هيون. هن جي صحافتي خدمتن جي قوم معترف آهي ۽ رهندي. صحافت جي ميدان ۾ هن کوڙ سارا شاگرد پڻ پيدا ڪيا. سندس زندگي جو مختصر احوال هن ريت آهي.

مولانا عبدالغفور سيتائي ولد گل محمد سولنگي ڳوٺ بچو واهڻ ۾ 15 جنوري 1910 تي جنم ورتو. مولانا عبدالغفور ابتدائي تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا نثار احمد وٽ حاصل ڪئي. مولانا عبدالغفور ڪيترائي سال پنهنجي ڀاءُ وٽان تعليم حاصل ڪندو رهيو. پوءِ پاڻ مولانا محمد صادق کڏي واري جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، اتي ئي تعليم مڪمل ڪئي ۽ اتي ئي مدرس مقرر ٿيو. مولانا پنهنجي صحافت جو آغاز سنڌ جي مشهور اخبار الوحيد سان ڪيو. مولانا صاحب جي قلم ۾ رواني هئي. سندس مضمون ۽ مقالا نهايت تحقيقي معياري ۽ معلوماتي هوندا هئا. مولانا جي ان صلاحيت جي بنياد تي کيس الوحيد اخبار ۾ ترجمي واري سيڪشن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آندو ويو. ان سان گڏ ڌڻي بخش سجاولي ۽ ٻين کي به اخبار ۾ آندو ويو. مولانا صاحب انتهائي خوش اسلوبي سان ترجمي واري فن کي نڀايو. ان زماني ۾ محمد ايوب کهڙي جي اخبار ”سنڌ زميندار“ نڪرندي هئي. مولانا عبدالغفور سيتائيءَ کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. پاڻ ان اخبار کي شاندار نموني هلايائين. ان کان پوءِ مولانا کي روزانه اخبار ”الوحيد“ ۾ ايڊيٽر مقرر ڪيو ۽ هن الوحيد جي معيار کي ڪِرڻ نه ڏنو. ان کان پوءِ مولانا پنهنجي ذاتي اخبار (نواءِ سنڌ) کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو ۽ مقبول ڪرايو. اها اخبار سنڌ جي ماڻهن جي ڀرپور نموني ترجماني ڪندي رهي. ان ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ مولانا جي قلمي پورهئي جو هو. هيءَ اخبار 1968ع ڌاري بند ٿي وئي ۽ مولانا واپس اچي پنهنجي ڳوٺ ۾ رهائش اختيار ڪئي. مولانا عبدالغفور سيتائي جو فرزند محمد اشرف خان سولنگي دادو ضلع جي مشهور و معروف شخصيت آهي. سياسي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. هن شخص پنهنجي قبيلي کي يڪجاءِ ڪري هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. سڄي سنڌ ۾ دورا ڪري ٽڙيل پکڙيل قبيلي کي منظم ڪري هڪ طاقت مهيا ڪئي آهي. ان سان گڏ پاڻ پيپلز پارٽي ۾ ان وقت شامل ٿيو، جڏهن ڄام صادق علي جو ظلم بربريت ۽ ڏهڪاءُ هو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪن کي ڳولي ڳولي تشدد ذريعي سياسي وفاداريون تبديل ڪرايون پئي ويون. هن ان وقت دليرانه فيصلو ڪري پارٽي کي نئون حوصلو ڏنو. مولانا عبدالغفور سيتائي 24 مئي 1981ع تي وفات ڪري ويو.

ايم. ايڇ پنهور:

سنڌ جي مهان شخصيت محمد حسين پنهور (ايم. ايڇ پنهور) 25 ڊسمبر 1925ع تي ڳوٺ ابراهيم پنهور تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ تائين هاءِ اسڪول دادو ۾ پڙهيو. ان کان پوءِ ڪراچي مان انٽر پاس ڪري، اين اي ڊي مان انجنيئرنگ جي ڊگري ورتائين ۽ ايگريڪلچر مشينري کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. سال 1953ع ۾ انجنيئر جي حيثيت ۾ ملازمت شروع ڪيائين. ان کان پوءِ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر طور پروموشن ٿيس. کيس سنڌ گهمڻ جو موقعو مليو ۽ هن سنڌ جو چپو چپو گهمي ڏٺو. سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلو، ڪوهستاني علائقن ۾ پاڻي جي شرح بابت وڏي ڄاڻ حاصل ڪيائين. ان عرصي دوران سنڌ جي تاريخي، جاگرافي، هائيڊرولاجي، جيالاجي ۽ قديم آثارن جي وڏي معلومات حاصل ڪيائين. ان موضوع تي هن تقريباً 13 ڪتاب لکيا آهن. سندس ڪوشش ۽ ڪاوشن سان ايگريڪلچر کاتي جي ورڪشاپن جو بنياد پيو. پاڻ سنڌ ۾ نوان نوان ميوا، ۽ فروٽ متعارف ڪرايا. محمد حسين پنهور پاڪستان ۾ ايگريڪلچر جي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو(1). هن ارڙهن انبن جا قسم ۽ ٻيا ڪيترائي فروٽ برازيل ۽ دنيا جي ڪيترن ٻين ملڪن کان آڻي هتي پوکيا. محمد حسين پنهور گريپ فروٽ جا پڻ ڪيترائي قسم متعارف ڪرايا. پنهور صاحب جي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب آهن، جيڪي سنڌ جي زراعت، تاريخ، قدم آثارن ۽ جاگرافي جي متعلق آهن. پاڪستان سرڪار سندن خدمتن ۽ خاص طور تي سائنسي خدمتن ۾ کيس ستاره امتياز سان پڻ نوازيو آهي.

محمد رمضان ثاقب:

محمد رمضان ثاقب ڳوٺ مريد خان لاکير لڳ سيتاوليج ضلع دادو ۾ تاريخ 2 نومبر 1902ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو قادر بخش منگي هو. محمد رمضان ثاقب کي ننڍي عمر هوندي به سنڌي ماستري جو اهل قرار ڏئي آرڊر ڏنو ويو. ثاقب صاحب تعليم جي ميدان ۾ قليل پگهار تي ڳوٺ کان پري پرائمري اسڪول وڳڻ ضلع لاڙڪاڻي ۾ نائب ماستر رهي پنهنجي زندگي جو آغاز ڪيو. ان کان پوءِ هو ٿيٻا ۽ گوزو جي اسڪولن ۾ نائب ماستر ٿي رهيو. سال 1918ع کان کيس ٽريننگ ڪاليج روانو ڪيو ويو. سال 1920ع جي آخر ۾ ٽريننگ مڪمل ڪيائين. 1924ع ۾ کيس پرائمري اسڪول مير حسن ڪڪڙ ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. پوءِ باقي اسڪولن جهڙوڪ ناري اگهاماڻي، ۽ مريد خان لاکير ۾ هيڊماستر ٿي رهيو.

نوڪري دوران فارسي دان استادن کان ڳچ فارسي ۽ انگريزي ماهر استادن جي صحبت ۾ لکڻ جيتري انگريزي پڻ سکيو. سال 1952ع ۾ اسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر اتر دادو مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تان هن 1957ع ۾ رٽائرڊ ڪيو.

ثاقب صاحب ادب جي آسمان تي به هڪ آفتاب وانگي چمڪيو سندس پختو ۽ قابل تحسين ڪلام ان وقت جي سنڌي رسالن ۾ ڇپجندو هو. تعليم کاتي سان منسل هجڻ ڪري سندس ڪلام ملا اسڪول مخزن ۽ اخبار تعليم ۾ شايع ٿيندو رهيو. ادبي ذوق سبب پنهنجي استاد مرحوم جمع خان غريب سان گڏ پري پري جي مشاعرن ۾ حصو ورتائين.

ثاقب صاحب وقت جي نون لاڙن کان متاثر ٿي فطري شاعري شروع ڪئي. ثاقب جي نظمن ۾ قدرتي نظارن جي عڪاسي ۽ فطرت جو گهرو رنگ سمايل آهي. ثاقب جو ڪلام پراڻن رسالن کان علاوه ڪتاب ادبي سوغات ۾ پڻ ڇپيل آهي. جيڪو قربان علي غالب نقشبندي 1956ع ۾ ڇپايو. ثاقب صاحب تعليم ۽ شعر و ادب جي بي انتها خدمت ڪري 4 اپريل 1965ع تي انتقال ڪري ويو. مرحوم پويان ڇهه پٽ، ٽي نياڻيون ۽ لاتعداد شاگرد ۽ ڪافي دوستن جو حلقو ڇڏي ويو. ثاقب جي ادبي دوستن ۾ محمود خادم، محمد بخش واصف، عبدالله خواب، غالب نقشبندي، حاجي محمد خان لاکير، حاجن شاهه هم وطن سيتائي، ضياءُ الدين بلبل، ورندمل، مراد علي ڪاظم، هاسارام، مولا بخش مسڪين ڀٽو، احمد خان سيال، رشيد احمد لاشاري، شفيع محمد خطيب، محمد عالم شبنم ڏوگر، مولوي عبدالغفور سيتائي، ۽ آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي قابل ذڪر هئا.

مٺو فقير ناڙيوال:

دادو شهر جي ڏکڻ ۾ اٽڪل 5 ڪلوميٽر پري ناڙيوال ڳوٺ آهي، ان ڳوٺ ۾ مٺو خان فقير ولد گل حسن لنڊ بلوچ 1895ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ سنڌي فائينل جو امتحان به اتان ڏنائين ۽ سنڌي کان علاوه فارسي به پڙهيو، فارسي زليخا تائين پڙهيو. مثنوي رومي سڄي برزبان ياد هئس. هڪ سکئي ستابي گهر ۾ پرورش پاتائين. سندس والد پوليس کاتي ۾ انسپيڪٽر هو.

مٺو خان لنڊ پاڻ به پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. ضلع جي مختلف ٿاڻن تي رهيو، اتان ترقي ڪري پوليس ۾ جمعدار ٿيو. جوهي ۾ جمعداري واري عرصي دواران مجاز جي مهميز لڳس. جنهن ڪري نوڪري کي الوداع چئي وڃي ڳوٺ جا وڻ وسايائين. ان کان پوءِ شعر چوڻ لڳو. هميشه ڪارو لباس اوڍيل هوندو هئس. ڪارو ڏنڊو هٿ ۾ هوندو هئس فقير صاحب کي اکين مان هميشه نار پيا ٽمندا هئا. فقير صاحب جو ڪلام عارفاڻو آهي. پاڻ 60 سالن جي ڄمار ۾ 1955ع ۾ گذاري ويو.

سومرو سودائي:

غلام الرسول سومرو تخلص سومرو سودائي دادو شهر ۾ 10 اپريل 1938ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ جو امتحان به دادو مان پاس ڪري ميونسپل ڪاميٽي دادو ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ملازمت سان گڏ شعر شاعري به ڪرڻ لڳو. اڪثر مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو ۽ مزاحيه شاعري پيش ڪري خوب داد حاصل ڪندو هو. سومري سودائي جا ٽي ڪتاب شايع ٿيا. جيڪي مزاحيه شاعري تي مشتمل آهن. جن ۾ چهنڊڙيون، ٽاڪوڙا ۽ تنهنجا ڏاڍ منهنجي ماٺ شامل آهن. انهن مزاحيه ڪتابن سڄي سنڌ کان علاوه هندستان ۾ وڏي شهريت حاصل ڪئي. آل انديا ريڊيو ۽ آڪاشواڻي احمدآباد ۽ بڙودا ريڊيو تي به تبصرا نشر ڪيا ويا ۽ کيس شاندار خراج تحسين پيش ڪيا ويا. هندستان ۾ ڪيترن ئي اديبن سندس شاعري تي تبصرا لکيا آهن ۽ پنهنجي ڪتابن ۾ حوالا ڏنا آهن. سومرو سودائي 14 اپريل 1992ع ۾ وفات ڪري ويو.

بخشل شاهاڻي:

بخسل شاهاڻي ولد محمد سومر شاهاڻي ڳوٺ موندر تعلقي دادو ۾ 15 جولاءِ 1951ع ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي (سنڌي) ايم ايڊ ٿيل اٿس. تعليم کاتي ۾ سيڪنڊري استاد آهي. شاعري جي ابتدا 1980ع کان ڪئي اٿس. پاڻ شاعر موسيقار ۽ ڪهاڻيڪار آهي. غزل گيت ڪافي ۽ چوسٽن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس ڪجھه ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ سهنا سخن ۽ انگريزي گرامر شامل آهن.ان کان علاوه سوانح عمري منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني، سنڌ جون شاديون ۽ ساٺ سوڻ ڪهاڻين جو مجموعو اڻ ڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهي.

ابل اداس ٻٻر:

ابل اداس ٻٻر سنڌي جديد شاعري جو نمائندو شاعر آهي. سندس نالو عبدالله ولديت محمد سچل ٻٻر آهي. سورهين مارچ 1980ع تي ڇاڻو شاهه آباد محلي دادو ۾ جنم ورتائين. تعليم ميٽرڪ تائين ڪئي اٿس، هن شاعري جي ابتدا 1995ع کان ڪئي آهي. سنڌ جي رسالن، ميئگزينن ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي ٿي. سنڌ جي ڄاتل سڃاتل شاعر بشير سيتائيءَ کان شاعريءَ ۾ رهنمائي حاصل ڪئي اٿس ۽ شاعريءَ ۾ سيٺا جوهر ڏيکاري رهيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ خيال جي گهرائي ۽ فني پختگي ٻئي نمايان آهن. ڪتاب ”موکي مٽ اپٽيا“ ۾ ٻين شاعرن سان گڏ سندس ڳچ ڪلام شايع ٿيو آهي. سندس چند ڪتاب اشاعت جا منتظر آهن.

بينظير عادل سخيراڻي:

بينظير عادل سخيراڻي جو نالو سنڌ جي جديد شاعرائن ۽ ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر شهيد عادل سخيراڻي جي نياڻي آهي. 18 آگسٽ 1981ع تي جنم ورتائين. سندس پهرين تخليق ڪهاڻي 1995ع ۾ روزانو اخبار آفتاب حيدرآباد ۾ شايع ٿي. هن وقت تائين سندس ڇپيل مواد سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن، مئگزين جي زينت بڻيو آهي. ڪتابن تي بي لاگ تبصرا به لکيا اٿس. جنهن مان ظاهر آهي ته تنقيد جي اصلي روح کي سمجهي ٿي. سندس ڪهاڻيون معاشري جي موضوعن تي هونديون آهن. هن اهڙن موضوعن کي زير بحث آندو آهي، جن جي موجوده وقت ۾ اشد ضرورت آهي. سندس تعليم انٽر پري انجنيئرنگ آهي ۽ هڪ پرائيويٽ تعليمي اداري ۾ ٽيچر آهي.

ذوالفقار شاهاڻي:

ذوالفقار شاهاڻي ولد بخشل شاهاڻي ادبي نالو ذوالفقار شاهاڻي تاريخ 26 اپريل 1981ع تي شاهه آباد ڇاڻو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڇاڻو شاهه آباد مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ به دادو شهر مان حاصل ڪيائين. هن شاعري جي ابتدا 1992ع ۾ بشير سيتائي جي رهبري هيٺ ڪئي. غزل، گيت، چوسٽن ۽ آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعري مهراڻ، ادب، رم جهم، هالار، سنڌ رنگ ۽ روزانه هلال پاڪستان ۾ شايع ٿي آهي. شاعري جو ڪافي مواد گڏ ٿيل اٿس. جيڪو اشاعت جي اوسيئڙي ۾ آهي.

بلوچ صحبت علي:

بلوچ صحبت علي ولد محمد يعقوب لنڊ بلوچ پهرين جنوري 1974ع تي شاهه آباد محله ڇاڻو دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمينٽ ڇاڻو شاهه آباد مان ۽ انگريزي تعليم گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول دادو مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ڊگري ڪاليج دادو ۾ داخلا ورتائين، اتان ئي بي. ايس. سي گريجوئيشن سائنس انجنيئرنگ پاس ڪيائين. ان کان سواءِ پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو مان ايل ايل بي جو فائينل امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري اعليٰ ڊگري لاءِ هن ايم ايم لا ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ورتي ۽ هينئر ايل ايل ايم فائنل جو امتحان ڏئي چڪو آهي ۽ سٽي ڪورٽس ڪراچي ۾ وڪالت ڪري پيو. سندس ادبي دنيا ۾ اچڻ ته 1990ع کان ٿيو. پر باقائدي لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪيائين. جنهن ۾ علم عروض جي سکيا سنڌ جي برک شاعر ۽ غزل جي ماهر بشير سيتائي کان ورتائين. سرجڻهار پبليڪيشن دادو لاءِ به ايڊيٽر جا فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. پاڻ 10 ڪتابن جو ليکڪ آهي ۽ اهڙي طرح سرجڻهار پبليڪيشن دادو، سندس نگراني ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪري رهي آهي.

بلوچ صحبت علي هن وقت سنڌ جي برک معتبر ۽ مشهور شاعرن جا انٽرويو ڪرڻ ۽ بعد ۾ انهن کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي ۽ سندس اهو ڪتاب سوجهرن جا سفير جي نالي سان جلد منظر عام تي اچي رهيو آهي.

سندس شاعري سنڌ جي مختلف رسالن جهڙوڪ ادب، رم جهم، نئين سوچ، سنڌ رويو، سرجڻهار، جوت، ڪشڪول ۽ خوشبوءِ سوجهرو، نئين زندگي، وغيره ۾ ڇپجي چڪي آهي. ان کان علاوه سنڌ مان نڪرندڙ سنڌي توڙي اردو اخبارن ۾ لکيو اٿس. سنڌي اخبارن ۾ هلال پاڪستان، شام، آفتاب، عوامي آواز، سچ، برسات، بختور ۽ پاڪ وغيره، جڏهن ته ڪراچي مان نڪرندڙ هفتيوار اخبار ۾ به سندس اردو شعر شايع ٿيندا رهن ٿا. ڪتاب سيتا جا سدا بهار ماڻهو شايع ٿيو اٿس. پاڻ لکڻ سان گڏ مطالع جو جنون جي حد تائين شوق رکي ٿو ۽ مختلف موضوعن جي ڪتابن سان سندس لائبريري سجايل آهي. سندس طبيعت آزادانه ۽ فڪر بلند آهي. سندس اڀرندڙ صلاحيتن کي ڏسي هن دوست ۾ وڏيون اميدون رکي سگهجن ٿيون.

هارون برهماڻي:

هارون برهماڻي تاريخ 25- فيبروري 1963ع تي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم به دادو مان حاصل ڪئي اٿس. هن وقت تائين گريجوئيشن ڪري چڪو آهي، هارون ابتد کان ئي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. هن انجمن طلبه اسلام جو اهم رڪن رهيو. سنڌي ادبي سنگت جو ڪاروباري ڪميٽي ۾ ميمبر به رهيو، فنڪار آرٽ سرڪل دادو جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ نيشنل يادگار هيروز ايڪڊمي ڪراچي، ينگ سٽيزن ويلفيئر ايسوسيئيشن جو ميمبر ۽ سيڪريٽري، دادو سماجي فورم آرٽ اڪيڊمي دادو، اسٽوڊنٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن جو ميمبر به رهيو آهي. هن وقت مهراڻ جا موتي چلڊرين ويلفيئر آگرنائيزيشن داو جو باني ۽ سرپرست آهي. سنڌي ادبي سنگت جو عهديدار به رهيو آهي.

هارون برهماڻي سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو، مهراڻ جا موتي، چلڊرين ويلفيئر آرگنائيزيشن جي پليٽ فارم تان ٻارڙن کي مطالعاتي دورا ڪرائڻ، فري ڪوچنگ ڪلاس هلائڻ جنهن ۾ پرائمري کان هائر ڪلاسن تائين تعليم ڏيڻ ۽ ٻيا تعليمي ۽ سماجي ڪم سرانجام ڏيڻ شامل آهن.

نياز ديوانو ميراڻي:

نياز حسين عرف نياز ميراڻي ديوانو دادو شهر ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم دادو مان حاصل ڪرڻ بعد هن فني دنيا ۾ قدم رکيو. هن 1976ع ۾ اسٽيج ڊرامو بيروزگار عاشق پيش ڪيو. جنهن جي ڪهاڻي به هن پاڻ لکي. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن، جن ۾ عزت غريب جو شان، قاتل ڪير، عاشق معشوق، جهنگلي، طوفان، درنده، احسان، دادلي ڪنوار، کٽراڳ، فشري، ڪنگلون ڪي بارات (اردو)، ڄٽ جي شادي ڄڃ سان تعدي، پئسي جو ڪمال، اڳيان ڏوڪڙ پويان جوڪر، بيروزگار عاشق، مسٽر چيو، رلي ڪلهي تي، ڊبل سواري تي پابندي، عشق عبادت آ، ڪوڙ ڪنهن جي پيءُ جو ناهي، واهه ڙي يار تنهنجي ياري، ڪک پتي مان لک پتي شامل آهن. هندستان وڃي اتي جي فنڪارن سان واقفيت ڪيائين. مگر سال 1992ع ۾ بابري مسجد جي معاملي تي هندو مسلم فساد ٿيا. انڪري واپس وطن آيو.

طارق قريشي:

طارق قريشي ولد نيڪ محمد قريشي دادو شهر ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ ماڊل مين اسڪول دادو ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم به دادو مان حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪري سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين. طارق قريشي ڪيترائي مضمون ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ اڃا تائين لکندو رهي ٿو. هن سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ لکيو آهي ۽ اڃا سندس مواد ڇپجندو رهي ٿو. هن وقت ڪي.ٽي.اين تي اسڪرپٽ رائيٽر آهي.

هما ايس:

هما ايس جو اصل نالو فرزانه آهي. سندس والد جو نالو غلام نبي سانوڻي آهي، سندس جنم 1 فيبروري 1983ع ۾ ڇاڻي شاهه آباد ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڇاڻو شاهه آباد مان پاس ڪيائين، هن وقت سندس تعليم بي.اي آهي. سندس تعليم جو سفر اڳتي روان دوان آهي ادبي دنيا ۾ هن 1997ع کان پير پاتو. هن وقت تائين سندس کوڙ ساريون تحريرون، ڪهاڻيون ۽ ڪجهه ناول قسطوار مختلف رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هما ايس ڳپل شاعري به ڪئي آهي، پر سندس اصل سڃاڻپ ناول ۽ ڪهاڻين جي حوالي سان آهي. هما شعر سان گڏ علم جي حصول کي پنهنجو شعار بڻايو آهي.

ليلارام شاعر سيتائي:

هن شاعر جو نالو ليلارام ۽ تخلص شاعر هو. سيتا وليج ۾ 1890ع ۾ جنم ورتائين. هو هڪ قابل استاد ۽ شاعر هو. شاعري ۾ هن جي  اصلاح مرحوم جمع خان غريب ڪندو هو. نهايت عمدو ۽ پختو غزل لکندو هو. استاد سان گڏجي جميعت الشعراء سنڌ جي مشاعرن ۾ حصو ورتائين. سندس ڪلام اديب سنڌ ۽ ان دور جي ٻين ادبي رسالن ۾ آيل آهي. تقسيم هند و پاڪ وقت هندوستان لڏي ويو، سندس هيٺيون شعر اديب سنڌ جي ڪانفرنس نمبر اپريل مئي 1944ع واري شماري ۾ شايع ٿيل آهي، جيڪو هتي پيش ڪجي ٿو:

غزل

عشق هن جي ۾ مان اهڙو ٿي ويو مدهوش هوس،

منهن جي دولت هن لٽي ٿي مان مگر خاموش هوس،

آهه زاري بيقراري مون ڪئي تاهم مگر،

تير مزگان پيو هڻي ڏاڍو ڪو مون تي جوش هوس.

هن هنيا پيڪان ڇاتي مون جهلي ڪو ڏوهه ٿيو،

هن مون کي عاشق بڻايو، مان صفا نردوش هوس.

شعر شاعر جي اثر اهڙو ڪيو محبوب تي،

هو سندم آغوش ۾ هو هن سان هم آغوش هوس.

(جلد 4، ص 294)

سيد حاجن شاهه هموطن سيتائي:

سيد حاجن شاهه هموطن سيتائي 5 مارچ 1913ع تي سيتا ڳوٺ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. سندس والد بزرگوار جو نالو سيد فتح محمد شاهه هو، جو پنهنجي خطي جو هڪ بااثر زميندار هو. سيد حاجن شاهه هموطن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي ۽ خانداني دستور مطابق ڪجهه عربي ۽ فارسي تعليم به پرايائين. سندس والد جي وفات کان پوءِ هن جي تعليم جو سفر منقطع ٿي ويو ۽ پوءِ پنهنجي ڀاءُ عالم شاهه جي زيرسايه رهيو، سيد عالم شاهه راڳ رنگ جو شائق ساز ۽ سنگيت جون محفلون رچائيندڙ ۽ برک گائڪ هو. هموطن صاحب کي پنهنجي ڀاءُ وٽان راڳ جو علم حصي ۾ آيو جنهن ۾ اڳتي هلي پنهنجو پاڻ موکيائين. سندس جواني ۾ سيد عالم شاهه وصال ڪيو. ڀاءُ جي اوچتي جدائي سبب هموطن حساس بڻجي پيو، سندس ڪلهن تي اندروني بيروني بار ڪڙڪي پيو. پنهنجي ڀاءُ جي غير موجودگي جي احساس ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ محبوب جي دام محبت ۾ گرفتاري جي مليل جليل اثر سبب جواني ۾ ئي شاعري جي ميدان ۾ پير پاتائين. کيس جمع خان غريب، محمود خادم ۽ محمد رمضان ثاقب جي گهري صحبت نصيب ٿي ۽ 1939ع ڌاري لاڙ جي بلند شاعر محمد صديق مسافر جي ادبي معاونت کيس ملي، جنهن سبب هموطن سيتائي بهترين شاعر ثابت ٿيو، ڊراما لکيائين. پنهنجا لکيل ڊرامه اسٽِج ڪرايائين ۽ انهن جي آمدني غريب شاگردن کي ڏنائين. هي برک شاعر فياض طبيعت رکندڙ ملوڪ ماڻهو 14 مئي 1970ع تي پنهنجن پراون کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

لونگ خان لائق سيتائي:

لونگ خان ولد محمد پريل سولنگي سيتا ولين جي ڀر ۾ واقع ننڍڙي ڳوٺ وريو سولنگي ۾ 21 جون 1932ع تي پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول سيتا وليج مان ورتي ۽ سنڌي فائينل جو امتحان  1947ع ۾ پاس ڪري 11 جون 1948ع کان استادي پيشو اختيار ڪيو. شاعري جو شوق کيس شاگرديءَ جي زماني ۾ لڳو. ڪافيون ڪلام ٺاهي پنهنجي ذوق جي تڪميل ڪيائين. ان دور جي مشهور معروف شاعر ۽ اديب حڪيم جمع خان غريب جي زير تربيت رهي شاعري جي وزن بحر ۽ فني لوازمن جي باضابطه ڄاڻ حاصل ڪيائين ۽ ان جي وفات کان پوءِ ان دور جي قادرالڪلام شاعر عبدالله اثر لاڙڪاڻوي کان به اصلاح وٺندو رهيو. پنهنجي محنت ۽ مشق آزمائي ۽ ذهني صلاحيتن سبب علم عروض تي عبور حاصل ڪري شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين.

سنڌ جي جنهن پهرئين مشاعري ۾ هن شرڪت ڪئي، اهو حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو هو ۽ ان جي طرح هئي قصئه منصور ٿي يا طور جو افسانه ٿي. اهڙي طرح لونگ لائق سيتائي جميعت الشعراء سنڌ ۽ ٻين مختلف بزمن ۽ ادبي انجمن طرفان منعقد ٿيندڙ مشاعرن ۾ وڏي جوش خروش سان حصو وٺندو رهيو. سنڌ جي ان دور جو ڪو شايدئي اهڙو مشاعرو هجي جنهن ۾ لائق سيتائي حصو نه ورتو هجي. ان ڳالهه جو ثبوت پٺتي ڇڏيل ڪثير التعداد ادبي دعوت نامن مان ملي ٿو. شاعري سان کيس بيحد لڳاءُ هيو، جتي به ويهندو ته دوستن احبابن کي موقعي جي مناسبت سان شعر ٻڌائيندو هو. سندس وفات 21 اپريل 1987ع ۾ ٿي. (جلد-2، ص 657)

بولچند سيتائي:

بولچند جنهن کي بولومل پڻ چوندا هئا. قابل استاد هيو ۽ تعليم جي ميدان ۾ هن وڏو نالو ڪمايو. سيتا ڳوٺ جو هيءُ رهاڪو هندو فرد نه فقط درس و تدريس جي سلسلي ۾ ماهر هو. بلڪ تمام بهترين مصور ڊزائينر ۽ بت تراش به هو. بهترين پورٽريٽ لئنڊ اسڪيپ ۽ اسڪيچ ٺاهي سگهندو هو. هندن جي دور ۾ سندن گهرن جي ڊزائين، مورتين ۽ تصويرن سينگارڻ واري عمل ۾ بولچند جو وڏو هٿ هو. هندن جا اڪثر گهر، مندر، پاٺشالائون ۽ پئنچائت گهر هن جي تصويرن ۽ ڊزائين سان سينگاريل هوندا هئا. هن سيتا ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي هڪ ڪمري ۾ هڪ هندو عورت ۽ ڪاز پکي جي خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي هئي. جيڪا هن جي انڊيا لڏي وڃڻ پڄاڻان به پنجاهه سالن تائين سندس ياد تازه ڪندي رهي. ان ئي تصوير کان متاثر ٿي بشير سيتائي کي هڪ نظم بولچند جي نانءَ ۾ هن عطيم مصور کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اسڪول جي مرامت وقت ڪن بدذوق ماڻهن ان تصوير جو خيال نه رکندي اها تصوير مسمار ڪري ڇڏي، پاڻ شاعري به ڪندو هو ۽ ڪجهه ڊرامه لکي اسٽيج ڪرائين. هڪ هندو ناري ديا ٻائي سان سندس عشق مشهور هو جنهن سان پوءِ شادي ڪيائين. تقسيم هند و پاڪ وقت سيتا ڳوٺ کي هميشه لاءِ ڇڏي ڀارت هليو ويو.

حافظ محمد احسن چنا:

استاد الشعراء حافظ محمد احسن چند ولد جمع خان چنا 12 اپريل 1900ع ۾ ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادو ۾ ڄائو. سندس نالو محمد رکيو ويو، ڪجهه عرصي بعد سندس نالو محمد هاشم رکيو ويو. سندن ڳوٺ ۾ پير مدد علي شاهه جيلاني راڻيپور وارو آيو. جنهن سندس نالو محمد احسن رکيو ۽ دعا ڪيائين ته نيڪ صالح پرهيزگار حافظ ۽ وڏي احسن عمل وارو ٿيندو. حافظ صاحب جڏهن ڇهن سالن جو ٿيو ته کيس علامه مخدوم غلام محمد ملڪاڻي جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو. جتي قرآن شريف ناظره حافظ نصرالله وٽ پڙهيو ان کان پوءِ فارسي ۽ عربي علامه غلام محمد ملڪاڻي صاحب وٽ پڙهيو. ڪتابن جي وسيع مطالعي کان پوءِ تصنيف و تاليف شعر گوئي ۽ مقالا نگاري جو ذوق پيدا ٿيس. 1918ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو کولي درس و تدريس جو آغاز ڪيائين. اهو مدرسو 1951ع تائين قائم رهيو. حافظ صاحب مڪتب ۾ نهايت محنت ۽ لگن سان ڪم ڪندو رهيو. سندس ڪيترن ئي شاگردن فائينل پاس ڪري ماستري ۽ ٻيون نوڪريون حاصل ڪيون ۽ ڪي شاگرد انگريزي پڙهي اعليٰ عهدن تي پهتا، حافظ صاحب شاگردي واري زماني کان شعر و شاعري ڪندو رهندو هو. سندس پهريون قومي نظم لاڙڪاڻه مان نڪرندڙ اخبار الحقيقت ۾ شايع ٿيو. ازانسواءِ 1920ع ۾ملا اسڪول مخزن جيڪا ماهوار حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان شايع ٿيندي هئي. ان ۾ تعليم جي عنوان سان سندس شعر شايع ٿيو.

حافظ صاحب ترغيب العلم نالي ڪتاب شمس العلماء مرزا قليچ بيگ کي نظرثاني لاءِ موڪليو، جنهن ان کي پسند ڪيو ۽ اهو اسڪول بوڪ ڪاميٽي بمبئي کي موڪليو ۽ اهو ڪتاب اسڪولن لاءِ منظور ڪيو ويو. اهو ڪتاب پوڪرداس بوڪ سيلر شڪارپور واري 1922ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو جيڪو اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو هو، سال 1930ع ۾ ويڙهومل کٽڻ مل ڪتب فروش لاڙڪاڻه واري پنهنجي خرچ سان ٻه سؤ شعرن جو مجموعو ديوان احسن جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. جيڪو تعليم کاتي، اسڪولن ۽ ٽريننگ ڪاليجن لاءِ منظور ڪيو ويو حافظ محمد حسن چنا، ماستر علي حيدر ملڪاڻي، جمع خان غريب ۽ امام الدين ضامن جي تعوان سان دادو شهر ۾ انجمن آفتاب ادب جو پايو وڌو. ان جو پاڻ وفات تائين جنرل سيڪريٽري رهيو. حافظ صاحب دادو ۾ ڇهين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس 1940ع ۾ ڪوٺائي، جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري هو. هن ڪانفرنس ۾ سڄي سنڌ مان ڪافي اديب شاعر ۽ وڏا دانشور شريڪ ٿيا. هن ڪانفرنس جي صدارت رئيس ضياءُالدين ايس بلبل ڪئي.

حافظ صاحب 1948ع ۾ ڳوٺ ملڪاڻي کان لڏي دادو شهر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي.

دادو ۾ ٻارهين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس انجمنِ آفتاب ادب جي طرفان منعقد ڪرائي، جنهن جي صدارت علامه آءِ.آءِ قاضي ڪئي، حافظ صاحب کي شعر و شاعري تصنيف تاليف ۽ مضمون نگاري سان لڳاءُ هو. مضمونن ۽ شعرن تي کيس ڪيترائي انعام مليا. حافظ محمد احسن چنا جو ڪلام ريڊيو ۽ ٽي.وي تان به نشر ٿيندو رهندو آهي. حافظ صاحب کي 1973ع کان وٺي پاڪستان سرڪار طرفان ماهوار وظيفو ملندو رهي ٿو. ان کان علاوه سال 1974ع کان سنڌ حڪومت پڻ ماهوار وظيفو مقرر ڪري ڏنو.

حافظ جو ڪلام هر صنف تي آهي، غزل، قصيدو، رباعي، قطعات، مسدس، مخمس، ۽ قطع تاريخ لکڻ ۾ مشهور هو. سندس شعر سنڌ جي مشهور رسالن گلدسته، سنڌ اديب، سنڌ الجامعه، علمي دنيا، سنڌو ، نئين زندگي مهراڻ، ٽه ماهي روح ادب، فردوس، تعليم اخبار ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪو آهي.

حافظ صاحب جا نظم ۾ هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا آهن، ديوان احسن، گلزار شعر، احسن الاخلاق، رباعيات احسن، گلدسته احسن، لطيفي لات ۽ ٻيا نثر ۾ سندس هيٺيان ڪتاب قابلِ ذڪر آهن. سچن تي ستم، سوانح مخدوم بلال، بنات الرسول، شاهه جو پيغام، اصلاح المسلمين، سنڌي گرامي ۽ سنڌي سونهون وغيره.

حافظ صاحب ادب جي ميدان ۾ وڏي جاکوڙي انسان هو، هن صاحب دادو شهر ۾ هڪ اخبار آواز سنڌ جاري ڪئي جنهن جو پاڻ پبلشر ۽ ايڊيٽر هو. حافظ صاحب 19 جون 1988ع تي وفات ڪئي.

حافظ صاحب جي شعر جو نمونو پيش ڪجي ٿو:

ڏکن کان پوءِ سک آهن اهو ضرب المثل آهي

خزان ويندي اجهو ايندو وري وارو بهاري جو

صباجو واءُ گهلندو ۽ ڪڪر ڪارا هٽي ويندا

جڏهن سورج ڪڍيون شاخون ويو غم رات ڪاري جو.

استاد بخاري:(1)

سيد احمد شاهه، استاد بخاري، تاريخ 16 جنوري 1930ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ڳوٺ غلام چاڊيو تعلقي دادو ۾ اک کولي، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيو، پرائمري تعليم مڪمل ڪري  فائينل جي تياري ڪيائين. 1944ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪري 1947ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1951ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول مٺياڻي مان ايس.و ي جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ انٽر ۽ بي.اي جو امتحان به پاس ڪري ورتائين. ان کان علاوه اديب سنڌي، اديب عالم ۽ اديب فاضل جو امتحان پاس ڪيائين.

سال 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم.اي پاس ڪري لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. انکان پوءِ دادو ڊگري ڪاليج ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيائين.

استاد بخاري 1942ع کان شاعري شروع ڪئي، استاد بخاري ٿوري عرصي ۾ پنهنجي همعصر شاعرن ۾ وڏو مقام حاصل ڪري، داد حاصل ڪندو رهيو. سندس باقاعده شاعري جي شروعات 1950ع ۾ انجمنِ آفتاب ادب جي مشاعرن ۾ شرڪت سان ٿي. استاد ڪيترن ئي ادبي تنظيمن سان وابسته رهيو. جن ۾ انجمن آفتابِ ادب دادو، بزمِ طالب الموليٰ ۽ سنڌي ادبي سنگت شامل آهي. مولانا غلام محمد گرامي سندس اصلاح ۽ تربيت ڪئي ۽ ٽه ماهي مهراڻ ۾ سندس ڪلام اصلاح ڪرڻ کان پوءِ شايع ڪندو رهيو.

استاد بخاري جو ڪلام اڪثر جدت پسندي ڏانهن مائل آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سندس ڪلام جو مجموعو گيت اسان جا جيت اسان جي منظر عام تي آيو. ان ڪتاب کي اولهه پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان انعام ڏنو ويو. ان کان علاوه سنڌالاجي طرفان کيس پنج سؤ روپيه انعام ڏنو ويو. استاد بخاري شعر جي مختلف صنفن جي طبع آزمائي ڪئي آهي.


(1)  پنهور صاحب پنهنجي شعبي ۾ ڄاتل سڃاتل عالم ۽ محقق هو. سندس ذاتي ڪتبخاني ۾ سنڌ بابت مواد تي 6 هزار کان وڌيڪ ڪتاب آهن. ازانسواءِ 3 هزارن کان وڌيڪ نقشا پڻ موجود آهن. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايڊوائيزر انجنيئر طور به ڪم ڪيو. ان کان علاوه سوَن جي تعداد ۾ سندس عالمانه مقالا لکيل آهن. پاڻ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو ؟؟؟ پروفيسر به رهيو.پنهور صاحب 1969ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي، پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، قديم آثارن، معدينات ۽ پاڻياٺ تي نهايت عرق ريزيءَ سان تحقيق ڪرڻ ۾ رڌل رهيو. هن زير زمين پاڻيءَ تي 13 ڪتاب لکيا. ايم. ايڇ پنهور صاحب 21 اپريل 2007ع ۾ گذاري ويو. سندس تصنيفن مان ڪجھه مکيه ڪتاب هيٺان آهن:

(1) مسلمان عورت (1945ع).

(2) سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا پنج هزار سال

(3) Ground waterin Hyderabad & Khairpur Division (1964).

(4) Material on Sindh (1977).

(5) Sindh ??? relation (1980).

(6) Heroic Struggle of Sindh Against Freedom 1500-1843 (1979).

(7) Causes of Dedine of Pession in Pakistan (1975).

(8) Chronological Dictionary of Sindh (1983).

(9) Soomra Dynesty.

ايم. ايڇ پنهور جي وفات کان پوءِ، سندس فرزند سني پنهور جيڪو ڪيليفورنيا آمريڪا جو وڏو واپاري آهي، پنهنجي والد صاحب جي سموري ملڪيت تي مشتمل هڪ ٽرسٽ قائم ڪئي آهي. انهيءَ ٽرسٽ ذريعي سندس نالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”ايم. ايڇ پنهور چيئر“ قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي، جنهن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ 3 سؤ ايڪڙ زمين پڻ ڏني آهي.

(1) استاد بخاريءَ جي شاعري جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، جي هن طرح آهن: گيت اسان جا، جيت اسان جي (1971ع)، هي گيت گلابي ٻارن جا (1980ع)، اوتون جوتون (1985ع)، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ (1986ع)، سوچون ڀڻڪا واڪا (1990ع)، لهر لهر درياء (1990ع)، ڪاري ڪڪر هيٺ (1991ع)، ڌرتي سرتي (1991ع)، زندگي زندگي (1992ع)، نه ڪم نبريو نه غم نبريو (1993ع)، جستجو لاتقنطو (1993ع)، ماندي ٿيءُ نه مارئي (194ع)، ولولو ۽ ووڪ (1994ع)، ميلا ملهالا (1996ع)، وطن ۽ ويساهه (1997ع)، ڌوڙ دل تي درد جي (2007ع)، گلدستي ۾ گيت (2007ع)، بخاريءَ جا قطعا (2008ع)، پير نه هٽن پوئتي (2007ع)، گهڙياسي چڙهيا (2007ع)، لهري لهري ۾ لالاڻ (1998ع)، ڳائي پيو جاڳي پيو (1999ع)، هي گجرا هي گولا (1997ع)، هڙئي هيج وطن جا (1998ع)، ۽ تڙ تڙ تيڏيان ڳالهايان (سرائڪي ڪلام 2001ع)، استاد بخاري جي شاعريءَ جي لغت اکر اکر آرسي، عزيز ڪنگراڻيءَ تيار ڪئي، جا سنڌي لئنگويج اٿارٽي 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪئي آهي، ازانسواءِ سندس شخصيت ۽ فن تي تاج جوئي جو ڪتاب ”قوم چوي ٿي ٻول“ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران 1993ع ۾ ڇپيو ويو. علي دوست عاجز ”آديسي استاد“ نالي ڪتاب لکيو ويو جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 2005ع ۾ ڇپي پڌرو ڪيو. انٽرويوئن، نثري لکڻين ۽ مهاڳن تي آزاد انور ڪانڌڙي هڪ ڪتاب ”سمي دريا، سمي صحرا“ 2007ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو. سنڌي زبان جي هڪ دور جو نمائنده شاعر استاد بخاري ڪئنسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي، ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ 9 آڪٽوبر 1992ع تي وفات ڪري ويو، کيس دادوءَ ۾ دفن ڪيو ويو. (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org