سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 17

سڪايل شوڪت شاهه:

سڪايل شوڪت شاهه ولد سيد نبن شاهه 1- جنوري 1968ع تي ڳوٺ پپري تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم حاصل ڪري پوءِ ميٽرڪ دادو مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو آهي. هن وقت سندس رهائش دادو ۾ آهي. 1980ع کان شاعري ڪري ٿو. غزل، گيت، چؤسٽا ۽ نظم تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. هڪ ڪتاب جيترو مواد گڏ ڪيل اٿس. جيڪو اشاعت جي اوسيئڙي ۾ آهي.

سلامت جويو:

سلامت علي جويو ولد نبي بخش جويو 1- مارچ 1981ع تي دادوءَ ۾ جنم ورتو. تعليم بي.اي ڪري چڪو آهي. سرڪاري نوڪري ۾ پنهنجون خدمتون سرنجام ڏئي رهيو آهي. 1998ع کان ادبي دنيا سان وابسته آهي. ادبي دنيا ۾ سندس رهنمائي بشير سيتائي ڪئي. شاعري کان علاوه ڪهاڻيون به لکندو رهي ٿو، ٻه عدد شاعري جا ڪتاب سهيڙيل اٿس، جيڪي اڃان ڇپائي نه سگهيو آهي.

خليل ميمڻ:

خليل الله ميمڻ ولد الله بخش ميمڻ 1- نومبر 1977ع تي سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ ثانوي تعليم پاٽ شريف مان حاصل ڪيائين. هن وقت ايم.اي ڪري چڪو آهي. 1995ع کان ادب ۾ پير پاتو اٿس، سندس ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهن. جيڪي  اشاعت جا منتظر آهن. سندس ادب ۾ استاد نصير سارنگ آهي، جيڪو هڪ صحافي ۽ اديب آهي.

دوست محمد شاهه درويش سيتائي:

سيد دوست محمد شاهه ولد سيد خان محمد شاهه 1906ع ۾ سيتا وليج تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ادب ۾ سندس تخلص درويش سيتائي هو. سنڌي فائينل پاس هو. فارسي جي تعليم به حاصل ڪئي هئائين. 1926ع کان ادب جي دنيا ۾ آيو. هن ڏوهيڙن ۽ بيتن تي طبع آزمائي ڪئي. درويش سيتائي 25- آگسٽ 1986ع ۾ رحلت فرمائي. پٺيان هڪ ڪتاب جيترو مواد ڇڏي ويو آهي.

سائل سنڌي:

محمد صالح ڀُٽو ولد محمد عرس ڀُٽو  16- مارچ 1964ع تي ڳوٺ ڪانهري تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو. سندس تخلص سائل سنڌي آهي. ايم.ايس.سي ۽ ايم.ايڊ تائين تعليم حاصل ڪري چڪو آهي، ليڪچرار جي حيثيت سان تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، 1995ع کان شاعري ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه مضمون مقالا لکيا اٿس. سندس شاعري جو مجموعو قلمي صورت ۾ موجود آهي جيڪو ڇپائي لاءِ منتظر آهي.

حافظ خليل احمد طارق:

حافظ خليل احمد طارق، ولد الهرکيو مير بحر سال 1938ع تي ڳوٺ پير ڳڻيو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ديني مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي ٻولي به پڙهيو، عربي ۽ فارسي ۾ دسترس اٿس. ادب جي ابتدا 1950ع کان ڪيائين ٻه ٽي ڪتاب مختلف موضوعن تي لکيل اٿس.

حافظ قربان علي وگهيو:

حافظ قربان علي ولد عبدالرحمان وگهيو 1947ع ڳوٺ عبدالرحيم جو کوهه تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو. تعليم مولوي عريڪ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. سندس قلمي پورهيو هڪ ڪتاب جيترو وٽس موجود آهي. پاڻ هڪ عالم جي حيثيت رکي ٿو.

خادم زنئور:

خادم حسين ولد شاهه علي زنئور ويٺل ڳوٺ فتح علي زنئور تعلقي دادو ۾ 3 آڪٽوبر 1961ع تي جنم ورتو. ادب ۾ ابتدا 1998ع کان ڪيائين. شعر و شاعري ڪندو آهي. ۽ هڪ عدد ڪتاب جيترو مواد وٽس موجود آهي. سندس تعليم ايم. اي آهي ۽ پاڻ ڊويزنل اڪائونٽس آفيسر آهي.

خالد کوکر:

خالد عيسيٰ کوکر ولد محمد عيسيٰ کوکر تاريخ 26 جون 1965ع تي ڳوٺ باداڻي تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو. تعليم بي. اي تائين اٿس. 1982ع کان ادبي دنيا سان وابسته آهي. سندس ڪالم ۽ مضمون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. وٽس ڪافي مواد موجود آهي.

ارباب علي پلهه:

ارباب علي پلهه ولد عبدالرسول پلهه تاريخ 22 جون 1978ع تي ڳوٺ ڀائي خان پلهه دادو ۾ جنم ورتو. تعليم بي. اي اٿس. هن وقت استادي جهڙي معزز پيشي سان وابسته آهي. سال 2001ع کان ڪهاڻيون لکي ٿو. ان کان علاوه ٻارڙن لاءِ انگريزي ۾ سوالن جوابن تي مشتمل هڪ ڪتاب به شايع ٿيل اٿس. هڪ سائنس جو ڪتاب پروگريسو ماڊرن سائنس اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود اٿس. جيڪو اشاعت جي اوسيڙي ۾ آهي.

جگر سنڌي:

محمد سلطان ولد محمد علي ڪوريجو تخلص جگر سنڌي 2 آگسٽ 1932ع تي ڳوٺ رڪڻ پراڻي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پنهنجي ڳوٺ مان پرائمري ۽ فائينل جو امتحان ڏئي، استادي جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. دادو جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ضلع دادو جو صدر به رهيو. هن استادي پيشي سان گڏ ادبي دنيا ۾ پنهنجون سرگرميون جاري رکيون، 1953ع کان شعر و شاعري کان علاوه مقالا به لکيا آهن ۽ هڪ عدد ڪتاب جيترو مواد کيس وٽ موجود آهي. جيڪو ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهي.

حاجن چارڻ:

عبدالرسول ولد حاجي عبدالڪريم چارڻ غريب آباد محلي دادو ۾ سال 1961ع ۾ جنم ورتو. تخلص حاجن چارڻ اٿس. 1982ع کان ادب سان واسطو اٿس. هڪ ڪتاب جيترو مواد سهيڙيو اٿس. جيڪو قلمي صورت ۾ وٽس موجود آهي.

مولا بخش آزاد:

مولا بخش آزاد ولد محمد بخش عرف بخشل سولنگي 7 آڪٽوبر 1973ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. انٽر تائين تعليم حاصل ڪري چڪو آهي. 1992ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي اٿس. شاعري به ڪري ٿو ۽ ڪهاڻين جو هڪ مجموعه (محبت جو دنگ ڪٿي ٿيندو) اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود اٿس. جيڪو ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهي.

مير ممتاز  برهماڻي:

ممتاز علي برهماڻي ولد محمد نواز برهماڻي تاريخ 7 ڊسمبر 1984ع تي ڳوٺ پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ ڄائو. انٽر تائين تعليم حاصل ڪري چڪو آهي. سال 1988ع ۾ ادبي دنيا ۾ آيو آهي، مير ممتاز برهماڻي جي نالي سان ناول ۽ ڪهاڻيون لکي ٿو. شعر شاعري به ڪندو آهي. هڪ ڪتاب جيترو مواد وٽس موجود آهي.

نبي بخش ساحل:

نبي بخش ولد فيض محمد ذات لغاري 20 نومبر 1977ع تي جنم ورتو. نبي بخش ساحل جي نالي سان شعر و شاعري ڪري ٿو. سال 1995ع کان ادبي لڏي سان شامل ٿيو آهي. سندس مستقل رهائش دادو شهر آهي. سندس شاعري جو هڪ ڪتاب جيڪو وٽس قلمي صورت ۾ موجود آهي، ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهي.

نورالدين چنا سيتائي:

نورالدين ولد محمد ايوب چنا تاريخ 15 سيپٽمبر 1972ع تي سيتاوليج تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪري هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. جتان ميٽرڪ پاس ڪيائين. تعليم جاري رکيائين، هن وقت بي. اي ڪري چڪو آهي، هن ڪهاڻيون، مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن، ان سان گڏ شاعري به ڪري ٿو، شاعري ۾ سندس استاد بشير سيتائي آهي. سال 1990ع کان لکڻ شروع ڪيائين. وٽس ٻن ڪتابن جو مواد موجود آهي.

نصير سارنگ:

نصير احمد ميمڻ ولد محمد بخش ميمڻ جيڪو نصير سارنگ جي نالي سان لکندو آهي، تاريخ 5 آگسٽ 1970ع تي سنڌ جي مشهور ۽ تاريخي شهر پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ اک کولي. پرائمري تعليم پاٽ شريف مان پڙهي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين. جتان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين. مسلم ڪاليج حيدرآباد مان انٽرميڊيٽ جو امتحان پاس ڪري، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ داخلا ورتائين. ۽ اتان ئي گريجوئيشن ڪيائين ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ ئي ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي بعد کيس پروموشن ڏئي ساڳي يونيورسٽي ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. هن وقت خيرپور ميرس ۾ هڪ پروجيڪٽ ۾ ارڙهين گريڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

نصير سارنگ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور انداز سان حصو وٺي رهيو آهي، 1987ع کان ادبي لڏي ۾ شامل ٿيو. ڪيترائي مضمون مقالا ۽ ڪالم لکيا اٿس.

نوشاد کوسو:

نور نبي جنهن جو ادبي نالو نوشاد کوسو آهي. تاريخ 13 آڪتوبر 1966ع تي دادو ۾ غلام نبي کوسو جي گهر اک کولي. 1983ع کان شاعري ڪري ٿو، تعليم بي. اي تائين اٿس. هن غزل، گيت، چوسٽا ۽ نظم لکيا آهن. انهن تي طبع آزمائي ڪري ٿو. پاڻ هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر آهي.

وحيد قريشي:

وحيد الزمان قريشي ولد لطف الله قريشي 12 فيبروري 1962ع تي ڳوٺ ڪنڊي تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو. تعليم انٽر تائين اٿس، 1978ع کان شاعري ڪري ٿو. مصمون ۽ ڪالم به لکندو رهندو آهي.

وفا بهادر چانڊيو:

بهادر چانڊيو ولد الهداد خان چانڊيو تاريخ 28 جنوري 1973ع تي ڳوٺ بهرام خان چانڊيه لڳ پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ اک کولي. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪري چڪو آهي. ادبي سرگرمين ۾ 1993ع کان حصو وٺي رهيو آهي، شاعري کان علاوه مضمون به لکندو آهي. سندس استاد فدا ڪلرائي آهي. نالو وفا بهادر چانڊيو اٿس ۽ ان نالي سان شعر و شاعري ڪندو آهي.

وفا ياسين آرائين:

وفا ياسين آرائين ولد محمد حسين آرائين 2 مارچ 1970ع تي ڳوٺ پيارو آرائين تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. تعليم بي. ايس. سي تائين حاصل ڪري چڪو آهي، 1990ع کان شعر و شاعري ڪندو اچي ٿو. نثر ۾ به ڪيترائي ڪالم مضمون ۽ مقالا لکيا اٿس.

وفا ياسين چارڻ:

غلام ياسين ولد حاجي محمد صالح چارڻ جيڪو وفا ياسين جي نالي سان لکندو آهي. اهو تاريخ 8 سيپٽمبر 1971ع تي غريب آباد محلي دادو ۾ اک کولي. انٽر تائين تعليم ٿيل اٿس، 1990ع کان شاعري ڪري ٿو. ۽ هڪ عدد ڪتاب جيترو مواد وٽس موجود آهي.

الهه ڏنو برهماڻي:

الهه ڏنو ولد بيگو خان برهماڻي 1 جنوري 1935ع تي ڳوٺ سچارو شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. تعليم فائينل ۽ اديب فاضل ٿيل اٿس. شعر و شاعري سان شغف اٿس، نعتيه شاعري ڪندو آهي، سنڌ جو مشهور نعت خوان آهي. سندس نعتن جا ٻه ڪتاب شايع ٿيا آهن، سندس سنڌي فائينل جو استاد سر شفيع محمد قريشي ۽ سيد عبدالرحمٰن شاهه آهن، ۽ شاعري ۾ سندس استاد محمد مصطفيٰ ملڪاڻي آهي.

ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ:

نظير احمد ولد رسول بخش چارڻ 2 جون 1947ع تي ڳوٺ ٻٽڙا پنهور تعلقي جوهي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد دادو مان، ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو مان بي. اي فرسٽ ڪلاس، ٽين پوزيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان حاصل ڪيائين. ان کان علاوه ڊي. ايڇ. ايم. ايس هوميوپيٿڪ چار سال جناح هوميوپيٿي ڪاليج ڪراچي مان چار ئي سال پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. ان ڪري کيس گولڊ ميڊلسٽ عطا ڪيو ويو. هن بيچلر آف هوميوپيٿڪ ميڊل ۽ بيچر آف هوميوپيٿي اسپيشلسٽ آف گائناڪالوجي ڇاتي جي ڪينسر تي جرمني مان ڊگري حاصل ڪئي.

سال 1992ع کان 1998ع تائين روزانه جاڳو ۾ هوميوپيٿي تي ڪالم لکيائين ۽ مشهور ڪالم هوميوپيٿڪ ڪلينڪ جي حوالي سان پڙهندڙن جي خطن جا جواب هر هفتي ڪالم ۾ ڏيندو رهيو، جنهن ۾ جملي پندرهن هزار خطن جا جواب هر هفتي ڪالم ۾ ڏيندو رهيو، جنهن ۾ جملي پندرهن هزار خطن جا جواب ڏنا ويا، جن ۾ ڪجھ خط اخبار ۾ شايع ٿيا. ۽ باقي ٻين کي سڌو سئون جواب ڏنا ويا.

سال 1998ع کان 1999ع تائين روزانه برسات ڪراچي ۾ هوميوپيٿڪ ڪلينڪ ۽ روزانه عبرت مئگزين ۾ به هوميپيٿڪ ڪلينڪ جي حوالي سان سندس خط شايع ٿيندا رهيا. هيڪڙ ٻيڪڙ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ بيماريون ۽ انهن جو هوميوپيٿي علاج جي حوالي سان به ڪيترائي ڪالم شايع ٿيندا رهيا اٿس، ان کان علاوه دادو ۾ پاڻي ۾ سنکئي جي هجڻ تي چئن ڪالمن تي مشتمل تحقيقاتي مضمون روزانه خبرون اخبار ۾ شايع ٿيو آهي. ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ هڪ ئي وقت چار ڪتاب ترتيب ڏئي رهيو آهي. 1. ڇاتي جو ڪينسر ۽ ان جو هوميوپيٿي ۾ علاج 2. عام بيماريون ۽ ان جو هوميوپيٿي علاج 3. زنانيون بيماريون ۽ ان جو هوميوپيٿي علاج 4. ٻارن جون عام بيماريون ۽ ان جو هوميوپيٿي علاج، ان کان علاوه هوميوپيٿي جي جڳ مشهور مٽيريا ميڊيڪا جيڪا انگريزي ۾ ڊاڪٽر وليم بورڪ جي لکيل آهي. ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي.

ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ سماجي سرگرمين ۾ به ڪم ڪري رهيو آهي. هوميوپيٿي علاج جي حوالي سان ڪيترائي ڀيرا ڪيمپون هڻائي چڪو آهي. جتي غريب ۽ مسڪين مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو آهي. دادو شهر ۾ (ليشمينيا) چمڙي جي بيماري تي ٻه ڀيرا سندس پاران ڪيمپون قائم ڪيون ويون. اهڙي طرح ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو. سندس رهائش دادو جي بٺ پاڙي ۾ آهي.

شهباز سومرو:

عبدالستار سومرو ولد محمد صديق سومرو 15 فيبروري 1977ع تي ڦلجي اسٽيشن تعلقي دادو ۾ ڄائو. سندس تخلص شهباز سومرو آهي. شهباز سومري پنجون درجو ڦلجي اسٽيشن مان، ميٽرڪ به هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن مان حاصل ڪيائين ۽ گريجوئيشن استاد بخاري ڊگري ڪاليج مان پاس ڪيائين. شاگردي واري دور کان ادب ۾ پير پاتائين، سندس ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم مختلف روزانه اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ روزانه بختور، الک، عبرت، سنڌو حيدرآباد، روزانه رياست، ايڪسپريس، خبرين (اردو)، عوامي آواز، پاڪ، سنڌ سجاڳ، هلال پاڪستان ۽ ماهوار نئين سوچ شامل آهن، شعر و شاعري به ڪئي اٿس. غزل، گيت ۽ چوسٽن تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. سندس ٻه گيت رحمت ميرالي ۽ شمن ميرالي به ڳايا آهن. ان کان علاوه فنڪار سرور سخيراڻي به ڪجھ گيت ڳايا اٿس. شهباز سومرو صحافت سان به وابسته رهيو آهي، هن وقت ٽيلي فلم وير لکي رهيو آهي. جيڪا جلد ٽيلي ڪاسٽ ٿيندي.

وفا ڪوڙل چنا:

وفا ڪوڙل چنا ولد محمد ڇتل چنا 1 مارچ 1977ع تي ڳوٺ ابڙان ۾ جنم ورتو. هن وقت دادو شهر ۾ رهائش پذير آهي. تعليم بي. اي تائين حاصل ڪئي اٿس. دادو شهر ۾ سندس ذاتي ڪاروبار آهي. 1993ع کان ادب ۾ نواز رڪڻائي جي رهبري ۾ پير پاتو اٿس. غزل، گيت، بيت، نظم، چوسٽا چيا اٿس. شاعري جو هڪ ڪتاب نيڻ نه ننڍون ڪن شايع ٿيو اٿس. ٻيو شاعري جو ڪتاب اڻ ڇپيل موجود اٿس. جيڪو ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهي.

امداد سومرو:

امداد ولد عطا محمد سومرو تاريخ 14 ڊسمبر 1970ع تي سيتا ڳوٺ تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. امداد سومرو هڪ قابل، محنتي ليکڪ، قلمڪار ۽ صحافي آهي. هن پهريائين روزانه اخبار عبرت ۽ پوءِ روزانه ڪاوش حيدرآباد ۾ پنهنجون صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم مختلف اخبارن ۾ لکيا. امداد سومرو عبرت لاءِ سکر جو بيورو چيف آهي. هن صحافت کي باقائده ذريعه معاش بنايو. هن ڪرنٽ افيئرس تي ڪيتريون ئي اسٽوريون ۽ فيچر لکيا آهن. جن مان سندس صحافتي صلاحيتون نمايان آهن. هن روزانه اخبار عبرت ۽ عبرت مئگزين کان علاوه ڊيلي ڊان، دي نيشن ۽ ٻين انگريزي رسالن ۾ پنهنجا مضمون، مقالا ۽ ڪالم لکيا آهن. موجوده وقت ۾ سنڌ چينل تي ڊاڪيومينٽري سيڪشن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. امداد سومرو صحافت کان علاوه شعر و شاعري به ڪندو آهي.

جمع خان غريب:

سنڌ جي جنهن به ادبي تاريخ ۾ جمع خان غريب جو ذڪر نه هجي ته اها تاريخ اڌوري ليکي ويندي. مرحوم جمع خان ولد ستار ڏنو پيرزاده 15 جنوري 1885ع تي ڳوٺ مريد خان لاکير لڳ سيتاوليج دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سيتا ڳوٺ مان حاصل ڪئي. سنڌي فائينل پاس ڪري استاد جو معزز پيشو اختيار ڪيائين. سنڌ جي مشهوري شاعر محمد صديق مسافر ۽ شمس الدين بلبل جي اصلاح سان پنهنجي وقت جو بهترين شاعر ۽ اديب بڻيو. پاڻ مثالي استاد سان گڏ سٺو حڪيم هيو. طب ۽ حڪمت جي ڄاڻ قاضي عبدالوهاب شڪارپوري کان ورائين. 1940ع ۾ استاد جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. سندس ڪلام نهايت فصيح بليغ سلاست ۽ رواني وارو آهي، هو پنهنجي دور جو هڪ انقلابي شاعر هو. سنڌ جي هر ڳوٺ، وستي، واهڻ ۾ ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ آخر تائين سندس مشاعرن ۽ ادبي مجلسن سان علمي تعلق رهندو آيو. سندس شاعري جو ڪتاب گل نوبهاران وقت جي سرڪار هاءِ اسڪولن لاءِ ڪورس طور منظور ڪيو.

پاڻ اڳتي هلي اديب سنڌ جو ايڊيٽر بڻيو ۽ مسلمان جو سب ايڊيٽر بڻيو. پاڻ هڪ رسالو طالب الموليٰ سيتا روڊ مان پڻ جاري ڪيائين. انهن رسالن جي ايڊيٽر دوران ان وقت جي نو آموز شاعرن کي لکڻ تي همٿايائين. سنڌ کي کوڙ سارا ليکڪ پيدا ڪري ڏنائين. سندس دوستن، اديبن ۽ شاعرن جو هڪ وڏو حلقو هيو ۽ هميشه محفلن جي جان رهيو. جميعت الشعراءِ سنڌ ۽ علم ادب هالا جو سرگرم ڪارڪن رهيو. ادبي محفلن سجائڻ ۾ اڳواڻ رهيو. پاڻ 7 آگسٽ 1953ع تي هي شاعري جو شمس غروب ٿي. ادبي دنيا کي غريب ڪري ويو.

رسول بخش دوست:

رسول بخش دوست سنڌ جي مشهور شاعر جمع خان غريب جو فرزند هو. جيڪو پڻ انقلابي سوچ رکندڙ ۽ بلند پايه جو ادبي ڪارڪن هيو. پنهنجي والد کان رهبري حاصل ڪيائين. ۽ 1942ع کان علم عروض سکي پختي شاعري ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي دور جي برجسته شاعرن جي زير سايه رهي، ادبي محفلن ۾ حصو ورتائين. پنهنجو تخلص دوست رکيائين ۽ ان تخلص جي حوالي سان علم ۽ ادب سان ۽ ادبي احباب سان دوست ٿي نڀايائين. سندس مختصر تعارف هيٺين ريت آهي.

رسول بخش ولد جمع خان پيرزاده سال 1924ع ۾ ڳوٺ مريد خان لاکير لڳ سيتا ڳوٺ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي ۽ گريجوئيشن بمبئي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ بڻجي پنهنجي زندگي جو آغاز ڪيو. نوڪري سان گڏ هو پنهنجي زمين جو ڪم ڪار سنڀاليندو هو. ادبي ڪمن ۾ جهڙوڪ ماهوار طالب الموليٰ سيتا روڊ جي ايڊيٽنگ ۽ مواد سهيڙڻ ۾ پنهنجي والد جمع خان غريب جي مدد ڪندو هو.

رسول بخش دوست سان زندگي جواني ۾ ئي بيوفائي ڪئي ۽ 36 سالن جي ڄمار ۾ رسول بخش دوست سال 1960ع ۾ هن دنيا کي هميشه لاءِ الوداع چئي ويو. سندس نظم ۽ غزل ان وقت جي رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻيا. هن پنهنجي والد وانگر هميشه اصلاحي ۽ انقلابي شاعري ڪئي.

دلبر جمالي:

شمس الدين ولد محمد ابراهيم جمالي ڳوٺ امام بخش جمالي 12 جنوري 1950ع ۾ جنم ورتو. پوءِ مستقل طور تي دادو ۾ رهيو. دادو ۾ نوٽري پبلڪ، اوٿ ڪمشنر رهيو. سندس تعليم ايم. اي، ايل. ايل. بي هئي. ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتائين. ترنم سان شعر پڙهندو هو. ادب سان کيس گهرو لڳاءُ هو.

آخري سالن ۾ ذيابطيش جو مريض رهيو ۽ سال 2004ع ۾ وفات ڪري ويو. سنڌي ادبي سنگت دادو جو فعال ڪارڪن رهيو. بزم دلبر جمالي به پنهنجي زندگي ۾ قائم ڪيائين. بزم غالب دادو طرفان پڻ ڪافي مشاعرا ڪيائين ۽ هڪ مشاعري ۾ پڙهيل شاعري تربيت ڏئي، ڪتاب ماڪ ڦڙا جي نالي غالب ملڪاڻي صاحب جي تعاون سان ڇپرايائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org