سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 22

الله بخش عرف ريشمي ملاح:

الله بخش عرف ريشمي ذات ملاح ڳوٺ دوست محمد ابڙو تعلقي دادو ۾ ڄائو. شروع ۾ مزدوري ڪندو هو. ملهه ڏسي شوق جاڳيس. هن ملهه جي ابتدا هڪ جيڏن سان وڙهندي ڪئي. ڪافي انعام حاصل ڪيا اٿس. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي. سندس استاد جمع ملاح آهي.

محمد اسماعيل مستوئي:

محمد اسماعيل مستوئي ڳوٺ محمد علي مستوئي تعلقي دادو ۾ ڄائو. پنهنجي هڪ عزيز ميهر خان مستوئي کي ملهه وڙهندو ڏسي کيس ملهه جو شوق جاڳيو. ننڍپڻ کان ملهه وڙهڻ لڳو. هي پهلوان سنڌ جي ڪيترن ئي ناميارن پهلوانن سان زور آزمائي ڪري چڪو آهي. جن ۾ صالح چانڊاڻي، قاضي بروهي ۽ ٻيا پهلوان شامل آهن. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي. هن وقت ملهه جو شوق ڇڏي ويو آهي.

غلام نبي ڊکڻ:

غلام نبي ڊکڻ ڳوٺ ڪاڪڙي جو رهواسي آهي. اسڪول جي زماني ۾ هڪ جيڏن سان ملهه وڙهندو هو. جڏهن جوان ٿيو ته باقائده ملهه وڙهڻ لڳو. امير پير جي درگاهه جيڪا سندس ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي آهي. اتي هر سال ميلو لڳندو آهي. اتي ملهه وڙهي سرسي حاصل ڪئي. پوءِ وڌيڪ شوق جاڳيس. هي احمد خان گاڏي سان به وڙهيو. جيڪو پهلوان حاجي خان خشڪ جو شاگد هو. ان کي ٻئي ملهون ماري انعام حاصل ڪيائين. هر جمعي تي پير محمد مراد تي ملاکڙو لڳندو هو. اتي به پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندو هو. ان سان گڏ نانگي شاهه جي ميلي تي به ڪيترائي دفعا ملهه وڙهيو ۽ سوڀارو ٿيو. ان ميلي ۾ پهلوان پيرل لغاري سان به وڙهيو، جيڪو اصل خيرپور ناٿن شاهه جو رهواسي هو. ان کي دسي هڪ سؤ جو بل حاصل ڪيائين. ان کان علاوه الهداد فقير جي ميلي ۾ پهلوان حاجي بخش علي رودناڻي سان وڙهيو. هن پهلوان سان ڪير به مقابلي جي جرئت ڪري نه سگهيو. 3 ڏينهن پهلوان غلام نبي ڊکڻ ساڻس مقابلو ڪيو ۽ ٻئي ملهون ماري سندس طرفان رکيل ٻن سون جو بل کٽي ورتو. ان سان گڏ ملاکڙي جي شوقينن بل ۽ نقد رقم نڇاور ڪئي. هي پهلوان ٻين ڪيترن ئي پهلوانن سان وڙهي داد حاصل ڪيو، جن ۾ پيرو جوڳي، خدا بخش مگسي، صديق ٻٻر سان به وڙهيو ۽ انهن کي دسي سرسي حاصل ڪيائين. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي. هن وقت ملهه راند کان ڪناره ڪشي ڪئي اٿس. ملهه ۾ سندس استاد پهلوان جمعو ملاح آهي.

محمد الياس عرف بحر سولنگي:

محمد الياس عرف بحر سولنگي ولد عبدالواحد سولنگي 1935ع تي ڳوٺ سيتا ننڍي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. صرف پنجين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. ملهه جو شوق ننڍپڻ کان هيس. سندس ڳوٺ جي ڀرسان سيد حاجن شاهه هم وطن سيتائين جي درگاهه آهي. اتي ملهه ايندا هئا ۽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. درگاهه تي ملهه وڙهندو ڏسي کيس ملهه جو شوق ٿيو. 18 سالن جي عمر ملهه وڙهڻ لڳو. هن ڪيترن ئي ملاکڙن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. جن ۾ سعدي موساڻي، شاهه پنجو، رحماني ننگر، خيرپور ناٿن شاهه، امير پير، دادن فقير قريشي، ڀٽائي گهوٽ، قلندر لال شهباز، بابا صلاح الدين، پير مشائخ ۽ ٻين ملاکڙن ۾ حصو ورتو. هن پهلوان سنڌ جي مشهور ملهن سان زور آزمائي ڪئي. جن ۾ علي نواز ڊکڻ، قربان زرداري، لياقت ساکاڻي، گلڻ گوپانگ، قاضي بروهي ۽ علي حسن شيخ پهلوان شامل آهن. ملهه ۾ سندس استاد احمد سولنگي هو. پوءِ پهلوان پيرو لغاري ڳوٺ لولجا وارو استاد هيس. جنهن کيس گر پيچ سيکاريا.

نور محمد دستي:

نور محمد دستي پراني ديري جو رهواسي هو. ملهه راند ننڍپڻ کان سکيو. پراڻي ديري کان علاوه دادو ضلعي جي مختلف ميلن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهيو. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

مير محمد دستي:

پهلوان مير محمد ستي جيڪو نور محمد دستي پهلوان جو ڀاءُ هو. ڀاءُ سان گڏ ميلن ملاکڙن ۾ وڙهندو هو. ڪافي انعام حاصل ڪيائين. ڪافي وقت اڳ وفات ڪري ويو آهي. مير محمد دستي پهرين جوڙ جو ملهه پهلوان هو. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي.

محمد عثمان دستي:

مرحوم محمد عثمان دستي پراڻي ديري جو رهواسي هو. ننڍپڻ کان ئي ملهه جو شوق هيس. پاڻ جيڏهن سان ملهه وڙهيو ۽ اتان شوق جاڳيس. اهڙي طرح سٺو ملهه ٿي گذريو. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي.

محمد عالم دستي:

محمد عالم دستي ولد محمد يعقوب دستي ڳوٺ پراڻي ديري جو رهواسي آهي. حال حيات آهي. پراڻي ديري جي ملاکڙي ۾ سٺن ملهن سان وڙهي ملهه جي شروعات ڪيائين. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

بهادر سرولي:

بهادر سرولي پراڻي ديري جو رهواسي هو. ننڍي هوندي کان ملهه سکيو. هن ڪيترن ئي ميلن ملاکڙن ۾ زور آزمائي ڪئي. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي.

خان محمد چانڊيو:

خان محمد چانڊيو ڳوٺ پير ترهي تعلقي دادو جو رهندڙ هو. سنڌ جي ڪيترن ئي ميلن ملاکڙن ۾ وڙهيو. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

ملان احمد شاهاڻي:

محمد حسن شاهاڻي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي جو رهواسي هو. پراڻي ديري کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ملاکڙن ۾ زور آزمائي ڪئي. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي.

ماهي خان کوکر:

پهلوان ماهي خان کوکر ولد محمد خان کوکر پنهنجي وقت جو بهترين ملهه پهلوان ٿي گذريو آهي. سندس رهائش پراڻي ديري ۾ هئي. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي. ڪافي وقت اڳ فوت ٿي چڪو آهي.

پيارو خان پتافي:

پهلوان پيارو خان پتافي ڳوٺ پراڻي ديري تعلقي دادو جو رهواسي هو. پراڻي ديري ۾ ملهه وڙهي پهلواني جي شروعات ڪئي. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي ۽ ڪيترائي انعام حاصل ڪيا.

الهڏنو ڀٽي:

مرحوم الهڏنو ڀٽي وقت جو بهترين ملهه ٿي گذريو آهي. پراڻي ديري جو رهواسي هو. ملهه جي شروعات پراڻي ديري مان ڪيائين. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي. 1981ع ۾ وفات ڪري ويو.

مرحوم عبدالڪريم ڀٽي:

مرحوم عبدالڪريم ڀٽي پراڻي ديري جو رهواسي هو. پراڻي ديري ۾ ملهه وڙهي سرسي حاصل ڪيائين. هن پراڻي ديري کان علاوه قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي.

علي خان دستي:

علي خان دستي پراڻي ديري جو رهواسي هو. هن ملهه جي شروعات پراڻي ديري واري ملاکڙي کان ڪئي. پراڻي ديري کان علاوه هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي ۽ انعام حاصل ڪيا.

محمد ابراهيم جهتيال:

مرحوم محمد ابراهيم جهتيال پنهنجي وقت جو بهترين ملهه پهلوان هو. اصل پراڻي ديري جو رهواسي هو. پراڻي ديري کان علاوه هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي.

علي بخش پتافي:

مرحوم علي بخش پتافي پراڻي ديري جو رهواسي هو. بچپن کان ملهه وڙهڻ سکيو. پراڻي ديري کان علاوه هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي.

قادر بخش پتافي:

مرحوم قادر بخش پتافي کي بچپن کان ملهه جو شوق هو. سندس ڳوٺ پراڻي ديرو آهي. پراڻي ديري کان علاوه هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي.

پهلوان ڦوٽو خان دستي:

پهلوان ڦوٽو خان دستي پراڻي ديري تعلقي دادو جو رهواسي هو. وقت جو بهترين ملهه پهلوان ٿي گذريو آهي. ملهه جي شروعات پراڻي ديري کان ڪيائين. پراڻي ديري کان علاوه هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي.

مرحوم سهراب خان دستي:

مرحوم سهراب خان دستي پنهنجي وقت جو بهترين ملهه پهلوان ٿي گذريو آهي. پراڻي ديري جو رهواسي هو. پراڻي ديري کان علاوه هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي. ڪافي عرصو اڳ انتقال ڪري ويو آهي.

سيد رضا محمد شاهه:

سيد رضا محمد شاهه ولد سيد ڇٽل شاهه پراڻي ديري جو رهواسي هو. ملهه جي شروعات پراڻي ديري کان ڪيائين. پراڻي ديري کان علاوه هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي. 1994ع ۾ 70 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.

محمد عرس کوکر:

محمد عرس کوکر ولد حاجي فتح محمد کوکر ڳوٺ غلام خان چانڊيو تعلقي دادو جو رهواسي هو. ملهه جي شروعات پراڻي ديري کان ڪئي. پراڻي ديري کان علاوه هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

سانوڻ چانڊيو:

سانوڻ چانڊيو ولد فريد چانڊيو ڳوٺ غلام خان چانڊيو تعلقي دادو جو رهواسي هو. بهترين پهلوان ملهه ٿي گذريو آهي. ملهه جي شروعات پراڻي ديري جي ملاکڙي ۾ وڙهي سوڀ حاصل ڪئي. پراڻي ديري کان علاوه هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي ۽ انعام حاصل ڪيا.

سياستدان

رئيس علڻ خان لغاري:

رئيس علڻ خان لغاري 1910ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ حاجي خان تعلقي جوهيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو ۽ پنهنجي والد سان گڏ زمينداري سنڀالڻ لڳو. جڏهن سندس والد وفات ڪئي ته سندس برادي ۽ ٻين اوڙي پاڙي جي راڄن کيس پڳ ٻڌائي ۽ راڄ ڀاڳ جا فيصلا ڪرڻ لڳو. انصاف ۽ حق تي فيصلن ڪرڻ سبب مشهور ٿي ويو. جيڪڏهن ڪنهن ڏوهاري تي ڏوهه ثابت ٿيندو هو ته ان تي چئوڻ ڏنڊ وجهندو هو. ان ڪري ڪاڇي ۾ هميشه امن امان رهيو. سندس هي مقولو مشهور آهي ته ٻڪري کي زيور ۽ ڳهه ڳٽا پارائي جوهي برانچ ٽپائي ڪاڇي ۾ ڇڏي وڃو. مون وٽ صحيح سلامت پهچي ويندي. سندس دور ۾ لچ لوفر کي همت نه ٿيندي هئي جو ڪاڇي ۾ ڏوهه ڪري. رئيس علڻ خان سماجي ڪمن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو. جيڪي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جا ٻار پڙهندا هئا انهن کي فيون، ڪپڙا ۽ ڪتاب فراهم ڪندو هو.

رئيس علڻ خان لغاري ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿي سياست جي شروعات ڪئي. سال 1953ع ۾ صوبائي سيٽ تي بيٺو. سندس مدمقابل سيٺ محمود هارون ۽ عبدالعزيز سولنگي رٽائرڊ ايس. اي هئا. ان اليڪشن ۾ مخالفن کي شڪست ڏئي ڀاري اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. 1960ع ۾ به اليڪشن ۾ حصو ورتائين ۽ ڪامياب ٿيو. 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ ڏنس ۽ بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. ساڳي سال ڀٽي صاحب کيس حج وفد ۾ موڪليو. سندس سڄو خرچ گورنمينٽ ادا ڪيو. رئيس علڻ خان لغاريءَ کي چار پٽ هر رئيس اڪبر خان لغاري، ڊاڪٽر مقبول احمد لغاري ۽ ممتاز علي لغاري آهن. رئيس علڻ خان لغاري جو بيشتر وقت دادو ۾ سهڻو گذريو.

رئيس علڻ خان لغاري 1980ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس کي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

عبدالمجيد خان جتوئي:

عبدالمحميد خان جتوئي ڳوٺ ٻيٽو خان تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو رئيس ڪريم بخش خان جتوئي هو، جيڪو تر جو وڏو زميندر هو. عبدالحميد خان جتوئي پنهنجي تعليم جو آغاز مقامي اسڪول کان ڪيو. تعليم اڌ ۾ ڇڏي پاڻ زمينداري سنڀالڻ لڳو. ان سان گڏ سماجي سرگرمين ۾ به مصروف ٿي ويو. سندس فيصلن جي هاڪ ملڪان ملڪ مشهور هئي. سندس فيصلن ۾ سچائي ۽ ديانتداري وارو عنصر ايتري قدر شامل هو جو راڄن جا نيڪ مرد به کانئس فيصلا ڪرائيندا هئا. پاڻ خوددار طبيعت جو مالڪ هو. فيصلي ۾ ڪنهن سان به رعايت نه ڪندو هو. حقي فيصلا ڪندو هو.

عبدالحميد خان جتوئي زمينداري سان گڏ سياست ۾ بهرو وٺڻ لڳو. پاڻ جيئن ته ذهين ڏاهو ۽ وڏيو زيرڪ انسان هو، تنهن ڪري پنهنجي ذهانت، ڏاهپ جي بنياد تي سياست جي ڏکين ۽ اڻانگن گرن کي آساني سان سمجهي ورتو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان ڪرپٽ سياستدانن ون يونٽ جو بل پاس ڪرايو. پر هن بيباڪ سياستدان پنهنجي همت، جرئت ۽ بهادري سان ون يونٽ جي بل تي صحيح نه ڪئي. واضح رهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي 110 ميمبرن مان 98 ميمبرن صحيحون ڪيون باقي ميمبر ڪجھ موڪل تي هئا ۽ ڪجھ جايون خالي هيون ۽ محترم سائين جي ايم سيد جيل ۾ هيو. جن ميمبرن بل تي صحيحون نه ڪيون انهن جا نالا هي آهن.

1. عبدالحميد خان جتوئي     2. غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي

3. پير الاهي بخش            4. شيخ خورشيد احمد

عبدالحميد خان جتوئي 1956ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ميمبر چونڊجي ويو. 1965ع، 1970ع ۽ 1985ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. عبدالمجيد خان جتوئي 1970ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. ان دوران مارشل لا جي مسئلي تي پيپلز پارٽي سان اختلاف ٿيس. ڪجھه وقت جيل ۾ به رهيو. جتوئي صاحب هميشه سنڌ جي مسئلن تي ڀرپور نموني احتجاج ڪيو. اسيمبلي ۾ سندس تقريرون تاريخي حيثيت رکن ٿيون. ضياءُ الحق جي دور ۾ سنڌ تي ٿيندڙ طلمن خلاف قومي اسيمبلي ۾ سندس تقريرون يادگار ليکيون وينديون. جتوئي صاحب ڪجھ سال اڳ رحلت فرمائي ويو آهي. جتوئي صاحب جا فرزند به سياست ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن. لياقت علي خان جتوئي صوبائي وزير خزانه ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ به رهيو. هن وقت پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير آهي. سندس ٻيو فرزند اعجاز علي جتوئي به اسيمبلي جو ميمبر رهيو. صداقت علي جتوئي سينيٽر به رهيو آهي. ان سان گڏ سندس ٻيا فرزند به سياست ۾ حصو وٺندا اچن پيا. عبدالحميد خان جتوئي جو پوٽو ڪريم علي جتوئي سال 2005ع کان ڊسٽرڪٽ دادو جي ناظم جي حيثيت سان منتخب ٿيو آهي. هن نوجوان مان ڪافي اميدون وابسته آهن. ته ضلعي دادو لاءِ ترقياتي ڪم ڪرائي ضلعي کي اعليٰ مقام تي پهچائيندو.

پير الاهي بخش:

پير الاهي بخش 1897ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ پير جو ڳوٺ لڳ ڀان سعيدآباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڀانن مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ خيرپور ميرس هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ علي ڳڙهه ڪاڪيلج ۾ داخلا ورتائين. ڪجھ وقت علي ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهي پوءِ جامعيه مليه ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پير صاحب واپس موٽي آيو ۽ ڪراچي ۾ سڏايل خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جيڪا 8 کان 10 جولاءِ 1921ع تائين جاري رهي. خلافت تحريڪ جهڪي ٿيڻ بعد وڪالت جو امتحان پاس ڪري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. وڪالت دوران جلسن، جلوسن ۽ عام ڪانفرنسن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو. سنڌ جي بمبئي کان الحدگيءَ بعد 1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي جون عام چونڊيون ٿيون. پر الاهي بخش ان ۾ ڀرپور حصو ورتو. سندس مقابلو تڪ جي بااثر شخصيت خان بهادر يار محمد خان جوڻيجي سان ٿيو. پير صاحب کيس شڪست ڏئي اسيمبلي ۾ چونڊجي آيو. پير الاهي بخش سنڌ اتحاد پارٽيءَ جو سرگرم ميمبر به رهيو. پير الاهي بخش شهيد الله بخش سومري جي جڏهن وزارت ٺهي ته ان ۾ کيس روينيو جو وزير مقرر ڪيو ويو. پير صاحب مختلف وقتن تي مختلف وزارتن جا عهدا ماڻيا. کيس وزير تعليم جو عهدو به مليو ۽ ان عرصي دوران هن سڌ ۾ زوري تعليم رائج ڪئي. ان ڪري ڪيترائي ٻار تعليم حاصل ڪري اعليٰ عهدن تي پهتا. جيڪي والدين ٻارن کي اسڪول نه موڪليندا هئا، انهن تي ڪيس داخل ڪري ڏنڊ يا جيل جون سزائون ڏنيون وينديون هيون. سنڌ جي ڏوراهين علائقن ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويا. ان سان گڏ اڻ پڙهيل نوجوانن لاءِ تعليم بالغان سينٽر به قائم ڪيا ويا.

پير صاحب ذاتي طور تي ملڻو جلڻو، ڪفايت شعار، سادگي پسند، يارن جو يار، خوش خلق ۽ غريب عوام سان ميل جول رکڻ وارو انسان هو. پير الاهي بخش پنهنجي وزارت دوران ڪيترائي يادگار ڪم ڪيا. جنهن ۾ سنڌ مسلم ڪاليج برپا ڪرڻ، سنڌ ۾ زوري تعليم رائج ڪرڻ، بالغن جي تعليم برپا ڪرڻ، اين. جي. وي هاءِ اسڪول لاءِ بلڊنگ تعمير ڪرائڻ، ڪراچي ۾ پير الاهي بخش ڪالوني قائم ڪرائڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪارنامه شامل آهن.

مظهر حسين گهلو:

دادو شهر ۾ جيڪي معروف وڪيل ٿي گذريا آهن. انهن ۾ مظهر حسين گهلو جو نالو به شمار ڪري سگهجي ٿو. مظهر حسين گهلو ابتدائي تعليم جون منزلون طئي ڪري ايل. ايل. بي ڪئي ۽ دادو ۾ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. والت ۾ هن پنهنجي پيشي کي صحيح طريقي تي نڀايو. مظهر حسين گهلو وڪالت سان گڏ سياست ۾ به حصو ورتو. هن مسلم ليگ ڪنوينشن ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1964ع ۾ صدر ايوب کيس ڪنوينشن مسلم ليگ جي ٽڪيٽ ڏني ۽ اولهه پاڪستان اسيمبلي ۾ ميمبر منتخب ٿي ويو. هي سيٽ دادو جي 4 تعلقن دادو، جوهي، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ تعلقن تي مشتمل هئي. اتان هن ڪاميابي حاصل ڪئي. هن پنهنجي ايامڪاريءَ دوران پنهنجي حلقي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. مظهر حسين گهلو ماٺيڻيءَ سڀاءُ جو مالڪ هو.

سردار الحاج رئيس محمد بخش جمالي

سردار الحاج رئيس محمد بخش جمالي جوهي تعلقي جي ڳوٺ بهاولپور ۾ جنم ورتو. فائينل جو امتهان پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪيائين. هن سياست جي شروعات پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان ڪئي. سال 1970ع جي عام انتخابات ۾ دادو جوهي سيٽ تان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي بيٺو. جتان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. پاڻ 1988ع، 1990ع، 1993ع ۽ 1997ع جي عام چونڊن ۾ دادو جوهي تڪ تان قومي اسيمبلي سيٽ تي بيٺو ۽ ڪاميابي ماڻي. سندس فرزند رئيس رفيق احمد خان جمالي هن وقت پيپلز پارٽي جو صدر آهي، سردار الحاج محمد بخش جمالي پنهنجي جمالي قبيلي جو سردار آهي.

منير احمد چنو:

منير احمد چنو ولد شفيع محمد چنو دادو شهر ۾ نپنو وڏو ٿيو ۽ دادو شهر مان ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ اعليٰ تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. هن سياست جي شروعات يونيورسٽي کان ڪئي. 1976ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. 1977ع ۾ دادو مان صوبائي سيٽ تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. ضياءُ شاهي دور ۾ ڪجھ عرصو سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. عبدالحميد خان جتوئي سان دوستيءَ جي ناتي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. جتوئين سان سندس ناتو اڃا جاري آهي. پاڻ ترقي پسند زميندار آهي. زمينداري سان گڏ وڪالت پيشي سان منسلڪ آهي.

سيد محمد شاهه:

سيد محمد شاهه دادو ضلعي جي مشهور زميندار سيد راضي شاهه جو فرزند آهي. سيد محمد شاهه ڳوٺ سيتا تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. سيد محمد شاهه ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. تعليم گريجوئيشن ٿيل اٿس. سال 1985ع ۾ دادو مان صوبائي سيٽ تي اميدوار بيٺو ۽ ڪاميابي ماڻي. هن سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي علائقي جي ڀرپور نمائندگي ڪئي. ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون وٺي ڏنيون. روڊ رستن جو ڄار وڇايو. تازو دادو ضلعي جو نائب ناظم مقرر ٿيو آهي. اميد ته شاهه صاحب دادو ضلعي جا سماجي ۽ جائز مسئلا پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ حل ڪندو. ساڻس جيڪي توقعات آهن انهن تي پورو لهندو.

پير غلام شاهه جيلاني:

پير غلام شاهه جيلاني سنڌ جي نامياري سياستدان درگاهه نئينگ شريف جي گادي نشين پير صالح شاهه جو پوٽو آهي. پير غلام شاهه جيلاني سياست جي شروعات ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبري کان ڪئي. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. هن 1990ع ۾ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تي جوهي تڪ مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيائين. پير غلام شاهه جيلاني 1993ع ۽ 1997ع جي عام چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڀاري اڪثريت سان ڪامياب ٿيو.

پير غلام شاهه جيلاني ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ آهي. سندس سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لکين مريد آهن. نئينگ شريف ۾ هر سال ميلو لڳندو آهي. هن ميلي ۾ سندس لکين مريد اچي حاضري ڀريندا آهن.

رئيس نبي بخش خان (رئيس نبن خان) لنڊ:

رئيس نبي بخش خان (رئيس نبن خان) لنڊ ڳوٺ ڪريم داد لنڊ تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. دادو ضلعي جي لنڊ برادري طرفان کيس سردار جي پڳ ٻڌائي وئي آهي ۽ راڄ ڀاڳ جا فيصلا ڪندو رهي ٿو. رئيس نبي بخش خان لنڊ سياسي سرگرميون پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان شروع ڪيون. سال 1988ع ۾ پيپلز پارٽي جوهي تڪ مان کيس صوبائي اسيمبلي جي سيٽ ڏني، جتان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪيائين. رئيس نبي بخش خان لنڊ آڪٽوبر 2005ع تي دادو تعلقي جي ناظم سيٽ تي اميدوار بيٺو ۽ وڏي اڪثريت سان ناظم چونڊجي آيو آهي. چار وٺڻ شرط دادو شهر جي صفائي طرف خصوصي توجه ڏني آهي. دادو شهر ۾ روڊ رستن جي تعمير ۽ مرمت، شهر ۾ سبزي منڊي، ۽ بس ٽرمينل ٻاهر منتقل ڪرڻ ۽ مين چوراهن تي ٽاور تعمير ڪرڻ سندس ترجيحات ۾ شامل آهي.

رشيده پنهور:

رشيده پنهور دادو شهر جي مشهور وڪيل سيف الدين پنهور جي گهر اک کولي. تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. شروع کان ئي کيس سياسي ماحول مليو، سندس والد سيف الدين پنهور پيپلز پارٽي جو بنيادي ميمبر هو. سندس والد پيپلز پارٽي ضلعي دادو جو صدر به رهيو. ضياءُ جي دور ۾ سيف الدين پنهور ايڊووڪيٽ ڪيتريون ئي صعوبتون برداشت ڪيون. هن به پنهنجي والد جي رهبري ۽ رهنمائي ۾ سياست ۾ پير پاتو. 1983ع ۽ 1986ع ۾ جيڪا ضياءُ شاهي خلاف تحريڪ هلي، ان ۾ دادو شهر جي مردن کان علاوه عورتن به ڀرپور نموني سان تحريڪ ۾ حصو ورتو. رشيده پنهور ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ هميشه اڳ ڀري رهي آهي. بينظير ڀٽو صاحبه جي دور ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر مقرر ٿي. هن وقت دادو شهر ۾ قانون جي پيشي سان وابسته آهي. دادو شهر جي سياسي، سماجي ۽ ٻيا جيڪي به مسئلا سامهون اچن ٿا، انهن ۾ دليري سان حصو وٺي پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهي آهي.

پير مظهر الحق شاهنواز

پير مظهرالحق ولد پير شاهنواز صديقي قريشي 14 سيپٽمبر 1947ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مزدورآباد دادو ۽ پريڪٽسنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان، انٽر گورنمينٽ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.

پير مظهرالحق روزانه عبرت اخبار حيدرآباد ۾ ٻارن جي صفحي جو انچارج به رهيو. هن مختلف رسالن ۾ افسانه لکيا. ٻارن جو ڪتابي سلسلو گل پبليڪيشن حيدرآباد مان جاري ڪيائين. هن سڄي سنڌ ۾ ٻارن جا ڪنوينشن ڪوٺايا. ان ۾ ٻارن جي نشونما ۽ ادبي ذوق کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.

پير مظهرالحق سياست جي شروعات پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي دادو جو صدر به رهيو. 1983ع ۽ 1986ع جي ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ جيل ۾ به رهيو. پير مظهرالحق سال 1988ع، 1990ع، 1993ع ۽ 1997ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي دادو تڪ مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي بيٺو ۽ ڪاميابي ماڻيائين. پاڻ وزير قانون، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ ٿي رهيو. نواز شريف جي دور ۾ حزب اختلاف جو ڊپٽي پارليماني ليڊر به رهيو. هن وقت سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي جي منسٽر سميت سينئر منسٽر پڻ آهي. پير مظهرالحق سنڌ جي مسئلن کي بهادري ۽ جرئت مندي سان ايوان ۾ پيش ڪندو رهيو.

سيد جڙيل شاهه:

سيد جڙيل شاهه جو شمار دادو شهر جي اهم ۽ معزز شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن کي به تڪليف نه ڏيندو هو. صابرين سيد هو. هندو خواهه مسلمان هن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. پاڻ ميونسپل ڪميٽي جو پريزيڊنٽ به رهيو. پنهنجي ايامڪاري ۾ شهر جي فلاح و بهبود لاءِ ڪوشان رهيو. شهر ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايائين. سير و سياحت جو شوقين هو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪيائين. جيڪي شيون ايجاد ٿينديون هيون ته پهريائين پاڻ گهرائيندو هو. اڳي فونا هوندا هئا جن تي رڪارڊ کي هلائبو هو ته آواز ٻڌبو هو. ان وقت به پهريائين فونو پاڻ گهرايائين. جڏهن ريڊين ۽ ڪارن جو رواج پيو ته سڀ کان پهريائين پاڻ ريڊيو ۽ ڪار خريد ڪري آيو. سندس آخري ڏينهن ۾ ٽيليويزن جو رواج پيو ته پهريائين پاڻ ٽيليويزن خريد ڪري بنگلي تي آندي. شام جو ٽيليويزن کوليندو هو ته شهر جا ڪيترائي ماڻهو ٽيليويزن تي اچي پروگرام ڏسندا هئا. هن وقت ڊش جو رواج عام ٿي ويو آهي. ڪيبلون به لڳي ويون آهن. ٽيليويزن تي سڄي دنيا جا پروگرام ڏسي سگهجن ٿا.

سيد جڙيل شاهه کي ڪوبه اولاد ڪونه هو. سندس وفات کان پوءِ نوراني مسجد جي دروازي ڀرسان دفن ڪيو ويو. جتي سندس مزار مٿان مقبرو اڏيو ويو آهي. سيد جڙيل شاهه پنهنجي جيئري ڪجھ زمين ۽ ڪجھه دڪان وقف ڪري ڇڏيا هئا. هر سال رمضان مهيني ۾ سيد جڙيل شاهه ٽرسٽ طرفان شاگردن کي اسڪالرشپون ڏنيون وينديون آهن. سيد جڙيل شاهه جي نالي تي جڙيل شاهه مارڪيٽ به قائم ڪئي وئي آهي.

حاجي ظفر علي لغاري:

حاجي ظفر علي لغاري ولد پريل خان لغاري سيتا روڊ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم سيتا روڊ مان حاصل ڪيائين. پوءِ انگريزي ۾ داخلا ورتائين. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. هن سياست جي شروعات پيپلز پارٽي سان ڪئي. پيپلز پارٽي ضلعي دادو جو صدر رهيو. هن وقت پيپلز پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر آهي. حاجي ظفر علي لغاري صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر به رهي چڪو آهي. ان کان علاوه صوبائي ۽ وفاقي وزير ريلوي به رهيو آهي. هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو. 1983ع ۽ 1986ع جي ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ جيل به ويو. حاجي ظفر علي لغاري ڀُٽي صاحب جو شيدائي آهي. بينظير صاحبه جو مٿس اعتماد ۽ ڀروسو هو.

ڪُلثوم چانڊيو:

دادو شهر ۾ جن عورتن سياسي ۽ سماجي سطح تي مڃتا ماڻي آهي. انهن ۾ ڪلثوم چانڊيو جو نالو ممتاز حيثيت سان ڳڻائي سگهجي ٿو. ڪلثوم چانڊيو دادو شهر ۾ ڄائي، دادو شهر ۾ پڙهي. هن وقت گريجوئيشن ڪري چڪي آهي. ڪلثوم چانڊيو سياست جي شروعات پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان ڪئي. ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ ڪلثوم چانڊيو سياست ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. هن ايم. آر. ڊي جي ٻنهي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. احتجاجي جلسن جلوسن جي ڀرپور نموني سان قيادت ڪئي. دادو جي عورتن کي گڏ ڪري زبردست احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ پنهنجي مرد ڀائرن سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪامياب هڙتالون ڪرايون. هن وقت به دادو شهر جي مسئلن تي هميشه اڳ ڀري آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org