سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 26

 

سماجي تنظيمون

 

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ دادو:

سماجي تنظيمون عوام ۾ جاڳرتا پيد اڪرڻ ۽ سماجي ثقافتي علمي ادبي ميدان ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، سنڌ ۾ ڳوٺ شهر ۽ تعلقي ليول ته ڪافي سماجي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. پر ملڪي ليول تي اهڙي ڪابه تنظيم ڪانه هئي. جيڪا ملڪي سطح تي عوام جا فلاحي ڪم سرانجام ڏئي سگهي. ان ڪري سنڌ جي هڏ ڏوکي جاکوڙي انسان ڊاڪٽر سليمان شيخ پنهنجن دوستن سان گڏجي هم گير تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (سگا) جو بنياد وڌو. هي هڪ ڏکيو ۽ ڪٺن مرحلو هو، جنهن ۾ هو ڪامياب ويو ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ (سگا) جون آفيسون کلي ويون، دادو شهر جي هڏ ڏوکي ساٿين اهو محسوس ڪندي سگا جو بنياد وڌو، هيءَ تنظيم دادو ۾ سال 1974ع ۾ قائم ٿي. سگا دادو شاخ ٻين سماجي ڪمن کان علاوه صحت ۽ تعليم تي خصوصي توجه ڏنو ۽ ان ڪم ۾ پاڻ پتوڙيو. سگا دادو شاخ طرفان صحبت جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي هڪ روزه مفت ميديڪل ڪئمپون قائم ڪيون. جتي مريضين کي مفت دوائون فراهم ڪيون ويون.

ڳوٺ دين محمد شاهاڻي، دڙي سالار، ڪاڪڙي، ڇاڻو شاهه آباد سيال ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ مفت هڪ روزه ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ۽ ان سان گڏ جمع ڪلينڪون جيڪي خداآباد ڳوٺ، سيال ڳوٺ، حافظ رجب پنهور ۽ ڳوٺ شير محمد سولنگي ۾ قائم ڪيون ويون. انهن جمع ڪلينڪن ۾ به هر جمع تي سوين مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون ويون. سگا شاخ دادو طرفان هر سال مفت اکين جي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ اڄ تائين هزارين اکين جي بيمارين ۾ مبتلا مريضن جي مفت چڪاس ۽ آپريشن ڪيا ويندا آهن. ۽ مفت کاڌو ڏنو ويندو آهي ۽ چشما فراهم ڪيا ويندا آهن. ان سان گڏ چمڙي جي بيمارين جون ڪئمپون هر سال لڳايون وينديون آهن. انهن ڪئمپن ۾ به مريضن جي چڪاس ڪري مفت دوائون فراهم ڪيون وينديون آهن. هن وقت به سگا شاخ دادو ڪافي پروجيڪٽ هلائي رهي آهن. انهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

روشن تارا اسڪول جي بلڊنگ هائوسنگ سوسائٽي بلاڪ (ڊي) دادو ۾ 8 ڪمرن ۽ ٻن هالن تي مشتمل آهي. ٻارن جي تفريح لاءِ هڪڙو پارڪ ٺهرايو ويو آهي. اسڪول ۾ ٽيچر ۽ 2 نان ٽيچنگ اسٽاف مقرر ٿيل آهن. هن اسڪول ۾ تقريباً پوڻا 2 سؤ شاگرد زير تعليم آهن. اسڪول ۾ يوم والدين ملهايو ويندو آهي. ان تقريب ۾ پوزيشن کڻندڙ هوشيار شاگردن کي انعام ڏنا ويندا آهن. روشن تارا اسڪول جي شاگردن کي مختلف مقامات جو سير ڪرايو ويندو آهي. روشن تارا اسڪول جي ٻارن کي دنيا جي قديم تاريخي قلعو رني ڪوٽ، حضرت شاهه عبداللطيف جي مزار، سنڌ ميوزيم ۽ راڻي باغ جو پڻ سير ڪرايو ويندو آهي.

ڪميپوٽر سينٽر سگا طرفان هيءُ ادارو سال 1995ع ۾ ڌمالي چونڪ دادو وٽ کوليو ويو. جيڪو دادو جي تاريخ ۾ پهريون سينٽر اهي. اداري ۾ 2 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ ڊپلوما ڪورس ڪرايو ويندو آهي. هن سينٽر مان 250 کان مٿي شاگرد ڪورس مڪمل ڪري وڃي روزگار سان لڳا آهن.

سگا ڪلينڪ ڳوٺ سيال ۾ ڪم ڪري رهي آهي. جيڪا ڪلينڪ مرحوم عبدالستار کيڙو جي نالي سان منسوب ڪيل آهي. هن ڪلينڪ ۾ وڏي تعداد ۾ مريضن کي دوائون فراهم ڪيون وينديون آهن.

سگا شاخ دادو طرفان اکين جي موبائيل ڪئمپ ڳوٺ موندر ۾ ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير جي نگراني ۾ 20 فيبروري سال 2002ع تي ٿي گذري. جنهن ۾ ڪل 397 مريضن کي چڪاسيو ويو. ۽ انهن کي دوائون پڻ ڏنيون ويون. ان سان گڏ تنظيم طرفان چوڏهين اپريل 2002ع تي سول اسپتال دادو ۾ چمڙي جي بيمارين جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. هن ڪئمپ ۾ 2000 کان مٿي مريضن جي مفت چڪاس ڪئي وئي ۽ مفت دوائون به ڏنيون ويون.

وومين ڊولپمينٽ سينٽر:

هي سينٽر 16000 هزار چورس فوٽن تي مشتمل آهي. سينٽر جي پلاٽ جي چوڌاري ديوار ڏئي هڪ دروازو لڳايو ويو آهي. هي سينٽر عورتن جي فلاح لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. فنڊن نه ملڻ سبب هي سينٽر بي فيض بڻيل آهي. جيڪڏهن مرڪز دادو شاخ کي مالي وسائل فراهم ڪري ته هي سينٽر پايئه تڪميل تي پهچي سگهي ٿو. اهڙي طرح سگا جا آئنده پروگرام به زير غور آهن. جن ۾ اکين ۽ چمڙي جي بيمارين جي ڪئمپ، ڪن نڪ ۽ گلي جي بيمارين جي ڪئمپ، دل جي بيمارين جي ڪئمپ، ٻارڙن جي بيمارين جي ڪئمپ، ڳوٺن ۾ سماجي ۽ تعليمي سرگرميون جاري رکڻ، دادو شهر جي سماجي مسئلن کي حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ ۽ تعليمي معيار سڌارڻ لاءِ ڪوچنگ سينٽر قائم ڪرڻ به شامل آهي.

آل فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن سٽي دادو:

آل فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن 18 فيبروري 2000ع تي وجود ۾ آئي. هن تنظيم جي ٺاهڻ جا مقصد هي آهن ته جيڪي به فنڪار آهن، انهن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ ۽ انهن جي فلاح بهبود لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ شامل آهن. تنظيم هڪ ڊرامو 19 فيبروري سنه 2000ع تي پيش ڪيو. جنهن ۾ حلف وفاداري پڻ ٿي. هن حلف وفاداري ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن کان علاوه صحافين به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. انهن ۾ احمد خان ملڪاڻي، اظهر سولنگي، صلاح الدين پنهور، عبدالسميع ميمڻ، محمد رمضان خشڪ وڪيل، عثمان ميمڻ، عبدالغفار کيڙو، وزير منگي ۽ ٻيا شامل هئا. حلف وفاداري ۾ هيٺين عهديدارن قسم کنيو. چيئرمين منان عباسي، صدر حضور بخش گوپانگ، نائب صدر منور سومرو، سينٽر نائب صدر فيروز ڪنڀر، جنرل سيڪريٽري غلام دستگير پنهور، پريس سيڪريٽري راجا رفيق پنهور ۽ ٻيا عهديدار شامل آهن.

ڊسٽرڪٽ ٽي. بي. ايسوسيئيشن دادو:

ڊسٽرڪٽ ٽي. بي ايسوسيئيشن ضلعي دادو جو بنياد ڪافي سال اڳ پيو هو، هن تنظيم جو صدر دوست علي جيسر ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالحق بروهي آهن، هن تنظيم جي قائم ڪرڻ جو قصد ٽي. بي جهڙي موذي مرض جو خاتمو ڪرڻ ۽ ٽي. بي جي مريضن جو مفت علاج ڪرڻ ۽ ان بيماري کي ختم ڪرڻ جا اپاءُ وٺڻ شامل آهن. هن تنظيم جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ٽي. بي جي مريض کي ڪافي سهوليتون ميسر ڪري ڏنيون ويون آهن. غريب مسڪين ۽ بي پهچ مريض هن مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.

سوشل ويلفيئير ايسوسيئيشن ڳوٺ دين محمد شاهاڻي:

هي سماجي تنظيم ڳوٺ جي سطح تائين ڪم ڪري رهي آهي. هن تنظيم جا مقاصد هي آهن ته ڳوٺاڻن ۾ شعور پيدا ڪرڻ، ڳوٺ جي سماجي ثقافتي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ، تعليم کي عام ڪرڻ شامل آهن. اڳواڻن ڪافي سماجي ڪم سرانجام ڏنا آهن ۽ سماجي سرگرمين ۾ مصروف آهن. هن تنظيم جو سرپرست رئيس شعيب خان شاهاڻي آهي. جڏهن ته صدر شادي خان شاهاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري عطا محمد شاهاڻي آهي.

گورک ڊويلپمينٽ آرگنائيزيشن دادو:

هن تنظيم جو بنياد 4 اپريل 1995ع ۾ رکيو ويو. تنظيم جو نالو ضلعي دادو جي اهم مقام گورک هل اسٽيشن جي نالي تي رکيو ويو. هي تنظيم سڄي ضلعي تي ڪم ڪري رهي آهي. تنظيم جا ڪل 46 ميمبر آهن. جن ۾ عورت ميمبرن جو تعداد 11 آهي. تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي 15 ميمبرن تي مشتمل آهي. جن ۾ صدر مولا بخش لغاري، نائب صدر عرفان احمد شيخ، جنرل سيڪريٽري خليل الرحمٰن ٻٻر، جوائنٽ سيڪريٽري مس ارشاد سولنگي ۽ خزانچي فدا حسين پيرزادو شامل آهن. باقي 10 ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جا ميمبر آهن. تنظيم هيٺين منصوبن تي جاکوڙي رهي آي. ضلعي ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ اپاءُ وٺڻ، ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ اپاءُ وٺڻ عورتن جي ترقي فلاح بهبود لاءِ ڪم ڪرڻ شامل آهن.

تنظيم ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ هن وقت تائين 20000 هزار وڻ پوکرائي چڪي آهي. انهي سلسلي ۾ 5 اپريل 1995ع ۾ دادو شهر ۾ هڪ پروگرام منعقد ڪرايو. جنهن ۾ ماحولياتي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ عورتن کي ڄاڻ ڏني وئي.

گورک هل اسٽيشن جي ترقي:

گورک هل اسٽيشن ضلعي دادو جو اهم سياحتي مرڪز آهي. هيءُ پهاڙ قدرت جو ڏنل اهم انمول تحفو آهي. جنهن جي اوچائي سطح سمنڊ کان پنج هزار ڇهه سو اٺاسي فوٽ بلند آهي. گورک هل اسٽيشن جي ترقي سان علائقي جي ترقي يقيني آهي ۽ 70 سيڪڙو ڪاڇي جي ماڻهن کي روزگار ملندو. سياحن کي تفريح جو موقعو ملندو، اتي بجلي، ٽيليفون، پاڻي، صحت، تعليم جون سهوليتون ميسر ٿينديون. علائقي ۾ خوشحالي اچي ويندي. هي تنظيم گورک هل اسٽيشن جي ترقي لاءِ ڪوشان آهي.

گاج ڊئم جي اڏاوت:

هيءَ تنظيم، گاج ڊئم جي اڏاوٽ لاءِ ڪوشان آهي. هر سال برساتن جي موسم ۾ نئين گاج جي وهڻ سان ڪاڇي ۾ ٻوڏ اچي وڃي ٿي، ۽ نئين جو پاڻي وڃي منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ۽ پاڻي ضايع ٿئي ٿو. گاج ڊئم ٺهڻ سان پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچي ويندو. جڏهن ته ڊئم تي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي ۽ ڪاڇي جا آبادگار خوشحال ٿي ويندا.

سياحتي مرڪز جي ترقي:

هيءَ تنظيم، سياحتي مرڪزن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان آهي. دادو ضلعي ۾ ڪيترائي سياحتي هنڌ آهن. جن ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر، رني ڪوٽ جو قلعو ۽ بڊو جيل شامل آهن. انهن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ تنظيم جانو جوان سرگرمي سان حصو وٺي رهيا آهن. جيئن هي سياحتي مرڪز ترقي ڪري سگهن ۽ علائقي جي ماڻهن کي فائدو پهچي سگهي.

گورک ڊولپمنٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن ننڍن ٻارن سان گڏ وڏن جي تعليم طرف به خصوصي طور ڌيان ڏئي رهي آهي. گذريل ڪجھ سالن کان مختلف علائقن ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. ڳوٺ اڪ سولنگي ۾ تعليم بالغان سينٽر کوليو آهي. جتي جا ڳوٺاڻا پنج درجا پاس ڪري چڪا آهن. تنظيم جي ڪوشش سان هڪ سرڪاري اسڪول قائم ڪيو ويو آهي. تنظيم طرفان جيڪي بند پيل اسڪول آهن. اهي کولائڻ لاءِ تعليمي ڪامورن سان روبرو ۽ لکپڙهه ذريعي رابطو ڪري اسڪول کولايا آهن. هن تنظيم گورک ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو آهي. جتي ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني وڇي ٿي. ڪمپيوٽر سينٽر ۾ 6 عدد ڪمپيوٽر رکيا ويا آهن، ۽ روزانو 9 شفٽون هلي رهيون آهن.

تنظيم طرفان ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ خاص طرح سان عورتن جي صحت ۽ ننڍن ٻارن جي پالنا متعلق ننڍا ننڍا ورڪشاپ ڪرايا ويا آهن. جن ۾ ڳوٺ ملڪاڻي شريف، ڳوٺ لعل بخش شاهاڻي، ڳوٺ پير بخش شاهاڻي، ڳوٺ قاسم آباد ۽ ٻين ڳوٺن کي صحت متعلق ڄاڻ ڏني وئي. تنظيم طرفان مختلف ڳوٺن جي سروي ڪئي وئي آهي ۽ انهن ڳوٺن جي ضرورتن کي محسوس ڪندي هڪ ايم. سي. ايڇ سينٽر کولڻ جي ارادي سان هڪ پراجيڪٽ تيار ڪري ڏنو ويو آهي. جيڪو جلد ڪم شروع ڪري ڏيندو. ان کان علاوه ٻيا پراجيڪٽ تيار ڪري مختلف ادارن کي موڪليا ويا آهن. جيڪي به جلد منظور ٿي ملندا ۽ انهن تي ڪم شروع ڪيو ويندو.

عورتن جي فلاح و بهبود لاءِ تنظيم طرفان ڳوٺ وليد شيخ ۾ هنري سينٽر کوليو ويو. جيڪو پنهنجي مدد پاڻ ڪريو. جي اصول تحت هلائڻ لاءِ چيو ويو آهي. سينٽر مان ڪافي عورتون سکيا وٺي چڪيون آهن ۽ وقت پنهنجو روزگار پاڻ ڪري رهيون آهن.

هيءَ تنظيم، قدرتي ماحول کي بچائڻ لاءِ پڻ جاکوڙي رهي آهي. ان سلسلي ۾ ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ جاکوڙي پئي. جيئن گهرن، گهٽين، رستن ۽ پنهنجي زمين ۾ وڻ لڳائڻ سان ملڪ سرسبز ٿي ويندو ۽ ماحولياتي آلودگي جو به خاتمو اچي ويندو. دادو ضلعو ناياب پکين سان مالامال آهي. انهن جي تحفظ ۽ بقا لاءِ ڪوشان آهي.

جيئن انهن جو تحفظ ٿي سگهي ۽ ناياب پکين ۽ جانورن جي نسل کي بچائي سگهجي.

هن تنظيم جا ڪارڪن مختلف سيمينارن، ورڪشاپن ۽ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا رهن ٿا. تنظيم جي طرفان قلندر لعل شهباز جي سالياني عرس ۾ ثقافتي اسٽال لڳايو ويندو آهي. جنهن ۾ ٽڪ تي ٺهيل رليون، چادرون، گهگها، ڀرت ڀريل روا، اجرڪ، ٽوپيون، رومال، دٻڪيون ۽ ٻيو هنر رکيو ويندو آهي. جنهن کي مهمانن کان علاوه ميلي جا شوقين ڏاڍو ساراهيندا آهن. تنظيم طرفان هر سال رمضان المبارڪ مهيني ۾ لڳندڙ مينا بازار ۾ جمع بازار ۾ به اسٽال لڳايو ويندو آهي. ان اسٽال ۾ خاص ڪري، گهه، کنڊ، چانهه، صابڻ، سيون ۽ ڪچن ۾ استعمال ٿيندڙ سامان سستي اگهه تي وڪرو ڪيو ويندو آهي. ان ڪري غريب پورهيت ۽ وچين طبقي جا ماڻهو هن مان ڪافي فائدو حاصل ڪندا آهن. تنظيم طرفان بغير دونهين وارا چلها مختلف ڳوٺن ۾ لڳايا ويا آهن. جنهن مان ڳوٺاڻيون عورتون وڏو لاڀ حاصل ڪري رهيون آهن.

مدني ويلفيئر ايسوسيئيشن مهراڻ آباد محلو دادو:

مدني ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد 1990ع تي وڌو ويو. ان کان پوءِ هن تنظيم جي پليٽ فارم تان محلي جي سماجي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. تنظيم جي اڳواڻن ڪالوني کي ڪافي سهوليتون ميسر ڪرائي ڏنيون آهن. تنظيم جا عهديدار اڃان به ڪوششون ڪري رهيا آهن. جيئن هي ڪالوني به ترقي ڪري سگهي ۽ محلي وارن جو معيار زندگي بلند ٿي سگهي.

مهراڻ جا موتي چلڊرين ويلفيئر آرگنائيزيشن دادو:

هيءَ تنظيم، ڪافي سالن کان ڪم ڪري رهي آهي. ٻارڙن جي فلاح و بهبود ۽ انهن ۾ جاڳرتا ۽ شعور پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويئي آهي. تنظيم جو نوجوان اڳواڻ هارون برهماڻي پاڻ هن تنظيم جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن تنظيم جا نوجوان فلاحي ۽ سماجي ڪمن ۾ مصروف آهن.

ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو:

ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئيشن پير بخش ڪالوني جو بنياد سال 1990ع ۾ وڌو ويو. ڪالوني جو سماجي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ عهديدار چونڊيا ويا هئا. جن ۾ صدر الله رکيو ڳورڙ، نائب صدر محمد نواز سولنگي، جنرل سيڪريٽري سڪندر علي پنهور، خزانچي نبي بخش پنهور ۽ پريس سيڪريٽري محمد عرس سولنگي شامل هئا. هن تنظيم پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تحت ڪافي سماجي ڪم ڪرايا. دادو ميونسپل ڪاميٽي جي سابق ائڊمنسٽريٽر کي هڪ تقريب ۾ مدعو ڪيو ويو، ۽ اتي کيس سماجي مسئلا پيش ڪيا ويا. حاجي بشير احمد چني هڪ مين روڊ منظور ڪري تيار ڪرائي ڏنو، سابق صوبائي وزير پير مظهرالحق کي به مدعو ڪيو ويو. جنهن صاحب ڪالوني ۾ نالين جو ڄارو ڇائي ڏنو. تنظيم طرفان اڃا تائين سماجي سرگرميون جاري ساري آهن.

شهيد مخدوم بلاول ايسوسيئيشن:

شهيد مخدوم بلاول ايسوسيئيشن جيڪا پنجن ڪالونين تي مشتمل آهي ۽ تنظيم قائم ٿيڻ کان پوءِ تنظيم جي عهديدارن جن ۾ عبدالقادر شاهاڻي (صدر)، ۽ نثار احمد مگسي (جنرل سيڪريٽري) پنهنجي ساٿين سان گڏجي ڪافي سماجي مسئلا حل ڪرايا آهن. سردار محمد بخش جمالي ميمبر قومي اسيمبلي کي هڪ تقريب ۾ مدعو ڪيو ويو. جنهن کي ڪالونين جا مسئلا پيش ڪيا ويا. سردار محمد بخش ڪالونين کي هڪ روڊ تعمير ڪرائي ڏنو، ۽ بجلي جي سهوليت به ميسر ڪري ڏني. ان کان علاوه تنظيم جي عهديدارن وقت بوقت اعليٰ حڪام سان ملي پنهنجا مسئلا حل ڪرايا آهن.

ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئيشن سيتاوليج:

ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئيشن سيتاوليج ڪافي وقت کان ڪم ڪري رهي آهي. ڳوٺ جي سماجي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ هن تنظيم جا اڳواڻ وڏي سرگرمي سان جاکوڙي رهيا آهن. جن ۾ منور علي سومرو، مظهر علي سومرو، اظهر حسين سومرو، علي اصغر سولنگي، ممتاز علي ميمڻ، مشتاق حسين سومرو، نورالدين چنا ۽ ٻيا شامل آهن. هن تنظيم جا اڳواڻ غلام سرور سولنگي، مير نواز ملاح، نصير احمد ملاح، علي اڪبر ملاح، ڪامريڊ اڪبر سولنگي جيڪي ٻيا اڳواڻ شامل آهن، ۽ تنظيم جي پليٽ فارم تان پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن.

سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن (سچوا) دادو:

سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن (سچوا) دادو کان علاوه سچي سنڌ ۾ ڪم ڪري رهي آهي. ظاهر ۾ برادري ليول جي تنظيم آهي. ليڪن سنڌ جي سياسي سماجي، ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن تي احتجاج ڪيو آهي. سنڌ جي سياسي سماجي تنظيمن سان گڏجي هڙتالون بک هڙتالون، ڌرڻا، جلسا جلوس ڪڍي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪيو آهي. دادو تعلقي ۾ هي تنظيم سرگرم عمل آهي. دادو جي سماجي، ثقافتي، تنظيمن سان گڏجي ڪافي سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

ٽانگا ويلفيئر ايوسيئيشن دادو:

ٽانگا ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو 1982ع ۾ قائم ڪئي وئي. رجسٽرد تنظيم آهي. هن جو بنياد وجهندڙ ۽ صدر خميسو خان شاهاڻي هو. هي تنظيم پنهنجي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ هميشه ڪوشان رهي. ٽانگن وارا مسڪين طبقي سان واسطو رکن ٿا. اڪثر ڪري کين پوليس تنگ ڪندي رهي ٿي. ان ڪري تنظيم کي رجسٽر ڪرايو ويو. جنهن ڏينهن کان تنظيم رجسٽر ٿي آهي. ان وقت کان هو منظم طريقي سان پنهنجو احتجاج بلند ڪيو آهي. رڪشا اچڻ ڪري ٽانگن وارن جو زور گهٽجي ويو آهي روڊن تي ٽانگا ناپيد آهن.

سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن سواڪا دادو:

سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن سواڪا جو بنياد 1979ع ۾ وڌو ويو. تنظيم جا بنيادي ميمبر علي سرور ڀٽي، الجاح ڌڻي بخش مگسي، محمد جمن مگسي ۽ اظهر سولنگي (مصنف) هئا. اهو وقت ضيائي دور هو. مارشل لا جا قهري قانون هئا. هر طرف ڦاهيون ڦٽڪا ۽ قهري قيد خانا هئا. سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪري ٽارچر ڪيو ويندو هو. سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪن جي زبانن تي تالا بندي ڪئي ويئي. هن تنظيم جي سڄاڻ دوستن محسوس ڪيو ته سنڌي قوم جي هن ڏکئي وقت ۾ هڪ سماجي تنظيم ٺاهي ان جي پليٽ فارم تان احتجاج بلند ڪيو وڃي. ان اصول تحت هي تنظيم وجود ۾ آئي. تنظيم سماجي ڪمن سان گڏ سنڌين تي ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد تي اخباري بيانن ۽ مظاهرن ذريعي آواز بلند ڪيو. خيرپور ناٿن شاهه جي صوبيدار يامين هڪ نوجوان قالو برهماڻي کي تشدد ڪري قتل ڪيو. تنظيم ان جي پُر زور مذمت ڪئي ۽ اخباري بيان ڪڍي بي ريا جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. گهانگهرا موري حيدرآباد ۾ ڳوٺاڻن کي قانون نافذ ڪرڻ وارن ٻيڙي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو. تنظيم ان تي به احتجاج ڪيو. ان کان علاوه ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ جيڪي دادو، خيرپور ناٿن شاهه، لاکاٽ، سڪرنڊ، موري ۽ ٻين شهرن ۾ ظلم ٿيا انهن جي مذمت ڪئي ۽ احتجاج نوٽ ڪرايو. ڳوٺ احمد خان برهماڻي تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن طرفان گهيراءُ ۽ فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ ٽي ماڻهو قتل ٿيا. تنظيم طرفان مذمت ڪئي وئي. هن تنظيم، ثقافتي، علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ پڻ خصوصي حصو ورتو. دادو شهر ۾ چيئرمين مهتاب احمد شيخ ۽ ٻين عوامي اڳواڻن جن ۾ گل محمد جويو ۽ مسعود احمد شامل هئا. انهن جي مان ۾آجياڻو ڏنو ويو. مسئلا پيش ڪيا. دادو شهر جي مختلف محلن ۾ واٽرسپلا جا نلڪا هڻايا ۽ ان سان گڏ دادو تعلقي جي ٻين ڪجھه ڳوٺن کي نلڪا وٺي ڏنا. ان ۾ محمد بخش پنهور چيئرمين تعلقي ڪاميٽي دادو جو تعاون رهيو. ان سان گڏ غريب آباد اسڪول ۾ تعليم بالغان سينٽر قائم ڪيو ويو. ڳوٺ نبي بخش سولنگي ۾ تعليم القرآن سينٽر قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ حافظ نور محمد کوکر ٻارڙن کي مفت ديني تعليم ڏيندو هو. هن سينٽر مان ڪيترائي ٻار قرآن شريف پڙهي نڪتا. سال 1982ع ۾ سول اسپتال دادو ۾ مفت اکين جي ڪئمپ قائم ڪئي ويئي. ان اکين جي ڪئمپ ۾ هن تنظيم جي سوين ڪارڪنن رضاڪارانه خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪئمپ جو افتتاح ان وقت جي گورنر ايس. ايم عباسي ڪيو. وزٽ دوران تنظيم جي واکاڻ ڪئي ۽ پنهنجي وزٽ نوٽ ۾ لکيو ته هن تنظيم جي ڪارڪنن رضاڪارانه خدمتون سرانجام ڏئي پاڻ ملهايو آهي. ان کان علاوه هن تنظيم مطالبو ڪيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي تي سڄي سنڌ ۾ عام موڪل ڪئي وڃي. اهڙي مطالبي تي روزانه اخبار عبرت حيدرآباد هڪ اداريه لکي تنظيم جي واکاڻ ڪئي ته هي واحد سماجي تنظيم آهي. جنهن سڀ کان پهريائين هي اهم مطالبو ڪيو آهي.

تنظيم طرفان گورنر سنڌ کي ياد اشتنامون موڪليو ويو. گورنر ايس. ايم عباسي هڪ ليٽر تنظيم کي لکيو ته هن سال حضرت شاهه عبداللطيف جي عرس تي حيدرآباد ڊويزن ۾ عام موڪل ڪئي ويندي ۽ آئنده سال کان سڄي سنڌ ۾ عام موڪل هوندي. هن تنظيم دادو مورو پل جو نالو شهيد مخدوم بلاول پل تجويز ڪيو ۽ ٺهراء بحال ڪري اعليٰ حڪام جو ڌيان چڪايو ته هن پل جو نالو سنڌ جي سورهيه ۽ قوم پرست مذهبي رهنما حضرت مخدوم بلاول سان منسوب ڪيو وڃي. تنظيم جي مطالبي کي مان ڏيندي هن پل جو نالو شهيد مخدوم بلاول رکيو ويو آهي. اهڙي طرح تنظيم ڪيترائي تاريخي ڪم ڪيا آهن. ازانسواءِ سواڪاجي عهديدارن ڪيترن ئي سيمينارن، ورڪشاپن ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. 15 جون 1982ع تي آل سنڌ سوشل ويلفيئر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. جيڪا هوٽل هاليڊي ان ۾ ٿي. هن ڪانفرنس ۾ علي سرور ڀٽي، محمد جمن مگسي، محمد نواز ملڪاڻي، ۽ اظهر سولنگي شرڪت ڪئي ۽ ان ۾ خاص مهمان سنڌ جو گورنر ايس ايم عباسي هو. تنظيم طرفان دادو جا سماجي مسئلا پيش ڪيا ۽ حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن تنظيم جي عهديدارن ٻي ڪل پاڪستان سماجي ڪارڪنان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. جيڪا 29 مارچ کان 31 مارچ 1983ع ۾ اسٽيل ٽائون شپ ۾ ٿي.

هن ڪانفرنس ۾ پنج هزار مندو بين شريڪ ٿيا. ان کان علاوه آل سنڌ سوشل ويلفيئر ڪانفرنس ميرپورخاص ۾ ٿي، جيڪا صدر ساله جشن ٿرپارڪر جي سلسلي ۾ هئي. هن ڪانفرنس ۾ علي سرور ڀٽي اظهر سولنگي (مصنف) ۽ خميسو خان شاهاڻي شريڪ ٿيا. ڪانفرنس جي مهمان خاص بيگم تزئين فريدي وزير سوشل ويلفيئر سنڌ هئي. هن ڪانفرنس ۾ تنظيم جي اڳواڻن دادو جا سماجي ۽ ثقافتي مسئلا پيش ڪيا. ان کان علاوه هن تنظيم طرفان ڪيترائي سماجي مسئلا هٿ ۾ کنيا. هن تنظيم ٻارڙن جي عالمي سال، سنڌي ساهت سال به ملهايو. ٻارڙن جي عالمي سال جو افتتاه اسٽنٽ ڪمشنر ۽ چيئرمين ڊويزنل سوشل ويلفيئر ڪاميٽي لياقت علي آرائين ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺ نبي بخش سولنگي جي ٻارڙن کي انعام ۽ مٺائي کارائي وئي. هي تنظيم رجسٽرڊ آهي. هن وقت هن جون سرگرميون محدود آهن.

سورج آباد ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو:

دادو شهر ۾ ڪيترائي محلا، پاڙا، ڪالونيون ۽ ڳوٺ آباد آهن، جيڪي بنيادي سهوليتن کان وانجهيل آهن. انهن مان ڳتيل آبادي وارو محلو سورج آباد به آهي هيءُ محلو بنيادي سهوليتن کان محروم آهي. ان ڪري هن محلي جي نوجوانن هڪ تنظيم سورج آباد ويلفيئر ايسوسيئيشن جي نالي سان قائم ڪئي آهي. هن محلي جي تقريباً هزارن جي تعداد ۾ آدمشماري آهي ۽ سون جي تعداد ۾ گهر آباد آهن. اهڙي آباد هوندي به هي محلو اڃان تائين بنيادي سهوليتن کان محروم آهي ۽ هن محلي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو آهي. محلي جي سڌاري ۽ واڌاري ۽ ترقياتي ڪمن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ هن تنظيم جو بنياد وڌو ويو آهي ۽ تنظيم جي نوجوانن اهو عزم ڪيو آهي ته سرڪار سان لکپڙهه ڪري محلي کي بنيادي سهوليتون وٺي ڏيڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکي. گهر جون پوريون ڪرايون وينديون. هن تنظيم جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:

1.      صدر

سردار غلام نبي چنو

2.     نائب صدر

لال علي حيدر قريشي

3.     جنرل سيڪريٽري

نظير احمد پنهور

4.     جوائنٽ سيڪريٽري

محمد اسلم ميراڻي

5.     پريس سيڪريٽري

نظير احمد سولنگي

6.     خزانچي

عبدالعزيز چنو

7.     آفيس سيڪريٽري

جاويد احمد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org