سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 5

سپروائيزنگ تپيدار:

سپروائيزنگ تپيدار جو ڪم آهي ته پوري سرڪل جي سنڀال ڪرڻ زمين جي داخلا رکڻ، تپيدارن جي رڪارڊ جي چڪاس ڪرڻ ۽ ٻيا به سرڪل جا ڪم ڪرڻ شامل آهن.

تپيدار:

تپيدار پوري تپي جي نظرداري ڪندو آهي. آباد ٿيل زمينن جي چڪاس ڪرڻ ۽ ان جي داخلا رکڻ، يا ڍل وصول ڪرڻ، فوتي کاتا تبديل ڪرڻ، نئين داخلا رکڻ، ڪنهن زمينن جي دنگن، پلاٽن ۽ گهٽين بابت شڪايتون هونديون آهن ته ان جي ماپ ڪري صحيح رپورٽ مختيارڪار وٽ پيش ڪرڻ شامل آهن، جنهن تي مختيارڪار غور ويچار ڪري فيصلو ڏيندو آهي.

صدر جنرل پرويز مشرف نئون بلدياتي نظام رائج ڪيو آهي. جيڪو چوڏهين آگسٽ کان عمل ۾ آيو آهي. يونين سطح کان تعلقي ۽ ضلع سطح تائين چونڊون ڪرائي ناظم، نائب ناظم ۽ ڪائونسلر چونڊيا ويا آهن. تعلقي دادو ۾ به تعلقي سطح تي ناظم ۽ نائب ناظم ڪم ڪري رهيا آهن. ناظن جي نظرداري هيٺ ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن. جنهن ۾ روڊن رستن جي تعمير ۽ مرامت اسڪول ۽ مسافر خانن جي مرامت ۽ تعمير، نالين جي تعمير به شامل آهي، هي نظام بهترين طريقي سان هلي رهيو آهي. جيڪڏهن سياسي مداخلت نه هجي ته اڃا به هي نظام بهترين نتيجا ڏئي سگهي ٿو.

 

دادو شهر جون بازارون

شاهي بازار:

هيءَ بازار دهلي دروازي کان شروع ٿئي ٿي. شاهي بازار ڪجهه فاصلي تائين ويڪري آهي پوءِ سوڙهي ٿي، اڳتي هلي پراڻي چونڪ وٽ ختم ٿئي ٿي. شاهي بازار مان ٻه ٻيون بازارون ڦٽن ٿيون. جنهن کي راءِ بازار ۽ مُکي بازار چيو ويندو آهي. شاهي بازار ڏکڻ طرف مڇي مارڪيٽ تائين وڃي ٿي.

راءِ بازار:

راءِ بازار جيڪا پراڻي چونڪ کان نڪري ڌمالي چونڪ تائين وڃي ختم ٿئي ٿي، جتي وڏي گوشت جي مارڪيٽ هوندي هئي ۽ فائربرگيڊ جي پڻ آفيس هئي. وڏي گوشت جي مارڪيٽ  هن وقت ختم ٿي چڪي آهي. اُتي ينگ سٽيزن ويلفيئر ايسوسئيشن جي آفيس هئي. هن وقت سگا جو ڪمپيوٽر سينٽر هلي رهيو آهي. فائربرگيڊ جي آفيس ۾ سيد نورل شاهه جي اوطاق آهي.

مُکي بازار:

مُکي بازار پراڻي چونڪ کان شروع ٿي ڏکڻ طرف ڏاتر ڏنه ميمڻ جي دوڪان ۽ قاضين جي مسجد وٽ مارڪيٽ روڊ ۾ پوي ٿي. شاهي بازار ۾ ڪپڙي، ڪتابن، بوٽن ۽ منيارڪن جا دوڪان آهن. دوائن جا اسٽور ۽ پنسارين جا دوڪان پڻ آهن، جن ۾ حاجي عبدالله خشڪ، سليم خشڪ، دارالنشاط دواخانو جيڪو الله رکئي سومري جو آهي، حڪيم قادر بخش لاکي ۽ حڪيم محمد بچل ميمڻ جو دواخانو به شاهي بازار ۾ آهي.

ابتدا ۾ دادو شهر ۾ واپار هندن جي هٿ هيٺ هو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ شهر ۾ مهاجر پناهگيرن قبضو ڪيو. سنڌ جي مسلمانن هنن کي شهرن ۾ ورسايو، ان ڪري مهاجرن مکيه شهرن سميت واپار تي قبضو ڪري ورتو. اڪثر پناهگير مهاجرن جا دوڪان شهر ۾ هوندا هئا. سنڌين ۾ صرف ميمڻن جا ڪجھ دوڪان هئا. 1973ع جي لساني هنگامن بعد مهاجر دادو کي خير آباد چئي ڪراچي ۽ حيدرآباد هليا ويا. پنجابي واپاري به دادو شهر مان واپار بند ڪري پنجاب هليا ويا ۽ ان واپار تي سنڌين پنهنجي گرفت مضبوط ڪري ورتي. وري ٻيو دور آيو، جنهن ۾ رهيل کهيل مهاجر لڏي هليا ويا. 1985ع ۾ جنرل ضياءَ ايم ڪيو ايم کي مضبوط ڪيو ۽ هنن وري جنرل ضياءَ جي اشاري تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي حقيقي وارث سنڌين جو قتل عام ڪرايو. ان کان پوءِ پناهگير خوف کان دوڪان ۽ جايون وڪرو ڪري، ڪراچي ۽ حيدرآباد هليا ويا. هن وقت دادو ۾ سنڌين جا دوڪان عام آهن.

شاهي بازار کان اولهه طرف رستو ڦٽي ٿو ۽ نئين چونڪ تي ختم ٿئي ٿو. هن رستي تي پڻ دوڪان، ميڊيڪل اسٽور، فروٽ ۽ ڀاڄين جا دوڪان آهن ۽ ان کان علاوه هٿيارن جو هڪ دڪان هو. هڪ رستو ڏکڻ اولهه طرف وڃي ٿو، جنهن تي پڻ ميڊيڪل اسٽور، يوسف ميڊيڪل سينٽر، سيد جڙيل شاهه جو مقبرو، نوراني مسجد، عبدالله هوٽل، راهپوٽا شاپنگ سينٽر قائم آهي. دهلي دروازي کان هڪ روڊ جڙيل شاهه مارڪيٽ طرف وڃي ٿو. هتي هڪ بازار آهي، جنهن کي نظام بازار سڏيو وڃي ٿو. جڙيل شاهه مارڪيٽ ۾ ڀاڄي، فروٽ، ڳڙ ۽ مُستيءَ جو نيلام ٿيندو آهي. هتي خاص طرح شام و صبح واپارين جي چهل پهل رهندي آهي. هيءُ رستو اڳي هلي وڃي، نوراني چونڪ وٽ ختم ٿئي ٿو. نوراني چونڪ وٽ ٿلهو ٺهيل هوندو هو، جتي بئنچون ٺهيل هيون. شام جو ماڻهو اتي ويهي تفريح ڪندا هئا. اتي چانهه به ملندي هئي. هيءُ ٿلهو تاريخي حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو آمر ضياءُ جي دور ۾ هڪ نوجوان جيڪو ذات جو جويو هو، کي فوجين ڏهه ڦٽڪا هنيا هئا. ان منظر کي ڏسڻ لاءِ پڙهو گهمايو ويو. ماڻهن جي وڏي تعداد اهو منظر ڏٺو. نوجوان آيو ته ڦٿڪندو مگر ڦٽڪن لڳڻ کان پوءِ ٽپا ڏيندو مڇون وٽيندو وڃي قيدين واري وين ۾ ويٺو. ان جڳهه تي دادو جي اڳوڻي ائڊمنسٽريٽر حڪيم بشير احمد چنا طرفان ڦوهارو لڳايو ويو هو ۽ ٿلهي تان بئنچون هٽايون ويون. ڦوهاري لڳڻ جي ڪري نئون مانڊاڻ ڏسڻ ۾ ايندو هو. هن وقت اهو ڦوهارو بند پيو آهي ۽ لکين روپين جي لاڳت سان ٺهيل هيءُ ڦوهارو شهرين لاءِ ناڪاره بنيل آهي.

نوراني چونڪ کان ڪافي رستا ڦٽن ٿا. هڪ روڊ گرلس ڪاليج طرف وڃي ٿو. هڪ روڊ اوڀر ڏکڻ طرف واڌن شاهه مزار ڏي، ٻيو روڊ چاندني چونڪ طرف وڃي ٿو. نوراني چونڪ جي اولهه ۾ جڳت آباد محلو آهي. هن چونڪ جي ڀرسان ڇڙهائيءَ پيسائيءَ جون مشينون آهن. هن ئي چونڪ تي ايڪسري جي مشين الٽراسائونڊ ۽ پرائيويٽ ڪلينڪون، دوڪان ۽ هوٽلون واقع آهن.

تاج محل سئنيما کان مارڪيٽ روڊ شروع ٿئي ٿو. هن روڊ تي اسٽور، فوٽو اسٽوڊيو، ڇڙهائيءَ پيسائيءَ جي مشين، بوائر ووڪيشنل انسٽيٽوٽ دادو، پير الاهي بخش لا ڪاليج ۽ مڇي مارڪيٽ آهي. نوراني چونڪ کان هڪ رستو ڏکڻ اوڀر طرف وڃي ٿو، جيڪو ڌمالي چونڪ کان سيد واڌن شاهه جي مزار کان ٿيندو گولائيءَ ۾ هلندو وري ڏکڻ طرف وڃي ٿو ۽ مسڻ روڊ سان ملاح چونڪ وٽ ملي ٿو. هن روڊ جي ڏکڻ ۾ ميمڻ محلو، سرهيا محلو، پير تڪيا اسٽريٽ، ڪنڀار محلو ۽ اوڀر ۾ سونارا محلو، سورج آباد محلو اچي وڃن ٿا. اسٽيشن روڊ تي اڇو جي هوٽل کان هڪ روڊ اتر طرف وڃي ٿو. هن روڊ تي تازو گلف هوٽل ۽ شاپنگ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. هي روڊ علامه آءِ. آءِ قاضي لائبريريءَ وٽ ختم ٿئي ٿو. هن روڊ تي ڊکڻن ۽ لوهرن جا دوڪان، ميڊيڪل اسٽور، سول اسپتال، ڊي. ايس. پي آفيس، ڪي جي گرلس هاءِ اسڪول، اسٽنٽ ڊائريڪٽر ويلفيئر ۽ پاپوليشن ويلفيئر جي آفيس آهي.

مُکي بازار جي اولهه طرف سيدن جون حويليون هونديون هيون. جهنگل شاهه جي حويلي به هت هئي. سيد جهنگل شاهه بزرگ شخصيت هو. سندس ڪافي مريد ۽ معتقد هئا. جڏهن سيد جهنگل شاهه وفات ڪئي ته کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. سيد جهنگل شاهه جي مزار ڀرسان ڪجھه قبرون به آهن. جيڪي پڻ سيدن جون آهن. سيد جهنگل شاهه جي عقيدت ۾ هر سال ميلو به لڳندو آهي شاعر ۽ اديب سندس ورسي جي موقعي تي مقالا ۽ شعر پڙهندا آهن.

ريشم بازار:

ريشم بازار جيڪا شاهي بازار کان نڪري الله والي مسجد کان هلي سئنيما جي سامهون تائين پهچي ٿي. هيءَ بازار جديد ترين سهڻي بازار آهي. هتي زندگيءَ جي آسائش جو سڀ سامان ملي ٿو. ڪپڙو، بوٽ ڪراڪري، راندين جو سامان، عورتن جي سينگار جو سامان، ريڊي ميڊ، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان جام ملي ٿو.

ٻٻر بازار:

ٻٻر بازار ۾ جديد شاپنگ سينٽر ٺهيل آهي. جتي سوٽي، اوني ۽ ريشمي ڪپڙن جا دوڪان، راندين جو سامان، عورتن ۽ ٻارڙن جا ڪپڙا، گهرو سامان ۽ ٻيون شيون دستياب آهن.

دادو شهر جا رستا

آمدرفت جا رستا:

دادو شهر کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. دادو کي آمدرفت جا ٻه ذريعا آهن. ريل جا رستا 2 خشڪي جا رستا.

ريل جا رستا:

دادو شهر ۾ ريلوي اسٽيشن آهي. هن اسٽيشن تان مسافر مختلف ريل گاڏين ذريعي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين آمدرفت ڪن ٿا. دادو اسٽيشن کان ڏکڻ طرف مختلف گاڏيون وڃن ٿيون. جيڪي ڀان، سيوهڻ، ڪوٽري ۽ ڪراچي تائين مسافرن کي پهچائن ٿيون. ريل گاڏي جي سواري سستي ۽ سهل آهي. مسافر آرام سان ۽ بنا کٽڪي منزل تائين پهچي وڃن ٿا.

دادو اسٽيشن کان اتر طرف ريل گاڏيون وڃن ٿيون. دادو کان پوءِ ڦلجي، پيارو، ڳوٺ، سيتا، روڊ، راڌڻ، باڊه، ڏوڪري، لاڙڪاڻه، مديجي، رڪ، حبيب ڪوٽ کان پوءِ هڪ ريل گاڏي سکر وڃي ٿي ۽ اتان ملتان، لاهور، راولپنڊي، پشاور تائين پهچي سگهجي ٿو. ٻي گاڏي جيڪا بولان ميل جي نالي سڏجي ٿي اها دادو کان حبيب ڪوٽ وڃي ٿي اتان شڪارپور جيڪب آباد کان ڪوئٽيا تائين وڃي ٿي.

خشڪي جا رستا:

دادو شهر کي مرڪزي حيثيت آهي. ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ شهرن کان علاوه ملڪ جي مختلف شهرن تائين خشڪي رستي سفر ڪري سگهجي ٿو.

دادو شهر کان هڪ رستو جيڪو انڊس هاءِ وي سڏجي ٿو، اهو رستو دادو کان اتر طرف وڃي ٿو. هي رستو خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، لاڙڪاڻه کان ٿيندو ڪوئٽيا تائين وڃي ٿو. دادو شهر کان ڏکڻ طرفان انڊس هاءِ وي وڃي ٿو. اهو رستو ڀان سعيدآباد، سيوهڻ کان ڪوٽڙي تائين وڃي ٿو.

دادو شهر کان هڪ رستو اولهه طرف جوهي ڏانهن وڃي ٿو. واٽ تي ڇنڊڻ موري وٽ اسٽاپ اٿس. دادو شهر کان ڏکڻ طرف روڊ وڃي ٿو. جيڪو مشهور درگاهه امير پير تائين وڃي پهچي ٿو. دادو شهر کان هڪ ٻيو رستو ملاح چونڪ کان شروع ٿئي ٿو. جيڪو مشهور ڳوٺ جهلو ۽ ملڪاڻي شريف تائين وڃي ٿو. هن روڊ ذريعي ماڻهو اڪثر ڪري بسن ۽ ڊاٽسن ذريعي سفر ڪن ٿا. دادو شهر کان اوڀر طرف هڪ روڊ نڪري ٿو. جيڪو موري تائين پهچندو آهي. هن روڊ تي ويگنون، بسون، ڊاٽسنون هلن ٿيون. ان کان علاوه شهيد مخدوم بلاول پل ٺهڻ بعد ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي سگهجي ٿو. دادو شهر کان هڪ روڊ اتر طرف وڃي ٿو. اهو روڊ موندر تائين وڃي دنگ ڪري ٿو.

دادو شهر کان هڪ بس اسٽاپ ريلوي ڦاٽڪ وٽ آهي. اتان بسون ۽ ڊاٽسنون بيٺل هونديون آهن. انهن بسن ۽ ڊاٽسنن ذريعي مسافر خداآباد ڦڪا برماڻي ۽ اميناني تائين وڃن ٿا.

انڊس هاءِ وي رستو ڪوٽري کان لاڙڪاڻي وڃي ٿو. هيءُ رستو دادو شهر مان گذري ٿو. هن رستي تان ٽرالا، ٽرڪون، ٽريڪٽر، بسون، لاريون، ويگنون، جيپون، ڪارون ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون سواريون لنگهن ٿيون. قلندر لعل شهباز جا زيارتي ۽ ميلي جا شوقين سڄو سال هن رستي تان گذرن ٿا. دادو- مورو پل (شهيد مخدوم بلاول پل) جي تعمير ٿيڻ سان دادو ۽ مورو شهر ڳنڍجي ويا آهن. ان خوشيءَ جي موقعي تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو ۽ دادو جي ساٿين گڏيل هڪ شاندار پارٽيءَ جو اهتمام ڪيو هو ۽ ان موقعي تي مورو شاخ طرفان سگا دادو کي شيلڊ پڻ عطا ڪئي وئي. جيڪا اڃا تائين ڳانڍاپي جي نشاني طور ياد ڪري سگهجي ٿي.

شير شاهه سوري روڊ:

هيءُ رستو، هندستان جي بادشاهه شير شاهه سوري تعمير ڪرايو هو. جيڪو موندر ناڪي کان گذرندو ڏکڻ طرف نئين چونڪ کان ٿيندو سيوهڻ طرف وڃي ٿو. هن رستي تي مائڪروويو، ايگزيڪيوٽو انجنيئر آفيس، ڊپٽي ڪمشنر بنگلو، انسپيڪشن بنگلو، سرڪٽ هائوس، ٽيلي ڪميونيڪيشن آفيس، مختيار ڪار آفيس، جيل، پوسٽ آفيس، نيشنل بئنڪ دادو، پريس ڪلب دادو، ميونسپل ڪاميٽي، مسلم ڪمرشل بئنڪ، نئون چونڪ، ماروي هوٽل، يونائيٽڊ بئنڪ، تاج محل سئنيما، گرلس هاءِ اسڪول، ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن پرائمري سيڪنڊري آفيس ۽ ڊگري ڪاليج واقع آهن. هن رستي کي نئين چونڪ کان ڏکڻ طرف ڪاليج روڊ ۽ نئين چونڪ کان اتر طرف ڪچهري روڊ پڻ چيو ويندو آهي.

تاج محل سئنيما جي سامهون ٽانگا اسٽينڊ هوندو هو. ان ٽانگا اسٽينڊ کي 99 ساله ليز تي سيٺ محمد قاسم پنهور خريد ڪيو. اتي هڪ هوٽل ڪيفي ڊي قاسم جي نالي سان قائم ڪئي. هيءُ هوٽل 1960ع ڌاري قائم ڪيو ويو. اهو هوٽل ڏاڍو هلندو هو. هوٽل هيٺ مٿي هو جتي ڏاڍي سٺي رڪارڊنگ هلندي هئي. شام جو پري پري کان ماڻهو اچي هن هوٽل جي ڇٽ تي ويهندا هئا ۽ چانهه پيئندا هئا. هوٽل ۾ گانا بجانا ٻڌي لطف اندوز ٿيندا هئا. تاج محل جي ڏکڻ کان هڪ روڊ اولهه طرف وڃي ٿو، جيڪو گولائيءَ ۾ وڪڙ کائي لوڪوشيد کان اڳتي ٽپي وڃي ٿو. جنهن روڊ تي نيو ٽائون اسڪول ۽ رهائشي جايون آباد آهن.

ٿڌي سڙڪ:

هيءُ روڊ، ڇاڻي ڦاٽڪ کان شروع ٿي، اولهه طرف وڃي ٿو. هن رستي تي گهاٽا ۽ ساوا وڻ هوندا هئا. رستي جي ٻنهي پاسن تي سهڻا باغ هوندا هئا. هينئر انهن باغن واري زمين پلاٽ ڪري وڪرو ڪئي وئي آهي ۽ هينئر ان رستي جي ٻنهي پاسن کان وڏا وڏا بنگلا ۽ شاپنگ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. روڊ جي ڏکڻ پاسي نيو بس اسٽاپ، لڄپال پيٽرول پمپ، نيو تاج هوٽل، ارم برائيٽ اسڪول، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي آفيس، لائق هوٽل، گرڊ اسٽيشن، سمال انڊسٽريز ۽ مرکپور ڳوٺ واقع آهي. هن ئي روڊ جي اتر ۾ ڇاڻو شاهه آباد، ٻيا بنگلا، شاپنگ سينٽر، ايڪسائيز ٽيڪسيشن آفيس، ڳوٺ پير بخش سولنگي، جانورن جي اسپتال، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ۽ انڪم ٽيڪس آفيس اچي وڃي ٿي.

اسٽيشن روڊ:

هن روڊ تي نئين چونڪ وٽ ماروي هوٽل آهي، جيڪو عثمان جمالي جي ملڪيت آهي. هن هوٽل کي ڪنهن زماني ۾ فردوس هوٽل چوندا هئا. اسٽيشن روڊ تي حبيب بئنڪ، الائيڊ بئنڪ، دادو ٿاڻو واقع آهي. گيهه جا دوڪان، پنساري اسٽور، ميڊيڪل اسٽور، لوهه جا دوڪان، اليڪٽرڪ اسٽور آهن. طالب الموليٰ هاءِ اسڪول 1952ع ۾ محترم تاج صحرائي جي ڪوشش سان قائم ٿيو. اسڪول جي ميدان تي برصغير جي چوٽيءَ جا سياستدان آيا. سياسي جلسا ڪري عوام کي آگاهي ڏنائون. اهڙن سياستدانن ۾ پنڊت جو اهر لعل نهرو جو نانءُ نمايان حيثيت رکي ٿو. انهن کان سواءِ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جي هن ئي ميدان تي شهيد عوام محمد فاضل راهو ۽ مس اختر بلوچ به 1970ع جي ڏهاڪي ۾ اچي تقريرون ڪيون هيون.

مسڻ روڊ:

هيءُ روڊ جيڪو پير الاهي بخش روڊ (ڪاليج روڊ) کان نڪري اوڀر طرف مساڻن وٽ دادو ڪئنال تي ختم ٿئي ٿو. روڊ جي ٻنهي طرفن کان رهائشي جايون ۽ بنگلا آهن. هن روڊ تي استاد شفيع محمد قريشي، محمد نواز قريشي، منير احمد راهوجو وڪيل، لياقت علي آگرو، حسين بخش سولنگي، سيٺ شمس الدين ميمڻ جو بنگلو ۽ ڪارخانو احمد خان ملڪاڻي، ڊاڪٽر ڪئپٽن اعجاز سومرو جي ڪلينڪ ۽ ٻين جا بنگلا ۽ جايون آهن. هن روڊ جي ڏکڻ ۾ بٺ محلو، مجيد ڪالوني اتر ۾ شاهاڻي محلو، شمس آباد، سورج آباد ۽ الشفيع ڪالوني آهي.

مارڪيٽ روڊ:

مارڪيٽ روڊ سئنيما کان شروع ٿئي ٿو. جيڪو مڇي مارڪيٽ کان اڳتي هلي حاجي منير احمد چنه جي بنگلي کان اڳتي روڊ سان ملي ٿو. هن روڊ تي به رهائشي ڪالونيون دوڪان مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم قريشي جي ڪلينڪ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ بوائز دادو ۽ پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو ۽ مڇي مارڪيٽ شامل آهي.

استاد بخاري روڊ:

سنڌ جي مشهور عوامي شاعر احمد شاهه استاد بخاري جي ادبي خدمتن عيوض ۽ مڃتا طور استاد بخاري روڊ قائم ڪيو ويو آهي.

هي روڊ چاندني چونڪ کان ورڪشاپ وٽ ختم ٿئي ٿو. هن روڊ تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول غريب آباد دادو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد دادو اچي وڃن ٿا. ان کان سواءِ روڊ جي چوڌاري جايون بنگلا آهن. شاپنگ سينٽر به قائم ڪيا ويا آهن. هيءُ روڊ غريب آباد محلي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ٿو. هڪ ٻيو روڊ ورڪشاپ کان هلي گلزار مدينه مسجد کان ٿيندو مساڻ روڊ تي ختم ٿئي ٿو. هن روڊ جي ٻنهي پاسي رهائشي جايون آهن، روڊ تي غريب آباد محلو، سونار محلو، سورج آباد، الشفيع ڪالوني ۽ واٽر سپلاءِ ۽ ڪالونيون واقع آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org