سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

--

صفحو :10

  

 

 

قاضي مُلا محمد شڪارپوري

 (سنڌ جو هڪ ناميارو فقيه ۽ عالم)

نديم قاضي

 

(نوٽ: قاضي مُلا محمد شڪارپوريءَ جي سوانح جي تحقيقات دوران راقم الحروف وڏي جاکوڙ کان پوءِ احمد شاهه دراني، سندس پٽ تيمور شاهه ۽ پوٽي زمان شاهه جا قاضي محمد ۽ سندس پٽ قاضي عبدالله جي نالي ۾ جاري ڪيل شاهي فرمان هٿ ڪيا. انهن سان گڏ زمين ۽ جائداد جي خريد و فروخت جي سلسلي ۾ ڪيترا دستاويز به مليا، اهي سڀ فارسيءَ جي قديم رسمالخط ۾ هئا. احقر انهن جي ترجمي جي سلسلي ۾ گهڻن ئي ڄاڻن ۽ عالمن سان مليو، مگر گوهرِ مقصود حاصل ڪونه پئي ٿيو. نيٺ حضرت علامه          غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن ڏانهن رجوع ڪيو ويو، جن محترم نياز همايوني صاحب جن جو اسم گرامي انهن فرمانن ۽ دستاويزن جي ترجمي جي سلسلي ۾ تجويز فرمايو.

محترم نياز همايوني جي ٿورن مڃڻ کان هي قلم قاصر آهي، جن پنهنجي گوناگون مصروفيتن جي باوجود هن مشڪل ڪم ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ کان پوءِ انهن جي ترجمي جو ڪم مڪمل ڪري ڏنو، ٻيءَ صورت ۾ هن مقالي جي تڪميل هوند نهايت مشڪل ٿي پوي ها.)

*              *              *

عربن جي فتح کان پوءِ سنڌ اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت ۾ پيش پيش رهندي آئي آهي. هتان جي ڌرتيءَ هر دور ۾ اهڙن بزرگن، عالمن، فقيهن ۽ صوفين کي جنم ڏنو آهي، جن جي علم ۽ فضيلت، تبيلغ ۽ اشاعت جي طفيل نورِ اسلام جا شعاع گهر گهر پهچندا رهيا آهن، ۽ جن سان تاريڪ دليون روشن ٿينديون رهيون آهن. قاضي مُلا محمد به انهن عالمن ۽ فقيهن مان هڪ هو. هن جي زندگيءَ، خاص طور شروعاتي زندگيءَ جو مفصل احوال ته معلوم ڪونهي، ليڪن سندس بعد جي علمي زندگيءَ جون چند مختصر ۽ مبهم جهلڪيون ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿيون.

مولانا دين محمد وفائي مرحوم مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ (قاضي محمد احسان، نعمان ثاني) جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته سندس معاصرن مان قاضي محمد شڪارپوري ۽ مخدوم عثمان متعلويءَ سان بعض فقيهي مسئلي تي رد و ڪد ۽ مناظرا ٿيندا رهيا آهن، جي تفصيل سان بياضِ واحدي ۾ مطالعو ڪري سگهجن ٿا.[1] مولانا دين محمد وفائي مرحوم پنهنجي استاد حضرت حاجي حسن الله کان روايت نقل ڪئي آهي ته ”قاضي محمد شڪارپوري پڪو موحد ماڻهو هو ۽ مخدوم صاحب (مخدوم عبدالواحد) وري هميشه قلندر بادشاهه جي قبي تي ايندو ويندو هو. هڪ دفعي قاضي محمد، مخدوم صاحب ڏانهن طعن طور هڪ خط جي عبارت ۾ لکيو ته ’عابد الاوثان، ميان محمد احسان‘ يعني ’بتن جو پوڄاري، محمد احسان‘. مخدوم صاحب کي جڏهن اهو خط پهتو، تڏهن سنڌيءَ ۾ هيٺين تُڪَ لکي موڪليائينس:

نه تو سُرڪي پيتي، نه تو آئي چَٽَ

کهين پيو انهن سان، جنهين پيتا مَٽَ.

چون ٿا ته جڏهن اِهي لفظ قاضي محمد صاحب پڙهيا، تڏهن بدن تي لرزو اچي ويس ۽ معافي گهريائين.“[2]

حضرت علامه قاسمي صاحب جن، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جو ذڪر ڪندي ”الوحيد-آزاد نمبر“ جي حوالي سان لکيو آهي ته ”مخدوم صاحب جي همعصرن مان قاضي محمد شڪارپوريءَ سان سندس (مخدوم صاحب جا) علمي مباحثا رهيا آهن“[3] اڳتي هلي علاهـﮧ قاسمي صاحب جن قاضي محمد متعلق خلاصي بيان ۾ مٿين روايت نقل ڪندي وڌيڪ لکيو اٿن ته ”قاضي محمد شڪارپوري تيرهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ جي انهن ناميارن فقيهن ۽ متبحر عالمن مان هڪ برک عالم ٿي گذريو آهي، جنهن تي جيترو به ناز ڪجي ته گهٽ آهي. هن بزرگ مانجهندن جي مشهور قاضي بوالعالي کان تعليم پرائي، جو پنهنجي وقت جو وڏو علامه هو. ان کان پوءِ شڪارپور ۾ درس و تدريس ۽ فتويٰ جوڪم ڪندو هو... قاضي محمد صاحب جي تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي آهي. گمان غالب آهي ته سن 1230هه ڌاري وفات ڪري ويو.“[4]

ساڳيءَ طرح جنت السنڌ جي مصنف مولائي شيدائي صاحب به قاضي محمد شڪارپوريءَ جو ذڪر مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جي سلسلي ۾ ڪيو آهي. هو صاحب لکي ٿو: ”قاضي محمد شڪارپوري سندس (مخدوم صاحب جي) همعصر علمائن مان هو، جنهن جا ساڻس علمي مباحثا رهندا هئا.“1

تازو ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ۾ قاضي محمد متعلق حضرت علامـﮧ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن جو ”الرحيم-مشاهير نمبر“ وارو سمورو احوال هوبهو نقل ڪيو آهي.

قاضي محمد شڪارپوري ذات جو چنو هو. سندس والد بزرگوار جو نالو مولوي عبدالله هو، جو پنهنجي وقت جو هڪ عالم هو. اهو معلوم ڪونهي ته قاضي صاحب اصل ڪٿان جا رهندڙ هئا. ان سلسلي ۾ چند روايتون موجود آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هو رتيديري طرف رهندا هئا. ڪن جو چوڻ آهي ته هو قلعهء ڪرن2 ۾ رهندا هئا. هڪ ٻي روايت آهي ته ”هو اصل ترائيءَ جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سن 1171هه ۾ احمد شاهه درانيءَ کين شڪارپور جو قاضي مقرر ڪيو، جنهن کان پوءِ هنن اتي رهائش اختيار ڪري مدرسي ۽ مسجد جو بنياد رکيو“3 (جيڪا قاضين جي مسجد جي نالي سان مشهور ٿي ۽ هن وقت به ڪرن دروازي شڪارپور اندر زبون حالت ۾ موجود آهي). ليڪن اسان جي خيال ۾ قاضي صاحب موصوف جو شڪارپور ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان اڳ ڪرن جي ڳوٺ ۾ رهڻ وڌيڪ قرين قياس لڳي ٿو، ڇو ته 1189هه ۾ هنن قلعهءِ ڪرن جي ڀرسان لوڊرا قوم جي ماڻهن کان ڪجهه زرعي زمين خريد ڪئي هئي. ان خريد واري دستاويز تي شاهدن طور صحيحون قاضي جان محمد جي ٻن پٽن خان محمد ۽ مُلا الهرکئي جون آهن، جيڪي ان ڳوٺ جا رهندڙ هئا. ان کان علاوه ان دستاويز تي قاضي جان محمد جي ٽئين پٽ عبدالله جي مهر (مورخه 1184هه) به لڳل آهي. نه رڳو ايترو پر ٻين دستاويزن جي روشنيءَ ۾ معلوم ٿئي ٿو ته قاضي صاحب موصوف جي انهن سان ڪافي ڄاڻ سڃاڻ هئي ۽ شڪارپور جي قاضي مقرر ٿيڻ کان پوءِ به هنن سان اهو تعلق قائم رهندو آيو. (والله اعلم).

قاضي محمد صاحب جو سن ولادت به معلوم ڪونهي، ليڪن شاهي فرمانن ۽ دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن جي ولادت ٻارهين صدي هجريءَ جي پهرين اڌ ۾ ٿي هوندي.

1160هه ۾ نادر شاهه افشار جي قتل کان پوءِ احمد شاهه ابدالي، ’دراني‘ جو لقب اختيار ڪري تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي نالي جو سڪو ۽ مهر جاري ڪيائين. ”شاهي فرمانن واسطي جيڪا مُهر تيار ڪئي وئي، ان تي هيٺين عبارت لکي وئي:

”الحڪم الله يا فتاح احمد شاهه دُرِ دُران.“1

”احمد شاهه ابداليءَ تاج ۽ تخت سنڀاليندي ئي هيءُ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته سنڌ، بلوچستان ۽ اٽڪ پار جي ٻين علائقن مان نادر شاهه کي جيڪو خراج اڳيئي ملندو هو، اهو هاڻ قنڌار پهچڻ گهرجي.“2 سنڌ پهرين مغلن جي زيرنگين هئي ۽ مٿس مغل درٻار مان مقرر ٿيل نواب حڪومت ڪندا هئا.  نادر شاهه افشار ميان نور محمد ڪلهوڙي کي 1152هه ۾ شڪست ڏئي سنڌ کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي کان خراج جي رقم وصول ڪري، کيس سنڌ جو حاڪم قائم رکندي، پنهنجي طرفان پابند بڻايو ته هر سال خراج جي رقم هن ڏانهن موڪليندو رهي. ”ان کان علاوه نادر شاهه ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائي، هڪ حصو عبدالله خان بروهيءَ جي پٽ محبت خان بروهي، واليءَ قلات کي، شڪارپور صادق محمد خان دائودپوٽي کي ۽ باقي سنڌ جو رهيل حصو ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ڏئي سندس اڳيان خطاب بحال ڪري ۽ (نئين سر) ’شاهه قلي خان‘ جو خطاب ڏئي سندس پٽن کي يرغمال طور پاڻ سان وٺي سن 1153هه ۾ قنڌار روانو ٿي ويو.3 جڏهن نادر شاهه قتل ٿي ويو ۽ سندس جاءِ تي احمد شاهه بادشاهه بڻيو ته هن نادر شاهه جي سموري مفتوحه علائقي کي پنهنجي زيرِ نگين سمجهيو. سنڌ به ان علائقي ۾ شامل هئي. احمد شاهه ميان نور محمد کي پنهنجو نائب تسليم ڪندي کيس ”شاهه نواز خان“ جو لقب عطا ڪيو. (موٽ ۾) ”ميان نور محمد سالياني خراج قنڌار جي درٻار ۾ موڪلڻ جو وعدو ڪيو، ليڪن بعد ۾ ميان سالياني خراج جي رقم موڪلڻ ۾ ڪجهه سستي ڪندو رهيو، ان ڪري اڳ ۾ احمد شاهه دراني پنهنجي سپهه سالار جهان خان کي (سنڌ ۽) هندستان لاءِ روانو ڪيو، جيڪو سن 1166هه ۾ سنڌ پهتو، مگر بعد ۾ خبر پئي ته احمد شاهه دراني پاڻ به (سنڌ ۾ اچي رهيو آهي ۽) 4- محرم 1167هه ۾ محمد آباد جي ريگستان ۾ پهچي ويو.“4

مولانا غلام رسول مهر جو خيال آهي ته احمد شاهه ابدالي سنڌ ۾ ڪو نه آيو هو ۽ هن پنهنجي انهيءَ خيال جي پٺڀرائيءَ ۾ پنهنجي تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو 2 469 کان 471 تائين) دليل پيش ڪيا آهن، مگر اڪثر مورخ احمد شاهه ابداليءَ جي سنڌ ۾ اچڻ تي متفق آهن.

تازه نواي معارڪ جو صاحب منشي عطا محمد شڪارپوري (جيڪو احمد شاهه ابداليءَ جي پوٽي شاهه شجاع جو منشي هو) تذڪرهء مخاديم کهڙا جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته احمد شاهه ابداليءَ جي 21 محرم 1167هه واري فرمان مان ظاهر آهي ته احمد شاهه ان سال جي شروعات ۾ سنڌ ڏانهن آيو هو.1 ساڳي روايت حضرت علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن کهڙن وارن مخدومن جو ذڪر ڪندي لکي آهي ته ”احمد شاهه پنهنجي لشڪرين کي هڪ فرمان رستي سخت تنبيهه ڪئي هئي ته کهڙن کان لنگهندي هو انهن مخدومن ۽ ٻين ماڻهن سان ڪابه ڇيڙڇاڙ نه ڪن، ڇو ته اهي دين متين جا عالم ۽ يقين واري واٽ جا واٽهڙو آهن، سندن دعا قبول ٿيندي آهي“.2 اهو مخدوم محمد بن مخدوم عبدالرحمان شهيد جو دور هو. ان فرمان تي احمد شاهه درانيءَ جي مٿي ڄاڻايل مُهر ثبت ٿيل هئي.

حاصل مطلب ته احمد شاهه دراني، 4 محدوم سن 1167هه ۾ سنڌ ۾ پهتو ۽ 31 محرو1167هه ۾ مخمدي جي دور وارو اهو مٿيون فرمان جاري ڪيائين. عين انهيءَ فرمان هي اجراءِ کان تقريباً ٽن مهينن کان پوءِ جمادي الثاني سن 1167هه احمد شاهه درانيءَ جي نظرِ التفات اسان قاضي ملا محمد جي مٿان به ٿيندي ڏسون ٿا. هن پنهنجي ساڳي شاهي مهر سان ديره غازي خان جي نواب جان نثار خان گوجر1 جي نالي هيٺيون فرمان جاري ڪيو، جيڪو ديره غازي خان جي محڪمـﮧ ماليات جو افسر اعليٰ هو.

”بادشاهي عنايتن سان سرفراز ٿيل، ديره غازي خان جي مختيارِ ماليات، جان نثار خان جي نالي:

”معلوم هجي ته فضيلت پناهه ملا محمد ۽ ان سان گڏ ڄاڻايل هيٺين عالمن جهڙوڪ ملا دين محمد، ملا محمد قاسم، ملا ديندار ۽ ملا ابراهيم مان هرهڪ يعني فضيلت پناهه ملا محمد کي چار تمان،2 ملا دين محمد کي ٻه تمان، ملا محمد قاسم کي هڪ تمان، ملا ديندار کي هڪ تمان ۽ ملا ابراهيم کي هڪ تمان ايراضي قبضي سميت ديره غازي خان جي ديواني احڪامات موجب ڏني وڃي ۽ اهڙي داخلا سرڪاري دفتر ۾ ڪئي وڃي. انهن نوَن تمانن لاءِ هنن کان ڪابه سالياني ڍل وغيره نه ورتي ويندي. جمادي الاول 1167هه.“

مٿين فرمان ۾ ملا محمد کي نه قاضي سڏيو ويو آهي نه وري ان ڳالهه جي ڪا نشاندهي ٿيل آهي ته هو ڪٿان جو رهندڙ هو، جو اسين تعين ڪري سگهون ته ان فرمان جي اجراءِ وقت هو ڪٿي رهندو هو. ليڪن کين وظيفو ديره غازي خان جي خزاني مان ڏيارڻ جو اهوئي مطلب ٿي سگه ٿو ته ملا محمد ان زماني ۾ ديره غازي خان جي آسپاس ئي ڪٿي رهندو هوندو. جيڪڏهن ان وقت قاضي ملا محمد شڪارپور يا ان جي آسپاس رهندو هجي ها ته يقيناً هن کي وظيفو به شڪارپور جي خزاني مان ڏنو وڃي ها، ليڪن ائين ڪو نه ٿيو. ان کان علاوه اسان اهو به ڏسون ٿا ته 8 رمضان 1169هه تي ملا محمد ملتان ۾ کهاوڙ قوم جي ماڻهن کان هڪ ڪافي ڪشادي جڳهه حضرت شيخ ملتاني رحه (حضرت شيخ        بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني؟) جي محلي ۾ خريد ڪري رهائش اختيار ڪري ٿو. ان جو دستاويز ملتان جي ان وقت جي قاضيءَ محمد يوسف جي دفتر ۾ داخل ٿيو، جنهن تي سندس سرڪاري مُهر ثبت ٿيل آهي. (مُهر جي تاريخ مطابق محمد يوسف سن 1161هه ۾ ملتان جو قاضي مقرر ٿيو.) ان کان پوءِ سن 1170هه ۾ احمد شاهه دراني پشاور ۽ لاهور کان ٿيندو، 7- جمادي الاول تي دهليءَ پهتو ۽ سال جي پڄاڻيءَ جي لڳ ڀڳ واپس قنڌار هليو ويو. ليڪن قنڌار وڃڻ کان اڳ (۽ شايد دهليءَ کان واپسيءَ تي لاهور ۾ ترسڻ دوران) 17- رجب تي احمد شاهه دراني هيٺين عبارت جو هڪ ٻيو فرمان سڌيءَ طرح ملا محمد جي نالي پنهنجي شاهي مُهر سان جاري ڪيو.

”شاهي شفقت ۽ مرحمت سان نوازيل فضيلت و ڪمالات پناهه مُلا محمد جي نالي، جيڪو هن وقت به شاهي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو.

”(توهان کي) معلوم هجي ته توهان کي نئين سر اٺ تمان ايراضيءَ جا اصل اضافي سميت طئه ٿيل سالياني وظيفي طور مقرر ڪري ڏنل آهن.1 اوهان اِهي تمان هن پرواني مطابق ديره غازي خان جي مالياتي کاتي جي مختيار اعليٰ عزت ماب جان نثار خان جي وساطت سان سنڀالي پنهنجي قبضي ۾ ڪري، هميشه وانگر شاهي حضور جي خدمت گذاري ۽ دعاگوئيءَ جو شغل جاري رکندا.

”جان نثار خان کي (به) ان سلسلي ۾ هدايت ڪيل آهي ته اوهان لاءِ مقرر ٿيل ايراضيءَ جي سالياني پيداوار جو اندراج سرڪاري دفتر ۾ ڪري سموري پيداوار بغير ڪنهن سرڪاري ڍل يا خرچ (وضع ڪرڻ) جي نقد يا جنس جي صورت ۾ اوهان جي حوالي ڪندو رهي. 17-رجب 1170هه.“

هينئر جيڪڏهن 1167هه کان 1170هه تائين مٿي ڄاڻايل واقعن تي غور ڪنداسون ته واضح طور معلوم ٿيندو ته هڪ ته احمد شاهه دراني ذاتي طور ملا محمد ۽ سندس علمي صلاحيتن کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ گهڻي وقت کان ملا محمد شاهي ملازمت ۾ هو. ٻيو ته چئن سالن جي عرصي دوران ٻه دفعا شاهي وظيفا ملڻ (پهرين دفعي ۾ ٻين عالمن جي مقابلي ۾ وڌيڪ وظيفو ملڻ) ۽ ٻنهي فرمانن ۾ سندن نالو تعظيم سان وٺڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملا محمد وڌيڪ عظمت وارو هو ۽ شاهي نظرن ۾ سندس شخصيت نهايت محترم هئي. اهو اندازو ته اسان رڳو انهن فرمانن جي روشنيءَ ۾ لڳائي رهيا آهيون، جيڪي اسان وٽ موجود آهن. ممڪن آهي ته 1167هه کان اڳ ئي ملا محمد شاهي ملازمت جي سلسلي ۾ احمد شاهه درانيءَ سان وابسته هجي.

مٿين بحث مان اسان اهو آسانيءَ سان سمجهون ٿا ته ملا محمد شڪارپور يا شڪارپور جي آسپاس ڪٿي ڄائو ۽ تحصيل علم کان فارغ ٿي، احمد شاهه ابداليءَ جي بادشاهه بڻجڻ کان پوءِ هن وٽ شاهي ملازمت اختيار ڪري، ملتان ۾ جڳهه خريد ڪري درس تدريس جو شغل اختيار ڪيو. ان سلسلي ۾ کيس ٻه دفعا شاهي وظيفا به مليا. اسان جيڪڏهن اهو فرض ڪريون ته 1170هه واري وظيفي ملڻ وقت هن جي عمر ٽيهه ورهيه ئي هئي ته سندس ولادت جو امڪاني سال 1140هه جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو.

جهڙيءَ طرح ملا محمد جي سنِ ولادت ۽ اصل ڳوٺ جي قطعي ۽ مستند شهادت موجود ڪونهي، اهڙيءَ طرح اهو به واضح ڪونهي ته پاڻ ڪٿي ۽ ڪهڙن استادن کان تعليم حاصل ڪئي.

جيئن مٿي گذري چڪو آهي ته هن (حضرت مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن جي چوڻ مطابق) مانجهندن جي مشهور قاضي ابوالعالي وٽان تعليم پرائي جو پنهنجي وقت جو وڏو علامه هو. هڪ روايت اها به آهي ته ملا محمد پاٽ جي قاضي صاحبن وٽان تعليم حاصل ڪئي ۽ تحصيل علم کان پوءِ سندس دستاربندي به اتي ئي ٿي مگر اهو واضح ڪونهي ته هن پاٽ جي ڪهڙي بزرگ وٽان ۽ ڪڏهن تعليم حاصل ڪئي.

جيڪڏهن ان وقت جي پاٽ جي علمي خانوادي تي نظر وجهنداسون ته مخدوم دين محمد صديقي نمايان طور نظر ايندو، جيڪو مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جو والد ماجد هو ۽ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي وري ملا محمد جو همعصر ۽ مصاحب هو، جيئن اڳ ۾ بيان ڪري چڪا آهيون. بقول مولانا دين محمد وفائيءَ جي مخدوم دين محمد جي ”ولادت 1113هه ۽ وفات 1192هه ۾ ٿي.“1 مخدوم دين محمد بن مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽائي، پاٽ مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ رهيو ۽ اتي ئي هڪ علمي خاندان مان شادي ڪيائين.[5] ان گهر مان کيس ٻه فرزند، مخدوم عبدالواحد ۽ مخدوم محمد حسن تولد ٿيا. مخدوم دين محمد پنهنجي هونهار فرزند مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جي تعليم ۽ تربيت خود ڪئي. ”انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ عالمن ۽ فاضلن جو گهوارو هو. خصوصاً مخدوم صاحب جو خاندان ته سمورو علم ۽ عمل سان معمور هو، جنهن ڪري هن نونهال (مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ) جي تربيت ۽ تعليم پنهنجي والد بزرگوار جي سايي هيٺ سيوهڻ ۾ ئي ٿيندي رهي.“3 ممڪن آهي ته ملا محمد به مخدوم دين محمد صاحب کان سندن نقل مڪاني ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ تعليم حاصل ڪئي هجي. ان وقت مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جي ولادت ڪونه ٿي هوندي. (سندس ولادت 1250هه ۽ وفات 1224هه ۾ ٿي.) گويا ملا محمد، جنهن انداز ۾ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جهڙي عظيم المرتبت عالم ۽ فقيهه کي پنهنجي مٿي بيان ڪيل خط ۾”بتن جو پوڄاري، محمد احسان“ ڪري سڏيو آهي، ان مان سندس پراڻي شناسائي ۽ بي تڪلفي واري بزرگي شامل آهي، جو مخدوم صاحب کانئس عمر ۾ ننڍو هو. مگر جيئن ته مخدوم صاحب سندس استاد گهراڻي جو فرزند ارجمند هو، ان نسبت سان مخدوم صاحب جو جوابي بيت پڙهي کيس ان ڳالهه جو احساس ٿيو هوندو، جنهن ڪري هو يشيمان ٿيو ۽ معافي گهريائين. ورنه ملا محمد جهڙي ”پڪي مؤحد“ ۽ ”متبحر عالم“ جو مخدوم صاحب جو جوابي بيت پڙهي،ان ڳالهه جو قائل ٿيڻ ته مخدوم صاحب جو درگاهن ۽ مزارن تي وڃڻ ٺيڪ هو، قرين قياس ڪونه ٿو لڳي. ملا محمد جا مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ سان علمي مباحثا به سندس شڪارپور جي قاضي مقرر ٿيڻ کان پوءِ ٿيا هوندا، ڇو ته مٿي ڄاڻايل سڀني ماخذن ۾ (شاهي فرمانن کان علاوه) سندن علمي مباحثن جي حوالن ۾ ملا محمد کي ”قاضي محمد شڪارپور“ سڏيو ويو آهي.

هتي هڪ غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ به اسان ضروري ٿا سمجهون. حضرت علامـﮧ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن قاضي محمد کي تيرهين صدي هجريءَ جو بزرگ ڄاڻايو آهي. سندن تقليد ۾ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر صاحب جن به پنهنجي ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ڪتاب جي بابن جي تقسيم هيٺ ٽالپرن جي دور واري فهرست ۾ ڏنو آهي، جيڪو موجوده سَندن جي روشنيءَ ۾ درست ڪونهي.

قاضي ملا محمد ڪلهوڙن جي دور جو بزرگ هو. سندس حياتيءَ جي شروعات واري زماني ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم هو (11 محرم 1132هه کان 12 صفر 1167هه تائين). هن جي وفات کان پوءِ سندس ميان مرادياب تخت تي ويٺو، مگر 13 ذي الحج سن1170هه ۾ معزول ٿيو ۽ 1171هه ۾ فوت ٿيو. کانئس پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙن پهرين شوال 1171هه کان 1172هه تائين سنڌ جو حاڪم رهيو.1 ميان غلام شاهه کان پوءِ به ڪافي وقت تائين سنڌ تي ڪلهوڙا حڪمرانن جي حڪومت رهي. ان جي برعڪس ملا محمد جي زندگيءَ جو نشان 1202هه تائين واضح طور ملي ٿو (جيئن اڳتي بيان ٿيندو)، ان ڪري اسان جي خيال ۾ ملا محمد کي تيرهين صديءَ جي بجاءِ ٻارهين صدي هجريءَ ۾ ٽالپرن جي دور بدران ڪلهوڙن جي دور جو بزرگ سڏڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو، ڇو ته ملا محمد، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جي همعصر هئڻ سان گڏ حضرت شاهه فقير اللہ علوي شڪارپوريءَ جو به معاصر هو. انهيءَ ڪري ئي ”جنت السنڌ“ جي صاحب بجا طور ٽنهي حضرات کي ڪلهوڙن واري دور جي مشاهير ۾ شمار ڪيو آهي.

اها خبر ناهي ته ملا محمد پهريون دفعو قاضيءَ جي عهدي تي ڪڏهن فائز ٿيو ۽ ڪٿي ٿيو. ليڪن سن1177هه ۾ اسان کيس شڪارپور جي قاضيءَ جي عهدي تي فائز ڏسون ٿا. 1177هه ۾ احمد شاهه درانيءَ پنهنجي شاهي مُهر سان سندس نالي ۾ هڪ فرمان جاري ڪيو، جنهن ۾ کيس ”قاضي الڪائي شڪارپور“ شڪارپور پر ڳڻي جو قاضي سڏيو ويو آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هو 1177هه کان اڳ ئي شڪارپور پر ڳڻي جو قاضي مقرر ٿيو هجي. ممڪن آهي ته 1170هه واري وظيفي ملڻ کان پوءِ ”تذڪره ميان محمد يوسف قريشي“ ۾ ڄاڻايل روايت مطابق سن 1171هه ۾ ملتان مان شڪارپور جو قاضي مقرر ٿي آيو هجي ۽ ان کان پوءِ شڪارپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي هجائين.

سن 1177هه جي حدود اندر شڪارپور ۾ ڪنهن شخص محمد دائم جي قتل جو واقعو رونما ٿيو. مقدمو قاضي محمد صاحب جي عدالت ۾ پيش ٿيو. ٿي سگهي ٿو ته واقعات ۽ شواهد جي روشنيءَ ۾ حضرت حاجي فقير اللہ علوي جا ڪجهه پوئلڳ ان قتل جي الزام ۾ ملوث ٿيندا هجن، انڪري حضرت فقير اللہ علوي، احمد شاهه درانيءَ ڏانهن هڪ خط ذريعي شڪايت لکي موڪلي ته ”قاضي محمد شڪارپوري ۽ محمد عالم اسان فقيرن ڏانهن فاسد اغراض رکن ٿا ۽ هڪ شخص محمد دائم جي قتل جي تهمت فقير ۽ ان جي پيروڪارن تي هڻن ٿا، انڪري هي خط اوهان ڏانهن تحرير ڪجي ٿو.“1 ان کان علاوه مٿين خط جي ٻي عبارت به ڪجهه اهڙي قسم جي آهي، جيڪا شاهي مزاج کي برهم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

        حضرت حاجي فقير اللہ علوي جن جي      ولاديت ”افغانستان جي شهر جلال آباد جي ڀرسان روتاس ڳوٺ ۾ تقريباً 1100هه ڌاري ٿي.“2 هو ”سن 1150هه ۾ پنهنجي وطن مان هجرت ڪري شڪارپور ۾ اچي رهيو، جو انهن ڏينهن ۾ دراني حڪومت جي ماتحت هو.“3 احمد شاهه دراني پيرن، سيدن، علمن ۽ بزرگن جو نهايت احترام ڪندو هو. جتي به فتوحات جي سلسلي ۾ هن جو وڃڻ ٿيندو هو ته اتان جي بزرگن ۽ عالمن سان ملاقات ضرور ڪندو هو، ”احمد شاهه درانيءَ جو مذهب ڏانهن گهڻو لاڙو هوندو هو ۽ هو هميشہ عالمن ۽ زاهدن جي صحبت کي پسند ڪندو هو.“4 ”هن جي (احمد شاهه جي) وڏي خوبي اها هئي ته مذهب سان هن جي وابستگي هئي. علماء و مشائخ جو قدر ڪندو هو ۽ انهن کان مشورو وٺندو هو. ديني مسئلن تي هن سان مذاڪرا ڪندو هو ۽ شرعي ڳالهين ۾ هنن جي دليلن (۽ فتوائن) کي فوقيت ڏيندو هو.“5 احمد شاهه دراني حضرت شاهه فقير الله علوي جو به نهايت معتقد هو ۽ هن جو بيحد احترام ڪندو هو. ”حضرت شاهه فقيرالله علوي شڪارپوريءَ سان هن جي خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. حضرت شاهه فقيرالله جي مجموعه مڪتوبات ۾ اهڙا ڪيترائي خط موجود آهن، جيڪي هو وقت بوقت احمد شاهه درانيءَ ڏانهن موڪليندا رهيا آهن. سندن ڪجهه خطن مان ته ايتريقدر به اندازو ٿئي ٿو ته احمد شاهه دراني جي وفات کان پوءِ سندس جائنشينيءَ جي تنازع ۾ پاڻ ڪنهن شهزادي جا طرفدار هئا.“6

حضرت شاهه فقير الله علويءَ جهڙي برگزيده ۽ بزرگ هستيءَ کان اهڙي قسم جي شڪايتي خط ملڻ تي احمد شاهه درانيءَ سن 1177هه7 ۾ هيٺيئن مضمون جو شاهي فرمان قاضي محمد شڪارپوريءَ جي نالي ۾ جاري ڪيو.

”فضيلت و ڪمالات پناهه مُلا محمد، شڪارپور پرڳڻي جي قاضيءَ کي، جيڪو شاهاڻين عنايتن سان سرفراز ٿيل آهي، معلوم هجي ته تازو اسان جي ڌيان تي آندو ويو آهي ته فضيلت پناهه (ملا محمد) ڪن شرعي ڳالهين ۾ چشم پوشي ڪندي ڪي اهڙا فيصلا ڪيا آهن، جيڪي هر لحاظ کان قانون شريعت جي خلاف آهن، جنهنڪري انهن جو اثر اهڙن شخصن کي پوي ٿو، جيڪي شاهي نظرن ۾ آبرومند آهن.“ ٿيڻ ائين کپي ته قضا جي اصول مطابق لازمي طور اهڙيون ڳالهيون نبيري هيٺ اچڻ کپن، جيڪي بادشاهه ۽ ان جي خدمتگارن يا عزيزن لاءِ ڪنهن تفرقي جو باعث نه بڻجن. خاص طور شرعي فيصلن نبيرڻ جو اهو ئي دستور آهي ته ڪنهن به شخص جي جانبداري نه ڪجي، جيئن ڪنهن سان به ناحق نه ٿئي. ائين ئي خدا ۽ ان جي رسول جو خوف آڏو رکي سچ کي ڪوڙ کان اڳ ڪرڻ گهرجي، جيئن قيامت جي ڏينهن خدا جي اڳيان لاجواب (شرمسار) نه ٿيڻو پوي، ايتريقدر جو ظالم کان مظلوم جو حق وٺندي به اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. شاهي امان هيٺ جيڪي به امير يا غريب، زورآور يا ضعيف زندگي گذاري رهيا آهن، تن جي ننڍ وڏائيءَ جو خيال نه رکندي الاهي قانون موجب هر فيصلو ڪرڻ لازمي آهي، جيئن هر طرف کان خير جي دعا حاصل ٿئي. جيڪڏهن انهن ڳالهين مان ڪابه خلاف ورزي ٿي ته اها جواب طلبيءَ جو سبب ٿيندي.“

نهايت تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته احمد شاهه درانيءَ جهڙو جليل القدر بادشاهه، جيڪو خود قرآن ۽ سنت جو پابند هو، هڪ طرف قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ انصاف ڪرڻ جي تلقين ڪري رهيو آهي ته وري ٻئي طرف اهو حڪم به ڏئي رهيو آهي ته اهڙو ڪو به فيصلو نه ڪيو وڃي، جنهن جو اثر اهڙن شخصن تي پوي، جيڪي شاهي نظرن ۾ آبرومند آهن. هڪ طرف بي ريائيءَ ۽ غيرجانبداريءَ جي فهمائش ٿي ڪئي وڃي ته ٻئي طرف اڻسڌي طرح اها به خواهش ظاهر ڪئي ٿي وڃي ته اهڙن ماڻهن خلاف فيصلي ڏيڻ کان درگذر ڪيو وڃي، جيڪي بادشاهه جي خدمت گذارن يا عزيزن جي زمري ۾ اچن ٿا، اهو ته سراسر انصاف جي خلاف آهي. شاهه هجي يا گدا، امير هجي يا غريب، جيڪڏهن هو ڪنهن ڏوهه جو مرتڪب ٿئي ٿو ۽ واقعات ۽ شواهد جي روشنيءَ ۾ هن جو ڏوهه ثابت ٿئي ٿو ته انصاف ۽ قانون جي نگاهن ۾ پنهنجي رتبي يا عهدي کان قطع نظر، هو سزا جو مستوجب بڻجي ٿو.

هينئر سوال اهو آهي ته ڇا قاضي محمد جي پايي جو عالم ۽ فقيـﮧ، جيڪو مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جهڙي عالم ۽ فقيـﮧ کي ”بتن جو پوڄاري“ سڏي سگهي ٿو ۽ جيڪو خود شاهي نظرن ۾ محترم ۽ معتبر هو، اهو اهڙو ڪو فيصلو صادر ڪري سگهيو ٿي، جيڪو قرآن ۽ سنت جي خلاف هجي! ائين به ممڪن ڪونهي ته هڪ شهر ۾ رهڻ سبب قاضي صاحب ۽ حضرت علوي صاحب جي درميان علمي رقابت سبب ڪي اختلاف هئا، جنهن ڪري هنن هڪ ٻئي تي بهتان بازي پئي ڪئي. فرض ڪريو ته جيڪڏهن ائين کڻي هجي به ها، تڏهن به حضرت علوي صاحب يا سندس مريدن ۽ واسطيدارن تي ڪنهن خون جي تهمت لڳائڻ تمام مشڪل ڳالهه آهي، سو به ان صورت ۾ جڏهن حضرت علوي صاحب جي وقت جي بادشاهه سان ايتري قربت هئي جا قاضي محمد صاحب کان به مخفي ڪونه هوندي! جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ قاضي صاحب موصوف وٽ يقيناً ان لاءِ ڪو معقول جواز هوندو. يقيناً ان واقعي جو تفصيل ڪن اهڙين شاهدين ۽ ثبوتن تي مبني هوندو جو قاضي صاحب اهڙن شخصن تي خون جو الزام هڻڻ لاءِ مجبور ٿي ويو هوندو، جيڪي شاهي نظرن ۾ آبرومند هئا.

مٿين واقعي مان قاضي محمد جي شخصيت جو اهو پهلو اجاگر ٿئي ٿو ته هو نهايت جري ۽ بيباڪ قاضي ۽ منصف هو. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو باڪردار ۽ اخلاق و جريت جو پيڪر هو، جو جڏهن عدل ۽ انصاف جي آزمائش جو وقت آيو ته هن کي، بغير ڪنهن رک- رکاءُ يا ننڍ-وڏائيءَ جي، مناسب فيصلي ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس ڪونه ٿي. اهڙي بلند حوصلي ۽ بي رياءُ قاضيءَ کي بادشاهه جو شريعت موجب انصاف ڪرڻ جي تلقين يقيناً تعجب خيز آهي.

قاضي محمد صاحب جي انصاف ۽ عدل جو هڪ ٻيو مثال اسان جي اکين آڏو آهي. 1185هه ۾ شڪارپور ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو، جنهن جو تفصيل به احمد شاهه درانيءَ جي هيٺين فرمان ۾ موجود آهي:

”شڪارپور جي سڀني اڳين پوين حاڪمن ۽ عملدارن کي معلوم هجي ته هن وقت ملنگ نالي شڪارپور جي هڪ شخص اسان جي ڌيان تي آندو آهي ته باغ جي هڪ ايراضي ۽ هڪڙو کوهه، جيڪو سندس موروثي ملڪيت هو، هن ڪجهه ڏينهن لاءِ شڪار وغيره جي نيت سان سيد پير شاهه کي ڏنو. ڪجهه وقت کان پوءِ اهو شاهه صاحب گذاري ويو ته مريد عليءَ نالي هڪ شخص ان باغ ۽کوهه تي پنهنجي ملڪيت هئڻ جي دعويٰ ڪئي. ان سلسلي ۾ هو شرعي فيصلي لاءِ ويو ته قاصي (محمد) صاحب ٻنهي ڌرين کي گهرائي فيصلو ڪيو ته ان ايراضيءَ جو چوٿون حصو مريد علي وٽ هجي ۽ باقي ٽي حصا فريادي ملنگ کي ڏنا وڃن. ٻن سالن گذرڻ کان پوءَ انهيءَ مريد عليءَ وري قاضي صاحب وٽ وڃي ٻيهر مٿين ملڪيت جي دعويٰ داخل ڪئي، پر وريو ڪجهه به نه، ڇاڪاڻ ته قاضي صاحب ان سلسلي ۾ ٻيهر ڪنهن فيصلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيو. آخر اها ڳالهه (شهر) جي حاڪم وٽان ٿيندي، وڃي مفتي ملا عارف1 وٽ پهتي، جنهن باغ ۽ کوهه واري ايراضي زبردستيءَ (اصل) فرياديءَ (ملنگ) کان کسي مريد عليءَ جي حوالي ڪئي آهي. هن وقت ان باغ ۽ کوهه سان گڏ مريد علي ڇهن سون رپين جو ٻيو مال به ڦٻائي ويٺو آهي. ان زيادتيءَ ۾ (ڪجهه) ٻيا (ماڻهو) به هن جا مددگار آهن.“

”جيئن ته هي ڪم زبردستيءَ (سان) ڪيل آهي، ان ڪري هيءُ حڪم جاري ٿو ڪجي ته (اصل) فرياديءَ کان (زوريءَ) کسيل باغ، کوهه ۽ رقم، جيڪي سندس ملڪيت آهن ۽ قاضيءَ جي دفتر ۾ داخل ٿيل آهن، مريد عليءَ کان واپس وٺي کيس (ملنگ کي) ڏياريا وڃن. اهڙيءَ طرح اهو سمورو ڪم شرعي فيصلي مطابق اڪلايو وڃي ۽ آئنده لاءِ انهن (غاصبن) کي تنبيهه ڪئي وڃي ته ڪوبه ڪنهن جي لاءِ اهڙي قسم جو قدم نه کڻي، جيڪو شرعي احڪامن جي خلاف هجي. 2- صفر 1185هه.“

فرمان جي عبارت مان ان واقعي جي جيڪا تصوير اسان جي اکين اڏو اچي ٿي، اها هيءَ آهي ته ملنگ نالي هڪ شخص پنهنجي باغ واري زمين کوهه سميت سيد پير شاهه کي شڪار وغيره سانگي ڏني جو شايد سندس مرشد هوندو. هڪ سنڌي سٻاجهڙي کان پنهنجي مرشد لاءِ عقيدت جو اظهار جو اهو طريقو ڪا انوکي ڳالهه ڪونهي. ان سيد سڳوري جي وفات کان پوءِ مريد عليءَ نالي هڪ شخص ان زمين ۽ کوهه تي قبصو ڄمائي ورتو ۽ شايد ان تي ڪجهه آبادي به ڪئي. جڏهن ملنگ اهڙو فرياد شڪارپور جي قاضي (ملا محمد) صاحب وٽ داخل ڪريو ته قاضي صاحب فيصلو ڪيو ته ان ملڪيت جو چوٿون حصو مريد عليءَ کي (شايد سندس ڪيل آباديءَ وغيره جي خيال کان) ۽ باقي ٽي حصا ملنگ کي واپس ڏنا وڃن. ظاهر طرح ٻنهي ڌرين ان فيصلي کي تسليم ڪري خاموشي اختيار ڪئي. ٻن سالن کان پوءِ ان مريد عليءَ ڪجهه ٻين ماڻهن جي مدد ۽ هُشيءَ تي وري اهو معاملو نئين سر اُٿاريو. مگر جيئن ته هڪ دفعو ان معاملي ۾ فيصلو ٿي چڪو هو، ان ڪري قاضي صاحب جي طرفان ان ۾ وڌيڪ ڦيرگهير ڪرڻ جو سوال ئي پيدا ڪو نه پئي ٿيو. ڀانئجي ٿو ته مريد علي ڪو بااثر ۽ زورآور شخص هو، جنهن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري شهر جي حاڪم ۽ مفتيءَ کان پنهنجي مرضيءَ مطابق فيصلو ڪرائي زبردستي مٿين ملڪيت ڦٻائي ورتي. ويچارو ملنگ ڏاڍ اڳيان بيوس ٿي پيو ۽ نيٺ داد رسيءَ لا دراني درٻار ۾ دانهن ڏنائين، جتان مٿيون فرمان جاري ڪري، ملنگ کان زوريءَ کسيل ملڪيت کيس واپس ڏيارڻ لاءِ حڪم صادر ٿيو.

ظاهر آهي ته مريد علي، جنهن کي شهر جي حاڪم ۽ مفتيءَ وٽ پهچ حاصل هئي، ان ائين ئي رڳو قاضي صاحب وٽ هڪ دفعو فيصلو ٿيل معاملو ڪو نه اٿاريو هوندو. هن يقيناً قاضي صاحب تي به زور بار وجهرايو هوندو، ليڪن قاضي صاحب هن جي اثر رسوخ کان متاثر ۽ مرعوب ٿيل ڪو نه ٿو ڀانئجي، جنهنڪري هو اڳئين فيصلي تي قائم رهيو.

هينئر غور ڪجي ته اهڙو بي رياءُ ۽ سختين کان متاثر نه ٿيڻ وارو منصف ۽ قاضي، حضرت شاهه فقير الله علويءَ جهڙي برگزيده هستيءَ يا سندس پيروڪارن تي ايترو سنگين الزام ڪنهن معقول سبب جي غيرموجودگيءَ ۾ ڪيئن ٿي لڳائي سگهيو!

بهرحال، اسان ملا محمد کي 1177هه کان اڳ شڪارپور پرڳڻي جي قاضيءَ جي عهدي تي فائز ڏسون ٿا، جتي هو قضا جي ڪم سان گڏ پنهنجي قائم ڪيل مدرسي ۾ تدريس جو شغل جاري رکندو ٿي آيو.

سن 1186هه ۾ احمد شاهه دراني قنڌار ۾ فوت ٿيو. هن جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ سليمان سندس جڳهه تي بادشاهه بڻيو، مگر جلد ئي احمد شاهه جو پٽ تيمور شاهه ، جنهن کي احمد شاهه پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجو وليعهد ۽ جاءِ نشين مقرر ڪيو هو، 1186هه ۾ پنهنجي پيءُ جي تخت جو وارث بڻيو. احمد شاهه جي وفات کان پوءِ سندس پٽن جي وچ ۾ ذاتي اختلافن ۽ خانه جنگيءَ سبب ظاهر آهي ته ٻين اميرن ۽ عملدارن ۾ به گروهه بندي ٿي وئي. عام دستور مطابق تيمور شاهه به عاملن ۽ عهديدارن ۾ پنهنجي پسند مطابق تبديليون ڪيون ۽ پنهنجي اعتماد ۽ ڀروسي وارن عملدارن کي قائم رکيو. اهڙي طرح تيمور شاهه پنهنجي هيٺين فرمان مطابق قاضي ملا محمد جي شڪارپور پرڳڻي جي قاضيءَ جي حيثيت ۾ تجديد ڪئي:

”فضيلت و ڪمالات پناهه ملا محمد، قاضيءِ الڪائي شڪارپور جي نالي روشن هجي ته اوهان جي لاءِ هن کان اڳ خاقانِ مغفور (احمد شاهه دراني) جي عنايتن موجب شڪارپور (پرڳڻي) جي (منصبِ) قضا سان گڏ جيڪي وظيفا ۽ لوازمات تفويض ٿيل آهن، اهي بدستور قائم ۽ جاري رکيا ٿا وڃن. اوهان پنهنجي اخلاص خدمتگذاري ۽ قضا جي منصب داريءَ سان گڏ دعا گوئيءَ جو شغل جاري رکندا. اوهان کي خاقانِ مغفور کان جيڪي مراعتون مليل هيون، توهان کي انهن جو واقعي حقدار سمجهي (هي) پروانو جاري ڪجي ٿو. توهان حسبِ معمول شرعي احڪامن جي پوئواريءَ ۾ سرگرم عمل رهندا ايندا. 11- رمضان 1186هه“.

هن فرمان موجب، تيمور شاهه نه رڳو قاضي صاحب جي صلاحيتن، سندس علمي ۽ شرعي خدمتن جو اعتراف ڪندي سندس عهدو برقرار رکيو، مگر تيمور شاهه جي حڪومت وران اسان قاضي صاحب موصوف جي زمين ۽ جڳهين جي خريد و فروخت جي دستاويزن ۾ سندس لقبن ۾ اضافو ٿيندو ڏسون ٿا ۽ محسوس ڪريون ٿا ته جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو اهي تيئن تئين هڪ ته سندس روز افزون علميت ۽ تجربي سبب ۽ ٻيو ته سندس عهدي ۾ ترقيءَ سبب هن جي نالي سان گڏ خطابن ۽ لقبن ۾ عزت ۽ احترام جو پهلو وڌيڪ نمايان ٿيندو رهيو آهي. 1185هه واري شاهي فرمان جي اجراءِ جي وقت تائين کيس وڌ ۾ وڌ ”فضيلت و ڪمالات پناهه، ملا محمد، قاضيءَ الڪائي شڪارپور“ سڏيو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته جيئن ته شاهي فرمان جو اجراءِ بذات خود هڪ اعزاز آهي، ان ڪري تخاطب کي ان حد تائين مناسب سمجهيو ويو هجي. ليڪن شاهي فرمان کان هٽي ٻين دستاويزن ۾ ڏينهون ڏينهن سندس نالو وڌيڪ تعظيم ۽ لقبن سان کنيو ويو آهي. 1189هه جي هڪ دستاويز ۾ کيس ”فضائل و ڪمالات پناهه، افادت و اقامت جستگاهه، مجمع الفضائل، علامه، ميان قاضي ملا محمد ولد مرحوم و مغفور، جنت جائيگاهه مولوي ميان عبدالله“، 1197هه واري دستاويز ۾ انهن مٿين لقبن سان گڏ ”حاوي المنقول و المعقول، عمدة العلماء، قدوة الفضيلت ..... وغيره“، 1198هه واري دستاويز ۾ وڌيڪ اضافي سان ”مسند نشين جايش منصب منع، علامه فهامي(؟)“ ۽ نيٺ 1202هه ۾ کيس ”جامع الفضائل و ڪمالات، زبدة العلما، فضيلت الدهر، جامع الاصول و الفروع، حاوي المعقول و المنقول، مسندِ نشينِ عاليه شريعت پناهه علامه.....“ وغيره جي لقبن سان سڏيو ويو آهي.

هن سموري وستار جو مقصد رڳو اهو آهي ته جيئن معلوم ٿئي ته تيمور شاهه جي دور حڪومت ۾، 1186هه کان پوءِ قاضي صاحب جي خطابن ۽ لقبن ۾ جنهن سرعت سان اضافو ٿيندو رهيو آهي، جو نيٺ 1202هه تائين مسند نشين عاليه يعني (قاضي القضات) جو لقب کيس مليو، ان جو ڪهڙو سبب آهي. ظاهر طرح ته اهو چئي سگهجي ٿو ته قاضي صاحب جي عمر سان گڏ سندس علميت ۾ واڌار ٿيندو رهيو، ليڪن تيمور شاهه سان منسوب قاضي صاحب جي سلسلي ۾ هڪ روايت بيان ڪئي وڃي ٿي:

چون ٿا ته تيمور شاهه هڪ دفعي ڪنهن غلط فهميءَ جي بنياد تي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي دلپسند زال کي طلاق ڏئي ويٺو، مگر جڏهن سندس ڪاوڙ ڍري ٿي ۽ حقيقت سامهون آيس ته پنهنجي جلدبازيءَ تي نه رڳو پشيمان ٿيو، پر اچي ششدر به ٿيو ته هينئر اها زال بغير ڪنهن ٻئي سان نڪاح ڪرڻ جي هن لاءِ ڪيئن حلال ٿئي. هن ڏاڍو عالمن ۽ ديني دانشورن کي ڪٺم ڪيو، مگر انهن کي هن مسئلي جو ڪو حل سمجهه ۾ ڪو نه آيو. نيٺ تيمور شاهه جي اڳيان قاضي مُلا محمد شڪارپوري جو نالو تجويز ڪيو ويو. قاضي صاحب موصوف کي ڪابل گهرايو ويو جنهن سمورو مسئلو ٻڌڻ کان پوءِ قرآن ۽ شريعت جي روشنيءَ ۾ تيمور شاهه جي ڏنل طلاق کي غلط قرار ڏنو ۽ اتي موجود سڀني عالمن ان فتويٰ جي تائيد ڪئي. تيمور شاهه خوش ٿي قاضي صاحب کي ڏاڍا انعام و اڪرام، جاگير ۽ قاضي القضات جو عهدو عنايت ڪيو.1

قاضي صاحب موصوف شڪارپور ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي مدرسي ۽ ذاتي خرچ پکي هلائڻ لاءِ شاهي وظيفن ۽ بعد ۾ مليل جاگير وغيره سان گڏ، شخصي طور زرعي زمين، باغن ۽ جڳهين جي خريد و فروخت ڪندو رهيو. 1181هه کان وٺي 1202هه تائين مختلف تاريخن تي هو سيدن، لورا ذات جي هندن، لوڊرا ۽ درودگر2 قوم جي ماڻهن سان شڪارپور شهر ۾، شڪارپور جي آسپاس، قلعهء ڪرن، ديهه بيکاري ۽ تعلقي روپاهه3 ۾ زمين وغيره جي خريد و فروخت يا مٽاسٽا ڪندو نظر اچي رهيو آهي.

هڪ ٻي روايت مطابق سن 1202هه جي حدود ۾ قاضي صاحب موصوف ڪنهن معاملي جي سلسلي ۾ ٻيهر ڪابل ويو، اتي ئي هو ته سندس وفات ٿي. سندس جسد پاڪ کي سندس وصيعت مطابق شڪارپور اماڻڻ جا سانباهه ڪيا ويا ۽ سندس لاش هڪ صندوق ۾ امانت طور بند ڪري هڪ قافلي ذريعي شڪارپور روانو ڪيو ويو. اُٺڙيءَ تي اها صندوق رکي هئي، رستي ۾ اتفاق سان ان کي ٿاٻو آيو ۽ ڪِري پئي. ڏٺو ويو ته سندس ٽنگ ڀڄي پيئي هئي، مگر ٿوري دير کان پوءِ اها خودبخود اٿي وري هلڻ لڳي. جڏهن اهو قافلو شڪارپور پهتو ته ان اُٺڙيءَ کي ڪُهي خيرات ڪيو ويو. ڏٺو ويو ته جنهن جڳهه تان سندس ٽنگ ڀڄي پئي هئي، اتي هڪ لوهي شيخ لڳل هئي. چون ٿا ته ڪيتري عرصي تائين اها لوهي شيخ قاضي صاحب جي مدرسي جي صحن ۾ رکيل هئي ۽ ماڻهو ان کي ڏسڻ ايندا هئا.

قاضي صاحب موصوف کي سندس مدرسي جي صحن ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو. سندس مقبرو ۽ قائم ڪيل مسجد1 اڄ به شڪارپور ۾ ڪرن دروازي اندران خسته ۽ زبون حالت ۾ موجود آهي.

قاضي صاحب جي وفات جو حتمي سال معلوم ڪونهي. 9- رجب سن 1202هه ۾ قاضي هڪ سيد امام علي شاه کان نوشهري دروازي جي ٻاهران ڪجهه زرعي زمين خريد ڪئي. ان کان پوءِ سن 1205هه ۾ شڪارپور جي قاضيءَ جي عدالت ۾ طلاق جو هڪ مقدمو فيصل ٿيو، مگر فيصلي واري دستاويز تي نه ته ڪا مُهر ئي لڳل آهي نه وري ڪنهن قاضي صاحب موصوف جي ڏينهن ۾ رونما ٿيو يا سندس پٽ قاضي ميان عبدالله جي ڏينهن ۾.

1207هه ۾ تيمور شاهه وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ زمان شاهه ڪابل جي تخت تي ويٺو. زمان شاهه 1210هه ۾ هيٺين عبارت وارو فرمان قاضي صاحب موصوف جي فرزند ميان عبدالله جي نالي ۾ جاري ڪيو.

”فضيلت پناهه مُلا عبدالله، قاضيءَ الڪائي شڪارپور جي نالي، شاهي شفقت ۽ اعزاز سان سرفراز (ڪرڻ) کانپوءِ ڄاڻائجي ٿو ته اهو خط،جيڪو اوهان پنهنجي احوال، اخلاص، شاهي مروت ۽ دعاگوئيءَ جي سلسلي ۾ بادشاهه جي حضور ۾ موڪليو آهي، سو پهتو آهي، جنهن مان اوهان جو بادشاهه سان اخلاص ۽ خدمتگذاريءَ (جو جذبو) ظاهر ٿئي ٿو. هن باري ۾ توهان کي مطلع ڪيو وڃي ٿو ته توهان پنهنجي دلجمعيءَ سان شاهي خدمتگذاريءَ ۾ مشغول رهندا.

اهڙو اطلاع شڪارپور جي موجوده ۽ ايندڙ عملدارن کي به ڏنو وڃي ٿو ته قاضي صاحب (قاضي ملا عبدالله) کي جيڪي به سرڪاري وظيفا ۽ لوازمات، زمينون ۽ باغات وغيره مليل آهن، تن بابت جيڪڏهن هنن کان ڪا سرڪاري (ڍل وغيره جي) وصولي ٿيل آهي ته اها کين واپس ڏني وڃي. جمادي الثاني سن 1310هه“2

مٿين فرمان مان ظاهر ٿئي ٿو ته قاضي عبدالله 1210هه کان اڳئي شڪارپور جو قاضي ٿيل هو. گويا قاضي محمد شڪارپوريءَ جي وفات سن 1202 ۽ 1210هه دوران ٿي چڪي هئي.

 

 

 

 

 

 

 

سنڌي ادب ۽ نوجوان نسل

ڊاڪٽر گل حسن لغاري

 

”ادب“ جي حقيقي معنيٰ هن ريت ڪئي وڃي ٿي ته: ”اها لکيت، جنهن ۾ زيب وزينت، حسن و رعنائي هجي، ادب، لطافت ۽ زندگيءَ جي گوناگون حقيقتن جي ترجماني ڪري ۽ انهن خوبين جي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي.“

قديم يا جديد دور ۾، ادب جي مفهوم ۽ مقصد کي جملي انساني علم تي حاوي سمجهيو ويو آهي، ڇو ته انسان جي ”ادب“ جو انحصار، تربيت تاديب ۽ تعليم تي آهي. ”ادب“ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ به ”علم ادب“ جو حاصل ڪرڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ ٻار کي والدين ۽ استادن جي رهبري ۽ پيروي ڪرڻي پوي ٿي ۽ اُن بعد اهو ٻار جوانيءَ ۾ داخل ٿي، مهذب ۽ شائسته شخصيت جو مالڪ بنجي سگهي ٿو، تنهنڪري تربيت، تاديب ۽ تعليم کان سواءِ ”ادب“ جي منزل ماڻڻ مشڪل آهي.

سنڌي ادب ۾، اخلاقي ۽ تعميري مضمون ۽ مقالا، افسانا، ناول ۽ ناٽڪ به موجود آهن ته تحقيقي ۽ تاريخي مقالا به جديد دور جي تقاضائن موجب لکيا ويا آهن. سنڌ جو تاريخي ورثو نهايت قديم آهي ۽ جنهن تي جيترو به ڪم ٿيو آهي سو قابلِ تعريف آهي. پر هن سلسلي ۾ تحقيق جون راهون ڪشاده ۽ وسيع آهن. خود سنڌي زبان ۽ لسانيات تي به ڪجهه ڪتاب آهن. شعر و شاعري جو جيڪو قديم ذخيرو سنڌي ادب ۾ موجود آهي، ان جي اهميت آفاقي ۽ عالمگير آهي. مثلاً شاهه ڪريم جو ڪلام، شاهه عنايت جو ڪلام، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو رسالو، فقير عبدالرحيم گرهوڙي جو ڪلام، سچل سرمست جو ڪلام وغيره وغيره.

ڪنهن به ٻوليءَ جي ”ادب“ جي عالمگير حيثيت، انهيءَ ٻوليءَ جي وڏي ۾ وڏي خصوصيت آهي ۽ انهيءَ لحاظ کان شاهه لطيف جي رسالي کي اهم مقام حاصل آهي. شاهه صاحب، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي دور ۾ شعر چيو، جنهن دور ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين جو تمام وڏو اثر هو ۽ اهي ئي ٻوليون علمي ڄاڻ جي ڪسوٽي هيون. شاهه صاحب، مولانا جلال الدين روميءَ کان عرفان ۽ فڪر ضرور حاصل ڪيو، پر پنهنجو شعر مثنويءَ جي صنف ۾ نه چيائين ۽ نه ئي مولانا روميءَ وانگر پوريون ڪهاڻيون بيان ڪري، پوءِ مطلب ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين. شاهه صاحب، ان جي برعڪس مڪاني ۽ وطني ڪهاڻين ۽ ڪردارن کي کڻي، انهن ڏانهن اشارو ڪري، پنهنجو مطلب ظاهر ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو شاهه صاحب جي شعر جي رسائي ۽ پروڙ، عام ماڻهو تائين آهي.

سنڌي اَدب جي قديم نثر يا نظم ۾، نوجوان نسل لاءِ مواد موجود آهي ۽ خود موجوده نوجوان نسل جون ”سنڌي ادب“ ۾ ڪوششون، بارآور، مفيد ۽ صحتمند رجحان جي عڪاسي ڪن ٿيون. انساني زندگيءَ ۾ جتي سونهن ۽ سوڀيا، نيڪي ۽ شرافت ۽ خوشي آهي، اتي دک درد،بُرائي ۽ بيحيائي به آهي. ”اَديب“ جي نگاهه، فڪر ۽ سوچ جو محور، زندگيءَ جي هڪ پهلوءَ ڏانهن نه هوندو آهي، پر حياتيءَ جي خوبصورت ۽ وڻندڙ پهلوءَ سان گڏوگڏ، کيس زندگيءَ جي اڻ وڻندڙ ۽ ناشائسته حقيقتن کي چٽڻو آهي. ليڪن انهيءَ ۾ اهڙو تاثر قائم رکڻ گهرجي، جيئن نوجوان نسل، زندگيءَ جي خوبصورت ۽ تعميري پهلوءَ کي پاڻ ۾ جاءِ ڏئي، ناروا ۽ ناپسنديده عمل کان گريز ڪري سگهي.

زندگيءَ جي نشيب و فراز دوران، انسان کي ٽن مرحلن مان لنگهڻو پوي ٿو: ٻالپڻو، جواني ۽ پيري. جواني، زندگيءَ جي آيامن جي قوت ۽ نيرومندي واري منزل آهي، جيڪا ٻالپڻي ۽ پيريءَ جي درميان آهن. ٻالپڻ ۽ پيريءَ جي دور ضعُف ۽ ڪمزوري سان گهيريل هوندو آهي، پر جوانيءَ جا ڏينهن، زندگيءَ جا بلند ۽ اعليٰ ترين منزل سان سرشار هوندا آهن.

ڪنهن به قوم ۽ ملڪ جو بزرگترين سرمايو ۽ اهم ترين انساني قوت، نوجوان نسل ئي شمار ڪيو وڃي ٿو. ڪنهن به ملڪ ۽ وطن جي سرسبزي، شادابي، ترقي و پيش رفت جو دارومدار، نوجوان نسل جي ڪوششن تي آهي. انهيءَ لاءِ کڻي قدرتي وسيلا هجن ۽ انهن کان ڪم وٺڻو هجي، ذهني نشوونما هجي، وطن جي آزادي ۽ استقلال جو سوال هجي، ظلم و جبر ۽ بي انصافي جي خلاف، حق ۽ انصاف جي لاءِ آواز اٿارڻو هجي يا پنهنجي وطن کي اقتصادي طور خوشحال بنائڻو هجي، تڏهن به ”نوجوان نسل“ جون ڪوششون درڪار ٿين ٿيون.

موجوده دور جي دنيا ۾، نوجوان نسل زندگيءَ جي سڀني سياسي، سماجي، اجتماعي، اقتصادي، صنعتي ۽ اخلاقي شعبن ۾ وڏو حصو وٺي، پنهنجا نقش قائم ڪيا آهن. پهرينءَ عظيم لڙائيءَ (1918-1914ع) ۾ جرمني، اِٽليءَ، روس ۽ ٻين مغربي ملڪن جي حالت دگرگون ٿي ويئي ته اتي جي حڪومتن، پنهنجي نوجوان نسل جي صلاحيتن مان فائدو ورتو ۽ اهي ملڪ، اڄ مُتمدن ترين ۽ شاهوڪار شمار ڪيا وڃن ٿا؛ ڇو ته اتي جي اديبن، نوجوان نسل ۾ خوداعتمادي جو جذبو بيدار ڪيو. سياستدانن، پنهنجي نوجوان نسل تي ڀروسو ڪيو ۽ انهن جي پشت پناهي ڪئي، ناول نگارن، نوجوان نسل مان شخصيتن جي ڪردار جو انتخاب ڪيو ۽ اخبارن، انهن نوجوانن جي تعريف ۾ لکيو. اهڙيءَ ريت، نوجوان نسل جي ڪارڪردگي ۽ همت کي ساراهيو ويو.

سنڌي ادب جي نظم يا نثر جا جيڪي به دور گذريا آهن، انهن تي ڪافي لکيو ويو آهي ۽ اڃا به لکيو پيو وڃي. سنڌ تي ڌارين جي حملن ۽ ڪاهن، غيرن جي حڪمراني ۽ فرمانروائي جي ظالمانه داستانن جي احوال کان به نوجوان نسل کي آگاه ڪيو ويو آهي ۽ اهو سلسلو جاري آهي.

”ادب“ هڪ حقيقت نگاري آهي ۽ سنڌ ادب جي ڪلاسيڪي يا قديم ادب ۾ اخلاقي، روحاني ۽ سماجي زندگيءَ جي عڪاسي ٿيل آهي. ”اديب“، مؤرخ يا تاريخ نويس کان منفرد ۽ جداگانه مقام جو مالڪ آهي. تاريخ نويس، پنهنجي دور جون جيڪي حقيقتون ۽ انهن جا تفصيل بيان ڪري ٿو، سي قابلِ قدر آهن ۽ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ قومن جو ورثو، تاريخ سان وابسته آهي، ليڪن انهن حقيقتن جي روح تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۽ انهن کي نروار ڪرڻ اديب جو ڪم آهي. تاريخ نويس، زندگيءَ جي سچائي ۽ اخلاص تائين رسائي حاصل نٿو ڪري. انهن جي سچائيءَ کي اديب ظاهر ڪري ٿو. دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب ۾ چند اعليٰ اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن، جن کي حقيقت نگار چيو وڃي ٿو، جيئن ته انگلنڊ جي ادب ۾ شيڪسپيئر، ايران جي ادب ۾ شيخ سعدي شيرازي، مولانا جلال الدين رومي، حافظ شيرازي، سنڌ ۾ شاهه لطيف رح، فقير عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست ۽ ٻيا.

نوجوان نسل جڏهن پنهنجي زندگيءَ جي جوش، جذبي ۽ ولولي واري زندگيءَ ۾ قدم رکي ٿو ته هن کي قديم يا جديد ادب ۾، عشق و محبت ۽ روماني داستان يا عشقيه شعر، فطري طور وڻن ٿا. اهڙي قسم جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ، ادب جي خلاف نه آهي، پر ادب جو هڪ اهم حصو آهي. شيخ سعدي رح، جتي پند و نصيحت ۽ عقل و دانائيءَ جون ڳالهيون ٻُڌائي ٿو، اتي عشق جي بيان ڪرڻ لاءِ مناسب ۽ معقول دليل ڏئي ٿو ۽ هو چئي ٿو:

حديث عشق، اگر گوئي گناهه است،

گناهه اوّل ز حوا بود و آدم.

(يعنيِ: عشق جو بيان ڪرڻ، جيڪڏهن گناهه آهي ته اهو پهريون گناهه حضرت آدم ۽ بيبي حوا کان ٿيو).

اهڙيءَ طرح سان، شيخ سعدي رح، عدل و انصاف ۽ رعيت جي احساسات ۽ جذبات جي احترام لاءِ، بادشاهه کي نصيحت ڪري ٿو ۽ حقيقت نگاريءَ جو بهترين مثال آهي، جيئن هو ”گلستان“ ۾ چئي ٿو:

فرازي در آن مرزو کشور مخواه

که دل تنگ بيني رعيت، ز شاهه

رعيت نشايد ز بيداد کشت

که مر سلطنت را پناهند و پُشت

(يعني: انهيءَ ملڪ ۽ سرزمين جي ڪشادگي ۽ وسعت جي خواهش (تمنا) نه ڪر، جنهن جي رعيت، انهيءَ ملڪ جي حڪمران کان تنگ هجي.

رعيت کان بي انصافي ۽ ظلم سان ڪهڻ نه گهرجي، ڇو ته رعيت ئي سلطنت جي پُشت پناهي ۽ بقا آهي).

شيخ سعدي يا حافظ شيرازي، جنهن دور مان گذريا، اهو ظلم و استبداد ۽ فتني ۽ فساد جو دور هو. مذهبي ۽ ديني اُمور جي لحاظ کان، خلوص، سچائي ۽ نيڪ نيتي اڻ لڀ هئي؛ پر رياڪاري ۽ منافقي ۽ ظاهرداري تي گهڻو زور هو. مذهبي فرقه بندي، ڪينه پروري ۽ حسد، ماڻهن کي هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو هو. حافظ شيرازي، اُن ڪري چئي ٿو:

جنگ هفتاد و دو ملت را عُذر بنه

چون نديدند حقيقت رهِ افسانه زدند

(يعني: ٻاهتر فرقي جي سڀني اختلافن کي لاچار سمجهه ۽ ڇڏي ڏي، ڇو ته جڏهن حقيقت کي نه ڏٺائون ته افسانه گهڙيائون ۽ ڪوڙين ڳالهين جي راهه اختيار ڪيائون ۽ حقيقت کان محروم رهجي ويا.)

حافظ شيرازي، انسان ذات جي عظمت کي نگاه ۾ رکي ٿو ۽ هو انهيءَ کان آشنا آهي. هو ڪنهن به فرقي يا عقيدي يا مذهب واري ماڻهوءَ کي گهٽ نٿو سمجهي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان انساني وحدت ۽ ڀائيچاري ۾ وڏو نفاق ٿو پوي. خداتعاليٰ جي ذات جو ڪرم هر انسان تي آهي ۽ قرآن شريف، انهيءَ جي تصديق ٿو ڪري ته ”ولقد کرمنا بني آدم“، يعني بيشڪ اسان بني آدم تي ڪرم ڪيو. حافظ شيرازي، انهيءَ حقيقت کان نگاهه ۾ رکي چوي ٿو ته:

همه کس طالب يار اند، چه هُشيار چه مست

همه جا خانـﮧ عشق است، چه مسجد چه کنِشت

(يعني: سڀئي هڪڙي محبوب (ذاتِ واحد) جا طالب آهن، پوءِ اهي کڻي هوشيار هجن يا مست!

هر هنڌ عشق جو گهر آهي، مسجد يا گِرجا، نياز جو سجدو هر هنڌ جائز آهي.)

حافظ شيرازي، انسان ذات جي محبت ۽ يگانگت کي لافاني قرار ڏئي ٿو ۽ هو فرمائي ٿو:

خلل پذير بُوڏ، هر بنا که مي بيني

مگر بناي محبت که خالي از خلل است

(يعني: جيڪو بنياد ڏسين پيو، سو تباهه و برباد ٿيڻ وارو آهي، پر محبت ۽ پيار جو بنياد، انهيءَ خلل کان خالي آهي، يعني لازوال آهي).

اهي حقيقتون، جيڪي اسان کي ايراني شاعريءَ يا ادب ۾ ملن ٿيون، سي نوجوان نسل لاءِ اڄ به رهنمائي ڪندڙ حقيقتون آهن ۽ اسان جيڪڏهن انهن لافاني شاعرن، عارفن ۽ عالمن جي اهڙي سودمند ادب کان پنهنجي نوجوان نسل کي محروم رکي چئون ته اهو پراڻو ۽ فرسوده فڪر هو ۽ اها غيرن جي ڳالهه آهي ته پوءِ اها ”ادب“ سان بي ادبي جي برابر آهي.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تعليم، جديد معاشي ۽ معاشرتي علوم، زيست شناسي، زمين شناسي وغيره جي تعليم، ڪڏهن به انساني فطري لاڙن، رجحانن، انساني ميل ميلاپ، محبت، ڀائيچاري، عدل و انصاف ۽ حق گوئي جي حقيقت کان مانع نه آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوان نسل کي، قديم ادب جي لطافت ۽ خوبين کان پري رکنداسون ته، اسان جو ”نوجوان نسل“، روحاني، اخلاقي ۽ انساني قدرن کان هٽي ويندو، ڇو ته قديم ادب، ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هجي، ان جو عرفان ۽ فڪر هڪ ئي آهي، صرف زبان، اسلوب ۽ بيان ۾ مقامي طور فرق آهي. ليڪن انساني معاشري جي اصلاح ۽ انسان ذات جي برتري ۽ افضليت جي لحاظ کان يڪسان آهي.

اصل ۾ ”ادب“ زندگيءَ جي سمورين قوتن، محبتن، مسرتن، ذوق، ڏک ۽ سک جو ترجمان آهي. چڱو ادب، هر دور، هر حال ۽ هر ملڪ ۾ پيدا ٿيندو رهيو آهي. انهيءُ جو مقصد ۽ مطلب، افاديت ۽ اهميت، ان جي ٻولي ۽ هنڌ، چاهي ڪيتريقدر به کڻي مختلف هجي، تنهن هوندي به پنهنجي لڳاتار اوسر ۽ ارتقا جي ڪري جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهائڻ واري شيءِ نه آهي ۽ ادب به، ٻولي، مقام ۽ زمان (دور) جي اختلافن جي باوجود، هڪ عظيم ”اتحاد“ يا ”ايڪو“ آهي، جنهن جي مسلسل واڌ ۽ تبديلين جي رفتار کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ، زندگيءَ سان گڏوگڏ قدم وڌائڻو پوندو.

زندگي چرپر ۽ حرڪت جو نالو آهي. زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سڪوت نه آهي، اهڙيءَ ريت ”ادب“ ۾ به جمود پيدا نه ٿيو آهي. البت زندگيءَ جي رفتار ۽ واڌ، ڪڏهن تيز ۽ گرم تر ته ڪڏهن سست ۽ نرم ٿيندي آهي. تڏهن ”ادب“ به انهيءَ مطابق تبديل ٿيندو رهندو آهي.

سچا اديب ۽ شاعر، نوجوان نسل جي راهه تعين ڪن ٿا. اهي انهن جي فڪر، سوچ ۽ تخيل جي صلاحيتن کي معاشري جي لاءِ ڪارآمد ۽ مفيد بنائين ٿا. جڏهن اهي سچا اديب ۽ شاعر، پنهنجي فڪري صلاحيتن کي نروار ڪن ٿا، تڏهن خود غرض، رياڪار ۽ معاشري جي مڪار ماڻهن جي زندگي زهر بنجيو وڃي. اهڙا اديب ۽ شاعر جڏهن به پنهنجي قلم کي جُنبش ڏين ٿا، تڏهن اهڙو ته شور و غل برپا ٿيو وڃي، جو مرده دلين ۾ به ساهه پئجيو وڃي. ان ڪري اديب ۽ شاعر، مرده معاشري جا روح ڦوڪيندڙ ۽ نوجوان نسل جا رهنما آهن. ٽئگور چئي ٿو ته:

”جڏهن مان انسان جي تاريخ جو اڀياس ڪري چُڪس ته ورڊس ورٿ وانگر گهڻو ڪري اداس گذارڻ لڳس. ورڊس ورٿ هميشه اهو ويچاري اداس ٿيندو هو ته انسان، انسان سان ڇا نه ڪيو آهي!

”انسان کي نانگ، چيتي، شينهن ۽ ٻين جهنگلي جانورن ايترو نه چِيريو ۽ ڦاڙيو آهي، جيترو انسان!

”مون کي اهو معلوم هو، مان اهو ڄاڻندو ۽ محسوس ڪندو هوس، پر ان جي مون کي اها اميد هئي ته ضرور ڪا جاءِ اهڙي هوندي، جتي انسان جو غيرفاني روح، ڪڪرن ۾ لِڪل سج جي مثل موجود هوندو..... ۽ آخر، ”ادب“ جي وسيلي مان ان جاءِ تائين پهچي ويس.“

چيو وڃي ٿو ته جواني ديواني آهي، اهو چوڻ بلڪل درست آهي، ڇو ته جواني فطري طور انقلاب انگيز، هيجان آور ۽ اندروني نفساني خواهشن جو دور آهي. نوجوان فطرت جي رنگيني ۽ دلڪشي جي اسرار ورموز کان باخبر ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو. هو هن ڪائنات جي خالق ۽ پيدا ڪندڙ جي حقيقت کان آشنا ٿيڻ گهري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح سان هو مذهبي معلومات مان به بهره ور ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو.

نوجوان پنهنجي فطري محبت جي ڪري، سچ ۽ سچائيءَ جي راهه، پاڪيزگي ۽ فضيلت، عدل و انصاف، جوانمردي ۽ عالي همت جهڙين صفتن سان دلچسپي رکي ٿو ۽ انهن ڏانهن متوجه ٿئي ٿو. هو پنهنجي شخصيت جي اظهار لاءِ، آزاد راءِ ۽ خودنمائي جي خواهش رکي ٿو.

نوجوانن ۾ اهو به رجحان ۽ لاڙو ملي ٿو ته اهي اجتماعي زندگيءَ سان هم ڪنار ٿي، معاشري جا مؤثر ڪردار بنجن، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اسان جا استاد، اديب، شاعر ۽ دانشمند درست عمل ۽ نيڪ مقصد جي حصول لاءِ پرورش ڪن، ڇو ته جوانيءَ جو وقت، شخصيت جي پائيداري، برقراري ۽ پختگيءَ جو وقت آهي. جوانيءَ جي مُهلت وارا ڏينهن، پُرارزش ۽ قيمتي آهن. نوجوان نسل جي جسم و جان کي هڪ صحيح، شائسته، تعميري ۽ نيڪيءَ سان ڀرپور زندگيءَ جي طرف رجوع ڪرڻو آهي، جيئن اسان جي معاشري جو هر فرد حقيقي انسان بنجي وڃي.

نوجوان نسل هڪ طرف کان طبعي طور عقل جي نارسائي، ناپختگي ۽ ناتجربيڪار جي ڪري، ته ٻئي طرف کان تندو آتشين احساسات جي قيد سبب، اڪيلي سر پنهنجي مڙني مصلحت انديشين تي قادر نه آهي، جو پنهنجي لاءِ فلاح ۽ ڇوٽڪاري واري راهه هٿ ڪري، خوشبختي ۽ سعادت حاصل ڪري سگهي، ان ڪري نوجوانن کي اهڙي وقت ۾ رهبري ۽ روشني جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن اهي خطرناڪ پُرپيچ، ناپخته ۽ خام خياليءَ مان ٻاهر نڪري سگهن.

”ادب“ جي دنيا وسيع آهي. اديب، سماج جي تلخ و شيرين تجربن ۽ حقيقتن جو مطالعو ڪري ٿو. ان جي ترجماني ڪري ٿو. اديب يا شاعر پنهنجي فڪر جي اظهار لاءِ رمزن، اشارن ۽ استعارن کان ڪم وٺي ٿو. اديب يا شاعر، ڪهڙي به صنف ۾ پنهنجي حقيقت بيانيءَ جو اظهار ڪري، ان جو تاثر ذهن جي رهنمائي ڪندڙ آهي، ان ڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سنڌي ادب جي نثر يا نظم جي سمورين صنفن ۾، نوجوان نسل جي رهنمائي، وقت جي تقاضائن مطابق هئڻ گهرجي، جيئن اهي پنهنجي ماضيءَ کان به واقف ٿين ته پنهنجي حال جي حقيقتن کي به نگاهه ۾ رکي پنهنجو مستقبل روشن ۽ تابناڪ بنائين ۽ وطن سنڌ جي عظمت لاءِ پاڻ پتوڙين. اهڙيءَ طرح سان پنهنجي معاشري کي هر لحاظ کان خوشحال ۽ پسنديده بنائي سگهن، ڇو ته معاشري جا معمار ۽ اهم ترين ڪردار نوجوان آهن ۽ انهن جي اعتماد، ڪوشش ۽ محنت سان ئي قوم ۽ مُلڪ جو وقار بحال ٿي سگهي ٿو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڏات- ڌڻين جي علمي ۽ ادبي

خدمتن جو رڪارڊ

(هڪ اپيل)

 

تازو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ عالمن اديبن، شاعرن، صحافين، سگهڙن ۽ محققن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي رڪارڊ محفوظ ڪرڻ جي رٿا هٿ ۾ کنئي آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن قلم ڌڻين سان رابطو قائم ڪيو ويو، آهي ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آهي. اداري ڪهڙن مقصدن کي آڏو رکي هن منصوبي کي هٿ ۾ کنيو آهي، ان مان اڳتي هلي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ڪهڙو فائدو رسندو، منصوبي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ اسان قلم- ڌڻين ۾ ڪهڙيون اميدون رکون ٿا، انهن سوالن جي وضاحت لاءِ هن منصوبي جو سهارو ورتو ويو آهي.

چيو وڃي ٿو، ۽ اهو ڪنهن حد تائين صحيح به آهي ته اسان مان ڪيترا جڏهن ادبي تاريخ کي ترتيب ڏيڻ لاءِ قلم کڻن ٿا، تڏهن ڪيترن قلم- ڌڻين سان انصاف نٿو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو آهي ته تاريخ ۽ شهرت جي سمنڊ ۾ ڪک پن تري بيهن ٿا ته تاريخ کي مرتب ڪرڻ وقت دوستيون ۽ دشمنيون نڀايون ويون آهن ۽ حقدارن کي حق نه ڏنو ويو آهي. هن طرف واري مرتبن اهو پئي جواز پيش ڪيو آهي ته جيڪي وسيلا ۽ ذريعا کين ملي سگهيا، انهن مان پنهنجي وت ۽ وس آهر ڀرپور فائدو ورتو آهي. ان ڪري ڏٺو وڃي ته نه ڪو ڏوهه مرتبن جو آهي ۽ نه ڏوهي نقاد آهن. ٻنهي جي ڳالهه ۾ وزن ضرور آهي.

پر جيڪڏهن معلومات جي ذريعن ۽ وسيلن کي هنڌ گڏ ڪيو وڃي ۽ محققن کي اهڙيون سهوليتون ميسر ڪري ڏنيون وڃن، جنهن مان فائدو وٺي هو ادب تي تنقيد ڪن يا ادبي تاريخ کي مرتب ڪن ته شايد ڪنهن کي به شڪايت نه رهي ته ٿيل تحقيقات يا مرتب ڪيل تاريخ اڌوري اڻپوري آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته گهڻي کان گهڻن قلم- ڌڻين جي ادبي، علمي ۽ تحقيقي خدمتن جو رڪارڊ رکيو وڃي ۽ انهيءَ ۾ وقت بوقت ادبي ۽ ثقافتي خدمتن تي قلم کڻڻ جي ضرورت محسوس ڪجي ته هو پنهنجن سمورن ڪارنامن سميت اسان جي اڳيان هجي ۽ اسان وٽ ڪنهن به دوستي ۽ دشمني نڀائڻ جو ڪو جواز نه رهي. ساڻن انصاف ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن کيس نظرانداز ڪيو وڃي ته محقق يا مرتب کان جواب طلبي ڪئي وڃي. انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي اهڙيءَ ريت قلم- ڌڻين سان انصاف ڪرڻ ۽ محقق خواهه مرتبن کي هڪ هنڌ معلوماتي ذريعا ۽ وسيلا گڏ ڪري ڏيڻ لاءِ هن منصوبي کي هٿ ۾ کنيو آهي.

هي منصوبو هر هڪ قلم ڌڻي کي اهو موقعو فراهم ڪري ٿو ته هن جيئن پنهنجون لياقتون ۽ صلاحيتون عوام کي ارپيون آهن، تيئن پنهنجي خدمتن ۾ ڪارنامن کي تاريخ جي ورقن جي حوالي به ڪري ته جيئن ذهني خواهه فڪري ارتقا جي علم ۾ سندس پورهئي جي به نشاندهي ٿي سگهي.

جيڪڏهن پنهنجي دور جي سمورن لکيڪن، عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن، صحافين، نقادن ۽ محقق جو ڳاڻيٽو ڪبو ته سندن تعداد هر حالت ۾ هزار ڏيڍ کان مٿي بيهندو. جيڪڏهن انهن سمورن قلم ڌڻين جي قلمي ڪاوشن ۽ ثقافتي سرگرمين جو مستقل رڪارڊ رکيو وڃي ته اسان کي پنهنجي علم ادب کي مختلف زاوين کان پڙهڻ ۽ پروڙڻ جو موقعو ملي ويندو. اسان جيڪڏهن چاهيون ته ادب تي اضافي سخن واري زاويي کان مطالعو ڪري سگهون ٿا. اسان شاعرن، اديبن، مختلف صحافين، محققن، سگهڙن ۽ نقادن جون سندن ادبي کيتر جي لحاظ کان الڳ الڳ ڪاٿو ڪري سگهون ٿا. جڏهن اسان اڳيان هيترو مقدار هوندو ته پوءِ ان مان معيار جي به چونڊ ڪري سگهون ٿا. اهڙيءَ معلومات جي موجودگيءَ ۾ اسان چاهيون ته قلم ڌڻين جي مستند ڊائريڪٽري جوڙي سگهون ٿا، علم ادب جي انسائڪلوپيڊيا مرتب ڪري سگهون ٿا يا پنهنجي دور جي معياري ادبي تاريخ مرتب ڪري سگهون ٿا. اسان وٽ ايتري ته معلومات گڏ ٿي ويندي آهي، جو پاڻ ڪمپيوٽر فيڊ ڪري سگهون ٿا ۽ ائين ادب کي ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ جو اعزاز اسان جي دور کي نصيب ٿيندو.

هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ سان اسان کي وڏو فائدو اهو رسندو ته پاڻ وقت کي قبضي ۾ آڻڻ ۽ پنهنجي اجائي رت ولوڙ کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب وينداسين. مثال طور هن وقت جڏهن ڪو محقق علم ادب جي ڪنهن به صنف يا قلم ڌڻي جي خدمتن جي موضوع تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڀري ٿو ته کيس معلومات ڪٺي ڪرڻ لاءِ آسمان مان تارا لاهڻا پون ٿا، وقت ڪڍڻو پو ٿو ۽ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي ٿي. پر جيڪڏهن اها سموري معلومات کيس هڪ هنڌ ملي ويندي ته اهو اجائي وقت وڃائڻ ۽ جاکوڙ ڪرڻ بدران اطمينان ۽ سڪون سان تحقيقات ۽ تحقيقي لوازمات تي توجه ڏيندو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي تنقيد ۽ تحقيق جو معيار بلند ٿيندو ۽ پڙهڻ لاءِ سٺيون شيون ملنديون، نه رڳو ايترو پر اسان ڪيترن فروعي ۽ غير ضروري مسئلن ۾ پڻ ڪونه منجهنداسين. اهڙي معلومات جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن وڏي امتحان ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي، پر سندن انهيءَ روپ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، جيڪو هن پنهنجي رضا خوشيءَ سان قوم جي حوالي ڪيو آهي. ان ڪري سوالنامي ذريعي اهڙي معلومات طلب ڪئي ويئي آهي، جيڪا هونءَ به مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. پر قلم ڌڻي جڏهن پنهنجو رڪارڊ ٺاهي ڏئي ٿو ته ان کان وڌيڪ مستند ۽ معتبر ذريعو نه ٿو ٿي سگهي.

سنڌالاجيءَ طرفان جاري ڪيل سوالنامو هن ريت آهي: سڀ کان پهريون قلم ڌڻيءَ کان ذاتي معلومات گهري ويئي آهي. جيئن نالو، ولديت، ذات ڄمڻ جو هنڌ، ڄمڻ جي تاريخ، تعليمي لياقتون، موجوده پتو ۽ مستقل پتو. ان کان پوءِ کيس عرض ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي شايع ٿيل مواد جو اهڙي نموني وچور ٺاهي ڏئي. جنهن ۾ مواد جو موضوع ۽ عنوان صنف، ڇپجڻ جو هنڌ (رسالي يا اخبار جو نالو) ۽ تاريخ اچي وڃي. جن قلم جا ڪتاب شايع ٿيا آهن، تن کي چيو ويو آهي ته ٽائيٽل پيج کان وٺي فهرست تائين ڪتاب جون فوٽو اسٽيٽ به ڏياري موڪلين ۽ جن قلم ڌڻين جا ڪتاب شايع نه ٿيا آهن، پر سندن لکڻيون شايع ٿيون آهن، تن کان انهن جون فوٽو اسٽيٽ گهريون ويون آهن ته جيئن سندن اهي سهڪار هڪ هنڌ تي گڏ ٿيل هجن ۽ علم ادب ۾ سندن انفرادي ڪارناما نمايان طور تي نظر اچن.

ان کان پوءِ کين عرض ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو اهڙي نموني سان وچور ٺاهي ڏين، جيئن گڏجاڻي جي تاريخ، هنڌ، نوعيت ۽ سندن شرڪت واري حيثيت بابت معلومات ملي سگهي. انهيءَ سلسلي ۾ کين عرض آهي ته وقت به وقت کين جيڪي اهڙي قسم جا دعوت نامان ملن ٿا، سي به اسان ڏانهن ڏياري موڪلين ته جيئن هڪ طرف اهي سندن رڪارڊ ۾ محفوظ ڪيا وڃن ۽ ٻئي طرف سنڌ جي ثقافتي، علمي ۽ ادبي سرگرمين جي تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ بنيادي معلومات ۽ ذريعو ٿي ڪم اچن.

اداري، قلم-ڌڻين کان ٻه عدد پاسپورٽ سائيز فوٽن جي گهُر ڪئي آهي، انهن مان هڪڙو فوٽو سندن علمي خدمتن جي انفرادي رڪارڊ ۾ رکيو ويندو ۽ ٻيو فوٽو اداري جي ”جنرل آلَبم“ ۾ محفوظ ڪيو ويندو.

جيئن ته سگهڙ ۽ سپورنج به اسان جي علم ۽ ثقافت جو حصو ٿين ٿا ۽ سندن فن اڪثر ڪري سندن سينن ۾ محفوظ ٿئي ٿو، ان ڪري کين عرض ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجو ڪلام لکي موڪلين ته سندن نالي ۾ سانڍيو وڃي. اهڙي نموني سان باقي قلم ڌڻين کي به التجا ڪئي ويئي آهي ته هو اٺن ڏهن صفحن تي مشتمل پنهنجي هٿن سان لکيل ادبي نوعيت وارو مواد به ڏياري موڪلين ته جيئن سندن خدمتن واري رڪارڊ جي اڳتي هلي آرڪائيوز جي لحاظ کان به اهميت ٿي پئي.

هن اداري حتي المقدور ڪوشش ڪري ڪيترن عالمن، اديبن، شاعرن، صحافين، سگهڙن، نقادن ۽ محققن ڏانهن اهڙا سوالناما موڪلي ڏنا آهن، پر اڃا تائين سمورن قلم-ڌڻين سان رابطو قائم ٿي نه سگهيو آهي، ڇو ته ڪيترن جا ڏس پتا وقت بوقت بدلبا رهيا آهن، جنهنڪري ڪن ڏانهن موڪليل سوالناما واپس مليا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو اداري اڳ ۾ قلم-ڌڻين کي اپيل ڪئي هئي ته پنهنجون ايڊريسون ڏياري موڪلين ته جيئن ساڻن رابطو قائم ڪري سگهجي. اسان کي اميد آهي ته قلم-ڌڻي پنهنجو قرب ڪندا ۽ جن سان اسان رابطو قائم ڪري نه سگهيا آهيون، سي پاڻ ٻه اکر لکي اسان کي ياد ڪندا. هن منصوبي تي جيئن اسان کي جوڳي موٽ ملي آهي، تيئن اسان جا حوصلا بلند ٿيندا وڃن ٿا ۽ جيئن اهو احساس شدت وٺندو وڃي ٿو ته ڪنهن به قلم-ڌڻي جي ڪاوش کي نظرانداز ڪرڻو نه آهي، ۽ هر هڪ کي قلمي طور تي هن تاريخ-نگر ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻي آهي.

ايڊيٽرن کي اپيل

عزت ۽ احترام لائق سائين.

اوهان پنهنجي رسالي/اخبار ذريعي جيڪا سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪري رهيا آهيو، اها ڪنهن کان به لڪل ڪا نه آهي. بلاشڪ ان لاءِ اوهان کيرون لهڻيون. اوهان جي علم دوستي ۽ ادب پروريءَ مان فائدو وٺندي تحقيقي مقصدن ۽ مفادن خاطر اوهان جي خدمت ۾ ڪي گذارشون پيش ڪجن ٿيون، ۽ اميد ٿي ڪجي ته اوهان انهن تي توجهه ڏيڻ فرمائيندا.

رسالن ۽ اخبارن کي جيڪڏهن ٻوليءَ ۽ علم ادب جو موج ڀريو مهراڻ چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. بيشڪ اسان جو ادب ڪتابي صورت ۾ به ڇپبو رهي ٿو، ليڪن اخبارن ۽ رسالن جي سيني ۾ به اسان جي ادب جا بي مثال خزانا لڪل ٿين ٿا. پر ڏٺو ويو آهي ته اسان مان ڪيترا اخبارن ۽ رسالن کي ”وقتي ۽ واقعاتي ادب“ ڄاڻي مقرر وقت يا عرصي کان پوءِ ان کي غيرضروري سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان ۾ اخبارن ۽ رسالن محفوظ ڪرڻ جي جذبي جي اڻاٺ محسوس ٿئي ٿي، پر محققن ۽ ادبي غواصن جي نظر ۾ اخبارن ۽ رسالن جي اهميت معلومات جي مستند، پهرين ۽ بنيادي ذريعن کان گهٽ ڪو نه هوندي آهي.

اسان، پنهنجن اخبارن لاءِ ۽ رسالن کي ”دائمي ڄاڻ جو درياهه“ بنائڻ لاءِ ڪي ڳالهيون ڪري سگهون ٿا.

(1) جيڪڏهن اخبارن ۾ هفتي ۾ هڪ دفعو ۽ رسالن ۾ هڪ دفعو ڇپيل مواد جي انڊيڪس يا ڏسڻي شايع ٿيندي رهي.

(2) جيڪڏهن رسالن ۾ هر ماهه ليکڪن ۽ شاعرن جو اهڙي نموني تعارف ڏنو وڃي جو سندس ولادت، ولادت جي جاءِ، تعليمي لياقتن ۽ ادبي خدمتن جو مختصر خاڪو اچي وڃي.

(3) جيڪڏهن اهڙي نموني سان اخبارن ۾ مهيني ۾ هڪ دفعو ”گذريل مهيني جا ليکڪ“ جي عنوان سان ساڳي قسم جو تعارف ڏنو وڃي.

(4) جيڪڏهن خاص طور تي رسالن ۾ پنهنجي ثقافتي، سماجي، علمي ۽ ادبي سرگرمين جون ڪارروايون ۽ خبرون تفصيل سان شيع ٿينديون رهن ته هوند موجوده دور خواهه مستقبل جي محققن کي ڄاڻ جي کاڻ ملي وڃي ۽ هو ان مان بنهه آسانيءَ سان سنڌي علم ادب ۽ ثقافت جي تاريخ مرتب ڪري سگهن.

ان کان سواءِ هڪ ٻيو عرض: ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي صحافت جي هڪ نمايان خصوصيت ڪنهن به محقق کان آسانيءَ سان وسري نٿي سگهي. اها هيءَ آهي ته انهيءَ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي به معياري ڪتاب شايع ٿيا، تن مان ڪافي ڪجهه اخبارن ۽ رسالن جي پيداوار آهن. ٿيندو ائين هو ته خريدار وڌائڻ لاءِ سال جي آخر ۾ رسالن جا ايڊيٽر هڪ ”ڀيٽا جو ڪتاب“ شايع ڪندا هئا، جيڪو پراڻن خواهه نوان خريدارن کي مفت ۾ ڏنو ويندو هو. اهو ڪتاب ڪو الڳ نه شايع ڪيو ويندو هو، پر قسطوار رسالي ۾ ڇپبو رهبو هو، جنهن کي پوءِ الڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويندو هو. انهيءَ دور جا ڪيترا ناول ۽ ڊراما ائين ڪتابي صورت وٺي سگهيا.

اخبارن جي ايڊيٽرن وري ائين ڪيو جو آکاڻين ۽ مضمونن جا انتخاب ڪري الڳ ڪتابي صورتن ۾ شايع ڪرايا. ”هيري جون ڪڻيون“، ”دلبهار“ ۽ ”گل ڦل“ جهڙا ڪتاب سنڌي ادب کي ائين مليا.

جيڪڏهن سائين جن چاهين ته انهيءَ ادبي روايت کي وري جياري سگهن ٿا. بلڪه اسان جي گذارش آهي ته ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ايڊيٽوريل مان چونڊ ڪجي. ايڊيٽوريل ته وقت بوقت شايع ٿيندا رهن ٿا، ڇو ته اهي سنڌي صحافت جي بي باڪي، عوام دوستي ۽ حق پرستيءَ جي ڪهاڻي ثابت ٿيندا.

اميد ٿي ڪجي ته سائين جن تحقيق ۽ تاريخ جي تقاضا پوري ڪرڻ خاطر انهن گذارشن تي غور ڪرڻ فرمائيندا.

اوهان جو خادم

(ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ)

ڊپٽي ڊائريڪٽر

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

 

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

 


 

[1]  تذڪره مشاهير سنڌ، (ڀاڱو پهريون) ص 211.

[2]  تذڪره مشاهير سنڌ، (ڀاڱو پهريون) ص 211-212.

[3]  الرحيم، مشاهير نمبر، ص 9.

[4]  الرحيم، مشآهير نمبر ص 179 (قاضي صاحب تيرهن صدي هجريءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ گذاري ويو، جيئن اڳتي ذڪر ايندو.)

1  مير رحيمداد خان مولائي شيدائي، جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، ص 575.

2  شڪارپور کان ڳڙهي ياسين واري رستي تي چئن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ آهي. تاريخ تازه نواي معارڪ (فارسي ص 112، حاشيه 4 (اهو ڳوٺ اڄ به اتي موجود آهي. چون ٿا ته روهڙيءَ وانگي هتي به وار مبارڪ آهي ۽ حج جي موقعي تي سوين ماڻهو ان جي زيارت لاءِ اتي ويندا آهن.)

3  تذڪره ميان محمد يوسف قريشي (قلمي) ص 43. هي تذڪرو خليفي يار محمد جي والد ماجد خليفي عبدالحئي پنهنجي جدِ اعليٰ ميان محمد يوسف قريشيءَ متعلق فارسيءَ ۾ لکيو ۽ هينئر سندن اولاد مان خليفي مولوي اصغر علي، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ان ۾ ڪجهه اضافا ڪيا آهن.

1  گنڊاسنگهه، احمد شاهه دراني (انگريزي) ص 32.

2  غلام رسول مهر، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور، جلد اول، ص 447.

3  اعجازالحق قدوسي، تاريخ سنڌ (اردو)، جلد ٻيو، ص 430.

4  تاريخ تازه نواي معارڪ (فارسي)، تعليقات 3، ص 780.

1  تازه نواي معارڪ (فارسي)، تعليمات 3، ص 782.

2  الرحيم، مشاهير نمبر، ص 117.

ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر پنهنجي ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ڪتاب ۾ صفحي 320 تي لکيو آهي ته ”مخدوم احمدي رحه احمد شاهه درانيءَ ڏانهن هڪ خط لکي اها گهر ڪئي ته اسلام جا احڪام جاري ڪيا وڃن. ان جي جواب ۾ بادشاهه پنهنجي شاهي مهر سان شڪارپور جي حاڪمن ڏانهن اسلام جي احڪامن کي جاري ڪرڻ جو فرمان موڪليو.“ حاشيه ۾ ڊاڪٽر صاحب، الرحيم جي حوالي سان نقل ڪيو آهي ته ”احمد شاهه ابداليءَ اها ڪتابت 21- محرم 1167هه ۾ لکي...“ حيرت جي ڳالهه آهي ته مولانا قاسمي صاحب جن بلڪل واضح طور اها تاريخ احمد شاهه جي پنهنجي لشڪرين کي ڏنل فرمان سان منسوب ڪئي آهي، ليڪن ڊاڪٽر محمد جمن صاحب اها تاريخ احمد شاهه جي شڪارپور جي حاڪمن ڏانهن موڪليل فرمان سان منسوب ڪئي آهي، جا درست ناهي. مولانا قاسمي صاحب جن بلڪل درست فرمايو آهي ته ”احمد شاهه ابداليءَ 7- ربيع الاوال 1178هه ۾ شڪارپور جي اڳيان پوين حاڪمن جي نالي فرمان جاري ڪري شرعي احڪامن جي پيرويءَ ۾ تلقين ڪئي.“ (الرحيم، مشاهير نمبر 2 118)، خود ڊاڪٽر محمد جمن صاحب جي پنهنجي چوڻ مطابق مخدوم احمدي پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمدي جي وفات کان پوءِ سن 1171هه ۾ مسندِ درس تدريس تي ويٺو، پوءِ خبر ناهي ڊاڪٽر ٽالپر صاحب احمد شاهه درانيءَ جي 1167هه واري فرمان جي تاريخ کي مخدوم احمديءَ واري دور جي فرمان جي تاريخ سان ڇو منسوب ڪيو آهي.

1  سردار جان نثار خان گوجر، سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو سهرو هو. (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو ص 406 ۽ 781).

2  تمن، تمان جي لغويٰ معنيٰ هيٺين ريت آهي:

تن=ڏهه هزار، تومن=هڪ سؤ ڳوٺن تي مشتمل ايراضي؛ ڇانوڻيءَ ۾ رهندڙ لشڪر.... ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات، جلد ٻيو. ص 604-625.

تُمن (تومان جو مخفف)=ڏهه هزار، رسالو يا پلٽڻ، سؤ سوارن جو دستو، هڪ سونو سڪو جنهن جي ماليت ساڍن چئن روپين جي برابر آهي، جامع فيروزاللغات (اردو) ص 380.

گنڊاسنگهه پنهنجي ”احمد شاهه دراني“ (انگريزي) جي صفحي 259 تي هڪ تمان ڏهن رپين جي برابر ٻڌايو آهي.

ظاهر آهي ته ملا محمد ۽ سندس ساٿي نه ڪي لشڪري نه هئا ۽ نه قبيلن جا سردار، اهي سڀ عالم هئا. سونن سڪن جو مفهوم به اسان ان ڪري ڪونه ٿا وٺي سگهون جو انهن تي سرڪاري ڍل وغيره جو سوال پيدا ڪو نه ٿو ٿئي. فرمان ۾ واضح طور ”ايراضي قبضي سميت“ ڄاڻايل آهي. ان مان اهو ئي مطلب وٺي سگهجي ٿو ته هنن عالمن کي اهڙي ڪا جاگير يا زرعي زمين ڏني وئي هوندي، جنهن جي پيدائش کين وظيفي طور ملي هوندي. ان جي تصديق اڳتي هلي 1170هه واري شاهي فرمان مان به ٿئي ٿي. بهرحال اسان حسبِ ضرورت لفظ ”وظيفو“ ئي استعمال ڪنداسون.

1  ياد رهي ته 1167هه ۾ ملا محمد کي چئن تمانن تي مشتمل وظيفو ڏنو ويو هو. هن فرمان مطابق کيس ”نئين سر اٺ تمان ايراضيءَ جا اصل کان اضافي سميت ...“ وظيفي طور ڏنا ويا. گويا هينئر کيس مليل وظيفي جي مجموعي ماليت ٻارنهن تمانن جي برابر ٿي.

1  تذڪره مشاهير سنڌ، (ڀاڱو پهريون) ص 78.

2 تذڪره مشاهير سنڌ، (ڀاڱو پهريون) ص 86.

3 تذڪره مشاهير سنڌ، (ڀاڱو پهريون) ص 204.

1  تاريخ ۽ سنن متعلق هيءَ معلومات شجره خاندان ڪلهوڙا مقابل صفحو 789 تازه نواي معارڪ تان اخذ ڪئي وئي آهي.

1  مڪتوبات جناب حضرت شاهه فقيرالله علوي (فارسي)، ص 103.

حضرت شاهه فقيرالله علويءَ جي اولاد مان راقم الحروف جي ڪاليجي دوست (۽ هن وقت جي پروفيسر) محترم امين الله علوي صاحب، مڪتوبات ۾ اهم خط ڏيکاريو، جنهن لاءِ آخر سندس ٿورائتو آهيان.

2  سنڌ جا اسلامي درسگاهه، ص 257 بحواله سروش فارسي ڪراچي، 15- مارچ 1958ع.

3  جنت السنڌ، ص 571. ليڪن دراني حڪومت ته سن 1160هه ۾ قائم ٿي. 1150هه ۾ سنڌ ۽شڪارپور تي نادرشاهه جي حڪومت هئي.

4  گنڊاسنگهه، احمد شاهه دراني (انگريزي)، ص 329.

5  محمد اسحاق ڀتي، فقهاي هند (اردو)، جلد پنجون، حصو ٻيو، ص 36.

6 مقامات مظهري (اردو)، ص 36.

7  1177هه تائين احمد شاهه دراني پنجاب جي معاملات کي درست ڪرڻ جي سلسلي ۾ (هندستان تي ستين ڪاهه دوران) وري به اتي موجود هو.

1  مفي محمد عارف شڪارپور جو مفتي هو ۽ سندس سرڪاري مُهر تي سندس تقرريءَ جو سال 1171هه ڏنل آهي. قاضي صاحب موصوف جا زرعي زمين، جڳهين ۽ پلاٽن جي خريد و فروخت جا جيڪي 1181هه کان 1202هه جي عرصي وارا دستاويزات راقم الحروف وٽ موجود آهن، انهن تي مفتي محمد عارف جي مُهر، ڪٿي اڪيلي سر ۽ ڪٿي ٻين جي مُهرن سان گڏ ثبت ٿيل آهي. گمان گذري ٿو ته جنهن وٽ قاضي محمد کي شڪارپور جو قاضي مقرر ڪيو ويو هو، ان عرصي جي لڳ ڀڳ محمد عارف جو تقرر به شڪارپور جي مفتيءَ طور ٿيو هوندو.

2 راقم الحروف کي مٿئين روايت جي متعلق ڪا تاريخي سند في الحال ڪونه ملي سگهي آهي.

2  شڪارپور ۽ ڳڙهي ياسين جي درميان ديهه درودگر هئي جا درودگر قوم جي نالي پٺيان سڏبي هئي. ”درودگر قوم جو هڪ شخص نالي سدورو مير علي مراد ٽالپر جي ملازمت ۾ وڪيل (سفير) طور ڪم ڪندو هو.“ تازي نواي معارڪ (فارسي) ص 643.

3  ”شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي درميان ڏکڻ وارو علائقو ’روپاهه‘ جي نالي سان سڏبو هو.“ تازه نواي معارڪ (فارسي)، ص 112 حاشيه 6. ان علائقي جو موجود نالو همايون آهي، جيڪو مولوي عبدالغفور همايوني ۽ موجوده دور جي نامياري شاعر نياز همايوني صاحب جو ڳوٺ آهي.

1  هيءَ اهائي سنڌي ”قاضين واري مسجد“ آهي، جنهن ۾ بعد ۾ ”ملا صاحبڏنو (پنهنجن پوين ڏينهن ۾ پيش امام رهيو.“ مرحوم لطف الله، پدوي، تذڪره لطفي، ص 131.

2  هن فرمان جي مندرجات، قاضي محمد شڪارپوريءَ جي علمي ۽ ديني خدمتن، سندن اولاد ۽ معاصرن متعلق، جي زندگيءَ وفا ڪئي ته مفصل احوال ٻئي مقالي ۾ پيش ڪيو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com